سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :7

        ها. سو ڳالهه پئي ڪيم ته مون پڙهائي ڇو ڇڏي ڏني. گهر به ڇڏي ڏنم ڇو ته بابو خرچ پرڻ لاءِ تيار ڪين هو. نهايت ”نالائق“ هوس ني. ڳڀي جي ڳولا ڇا نٿي ڪرائي؟ مون سڀ کان پهريون جيڪو ڌنڌو اختيار ڪيو سو بوٽ پالش هو. ڏاڍو مزو هو انهيءَ ڌنڌي ۾ پر ڪمائي ڪانه هئي ۽ مون چانهه جو شوق وڏائي ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪو بابو صاحب آڪڙجي، بوٽ اڳتي وڌائي پالش ڪرڻ لاءِ چوندو هو ته آءُ انهيءَ ڪچيءَ ٽهيءَ ۾ به هن جي امارت جي دهل جو پور تاڻي ويندو هوس. ٿئنڪ يو سر، اٽ از ويري ڪائينڊ آف يو ٽو هئو آرڊر مي وٿ دس سروس. (Thank You sir, it is very kind of you to have honoured me with this service) لڳندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ جملي ڪري هڪ چانهه ۽ ڪجهه بسڪوٽ ملي ويندا هئا. اڄ ايمانداريءَ سان ٿو چوان ته جيڪڏهن ٻيهر ساڳي زندگي جيئن لاءِ ملي ته آءُ پنهنجي جيون جو اهو باب اصل نه واريان، ڇو ته جيڪي ڪي انهي دور ۾ ڏٺم سو وري گهٽ ڏٺو اٿم. اڳئين زماني ۾ جڏهن هندو برهمڻ برهمچاري ٿي گهاريندا هئا ته تياڳ ۽ پاڻ  مارڻ لاءِ کين بکيا پنڻي پوندي هئي. بوٽ پالش وارو اهو دور مون لاءِ اهڙو ئي هو. مان ۽ اپمان جو چڪر مون لاءِ اهڙو هو، جهڙو شاستري دور جي برهمڻ لاءِ يا يوناني ويراڳي (Stoics) فلاسفرن لاءِ هو.

        ٻن مهينن بعد مون هڪ ڪارخاني ۾ ليٿ (لوهه تي جنڊي ڪندڙ) مشين جو ڪم سکيو_ تمام سستائيءَ جو زمانو هو پر آءُ 120 رپيا ڪمائي وٺندو هوس ۽ اڪيلو پاڻ تي خرچ ڪندو هوس.

        ان زماني جو هڪ سهائو واقعو ان بازاري عورت سان ملاقات هئي، جيڪا اڃا تائين منهنجي قدرن جو دروازو ٿي بيٺي کڙڪائي_ پر آءُ اهڙو ڪانئر آهيان جو اڃا سوڌو ان کي ڪٿي جاءِ ڪانه ڏني اٿم. ڇا ڪريان لوڪ نندا کان ڏاڍو ٿو ڊڄان. اها عورت مونکي نيپيئر روڊ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ ملي هئي ۽ ڏاڍي سهڻي هئي.

        اهو واقعو هن طرح پيش آيو، جو جنهن ڪارخاني ۾ آءُ ڪم ڪندو هوس، تنهن ۾ جيڪو وڏو مستري هو، سو مون سان نهايت مهربانيءَ سان پيش ايندو هو ۽ جيڪو ڪم نه ايندو هوم سو سمجهائيندو هو. گهڻا ڏينهن مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه ايندي هئي ته ڇو هو موڪل ملندي ئي گهر ايندو هو ۽ تڙ ڪري، لٽا مٽائي اڪيلو ڪنهن طرف هليو ويندو هو. نڪي هو مونکي پاڻ سان هو، نڪي پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي. نيٺ هڪ ڏينهن مون هن کان پڇي ڪڍيو ته آخر هو اهڙي ريت ڪيڏانهن هليو ويندو آهي. ”آءُ ڏاڍو خراب ماڻهو آهيان لالا، آءُ نيپئر روڊ تي ويندو آهيان“ هن وراڻيو. مونکي ڏاڍو تعجب ٿيو، پر مُنهن جي پڪائي رکي چيو مانس : ”پوءِ استاد، مونکي به پاڻ سان وٺي هلندو ڪر ني.“ هن کي ڳالهه نه آئڙي ۽ چيائين : ”نه نه، سٺا ڇوڪرا ٿورئي نيپئر روڊ تي ويندا آهن، اتي ته ڪنا ماڻهو ويندا آهن.“ آءُ ضد ڪري بيهي رهيس ته ويچارو مستري مجبور ٿي ويو ۽ مونکي پاڻ سان وٺي آيو. ان ڏينهن پڄاڻا روز اسان استاد شاگرد جو نيپئر روڊ تي وينداهئاسين. مون لاءِ نيپئر روڊ هڪ عجائب گهر هو يا سرڪس هو. جنهن ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو عجيب حرڪتون ڪندا رهندا هئا. چونو ۽ گلال ٿڦيل عورتون هيون، جيڪي پنهنجي ڪوڙين مرڪن سان مردن کي پاڻ ڏانهن اچڻ جي دعوت ڏينديون رهنديون هيون ۽ نفساني خواهش جا ماريل شيطاني شڪلين وارا مرد هئا. جيڪي انهن جي چوڌاري ڦيريون پائيندا رهندا هئا، مرڪون هيون، کل هئي، ٽهڪڙا هئا، سڀ کوکلا، پورا، ڪوڙا ۽ ڪپت ڀريا. ڪو ڪنهن کي نه پيو چاهي، هڪ ڌر موهه ماري هئي. ٻي ڌر مايا جي چڪر ۾ هئي، هڪ ڌر پيار پئي ڳوليو، پر اهڙي هنڌ، جتي ان جي ڇايا به نه لڀي، ٻيءَ ڌر مايا پئي ڦولهي پر خالي کيسن مان، مونکي ٻنهي تي ڪاوڙ هئي پر ٻنهي کي رحم جي لائق پئي سمجهيم.

        استاد جڏهن ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ اندر لنگهي ويندو هو ۽ درپائجي ويندو هو ته آئون اڪيلو نيپئر روڊ تي گهمڻ شروع ڪندو هوس ۽ هڪ ڏينهن ايئن اڪيلو گهمندي مونکي اها عورت نظر آئي. ان ڪوٺيءَ جي سامهون بجليءَ جو هڪ ٿنڀو هو، آءُ ان کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيس ۽ سوچڻ لڳڻ ته آخر هئڙي سهڻي عورت کي ڪهڙي ضرورت آڻي هن گند ۾ اڇلايو خير، ڪجهه وقت کانپوءِ استاد موٽي آيو ۽ آءُ ان سان گڏ گهر موٽي آيس. ٻئي ڏينهن استاد اڃان پنهنجي نوس نوس پوري ئي ڪانه ڪئي ته آءُ موڪلائي ڀڳس ۽ اچي بجليءَ جي ٿنڀي سان ٽيڪ ڏئي بيهي رهيس. ٽئين ڏينهن به ساڳي ڪار ٿي.

        اڳلي ڏينهن اسان کي پگهار ملي ۽ آءُ ٻه ڪلاڪ موڪل وٺي ڪارخاني مان هليو آيس. گهر اچي تڙ ڪيم، لٽا مٽيم ۽ اڪيلو نيپئر روڊ ڏانهن روانو ٿي ويس. ڊڄندو ڊڄندو نيٺ هن جي در وٽ پهتس. در جي چائنٺ وٽ هڪ پوڙهي عورت ويٺي هئي ۽ ٿورڙو اندر پرڀرو، هڪ ڪرسيءَ تي هوءَ پاڻ ويٺي هئي. ”گهڻو وٺندينءَ؟“ هٻڪي هٻڪي مون نيٺ پڇي ڪڍيو. ”هل“ پوڙهيءَ ڏاڙهه ڏني، ”ڇڏيس ته“ هن وچ ۾ ٽپندي چيو ”پنج رپيا وٺندي ساءِ.“ مونکي چيائين. ”مان اڌ ڪلاڪ ويهندو ساءِ“ مون پنهنجي استاد وارا لفظ ورجائي ڪڍيا. هوءَ اڃان هاڻي تڙ ڌڙ ڪري ويٺي هئي. بازار به اڃا سرد هئي ۽ گراهڪن جي اچڻ ۾ اڃان دير هئي ۽ شايد  تنهن ڪري هوءَ مڃي ويئي. مون پنج رپيا ڪڍي پوڙهي کي ڏنا ته چوڻ لڳي، ”کير جا پئسا.“ مون پائلي ڪڍي هٿ تي رکيس. اندر وڃي آءُ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ در وارجي ويو.“ چانهه تي گهراءِ“ مون چيو  هن پوڙهيءَ کي چانهه وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. ”پوڙهي وئي سو پيسٽريون، ڪيڪ، بسڪوٽ ۽ چانهه کڻي آئي. هوءَ چانهه ٺاهڻ لڳي ۽ آءُ هن جو منهن تڪڻ لڳس. هن چانهه ٺاهي هڪڙو ڪوپ مونکي ڏنو ۽ هڪڙو پاڻ کنيائين. مون هڪ پيسٽري کنئين ته هن به کنئين. سڀ ملائي چانهه تي رپيو خرچ آيو، سستائي جو زمانو هو ني.

        چانهه پي بس ڪئي سين ته مون واچ ڏانهن ڏٺو. ويهه منٽ گذري ويا هئا. مون وري هن جي منهن ڏانهن نهاريو..... اسان جون اکيون مليون ۽ مون شرمائجي اکيون هيٺ ڪري ورتيون. مون ٻيهر اکيون مٿي کنيون ته وري اسان جون نظرون مليون ۽ مون گهٻرائجي واچ ۾ وقت ڏسڻ شروع ڪيو ..... باقي رڳو پنج منٽ هئا. مون چئي ڪڍيو ”باقي پنج منٽ آهن.“ هوءَ شايد پنهنجي پورن ۾ پئجي وئي هئي. منهنجي آواز ٻڌائين ته ائين ”هون“ ڪيائين ڄڻ ڪوهن کان سڏ ڏيندي هجي. پورن جي اها جهٽ پل هوءَ ڪهڙي جهان ۾ هئي سو ڄاڻڻ لاءِ منهنجو من اڄ به اڇلون ڏيندو آهي پر دل جا راز ڪير ڄاڻي. جهٽ پل وري خاموشي ڇائنجي وئي. آءُ خيرپور بابت، پنهنجي امڙ ۽ ڀينرن بابت سوچڻ لڳي ويو هوس ته هو جيڪڏهن مونکي هت ويٺل ڏسن ته ڇا چون، آخر پنج منٽ به گذري ويا. مون واچ جي ڪانٽن ڏانهن نهاريو ۽ اٿي کڙو ٿيس. ”اڌ ڪلاڪ پورو ٿي ويو، هاڻي مان وڃان ٿو.“ مون هن ڏانهن نهاري چيو. هوءَ ڄڻ ڪچيءَ ننڊ مان اٿي هجي. چيائين : ”بس“ اهو هڪ لفظ هن ايترو ته اينگهائي ڊگهو ڪري چيو، جو مونکي هن جي تعجب تي تعجب اچي ويو. ”ها، بس“ مون وراڻيو ۽ در کوليو ۽  ٻاهر نڪري آيس. پويان پوڙهي ڪجهه بُڙ بُڙ ڪري رهي هئي. مون ٻڌي، پر سمجهي ڪين سگهيس ته ڇا چيائين. ٻئي ڏينهن آءُ ڪجهه دير سان پهتس. پر وري به اڌ ڪلاڪ ويٺس. ٽئين ڏينهن به ائين ٿيو. سڀ ملائي مون اڙهن رپيا ۽ ٻارهن آنا خرچ ڪيا. چوٿين ڏينهن کيسو خالي هو، سو آءُ وڃي بجليءَ جو ٿنڀو جهلي بيٺس. هن مونکي اشارو ڪري سڏ ڪيو. پر مون اتان ئي ناڻي جي نايابيءَ جو اعلان ڪيو. هن ٻيهر زور سان هٿ لوڏي اشارو ڪيو. آءُ لاچار ٿي وڌي در ڀيڙو ٿيس. ”اچ اندر اچ ني.“ هن چيو. ”نه ڏوڪڙ ڪين اٿم.“ مون چيو. ”پوءِ ڇا هي، تون اندر اچ.“ آءُ اندر هليو ويس. در بند ٿي ويو. پوڙهي کي چانهه آڻڻ لاءِ موڪليو ويو. هوءَ وئي ۽ چانهه کڻي آئي، پر ڪيڪ پيسٽريون ڪين آندائين. ڇينڀ مليس ته وري وئي ڪيڪ پيسٽريون کڻڻ.

        انهيءَ وچ ۾ هن مون کان منهنجي ڌنڌي ۽ آمدنيءَ بابت ٿوري گهڻي معلومات حاصل ڪئي ۽ پوءِ اسان چپ ٿي وياسين. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي ٿي ورتوسين، نه ته هوءَ پنهنجي پورن ۾ ۽ آءُ پنهنجي پورن ۾ پورو هوس. عزت، ذلت، شرافت، ڪميڻائي، انسانيت ۽ حيوانيت بابت جيڪي ڪي مون خاموشيءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين گهڙين ۾ سوچيو، سو منهنجي اخلاقيات جي بنياد جو ڳچ بڻيو آهي. آءُ اٿڻ لڳس ته هن اڌ ڪلاڪ پورو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ۽ اڌ ڪلاڪ پورو ٿيو ته هن سڀاڻي اچڻ جو وعدو ڪرايو. مون هن عورت کي رڳو 5 1  رپيا ڏنا هئا ۽ ٽي ڏينهن چانهه پياري هئي. پر هن مونکي سڄو ڊسمبر جو مهينو چانهه پياري ۽ روزانو اڌ ڪلاڪ پاڻ وٽ ويهاريو. آءُ هاڻي ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪو سڪون ۽ آنند مونکي ان اڀچاري عورت وٽ اهو اڌ ڪلاڪ روز گذارڻ ۾ مليو، سو ڪنهن ديويءَ جي مندر ۾ ويهڻ سان به نصيب ٿئي ها ڇا؟ پاپ، پُن، گناهه ۽ ثواب جو سڄو فلسفو اهڙن واقعن سان ٽڪرائجي ائين ٿيو پوي جيئن ڪاغذ جي ٻيڙي ڇولين جي ڇوهه ۾ تر پيهي ويندي آهي.

        جنوريءَ ۾ مون اوچتو ڪراچيءَ کي خيرباد چيو ۽ وري پوري هڪ سال بعد ڪراچي اچڻ ٿيو، نيپئر روڊ جي ڪنڊ ڪنڊ ڪري جاچيم پر ”آديسي اٿي ويا“ هئا.

        ان بعد ستت آءُ ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿي ويس. ملٽريءَ جو نوڪريءَ مان مکيه فائدو اهو ٿيو جو پورو هند و پاڪ ڏسڻ نصيب ٿيو. ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان مليس، انهن جا عقيدا، انهن جون ريتون، انهن جون خواهشون، انهن جا امنگ معلوم ڪيم. اتر پرديش ۾ اهڙن برهمڻ نما مسلمانن سان ملاقات ٿي جيڪي هڪ ڳئون کي ڪهڻ کان بچائڻ لاءِ ماڻهوءَ جو خون ڪرڻ کان نه رهندا هئا ۽ اها ڳالهه هو فخر سان بيان ڪندا هئا. پشاور جي اهڙن هندن سان ملاقات ٿي جيڪي ڳائو گوشت کائڻ صحت جي نشاني سمجهندا هئا. اسان جي سنڌ ۾ عام طور هندو دوست ڪنهن مسلمان کان سِير وجهرائي گوشت واپرائيندا هئا، پر پنجاب جا سک جهٽڪي ڪرڻ بنان گوشت کي حرام سمجهندا هئا.

        ان کان سواءِ اخلاقي معيار جون جيڪي ڦيرون گهيرون نگر نگر جي ڊگر ڊگر تي ڀٽڪي ڀٽڪي مون معلوم ڪيون، تن دماغ جا پردا ٽوڙي ڇڏيا. جنهن شيءَ کي ”الف“ ڪارو پيو ڪوٺي، تنهن ساڳئي شيءَ کي ”ب“ اڇو پيو ڪوٺي. مون کي پنهنجا معيار ۽ قدر مقرر ڪرڻ ۾ هر گهڙي ڏکيائين پئي ٿي. روايتي قدر ته اڳيئي ڪٿي اڇلي آيو هوس.

        1947ع ۾ آءُ ملٽريءَ مان موٽي آيس. ڪجهه وقت واپار ۾ قسمت آزمائي ڪيم. دوائن جي هڪ دڪان تي ڪميشن تي ڪم ڪندو هوس. اهو ڪم انهيءَ ڏينهن ڇڏي ڏنم، جنهن ڏينهن 35 رپين ۾ خريد ڪيل ڪوئنين جو هڪ پائونڊ وارو دٻو مون 135  رپين ۾ وڪيو.

        ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ٻاهران، ڪلهوڙن جي ڳوٺ ۾ سيڌي جو هڪ دڪان کوليم، سڄو ڏينهن اقبال جا شعر پڙهندو هوس ۽ لوڻ مرچ جون پڙيون ٻڌي وڪڻندو هوس. اقبال انهن ڏينهن ۾ ڏاڍو متاثر ڪيو هو. بيحد شعر زبان تي هئا ۽ ڳالهه ڳالهه تي انهن کي پيش ڪندو هوس. پر پوءِ نتيجو اهو ٿيو جو مون اقبال کي پڙهڻ صفا بند ڪري ڇڏيو. اقبال جو فلسفو نٽشيئت جو ڀاءُ آهي ۽ مون جهڙن ماڻهن لاءِ بهتر آهي ته ان کان پري رهن. خوديءَ جي انتها ڪانه آهي ۽ جڏهن خدا بندي کان سندس رضا پڇندو آهي ته بندو هميشه بندگيءَ واري چال هلندو آهي ۽ هٽلر نه ته  رحيم هنڱورو بنجڻ جي تمنا ڪندو آهي. مون جلد محسوس ڪري ورتو تهاهيه ٻئي مونکي منظور ڪين آهن ۽ اقبال پڙهڻ بند ڪري ڇڏيم.

        اتي منهنجي زندگيءَ جو ٽيون دور شروع ٿيو. آءُ موٽي خيرپور پهتس. استاد غلام اصغر (جنهن بابت اڳ چئي آيو آهيان ته گريس مارڪون ڪمائي انهيءَ لسٽ ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ آءُ عبادت جي لائق استادن کي ليکيندو آهيان. ان وقت ناز هاءِ اسڪول جو پرنسيپال هو. هن دلاسو ڏنو، همت ٻڌايائين ۽ هڪ ڏينهن پورا ويهه منٽ ويهي پڙهايائين. مون اسڪول ته پنجين درجي ۾ ڇڏيو هو. پر سڌو مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺس ۽ پاس ٿيس.

        ان  بعد گورنمينٽ ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيس. پوءِ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ هليو ويس. جتان 1958 ع ۾ بي اي پاس ڪيم، چئن سالن جو ڪورس اٺن سالن ۾ پورو ٿيو، ڇو ته اخباري دنيا سان پلاند اٽڪيل هو ۽ صحافت کي ڪو ازلي پاراتو مليل آهي. مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيم. نواءِ سنڌ ۽ نئين سنڌ ۾ وڌيڪ ڦيرا نصيب ٿيا. پنهجو هڪ رسالو ”شاگرد“ ڪڍيم، پر جوکائيءَ سبب بند ڪرڻو پيو.

        جنوري 1960ع ۾ انگريزي صحافت ڏانهن رخ ڪيم ۽ ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (A.P.P.) ۾ نوڪري ڪيم. آگسٽ ۾ خيرپور ڊويزنل ڪائونسل ڏيڍ سئو رپيا اسڪالر شپ ڏني ته صحافت ۾ ايم اي ڪرڻ لاءِ لاهور هليو ويس ۽ اڃان سوڌو جرنلزم ڊپارٽمينٽ، پنجاب يونيورسٽي ۾ شاگرد آهيان. تعليم جي هن دور ۾ ڪهاڻيون لکڻ ذري گهٽ بند ڪري ڇڏيون اٿم. ڇو ته پڙهڻو تمام گهڻو پوندو آهي ۽ لاهور جون لئبريريون سڀ يونيورسٽيءَ جي آس پاس ئي آهن. سماجي الجهنن (Sociological Confusion) جي تدارڪ لاءِ اڄڪلهه نيون نيون تجويزون پيش ٿي رهيون آهن. ڪيترا مسئلا اهڙا آهن جيڪي اسان کي پاڪستان ۾ درپيش آهن ۽ ڪي اهڙا آهن، جي اڄ کان ڏهه پندرهن سال پوءِ پيش ايندا. هڪ صحافيءَ لاءِ انهن تي نظر رکڻ ضروري آهي ۽ مان انهن جي اڀياس ڪرڻ جو موقعو هٿان نٿو وڃائڻ گهران.

        ڪهاڻي ڪاري مون گهڻو اڳ شروع ڪئي هئي. اسان ڀائرن ڀينرن جو اهو طريقو هو ته جيڪي ڪهاڻيون پاڻ پڙهندا هئاسين سي رات جو سمهڻ کان اڳ هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين. ائين پراڻي زماني وارو قصو ٻڌائڻ جو دستور هلندو پئي آيو. مون کي سڀ کان وڌيڪ ڪهاڻيون ٻڌائڻيون پونديون هيون، ڇو ته آءُ تمام گهڻا رسالا پڙهندو هوس. اونهاري جي هڪ رات جو جڏهن آءُ سمهڻ لاءِ وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽيس ته منهنجون ٻئي ننڍيون ڀينر اچي منهنجي کٽ تي ويٺيون ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ منٿ ڪرڻ لڳيون. مون گهڻو ئي چيو ته مونکي ڪهاڻي ڪانه ٿي اچي، پر هو جنڙيون مڃن. ڳالهه بڻي_ نيٺ مونکي هنن جي ڳالهه مڃڻي پئي ۽  ڪهاڻي شروع ڪيم. ياد اٿم ته ان ڪهاڻي جو مکيه ڪردار رميش هو ۽ ان جو پلاٽ عام دکي ڪهاڻين جهڙو هو. خير مون ڪهاڻي پوري ڪري ٻنهي ڀينرن کان سندن راءِ معلوم ڪئي ۽ جيڪي ڪي هنن چيو تنهن مان مون اهو محسوس ڪيو ته : (1) منهنجي هن پهرين اڻ لکيل ڪهاڻيءَ کي ان جي ٻڌندڙ ٻنهي ڇوڪرين نهايت پسند ڪيو هو. (2) ڪٿي به اهڙو هنڌ ڪين آيو هو جو هنن جو چاهه ڀڄي پيو. (3) هن ڪهاڻيءَ هنن دماغ ۾ عام روايتي (Sterio Type) قدرن جي باري ۾ ڪي سوال اڀاري ڇڏيا هئا جن جا جواب ڳولهڻ جي هنن کي ڏاڍي اڻ تڻ هئي. اسين ٽئي ڀاءُ ڀينر ان رات گهڻي دير تائين انهن اخلاقي قدرن ۽ سماجي ٻنڌڻن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندا رهياسين. اهو پهريون ڏينهن هو، جڏهن مون سوچيو ته آءُ وڏو ٿي هڪ ڪهاڻي ڪار بڻبس.

        ان بعد آءُ موقعو ملڻ تي ڪهاڻيون لکندو رهيو آهيان. منهنجي ڪهاڻين جو مقصد رهئي ڪرڻ بنسبت سوال اٿارڻ وڌيڪ هوندو آهي. آءُ ڪو واعظ ڪين آهيان جو ويهي ڪهاڻين ۾ وعظ ڪريان. منهنجو مقصد هوندو آهي سوال اٿارڻ، دماغ ۾ اها خواهش بيدار ڪرڻ ته ڪهاڻيءَ ۾ ڄاڻايل مسئلو توجهه لهڻي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهجي ڪهاڻي پڙهي ائين چوي ته : ”حفيظ خطرناڪ نظرين جو پرچارڪ آهي“ ته اهو ائين آهي جيئن ڪو گهر جي چلهه ۾ ٽانڊو ڏسي ۽ ٻاهر نڪري ”باهه ڙي باهه“ جا واڪا ڪرڻ شروع ڪري، اهڙن ٻالن پولن يارن کي ڪير ڪهڙا ويڻ ڏئي.

        اخلاقيات جو مسئلو هڪ اهڙو مسئلو آهي جو جنم جنم ۾ ان تي قلم کڄندو ايندو..... سقراط کان وٺي برٽرنڊ رسل تائين ان مسئلي کي ڇيڙيندا آيا آهن. اڄ به دنيا جا فلاسفر ان تي لکن ٿا ۽ دنيا جا ڪهاڻيڪار ان تي روشني وجهن ٿا. روايت اخلاقيات جي پڙ ۾ هڪ اهڙي ڪاني مثل ليکبي آهي جنهن جو سنگ ڪو لُڻي ويو هجي. آءٌ پڻ پنهنجي وت آهر، ان مسئلي کي ڇيڙيندو آهيان. ڪڏهن اها ڇيڙ شوخ هوندي آهي ته افسانو رڳو پنهنجي يارن جي حلقن ۾ پڙهبو آهي. البت جڏهن جڏهن ڪو هلڪو افسانو لکجي ويندو آهي ته اهو رسالن حوالي ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ئي منهنجا افسانا رڳو ڪڏهن ڪڏهن ڇپبا آهن. ڇا ڪجي اسان جي ديس ۾ اڃا تائين ماڻهن ڪاري کي ڪارو ۽ اڇي کي اڇو ڪوٺڻ يا ٻڌڻ نه سکيو آهي. اڃان تائين موهن جي دڙي جي دؤر واري بيل گاڏي اُهي ئي چيلا ڪڇيندي ٿي رهي، پر آءُ اڃا نااُميد نه ٿيو آهيان. جيئن جيئن پارو ولهه بڻجي پيو پوي، تيئن تيئن بهار جي ويجهڙائيءَ جو يقين ٿو ٿيندو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com