پن
ٻوڙين
پاتال
۾
آءُ
پنهنجي آکاڻين
تي
غور
ڪندو آهيان._سنڌيءَ
۾
منهنجيون آکاڻيون
ٻين
جي
آکاڻين کان مڙيوئي
نراليون هونديون
آهن.
ٻين
ٻولين
۾
ڪي
ڪلاڪار
مون
جهڙي رنگ
ڍنگ
۾
لکندا آهن._آءُ
انهن
جي لکڻين
کي
چاهه
مان پڙهندو
آهيان. نرالپ
ڪهڙي،
آءُ
پاڻ
ٻڌائي ڪين
ڄاڻان. منهنجون
آکاڻيون بند
ڪمرن
۾
ويهي
شراب جا
پيگ
چاڙهي ڪين لکيون
وينديون آهن.
اهي
آکاڻيون زندگيءَ
جو
صحيح عڪس
هونديون آهن
۽
اهي
عڪس آءُ
جيئري جاڳندي
جندڙيءَ جي
رنگن
مان چورائيندو
آهيان_ منهنجي
آکاڻين ۾ سرو
جا
وڻ، آلوچي
جا
درخت، زعفران
جا
گل ڪين اسرندا
آهن._ٻه چار
مرڪون
ٿورڙا لڙڪ ڪل اثاثو هوندو اٿن. انهن لڙڪن مرڪن جا
نقش جهٽڻ لاءِ آءٌ ڪيترا ڏينهن ويڳاڻو
ٿي
گهمندو وتندو
آهيان ۽ پوءِ
جيڪي
پڙ پوندو
اٿم
سو
ڪنهن
ڪنڊڙيءَ ۾ ويهي
لکي
ڇڏيندو
آهيان.
پن
پاڻيءَ کان هلڪا
ٿيندا
آهن
۽انهن
کي
پاڻي تي
ترڻ
گهرجي، پهڻ
ڳرا
ٿيندا
آهن
۽
انهن کي ٻڏڻ گهرجي.
پر
يعني انسان
انهيءَ فطري
قانون کي الٽ
پلٽ
ڪري
ڇڏيندو
آهي. مون
کي
اهڙو
هڪڙو مثال
اڄ
به ياد
آهي.
اهو واقعو
مون
کي
سنڌ جي
هڪ
ڳوڙٺڙي
۾
ڏسڻ
نصيب ٿيو هو.
محبت
جا گيت
ڳائڻ،
نينهن اٽڪائڻ،
عشق
پچائڻ، پيار
پنهنجا پيچرا
هت
به پڇائي
لڌا
هُيا ۽ ڪاڪ جي
پانڌيئڙن جي
ڪمي
ڪانه
هئي.
تن
ڏينهن
جڏهن آءُ
انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتس،
نوران ڳوٺ جو
نڪ
ليکبي هئي،
اهڙي
ڪا
خاص سهڻي
ڪانه
هئي. پرين
جا
ٻچا
پرستان ۾ ۽ حورون
جنت
۾
رهنديون آهن_
سنڌ
۾
مون منڌون
ڏٺيون،
ڪن
جو
رنگ جهيڻو
سانورو، ڪن جو
مرڪيل
ڪڻڪڻو.. نقش
به
اسان سنڌين
جا
پورا پنا
ٿين..
الورا جي
غارن
۾
چٽيل ديو
واسين جهڙيون
عورتون سنڌ
۾
ڪين
رهن
۽
نڪي شاعرن
جي
ابهام پرستيءَ
کي
مون
حقيقي صورت
۾
ڪٿي
ڏٺو
آهي.. ڪن ڪن ماڻهن
مان
بهار جي
بوءِ
ايندي سا
محسوس ڪئي اٿم،
پر
اها خبر
اٿم
ته هر
ماڻهوءَ جو
هڪ
اهڙو به
دور
ايندو آهي
جڏهن
هن تي
بهار
ڇانيل
هوندي آهي
۽
نوران پنهنجي
بهار
۾
هئي.
ڀورا
ڀورا ڳل چيڪي
تڙڪي
تي تپي
لال
ٿي
ويندا هيا
۽
جن
کي
ڏسي
مون کي انگريز
ميمون ياد
اچي
وينديون هيون،
جن
کي
مون
ڪراچيءَ ۾ ڏٺو هيو.
هن
جون اکيون
ڪجهه
عجيب
عجيب
ڀاسنديون هيون_
ائين
محسوس
ٿيندو هو،
ڄڻ
پاڻي
جا ٻه
ڀريل
ڪٽورا آهن_
ڇلڪيا،
اجهي
ڇلڪيا،
هڪ قسم
جو
هلڪو هلڪو
خمار
انهن اکين
تي
سدائين
ڇانيل هوندو
هو
۽
انهيءَ خمار
کي
ڏسي
منهنجي اکين
تي
به کيپ چڙهڻ
لڳندا هئا.
نوران جي
چال
به عجيب
هئي
..
هوءَ
هلندي گهٽ
هئي
۽
ڇال
گهڻا هڻندي
هئي_
جڙيءَ وهڙيءَ
وارا
ڇال
جن ۾ سندس رئو
هوا
۾
اڏامي اڏامي
ويندو هو
۽
هو
ڊوهه
ڀري
هن کي جهٽي
وري
مٿي تي
اٽڪائي
ڳچيءَ ۾ ويڙهڻ
لڳي
ويندي هئي.
ڳالهائڻ
نوران جو
مٺو
ڪيئن
نه چوان؟
هوءَ
ته هميشه
سڀني
کي
پئي جهڻڪندي
هئي_
آواز
ڪجهه اهڙو
هيس
جو هن
جون
گاريون به
گل
ڀاسنديون
هيون ۽ شاد
انهن
گلن جو
واس
وٺڻ لاءِ
ڍڳ
جيترا
ڀونرا اچي
نوران جي
چؤڌاري جمع
ٿيا
هئا.
ذري گهٽ
سڄي
ڳوٺ
جا جوانڙا
نوران جي
هڪ
جهلڪ ڏسڻ کي به
پنهنجا
ڀلارا ڀاڳ سمجهندا
هيا
۽
جيڪڏهن
ڪنهن کي ٻه
چار گل
پڙ
پئجي وڃن
ته
پوءِ هن
جي
خوشيءَ جي
ڪهڙي
حد
..
نوران
ڪنوري به
ڪانه
هئي
..
هن
جي شادي
سندس
سؤٽ سان
ٿيل
هئي،
پر مڙس
سان
ڪانه
پوندي هيس_ هو
ڪرڙ
وڍ
مڙس هيو
۽
هيءَ
الهڙ نينگريءَ_
خزان
۽
بهار جو
ميل
ڏکيو
پئي
ٿيو، پر
نوران انهيءَ
جي
پرواهه
ڪانه
ڪندي هئي.
مڙس
جا موچڙا
کائڻ
هن
پنهنجي تقدير
جو
لکيو سمجهيو
هيو
۽
واري
ڦيري سان
انهن
سان وچڙندي
رهندي هئي
..
نوران جي
قسمت
۾
سندس
ڀاڄائي جا
ويڻ
به لکيل
هئا.
هوءَ نوران
تي
سدائي
ڪاوڙئي وتندي
هئي_ پر نوران
لاءِ
انهن
ڳالهين کي ڪا به
اهميت
ڪانه هئي.
مار
کائڻ،
ازل کان هن
جي
قسمت ۾ لکيل
هئي
۽
هوءَ انهيءَ کي
ريٽي
نه ٿي سگهي.
هن
انهيءَ ڏسي ۾
ڪڏهن ويچاريو
به
ڪين
هيو_
ڪچيءَ کان هن
قسمت
جي
ڪلورن بابت
ڪيترا
قصا
ٻڌا
هيا ۽ هن
کي
يقين
هيو ته
قسمت
بدلائي نه
سگهبي آهي
۽
انهيءَ ڪري هن
جي
مٿي ۾ سدائين
مڙس
جي موچڙن
سان
ٻه
ٽي
ڳوڙها
پوندا رهندا
هيا
۽
هوءَ انهن
ڳوڙهن
جو
سور جهٽ
پلڪ روئي پچائي
ويندي هئي
..
ها
سو
ڳالهه پئي ڪيم،
نوران جي
گلن
تي
ڀونرن جي
مڙڻ
جي
..
ڍڳ جيترا
ئي
ته هيا_
ميرل
هو، جهن
پورهيو ڪري چار
سو
رپيا ميڙيا
هيا
۽
خيال پئي
ڪيائين
ته
نوران جهڙي
ڪا
سهڻي
ڪنوار
وٺي
ايندو. دودو
هيو،
جيڪو سڄو
ڏينهن
هن
سان گشا
پتا
هڻي ماني
کائي
پيو
گذر
ڪندو هو_
مهر
هو، جيڪو
سدائين پلال
جي
دن
ڀرسان ڍور بيٺو
چاريندو هو_ ڪانڊيرو
هو،
جيڪو سدائين
نوران جي
گهر
وٽان لنگهندي
سر
سنواريندو ويندو
هو_
امير هيو
جيڪو
نوران جو
سڳو
سؤٽ هيو
۽
نوران وارن
سان
گڏ ويڙهي
۾
ئي
رهندو هيو
۽
ٻيا
به
هيا_ شايد
مان
به هيس_
هن
ڪمبخت
جون گاريون
هيون
ئي اهڙيون
مٺيون، جو
کائڻ
بنا
سک نه
ٿيندو
هو.
پوءِ
جيئن جيئن
رُتيون رُتيون،
مينهن نينهن
جي
مند آئي
ڀونرا
گلن
تي
ڦرندي
ڦرندي پاڻ
۾
وچڙڻ
لڳا. اميرو
نوران جو
سؤٽ
هيو سڀني
کان
گوءِ
به
کنيو بيٺو
هو.
پر نوران
منهن
ڪانه
ڏيندي
هيس. اميروءَ
نوران جي
ڀاڄائي
کان
به
مدد پني
پر
هوءَ به
نوران کي
ڊاهي ڪين سگهي.
اکيون
ڦرڙائي آڱوٺا
ڏيکاريندي
پوءِ
ائين
کسڪي ويندي
هئي
ڄڻ
ڪو
سپنو هيو.
جو
ڏٺي
پورو ٿيو وري
نه
پسبو.
گهڻا
گهڻا
ڏينهن گذري
ويا،
اميرو سڀ
حيلا
هلائي بيٺو
..
منٿو
ڪيائين.
ميڙ وڌائين.
سوکڙين پاکڙين ۽
ڏوڪڙن جي
آڇ
آڇيائين پر
کڻي
جو
نوران مڙي!
۽
شام
جو روز
ڪانڊيرو
سڻڪ
تان لنگهندي
ڳائيندو
هو.
منهنجا پرين!
او
سانورا!
او
بانورا!
کن
۾
ڦري،
ويندو رهين،
لک
ٿو
لهين.
مان
لک چوان،
پيرين پوان،
پر
جو مڙين،
اوشل
جڙين،
منهنجا پرين!
او
سانورا!
او
بانورا!
نوران پلالا
جي
دنين جي
پاسي
۾
پيل
ڪاٺين جي
کوڙيءَ
مان
ڪاٺيون
کڻڻ
ويندي هئي،
ته
مهر کي ازلي
کنگهه
اٿلي
پوندي هئي.
نوران هن
جي
کنگهڻ
جو آواز
ٻڌي
اهڙي
ڇوهه
مان گهوري
نهارينديس، ڄڻ اکين
ئي
اکين ۾ چوندي
هيس.
”نڙي
پٽي وٺندي
سانءِ!
وڏو
آيو
آ پٽ
کنگهڻ
وارو_“ ۽ هوءَ
ڪاٺيون
کڻي
هلي
ويندي هئي.
ميرل
البت
هڪڙو ئي جوانڙو
هو،
جيڪو نوران
کي
ستائيندو ئي
ڪين
هيو.
نوران کي ڏسي هو
پنهنجي
ڪڪين
ڪڪين مڇن
کي
وٽ
ڏيڻ
شروع ڪري
ڏيندو هو
۽
جڏهن
نوران ويجهو
ايندي هيس
ته
ٻئي
”تون
خوش آن“
کان
وڌيڪ
ڪجهه
ڳالهائيندا
به ڪين هئا.
اميري کي ميرل
تي
ڏاڍي
ڪاوڙ
هئي انهيءَ
ڪاوڙ
جا
سبب انيڪ
هئا،
هڪڙو ته
ميرل
اميري کي ڪم ۾ وٺ
ئي
ڪين
ڏيندو
هو_ بت
ڪاٺ
۾
اميرو ميرل
کان
گهڻو. پر
تنهن
هوندي به
ميرل
سان ڪم ۾ پڄي
ڪين
سگهندو هو_ ميرل
ڪم
کي
چچڙ
ٿي
چنبڙي پوندوهو
۽
اميري لاءِ
ڳالهه
ممڪن
ڪانه
هئي_ انهيءَ
کانسواءِ
ميرل
چار سئو
رپيا
گڏ ڪيا هئا
۽
سڀني
کي
خبر هئي
ته،
هو پنهنجي
لاءِ
ٻانهن
خريد
ڪندو _
هڻي نوران
جهڙي
يا انهيءَ
کان
به
وڌيڪ
ٻانهن_اميري لاءِ
اها
ڳالهه
به سهڻ
وٽان
ڪين
هئي ۽ انهيءَ
تي
وري نوران
آقي
باقي به
باهه
تي تيل
وجهي
ڇڏيو_
ميرل سان
ڳالهائي
۽
اميري کي آڱوٽا
ڏيکاري
هن
اميري جي
جان
ئي ته
جلائي رکي
هئي!
نوران
کوڙي وٽ
آئي
ته اميري
چيس،
”نوران
تو مون
کي
آڱوٽا
ڏيکاريا، چڱو
نه
ڪيئي_
هاڻي به
مڙي
وڃ!“
۽
نوران خار
۾
هن
ڏي
نهاري وراڻيو:
”چخي!“ اميري
کي
ڪاوڙ
اچي
ويئي
..
هو
تکو
تکو گهر
هليو
ويو، موٽيو
ته
ڏنو
۽
نورل به
ساڻ
هيس _ ٽئي ڄڻا
ڊوڙندا پئي
آيا
۽
ٽنهي
جي هٿن
۾
لٺيون هيون
_
اچڻ
سان اچي
ميرل
تي ڪڙ ڪيا _ لٺيون
وٺيون ته
رڙيون واڪا
ٿيا
_
پريان مهر
بيٺو
هو. تنهن
رڙ
ڪئي،
”ڇا
هي ڙي؟ ڇا هي؟“
ڪارو
آ،
ڪارو!“
اميري وراڻيو
۽
لٺ
وري وسڻ
لڳي
_
ميرل هن
مفت
جي مار
۾
اچي
منجهيو هو.
پر
”ڪارو“
ٻڌي
هو
ڳالهه سمجهي
ويو
_
کڙيءَ
تي زور
ڏئي
ڳوٺ
۾
ڪاهي
پيو
_
ڪاري
کي
ڪير
سام جهلي،
ميرل
جي مائٽن
کي
به
ڄڻ
ڪک
سنگهي ويو
هو.
مس
مس ڪري هڪ
در
پناهه مليس_
چار
چڱا مڙس
گڏ
ٿيا.
ڳالهيون
هليون_
ڪاري سنئون
ڪاري
به
پڌر تي
آئي.
مهر اچي
قسم
کنيو
ته
ڳالهه
ڪجهه به
ڪونهي.
نوران ۽ ميرل
به
قسم
کنيو پر
پوءِ
اميري ڌني ۽ نوري
جي
قسم کڻڻ تي
ڳالهه
رنگ
مٽي ويئي.
ڪاري
ڪاريءَ
جي
قسم تي
ڪير
اعتبار
ڪري_ اڪيلي
مهر
جو قسم
هنن
ٽن
جي قسم
کان
گهٽ
هيو.
ڀائرن به
نوران کي
”ڪاري“ ڪيو ۽ مارڻ
لاءِ
تيار ٿي بيٺا.
اتي
وڏيري جو
ماڻهو اچي
پهتو
۽
وڏيري جو
حڪم
اچي
ٻڌايائين ته
فيصلو وڏيرو
پاڻ
ڪندو.
خون نه
گهرجي_ غيرت
يارن
کي
ڏاڍي
هئي، پر
وڏيري جو
حڪم
ڪيئن
رد
ٿئي. نوران
کي
وڏيري جي
ڪوٽ
۾
موڪلي
ڏنائون. مهينو
سڄو
نوران وڏيري
جي
ڪوٽ
۾
ٽڪي
پئي هئي
۽
پوءِ
وڏيري فيصلو
ڏنو.
اميري، ڌني ۽ نورل
جي
قسم جي
موجودگيءَ ۾
ڳالهه
ڪوڙي
ڪيئن ٿي سگهندي.
سو
وڏيري کي سمجهه
۾
ئي
ڪين
آيو. ميرل
قرض
پٽڻ ۾ لڳي
ويو.
نوران جي
مڙس
کي
اهو هزار
رپيو
مليو ۽ هن
نوران کي طلاق
ڏيئي
ڇڏي.
پوءِ
جڏهن انهيءَ
ڳالهه
کي
گهڻا
ڏينهن
گذري ويا
هئا.
جڏهن ميرل
لڄ
کان
ڳوٺ
ڇڏي
هليو ويو
هو.
جڏهن ميرل
جا
مائٽ ڳوٺ جي
جٺ
ڦٺ
کان
تنگ اچي
لڏڻ
جا سانباهه
ڪري
رهيا
هئا، جڏهن
پن
ٻڏي
ويا هئا،
نوران جي
ڀائرن
هزار
رپيو وٺي
نوران کي ٻئي هنڌ
پرڻائي
ڏنو. گاڏين
جي
هڪ
ڊگهي قطار
فضا
۾
لاڏن جو
ساز
ڦهلائيندي
رينگندي ٿي وئي
۽
آءُ
آهستي آهستي
ان
قطار جي
پوئتان وڃي
رهيو
هيس. پري
پري،
شايد
ڪنهن
ٻيءَ نوران
جي
تلاش ۾. ٻين پنن
کي
ٻڏندو
ڏسڻ،
ٻين
پهڻن
کي
ڏسڻ.
اهو
ڳوٺ
جنهن ۾ آءُ
وقت
جي لهرن
تي
لنوندو
ڌنوندو وڃي
پهتو
هيس، سنڌ
جي
عام
ڳوٺن جهڙوئي
هيو.
هڪ اڌ
اوساري ٿيل جاءِ،
ٻه
چار
اوڏڪيون
ڀتيون ۽ ڏهه پندرهن
ڇن
پيل
لانڍيون، ڳوٺ جي
سڄي
اڏاوت هيون
۽
منڍي
تي ڪاري
ڏامر جي
سڙڪ
ائين پٽري
پئي
هي، جيئن
ڪو
ڪارو
گڊو
نانگ سيءَ
کي
سيڪاٽجي، تڙڪي
تي
سنئون ٿيو ستو
پيو
هجي. اهي
لانڍيون سڻڪ
جي
سنوت سان
ڳتيون
پيون
هيون ۽ سڻڪ
جي
ٻيءَ
ڀر
لانڍين آڏو
ڪاٺين
جا
ڍير
۽
پلال جون
دنون
پيل هيون.
پلال
ڍورن
کي
کارايو
ويندو هو
۽
ڪاٺيون
ٻاري
ماني
پچائي ويندي
هئي،
جا لانڍين
جا
رهاڪو لسيءَ
ڍڪ
سان
نڙيءَ اڪاري
پيٽ
جي باهه
وسائيندا هئا.
ڳوٺ
۾
ڪا
به
خاص دلڪشي
ڪين
هئي.
البت جڏهن
سارين کي ريج
اچي
ويندا هيا
۽
رونبن
ٿئي. سلا
نوٺيون ڪر کڻي بيهندا
هيا
ته صبح
جو
پهر ۾
ٿڌڙي
ٿڌڙي هير
فضا
۾
عجيب رنگيني
پيدا
ڪري
ڇڏيندي
هئي. هي
هوا
جا جهوٽا
جڏهن
ڪونئرن
ڪچڙن
سلن جي
درياه تان
واچوڙا هڻندا.
کلندا
کيڏندا
ويندا هيا
ته
به اتان
جا
ماڻهو انهن
نظارن کان بي
نياز
هيا. هو
انهن
نظارن سان
اهڙو
ته هري
مري
ويا هئا
جو
هنن کي انهن
نظارن کي ۾ ڪا
ڳالهه نظر
ڪانه
پئي
آئي. پورهيو
هنن
جي زندگيءَ
جو
مرڪ هيو
۽
هو
پنهنجي پورهئي
۾
مست
رهندا هئا.
انهيءَ جو
مطلب
اهو ڪين آهي
ته
سڄي ڳوٺ تي
موت
جهڙي اداسي
ڇانيل
هئي.
نڪي اهو
ته
اتي ڪي الهڙ
جوان
هيائي
ڪين، جيڪي
کين
ترندو
ڏسن.
پوءِ
ڇا
ڪنداسين؟
”گلو
پوءِ
ڇا
ڪنداسين.“
قادر نهايت
اوتاوليءَ مان
پڇيو.
”پوءِ
اسين
اميرن کان مال
ڦري
غريبن کي ورهائي
ڏينداسين.“
گلوءَ وراڻيو.
”يار
ائين
جي ٿي پوي
_
ڏس
نه
مون ٽڪي جا
ڀڳڙا
وٺي
کاڌا
آهن پر
پيٽ
۾
اڃا
ڪوئا پيا
ڊوڙون
پائين. امڙ
نيرن
تي راتوڪا
چانور ڏنا هئا،
پر
مون کان
کاڌا نه
ٿيا،
هاڻي
بک ۾ ساهه
پيووڃيم.“ قادر
سور
سليندو ويو.
”پوءِ
مڃ
نه منهنجي
صلاح
..
سڀ
ڪجهه
ٺيڪ
ٿي
ويندو. هنن
ميرن
ڪپڙن
مان به
جند
ڇٽندي.
ارشد ۽ شهداد
وانگر اسان
به
سوٽ پائي
اسڪول وينداسين.
سڀڪو
اسان کي به
اوترو ئي
مان
ڏيندو،
جيترو ارشد
۽
شهداد کي ڏين ٿا. غريب
آهيون ته
ڪو
پڇي
ئي
ڪونه
ٿو.“ گلوءَ
پنهنجي
ڳالهه تي
زور
ڏنو.
گلوءِ ۽ قادر
ٻئي
نائين درجي
جا
شاگرد هئا،
هيٺئين وچولي
درجي
جا ٻار _ پنهنجي
اسڪول جي
وچوڙي
ڇوڪرن ۾ ليکبا
هئا
نه
ڪڏهن پهريون
نمبر
کنيو
هئائون ۽ نه
ڪڏهن
ناپاس ٿيا هئا.
گهر
جا
ڌوتل
ڪپڙا پائي
هو
اسڪول ايندا
هئا
۽
سڄو هفتو
انهيءَ وڳي
کي
هلائيندا هئا.
سندن
ڪلاس
۾
اهڙا به
ڇوڪرا
هيا
جيڪي روز
کٽيءَ
جو
ڌوتل
وڳو مٽائي
ايندا هئا.
هو
پنهنجي اهڙن
ساٿين کي ڏسي دل
ئي
دل ۾ چاهيندا
هئا
ته جيڪر
کين
به
اهڙا
ڪپڙا نصيب
ٿي
پون.
ڀاڳن
جي ديوي
نڀاڳي
ڪتيءَ سمان
ڪت
ڪري
ته
لوڌ جي
سوجهه
ٿئي، بگڙي
تي
سنگ جو
سانگ
نه رکي.
قادر
۽
گلوءَ جا
گهر
سدا پئي
انهيءَ اوجهڙ
۾
رهيا. ابو
امان
پنهنجي پٽن
جي
پڙهائيءَ ۾ اکيون
وجهيو ويٺا
هئا،
اجهو پڙهي
پٽ
اڪابر
ٿيندا ته
ڀاڳ
ڀِتڙو
ڏيندا.
۽
اڄ
صبح جو
پهر
۾
سنڌيءَ جو
پيريڊ گسائي
هي
اچي اسڪول
جي
ڇٻر
تي ويهي
رهيا. پنهنجي
حال
تي سوچ
ويچار پئي
ڪيائون
۽
پنهنجي حالتن
کي
بهتر
بنائڻ لاءِ
پهه
پئي پچايائون.
ائين
ئي گلوءَ
کي
صلاح
جڙي آئي
هئي
۽
هن سموري
رٿ
قادر کي سمجهائي
ڇڏي
هئي.
هاڻي ويٺي
قادر
کي
ڀائيچاري
لاءِ ليلايائين
_
۽
صلاح
_
گلوءَ جي
صلاح
به نهايت
سولي
سڌي هئي.
اهڙي
سولي سڌي
جو
نائين درجي
وارو
ڇا
جيڪڏهن
ڪنهن ٻئي درجي
واري
شاگرد اڳيان
به
رکجي ها
ته
هو به
ان
کي
سمجهي وڃي
ها،
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول جي
پاسي
۾
ئي ماسترن
جا
ڪوارٽر
به
ٺهيل هئا.
جيڪي
ماستر انهن
ڪوارٽرن
۾
رهندا هئا.
تن
مان هڪڙو
ماستر محمد
خان
به هو
۽
گلوءَ قادر
کي
پنهنجي رٿ
ٻڌائيندي
نهايت رازداريءَ
سان
چيو هو:
”توکي
خبر
آهي ته
استاد محمد
خان
تمام امير
ماڻهو آهي.
ماستر ته
رڳو
دل وندرائڻ
لاءِ
ٿو
ڪري.
کيس
الاهي ساري
زمين
آهي ۽ ساليانو
هزارين رپيا
زمينداريءَ مان
ڪمائيندو
آهي.
تڏهن ئي
ته
ريوالور وٺي
رکيو
اٿس. کيس هميشه
ڊپ
رهندو آهي
ته
متان ڪو رات
جو
اچي کيس
ڦري.“
”بس
اسان
کي
رڳو ايترو
ڪرڻو
پوندو ته،
جڏهن
صبح جو
استاد اسڪول
اچي
۽
سندس نوڪر
شهر
ڏانهن
سودووٺڻ وڃي.
اسين
ڪوارٽر
۾
اندر وڃي
پئسا
به چورائي
اچون
۽
ريوالور به
کڻي
اچون.“ گلو
تڪڙو
تڪڙو چوندو
ويو
ڄڻ
ڳالهه
نڙيءَ ۾ اٽڪي
پئي
هيس ۽ اوڪاري
ڪڍڻ
پئي
چاهيائين.
”پوءِ
ڇا
ڪنداسين_“
قادر
وضاحت پڇڻ
چاهي.
”پوءِ
اسان
ريوالور کڻي ٻين مالدار
ماڻهن جي
گهر
وينداسين ۽
کانئن
ڏوڪڙ
ڦرينداسين.“ گلوءَ
چيو.
”پوءِ
ڇا
ڪنداسين_“ قادر
ٻيهر
ورجايو.
”پوءِ
اسين
اميرن کان مال
ڦري
ڦري
غريبن کي ورهائين
ڏينداسين.“
هو
ٻئي
گهڻي تائين
چوري
ڪرڻ
جي ڍنگ ۽ پڪڙجي
پوڻ
کان
بچڻ جي
اپائن تي
غور
ڪندا
رهيا. نائين
درجي
وارو غور
_
اهڙو
غور جيڪو
انهيءَ عمر
جا
ٻار،
انهيءَ تعليم
وارا
ٻار
ڪري
سگهندا آهن.
انهيءَ صلاح
مصلحت کي پنج
ڏينهن
ٿيا
هئا،
جڏهن ماستر
محمد
خان جي
ڪوارٽر
جو
تالو ڀڳو ۽ اتان
هڪ
ريوالور، هڪ
ريڊيو ۽ ٻيو سامان
چوري
ٿي
ويو. اسڪول
۾
هل
هلاچو مچي
ويو
_
پوليس کي رپورٽ
پهتي
۽
پيراڍو اچي
پهتا_ سڀ پار
پتا
پڇيا ويا.
ٻاراڻو
پيرو
پري کان پڌرو
هو.
اچي اسڪول
۾
ٻاڪر
ڪٽو
پيو.
هفتو سڄو
هاءِ
دوس مچيو
پيو
هو. ۽ پوءِ
سڳ
سلجي ويو.
گلو
۽
قادر
ڦاسي پيا
_
پوليس
ٻنهي کي ٻڌي وڃي
لاڪپ
۾
ويهاريو، ٻئي اداس
اداس
هئا ۽ لاڪپ
جي
ڇت
۾
اکيون وجهيو
ويٺا
هئا. ڄڻ ڇت
ڦاٽندي ۽ ڀاڳ اچي
سڻائي
ڪندن. ويٺي
ويٺي
قادر پڇي
ڪڍيو_ ”گلو
هاڻ
ڇا
ڪنداسين؟“
”هاڻي .. ..
هاڻي
جيڪي ڀاڳ
ڪري“ گلو
ائين
هٻڪي هٻڪي
چيو،
ڄڻ
چوندو هجي:
”ڀلي .. ..
ڀلي
.. ..
پيو
آ
ڀاڳ.“
هن
کي
اڃا تائين
”ڪڻڪ
پوکي
ڪڻڪ
کاءُ“
واري
ڳالهه سمجهه
۾ ڪانه
آئي
هئي. اڃا
هو
ڀاڳن
جي ديويءَ
جي
واٽ نهاري
رهيو
هو. |