ڪالهه شام جو نازان جي ماءُ هن کي سڏايو هو، هن
هارون سان ڪي تمام ضروري ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيون.
هن چيو، ”توکي منهنجيون ڳالهيون شايد عجيب لڳن، پر
صورتحال ڪجهه اهڙي آهي جو تو سان صاف صاف ڳالهين
ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اهي ڳالهيون
هونءَ ته ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن جي وچ ۾
ٿينديون آهن، پر انهن ڳالهين بابت فيصلو تو کي
ڪرڻو آهي، ان ڪري آءٌ سڌو سنئون توسان ڳالهائڻ
چاهيان ٿي.“
هارون هٻڪندي چيو، ”آءٌ پوري ڌيان سان ٻڌي رهيو
آهيان، اوهان چئو.“
نازان جي ماءُ وڌيڪ گنڀير ٿي چيو، ”هارون! تو کي
خبر آهي ته هن گهر ۾ فقط اسين ٻه ڄڻيون زال ذات
رهون ٿيون. خدا کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪير به
ڪونهي. اسين هڪٻئي کي ويجها آهيون، ۽ هڪٻئي جي حال
جي سڀ خبر اٿئون. نازان جي پيءُ جي گذاري وڃڻ کان
پوءِ اسين ٻئي ماءُ ڌيئر بي سهاري بڻجي ويون
هيونسين. ان وقت نازان پنجن سالن جي هئي. مون
اڪيلي سر حالتن کي منهن ڏنو. مشين تي ڪپڙا سبي گذر
سفر ڪري، تڪليفون سور سهي، نازان کي پاليو. منهنجي
زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مقصد نازان جي زندگيءَ کي
سنوارڻ هو، ۽ هينئر نازان ئي منهنجو سهارو آهي.“
هن هارون تي نظرون کپائي چيو، ”تون ئي ٻڌاءِ
هارون! ڇا آءٌ پنهنجي حياتيءَ جو سهارو ٻئي جي
حوالي ڪري ڇڏيان! آءٌ هن عمر ۾ پراون درن تي ڌڪا
کائي مري وڃان!“ نازان جي ماءُ چپ ٿي وئي. هارون
کان هڪ اکر به نه اُڪليو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو،
آخر ڇا ڳالهائي!
وري به نازان جي ماءُ ئي ڳالهايو، ”آءٌ نٿي چاهيان
ته نازان پنهنجي حياتي مون لاءِ ڳاري ڇڏي. نه نه،
نازان جي خوشيءَ لاءِ آءٌ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان. آءٌ رڳو ايترو چاهيان ٿي ته هوءَ شادي ڪري،
مون سان گڏ، هن گهر ۾ رهي. تون جيڪڏهن مون کي خود
غرض سمجهين ته ڀلي سمجهه، پر مون لاءِ ٻي ڪا به
واهه ڪانهي.“
تڏهن هارون گهٽيل آواز ۾ ڳالهايو.” نه ماسي، آءٌ
اوهان جي مجبورين کي سمجهي سگهان ٿو.“ پر خود هِن
جون به ته ڪي مجبوريون هيون. هِن جي مَن ۾ هاهاڪار
متل هو.
”هارون! هاڻي تنهنجي فيصلي جي ضرورت آهي.“ نازان
جي ماءُ جو آواز هو.
هارون منجهي پيو، پوءِ هن چيو: ”مون کي ڪجهه سوچڻ
جي مهلت ڏيو، ماسي“
نازان جي ماءُ هن جي مونجهاري کي سمجهي وئي. ”شايد
تون يڪدم فيصلو نه ڪري سگهين. ان ڪري تون ڀلي ڪجهه
وقت ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچ. يڪدم ڪيل جذباتي فيصلا
اڳتي هلي نقصان پهچائيندا آهن. تون پنهنجن مائٽن
سان به صلاح ڪر. اهو ڏاڍو ڏکيو مسئلو آهي، پُٽ.“
هارون هن کان موڪلائي ٻاهر آيو. اڱڻ ۾ رڌڻي جي در
وٽ نازان ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. هوءَ ڪيتريءَ دير کان
ان هڪ ئي جاءِ تي بيٺي، پيڙا ڀوڳي رهي هئي. هارون
کي ڏسي هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. هارون هن جي اڳيان
وڃي بيٺو.
”نازان!“ هن گهُٽيل آواز ۾ سڏ ڪيو. نازان اکين جي
ڇَڀرن ۾ اٽڪيل لڙڪن کي لِڪائڻ جي لاءِ منهن ٻئي
طرف ڦيرائي ڇڏيو. هارون جي من ۾ آيو ته اڳتي وڌي
نازان جا لڙڪ اُگهي. هن جو رڳو هڪڙو پير وڌيو ۽
پوءِ پٿر بنجي ويو. ”مون کي ڪهڙو حق آهي نازوءَ جي
لُڙڪن اگهڻ جو...“ هن سوچيو هو ڪيڏو نه بيوس هو،
ڪيڏو نه لاچار هو- ڄڻ ڪو اپاهج هو، جنهن جي وس ۾
ڪجهه به نه هجي. هو رڳو ايترو به چئي نٿي سگهيو،
’نه رو، نازو نه رو...‘ پر اها ڳالهه اجائي ۽ رسمي
لڳي ها. ماڻهو جڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي،
تڏهن رڳو روئي سگهندو آهي. روئڻ بيوسيءَ ۽
لاچاريءَ جو ۽ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو اظهار آهي. هن
کي ائين لڳو ته جيڪڏهن هو اتي ڳچ دير بيٺو رهيو ته
پوءِ ڄمي پٿر بنجي ويندو. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽
هن جي واتان نڪتو، ” دل نه لاهه نازو، ڪو بِلو ٿي
پوندو.“ ۽ پوءِ هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو، ڄڻ
اتي وڌيڪ ترسندي ڊڄندو هجي.’پر جيڪڏهن آءٌ پٿر
بنجي وڃان ها ته وڌيڪ سٺو ٿئي ها منهنجي لاءِ. گهٽ
۾ گهٽ هيئن عذاب ته نه سهان ها. جيڪر آءٌ رڳو پٿر
هجان ها، ٻيو ڪجهه نه هجان ها‘. هارون سوچيو.
هن پاسو ورائي ڪمري کان ٻاهر ڏٺو. پرڀات جي هلڪي
هلڪي اڇاڻ پڌري ٿي رهي هئي. هن جي اک هڪ کَن جي
لاءِ به ڪا نه لڳي هئي. ’سگهو ئي امان اٿندي ۽ مون
کي جاڳندو ڏسي پريشان ٿيندي‘. هارون نٿي چاهيو ته
سندس ماءُ هروڀرو پريشان ٿئي. هن جي پنهنجي ماءُ
سان ڏاڍي دل هئي. هو ماءُ جي ٿوري تڪليف به سهي نه
سگهندو هو. سندس ماءُ بيمار ٿيندي هئي ته هو ماءُ
کان وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هو. اهو هن جو ننڍي
هوندي کان ئي سڀاءُ ٿي ويو هو، ته جڏهن سندس ماءُ
بيمار ٿيندي هئي تڏهن هو ايترو ته منجهي پوندو هو،
جو کيس ڪا به ڳالهه ڪانه وڻندي هئي. پهرين ته
رانديون ٻانديون ڇڏي ماءُ جي ڀر وٺي ويهي رهندو
هو. ماءُ کان هن جي اها پريشاني ڏٺي نه ٿيندي هئي
۽ هوءَ زور ڪري کيس راند ڪرڻ لاءِ موڪليندي هئي،
پر راند ۾ هن جي دل نه لڳندي هئي، هو ذري ذري راند
ڇڏي ماءُ کي ڏسڻ ايندو هو ته ڪيئن آهي. پاسي ۾ اچي
بيهي پڇندو هو:“ امان! گنگي تلي آهين؟“ هن جي ماءُ
مرڪي مٿي تي هٿ ڦيري چوندي هئي: ”ها بابا! آءٌ
گنگي تلي آهان، تون وڃي راند ڪر.“ هن جي ننڍڙي
معصوم دل ۾ الائي اهو خيال ڪيئن ايندو هو ته
جيڪڏهن امان مري وئي ته....! هو روئڻ لڳندو هو ۽
سوچيندو هو ته آءٌ به امان سان گڏ مري ويندس.
هو جڏهن سوچڻ سمجهڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هن کي خبر پئي
ته ماءُ سان سندس ايڏي دل ڇو هئي؟ هن جي ماءُ ڏاڍي
دکي هئي. شادي ٿيڻ کان پوءِ، سواءِ ڏکن ۽ تڪليفن
جي، ٻيو هن کي ڪجهه به پلئه ڪين پيو هو. هن جي
زندگيءَ ۾ ڪا خوشي آئي هئي ته به وڄ جي چمڪاٽ
وانگر، نه ته ٻاٽ اوندهه هئي. هوءَ جيئن ئي پرائي
گهر ۾ آئي، تيئن ئي گهر جي ماڻهن جي ساڻس نه پئي.
هن جو مڙس، جيڪو گهر ۾ پاڻ کي لاچار سمجهندو هو،
تنهن ان لاچاريءَ ۽ بدنصيبيءَ ۾ هارون جي ماءُ کي
به ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. هارون جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن هن
کي پنهنجي ماءُ ڌرتيءَ وانگر لڳي هئي، جنهن الائي
ڪهڙا ڪهڙا ڏک ۽ ڪهڙا ڪهڙا ويڻ سٺا هئا، پر ڌرتيءَ
وانگر گونگي بنجي، سڀڪجهه سهندي وئي. هن جي ماءُ
جو اندر ڪاٺ کي لڳل سُري وانگر کاڄي کوکلو ٿي ويو
هو. پر پوءِ به هن جي ڏکويل ۽ مرجهايل دل ۾ صبر جو
اٿاهه سمنڊ سمايل هو، جنهن جي ڪا لکا ئي ڪانه ٿي
پئي. هارون جو ننڍڙو پتڪڙو وجود هن جي لاءِ وڏي
آٿت هو. هوءَ جيئري هئي ته رڳو هارون جي لاءِ،
هارون هن جي جيءَ جو جياپو هو.
هارون ماءُ جي پيار جي پورهئي سبب ان لائق بنيو
هو، جو هو نه رڳو پنهنجو، پر پنهنجي گهر جو بار به
کڻي سگهيو هو. هينئر جڏهن هن جي ماءُ جا سڀ ڏک
ڏولاوا دور ٿيا هئا، ساهه ۾ سانڍيل آسون پوريون
ٿيون هيون، تڏهن هارون پنهنجين خوشين کي ماڻڻ ڪاڻ
هن کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيو هو.
’آءٌ جيڪو پنهنجي ماءُ جي معمولي بيماريءَ تي
پريشان ٿي پوندو آهيان، سو پنهنجي ماءُ کي هميشہ
لاءِ ڇڏي، هڪ ڌارئي گهر ۾ رهي سگهندس؟‘ هارون پاڻ
کان پڇيو.
”هارون، او ابا هارون!“ ماءُ هن کي سڏي رهي هئي.
هو دت هنيو، چپ چاپ پيو هو. هن ماءُ کي جواب ڏيڻ
نٿي چاهيو. ان وقت اوچتو هن کي خيال آيو، ’ڇا آءٌ
ٻين جي لاءِ پنهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏيان، پنهنجن
خوشين جو گلو گهٽي ڇڏيان! نه، آءٌ هينئر ٻار نه
آهيان. پنهنجي زندگيءَ ۽ مستقبل جو پاڻ ذميدار
آهيان. مون نازوءَ سان وعدو ڪيو هو ته آءٌ سڄيءَ
دنيا کي ڇڏي سگهان ٿو، پر کيس نه. آءٌ پنهنجو اهو
وعدو ضرور پاڙيندس.‘
”هارون، او ابا هارون !“ ماءُ کيس اڃا به سڏي رهي
هئي. هارون کي ماءُ جي سڏن تي ڪاوڙ اچي وئي.
”ڇو امان! ننڊ کڻي ڦٽائي اٿئي.“ هن چڙ مان چيو.
”ابا، دير ٿي وئي آهي، آفيس به وڃڻو اٿئي،“ ماءُ
کي هن جي چڙ تي حيرت لڳي.
”نه. اڄ آفيس ڪونه ويندس. طبيعت ٺيڪ ڪانهي.“
؟خير ته آهي، دشمنن جي طبيعت کي ڇا ٿيو آهي؟“ ماءُ
پريشان ٿي پئي.
”ڪجهه ناهي امان، رات ننڊ ڪا نه آئي، ان ڪري مٿي ۾
سور آهي“. هارون کي پنهنجي رويي تي شرم محسوس ٿيو
۽ هن لهجي کي نرم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”ٿوري دير
سمهندس ته طبيعت ٺيڪ ٿي ويندي.“
ماءُ هن کي وياڪل نظرن سان ڏسندي هلي وئي، تڏهن
هارون کي احساس ٿيو ته هن ماءُ سان بيواجبي ڪئي
هئي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ماءُ سان
ايڏو کهرو ٿي ڳالهايو هو. هو پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ
لڳو.
’پر آخر آءٌ ڇا ڪريان! ڇا ڪريان! مون کي ڪجهه به
سمجهه ۾ نٿو اچي.....‘ هو انهن سوالن کان پريشان
ٿي، نيٺ کٽ تان اٿيو ۽ ڏندڻ- پاڻي ڪري وري موٽي کٽ
تي اچي ويٺو. هارون جي ننڍي ڀيڻ عذرا چانهن جو ڪوپ
کڻي اچي هن جي اڳيان بيٺي. هارون اکيون مٿي نه
کنيون، ۽ چپ چاپ هن کان ڪوپ وٺي چانهن پيئڻ لڳو.
”ادا!تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“عذرا هن کان پڇيو.
هارون مٿي نهاريو. عذرا ۽ سندس ماءُ پريشانيءَ
وچان هن کي ڏسي رهيون هيون.
”آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان. اوهان هروڀرو پريشان ٿيون
آهيو....“ هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. ماءُ ۽ عذرا
کي هن جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه آيو. هن جي ٿڪل ۽
پيلي شڪل پاڻمرادو ٻڌائي رهي هئي. هارون سوچيو ته
هو ماءُ کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي.
”امان! ڪالهه نازوءَ جي ماءُ مون کي سڏايو هو.“
”پوءِ، ڇا چيائين؟“ ماءُ هن کان پڇيو.
”هوءَ چاهي ٿي ته آءٌ نازوءَ سان شادي ڪرڻ کان
پوءِ سندن گهر ۾، ساڻن گڏ رهان.“
هن جي ماءُ جي چپن تي دک گاڏڙ مرڪ آئي، ”چريا، تو
پاڻ کي ان ڳالهه جي ڪري هروڀرو کڻي پريشان ڪيو
آهي. تو سمجهيو ٿي ته آءٌ تو کي اجازت نه ڏينديس!
تنهنجي خوشي ئي ته اسان جي خوشي آهي. تو کي اسان
ان لاءِ سانڍي ساري وڏو ڪونه ڪيو هو، ته تنهنجون
خوشيون کسيون. تون اڄ ئي وڃي نازوءَ جي ماءُ سان
هائوڪار ڪري اچ.“ شايد هوءَ پنهنجن احساسن کي اندر
ئي اندر گهُٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
هارون جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو اٽڪي پيو هو. هن جيئن ڳيت
ڏيئي ڳوڙهي کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تيئن اهو
مٿي چڙهي ٿي آيو. ان گهڙيءَ هن کي عذرا جو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو. ”ادا، پوءِ تون اسان کي ڇڏي هليو
ويندين!“
ڄڻ ڪو ڌماڪو ٿيو هو، جنهن هارون جي سڄي سموري وجود
کي ڌوڏي ڇڏيو. هو ٽٽي پيو هو.
”عذرا!“ نڙيءَ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو هيٺ لهي ويو، ۽ هڪ
گهٽيل رڙ نڪتي. هن ڀيڻ کي ڏاڍي پاٻوهه مان ڀاڪر
پاتو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته هن پنهنجي
وجود کي ٽٽڻ کان بچائي ورتو هو.
گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو
هوءَ مشين کي تيز تيز هلائڻ لڳي، جيئن سندس سوچ
پٺتي رهجي وڃي. اوچتو احساس ٿيو هن کي ته بابين جو
ڌاڳو ختم ٿي ويو هو ۽ هوءَ پوءِ به مشين هلائيندي
پئي رهي هئي. هن مشين بند ڪري ڇڏي. مشين جي گوڙ
ختم ٿيڻ سان هڪدم خاموشي ڇانئجي ويئي. هن ڀت تي
لڳل اليڪٽرڪ گهڙيال ڏي ڏٺو. ٻئي ڪانٽا ٻارنهن کي
ويجهو وڃي پهتا هئا. هن کي رات جي اڪيلائيءَ جو
شدت سان احساس ٿيو. جيڪڏهن ڪو چور گهر ۾ گهڙي اچي
ته هوءَ اڪيلي ڇا ڪندي!
هن سوچيو، ڊڄڻي ته آئون ننڍي هوندي کان آهيان.
نانيءَ جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي اهڙو
ڊيڄاري ڇڏيو جو رات جي وقت پنهنجي پاڇي کان ڇرڪندي
آهيان. مون اها ڳالهه آصف کي ٻڌائي به هئي. هن کي
خبر آهي ته آئون ڪيتري ڪمزور دل آهيان. پر هو ائين
ڪري ڇو ٿو؟ هو مون کي ڄاڻي واڻي ٽارچر ڇو پيو ڪري؟
جيڪڏهن ڪا ڳالهه اهڙي آهي ته مون کي ٻڌائي ڇو نٿو؟
آئون ته پڇي پڇي بيزار ٿي پيئي آهيان. چئي ٿو ته
ڪا ڳالهه ناهي، تو کي وهم آهي. ٺيڪ آهي، آئون وهمي
آهيان. پر هن جو رويو ڪيتري وقت کان بدليل آهي.
زوريءَ مس ته ڳالهائي ٿو، سو به جڏهن آئون ايترو
مٿو هڻندي آهيان. مون کي اکيون ڪونهن جو ڏسان ته
هو ڪيترو بيزار بيزار پيو ٿيندو آهي. پوري ماني به
ته ڪونه ٿو کائي. ٻه – ٽي گراهه کڻي اٿي کڙو ٿيندو
آهي. آئون پڇندي آهيان، ” ڇو جان، ڇا ڳالهه آهي؟
ماني نه وڻي ڇا؟“ ته هو بي دليءَ سان چوندو آهي،
”نه، مون کي بک ڪانهي.“ روز بک ڪانهي! ٽيئي ويلا
بک ڪانهي! پوءِ هلي ڪيئن ٿو؟ نه، آئون ڄاڻان ٿي ته
هو ڪٿان ٻاهران کائي ٿو اچي. هاڻي ته رات جو به
دير سان گهر اچي ٿو. پلنگ تي منهن ورائي ليٽي ٿو
پئي. آئون کيس ڀاڪر پائڻ چاهيندي آهيان ته چڙي
منهنجون ٻانهون پٽي پري اڇلائيندو آهي، ڄڻ مون کان
ڪراهت ايندي هجيس. جيڪڏهن وس پڄي ته مون سان گڏ
سمهي ئي نه. پر ڊبل بيڊ جو آهي. پورو مهينو ٿي
ويو آهي ته هن مون کي پيار به نه ڪيو آهي. پيار
وڃي کڏ ۾ پئي، پر هو ائين ڇو ٿي ويو آهي! ايترو
بدلجي ڇو ويو آهي!
ثريا کي ياد آيو ته بابين جو ڌاڳو ٽٽي پيو هو ۽ هن
ڪيتري دير کان سبيو نه هو. هوءَ ٺونٺ مشين تي رکي
کاڏي تريءَ تي ٽڪائي وري سوچ ۾ گم ٿي ويئي.
هو مون کي ڪيترو چاهيندو هو! شاديءَ واري رات هن
مون کي چيو هو، ”ثريا! تون شايد اعتبار نه
ڪندينءَ، پر تون منهنجي زندگيءَ ۾ پهرين ۽ آخري
عورت آهين. تون يقين ڄاڻ ته آئون تو کي پنهنجي
زندگيءَ کان به وڌيڪ چاهيندس،“ ۽ آئون هن کي چنبڙي
ويئي هيس. مون هن جي ٻانهن جي پناهه کي قبول ڪري
ورتو هو. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته اها پناهه
عارضي پناهه آهي. ڪو وقت ايندو جڏهن آئون رات جي
اڪيلاين کان ڊڄندي ڏڪندي رهنديس ۽ ڪا به پناهه نه
هوندي منهنجي لاءِ. آصف چئي ٿو ته آئون وهمي
آهيان، مون ته پهرين رات دل جي گهراين سان هن جي
ڳالهين تي اعتبار ڪيو هو. مون ٻڌو هو ته مرد شادي
جي رات اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر مون ته
ڄڻ هن تي ايمان آڻي ڇڏيو هو. اڃا سال مس گذريو آهي
ته اهي سڀ ڳالهيون هوا ٿي ويون. هن کي ڪڏهن ياد
ايندو هوندو ته هن پهرين رات ڇا ڇا چيو هو! هو ته
سڀ وساري چڪو آهي. هاڻي ته جڏهن گهر مان ٻاهر
نڪرندو آهي ته مون کي به وساري ڇڏيندو آهي. پر مون
کي لڳندو آهي ته گهر ۾ به ڄڻ هو منهنجي وجود کان
بيخبر آهي. آخر هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ اهڙي ڪهڙي
ڳالهه آهي جيڪا هو مون کي ٻڌائڻ نٿو چاهي؟ ڪالهه
مون هن کي جڏهن گهڻو چيو تڏهن رڳو ايترو چيائين،
”اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. پر کڻي هجي به ته ان سان
تنهنجو ڪو واسطو ناهي.“ ٺيڪ آهي. مڃيم، ان ڳالهه
جو تعلق کڻي مون سان نه به هجي، پر هن جي جيڪا
پريشاني آهي تنهن ۾ آئون شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي. آخر
هو اها ڳالهه سمجهي ڇو نٿو؟ کيس اها خبر ڪانهي ڇا
ته پاڻ منهنجي ڪل ڪائنات آهي- جيڪڏهن پاڻ پريشان
آهي ته آئون ڪيئن لاتعلق رهي سگهنديس. منهنجا خدا!
هو سمجهي ڇو نٿو....“
ثريا نرڙ کي زور سان مهٽيو. هن کي مٿي ۾ سخت سور
محسوس ٿيو.
هو ايترو پريشان ڇو آهي؟ هن جي پريشانيءَ کيس مون
کان ڪٽي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. آئون هن جي هوندي به
اڪيلي ۽ الڳ آهيان ۽ ڪٽيل ڪٽيل آهيان هن کان. نه،
اهو منهنجي سهپ کان مٿي آهي. هن جي اهڙي حالت هجي
۽ مون کي ڪا خبر نه هجي ۽ آئون هن جي لاءِ ڪجهه به
نه ڪري سگهان! منهنجن هٿن مان، ٻانهن مان، چپن
مان، جسم مان اها قوت ختم ٿي ويئي آهي جيڪا هن کي
سهارو ڏيئي سگهي، هن جو من پرڀائي سگهي. آئون ته
هن جو ٻار وانگر خيال رکندي آهيان. هن کي ڏسندي
آهيان ته من اندر ڪيتري نه خوشي ڀرجي ويندي آهي.
چاهيندي آهيان ته هن کي ڏسندي رهان. هن کي هلندي،
ويهندي، ماني کائيندي ڏسي اندر پيو ٺرندو آهي.
آئون هن کي ڪيترو چاهيان ٿي.... ڪيترو چاهيان
ٿي.... ان جو هن کي ڪو اندازو به ناهي شايد!
اوچتو در جي گهنٽي وڳي ۽ ثريا ڇرڪي اٿي بيهي رهي.
در وٽ وڇي هن پڇيو، ”ڪير آهي؟“
”آئون آهيان.... آصف!“ هو ڄڻ ڪاوڙيو بيٺو هو.
ثريا در کوليو ۽ هڪ آس سان هن جي منهن ۾ ڏٺو. هُو
ائين ئي هو، مُنجهيل مُنجهيل پريشان. آصف هن ڏانهن
نهارڻ کان سواءِ اندر هليو ويو. ثريا در بند ڪري
هن جي پٺيان ويئي، آصف بيڊ روم ۾ وڃي صوفي تي ويهي
رهيو.
”جان، تون ڪپڙا بدلائي وٺ، تيسين آئون ماني گرم
ڪري کڻي ٿي اچان،“ ثريا چيو.
”نه، تون تڪليف نه ڪر،“ آصف جو ٻُڏل آواز اوڀريو.
هن ڄڻ ڪوشش ڪري اهو جملو چيو هو.
”ڇو؟“ ثريا کي اهو جملو ڏاڍو ڏکيو لڳو. ”تڪليف ته
ڌارين لاءِ ڪبي آهي. تون مون کي ڌاريو....“
”او ثريا، پليز!“ آصف هٿ مٿي کڻي هن کي وڌيڪ چوڻ
کان روڪي ورتو.
”تون ماني کائي آيو آهين ڪٿان؟“ ثريا پنهنجي ڪاوڙ
کي ضبط ڪندي چيو:
“نه، مون کي بک ڪانهي.“
ثريا هيٺئين چپ کي چڪ پاتو. هن کي ڊپ هو ته ڪٿي
هوءَ پنهنجو پاڻ تان ضابطو وڃائي نه ويهي ۽ جيڪڏهن
ڳالهه شروع ٿي ته پوءِ الائي ڇاڇا ڳالهائي ويندي.
”تون هيڏانهن اچي ويهه،“ آصف هن کي پاڻ ڏي سڏيو.
”مون کي تو سان ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي،“ آصف
ديوار ڏانهن ڏسي رهيو هو.
ثريا هن ڏانهن غور سان ڏٺو ۽ پوءِ هيٺ قالين تي
رکيل مشين وٽ ويهي رهي. آصف خاموش رهيو. ثريا هن
ڏانهن ڏسندي رهه. هو ڪيڏو لهي ويو هو ۽ ڪيترو
پريشان پريشان پئي لڳو. ثريا جي دل ۾ هن جي لاءِ
اٿاهه همدرديءَ جي لهر اٿي. هن چاهيو ته اٿي سندس
پاسي ۾ وڃي ويهي ۽ هن جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکي
سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي. پر هوءَ اٿي نه
سگهي ۽ هن چيو،”توهين ايترا پريشان ڇو آهيو؟“
ثريا کي خبر هئي ته سندس ان رٽيل سوال جو رٽيل
جواب ئي ملندو: ’نه، اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.‘ پر
آصف خاموش رهيو. هن رڳو ثريا ڏانهن هڪ ڀيرو ڏٺو ۽
پوءِ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ لڳو.
ثريا کي خيال آيو ته هوءَ رڙيون ڪري مٿو ديوار سان
ٽڪرائي ۽ چوي: ’مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو
تون مون کي ايترو ٽارچر پيو ڪرين!‘
”ثريا!“ آصف آهستي چيو ۽ هڪ ڀيرو هن ڏانهن ڏسي
نظرون هٽائي هيٺ ڏسڻ لڳو.
”مون کي خبر آهي ته مون تو کي ڏاڍو پريشان ڪيو
آهي. مون چاهيو ٿي ته مسئلي جو ڪو حل نڪري اچي، پر
مون کي ڪو به رستو نظر نٿو اچي. آئون به پريشان
رهان ۽ تو کي به پريشان ڪريان، ان کان بهتر آهي ته
ڳالهه هڪڙي پاسي ٿئي.....“ هو چپ ٿي ويو.
ثريا کي هڪ اڄاتو خوف محسوس ٿيو. هن جي دل زور سان
ڌڙڪڻ لڳي. هانءُ ٻڏڻ لڳو.
”ثريا، پاڻ ٻنهي لاءِ بهتر اهو آهي ته اسين هڪٻئي
کان الڳ ٿي وڃون. جن حالتن ۾ اسين گڏ رهون پيا،
تنهن کان نه رهڻ ئي چڱو آهي. مون کان تو کي سواءِ
پريشانين جي ٻيو ڪجهه نه ملي سگهي شايد.... مون کي
افسوس آهي- پر آئون..... آئون ڪنهن کي چاهيان ٿو،
هن کان سواءِ زندهه نٿو رهي سگهان، ان حالت
۾....“ هو خاموش ٿي ويو.
رڙ ثريا جي گلي ۾ اچي اٽڪي پئي. هن کي لڳو ته سندس
هٿن پيرن مان ساهه نڪري ويو هو. پوءِ به الائي
ڪيئن هوءَ اٿي بيهي رهي.
”تون ماني کائي ڪونه آيو هوندين. آئون تنهنجي لاءِ
ماني گرم ڪري کڻي ٿي اچان،“ هو يڪساهي چئي ويئي ۽
هن کي پنهنجو پاڻ تي حيرت لڳي.
آصف هن کي هٿ جي اشاري سان روڪيو.
”نه، تون ويهه، مون کي تو سان ڳالهائڻو آهي.“
هوءَ بيٺي رهي. هن جون ٽنگون سڪي ڪاٺ بنجي ويون
هيون.
”بهتر آهي ته اسين فضيلت سان هڪٻئي کان الڳ ٿي
وڃون. منهنجو مطلب آهي ته الڳ ٿيڻو ئي آهي ته پوءِ
هروڀرو جي گهِل مان ڇا حاصل! ڳالهه وڌندي ته ان
مان ورندو ڪجهه ڪونه. بهرحال، تو کي جيڪي کپي سو
تون کڻي سگهين ٿي. ٻيو به تولاءِ آئون جيتري قدر
ڪري سگهيس، سو ضرور ڪندس. ۽ ...“
”تون..... تون.... آئون تولاءِ ماني کڻي ٿي
اچان....“ ثريا تڪڙ ۾ هن جي ڳالهه ڪاٽي ۽ پوءِ
تڪڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي. هوءَ رڌڻي ۾ گئس جي
چلهي وٽ اچي بيٺي. هن ماچيس کڻي تيلي ٻاري ۽ ٻريل
تيلي چلهي جي برنر ويجهو آندي. چلهو ڀڙڪو کائي ٻري
پيو. ثريا جي گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو اوچتو نڪري آيو. هن
جو هانءُ ڄڻ ڦسي پيو ۽ پوءِ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي
روئڻ لڳي. |