ورجاءُ
”تون اهو ساڳيو نه رهيو آهين....“
(۽ هن سوچيو ڇا واقعي ساڳيو نه رهيو هو!)
”ڇا ٿي ويو آهي مون کي؟“
”تون بدلجي ويو آهين. تون اهو نه رهيو آهين...“
(۽ هن سوچيو ڇا ٿي ويو آهي هن کي!)
”پر آئون ته ساڳيو آهيان. مون کي ته پاڻ ۾ ڪا به
تبديلي نظر نٿي اچي.“
”تو کي ڪيئن نظر ايندو! تو کي ته اهو به محسوس نٿو
ٿئي ته تو ۾ ڪيتري قدر تبديلي ايندي پئي وڃي. آئون
گهڻي وقت کان ڏسان پئي ته اهو ساڳيو نه رهيو
آهين.“
هن کي چڙ آئي ان ڳالهه تي. اها ڪهڙي تبديلي هئي
جنهن جو احساس کيس نه ٿيو هو. هن چڙ کي لڪائيندي
چيو، ”نه صائمه، اهو تنهنجو وهم آهي. مون کي ڪجهه
به نه ٿيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ماڻهو هر وقت
هڪ جهڙو نٿو رهي. ماڻهو ته ماڻهو آهي، پر دنيا
جي ڪا به شئي سدائين ساڳي نٿي رهي. ماڻهو ته وقت ۽
حالتن جي اثر هيٺ آهي. عمر وڌڻ سان گڏ ماڻهوءَ ۾
ڪي تبديليون اوس اچن ٿيون. جيڪڏهن ڪا ڳالهه آهي ته
اها ئي ٿي سگهي ٿي.“ هن کي لڳو ته هو خشڪ انداز ۾
اهو سڀ چئي ويو هو.
” آئون نٿي ڄاڻان. اهڙيون ڳالهيون ڪري مون کي
منجهائيندو نه ڪر.مون کي تنهنجي رويي ۾ تبديلي
محسوس ٿي آهي. بس....“ صائمه ڪاوڙ مان چيو.
هن کي صائمه جي ڪاوڙ کان هميشه ڊپ لڳندو هو. ڪاوڙ
۾ هوءَ ڪا ٻي صائمه لڳندي هئي. ايتري پري ڄڻ ڪڏهن
ويجهو نه رهي هئي. گهڻي ڪاوڙ ۾ دورو پئجي ويندو
هوس ۽ الائي ڇا ڇا چئي ويندي هئي. ڪاوڙ جي پڄاڻي
روئڻ تي ٿيندي هئي.
هن ڪوشش ڪئي ته ڳالهه نه وڌي، هن ٿڌي لجهي ۾ چيو.”چڱو
تون ئي ٻڌاءِ، آئون ڪيئن بدلجي ويو آهيان؟“
”تو کي ننڊ کان فرصت هجي ته ڪا خبر پوئي. ماڻهوءَ
جون رڳو جسماني ضرورتون ڪونه هونديون آهن، ذهني
ضرورتون به هونديون آهن. مون کي ته لڳندو آهي تون
مون سان ملندo
آهين رڳو جسماني ضرورتن جي پورائي لاءِ، تنهن کان
پوءِ تون ائين سمهي پوندو آهين، ڄڻ تنهنجو مون سان
ڪو واسطو ئي ڪونه هوندو آهي. آئون چاهيندي آهيان
تون مون کي ڪجهه ٻڌائين، مون سان ڳالهائيندو رهين،
پر جي ننڊ تو کي ڇڏي! اڳي ته سڄي سڄي رات تو کي ڪو
جهوٽو به ڪونه ايندو هو ۽ هاڻي رات جو ٻين لڳين
کان پوءِ فنا ٿيو وڃين!“ هن جي ڪاوڙ وڌندي وئي.
”بس، سڪ پوري
ٿي! تون ڪهڙو روز روز ٿو اچين مون وٽ، مهيني ۾ ڪو
هڪ ٻه ڀيرا ته ملين ٿو، سو به تو کي ننڊ وڌيڪ
پياري هوندي آهي.“
(۽ هن سوچيو: جڏهن تون نه هئين ته ننڊ به ڪانه
هئي).
”تو کي خبر آهي ته آئون اڳي ننڊ جون گوريون
کائيندو هوس،نه ته سڄي رات جاڳندي لڇندي گذاريندو
هئس.“
”ها خبر اٿم. تو ئي ٻڌايو هو. پوءِ هاڻ ڇا ٿي ويو
آهي تو کي؟“
”تو کي اها به خبر آهي ته گورين کائڻ کان پوءِ
جيڪا ننڊ ايندي هئي ان ۾ آئون لڇندو ڦٿڪندو ۽
رڙيون ڪندو هوس....“
صائمه چڙ مان هن ڏانهن ڏٺو.
”ها ها، خبر آهي مون کي. تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
(۽ هن سوچيو: آئون ڇا ٿو چوڻ چاهيان!)
تڏهن هن کي ڪجهه ياد آيو.....
صائمه جڏهن پهريون ڀيرو سندس ڪمري ۾ آئي هئي ته هن
چيو هو، ”آئون ڏسڻ ٿي چاهيان ته اوهان جو ڪمرو
ڪيئن آهي؟“ ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي کلندي
چيو هئائين، ”ڪمرو ته پوري لئبريري آهي. هي ڪٻٽ جا
طاق هميشه کليا پيا هوندا آهن ڇا؟
مون کي چڙ ايندي آهي، ان ڳالهه تي،“ هن ڪٻٽ وٽ
وڃي کليل طاق بند ڪرڻ چاهيا. اوچتو هن جي نظر ڪٻٽ
۾ رکيل ننڊ جي گورين جي شيشي تي پئي. هن شيشي کنئي
۽ هن ڏانهن ڏٺو.
”هي گوريون اوهان کائيندا آهيو؟“صائمه حيرت مان
چيو.
”نه,
مون وٽ جيڪو مهمان ايندو آهي، ان کي کارائيندو
آهيان.....“ هن ڳالهه کل ۾ لنوائڻ چاهي.
”ڏسو، آئون سيريس آهيان. مون کي سچي ٻڌايو. اوهان
کائيندا آهيو هي گوريون؟“
”ظاهر آهي
Aئون
ئي کائيندو هوندس....“ هو اڃا به مذاق جي موڊ ۾
هو.
”ڇو؟ اوهان کي ڪهڙي ضرورت آهي انهن جي؟“
”اوهان جو ڇا خيال آهي ته مون کي شوق هوندو انهن
گورين کائڻ جو....“ هو کلڻ لڳو.
”ننڊ جون گوريون ته اهي ماڻهو کائيندا آهن جن کي
ننڊ نه ايندي آهي. پر اوهان ڪڏهن کان هي گوريون
کائيندا رهيا آهيو؟“ هوءَ ڪمري ۾ پيل اڪيلي ڪرسيءَ
تي ويهي رهي. شيشي هن جي هٿ ۾ ئي هئي.
هو دريءَ وٽ ٽيڪ ڏئي بيٺو رهيو.
”آئون انهن گورين جو عادي ڪونه آهيان. ياد ناهي ته
گهڻا سال ٿيا آهن جو مون کي راتين جو جاڳڻ جي
بيماري ٿي، تڏهن مون پرواهه نه ڪئي. ننڊ نه اچي ته
نه اچي، راتين جو جاڳڻ، دوستن سان گڏ رلڻ ۽ ڪچهرين
ڪرڻ جو به پنهنجو هڪڙو چارم هوندو آهي. پر پنج ڇهه
سال ٿيا ته اهو چارم به ختم ٿي ويو آهي. هاڻي ننڊ
نٿي اچي ته طبيعت خراب ٿيو پئي. لاچار مون هي
گوريون وٺڻ شروع ڪيون. پر اهي گوريون آئون روز
ڪونه کائيندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڊپريشن حد کان
وڌي ويندي آهي ۽ دماغ جون رڳون ڦاٽڻ لڳنديون آهن
ته لاچار هي گوريون کائيندو آهيان.“
”پر آخر ڇو؟ اوهان ته بلڪل نارمل ٿا لڳو، ايتري
ڊپريشن جو ڪو سبب؟“
تڏهن هو کليو هو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا هئائين.صائمه
پهرين ته وائڙي ٿي هن کي ڏٺو۽ پوءِ هوءَ ساڻس گڏ
کلڻ لڳي.
”مون اهڙي ڪهڙي کل جي ڳالهه ڪئي؟“ صائمه کلندي
پڇيو.
”تون سوال وڪيلن وانگر ٿي پڇين. هڪڙي ڳالهه چوان:
تون جيڪڏهن ايل ايل بي ڪرين ته هڪ ڪامياب وڪيل
بنجي سگهين ٿي“
” ان ڳالهه تي تو ايڏا ٽهڪ ڏنا“ هوءَ چڙي پئي.
تڏهن هن کي خيال آيو ته صائمه جي چڙ تمام پياري
هئي ۽ هن چاهيو ته اٿي سندس مک کي چمي وٺي.
”نه بابا، مون کي کل ان ڳالهه تي آئي ته تو کي
بلڪل نارمل ٿو لڳان. ڪو به ماڻهو نارمل ڪونه هوندو
آهي ۽ آئون نارمل هجان ها ته پوءِ سڪون سان ستو نه
پيو هجان ها.“
”سڪون ڇو ناهي؟ ڪهڙي ڪمي آهي، اوهان جي زندگيءَ
۾؟“
”ماڻهو جيڪي ڪجهه چاهيندو آهي اهو سڀ ته خير نه
ملندو آهي، پر ڪي ماڻهو ته بنهه بدنصيب هوندا آهن،
انهن کي ته صفا ڪجهه به نه ملندو آهي. ملنديون آهن
ته رڳو محروميون، رڳو اڪيلايون ۽ اهي ڄورن وانگر
ذهن کي چنبڙيون پيون هونديون آهن. ڪو وقت ايندو
آهي جڏهن اهو سڀ سهپ کان ٻاهر ٿي ويندو آهي،“ هو
ڪمري ۾ پيل لوهي کٽ تي ويهي رهيو هو.
”اوهان ته شادي به ڪئي هئي. پوءِ ته اوهين اڪيلا
نه هئا!“
”ماڻهو ميڙ ۾ به پاڻ کي اڪيلو ڇو محسوس ڪندو آهي؟
آئون رستي تان ڪنهن کي پڪڙي هن ڪمري ۾ اچي ويهاري
ڇڏيان ته ڇا منهنجي اڪيلائي دور ٿي ويندي؟ ائين ته
وڌيڪ بيچيني ٿيندي. اهڙي موجودگي ته هيڪاري آزار
آهي، تنهن کان ته هيءَ اڪيلائي چڱي آهي.“
”۽ ننڊ جون گوريون....“صائمه هن جي گنڀيرتا کي
ٽوڙڻ چاهيو.
”ها، ننڊ جون گوريون وڌيڪ بهتر آهن.“
”اوهين اهي گوريون ڇڏي نٿا سگهو؟“
”مون کي ڪو شوق ڪونهي انهن گورين جو.“
”ته پوءِ وعدو ڪريو ته اڄ کان پوءِ هي گوريون نه
رکندا پاڻ وٽ.“
هو ڳچ دير تائين صائمه کي ڏسندو رهيو.
”ڏسو ڇا پيا؟ منهنجو ايترو حق به نه آهي اوهان تي؟
منهنجي خاطر ايتري تڪليف به نٿا سهي سگهو!“
”آئون تنهنجو حق مڃان ٿو،“ ۽ هو کليو.
”ٺيڪ آهي، آئون آئيندي هي گوريون نه کائيندس.“
هن ڏٺو ته صائمه جي پٺي هن ڏانهن هئي. هن سڏ ڪيو.
پر صائمه چري به ڪانه، هن ڪلهي کي لوڏيندي چيو،
”صائمه، هيڏانهن منهن ڪر.“
”ڇڏ، مون کي ننڊ پئي اچي،“ صائمه هن جي هٿ کي
هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن زوريءَ ڇڪي صائمه جو منهن پاڻ ڏانهن ڪيو.
”نه، مون کي خبر آهي ته تو کي ننڊ ڪانه پئي اچي،
ڏس صائمه، تون هروڀرو ڪاوڙجي پنهنجو رت نه ساڙ.“
”توکي ته ڏاڍي پرواه آهي منهنجي. تون ايتري دير
ڪٿي هئين؟“
”تو وٽ ئي ته هوس.“
”تو وٽ ئي ته هوس!“ صائمه ڪاوڙ مان اهل ڪئي. ”مون
وٽ ته رڳو تنهنجو جسم آهي. ذهني طور تون الائي ڪٿي
هئين!“ (۽ هن چاهيو ته اٿي هليو وڃي.)
”تون ايتري شڪي ڇو ٿي پئي آهين! بابا، آئون اتي ئي
هوس.“
”تون اتي هئين! ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين، تو ايترو وقت
ڇا پئي سوچيو؟“
”ڪا خاص ڳالهه نه هئي،“ هن بيزاري مان چيو.
”خاص ڳالهه نه هئي، ته عام ڳالهه ئي ٻڌاءِ ڪهڙي
هئي؟“
”آئون پاڻي پي اچان،“ هن اٿي ٻاهر وڃڻ جي ڪئي.
صائمه هن کي ڇڪي وري ليٽائي ڇڏيو.
”پهرين مون کي ٻڌاءِ تو ڇا پئي سوچيو؟“
”ڌوڙ...“ هن جي چڙ ٻاهر ڦاٽ کاڌو.
”منهنجو اندازو صحيح نڪتو. تو اهو ئي سوچيو پئي ته
هن مصيبت مان ڇو اچي ڦاٿو آهان، جيڪا ننڊ ڪرڻ به
نٿي ڏي.“
”او صائمه خدا جي واسطي! تو کي ڇا ٿيو آهي، تون
اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي چئين، جيڪي آئون ڪڏهن
سوچيندو به ڪونه آهيان.“
”نه نه، تون ته ڏاڍو معصوم آهين. هاڻي سمهي رهو،
شاباس.“ صائمه ڳٽڪار ڪري هن جي مٿي تي هٿ ڦيرايو.
”تنهنجون اکيون وري پيون ٻوٽجن،“ صائمه هن کان پري
هٽندي چيو.
هو به چپ چاپ ليٽيو رهيو ڪاوڙ ۾.
(۽ هن سوچيو: هيءَ مون کي ايترو غلط ڇو ٿي سمجهي!)
ڳچ دير گذرڻ کان پوءِ به صائمه ۾ ڪا چرپر نه ٿي.
هن کي خبر هئي ته صائمه دت هڻي سمهڻ جي ماهر هئي.
هونءَ ته هوءَ رسندي به هئي ته وري پرچائيندي به
پاڻ هئي. ۽ چوندي هئي، ” تو کي ذرو به شرم ڪونهي،
ڪاوڙ به مون کي، ته وري پرچايان به آئون تو کي.“
پر هن ڀيري هن کي لڳو ته صائمه کي گهڻي ڪاوڙ هئي.
هن پنهنجو منهن صائمه جي ڪلهي تي رکيو ۽ چيو،
”ڇاهي بابا! ماڻهو ايترو رسندو آهي ڇا؟“ هن صائمه
جي ڪلهي کي ڇڪي سندس رخ پاڻ ڏانهن ڪرڻ چاهيو.
”ڇڏ مون کي، آئون ستي پئي آهيان،“ صائمه پاڻ ڇڏائڻ
جي ڪوشش ڪئي.
”تو کي ڇڏي آئون ويندس ڪيڏانهن.“
صائجه هڪدم اکيون کولي هن کي ڏٺو ۽ پوءِ چڙ مان
چيو،”ڇو، تنهنجي لاءِ ته اها نئين ڳالهه ڪانهي،
تنهنجي لاءِ ته اها سولي ڳالهه آهي....“
”تو کي ڇڏڻ چاهيان ها ته آئون هتي نه هجان ها.“
”اهو تون منهن ڌوئي ڇڏ ته تو کي ڪير ڇڏيندو ائين
ڪرڻ لاءِ...“
هن کي کل اچي وئي ۽ هن ڏٺو ته صائمه به کلي پئي
هئي.
”مون وٽ هوندي به تون الائجي ڪٿي هوندو آهين! يا
ته ستو پيو هوندين يا وري الاجي ڇا پيو سوچيندو
آهين!“ هن رسڻهارڪي آواز ۾ چيو.
”تو کي مون تي اعتبار ڪونهي؟“
”توتي اعتبار! مون کي تنهنجي افعالن جي اڳي ئي خبر
آهي.“ صائمه ٻئي طرف پاسي ورائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
هن کيس ڇڪي پنهنجي ويجهو آندو.
”ٺهيو هاڻي.....“ هن پرچائڻ لاءِ چيو.
”مون کي زهر لڳندو آهي تنهنجو اهو جملو...... مون
ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته مون کي ائين نه چوندو ڪر.
اهو ڪو طريقو آهي پرچائڻ جو!“ صائمه ڇڏائڻ لاءِ
پاڻ کي ڦٿڙاٽيو، پر هن کيس سوگهو جهليو هو.
”ڀلا معافي، توبنهه ڪئي مون....“
”دل سان ٿو چئين.“
”ها، سچي دل سان.“
”صفا ڪنو.....“
(۽ هن ڏاڍيان سوچيو: مون کي کپي.....)
۽ پوءِ هو سمائجي ويا هڪ ٻئي ۾.
اڻ کٽ پڇاڙي
۽ پوءِ تو چيو پر خاموشي گهري هئي ايڏي گهري سمنڊ
جي گهراين کان به گهري جنهن جو ڪو انت نه هو
ايستائين جو سئي جي ڪرڻ سان به ڌماڪو ٿئي جيڪر
تڏهن تو چيو پر آواز گهرائي ۾ غرق ٿي ويا ۽ پوءِ
ڪو سر نه هوندو سر جي مڌرتا نه هوندي هوا جو ۽ وڻن
جو ۽ سرءُ جي سڪل پنن جو هوندو سنسان سنگيت ۽ وعدا
هئا لفظن ۾ لفظ جن کي ڪا معنيٰ ڪانهي آهي معنيٰ
خاموشيءَ کي ۽ اتي ڪوبه ڪنهن جو نه هوندو اڪيلائي
ازلي آهي ۽ ابدي آهي پر تو چيو هو راهه هڪ هئي
پوءِ به قدم ڌار هئا قدمن جا نشان به الڳ هئا هر
ڪو ڌار آهي ۽ الڳ آهي
اسين گڏجي هليا هئاسين ڪجهه گهڙين لاءِ هيون ٻنهي
جون وکون ساڳيون تڏهن اسان سمجهيو هو غلط ئي
سمجهيو هو ته ساڳي واٽ تي هلندا رهنداسين هميشہ
- تون مون کي وساري ته نه ڇڏيندين
- نه آئون تو کي وساري نه سگهندس جو وسارڻ منهنجي
وس ۾ نه هوندو ۽ آئون تو کان موٽ ۾ اهو نٿو پڇان
ته تون مون کي وساريندينءَ ته نه جو آئون ڄاڻان ٿو
ته وسارڻ تنهنجي وس ۾ به نه هوندو
- مون ته ڳالهائڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي هئي سا ته مون
کي به خبر هئي ته اهي سڀ ڳالهيون غير ضروري
ڳالهيون آهن جن جو چوڻ اجايو آهي ۽ پاڻ تڪليف ٿي
ٿئي انهن ڳالهين ڪرڻ سان پر ماٺ ڪرڻ سان من منجهي
ٿو |