”آئون ڪو خوشيءَ سان ٿو کنگهان! کانگهارا اچن ٿا
ته ڪيڏانهن ڪريان؟“ غلام محمد دٻيل لهجي ۾ چيو.
”ادا! بابا کي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏ. گهر ۾
سڀني کي بيمار ڪندو،“ احمد انور کي چيو.
”ها ابا! پڇاڙيءَ ۾ پٽن کان اهو پڄندو. وٺي وڃي
ڪنهن اسپتال ۾ اڇلائي اچو. سڀني جي جند ڇٽي پوندي.
غلام محمد ڏک مان چيو.
”هاڻ ٻڌو رنن وارا مهڻا!“ مريم انور ۽ احمد ڏانهن
نهاري چيو.
”ان سوران ته بابا سان ڳالهايون ڪونه،“ انور ڪاوڙ
مان چيو. غلام محمد چپ ٿي ويو. هو سمجهي ويو ته
هاڻ وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب ڪونهي. اجايو ڳالهه وڌي
ويندي.
”ابا، هيءُ پيءُ ڪونهي، دشمن آهي ٻچن جو!“ مريم
ڪاوڙ مان منهن ڦيرائي ليٽي پئي.
غلام محمد کي اڃ لڳي. پر هن کي خبر هئي ته اها
ڳالهه ڪرڻ ئي اجائي هئي. پٽ ته ٺهيو، پر زال به
اٿي هن کي پاڻي ڪا نه پياريندي . هو کٽ تان اٿي
ڪولر ڏانهن ويو هو. هن کي پنهنجو خاص گلاس مقرر
جاءِ تي رکيل نظر نه آيو. هن هيڏانهن هوڏانهن
نهاريو.
”منهنجو گلاس ڪٿي آهي؟“هن لاچار ٿي مريم کان پڇيو.
”اتي ڪٿي پيو هوندو،“ جوڻس وراڻيو.”پنهنجو گلاس
سنڀالي رکندو ڪر.“
”آئون جتي رکندو آهيان، اتي ته نظر ئي ڪونه ٿو
اچي!“ غلام محمد شڪايت واري لهجي ۾ چيو.
”ها تنهنجو گلاس سونو آهي! ڪير چورائي ويو
هوندو...“ جوڻس ٽوڪ مان چيو.
”اسين ته ان گلاس کي هٿ به ڪونه لائيون،“ احمد
چيو. ” ان گلاس ۾ پاڻي پي ڪنهن کي بيمار ٿيڻو
آهي.“
غلام محمد کي ڪاوڙ اچي وئي.
”مون کي ڪهڙي سلهه آهي جو منهنجي گلاس ۾ ڪير پاڻي
پيئندو ته بيمار ٿي پوندو!“
”سلهه کي ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن! باقي اهي کانگهارا ڇا
جا آهن؟ ڏسيو دل ڪچي ٿيو پوي.....“ جوڻس چڙ مان
چيو.
”بابا پڙهي لکي الاجي ڪيڏانهن ڪيو! گهر ۾ جتي ڪٿي
کانگهارا اڇلائيندو وتي.....“ انور منهن ڦٽائي
چيو.
غلام محمد ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو ته هن جي نظر پنهنجي
گلاس تي پئي، جيڪو پريان ڪنڊ ۾ هيٺ پٽ تي پيو هو.
هن کي ڪولهين ۽ مينگهواڙن جا گلاس ۽ ڪوپ ياد آيا،
جيڪي ننڍن شهرن جي هوٽلن ۾ ڪنهن مقرر جاءِ تي پيل
هوندا آهن. هو هاڻ پنهنجي گهر ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ ٿي
ويو هو. هن گلاس کنيو ڪولر مان پاڻي ڀري پي هن
گلاس کي مقرر جاءِ تي رکيو ۽ پوءِ اچي کٽ تي ليٽي
پيو.
’لعنت آهي ههڙي جيئڻ تي! ماڻهو پوڙهو ٿي ڪيڏو ذليل
خوار ٿو ٿئي. سٺ سالن کان پوءِ نوڪريءَ تان رٽائرڊ
ٿيڻ سان گڏ ماڻهو زندگيءَ تان به رٽائرڊ ٿي وڃي ته
سٺو. ٻاهر ته ڪير ڪونه پڇي، پر گهر ۾ به ڪا عزت
ڪانه هوندي آهي.‘
هن کي احساس هو ته هاڻ هو ڪنهن ڪم جو نه رهيو هو،
پر هو جڏهن نوڪري ۾ هو، تڏهن به گهر وارا هن مان
مطمئن ڪونه هئا. رٽائرڊ کان پوءِ گهر وارن جي هن
جي خلاف وڏي شڪايت اها هئي ته هن نه پاڻ کي ٺاهيو
۽ نه ٻچن جي آئيندي لاءِ ڪجهه ڪيو.
”تون جڏهن رٽائرڊ ٿيندين ته سرڪار توکي تنهنجي
ايمانداريءَ جي ڪري سون ۾ توريندي،“ زال هن کي
ٽوڪون هڻندي هئي. تڏهن غلام محمد جو به رعب هو،
زال کي دڙڪو ڏئي چپ ڪرائي ڇڏيندو هو. پر هاڻ ته
اهو رعب ئي ڪونه رهيو هو. مريم ۽ ٻارن جي اڳيان
جهڙوڪر ويچارو ٿي پيو هو. انور ساڻس گهڻو ڪري
ڳالهائيندو ئي ڪونه هو. ڪڏهن ڳالهائيندو به هو ته
ڪاوڙ مان.
”تو اسان لاءِ ڪيو ڇا؟ ڪار ته ٺهي، تو اسان کي
سائيڪل به ڪانهي وٺي ڏني ۽ تو کان گهٽ گريڊ وارن
جا ٻار سارن ۾ چڙهيو پيا گهمن.“
انور موٽر سائيڪل جي پراڻي ڳالهه وساري نه هئي.
غلام محمد جڏهن نوڪري ۾ هو ۽ انور ڪاليج ۾ پڙهندو
هو، تڏهن هن موٽر سائيڪل وٺي ڏيڻ لاءِ ضد ڪيو هو.
غلام محمد سختيءَ سان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هڪڙو
ٺيڪيدار غلط بل پاس ڪرائڻ لاءِ غلام محمد جي گهر
جا چڪر هڻڻ لڳو. غلام محمد ته ساڻس ڪونه ملندو هو،
پر ٺيڪيدار انور جو موٽر سائيڪل وارو شوق معلوم
ڪري ورتو هو. ٺيڪيدار هڪ نئين موٽر سائيڪل وٺي
انور کي ڏئي ويو. غلام محمد گهر ۾ موٽر سائيڪل ڏٺي
ته باهه ٿي ويو. هن انور کان موٽر سائيڪل ڦري
ٺيڪيدار کي واپس ڪري ڇڏي. انور ۽ مريم ان ڏينهن
فيصلو ڪري ڇڏيو ته غلام محمد سندن دشمن هو.
اٽو، لٽو، ۽ اجهو غلام محمد جي هٿ ۾ هو، ان ڪري
گهر وارا مجبور هئا، نه ته هو گهر ۾ وڻندو ڪنهن کي
ڪونه هو. اها دٻيل نفرت هاڻ ظاهر ٿي پئي هئي.
غلام محمد به سمجهي ويو هو ته هو گهر ۾ جهڙوڪر
اوپرو ماڻهو هو. پر هن جي ٻي ڪا واهه ڪانه هئي.
پنهنجي ئي گهر۾ هن جي حيثيت ڏوهاريءَ واري هئي.
’ايمانداري منهنجي لاءِ ذهني تسڪين هئي يا هڪ ضد
هو؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. هن جي ان ضد جي ڪري ڪيترن
ماڻهن کي تڪليف پهتي هوندي! هن جو ڪنهن تي به
اعتبار ڪونه هو. هن جو هر ڪنهن تي شڪ هوندو هو ته
ماڻهو کانئس بي ايماني ڪرائڻ چاهين ٿا. ان شڪ ۾ هو
ماڻهن جا جائز ڪم به رلائي ڇڏيندو هو. هو جيستائين
نوڪريءَ ۾ هو ماڻهو بيزار هئا هن مان ۽ هاڻ گهر
وارن تي بار هو. هن کي لڳو ته هو هن سوسائٽيءَ ۾
يا شايد دنيا ۾ ئي مسفٽ هو، پر هاڻ ان ڳالهه تي
سوچڻ اجايو هو. هن زال ۽ ٻارن ڏانهن نهاريو. سڀ
سمهي چڪا هئا. هن جي نڙيءَ ۾ وري سرڙاٽ ٿيو. هن جا
ٻئي هٿ پنهنجي گلي ڏانهن کڄي ويا، کنگهه کي دٻائڻ
لاءِ. سندس اکيون ٻاهر نڪري آيون. هو وڏيءَ تڪليف
سان کٽ تان اٿيو ۽ چپ ڀيڪوڙي دٻيل نموني کنگهندو
ڪاڪوس ۾ گهڙي ويو. پوءِ ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. هو
هڪڙو هٿ سيني تي ۽ ٻيو هٿ وات تي رکي کنگهندو
رهيو.
نيٺ بهار ايندو
اسان جو هڪڙو باغ آهي، اجڙيل ۽ ويران باغ... پر
ڪنهن وقت، وڏا ڳالهيون ٿا ڪن، اسان جو باغ اهڙو سر
سبز ۽ آباد هو جهڙي جنت. باغ جي وچ ۾ صاف شفاف
پاڻيءَ جي هڪ ڍنڍ هئي جنهن ۾ هنج ترندا رهندا هئا.
اسان جي باغ جي سونهن جي پري پري هاڪ پکڙيل هئي.
ڪٿان ڪٿان ٿڪل ٽٽل، اڃايل بکايل مسافر هتي اچي ٿڪ
لاهيندا هئا، مٺا مٺا ميوا کائي، ڍنڍ جو ٿڌو پاڻي
پي وسرام ڪندا هئا. اسين ڀائر اهي ڳالهيون ٻڌي
چوندا آهيون: جيڪر اسين به ان وقت هجون ها! منهنجي
دل ڏک وچان ڀرجي ايندي آهي. اهڙي سهڻي باغ جي
سونهن آخر ڇو کسجي ويئي؟ مان سڄا سڄا ڏينهن هن
ويران باغ ۾ ويٺو اهو ئي ويچاريندو رهندو آهيان.
مون کي الائي ڇو هن جي سڃ ۽ ويرانيءَ سان به بي
انتها پيار آهي. هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي اهڃاڻن ۾
ايڏي عظمت آهي جو ماڻهو ڏسندو ئي رهي. هن جي سڪل،
جهونن وڻن ۾ به ايتري پنهنجائپ هوندي آهي جهڙوڪر
اسان جا وڏا پريا مائٽ. جيڪر هنن وڻن کي زبان هجي
ته مان کانئن پڇان:
”هي ڪهڙو وئل وهيو! باغ جي سونهن ۽ سوڀيا کي ڪهڙي
سرءُ ساڙي ڇڏيو! هتي سهڻا سٻاجهڙا پکي رهندا
هوندا... ڪويل جون ڪوڪون، مورن جا ناچ، هنجن جون
هيجون، اهي سڀ ڪيڏانهن ويون؟“ پر افسوس وڻن کي
زبان ڪانهي، هوا هنن سان ٽڪرائجي ٿڌا شوڪارا
ڀريندي لنگهي ويندي آهي. منهنجن سوالن جو جواب فقط
ڪانون جي ڪان ڪان آهي، ڳجهن جون مردار رڙيون آهن،
۽ چٻرن جون ڀوائتيون چيخون آهن. مان جڏهن به باغ ۾
ايندو آهيان ته هڪ جهور پوڙهي وڻ وٽ وڃي ويهندو
آهيان. هن جي ويڪري ٿڙ سان ٽيڪ ڏيئي، ليٽي، پنهنجي
باغ تي سوچيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ننڊ کڄي
ويندي آهي ته عجيب عجيب سپنا ڏسندو آهيان. هڪڙي
عجيب ڳالهه آهي: اونهاري جي مند ۾ سخت گرمين ۽
ڪاڙهن ۾ به جڏهن ماڻهو هن ويران باغ ۾ ايندو آهي
ته فرحت وٺي ويندي آهي. مان ته سخت گهٽن ٻوساٽن ۾
ڏينهن جا ڏينهن هن وڏي ۽ جهوني وڻ سان ٽيڪ ڏيئي
ويٺو هوندو آهيان. منهنجو هن پوڙهي وڻ سان عجيب
دلي لڳاءُ ٿي ويو آهي.
هڪ ڏينهن ائين اکيون پوري، خيالن ئي خيالن ۾ باغ
کي سرسبز ۽ آباد ٿيندو ڏسي رهيو هوس. حد نظر تاءِ
چهچ سائي ڇٻر پکڙيل هئي، جنهن تي مور ٽلي ۽ نچي
رها هئا. سڪل وڻ ساوا ٿي ڦولارجي ويا هئا. ڪويل جا
مٺا مٺا گيت مون کي لوليون ڏيڻ لڳا.
تڏهن اوچتو اتر کان هڪ طوفان ڌوڪيندو آيو. رڳو جهڙ
۽ انڌڪار ئي نظر ٿي آيو. ويجهو آيو ته مون ڏٺو:
ڪانون ۽ ڳجهن جو هڪ ڪٽڪ هو، جيڪو اک ڇنڀ ۾ سهڻي
سرسبز باغ تي ماڪڙ وانگر ڇانئجي ويو. ڪويل جا گيت
ڪانون جي ڪان ڪان جي شور ۾ دٻجي بند ٿي ويا. مور
ڊڄي ڀڄي وڃي ڪٿي لڪا، ۽ هنج ته هميشہ جي لاءِ
اڏامي ويا. ڏسندي ڏسندي باغ جي سموري سونهن ۽
سوڀيا برباد ٿي ويئي. مان ان پوڙهي وڻ وٽ حيران ۽
پريشان بيٺو هوس. تڏهن اوچتو ڪٿان ڪنهن مور رڙ
ڪئي. هن جي رڙ ۾ اهڙي سورهيائي ۽ جوش هو جو منهنجي
لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. ڪانون جي ڪان ڪان،
ڳجهن جا رڙاٽ گهڙي کن جي لاءِ بند ٿي ويا، ڪير هو
اهو مور!
”اڃا سورهيه مور جيئرا آهن، اڃا رڃ مان رڙ اچي
ٿي...“
مون ڇرڪي پٺيان نهاريو. هي ته اهو ئي جهوني وڻ
ڳالهائي رهيو هو. مون ڍوڙي هن جي ويڪري ٿڙ کي ڀاڪر
پاتو. هن ٻاجهه ۽ پيار سان ڀريل آواز ۾
چيو”گهٻراءِ نه پٽ! همت نه هار، تنهنجي لاءِ برابر
هيءَ هڪ نئين آفت آهي. مون ته باغ تي ڪئين وڏيون
وڏيون آفتون ڪڙڪندي ڏٺيون آهن، پر اهي سڀ نيٺ فنا
ٿي ويون. هي باغ لازوال آهي پٽ....“
مون چيو، ”مون کي هن باغ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ،
بابا. هن تي ڪهڙا وئل وهيا.....“
هن وراڻيو، ” مان تو کي ضرور ٻڌائيندس، پٽ. هيءَ
ڪهاڻي هڪ سٻاجھي ۽ تمام مظلوم قوم جي بيحد غمناڪ
ڪهاڻي آهي. دنيا جو ڪوبه ظلم ستم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ
اهڙو نه آهي جيڪو هن ۾ نه هجي، ان هوندي به هن جي
پڄاڻي ڪا نه ٿي آهي. هيءَ ڪڏهن نه کٽندڙ ڪهاڻي
آهي....
” هن لافاني باغ جي ڪهاڻي ان وقت کان شروع ٿي ٿئي
جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي. وڏا چون ٿا، ته هتي هڪ
سهڻي ۽ سرسبز ماٿري هئي، جنهن ۾ وڏا گهاٽا جهنگ،
ساوڪ ڀريا ميدان ۽ هڪ خوبصورت ندي هئي، جنهن جو
پاڻي امرت هو. هيءَ ماٿري ان وقت به اهڙي ئي آباد
هئي جڏهن سڄي دنيا تي اونده انڌڪار ڇانيل هو. ان
وقت جي ڳالهه آهي: ڪي پکين جا ولر وڙڪندا وڙڪندا
هتان اچي لنگهيا. هنن کي اها ماٿري اهڙي وڻي جو
اڳتي وڃڻ جو ارادو لاهي، ان کي پنهنجو ديس بنائي
رهي پيا. هي پکي تمام سياڻا ۽ محنتي هئا. هنن پاڻ
۾ صلاح ڪئي ته جڏهن اسين هن ماٿريءَ کي پنهنجو ديس
بنائي چڪا آهيون ته اسان تي فرض آهي ته ان کي سهڻو
ٺاهيون جو دنيا ڏسي ته حيرت ۾ پئجي وڃي. پوءِ هنن
کلئي ميدان تي هڪ تمام عجيب باغ لڳائڻ جو فيصلو
ڪيو. پکين ڪٿان ڪٿان جاکوڙ ڪري گلن ڦلن ۽ وڻن ٽڻن
جا ٻج آڻي ڪٺا ڪيا. ڏسندي ڏسندي هنن جي ان لاڳيتي
اُدم ۽ اتساه سان هن ماٿريءَ تي هڪ نهايت ئي سهڻو
۽ حيرت جهڙو باغ پيدا ٿي پيو. وري باغ جي هڪ حصي ۾
هنن هڪ اهڙو خوبصورت چمن ٺاهيو جنهن جو اڄ تائين
دنيا ۾ ڪو مثال ڪونهي. سڄي دنيا ۾ ان لاثاني چمن
جي هاڪ هُلي ويئي. ڪٿان ڪٿان جا پکي هاسيڪار ان کي
ڏسڻ، گل ڦل، ماکي ميوا وٺڻ، ۽ ڀونر واس وٺڻ جي
لاءِ ايندا هئا. اهو وقت هن ماٿريءَ جي سهاڳ جو
سمون هو. تڏهن سج هتان ئي اڀرندو هو، ۽ اتان ئي
روشني سڄي دنيا ۾ پکڙبي هئي. دنيا جا پکي پري پري
کان ڪهي هتي جي پکين کان سکڻ ۽ پرائڻ ايندا هئا.
هو سندن عقل ۽ ڏاهپ جي ساراه مان ڍاپندائي ڪونه
هئا. اڄ دنيا ۾ جيڪا ڏاهپ، عقل ۽ علم، ۽ سونهن
ڏسين ٿو سو سڀ پهرين هتي ئي پيدا ٿيو ۽ هتان ئي
سٺي دنيا ۾ پکڙيو. ٻين هنرن ۽ حرفتن سان گڏ لاتيون
لنوڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ جشن ملهائڻ ۾ به ٻيا هتي جي پکين
جهڙا ڪونه هئا. پر هو جهيڙي جهٽي ۽ لڙائي جهڳڙي
کان اهڙا اڻڄاڻ هئا جو ٻيا پکي کين سڏيندا ئي هئا
سٻاجهڙا پکي! هنن وٽ پيار کان سواءِ ٻي ڪا وائي
ڪانه هئي. جيڪر سڄي دنيا جا پکي اهڙا هجن ها!
دنيا ۾ ڪي پکي اهڙا به هئا جيڪي پيار محبت جا دشمن
هئا، سواءِ رلڻ ۽ وڙهڻ جي ٻي ڪنهن ڳالهه سان سندن
پوندي ڪانه هئي. ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران ڊاهڻ ۽ ڦٽائڻ
گهڻو وڻندو هوئن. هڪ دفعي، پري کان ڪي اهڙا ئي
ڀٽڪندڙ، بي گهر ۽ ويڙهاڪ پکي رلندا رلندا هن باغ
مٿان اچي ڪڙڪيا. باغ جي سانت ۽ سڪون، پيار ۽ محبت
واري وايو منڊل ۾ مارا ماري ۽ تباهي مچي ويئي.
سٻاجھڙن پکين به ڪا لڙائي ڪانه ڏٺي هئي. نه وري
کين خبر ئي هئي ته لڙائي ڪيئن لڙبي آهي. رولو پکين
جو ته جهيڙي جهٽي ۽ مارا ماريءَ ۾ ڪو مٽ ڪونه هو.
هنن اچڻ شرط باغ جي بي مثال ۽ سهڻي چمن کي تباه
ڪري ڇڏيو. سٻاجھڙن پکين سالن جا سال جنهن اَدم ۽
اتساه سان هي مانڊاڻ منڊيو هو سو سڀ هنن رولو پکين
ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو، ويتر سٻاجهڙن پکين کي اڻ سڌريل
ڪري ڪوٺيائون!
خوشيءَ جا سمورا خزانا لٽجي ويا. ماٿريءَ جو سهاڳ
اجڙي ويو. جيڪا روشني پهرين پهرين هتان ڦٽي هئي،
سا الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. باغ جي عظمت جو سج
هيڪر لٿو ته پوءِ الائجي ڪٿان ٻي هنڌان وڃي اڀرڻ
لڳو. ڪڏهن ڪڏهن واٽ ڀلجي سج هتان گذريو ٿي ته
سٻاجهڙا پکي خوشيءَ وچان نچندي ٽپندي ٿڪائي نٿي.
پر سندن خوشيءَ پل کن مس ٿي جٽاءُ ڪيو. اوچتو ئي
اوچتو سج کي الائجي ڪهڙن خوفناڪ ڪڪرن ڍڪي ٿي ڇڏيو.
پوءِ اهائي اونده انڌڪار.....
وقت گذرندو رهيو. باغ اهو ئي هو، پر وري ڪڏهن
اڳوڻي اوج کي نه پهتو. باغ جون واڳون هنجن وٽ
هيون. اهي ڏاڍا سورهيه ۽ سچار هئا. آزادي، جرئت ۽
بهادري، ننگ، ناموس ۽ غيرت سان سندن رت رنڱيل هو.
باغ جي محبت ۽ آزاديءَ جو جذبو ته سڀني پکين جي
لنئون لنئون ۾ سمايل هو. هنن ڪڏهن به ڌارين لوڪن
جي غلاميءَ کي نه سٺو. جيستائين سندن سرير ۾ ساه
هوندو هو ديس جي ويرين جو مقابلو ڪندا رهندا هئا.
ڪئين تيز هوائون، لڪون ۽ جهولا سهندا رهيا. سخت
پارا پيا، سرءُ آيو ته باغ جا سمورا پن سڙي ويا،
پر ساڳئي اتساه سان بهار جي مند ۾ سڀ پکي گڏجي جشن
ملهائيندا هئا. ڪويلون مٺن سرن ۾ راڳ ڳائينديون
هيون ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا پکي جهمريون پائيندا هئا.
سندن مٺي رسيلي ٻولي ٻڌي ٻين هنڌن جا پکي ساڻن
ريسون پيا ڪندا هئا. ڪي ته وري سندن باغ تي قبضي
ڪرڻ لاءِ گهاٽ گهڙيندا رهندا هئا. ڪيترائي ڌاريان
باغ جي شادابي ڏسي هتي اچڻ تي حرصيا، پوءِ ڪي ان
کي ڦري لٽي موٽي ويا ٿي ته ڪي وري رهي پيا ٿي ۽
موٽي وڃڻ تي دل نٿي ٿين.
هتان کان گهڻو پري باز رهندا هئا. هنن کي ٻين پکين
جي ديسن تي قبضي ڪرڻ جو ڏاڍو حرص اچي پيدا ٿيو هو.
بهانا ٺاهي پراين ديسن تي ڪاهي وڃي قبصو ڪندا هئا.
هنن جي نظر جڏهن هن باغ تي پيئي ته ان کي به هٿ
ڪرڻ لاءِ سٽاءُ سٽڻ لڳا. پوءِ هڪڙو ڪو بهانو ٺاهي
ٻه ٽي ڀيرا ڪاهي آيا. پر بهادر سٻاجهڙن پکين اڳيان
ڦٻي ڪونه سگهيا. تڏهن وري هڪ زبردست لشڪر سنڀاري
چاڙهي آيا. رولو پکين جي ڪاه کان پوءِ سٻاجهڙن
پکين اهڙي ٻي خوفناڪ ڪاه ڏٺي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ
سڄو باغ ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي. باز خوفناڪ
رڙيون ۽ واڪا ڪندا آيا. سٻاجھڙن پکين اڳيان وڌي
مقابلو ڪيو. وار مٿان وار ڪيو، ڳچين ڳچ اڏاڻا، ڌڙ
ڌڌڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳا. ڏينهن گذريو، اچي شام ٿي. تڏهن ڄڻ
غلاميءَ جي رات اچي ويئي. باغ تي بازن جو قبضو ٿي
ويو.
پوءِ به وقت گذرندو ئي رهيو. ڪئين مندون آيون، پر
بهار جي اچڻ تي ڄڻ بندش پئجي ويئي هئي. بهار ته
رڳو آزاد فضائن ۾ ئي ايندو آهي. باغ اهو ئي اجڙيل
۽ ويران ويران رهيو. هاڻي ته هر ڪو ورهيه واگهه
بڻجي ٿي آيو. هيڪر ڦرڻ لٽڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته
لاڳيتو هلندو ئي رهيو. هڪڙا ڦورو ڪمزور ٿي ويا ٿي
ته انهن جي جاءِ وري ٻين ٿي اچي والاري، ڄڻ ته
نڌڻڪو باغ هو، جنهن کي جتان اچي سو تتان ڀيلاڙ ڪري
وڃي! باغ انهن جي بي رحم قبضي هيٺ اچي ويو جيڪي
ڌاريان ئي ڌاريان هئا، باغ سان هنن جو واسطو رڳو
ڦرڻ لٽڻ تائين هو. جڳن جا جڳ سٻاجهڙا پکي غلاميءَ
جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا. جن جي وات
۾ رڳو قرب ۽ پيار جي وائي هوندي هئي، جيڪي ٻاهران
آيل هر مهمان جو دل کولي آڌرڀاءُ ڪندا هئا سي
سواءِ ڪنهن ڏوهه جي صديون عذاب ۽ پيڙا ۾ مبتلا
رهيا.
هنجن جي طاقت ته بنهه ختم ٿي چڪي هئي. اهي ٿورائي
۾ اچي ويا، هاڻي باغ جي پکين مان مور ئي اهڙا هئا
جن ۾ آسون هيون. ڌارين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ،
خود مختياري ۽ خود داريءَ کي قائم رکڻ لاءِ هو پاڻ
پتوڙيندا رهيا. مورن مان ڪئين اهڙا سورهيه ۽ سورما
پيدا ٿيا جن سرن جا سانگا لاهي، ننگ ۽ آزاديءَ جي
لاءِ ويرين سان جنگ جوٽي ۽ سر ڏيئي سرها ٿيا.
جڏهن به ڪنهن سورهيه مور ديس تان سر صدقو ڪري
آزادي ٿي آندي ته ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، آزادي
پنهنجي جهوليءَ ۾ خوشيءَ ۽ سونهن جا خزانا ڀري ٿي
آئي. ڪيڏو نه خوشيءَ ۽ اُتساهه ڀريو سمون هوندو هو
اهو! اهڙي ڪا دل ڪا نه هوندي هئي جيڪا اکٽ خوشيءَ
وچان جهومندي نه هجي. پر افسوس، انهن سورهيه مورن
جي پوين ڀيري ڀيري سان تخت ۽ تاج تان پاڻ ۾
وڙهندي، هٿ وٺي ٻاهرين دشمنن کي باغ تي قبضي ڪرڻ
جو هڪيو تڪيو وجهه کڻي ٿي ڏنو. پوءِ ته وري ٻيهر
غيرن جي غلاميءَ لاءِ باغ جو رستو کلي ٿي ويو.
رکي رکي باغ تي هڪ ٻئي پٺيان وڏيون وڏيون آفتون
اينديون رهيون. انهن لڳاتار ڌڪن سٽن سببان بدنصيب
باغ اهڙين آفتن ۾ گهيرجي ويو جو رڳو جيئرو رهڻ به
هڪ ڪارنامو، هڪ معجزو هو. مان توکي ڇا ٻڌايان ته
هن باغ ڇا ڇا سٺو آهي! هن ئي باغ جي افق تي ابدال
جو شڪرو نامراد ۽ مردار خان شڪرو، باه ۽ خون جون
نديون وهائيندا ڇانئجي ويا هئا. سندن خوفناڪ
چهنبون ۽ خوني چنبا معصوم سٻاجهڙن پکين جي رت ۾
ٻڏي ويا هئا. مردار خان ته جتان به ٿي لنگهيو اتي
قيامت جا ڪوڪرا مچي ٿي ويا. هن آکيرن جا آکيرا
ويران ڪري ٿي ڇڏيا. اهڙي تباهي ته اڳي ڪڏهن به
ڪانه ٿي هئي. پوءِ ته باغ ۾ اهڙو خوفناڪ ڏڪار پيو
جو وڏن پوڙهن، ڇا پکين، ڇا وڻن به پنهنجي ڄمار ۾نه
ڏٺو هو نه ٻڌو هو. جيڪو باغ ساري دنيا جي لاءِ امن
۽ سلامتي جي جاءِ هو ان جو آکيرو آکيرو لٽجي ويران
ٿي ويو. سٻاجهڙن پکين سان اڳي ئي گهٽ ڪلور ڪونه
ٿيا هئا، پر هينئر باغ تي جيڪا وڄ ڪري هئي تنهن جي
آهيءَ ۾ هو ڪڏهن به سنئين لڱين ڪونه ٿيا...“
رات جي سنساهٽ ۽ خاموشيءَ ۾ اوچتو ڪنهن ڳجهه
خوفناڪ رڙ ڪئي. موٽ ۾ ڪٿان ڪنهن چٻري رڙ ڪري ڄڻ
ڳجهه جي خوشامد ڪندي ها سان ها ملائي. ٻڍڙو وڻ
خاموش ٿي ويو هو. هوا هن وٽان سون سون ڪندي، ٿڌا
شوڪارا ڀريندي لنگهي ٿي ويئي. منهنجي دل ڀرجي آئي.
چوڻ چاهيم، ’پوءِ ڇا ٿيو بابا!‘ پر نڙيءَ ۾ ڪو
ڳوڙهو اٽڪي پيو هو، آواز نڪري نه سگهيو. هن هڪ
ڊگهو ساهه کنيو، پوءِ پاڻهي چيائين، ”اڄ انهن ئي
سٻاجهڙن پکين کي چيو وڃي ٿو ته اوهان سست ۽ ستل
آهيو، بي همت ۽ جاهل آهيو، اوهان جو رت ٿڌو
آهي.... پر ڪنهن هنن جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو
آهي! لڳاتار وسندڙ برسات وانگر هنن تي جيڪي قهر
ڪريا، جيڪي هاڃا ٿيا تن تي ڪنهن ويچاريو آهي! ڪنهن
اهو به سوچيو آهي ته آخر هنن ۾ اها ڪهڙي قوت آهي
جنهن جي ڪري ايڏن قهرن ۽ هاڃن کان پوءِ به هو زنده
رهيا آهن! هن ڌرتيءَ جي مٽي ڪا اهڙي مضبوط ڄميل
آهي جو هزارين طوفانن ۽ زلزلن کان پوءِ به اکڙي
ڪانهي. شايد انهن ئي ’سست ۽ ستل‘ سٻاجهڙن پکين جي
اتساه، اورچائي ۽ جاکوڙ جي ڪري باغ جي عظمت جون
پاڙون ايتريون اونهيون هليون ويون آهن جو انهن کي
دنيا جي ڪابه هستي پٽي نٿي سگهي...“ هن ٻاجهه ڀري
آواز ۾ چيو، ” تون ٿڪي ته نه پيو آهين، پٽ!“
مون يڪدم وراڻيو، ”نه بابا، ننڊ ته منهنجي اکين
کان ايترو پري آهي جيترو هن باغ کان بهار.....“
هن ڳالهه شروع ڪندي چيو، ” مردار شڪري جي تباهي
کان پوءِ ائين ٿي لڳو باغ ۾ ست سريو راڪاس ڦري ويو
آهي. چوڌاري رڳو سڃ ۽ ويراني هئي. دنيا آهي ساوڪ ۽
سرهائي جي، ويرانيءَ ۽ سڃ سان هن جو ڇا! پر
سٻاجهڙن پکين جو ته باغ سان ازلي نينهن هو. هنن
چيو، ’جنهن ڌرتيءَ تي اسين ڄايا ۽ نپنا آهيون، جتي
اسان جا مٽ ۽ سنگتي ههڙن سڪل وڻن ۾ به آکيرا اڏيو
ويٺا هجن، جنهن جي لاءِ اسان جي سورهيه وڏڙن سرن
جا سودا ڪيا آهن، جنهن مان اسان کي چوڻو پاڻي
ملندو هجي، ان جي لاءِ فقط جاهل، بي ايمان ۽
بيغيرتن کي محبت ڪانه هوندي.... اسين جيءَ کان وڌ
مٺڙي باغ ۾ وري ساوڪ ۽ سرهائي آڻينداسين ۽ سندس
آزاديءَ جي تاڪائن جون اسين اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.
پوءِ هو ويرانيءَ سان ڀريل آزاديءَ کي گلي لڳائي
باغ کي سنوارڻ ۾ لڳي ويا. باغ اجڙيل، ويران ۽
لڳاتار لڙاين جو ماريل هو، پر آزاد ته هو....!
”دنيا ۾ آزاديءَ جهڙي ڪا ٻي نعمت آهي ئي ڪونه.
غلاميءَ جي ڍئو کان آزاديءَ جي بک ڀلي. آزادي روشن
ڏينهن آهي ته غلامي ههڙي اونداهي رات. ويچارا
سٻاجهڙا پکي چار ڏينهن آزاد ٿي رهيا ٿي ته وري
غلاميءَ جي رات اچيو ٿي ويئي. پر هنن چئن ڏينهن جي
آزادي به وئرٿ ڪانه ٿي وڃائي. هنن غلاميءَ جي
سمورن نشانن کي مٽائي آزاديءَ جي ساوڪ ۽ سرهائي
آڻي ٿي ڇڏي. هينئر به جڏهن کين وجهه مليون ته هرڪو
پکي پنهنجي آزاد باغ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ لڳي
ويو. ان وقت تمام پري کان سمنڊن جي ديس جا پکي،
سڄي دنيا گهمندا ڦرندا باغ ۾ اچي پهتا. هنن کي اڇا
سامونڊي پکي سڏيندا هئا. هو وڻج واپار ڪندا هئا.
ڪٿي جون شيون ڪٿي کڻي ويندا هئا. هو جڏهن باغ ۾
آيا ته باغ جون شيون شڪليون ڏسي اميرن کان اتي رهي
وڻج واپار ڪرڻ جي اجازت گهريائون. اميرن باغ جي
ڀلائي ڏسي هنن کي رهڻ جي موڪل ڏني. پوءِ ته هو ويا
وڌندا. هو نه رڳو باغ ۾ پر آسپاس جي ٻين ٻاهرين
پکين جي ديسن ۾ به پکڙجي ويا. اڇا پکي ڏاڍا حرفتي،
چالاڪ ۽ چالباز ۽ نيت جا خراب هئا. پوءِ پنهنجي
چالبازيءَ کان ڪم وٺي چوڌاري نفاق ۽ فتني جو ڄار
پکيڙڻ شروع ڪيائون. ان نموني ڪن پکين جي ديس تي
قبضو پڻ ڪري ويهي رهيا. باغ جي اميرن کي اها خبر
پئي ته سندن ڪن کڙا ٿيا، پر اڇن پکين هنن سان سنهن
قسم کڻي ۽ انجام اقرار ڪري کين چپ ڪرائي ڇڏيو. هو
ڏينهون ڏينهن ويا زور وٺندا ۽ آسپاس جا ديس قبضي ۾
ڪندا. نيٺ اچي باغ جي پکين سان به کئونسي. تڏهن
باغ جي اميرن پشيمان ٿي چيو ته پاڻهي نانگ پنهنجي
ڳچي ۾ وڌوسين. باغ جي پکين وڏن سورن ۽ سهمن کان
پوءِ آزاديءَ جا چار ڏينهن سک سانت سان گذاريا
هئا. غلامي ته ڄؤنر وانگر هنن جو سمورو رت پي چڪي
هئي. پر تڏهن به هنن چيو، ” هيءَ ڌرتي اسان جي
ماءُ آهي، هن ڌرتيءَ مان اسان جو باغ ڦُٽو آهي. هن
مان سوين رنگين ۽ خوشبودار گل اسريا آهن،انهيءَ
ماءُ کي اسين ڌارين جي حوالي ڪيئن ڪري ڇڏيون!“هو
پنهنجي رهيل کهيل طاقت سان اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا.
دنيا ۾ احسان جو بدلو ڪيڏو نه برو ٿو ڏنو وڃي.
سٻاجهڙن پکين کي ڪهڙي خبر ته اسين نانگن کي کير
پياري وه ٿا پاليون. اڄ اهي ئي کانئن سندن مٺڙو
باغ کسڻ جي لاءِ ڪاهي آيا هئا.
”هڪڙي سورهيه مور زور سان نعرو هنيو: ’مري
وينداسين باغ نه ڏينداسين.‘ پوءِ ڇتي جنگ ڇڙي
پيئي. اڇن پکين جي وڙهڻ جا طريقا اهڙا ته حرفت ۽
چالبازيءَ وارا هئا جو سٻاجهڙن پکين کي انهن جي ڪل
ئي ڪانه هئي. پوءِ به هو سرن تان آهو لاهي ائين
وڙهيا جو خود اڇن پکين کي چوڻ پيو، ’هي ته ائين ٿا
وڙهن ڄڻ کين پنهنجين حياتين کان به وڌيڪ پياري شئي
ڪا ٻي آهي، جنهن جو بچائڻ زندگيءَ کان وڌيڪ اهميت
وارو آهي. اڇن پکين جڏهن ڏٺو ته هنن جي جذبي ۽جوش
اڳيان اسين پڪ هارائينداسين، تڏهن هنن دغا ۽ فريب
کان ڪم ورتو. مکر ڪري پوئتي هٽڻ لڳا. سٻاجهڙن پکين
جو لشڪر ان چالبازيءَ ۾ اچي ويو ۽ نيٺ ويرين جو
شڪار ٿي ويو. ان سان گڏ باغ جي آزادي به هميشہ
هميشہ جي لاءِ ختم ٿي ويئي.....“
ان وقت رڃ مان مور جي ازغيبي وڏين رڙين جو آواز
آيو. ڄڻ چئي رهيو هو:”غلط آهي... باغ جي آزادي ڪير
به هميشہ جي لاءِ ختم نٿو ڪري سگهي...“
ٻڍو وڻ جيڪو مور جي رڙين تي خاموش ٿي ويو هو، تنهن
چيو، ”مان هاڻي ڪرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهيان، پر هن مور
جون رڙيون ئي مون کي رڻ کان روڪي بيٺيون آهن.
سوچيندو آهيان: ڇا سچ پچ اسان کان آزاديءَ هميشه
جي لاءِ کسجي ويئي آهي. پوءِ زنده رهڻ مان ڪهڙو
فائدو! ان وقت هن مور جون رڙيون منهنجن ڪمزور پاڙن
جي لاءِ وڏو آٿت بنجي اينديون آهن.
”اڇن پکين جو هاڻي چوڌاري راڄ هو. زمانن جا زمانا
سندن راڄ هليو ۽ اٻوجهه پکين کي گهڻو ئي ڦريائون
لٽيائون. هنن جو وڇايل فتني ۽ نفاق جو ڄار مضبوط
ٿي ويو هو. پوءِ اهڙو ڪو واءُ اچي وريو جو ڇا مان
ڇا ٿي ويو. زمانو ئي ڦري ويو، پکي ئي مٽجي ويا.
قرب، پيار ۽آزاديءَ جو جذبو آهستي آهستي ويو فنا
ٿيندو. اُهي سٻاجهڙا پکي، جيڪي ڪنهن به شئي کان
ايڏي نفرت ڪانه ڪندا هئا جيترو غلاميءَ کان، تن
مان گهڻن غلاميءَ جي پڃري کي خوشيءَ سان قبول ڪري
ورتو! شايد اهو ٿيڻو ئي هو. هنن تي صدين کان جيڪي
وهيو واپريو هو تنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو.
|