ھن زوريءَ پاڻ تان نظرون ھٽائي سامھون ڏسڻ جي ڪوشش
ڪئي. ھن ڪارن ۾ ويٺل سھڻين سجيل عورتن تي ڌيان
کپائڻ چاھيو. سنگمرمر جھڙا اجرا ۽ ٿڌا جسم، جن جي
اندر فقط ڪاغذ جي نوٽن گرمي پيدا ڪئي ٿي. ڪاغذ جي
انهن اڏامندڙ نوٽن جي پٺيان ھو ڪيترو ڍوڙيو ھو، ڇو
ته ھن کي خبر ھئي ته دنيا جي سموري سچائي، سڄو علم
انهن ڪاغذن جي ٽڪرن ۾ ھو. پر ھن جي سڄي ڍوڙ اجائي
ھئي. مشڪرن واري راند ھئي. ھو اھڙو مشڪرو ھو جو
رڳو پنهنجو پاڻ تي کلي سگھيو ٿي. ھينئر جڏھن هن
پاڻ تي ٽھڪ ڏيڻ چاھيا، ته کيس روئڻ اچي ويو. ھن
اکيون پوري ڇڏيون. ٽريفڪ جو گوڙ ھن جي مٿان چڙھندو
ٿي آيو. ھو ان گوڙ ھيٺان دٻجندو ويو. ھن پاڻ به
ائين ٿي چاھيو. پر چاھڻ سان ڇا ٿو ٿئي. ھن جيڪي
ڪجھ چاھيو ھو سو ڪڏھن ٿي نه سگھيو ھو.
”ڪراچي“، ھو چپن ۾ سڏڪيو. ”خوابن جو شھر....“
پڻس چيو ھو: ”آخر ڪيستائين ڪراچيءَ ۾ ڌڪا کائيندو
رھندين، جتي نه رھڻ لاءِ سولي جاءِ ۽ نه فضيلت
وارو کاڌو پيتو. ڏس ته! ھوٽلن جا الائي ڪھڙا ڪنا
سنا کاڌا کائي کائي سڙي ويو آھين. ڳوٺ موٽي اچ
پنهنجو ٻنيءَ ٽڪر آھي. پاڻ ولينداسين. چڱو گذران
ٿي ويندو.“
ھن کي پيءُ جون ڳالھيون کل جھڙيون لڳيون.
”نه، بابا، مون کي ٻھراڙي ۾ سک ئي نٿو اچي. ڪھڙي
جھنگلي زندگي آھي! آءٌ جيڪڏھن سال کن اتي رھان ته
چريو ٿي پوان. نه اٿڻ ويھڻ نه گھمڻ ڦرڻ. ڏينهن رات
ٻنيءَ ۾، پاڻيءَ جو فڪر ۽ جاھلن وارا جھڳڙا. مٿان
وري تو واري دنگئي وڏيري جو آزار. ھروڀرو وتي
پنهنجي وڏيرائپ ڏيکاريندو. مون کان اھي ڳالھيون
سٺيون ڪو نه ٿينديون.“
پڻس اھي ڳالھيون ٻڌي ٿورو ھٻڪيو. ”وڏيري وٽ طاقت
آھي ۽ پئسو آھي. پاڻ وٽ کڻي ٿورو ٻنيءَ جو ٽڪر آھي
ته ڇا ٿي پيو، اصل کان وٺي وڏيري جا ھاري آھيون.
پر تون پڙھيل لکيل آھين. وڏيري سان رس ۾ ھلي
ويندين.“
ان وڏيري جي ڪري ته ھن کي ڳوٺ ڇڏڻو پيو ھو. ننڍي
ھوندي ھڪ ڀيري ھو پنهنجي منهن راند کيڏي رھيو ھو
ته وڏيري جي پٽ نواز ھروڀرو کيس گاريون اچي ڏنيون.
يونس خار ۾ کيس ٻھ ٽي لڪڙ وھائي ڪڍيا. پڻس کي ترت
خبر پئجي وئي ۽ ھو کيس وٺي شھر ھليو ويو. اتي
پنهنجي ڀيڻ جي گھر ڇڏي آيو، جنهن جو مڙس رائيس مل
۾ مزوري ڪندو ھو. وڏيري يونس تي ھٿ ٺارڻ ٿي چاھيا،
پر ھو کيس ھٿ نه آيو ته پڻس سان ڏاڍيون جٺيون
ڪيائين. يونس ڪيترو وقت ڳوٺ نه اچي سگھيو. پڻس جي
مرضي ھئي ته ھو شھر ۾ رھي پڙھي پئي. يونس جيئن
تيئن سورن سان مئٽرڪ پاس ڪئي - ۽ پوءِ نوڪريءَ جي
لاءِ رلندي رلندي ھو ڪراچيءَ وڃي نڪتو. ڪراچي ھن
کي اھڙي وڻي وئي جو بيروزگاريءَ ۽ بنا اجھي ھوندي
به ھو ان کي ڇڏي نه سگھيو. گھڻي رلڻ کان پوءِ جڏھن
کيس ڪلارڪي ملي وئي ته پوءِ ڄڻ ھو ڪراچيءَ سان
لانئون لھي ويھي رھيو.
”پر بابا مون کي تو واري وڏيري جي پرواھ ڪانهي. ھن
کان به وڏا گڙينگ زميندار آفيس ۾ اسان جو سلام
ڀريندا آھن. وڏيرو ته خير وڃي کڏ ۾ پئي، اصل ۾
ھاڻي آءٌ ڳوٺ ۾ گذاري ڪو نه سگھندس. ڪراچيءَ کي
ڇڏي اچي ھتي جھنگ ۾ رھان. آخر فائدو ڪھڙو – شھر ۾
ڪنهن جي پرواھ ڪانهي. بادشاھ ٿي پيا ھلون. اتي تو
وارو وڏيرو گڏجي ته ان کي کنگھون به ڪو نه.“
نواز ڪيترا ڀيرا ھن کي ڪراچيءَ جي ھوٽلن ۾ گڏيو
ھو. يونس اھو ڏيکاءُ ڏيندو ھو ته ڄڻ ھن نواز کي
ڏٺو ئي ڪونهي. پر اھا ڪوشش ڪندو ھو ته نواز کيس
ضرور ڏسي. ان مان ھن کي خوشي ٿيندي ھئي. پاڻ کي
وڏيري جي برابر محسوس ڪندو ھو. وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو ۽
بيرن کي رعب سان سڏيندو ھو. ھوٽل ۾ ھو ٻئي ھڪ جھڙا
ھوندا ھئا. پر ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ جڏھن نواز نئين
ماڊل جي ڪار ۾ چڙھي ويندو ھو ته يونس کي پنهنجي
سڄي خوشي ۽ فخر پاڻيءَ تي ليڪي جيان لڳندا ھئا.
محرومين جو احساس ھن کي ڪنهن اونهي کاھيءَ ۾
ڪيرائي ڇڏيندو ھو. ڪراچي ھونءَ به ھن کي خوشيون
گھٽ، محرومين جا ڏنڀ وڌيڪ ڏنا ھئا. پر انهن ڏنڀن ۾
به ڪو اھڙو مزو ھو جو انهن کي ھن ڇڏڻ نٿي چاھيو.
ڪڏھن ڪڏھن ھن کي ائين لڳندو ھو ته ڪراچي اھڙي ڌٻڻ
ھئي جنهن ۾ ھو خوشيءَ سان اندر غرق ٿيندو پئي ويو.
”يونس، توکي ٻئي ڪنهن ڳالھ جي پرواھ ھجي نه ھجي،
پر تنهنجي ھڪ جوان ڀيڻ به آھي. آءٌ ھاڻي پوڙھو ٿي
ويو آھيان، ابا، مون ۾ ايترو ست ڪونهي جو جوان
ڌيءَ جو بار کڻي سگھان. اھو بار توتي آھي.“
يونس پويان ويٺل ڀيڻ ڏانهن ڏٺو ھو، جيڪا ھيٺ تؤنري
تي ويھي ڀرت ڀري رھي ھئي. جيڪڏھن منهنجي مٺڙي سھڻي
ڀيڻ نجو شھر ۾ ھجي ھا ته شھر واريون عورتون ھن جي
اڳيان جنڙيون لڳن،“ يونس سوچيو. ماءُ ته ھن جي
ننڍي ھوندي مري وئي ھئي. پيءُ ئي ٻنهي کي تاتيو
نپايو ھو، يونس ڀيڻ کي دل سان ڀائيندو ھو. اھا ڀيڻ
ئي ھئي جنهن جي سڪ کيس ڪڏھن ڪڏھن ڳوٺ ڇڪي ويندي
ھئي.
”بابا، منهنجي صلاح آھي ته اھو ٻنيءَ ٽڪرو وڪڻي
شھر ھلي رھو. ان مان نه ھوند نه شڪر. جيستائين
وڏيري جي خوشامد نه ڪجي تيستائين پاڻي به ڪو نه
ملي، تنهن کان ان کي وڪڻي شھر ۾ ڪا اڀري سڀري جاءِ
وٺي ھلي رھو. نجوءَ کي مئٽرڪ پاس ڪرائي ماستري
وٺائي ڏينداسين. ھتي ٻھراڙيءَ ۾ ڇو ٿا سندس حياتي
کاريو.“
پڻس ڪاوڙجي پيو. ”ٻنيون ۽ ونيون مڙس ڪو نه ڇڏيندا
آھن، يونس! شھر ۾ رھي تنهنجي اک جو پاڻي مري ويو
آھي. ھينئر اڇي ڏاڙھيءَ ۾ جوان ڌيءَ کي وٺي ھلي
شھر ۾ ڌڪا کانءُ!“
يونس ٻنين واري ڳالھ گھڻا ڀيرا ٻڌي چڪو ھو. اڳي
ٻڌي کلندو ھو. پر ھاڻي کيس ان ڳالھ تي چڙ ايندي
ھئي ۽ چڙ کي دٻائي چپ ٿي ويندو ھو.
ھڪ ڊگھو چيڪٽ ٿيو – يونس اکيون کولي ڏٺو. ھڪ ڪار
چوواٽي وٽان تيزيءَ سان مڙي ھئي. پڪي چلڪندڙ روڊ
تي ڪار جي ڦيٿن جا نشان ٺھي ويا. يونس جي دل ٻڏي
وئي. اڳيان ڏيک ڌنڌلو ٿي ويو. ھن جي اکين ۾ پاڻي
ڀرجي آيو ھو.
”او..... منهنجي مٺڙي سھڻي ڀيڻ....“ ھن جي اندر
مان سڏڪن جي وير اٿي ۽ سڄي وجود کي ٻوڙي وئي. ھن
جا ڏند ھيٺئين چپ ۾ پيھندا ويا. ھو روئندڙ اکين
سان سامھون وڏين وڏين عمارتن جي چوٽين ڏانهن ڏسڻ
لڳو. نجو جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيو پيو ھو. پڻس نجوءَ
کي ڪاري ڪري ڪھاڙي کڻي ٿاڻي تي وڃي پيش پيو ھو. هن
کي ڪنهن ٻڌايو هو ته ڌيڻس وڏيري نواز سان ڦٽل هئي.
يونس ھڪدم اٿي بيھي رھيو. سڏڪا ھن جي ھانءُ کي
نپوڙي رھيا ھئا. ھن کي وات ۾ رت جو ذائقو محسوس
ٿيو. ڏندن چپ کي رتو رت ڪري ڇڏيو ھو. ٽريفڪ جھڪي
ٿي ويئي ھئي. ھو مئل قدمن سان چرچ جي اڳيان ھلندو
ايلفيءَ ڏانهن مڙيو.
هو ايلفيءَ جي ويران روڊ تي ٿڙندو ٿاٻڙندو ھليو.
ھن کي سخت ڪمزوري پئي محسوس ٿي. اوچتو ھن جي دماغ
۾ چڪر آيو ۽ ھو وچ روڊ تي ڪري پيو. تيزي سان ايندڙ
ڪار کي ھڪدم بريڪ لڳو ۽ ڦيٿا زوردار چيڪٽ ڪري انچ
جيتري فاصلي تي اچي بيھي رھيا. يونس ڇرڪي اٿي بيٺو
۽ رڙيون ڪري ڍوڙڻ لڳو، ھن کي لڳو ڄڻ ڪي ماڻھو
ڪھاڙيون کڻي کيس مارڻ لاءِ پويان ڍوڙي رھيا ھئا.
ڪاري رات، رت ڦڙا
”انڌو آھين ڇا؟“ ھو پنهنجن ڪپڙن کي ٺاھيندي مون کي
ڪاوڙ مان گھوري رھيو آھي. اندر ۾ ڄڻ باھ وٺي ويئي
آھي، پر پاڻ روڪي ھليو ٿو وڃان. منهنجي نظر شوڪيس
۾ ھئي، ته اوچتو وڃي ھن سان ٽڪرايس. ان ۾ منهنجو
ڪھڙو ڏوھ ھو؟ مون ته شوڪيسن ۾ پيل شين کي پئي ڏٺو.
سامھون ايندڙ ماڻھن کي ڏسان، يا شوڪيس کي؟ بازار
ڏاڍي سوڙھي آھي. ماڻھن جي ايڏي ميڙي کان مون کي
سخت نفرت آھي. پر ڪري به ڇا ٿو سگھجي. ميڙ ۾ آئون
پاڻ کي اڪيلو ۽ محفوظ ٿو سمجھان: گھڻن ماڻھن ۾ پاڻ
کي اڪيلو سمجھڻ ڪيڏي نه عجيب ڳالھ آھي! ٿورن ماڻھن
۾ مون کي ڊپ لڳندو آھي، ۽ سخت بيچيني محسوس ڪندو
آھيان. ايڏي رش کان نفرت ھوندي به آئون پنهنجيءَ
دل ۾ وڏين وڏين بلڊنگن جيڏا ٽھڪ ڏيندو، مزي سان
رڙھندو ويندو آھيان. ڪا عورت پاسي مان لنگھندي آھي
ته عجيب احساس پيدا ٿيندا آھن، ۽ ان کي ڇھڻ لاءِ
دل سرڪندي آھي، پر عورتون مون کان ڇرڪنديون آھن ۽
پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن .... شايد اڳيان ڪا
رڪاوٽ آھي ۽ ماڻھو وڌن ئي نٿا. ايترا سارا ماڻھو
ماڪوڙين وانگر بيحس سرندا پيا وڃن بيترتيبي سان.
ھرڪو اڳيان وڌڻ ٿو چاھي. ماڻھو دڪان ۾ پيا چڙھن ۽
لھن. پر آئون ته رڳو شوڪيس ڏسڻ ٿو چاھيان. ۽ ڏسڻ
به منهنجي لاءِ ڪيترو ڏکيو آھي. اوھ، ھي رش! دل ۾
اچي ٿو ته آئون ڍڳو ٿي پوان، ۽ سڱ سڌي ڍوڙ پايان،
پوءِ ماڻھو ڪيئن نه ڊپ وچان ھيڏانهن ھوڏانهن
ڍوڙندا، ۽ پنهنجي پنهنجي ساه بچائڻ لاءِ ھڪ ٻئي کي
ڌڪا ڏيئي، لتن ھيٺ لتاڙيندا! آئون سڱن سان سڀ
شوڪيس ڀڃي، بند ٿيل شين کي رستي تي ڪيرائي، پکيڙي
ڇڏيان، جيڪڏھن وڏي پيٽ وارو ڏسان ته پنهنجا سڱ ھن
جي پيٽ ۾ وڃي ٽنبيان ... ھا ھا ھا ھو.... پنهنجي
ان خيال تي مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رھي آھي.
وھڪري سوڙھي بازار مان ڪڍي شاھي رستي تي آڻي ڇڏيو
آھي. رستي جي فٽ پاٿ سان لڳ، ڪارن ۽ موٽرن جي قطار
بيٺل آھي. موٽرون وڏن ماڻھن جون ھونديون آھن، سو
ھرڪو ڄاڻي ٿو، ۽ اھو به ته ھتي وڏا ماڻھو شاپنگ
لاءِ ايندا آھن. ھر ان ڪار کي جانچي ڏسان ٿو، جيڪا
سھڻي لڳي ٿي. پريان نئين ڊگھي ڪار ۾ ھڪ عورت بيٺي
آھي – اڪيلي. ڪار سھڻي ۽ شاندار آھي. عورت به سھڻي
ھوندي. آئون ويجھو وڃي ڇرڪي ٿو وڃان .... ڪار ۾
ھوءَ ويٺي آھي! اڃا اھڙي ئي حسين ۽ ننڍاکڙي.....
ھن به مون کي ڏٺو آھي، سندس اکين ۾ ڪيڏي حيرت آھي.
اوچتو دري مان منهن ٻاھر ڪڍي، ڀرپور ڌڪار ۽ ڪاوڙ
مان چوي ٿي ”خوني ! قاتل!“
آئون ڏڪي ويو آھيان. ھن ڄڻ منهنجي اڳيان بم ڦٽو
ڪيو آھي. وڏي مشڪل سان پاڻ تي ڪنٽرول ڪيو اٿم. دل
پڪي ڪري، منهن تي خوفناڪ مرڪ پکيڙي ھن ڏانهن جھڪي
چوان ٿو، ”پر تون ته خون ٿيڻ کان بچي وئينءَ....“
ھوءَ ڊڄي، ھٽي، ڪنڊ ۾ سوڙھي ٿي ويھي ٿي. مون ھن جي
اڇلايل ڦاٽي ويل بم مان ٽڪرا ھن ڏانهن ڦٽا ڪيا آھن
۽ دل خوشي ۾ ڦنڊجي ويئي آھي. آئون جھومندو وڃڻ ٿو
لڳان. ٿورو ھلي وري پٺيان مڙي ڏسان ٿو. ھوءَ اڃان
تائين مون ڏانهن حيرت وچان اکيون ڦاڙي ڏسي رھي
آھي. پڪ ئي پڪ سمجھندي ھوندي ته آئون پنهنجو دماغي
توازن وڃائي ويٺو آھيان. مون جھڙو سڃو ماڻھو ھن کي
حاصل نه ڪري سگھيو نه. ھوءَ اڳي کان به وڌيڪ حسين
۽ ڀريل آھي. ھن مون کي سڃاڻي ورتو. مان ته اھڙي جو
اھڙو آھيان پاڻ وڌيڪ ويل. پر آئون چاھيان ٿو ته
مون کي ڪير به نه سڃاڻي. ھنن وڏن ويڪرن رستن تي
اھوئي ڊپ آھي ته ڪٿي ڪو سڃاڻي نه وٺي. ان ڪري گھڻي
رش ۽ سوڙھ مصيبت ھوندي به مون لاءِ سلامتي واري
آھي يا وري مون کي ويران اونداھيون گھٽيون وڻنديون
آھن ۽ آئون پنهنجو شڪار به ته انهن ويران گھٽين ۾
آساني سان ڪري سگھندو آھيان. ھن ويڪري رستي تي
ايتري ڀيڙ ڪانهي. فقط ٽوليون ٽوليون آھن، ٻن ٽن جي
ٽولي يا ميڙاڪو. مون کي اھي ٽوليون ڪين وڻن. ھر
ڪنهن کي اڪيلو اڪيلو ھئڻ کپي مون وانگر. خبر ناھي
ته اھڙا گھڻا ماڻھو ھوندا، جيڪي ٽوليءَ ۾ پاڻ کي
اڪيلو محسوس ڪندا ھوندا..... هھڙن ويڪرن رستن تي
مون کي ھلڻ ئي نه کپي. ڪو سڃاڻي وٺي ته! آئون
ھونئن به ڏينهن ڏٺي جو بازار ۾ ڪو نه نڪران. سڄو
ڏينهن پنهنجيءَ قبر ۾ پيو ھوندو آھيان. رڳو شام جو
ٻاھر نڪران، رڳو شوڪيس جاچيندو آھيان. اھو ڏسندو
آھيان ته ڪھڙي شوڪيس مان اڄ ڪھڙي شي نڪتل آھي يا
نئين رکيل آھي. ايڏي وڏي ويڪري رستي تي ھلڻ ٺيڪ نه
آھي، اتي شوڪيسن کي ڏسندي ڊپ ٿيندو آھي. متان ڪو
ماڻھو سڃاڻي وٺي. پر آئون ھروڀرو ٿو ڊڄان. منهنجي
ڪنهن کي خبر آھي؟ ھو سامھون اونداھي واري گھٽي ٺيڪ
آھي. آئون اوڏانهن مڙي ٿو وڃان. ٻين کي منهنجي
خبر ڪانهي پر ھوءَ سڀ ڄاڻي ٿي. ڪيڏي نفرت سان خوني
۽ قاتل چيائين. مون کان ڊڄي ويئي..... ھا ھا
ھا!...... مون به چئي ڏنومانس. کيس ته منهنجو
ٿورائتو ٿيڻ گھرجي، نه ته اھڙي چڪر ۾ اچي ويئي
ھئي، جو سڄي حياتي پيئي لوڙي ھا. الائي ڇو، ھن کي
خون ڪرڻ تي منهنجي دل نه وري، سٺو ٿيو، بچي ويئي.
مون ھن کي ڪيڏو چاھيو ھو، پر منهنجي چاھت خوني
ھئي. مون شايد زندگي ۾ پھريون ڀيرو سچ ڳالھايو ھو.
مون ھن کي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو. مون ڪجھ به نه
لڪايو، ڪيڏي يقين سان، ۽ ڪيڏي آس سانڍي. ان وقت
مون چاھيو ٿي ته ھوءَ وري مون کي انسان بنائي پر
سچ ڳالھائڻ جي باوجود، مون اھو ھن سان ۽ پنهنجو
پاڻ سان دوکو ٿي ڪيو. آئون ھن کي ڪا به خوشي نه
ڏئي سگھان ھا. ھن جي ڪا به ضرورت، ڪا به خواھش
پوري نه ڪري سگھان ها. ھن کي مون سان گڏ قبرستان
جي ويرانيءَ ۾ رھڻو پوي ھا. ھوءَ اھو سڀ ٻڌي ڊڄي
ويئي. ڊپ وچان سندس نرڙ تي پگھر مڙي آيو - ۽ پيلي
پئجي ويئي ۽ روئڻ لڳي. مون کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته
ھن کي ڇا چئي ماٺ ڪرايان. ھڪ ڏوھاري، جنهن پنهنجا
سمورا ڏوھ قبوليا ھجن، سو وڌيڪ چئي به ڇا ٿو سگھي.
ھوءَ پوءِ سگھوئي سمجھي وئي ته اھو سڀ دوکو ھو ۽
ڄار وڇايل ھو. ھن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪيڏي نفرت
ڀريل آھي. پر ھوءَ اڳي کان وڌيڪ حسين آھي ۽
ننڊاکڙي. ھن جي اکين ۾ ڪيتري ننڊ آھي. آرام جي
ننڊ، سڪون جي ننڊ.
منهنجا وار اڀا ٿي ويا آھن. ھن اونداھي ۽ ويران
گھٽيءَ ۾ مون کي ڪنهن جو وجود محسوس ٿئي ٿو - ۽
سھڪي جو آواز. ھوا بند آھي. گھٽ ۽ ٻوساٽ ۾ ساھ
منجھي ٿو. منهنجي اندر ۾ نفرت ۽ ڪاوڙ جي باه دکڻ
ٿي لڳي ۽ ڀڙڪو کائي دماغ ۾ اچي ٿي پھچي. رڳن اندر
رت زور سان پيو ڍوڙي. منهنجن ھڏاون ھٿن جون آڱريون
ڇڪجي ٿيون وڃن ۽ ڏند ڀچي ٿا وڃن.... ”ذليل!
ڪميڻو!“ ۽ پوءِ اکڇنڀ ۾ منهنجا ھٿ بجلي وانگر ھن
جي ڳچيءَ جي چوڌاري وڪوڙجي ٿا وڃن. تيز سھڪو....
لڇڻ پڇڻ..... ۽ پوءِ ساڻائي. آئون آھستي آھستي
چوطرف چتائي ڏسان ٿو. پري پري تائين ويراني آھي.
ھن جي موت جھڙي. ھن جي لاش کي کڻي ڪلھي تي ٿو
رکان، ۽ پنهنجي قبرستان طرف تيز تيز ھلان ٿو. ھن
کي قبرستان ۾ وڃي ڦٽو ڪندس. ھن ۾ ڪجھ به بار
ڪونهي، پوءِ به آئون ڏاڍو ٿڪجي پيو آھيان. دل زور
سان ڌڪ ڌڪ پيئي ڪري. مون کي پنهنجي پيشانيءَ تي
پگھر محسوس ٿئي ٿو، پر ھٿ لاھي ڏسڻ مان ڇا فائدو.
ٽنگون ڏڪن پيون. تکو ڪيئن ھلان؟ پر آئون ھتي ھڪڙو
پل به نٿو ترسي سگھان. دماغ ۾ اڃان تائين باه دکي
پيئي. عجيب ڳالھ آھي. اھا باه خون ڪرڻ کان پوءِ به
ڍري ڪانه ٿيندي آھي. جيستائين آئون پنهنجي قبر ۾،
ڪفن ۾ منهن لڪائي سمھي نه پوان. لعنت آھي، ٽنگن ۾
ڪو ست ئي ڪونهي؟ آخر ڪھڙو فائدو، وڃي جھنم ۾ پئي.
جسم ۾ طاقت ئي ڪانهي. ڪلھا ته اڳ ۾ جھڪيل آھن، ھي
پينگھو کوکلو جسم وِک وک تي ٿاٻو، ۽ ھر وقت ڪرڻ جو
ڊپ. ذلالت جي به ڪا انتها آھي. پوءِ، ھي نست
پير.... ڪو لڪل سرو منهنجي سڄي جسم کي کائي چڪو
آھي، ۽ سڙيل رت ۾ الائي ڇا ڇا مليل آھي.
جيڪڏھن بلڊ بينڪ ۾ وڃي ڊاڪٽر کي چوان، ”آئون
پنهنجو رت ڏيڻ آيو آھيان،“ ھو ٽيسٽ جي لاءِ منهنجي
نس مان سئي سان رت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري، ته ھوند بيھوش
ٿي ڪري پيئي. جسم ۾ رت ڦڙو به ڪونهي جو نڪري.
من ئي من ۾ ٽھڪ ڏيان ٿو، مون کي دل ۾ ٽھڪ ڏيڻ سٺو
لڳندو آھي. ٽھڪ ٻاھر نڪرندو آھي ته کوکلو جسم وڄڻ
لڳندو آھي، ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي ڪيڏو عجيب لڳندو
آھيان. آئون واقعي عجيب آھيان؟ بڪواس آھي! گھڻا
واقف ڪار ائين چوندا آھن. ھوءَ به ائين چوندي ھئي.
اھي سطحي ماڻھو ھر وقت پنهنجو پاڻ کي نارمل رکڻ جا
جتن ڪندا رھندا آھن. بيوقوفن کي ڪھڙي خبر ته ھرڪو
ماڻھو عجيب ھوندو آھي. مون کي ھر ماڻھو اھڙو مليو
آھي، جنهن تي دل کلڻ جي لاءِ چاھيندي آھي. مون ۾ ۽
ٻين ۾ فرق اھو آھي ته آئون ٻين تي کلڻ بدران پاڻ
تي کلندو آھيان.
ھوا بند آھي. گرمي ته ڪيڏي آھي. منهنجي سوڙھي قبر
۾ ته ھيڪاري وئل ھوندو. گھٽ ۽ گرميءَ ۾ ساه منجھڻ
۽ لڇڻ لڳندو آھي. جسم جي پور پور مان پگھر چشمي جي
پاڻي وانگر ڦٽي نڪرندو ئي رھندو آھي. آئون ڪڏھن
قبرستان پھچندس؟ ھن لاش کي ته ٻين ڀيڙو ڪريان. ھي
لاش کڻي کڻي منهنجا ڪلھا ڏکي پيا آھن، پر رھي به
ته نٿو سگھان. وقت اچي ٿو ته پاڻ تي وس ئي نٿو
ھلي. مون کي ان کان نفرت آھي! ان سڀ کان نفرت آھي.
پر شايد مون ۾ اھا قوت ڪانهي جو ٻين وانگر پاڻ کي
نارمل رکڻ جي جتن ۾ ڪامياب ٿيان. شايد سڀ ڪجھ ختم
ٿي چڪو آھي. آئون آخر ڪھڙي ڏوه جي سزا پيو ڀوڳيان؟
اھو سڀ آئون سھي نٿو سگھان. انسان يا ته انسان
ھجي؟ يا چاڪيءَ جو ڍڳو، انسان سان چاڪي جي ڍڳي
واري حالت ....
منهنجو ساهه ٿو منجھي. دل ۾ اچي ٿو ته ھن ديوار
سان مٿو ھڻي ڪڍان. آئون ھلان پيو، يا اتي جو اتي
بيٺو آھيان؟ قدم ته رڳو پيا وچڙن ۽ ٿاٻڙن. ھن شھر
۾ دل وندرائڻ جا ڪيترا سامان آھن. پنهنجو پاڻ کي
دوکي ڏيڻ ۾ ماڻھوءَ وسان ڪو نه گھٽايو آھي، شوڪيس
به سراسر دوکو آھن. اندر رکيل سامان رڳو نظر جو
فريب آھن. مون آڱرين سان انهن شين کي ڇھي محسوس
ڪرڻ چاھيو آھي. پر آڱريون فقط سخت، ٺوس شيشي کي
محسوس ڪنديون آھن. ھن عجيب ڌرتيءَ جي ھر ڪا شيءِ
عجيب آھي. ذھن سوچي سوچي ساڻو ٿي پوندو پر ڪا به
ڳالھ سمجھ ۾ ڪا نه ايندي. اھو ڄاڻندي به ذھن ويندو
سوچيندو، ۽ ماڻھو احمقن وانگر وات ڦاڙي ذھن جي
بڪواس ٻڌندو رھندو آھي. ڇا واھياتپڻو آھي!.....بس،
گھڻو ٿيو. ذھن آھي يا ڪا مشين! ننڊ ۾ به جند نٿي
ڇٽي ..... ۽ خواب وري ڇا آھن؟ سوچ جون تصويرون ئي
ته آھن.
فضا دونهاٽيل آھي. چوڌاري اڻ لکو دونهون آھي.
ھانءُ منجھي رھيو آھي. ھي گھٽي ڏاڍي ويران آھي. ان
مان يا ته رولو ڪتا لنگھندا ھوندا يا ڪي ڀٽڪندڙ
روح يا وري مون جھڙا قاتل!
- خوني، قاتل!
اوھ، ھي آواز ڪٿان آيو؟ آئون ڏڪي ويو آھيان.
منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا آھن، ڪوئي ڪونهي. ھن جي
آواز جو پڙاڏو آھي شايد، جيڪو اڃان تائين منهنجي
ذھن ۾ گونججي رھيو آھي. مون کي ھن جي انهن لفظن تي
ڪاوڙ ڪانهي، ڪو ڏک ڪونهي. آئون پاڻ مڃان ٿو ته
آئون خوني ۽ قاتل آھيان. ھن جو ڏوھ فقط اھو آھي ته
ھن اھو سچ منهنجي منهن تي چيو. ھن کان اڳ ۾ شايد
آئون اھو سچ سھي نه سگھان ھا، پر ھاڻي ايترو ھيڻو
۽ نستو ٿي ويو آھيان جو سچ قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
چارو ئي ڪونهي. فقط ڏاڍو ۽ طاقت وارو ماڻھو پنهنجي
ڀرپور قوت سان سچ کي رد ڪري سگھي ٿو، پيرن ھيٺان
چيڀاٽي سگھي ٿو، پر مون کي ته پاڻ سچ پيو چيڀاٽي.
مون ۾ سچ کي رد ڪرڻ جي طاقت ئي ڪانهي. آئون مڃان
ٿو ته مون ھينئر به ھڪ خون ڪيو آھي ۽ لاش کي
پنهنجن جھڪيل ڪلھن تي کڻي، لڪندو ڇپندو وڃي رھيو
آھيان .... سسيفس وانگر، جنهن کي ڇپ ڍوئڻ جو
پاراتو مليو ھو. مون کي شايد منهنجن نامعلوم ڏوھن
جي عيوض جيئرو رھڻ جي سزا ڏني ويئي آھي. آخر اھو
سلسلو ڪيستائين ھلندو؟
آئون ھلي ھلي ٿڪجي پيو آھيان..... ھلان به پيو يا
رڳو ھڪ ئي ھنڌ پيو ٿاٻڙان؟ پنڌ ڪيڏو نه ڊگھو آھي.
آئون ڊوڙڻ ٿو چاھيان، پر وک وڌي ئي ڪا نه ٿي، ڍوڙي
به نٿو سگھان، پاڻ تي ايترو اختيار به ڪونهي مون
کي. آئون ڪٿي اچي پھتو آھيان؟ ھتي ته رڳو ڌپ آھي.
اھا ڌپ منهنجن سمورن احساسن تي ڇانئجندي پيئي وڃي.
اھا ڌپ ٻاھر آھي يا منهنجي وجود ۾ آھي؟ ڪو فيصلو
نٿو ڪري سگھان، فيصلي ڪرڻ جون قوتون ختم ٿي چڪيون
آھن. ھيءَ سوڙھي اونداھي گھٽي آخر ڪٿي ختم ٿيندي؟
ڪٿي مون کان راه وڃائجي ته نه ويئي آھي؟ ائين ئي
آھي. ھلندي ھلندي ڄڻ سڄي زندگي گذري ويئي آھي – پر
پنڌ کٽي ئي ڪو نه ٿو. ھاڻي ته آئون وک به کڻي نٿو
سگھان، ھيءَ سرنگ جھڙي گھٽي ڪٿي ختم به ٿيندي يا
نه؟ ڇا ھميشھ ائين ٿيندو آھي؟ ڪو به جواب ڪونهي
..... ذھن ساڻو ٿي چڪو آھي، آئون پاڻ کي گھليندو
ھلندو ئي رھندس. پر آخر ھي سلسلو ڪيستائين ھلندو؟
اوھ، منهنجا خدا، آخر پڄاڻي ڪٿي آھي؟.....
چانڊوڪي ۽ آڳ
ريلوي پليٽ فارم تي سڃ لڳي پيئي آھي. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ
مسافر پليٽفارم تي پيل بينچن تي ٽنگون پکيڙيو
ليٽيو پيو آھي. ڪولي ھيٺ فرش تي ويٺا، ٻيڙين جا
سوٽا ڀري آسمان کي تڪي رھيا آھن. پريان ھڪ خوانچي
جي ڀرسان پوڙھو بيمار ڪتو پڇ لٽڪائي رھيو آھي.
خوانچي وارو ڪتي کي ھڪل ڏيئي وري اوجھرڻ ٿو لڳي.
ٽي اسٽال تي بيٺل ماڻھو ڪائونٽر تي ٺونٺيون کوڙيو،
ڪنڌ جھڪائي اڌ پوريل اکين سان اوٻاسين مٿان
اوٻاسيون ڏيئي رھيو آھي. ھڪ ٻھ مسافر اچن ٿا، پليٽ
فارم تي لڳل وڏي گھڙيال ڏانهن نهاري، چپ چاپ ڪنهن
خالي پيل بينچ تي ڪنڌ جھڪائي وڃي ويھي رھن ٿا.
منهنجون نگاھون به گھڙيال ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. رات
جا ٻارھن لڳڻ وارا آھن. آئون پليٽفارم تي بي مقصد
چڪر ھڻي رھيو آھيان. وايو منڊل ڪيترو ويران ۽ سڃو
سڃو آھي. اڌ رات ٿي چڪي آھي ۽ جيئن جيئن رات وڃي
ٿي وڌندي، تيئن ويراني ۽ اڪيلائيءَ جو احساس دل تي
ڇائجندو پيو وڃي. مٿي آسمان تي چنڊ چمڪي رھيو آھي
۽ ھيٺ ڌرتي تي بلبن جي تيز روشني...... تڏھن به
منهنجي من ۾ ڪاري ٻاٽ ڇو آھي؟.... آئون پاڻ کي ان
سوال کان بچائڻ خاطر ھڪڙي بينچ تي ٻن ويٺل مسافرن
سان گڏجي وڃي ويھي رھان ٿو. ھو مون کي ڏسي چپ ٿي
ويا آھن. آئون به مونجھ محسوس ڪري رھيو آھيان. ٻن
ڄڻن جي گفتگو ۾ رخنو وجھڻ، ڪھڙي نه خراب ڳالھ آھي!
پر آئون ڇا ڪريان.... اڪيلائپ کان ڊڄان ٿو، وري
ماڻھن سان گڏ ويھندو آھيان، ته پريشان لڳندو
آھيان. اڪيلائپ جو احساس اتي به ختم نه ٿيندو
آھي....ڇا ڪريان..... سڀ چپ آھن. دل چاھي ٿي ته
اٿي وڃان، پر چاھيندي به اٿي نٿو سگھان.
ھڪڙو ڄڻو خاموشيءَ کي ٽوڙڻ خاطر مون کان پڇي ٿو.
”ڀائو، ھيءَ مسافر گاڏي ايندي نه!“
آئون جواب ڏيان ٿو؛ ”ھا، ايندي ته پيسينجر گاڏي.“
ٻيو ڄڻو چوي ٿو، ”پري کان ايندي آھي، ان ڪري مسافر
لت کوڙي ستا پيا ھوندا آھن، جاءِ مشڪل سان ملي!“
”ڪيئن به ڪري مڙيئي ٿيو سفر ڪرڻو،“ جواب پھرين
ماڻھو ڏنو.
وري به خاموشي ڇانئجي ويئي آھي. آئون سوچيان ٿو
مون کي ڪٿي پھچڻو آھي..... منهنجي منزل ڪٿي
آھي..... اسان سڀني جي منزل ڪٿي آھي..... اسان جي
زندگي ٽرين وانگر اسان کي الائي ڪيڏانهن کنيو پئي
وڃي؟ آخري اسٽيشن تي موت جو بورڊ لڳل آھي، جيڪو
ڌنڌ ۾ ڪنهن کي به پڙھڻ نٿو اچي. پر اھو سڀ سوچڻ
مان ڪھڙو فائدو؟ ماڻھو ته پاڻ کي ڪي حسين فريب
ڏيئي اھڙن احساسن کي دٻايو ڇڏين. زندگي گذارڻ جو
اھو ئي بهتر طريقو آھي، نه ته جيڪر ڪو به انسان ھن
دنيا ۾ موت جي ڊپ کان جي نه سگھي.
(ماڻھو پاڻ کي ٺڳيو الائي ڇا ڇا ڪريو وڃي!)
آئون به پاڻ کي ڪو نه ڪو فريب ڏيئي پنهنجي حصي جي
زندگي جيئڻ ٿو چاھيان. پر پاڻ کي ڪھڙو فريب ڏيان!
سماج سڌارڻ جو ٺيڪو کڻان .... زندگي عيش آرام سان
گذارڻ جي لاءِ دولت ڪمائڻ جا طريقا ڳوليان
......نه، آئون ھڪ عام ماڻھو وانگر زندگي گذارڻ
چاھيان ٿو. ھڪ صاف سٿري گھر ۾، ڪنهن جي حسين ٻانهن
۾، وارن جي ڇانو ھيٺ!.... ھون، شاعراڻيون ڳالھيون،
سڀ بڪواس.
”اڄ گاڏي ليٽ ٿي ڏسجي....“ پاسي ۾ ويٺل ماڻھو ڪجھ
چئي رھيو آھي.
”ھا، گاڏي ليٽ آھي،“ آئون ائين چئي اٿي بيھان ٿو،
۽ پوءِ آھستي آھستي ھلڻ لڳان ٿو.
آئون ساري عمر ڪنهن وڏي گھاٽي جھنگ ۾ ھلندو رھيو
آھيان. جھنگ جا بيشمار وڻ تيز ھوا ۾ سوسٽ ڪري
الائي ڇا چئي رھيا آھن. آئون ڪجھ به نه سمجھندي،
ھنن وٽان لنگھي رھيو آھيان، منهنجي چوڌاري اڪيلائپ
۽ ويراني آھي. ھزارين تمنائن جو بار پنهنجي ڪلھن
تي کڻي ھلندي ھلندي ٿڪي پيو آھيان. رکي رکي ڪا
دٻيل تمنا، اوچتو اڀري سڏڪو ٿي ڀري ته جھنگ جي
ويراني ۾ مون کان ڇرڪ نڪريو وڃي، دل ڏڪيو وڃي.
اميدن جي بستي اڃان ڪيترو پري آھي؟
ٻئي پليٽ فارم تي گاڏي اچي رھي آھي. ستل پليٽفارم
ڪر موڙي جاڳي پيو آھي. مسافرن، ڪولين ۽ خوانچي
وارن جي ھلڪي چھل پھل شروع ٿي ويئي آھي. آئون به
ان طرف وڃان ٿو. گاڏي پليٽفارم تي اچي بيٺي آھي.
منهنجي بلڪل سامھون واري ڪمپارٽمنٽ جي دريءَ مان
ھڪ پوڙھي عورت ويران ۽ خالي نگاھن سان ٻاھر گھوري
رھي آھي. سندس وار کنڊريل آھن. شايد ننڊ مان اٿي
آھي، پر تڏھن به ھن جي شڪل تي ڪھڙي نه عجيب
ويرانيءَ جي ڪيفيت ڇانيل آھي. مون کي ھن تي ڪنهن
کنڊر جو گمان ٿو ٿئي پر..... اھو کنڊر منهنجي ئي
اڳيان اچڻو ھو!.... گھٻرائجي منهن ڦيري ٿو ڇڏيان.
منهنجي گاڏي به اچي ويئي آھي. آئون تڪڙو تڪڙو
پليٽفارم ڏانهن وڃان ٿو. گاڏيءَ ۾ گھڻي رش ڪانهي،
پر سيٽون سمورين والاريل آھن. ماڻھو سيٽن تي ستا
پيا آھن، ويھڻ جي به جاءِ ڪا نه ٿي ڏسجي. آئون
اڳتي وڌندو رھان ٿو. انجڻ جي ويجھو اچي پھتو
آھيان. انجڻ سان گڏيل ڪمپارٽمنٽ ۾ فقط ھڪ پوڙھي ۽
ھڪ ڇوڪرو ستا پيا آھن. پھريان ٻھ مسافر به ھيڏانهن
ئي اچي رھيا آھن. ويجھو اچي، ھڪڙو ڄڻو چوي ٿو،
”چڙھو چڙھو، سڄو گاڏو خالي پيو آھي.“ آئون به ٻين
سان گڏ چڙھي ھڪ خالي سيٽ تي وڃي ويھان ٿو.
ٻيو مسافر سيٽ تي ويھندي چئي ٿو، ”پوءِ جي عورتون آيون ته کڻي لھبو.“
”اسان جا وڏا چوندا آھن، ته بنا ڏاڙھي جي عورت ۽
مرد ۾ ڪو فرق ڪونهي، پوءِ جيڪڏھن اسين به عورتن
سان گڏ ويٺاسين ته ڪھڙو ڏوھ ٿيو.“ ھن جو ساٿي
پنهنجي چھري تي ھٿ ڦيريندي چوي ٿو.
آئون ان ماڻھوءَ کان پڇان ٿو، ”ڇو، ھيءُ زنانو دٻو
آھي ڇا؟“
”اوھان ٻاھر لکيل ڪو نه ڏٺو ڇا؟ اچو، ڏسو.....“ ھو
مون کي ٻاھر وٺي وڃي ٿو؛ ۽ منهنجن چپن تي ڦڪي مرڪ
پکڙجي ٿي وڃي.
”خير پرواھ ناھي، آدم کي به ته ھوا جي ڪري جنت مان
نڪرڻو پيو. اسين به کڻي لھي وينداسين،“ اسين ٽئي
کلڻ ٿا لڳون.
ڪاري چادر ۾ ھڪ نوجوان عورت ھڪ اڌڙوٽ عمر جي مرد
سان گڏ ڪمپارٽمنٽ ۾ اچي چڙھي آھي. اسين ٽئي ڄڻا ھڪ
ٻئي ڏانهن ڏسون ٿا. عورت ۽ مرد چپ چاپ خالي سيٽ تي
وڃي ويھن ٿا.
مون سان گڏ ويٺل ھڪڙو مسافر ھروڀرو ان اڌڙوٽ عمر
جي مرد کي چئي ٿو، ”دراصل ھي ليڊيز ڪمپارٽمنٽ آھي.
آھي ته سڄو خالي، پر اوھان کي جيڪڏھن اعتراض ھجي
ته اسين لھي وڃون؟“
”نه نه، توھان ڀلي ويٺا ھجو. سفر جون گھڙيون آھن،
گذري وينديون.“ آھستي آھستي ھتان ھتان جون بيڪار
ڳالھيون شروع ٿي وڃن ٿيون. ھيٺ سيٽ تي ستل پوڙھي
گوڙ تي جاڳي اکيون ڦاڙي اسان ۾ نهاري ٿي، پوءِ
منهن ڦٽائي سمھي رھي ٿي.
گاڏي ھلڻ ٿي لڳي ۽ ٿوري دير کان پوءِ چادريءَ جو
سنهڙو پردو پڻ مٿي کڄي ٿو وڃي. منهنجو سارو وجود
ڄڻ ڏڪي ويو آھي، نظرون ڏڪي ويون آھن، ڏڪي ھٽي ويون
آھن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ھوا جو ٿڌو جھوٽو روح کي
ڇھندو گذري ويو آھي. ھوءَ پاڻ سان گڏ ويٺل مرد سان
آھستي آھستي ڳالھائي رھي آھي. ھن جو آواز ننڍڙي
ٻار جي معصوم آواز وانگر ٿو لڳي.
آئون دريءَ کان ٻاھر نهارڻ ٿو لڳان. ٻاھر ڌنڌلي
چانڊوڪي ڦھليل آھي. آسمان تي ڪڪر ڊوڙي رھيا آھن،
چنڊ پورن ڏينهن جو آھي، پر جڏھن ڪو ڪڪر چنڊ کي
ڍڪيو ڇڏي ته چانڊوڪي ڌنڌلي بنجيو وڃي. ھينئر به ھڪ
وڏي ڪڪر چنڊ کي ڍڪي ڇڏيو آھي. گاڏي ڄڻ ته ڪنهن شئي
کان ڊڄي رڙيون ڪندي پھاڙن جي وچ مان ڀڄندي پئي
وڃي. ڌنڌلي ڌنڌلي چانڊوڪيءَ ۾ اھي پھاڙ ڪھڙا نه
ھيبتناڪ ڀانئجي رھيا آھن! چو طرف خوفناڪ ويراني
ڇانيل آھي. ڪٿي منهنجو ڀٽڪندڙ روح به انهن خوفناڪ
ويرانين ۾ گم نه ٿي وڃي. آئون ڊڄي منهن اندر ڪري
ٿو ڇڏيان. نگاھون ھن ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، ۽ يڪدم
ڊڄي ھٽي وڃن ٿيون. ڄڻ چوري ڪندي پڪڙجي پيون ھجن.
آئون ڪتاب کڻي پڙھڻ ٿو لڳان خالي خالي اکر آھن، ڪا
به ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي، ذھن ۾ ڪي عجيب تصويرون
ڍوڙي رھيون آھن. دٻو ڪنهن پينگھ جيان لڏي رھيو آھي
پر ننڊ اکين کان ڪوھين دور آھي. آئون ڊڄي ڊڄي ھن
ڏانهن نهاريان ٿو. ھوءَ سيٽ تي چادر وڇائي ليٽي
پيئي آھي. سڀ مسافر سمھي پيا آھن، فقط آئون ئي
جاڳي رھيو آھيان. ننڊ مون کان رٺل آھي. آءٌ ھن
ڏانهن نهارڻ ٿو لڳان. سيٽ تي سئين ڪنڊي ليٽڻ سبب ۽
تکن تکن ساھن کڻڻ جي ڪري ھن جو سينو عجيب نموني
ھيٺ مٿي ٿي رھيو آھي. ھن کي ڌارين جي وچ ۾ ائين نه
سمھڻ گھرجي. منهنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪو ڳنڍو اٽڪي پيو
آھي. جيئن ڳيت ڏيئي ھيٺ لاھڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان،
تيئن مٿي چڙھي ٿو اچي. ھن جون اکيون ٻن پوريل
مکڙين وانگر لڳي رھيو آھن. ھن جي ڳاڙھن ۽ آلن چپن
تي ھڪ اڻ لکي مرڪ پکڙيل آھي.
جيڪڏھن ھن کي معلوم ٿي وڃي ته ھڪ ڌاريون مرد کيس
ائين تڪي رھيو آھي، ته ..... نه مون کي ائين نه
ڪرڻ کپي. ڪنهن پرائي عورت کي ائين لاڳيتو ڏسندو
رھڻ خراب حرڪت آھي. آئون ھاڻي ھن ڏانهن نه
نهاريندس. آئون پنهنجون اکيون پوري ٿو ڇڏيان، تڏھن
به ھن جو خيال ذھن مان نٿو نڪري. ھوءَ بيحد حسين
آھي. آئون کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪريان، پر ھن جو خيال
ذھن مان نٿو ڪڍي سگھان. منهنجا چپ ٽانڊن وانگر پيا
ٻرن، شايد ڪنهن ازلي آڳ ۾ جلي رھيا آھن. آئون
اکيون کولي ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھن جا چپ به ڄڻ
ٽانڊن وانگر لڳي رھيا آھن. ھي مون کي ڇا ٿيندو پيو
وڃي ...... آئون گھٻرائجي اکيون بند ڪري ٿو ڇڏيان.
پر آڳ وڃي ٿي وڌندي، ڄر ۽ ڄڀيون بڻجندي، ساري بدن
۾ زھر وانگر پکڙجندي، ساڙيندي، ٽچڪائيندي.... ھوءَ
معصوم ۽ خماريل نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳي ٿي.
”مون پنهنجي ساري حياتي لڇندي گذاري آھي. الائي
ڪيتري وقت کان منهنجو جسم اڃ جي آڳ ۾ جلندو رھيو
آھي. مون سان وعدو ڪر، مون کي ڇڏي ته نه
ويندينءَ؟“....
”آئون تنهنجي آھيان! توکي ڇڏي ڪيڏانهن به نه
وينديس.....“ آئون پنهنجا چپ ھن جي چپن تي رکي ٿو
ڇڏيان، پر چپن جي پياس ٻجھڻ بدران وڃي ٿي وڌندي.
”ڏس، تنهنجن منهنجن چپن جي ازلي آڳ پاڻ ۾ ملي ڀنڀٽ
بڻجي رھي آھي. اسين ٻئي ڄڻا ان ۾ سڙي خاڪ بڻجي
وينداسين ۽ پوءِ امر بڻجي وينداسين.....“
اوه ھي ڇا ٿيو.... منهنجو دريءَ تي رکيل منهن
دريءَ سان وڃي ٽڪرايو آھي. چپ سخت ۽ سرد ڪاٺ تي
وڃي لڳا آھن ۽ ڦاٽي پيا آھن. گاڏي ھڪڙي ڌڌڪي سان
بيھي رھي آھي. شايد ڪا اسٽيشن آھي. آئون اکيون
کولي چوڌاري نهاريان ٿو. سڀ مسافر ستا پيا آھن،
فقط پوڙھي جاڳي رھي آھي. اسٽيشن ڏسي ھوءَ پنهنجي
ڇوڪري کي اٿاري ٿي، ڇوڪرو اٿي ٿو. ھوءَ به آواز تي
جاڳي پيئي آھي. پوڙھيءَ کي ڏسي وري مون ڏانهن ٿي
نهاري. آئون گھٻرائجي منهن ڦيري ٿو ڇڏيان. شايد ھن
منهنجي دل جو چور پڪڙي ورتو آھي. آئون ھاڻي ھن
ڏانهن نه نهاريندس. پر منهنجا چپ ..... اھي ته اڃا
تائين ٽانڊن وانگر پيا ٻرن.....
آئون دريءَ مان ٻاھران نهارڻ ٿو لڳان. چنڊ تان جھڙ
ھٽي ويو آھي ۽ چوطرف کير جھڙي چانڊوڪي ڦھليل آھي.
ھڪ چنڊ ٻاھر چمڪي رھيو آھي، ھڪ گاڏي اندر آھي. پر
ٻئي چنڊ منهنجي پھچ کان تمام پري آھن. آئون اھو
چڪور آھيان جنهن جا کنڀ کٿل آھن. اھو آئون چڱي طرح
ڄاڻان ٿو ته چنڊ کي پھچڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آھي،
پر چنڊ کي ڏسڻ به منهنجي لاءِ پاپ آھي!.... چنڊ کي
ڏسي الائي ڇو محرومي جو احساس زھر وانگر منهنجي نس
نس ۾ ڍوڙڻ لڳندو آھي. منهنجي ساري زندگي محرومين
جي رڃ ۾ گذري آھي. وک وک تي محرومي! دل جي ته خاني
مان جڏھن به ڪا تمنا، ڪا حسرت اڀري آئي آھي، ته
مون ان کي مروڙي سروڙي پنهنجي سيني ۾ دفن ڪري ڇڏيو
ھوندو. ڪڏھن ڪڏھن اھي دفن ٿيل تمنائون خوفناڪ ٽھڪ
ڏيئي اٿي پونديون آھن ۽ پنهنجي تيز نهن سان دل جي
زخمن تي چڙھيل ڪڙين کي لاھي رتو رت ڪري، نوان زخم
پيدا ڪري ڇڏينديون آھن، آئون انهن کي زوري مروٽي
وري سيني ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھيان. پر انهن جو بار
وڃي ٿو وڌندو، شايد انهن جي بار ھيٺان ھڪڙي ڏينهن
آئون به دٻجي وڃان.....
گاڏي کان ٻاھر به روشني آھي ۽ اندر به روشني آھي،
پر تڏھن به منهنجي دل ۾ ايڏي انڌوڪار ڇو آھي! چنڊ
ٻاھر واريءَ جي دڙن کي چمڪائي رھيو آھي پر منهنجي
دل جي ويرانين کي نٿو چمڪائي سگھي. دل جون
ويرانيون ته انهن واريءَ جي دڙن کان به زياده
ڀيانڪ آھن. اونداھي رات ۾ واريءَ جا دڙا ڪيڏا
ڀيانڪ لڳندا آھن، پر چانڊوڪيءَ ۾ اھي ڪيئن نه پيا
چمڪن! منهنجي نصيب ۾ ته فقط اونداھيون راتيون آھن.
ائين ڇو آھي؟.... رات جي خاموشي، ريل جي گوڙ ۽
رڙين ۾ منهنجو سوال دٻجي ٿو وڃي. ريل رڙندي،
گجندي، اونها اونها، تکا تکا ساھ کڻندي ڪيڏانهن
ڀڄندي پئي وڃي. سندس گوڙ منهنجن حواسن تي ڇانجي
رھيو آھي، چوڌاري گوڙ آھي، ڪير به ڪنهن جي نٿو
ٻڌي..... منهنجو ڪير به ڪونهي! ڪو به ته ناھي.....
آئون گھٻرائجي ھن ڏانهن نهاريان ٿو.
ھن جي چپن تي مرڪ آھي، سندس ننڊاکڙا نيڻ به ڄڻ
مرڪي رھيا آھن. ھوءَ ھلڪي اوٻاسي ڏيئي ڪر موڙي رھي
آھي. ھاڻي ته رات جو پويون پھر آھي. مون کي لڳي
ٿو، ڄڻ رات جي پوئين پھر ۾ ڪو گلاب ٽڙي پيو آھي.
دل چاھي ٿي، اھو گل ڏسندو رھان ۽ وقت جو احساس ختم
ٿي وڃي، ريل ھلندي ئي رھي...... گلاب جي ھلڪي ھلڪي
مھڪ مون تائين پھچي رھي آھي. ھن جي خوشبو مون کي
پاڻ ڏانهن ڇڪي پئي – پر گل بيشمار ڪنڊن سان جھنجيل
آھي. منهنجو ھٿ وڌندو ته رتو رت ٿي پوندو، ڪنڊا ان
کي گل تائين پھچڻ ڪو نه ڏيندا؛ ڇھڻ به ڪو نه
ڏيندا.
ٻيا به جاڳي پيا آھن ۽ ھاڻي سامان پيا ٺاھين، شايد
ايندڙ اسٽيشن تي لھي ويندا. ڇا ھوءَ به لھي ويندي!
آءٌ پنهنجي ان خيال تي پاڻ تي ڦڪو مرڪڻ ٿو لڳان.
ھن جو ۽ منهنجو آخر رشتو ئي ڪھڙو آھي! ڪو به
نه.... ڪو به نه ..... جلد ئي سج نڪرندو ۽ اڄوڪي
رات فقط ھڪ خواب جي حيثيت اختيار ڪري ويندي. ھوءَ
ھاڻي تيار ٿي ويئي آھي. ھن جون اکيون اڃا
ننڊاکڙيون آھن. رکي رکي مون ڏانهن نهاري ٿي. ڇو ٿي
مون ڏانهن نهاري!.... گھڙي کن کانپوءِ ھوءَ ھلي
ويندي – ڀلي ھلي وڃي، پر مون ڏانهن ڇو ٿي نهاري!
ھن کي مون ڏانهن نهارڻ نه کپي.
چانڊوڪي دونهاٽجي ويئي آھي، دونهاٽيل چانڊوڪي مان
ويراني پئي وسي، واريءَ جا دڙا پراڻا کنڊر ٿا لڳن.
پريان شھر جي روشني پيئي نظر اچي. لکين ڪروڙين بلب
تارن وانگر پيا ٽمڪن. ھوءَ وڏي اوٻاسي ڏيئي مون
ڏانهن نهاري ٿي. ھن کي ڇا ٿي ويو آھي، ڇو ٿي مون
ڏانهن نهاري!..... شايد ائين خواه مخواه پئي
نهاري..... گاڏي شھر جي ھڪ لوڪل اسٽيشن تي اچي
بيٺي آھي. ھو لھي رھيا آھن. مون کي ٻي لوڪل اسٽيشن
تي لھڻو آھي. مان ھونئن به جيڪر ھنن سان گڏ نه
لھان.....ھوءَ پليٽ فارم تي بيٺي آھي. ھاڻي شايد
آخري ڀيرو مون ڏانهن نهاريندي پوءِ ھلي ويندي ۽
سمنڊ جھڙي وسيع شھر ۾ الائي ڪٿي گم ٿي ويندي. ھو
ھاڻي وڃن پيا. ھو آخري دفعو پٺيان مڙي مون ڏانهن
نهاريندي...... پر آخر ڇو نهاري مون ڏانهن! نه ھن
کي ھڪڙو دفعو ته مون ڏانهن نهارڻ کپي. آخري ......
اوه! خوفناڪ آواز ڪٿان آيو؟ شايد ڪا انجڻ شنٽ ڪري
رھي آھي، منهنجي گاڏي به ھڪ خوفناڪ رڙ ڪري ھلڻ لڳي
آھي. ھاڻي اسٽيشن کي ڇڏي آئي آھي. چؤطرف بلبن جي
تيز روشني آھي، تڏھن به منهنجي دل ۾ ڪاري ٻاٽ ڇو
آھي! مٿي آسمان تي چنڊ ڪھڙو نه ويچارو ويچارو پيو
لڳي. جھڪو جھڪو ۽ دونهاٽيل! مان دريءَ مان منهن
ٻاھر ڪڍي، اکيون پوري چنڊ ڏانهن نهاريان ٿو، ۽
ھڪڙو اڪيلو گرم لڙڪ ھوا ۾ ڪيڏانهن اڏامي ٿو وڃي.
درد جي لاٽ
فلم ختم ٿي ويئي آھي. ماڻھو ھڪ ٻئي کي ڌڪيندا
ماڪوڙين وانگر سرندا ڄڻ ته ٻرن مان ٻاھر پيا نڪرن.
سئنيما جي ٻاھران ھڪڙو ٻيو ھجوم اندر وڃڻ لاءِ آتو
بيٺو آھي. زبردست پيھ آھي چو طرف. پر ايڏي ساري
ميلي ۾ آئون بلڪل اڪيلو آھيان. اڪيلائپ جي ان
احساس جي ڪري فلم مان به ڪو مزو ڪو نه آيو. فلم ته
فقط وقت ڪاٽڻ جي لاءِ ڏٺي اٿم. وقت جو به پنهنجو
مزاج آھي، پنهنجي چال آھي. ڪڏھن ته ھوائي جھاز
وانگر اڏامندو آھي، ڪڏھن ڪڇونءَ وانگر رڙھندو
رھندو آھي ھوائي جھاز جيان اڏامي اڏامي ڪڇونءَ
وانگر رڙھڻ لڳندو آھي، وري اوچتو ڪڇونءَ وانگر
رڙھندي رڙھندي ھوائي جھاز جيان اڏامڻ لڳندو آھي.
پر ان وچ ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا ڦيرا آڻي ڇڏيندو آھي.
وقت مون ۾ ۽ روبيءَ ۾ به ڪيڏو نه ڦيرو آڻي ڇڏيو
آھي. روبيءَ سان گڏ گذاريل گھڙين کي وقت جيٽ جھاز
وانگر اڏائي ويو ۽ پويان دونهن جي لڪير به نه رھي
آھي. منهنجي زندگي جھڙي تيزيءُ سان اڳتي وڌي، اھڙي
ئي ڍرائي سان ھاڻي پئي رڙھي. وقت ڪٽجڻ سان نٿو
ڪٽجي. بيڪار وقت گذارڻ به مسئلو آھي منهنجي لاءِ.
فلم ڏسڻ جو شوق مون کي ڪو نه ھو، پر رڳو وقت ڪاٽڻ
جي لاءِ ڏٺي ھيم. مون کي ائين ئي پئي محسوس ٿيو ته
ھال ۾ ايترن سارن ماڻھن ھوندي به آئون اڪيلو
آھيان. چوڌاري اجنبي ۽ غير واقف چھرا، اونداھيءَ ۾
ويڙھيل، جن ۾ ڪا به پنهنجائپ ڪا نه ھوندي آھي. مون
کي پنهنجن ۾ ئي پنهنجائپ نظر ڪا نه آئي آھي ته
پوءِ ڌارين ۾ پنهنجائپ ڪٿان آئي – پر آئون اھو سڀ
ڪجھ ڇو پيو سوچيان......سوچ ته باھ جي ڄڀي آھي،
ساڙيو رک ڪريو ڇڏي. اوھ! ھيءَ ڪير سنگھي وئي
منهنجي پاسي مان... ھوءَ ته ڪا نه ھئي، روبي! نه،
ھوءَ روبي ڪا نه ھئي. شام جو ستين لڳي مون کي سندن
گھر وڃڻو آھي. پر آئون ھن سان ملڻ ڪو نه پيو وڃان.
مون کي سندس ماءُ سان ملڻو آھي. يا ان بهاني سان
ھن کي ڏسڻ چاھيان ٿو. اسين پاڻ ۾ مائٽ آھيون. پر
مائٽ ھوندي به منهنجو ھاڻي روبيءَ سان ڪھڙو واسطو!
اسين ھڪ ٻئي لاءِ اجنبي بنجي چڪا آھيون – پر ڪنهن
وقت، جيڪو ھاڻي رھيو نه آھي، ھوءَ مون کي ايتري
ويجھي ھئي جو ھن جي دل جي ڌڪ ڌڪ ٻڌي سگھندو ھوس.
ھن جا تکا تکا گرم ساھ پنهنجي منهن تي محسوس ڪندو
ھوس. ھوءَ مون مان ساھ کڻندي ھئي ۽ آئون ھن مان
ساھ کڻندو ھوس. پر اڄ ..... ھن جي ساھن جي سرھاڻ ۾
۽ منهنجن حواسن ۾ وقت ھڪ وڏو فاصلو پيدا ڪري ڇڏيو
آھي. مون کي اھو فاصلو عزيز آھي، ان ڪري جو وقت
جيڪي ڪجھ ڏئي ٿو، سو نه چاھيندي به قبول ڪرڻو ئي
پوي ٿو. اسان ٻنهي اھو فيصلو قبول ڪري ورتو آھي –
خوشيءَ سان نه سھي پر قبول ڪرڻو ئي پيو آھي. ھاڻي
اسان ٻنهي جي وچ ۾ ھڪ وڏو فاصلو آھي جيڪو پار نٿو
ڪري سگھجي. ڀلا وقت جي فاصلي کي ڪنهن پار ڪيو آھي؟
سئنيما مان نڪتل رش بازار جي بي انتها رش ۾ ملي
ويئي آھي. آئون ڄڻ ته ھڪ وڏي جھنگ ۾ اچي نڪتو
آھيان. چوڌاري گوڙ آھي، شور آھي. جھنگ ۾ جانور
رڙيون ڪري شور مچائي رھيا آھن. منهنجو ساھ پيو
گھٽجي. چوڌاري گھٽ ۽ ٻوساٽ آھي. ھي ماڻھو جھنگ جا
جانور ڪونه آھن، سرڪس جا سيکاريل جانور آھن. ائين
پيا نچن ٽپن ۽ ڪرتب ڏيکارين. آئون ئي جھنگ جو
جانور آھيان جيڪو ھنن سيکاريل جانورن جي وچ ۾ اچي
ڦاٿو آھيان. ”ھا ھا ھا ..... ھو ھو ھو ..... ھي ھي
ھي .... جھليوس، پڪڙيوس ..... متان ويو آھي ......
نه ڇڏيوس ...... ھو ھو ھو .......“ آئون ڀڄڻ ٿو
چاھيان، پر ڀڄندي ڊڄان ٿو. سڀ منهنجي پٺيان ڍوڙندا
..... پر آئون ته ھروڀرو پيو سھڪان! مون کي ڇا ٿي
ويو آھي! ھي مون ڇا پئي سوچيو؟ پنهنجو پاڻ تي کلان
جيڪر ..... ڪڏھن ڪڏھن ماڻھوءَ جي من ۾ ڪھڙا نه
عجيب خيال ايندا آھن. دل چاھي ٿي ته پنهنجي ان
خيال تي ٽھڪ ڏيان، پر وچ بازار ۾ اڪيلو بيھي ٽھڪ
ڏيڻ چرين جو ڪم آھي. آئون ته اڪيلو آھيان، ان ڪري
ٽھڪ نٿو ڏئي سگھان. ھي اڪيلائپ جو احساس ته مون کي
ماري وجھندو. اڪيلائي انسان جو مقدر آھي، پر ڪنهن
جي ساٿ جي ڪري اڪيلائي جو احساس دٻجي ويندو آھي.
جڏھن ڪنهن جو ساٿ نه ھوندو آھي ته اڪيلائي ھڪ
زوردار حملو ڪري ڏيندي آھي ۽ احساس شديد بنجي
ويندو آھي. آئون ھن جي ساٿ بنا ڄڻ ته ھيڏي ساري
گھاٽي جھنگ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو ڀٽڪندو رھيو آھيان.
روبيءَ جو ساٿ ھو، ڪي چند گھڙيون ھيون جيڪي اک ڇنڀ
۾ گذري ويون.
ھڪڙي ڏينهن ھڪ رسالو ڏيندي روبيءَ چيو، ”ھيءَ
ڪھاڻي ته پڙھي ڏس.“
ان ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ مرد پنهنجي محبوبه سان جيئڻ مرڻ
جي ساٿ جا وعدا ڪري ڪيڏانهن ھليو ويندو آھي ھميشھ
لاءِ. مون ڪھاڻي پڙھي ھن ڏانهن نهاريو. مون کي
محسوس ٿيو ته ھن جي اکين ۾ ھڪ سوال آھي. ھوءَ ڪجھ
پڇڻ جي لاءِ اتاولي آھي. مون اٿي ھن جو مک چمي
ورتو. ھن جون اکيون ڀرجي آيون. اکيون ڀرجي اينديون
آھن ته اٿلي به پونديون آھن. منهنجي دل چاھيو ته
ھن جي ڳوڙھن کي پي ڇڏيان. ھن جا ڳوڙھا امرت آھن،
آئون لازوال بنجي ويندس..... اسان جو پيار لازوال
بنجي ويندو. پر ڪا به شيءِ لازوال ناھي. زوال،
پڇاڙي، موت پنهنجي جاءِ تي اٽل حقيقتون آھن – پر
ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو انهن حقيقتن کان ڀڄي سنهري خيالن
جي غار ۾ وڃي پناھ وٺندا آھن. پاڻ کي فريب ڏئي خوش
ٿيندا آھن. پوءِ جڏھن سمورا ذھني فريب ڦوڪڻي وانگر
ڦاٽي پوندا آھن ته ٻارن جيان روئي پوندا آھن.
شايد اسين به انهن ماڻھن مان ھئاسين.
روبيءَ مون کي چيو ھو، ”اھا ڳالھ منهنجي سمجھ ۾
نٿي اچي ته جن ماڻھن جي پاڻ ۾ ايتري چاھت ھوندي
آھي سي ھڪ ٻئي جي لاءِ اجنبي ڪيئن بنجي ويندا
آھن!“
”اھا ڳالھ شال ڪڏھن سمجھي به نه سگھين.....“ مون
رڳو ايترو وراڻيو ھو. اڄ اھو جواب مون کي کل جھڙو
پيو لڳي. ڪيتريون ڳالھيون اڳتي ھلي پنهنجي اھميت
وڃائي کل جھڙيون ڀاسنديون آھن. ڪلھوڪي حقيقت،
ڪلھوڪو سچ اڄ ڪوڙ پيو لڳي. ڪنهن به شيءِ جي ڪا به
حقيقت ڪانهي، ڪا معنيٰ ڪانهي. سڀ ڌوڪو آھي، فريب
آھي، اجايو ۽ بي معنيٰ آھي.
اوچتو ھڪڙي ماڻھوءَ مون کي ڌڪو ڏئي پري ڪيو آھي؛ ۽
منهنجي پاسي مان ھڪ موٽر شرڙاٽ ڪندي لنگھي وئي
آھي.
”سنڀالي ھل ڀائو، حياتي مان بيزار آھين ڇا؟“ اھو
ماڻھو چئي رھيو آھي. آئون رڳو ھن ڏانهن ڏسان ٿو.
ھن جو ٿورو ڪو نه ٿو مڃان. اڳتي وڌي وڃان ٿو. ڇا
ٿي پئي ھا؟ اھا موٽر مون کي ماري ڇڏي ھا، ائين
جيئن بوٽ ھيٺان ماڪوڙي چيڀاٽجي ويندي آھي(موت
ماڻھوءَ کي ڪيترو نه ويجھو آھي، ھر شيءِ کان قريب)
موت جي اڳيان ماڻھو به ماڪوڙي جي برابر آھي. ڪڏھن
مرڪندڙ ۽ کلندڙ، ڪڏھن روئندڙ سڏڪندڙ چھرا يڪدم پٿر
بنجيو وڃن. بس ايتري اھميت آھي ماڻھوءَ جي! انسان
جيڪو عظيم آھي، سو موت جي اڳيان ڪيڏو نه خسيس ۽
ھيچ آھي. ماڻھو مشين وانگر ھيڏانهن ھوڏانهن ڍوڙي
ڊڪي رھيا آھن، اوچتو ڪو پرزو ٽٽو ته مشين بيڪار.
ماڻھو پنهنجي ٺاھيل شيءِ جي گارنٽي ڏيئي سگھي ٿو،
پر خود ماڻھوءَ کي ٺاھيندڙ ڪا به گارنٽي نه ڏني
آھي.
وعدا ڪوڙي گارنٽي وانگر آھن، ۽ وعدن جي ڀلا اھميت
ئي ڪھڙي آھي! ڪڏھن روبيءَ ۽ مون ڪيترا وعدا ڪيا
ھئا، پر اڄ ان جو تعلق رڳو ماضيءَ سان آھي. اسان
جو پيار جيڪو ڪلھ سچ ھو، اڄ ان کي معنيٰ ناھي. ڪلھ
ڪجھ ھو، اڄ ڪجھ به نه آھي.پر تڏھن به دل ته ڪورو
ڪاغذ آھي، ڪا ليڪ پئجي وئي ته مٽجڻ جي ناھي. مٽجي
به وڃي پر ڪاغذ جو ڪنوار پڻو ته ختم ٿي ويو.
- اچ ته اڄ انهن يادن جي زھر جا ڍڪ گڏجي پيئون،
گڏجي سرڪيون ڀريون. شايد اجنبيت جي کڙي ٿيل ديوار
کي ھٽائي سگھون، چاھي ڪن گھڙين جي لاءِ ئي سھي. پر
ھاڻي ٿي به ڇا ٿو سگھي! اجنبيت جي ديوار ڪيتري
مضبوط آھي ۽ ان کي ڪيرائڻ نه منهنجي وس ۾ آھي ۽ نه
روبيءَ جي وس ۾.
”وقت وڏو بيدرد آھي، روبي! اسان جي اڳيان وقت جو
تيز طوفان جھڙو وھڪرو آھي. انهيءَ طوفان جي مقابلي
ڪرڻ جي اڃا اسان ٻنهي ۾ ھمت پيدا ئي ڪا نه ٿي آھي.
ڪٿي ان جي وھڪري ۾ لڙھندي، حالتن جا ٿپيڙا کائيندي
ھڪ ٻئي کان ڌار ٿي، گم نه ٿي وڃون. اسين ٻئي
ويچارا آھيون، روبي! اڻ ڄاڻائي ۾ وقت جي ظلم جو
شڪار بنجي وياسين. مائٽن جي پراڻين دشمنين ۽ نفرتن
جي ايڏي وڏي ڍير ۾ اسان جي پيار کي ڪٿي جاءِ
ملندي؟ جي وقت جي واريءَ تان اسان جي پيرن جا نشان
ڊھي ويا ته سڄي عمر ڀٽڪندا رھجي وينداسين. سڪون
لاءِ سڪنداسين......“
ھن جي چپن تي فقط مرڪ پکڙجي وئي ۽ سندس منهن
منهنجي منهن تي جھڪي آيو.
مون چيو ھو،”مون کي پنهنجي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏ،
آئون ڊڄان ٿو، روبي، آئون ڊڄان ٿو.“
ھن پنهنجا وار کولي منهنجي منهن تي پکيڙي ڇڏيا. ھن
جي وارن جي ڇانور ھيٺ ڪا گھڙي مس گذري ته وقت ھڪ
تيز لامارو ھڻي مون کي روبيءَ کان ڌار ڪري اڪيلائپ
جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ويو...... ڪير ڄاڻي ايندڙ
گھڙيءَ ڇا ٿيندو! وقت جا ته پنهنجا اصول آھن. ھر
پل ھڪ نئون فلسفو آھي، نئين حقيقت آھي. خانداني
نفرتون وڻ ويڙھي وانگر اسان جي پيار کي وڪوڙي ويون
۽ اسين......
- وقت توکان سواءِ به پيو گذري، پر زندگي ھڪ بار
بنجي پيئي آھي. پوءِ به مون کي ڍوئڻي آھي. آئون
اھو بار اڪيلو پيو ڍويان. تون گڏ ھجين ھا ته اڄ
ائين نه ھجي ھا. تون الائي ڪيئن آھي – پر آئون
ائين نه ھجان ھا!!
خبر ناھي ته ڪٿي اچي پھتو آھيان. من جي اداس ۽
ويران راھ کان سواءِ ٻي ڪا راھ مون کي سجھي ئي ڪا
نه ٿي. آئون ته ائين ئي پيو ھلان، ڀٽڪندو ڀٽڪندو
..... ڀٽڪڻ منهنجو ڀاڳ آھي، منهنجو نصيب آھي، وقت
جي واريءَ تان پيرن جا نشان ڊھي ويا آھن. آئون
توکي ته حاصل نه ڪري سگھيس پر پاڻ کي ئي وڃائي
ويٺس.
ھيءَ گھٽي روبيءَ جي گھر ڏانهن ٿي وڃي. آئون ڪيترن
سالن کانپوءِ ھن گھٽيءَ ۾ آيو آھيان. الائي ڇو،
منهنجي دل تي ڄڻ ڪا ڳري شيءِ ڪري پئي آھي، ڪنهن اڻ
ڄاتل ڊپ سببان دل دٻجي وئي آھي. مون کي واپس ھليو
وڃڻ کپي. ھتي ڪر ڪنهن شيءِ مان ويراني ۽ ڌاريائپ
جو احساس پيو اڀري. اڄ روبيءَ سان پنهنجائپ جو
احساس نٿو جڙي، ته جي آسپاس جون شيون اجنبي بنجي
ويون ته ڇا ٿيو؟ پر آئون ھتي آيو ڇو آھيان! ايتري
عرصي کان پوءِ رڳو اھو ڏسڻ لاءِ ته روبي ڪيئن آھي!
ڪالھ روبيءَ جي ماءُ ملي ھئي ۽ ھن مون کي سندن گھر
اچڻ لاءِ چيو. ھن شايد رسمي طور چيو ۽ مون سوچيو
ته آئون ھڪڙو ڀيرو ٿي اچان. ايتري وقت کان پوءِ
مون ڏسڻ ٿي چاھيو ته روبي ڪيئن ٿي لڳي. مون اھو ڇو
چاھيو سو سمجھ ۾ نٿو اچي. شايد خاڪ ۾ اڃا ڪي
چڻنگون دٻيل آھن.
آئون روبيءَ جي اڳيان ويندس ته ڇا ڳالھائيندس!
ھوءَ ڇا سمجھندي ته آئون سندن گھر ڇو آيو آھيان!
ھن پاڻ ته چيو ھو ته آئيندي اسان ٻنهي جو ھڪ ٻئي
سان ڪو به واسطو نه رھندو ۽ آئون سندن گھر نه
اچان. اھا سندس پيءُ جي مرضي ھئي ۽ پيءُ جي مرضيءَ
جي خلاف ھن ساھ به کڻڻ نه ٿي چاھيو.
آئون در جي اڳيان بيٺو آھيان، الائي ڪيتري دير
کان، پر ھمت نٿي ٿئي ته بيل جي بٽڻ تي آڱر رکان.
ھانءُ ڪنهن نامعلوم سبب جي ڪري ويڙھجي رھيو آھي.
ڪنهن اچي در کوليو آھي. اوھ روبي! ھوءَ سامھون
بيٺي آھي ھڪ کن جي لاءِ ھن جي منهن تي اچرج جون
ريکائون اڀرن ٿيون. کيس خبر ھوندي ته آئون اچي
رھيو آھيان، پوءِ به! شايد ھن سوچيو ھوندو ته آئون
نه ايندس.
ھوءَ مرڪي ٿي. مون کي اھا زوري جي مرڪ ٿي لڳي.
جواب ۾ مون کي به زوري مرڪڻ کپي، پر منهنجي وس جي
ڳالھ ڪانهي.
”اچو..... اندر اچو.....“ ھوءَ ھٽي اندر اچڻ جي
لاءِ جاءِ ڏئي ٿي.
”امان کي پاڙي جي ھڪڙي مائي ٻاھر وٺي وئي آھي. وڃي
ڪا نه ھا، پر مائي جو ضروري ڪم ھو. اوھان جي نالي
چئي وئي آھي ته اچي ته ويھارجوس.“
منهنجو ھانءُ وڃي ٿو وڌيڪ منجھندو. روبي سامھون
بيٺي آھي. اسين ٻئي چپ آھيون. منهنجي نڙيءَ ۾
جھڙوڪر ڪنڊا ڦاسي پيا آھن. ھوءَ ڪجھ چئي رھي آھي.
”اوھان بيٺا ڇو آھيو؟ ويھندي ڊڄو ٿا ڇا؟ آئون
اوھان کي کائي ڪا نه وينديس.“
آئون چپ.
”توھين ڏاڍا لھي ويا آھيو. بيمار ھئا ڇا؟“
آئون چپ.
”اوھان شايد نه ڳالھائڻ جو قسم کڻي آيا آھيو،“
ھوءَ کلي ٿي، ڦڪي ۽ بي رس کل.
نيٺ آئون چوان ٿو، ”اوھان ته ماشاء الله ڏاڍيون
سرس ٿيون نظر اچو، شايد ڪڏھن بيمار ڪو نه ٿيون
آھيو.“ مون کي پنهنجي لھجي ۾ ڪڙاڻ محسوس ٿئي ٿي.
ھوءَ کلي ٿي. منهنجي چپن تي رڳو مرڪ اچي ٿي. اھا
مرڪ ڪھڙي ڪني ھوندي!
”اھو چپن ۾ ڇا پيا چئو؟ اوھان جي عادت چپن ۾
ڳالھائڻ جي اڃا نه وئي آھي؟“
”اوھان جي چوڻ موجب جنهن کي ڳالھائڻ نه ايندو آھي
سو رڳو چپ چوريندو آھي، ۽ مون کي ڳالھائڻ اڃا به
ڪو نه ٿو اچي.“
”سوچڻ ته اچي ٿو!“ ھوءَ مون ڏانهن غور سان ڏسي ٿي.
ڄڻ چوندي ھجي: تون ذرو به ناھين بدليو.
”ھا، منهنجي سڌرڻ جا ڪي به امڪان ڪو نه آھن،“
منهنجي واتان نڪري وڃي ٿو.
”جي؟“ ھوءِ حيرت وچان چوي ٿي.
آئون ڪو به جواب نٿو ڏيان. آئون ھاڻي ھتي ھڪڙو پل
به وڌيڪ نٿو ويھي سگھان. مون کي ماحول اوپرو ۽
ڌاريو پيو لڳي! سڀ ڪجھ رسمي آھي. اسان ٻنهي جو
ڳالھائڻ، ٻنهي جو مرڪڻ .... سڀ رسمي آھي. ھتي
منهنجو ساھ پيو ٻوساٽجي. آئون ٻاھر وڃڻ ٿو چاھيان.
آئون اوچتو اٿي بيھان ٿو. بهانو ڪري ٻاھر نڪري آيو
آھيان. پر ٻاھر به ھوا ڪانهي. گھٽ ٻوسٽ آھي. شام
جو انڌڪار پکڙيل آھي. فضا دونهاٽيل آھي – منهنجي
من وانگر. |