هنن غلاميءَ ۾ جيڪي سالن جا سال گذاريا تن سندن
ذهنن کي به آهستي آهستي زنگي ڇڏيو. منجهائن ڪئين
اهڙا غدار پيدا ٿي پيا جن پاڻ کي نئين غلاميءَ ۾
پختو ڪري نون حاڪمن سان خوشامد ۽ صلح سازيءَ ۾ رهي
وڏا وڏا فائدا حاصل ڪيا. هنن ۾ ديس سان محبت ۽
غيرت جو ڪو به لڇڻ ڪونه هو. منجهن لنڊي خوشامد ۽
پڇ لوڏ گهر ڪري ويئي هئي. هو پنهنجن آقائن کي خوش
ڪرڻ جي لاءِ غريب، اٻوجهه پکين جو رت ۽ ماس پيش
ڪندا هئا. افسوس! غريبن جي محنت تي مارو ڪندڙ ۽
پنهنجن آقائن جي اڳيان مطلب خاطر پڇ لوڏ ۽ لنڊي
خوشامد ڪندڙ پکين جي انهيءَ طبقي ٽڪر ڀور تي
پنهنجي سموري غيرت، عزت ۽ آزادي هميشه جي لاءِ
وڪڻي ڇڏي... اڄ معصوم سٻاجهڙن پکين جا اهي رت پياڪ
به اهڙا ويري آهن جهڙا ٻاهريان.
ان وقت باغ ۽ ٻاهرين آسپاس جي پکين جا چار قسم
گهڻائي ۾ هئا: باغ جا خاص پکي ته مور ۽ هنج هئا.
پاسي وارن ديسن ۾ ڪانءُ، ڳجهون ۽ ٻيا پکي رهندا
هئا. باغ کان سواءِ هڪ ٻيو ديس به اهڙو هو جتي هڪ
تمام وڏي ڍنڍ هئي، ۽ اتي باغ کان به گهڻا هنج
رهندا هئا. پر باغ جي هنجن جو هنن سان ڪو به تعلق
ڪونه هو. هو باغ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اتي رهندا
آيا هئا. باغ ئي هنن جي ماءُ هئي ۽ باغ جا پکي
سندن ڀائر. باغ جي طاقت مور هئا، ته ان جو دماغ ۽
عقل هنج هئا. مورن ۽ هنجن جو رشتو اهڙو مضبوط ۽
گهرو هو جو ٽٽڻ جوئي ڪين هو. پر اڇن پکين جي
چالبازيءَ ۽ فتني هنن ۾ نفاق پيدا ڪري ڇڏيو. اڇن
پکين کي ڊپ هو ته جي هو گڏجي اسان جي خلاف اٿي کڙا
ٿيا ته پوءِ اسان کي هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.
هنن مورن کي چوريو ته اوهان جا اصلي مائٽ ۽ خيالن
وارا ڪانو ۽ ڳجهون آهن، هنج اوهان جا دشمن آهن!
اڇا پکي ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿي ويا، هنن صدين جي
ميلاپ کي ٽوڙي ڇڏيو؛ پر پوءِ سندن راڄ به گهڻو وقت
جٽاءُ ڪونه ڪيو. پکين ۾ هنن جي لاءِ نفرت ۽ ڌڪار
ويئي ڏينهون ڏينهن وڌندي. هنن جڏهن ٻيو ڪو چارو نه
ڏٺو ته نيٺ آزادي ڏيڻ قبول ڪيائون. پر پڇاڙيءَ ۾
وڃڻ وقت به ساڙ ۽ ڪاوڙ وچان آسپاس جي سڀني ديسن جي
پکين کي پاڻ ۾ هميشه جي لاءِ وڙهائي، هڪ ٻئي جا
دشمن بنائي ويا. پوءِ ته جيڪو هو ڏاڍو سو
گابو.... جنهن جي هٿ ۾ لٺ هئي تنهن آزادي جي نالي
۾ ڪمزور ۽ معصوم پکين تي لٺ سان راڄ ڪيو....“
جهوني وڻ جو آواز ڍرو ٿيندو ويو. هوا صفا بند ٿي
ويئي هئي. مون هن جي خاموشيءَ کان ڊڄي يڪدم پڇيو،
”بابا، ڇا پوءِ سٻاجهڙن پکين کي به آزادي ملي
ويئي؟“
ڪيتري دير تائين هن جو آواز مون کي سمجهه ۾ نٿي
آيو. هن جي آواز ۾ ايترو درد ۽ پيڙا ڀريل هئي جو
لفظ ٽٽي ٿي پيا. مون ڪن لائي، پورو ڌيان ڏيئي ٻڌو.
هو چئي رهيو هو:
”اهڙي آزادي آئي جيڪا غلاميءَ کان به بدتر هئي.
ڳجهن ۽ ڪانون مورن کي چيو ته اسين هڪ ٻئي جا مائٽ
۽ هڪڙي ئي خيال وارا آهيون! اسان کي گڏ رهڻ گهرجي.
هنج ٻي قوم جا آهن، هنن کي باغ مان ڪڍي ڇڏيو ته
وڃي پنهنجن ڀائرن سان گڏ رهن. سنوان سادا مور هنن
جي ڳالهه تي ڀنڀلجي ويا. ڪنهن ڪنهن نڀاڳيءَ
گهڙيءَ، عقل تي ۽ دلين تي پردا پئجي ويندا آهن.
جنهن باغ کي هنجن رت ست ڏنو هو، تاتيو سانڍيو هو،
ان کي ڇڏڻ وقت سندن دلين جي ڪهڙي حالت هوندي! هو
رت روئندا. پنهنجو مٺڙو باغ، پنهنجا آکيرا پنهنجي
سدا سهڻي ندي ڇڏي ويا. هنن جي جاءِ ڪوڙن ڪانيرن
اچي والاري، ۽ اک ڇنڀ ۾ باغ جو وايو منڊل ئي ڦري
ويو. جتي مٺڙيون لاتيون لنونديون هيون، اتي ڪانون
جي ڪان ڪان جو گوڙ مچي ويو. سٻاجهڙن پکين آيلن جو
آڌرڀاءُ ڪندي کين پنهنجا ٺهيل جڙيل آکيرا رهڻ جي
لاءِ ڏنا، ۽ جيڪي ڪجهه کانئن پنو سو ڪيائون. سندن
سهڻو صاف باغ سڄو گندو ٿي ويو تڏهن به ڪي ڪين
ڪڇيا. هڪ ڏينهن ڳجهن ۽ ڪانون پاڻ ۾ ڪا سٽاءُ سٽي
مورن کي چيو،“ اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، ان ڪري اسان
جي هر ڪا شئي گڏ هئڻ گهرجي. اسين هڪ آهيون ان ڪري
اسان کي هڪ ٿي رهڻ گهرجي...“ ايئن ڪندي هو مورن
کان سڀ ڪجهه کسيندا ويا. ڪجهه وقت گذريو ته وري
چيائون. ” اوهين جاهل، سست ۽ ڪمزور آهيو، راڄ
اوهان کان هلي ڪونه سگهندو. ڪانءُ تمام سياڻا ۽
هوشيار آهن، ڳجهون تمام طاقت واريون آهن ان ڪري
راڄ هنن کي ئي هلائڻ کپي.“پوءِ ڳجهن باغ کي پنهنجي
سڄي ۽ ويران برپٽ ۾ ملائي ڇڏيو.
”مور اهڙا ويچارا ٿي ويا هئا جو ٻڙڪ به ٻاڦي نه
سگهيا. ڪانون ۽ ڳجهن کي جيئن ٿي من ۾ آيو تيئن
ڪندا ويا. هڪ ڏينهن ڪانون حڪم ڪيو، ’ته اسان جي
ڪان ڪان تمام سولي ۽ هر ڪنهن جي سمجهه ۾ ايندڙ
آهي، تنهنڪري هاڻي باغ ۾ ڪان ڪان کان سواءِ ٻي
ڪنهن به ٻوليءَ جي ضرورت ڪانهي.... اڄ کان وٺي مور
پنهنجي ٻولي ختم ڪري ڪان ڪان ۾ ڳالهائين!‘
”هنج ته اڳي ئي هليا ويا هئا، پر مور پنهنجي ئي
باغ ۾ بي گهر ٿي ويا. هنن کان ٻيو ته سڀ ڪجهه کسجي
چڪو هو، پر هاڻي سندن ٻولي به بند ٿي ويئي. بيغيرت
۽ خوشامدڙيا مور، جيڪي اڇن پکين جي اڳيان پڇ لوڏ
ڪري هري ويا هئا تن ته پنهنجي فائدي جي لاءِ
ساڳيءَ ريت ڪنڌ جهڪائي جي حضور ڪيو، باقي غيرت
وارن جي لاءِ عزت سان گڏ جان بچائڻ به مشڪل ٿي
پيئي.
”اهو اڳوڻو باغ ڄڻ اکين کان ئي گم ٿي ويو. ان کي
ڏسڻ جي لاءِ اکيون سڪن ٿيون، روح رڙيون ڪري ٿو، پر
ڪنهن کي چئون؟ ڪنهن کي دانهن ڏيون؟ ڳجهون سڄو
ڏينهن پيون باغ جي مٿان لامارا ڏينديون آهن ته ڪو
مور هٿ اچي ته ان کي کائي کپائي ڇڏيون. ڳجهن جي
خوني چيخن ۽ ڪانون جي شور ۾ مورن جي لاءِ جيئڻ ئي
وهه ٿي پيو. مور ڀڄي وڃي جهنگن جهرن ۾ لڪا. اسان
جا روح مورن جي مٺڙين رڙين جي لاءِ سڪندا ٿا
رهن... سوچيون ٿا: ته جي روح ائين سڪندي سڪندي مري
ويا ته پاڙون ڪيئن بچنديون! اهي به سڙي خاڪ ٿي
وينديون، ۽ اسين سڀ ڪري پونداسين. پر ڪڏهن رات جي
سناٽي ۾ رڃ مان هڪ ديواني مور جون رڙيون اسان جي
پياسي ۽ سڪندل روحن جي لاءِ امرت بنجي اينديون
آهن. خبر ناهي هي ديوانو مور ڪير آهي؟ هن رڃ ۾ ڇو
رهيو پيو آهي؟ شايد باغيچو روح آهي. هن جون
سورهيائي ۽ جوش سان ڀريل رڙيون ٻڌي اسين هوا جي
سرگوشين ۾ هڪ ٻئي کي چوندا آهيون: ’اڃا رڃ مان رڙ
اچي ٿي.... اڃا سڀ مور ڪونه مئا آهن....‘ اهو سوچي
هڪ ٻئي کي ڏڍ ڏيندا آهيون ته قدرت هن باغ جو ماضي
نهايت شاندار ڪيو هو، ڪڏهن نه ڪڏهن هن جو آئيندو
به اهڙو ئي روشن ٿيندو...“
اوچتو ان وقت ڪانون جي ڪان ڪان جو زوردار شور اٿيو
۽ پوڙهي وڻ جو آواز ان ڪان ڪان ۾ دٻجي ويو.
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيس. مون کي ڪيتري دير
تائين هوش ئي ڪونه آيو. ذهن تي ان عجيب خواب جو
اڃا اهڙو ئي اثر هو. مون ٻڏل رڙيون ڪري چيو، ”
پوءِ ڇا ٿيو بابا! تون چپ ڇو ٿي وئين.... مون کي
ٻڌاءِ نه! پوءِ ڇا ٿيو؟ ... تون خاموش ڇو آهين...“
ڪانون جي ڪان ڪان منهنجن ڪنن جا پردا ڦاڙي رهي
هئي. مون چوڌاري چتائي ڏٺو. سج جو سمورو تيج ختم
ٿي چڪو هو، اونداهي رات اچڻ واري هئي. مون کي ستي
تمام گهڻي دير ٿي ويئي هئي. منهنجي مٿان جهوني سڪل
وڻ تي ڪانون جو هڪ ڪٽڪ ڪان ڪان جو شور مچائي رهيو
هو. پريان الائي ڇو ڳجهن جو ميڙ لڳيو پيو هو. هو
اڏنديون، خوفناڪ چيخون ڪري رهيون هيون. مون وڻن
ڏانهن نظر ڪئي: هر وڻ تي ٽي ٽي چار چار ڳجهون
ويٺيون هيون! ان وقت منهنجن ڪنن ۾ مور جون ازغيبي
رڙيون گونجڻ لڳيون: ’آسمان گجي گجي نيٺ وسندو....
ڌرتي تپي تپي نيٺ ڦاٽندي..... ۽ اي لافاني باغ!
تون نيٺ آباد ۽ سائو ٿيندين.
ڀڳل ٽٽل ٽھڪ
مون ھٿن تي ميندي رکڻ نٿي چاھي، پر سڀني مائٽياڻين
زور ڀريو ھو. ھنن کي منھنجي انڪار تي حيرت لڳي
ھئي. ”مائي، ھي ڪھڙو نينگرو آھي، ميندي رکڻ نٿو
ڏئي! مينديءَ کانسواءِ ڪھڙي شادي!“ سڀني وڏين
ننڍين مائٽياڻين زوريءَ وٺي وڃي منجيءَ تي ويھاريو
ھو. تڏھن اوچتو گوڙ مچي ويو ھو. ” شمع پئي
اچي!...... ائي، شمع اچي وئي.....“
ھانءُ کي جھٻي اچي وئي. اندر جو خلا وڌيڪ گھرو ٿي
ويو.
”مڙسھنس الائي ڪيئن ڇڏيو!“ امان چيو ۽ سڀئي ٻاھر
وٺي ڀڳيون. گھڙي کن جي لاءِ آءٌ اڪيلو رھجي ويس ۽
چاھيم ته
منجيءَ تان اٿي ھليو وڃان.
”ادي، اسان کي
اميد ئي ڪا نه
ھئي ته تون ڪو ايندينءَ!“
”ائي چڱو ٿيو جو آئينءَ، ھلي گھوٽ جي ھٿن تي ميندي
رک.“
مون ھن جو آواز ڪو
نه
ٻڌو، پر لڳو ته ھوءَ نٽائي رھي ھئي. جڏھن سڀ مايون
موٽڻ لڳيون، ته ان وقت لائيٽ ھلي وئي. شايد اھو
چڱو ئي ٿيو ھو. ايترن سارن ماڻھن جي اڳيان ۽ ان
حالت ۾ مون ھن کي ڏسڻ نٿي چاھيو. مون ھن کي ڏسڻ
چاھيو ھو، ڏهه سال ٿي ويا ھئا ته آءٌ کيس ڏسي
نه
سگھيو ھوس. ھوءَ ھاڻي
مون کي ان حالت ۾ ڏسي ڇا
محسوس ڪندي! اھو سڀ مون ايترن ماڻھن جي اڳيان ڄاڻڻ نٿي چاھيو. پر ھانءَ ۾
ڪا ڇيت ڦاٿي پئي ھئي.
ڪنهن تڙ تڪڙ ۾ ميڻ بتي ٻاري ھئي. ماين ھن کي وٺي
اچي منهنجي اڳيان ويھاريو.” ابا، ھٿ سڌا ڪر ته شمع
ميندي رکي.“ ڪنهن چيو. مون پنهنجا ٻئي ھٿ ھن جي
اڳيان جھليا. شمع ٿالھيءَ مان ميندي کڻي منهنجن
ھٿن تي لاٿي. مون کي لڳو ته ھن جا ھٿ ڏڪي رھيا ھئا
يا شايد منهنجا ھٿ به
ڏڪي رھيا ھئا.......
مايون ڪو ڳيچ ڳائي رھيون ھيون. مون اوندهه
۾ ھن کي ڏسڻ چاھيو. ھوءَ بُت ۾ ڪجھ ڀرجي وئي ھئي.
”شمع، تون ايتري سھڻي ڇو آھين جو ماڻھو رڳو تنهنجو
ٻاھريون روپ ئي ڏسندو رھي؟“
”ڇو، مان اندر ۾ ايتري ڪوجھي آھيان ڇا؟“
پولار تائين اڏامندڙ منهنجا ٽھڪ.
”تون ايڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو آھين جو پاڙا وارا به
ٻڌندا آھن.“
”تنهنجا ٽھڪ ته ڄڻ ڏاڍا دٻيل آھن!“
”تڏھن به ماڻھو ته تنهنجن ٽھڪن جي ڳالھ ڪندا آھن.“
” شمع، ٽھڪ ٻن قسمن جا ھوندا آھن: ھڪڙا خوشيءَ،
بيفڪريءَ جا ھوندا آھن ۽ ٻيا ڏک جا، اندر جي پيڙا
کي لڪائڻ جي لاءِ ھوندا آھن.“
”ان معلومات ڏيڻ جي لاءِ مھرباني،“ ھن کلندي چيو.
” ڀلا سائينءَ جن جا ٽھڪ انهن مان ڪھڙي قسم جا
آھن؟“
شمع ھٿن جي پٺيءَ سان جلديءَ ۾ اکيون اگھي ورتيون.
ھوءَ اٿي بيٺي. ھٿن تي پوري ميندي ڪا نه لڳي ھئي.
پوءِ الاجي ڪير ڪير ميندي ھڻڻ لڳي. تيستائين لائيٽ
به اچي وئي ھئي، پر شمع ماين جي ميڙاڪي ۾ وڃائجي
وئي. منهنجو اکيون ڊڄندي ڊڄندي ماين جي ميڙ ۾ ھن
کي ڳولھڻ لڳيون – پر ھوءَ ته ڏھه
سال اڳ وڃائجي وئي ھئي.
”تنهنجي انٽرويوءَ جو ڇا ٿيو؟“
”اڃا خبر نه پئي آھي.“
”۽ ان کان اڳ جيڪو انٽرويو ٿيو ھو؟“
”مون کي نه کنيائون.“
”ھاڻي جيڪو انٽرويو ڏنو اٿئي تنهن ۾ ڪا اميد آھي؟“
” ان ۾ به اميد گھٽ آھي.“
”ڇو ڀلا، تو سان ڪا دشمني اٿن ڇا؟“
” تون ڇا ٿي سمجھين ته آءٌ انٽرويو
۾ پاس نٿو ٿيان؟“
”خير، آءٌ ائين ته ڪا نه چونديس ته تون صفا چٽ
آھين،“ ھوءَ کلڻ لڳي، پر آءٌ مرڪي به نه سگھيس.
”توکي خبر آھي ته سفارش کان سواءِ ڪا نوڪري نه
ملندي آھي. مون وٽ ڪھڙي سفارش آھي جو اميد رکان؟“
” اھو سلسلو ڪيستائين ھلندو؟“
”ڪھڙو سلسلو؟“
” انٽرويوئن جو. آخر ڪو نتيجو به نڪرندو يا.....“
” منهنجي وس جي ڳالھ ھجي ھا ته گھڻا ڏينهن اڳ
نوڪري وٺي ويھان ھا. ڪٿي تون ان سلسلي مان بيزار
ته ڪا نه ٿي پئي آھين؟“
”اھا ڳالھ تون سوچي سگھين ٿو! آءٌ ته ڪنهن به حالت
۾ بيزار ٿي نٿي سگھان، پر.....“
” پر ڇا؟ ڏس شمع، مون کي تنهنجي اھا ڳالھ ڪا نه
وڻندي آھي. تون مون کان جڏھن ڪا ڳالھ لڪائيندي
آھين ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آھي. جيڪي ڪجھ آھي
سو مون کي صاف صاف ٻڌاءِ.“
”تون اصل کان موڳو مٽر آھين. آءٌ تو کان ڪا ڳالھ
ڇو لڪائينديس؟ آءٌ نٿي چاھيان ته توکي اجايون
سجايون ڳالھيون ٻڌائي پريشان ڪريان. تو لاءِ
بيرزوگاري ڪا گھٽ پريشاني آھي؟“
”چاچا جن بيزار ٿي پيا ھوندا. اھا ڳالھ آھي نه؟“
شمع چپ رھي.
”اھا ڳالھ آءٌ به محسوس ڪريان پيو. پر آءٌ چاچا جن
کي ڏوھ نٿو ڏيان. ھو بيروزگار ماڻھوءَ جو بار
ڪيستائين کڻندا. بيروزگار پٽ مان ته ماءٌ-پيءُ به
بيزار ٿي پوندا آھن. اھا به چاچا جن جي مھرباني
آھي ته مون کي ايترو وقت پنهنجي گھر ۾ رھايو اٿن،
نه ته ڪراچيءَ جھڙي مھانگي شھر ۾ آءٌ ڪٿي رھي
سگھان ھا. بس، ھفتي کان پوءِ آخري انٽرويو ڏئي آءٌ
پنهنجي گھر ھليو ويندس.“
مون نٿي چاھيو ته شمع مون کي ڪوڙو
آٿت ڏئي. جيڪڏھن ھوءَ ڪجھ چوي ھا ته سندس لفظ مون
کي رسمي ۽ بي معنيٰ لڳن ھا. ھوءَ چپ چاپ بيوسيءَ
وچان مون کي ڏسندي رھي.
شمع منهنجي ماسيءَ جي ڌيءَ ھئي. ھن جو پيءُ اناج
جو واپاري ھو ۽ چڱو بيٺل ماڻھو ھو. ھن جا ايترا
واسطا
ھئا جو ٿوري ڪوشش ڪري ھا ته مون کي اڀري سڀري
نوڪري ملڻ ڏکي ڳالھ نه ھئي. پر ھو گھر ۾ ايترو
لاتعلق
رهندو هو ۽ طبيعت جو ايترو
کھرو رھندو ھو جو کيس چوڻ جي ھمت ساري نه سگھيس. ماسيءَ جي ته ٻڌندو ئي ڪو
نه ھو. ڪڏھن ڪڏھن منهن سامھون اچي ويندو ھو ته
پڇندو، ”ڏي خبر، ڇا ٿيو تنهنجو؟“ ۽ آءٌ وراڻيندو
ھوس، ”اڃا ته ڪجھ نه ٿيو آھي.“ ھو اڳتي وڌي ويندو
ھو.
آءٌ ڳوٺ ھليو ويس. بابا ۽ امان انڪار ڪري ڇڏيو ته
جيستائين پنهنجن پيرن تي نه بيھندين تيستائين شمع
جي مائٽن سان ڳالھائڻ نه ويندا. ”اسين پنهنجو پيٽ
مس ٿا ڀري سگھون، سو پرائي ڌيءَ کي مصيبت ۾
وجھون.“
پنهنجن پيرن تي بيھڻ ۾ مون کي گھڻو وقت لڳي ويو ۽
شمع جي شادي ٿي وئي. ھڪڙو وڏو واپاري جنهن جو
ٻاھرين ملڪن ۾ به ڪاروبار ھو، شمع جي پيءُ جو دوست
ھو ۽ چاليھن سالن تائين ڪنوارو رھيو ھو. شمع سان
شادي ڪرڻ کان پوءِ ھو گھر گرھستيءَ وارو ٿي ويو.
آءٌ ھٿن تان ميندي روڙي وري ٿالھيءَ ۾ رکڻ لڳس.
ھڪڙي مائيءَ ڏسي ورتو.
”اڙي ابا، ھي ڇا ٿو ڪرين، اڃا ته رنگ لڳو ئي ڪو نه
ھوندو!“
” مون کي ھٿ ڳاڙھا ڪرڻا نه آھن. اوھان ته پنهنجي
ڳالھ پوري ڪئي، ھاڻي منهنجي مرضي.“
” مائي، نينگرو آھي يا ڇا؟ ھڙي ڪار ته اسان ڪٿي ڪا
نه ڏٺي،“
ماين کي منهنجي ھلت تي عجب لڳي رھيو ھو.
آءٌ ھٿن تان ميندي لاھي گھر مان ٻاھر نڪري ويس.
ٻاھر مائٽ ھئا، وڏا ننڍا ۽ واقفڪار ھئا. منهنجي ۽
مائٽن جي وچ ۾ پل مون کي ھميشه ٽٽل لڳي آھي. ھنن
سان گڏ ويھي ڳالھائڻ تي ڪڏھن دل نه ٿي آھي. مون
جيستائين پڙھيو اھي ئي مائٽ ھئا جيڪي منهنجي ماءٌ-
پيءُ تي کلندا، ٽوڪون ڪندا رھيا ته ھي به پڙھي
مائٽن کي کٽي کارائيندو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ
ڪلارڪي يا ماستري وٺائي ڏيارڻ جي لاءِ انهن ئي
مائٽن کي منٿون ڪندو رھيس ۽ ھو مون کي بيروزگار
ڏسي، پريشانيءَ وچان رلندو ڏسي خوش ٿيندا مرڪندا
رھيا. ھنن پاڻ ته ڪڏھن مون سان ھمدرديءَ جا ٻھ ٽي
ٻول نه ڪڇيا، پر ان سڄي ميڙ مان جنهن مون سان
ھمدردي ڪئي، جنهن منهنجين محرومين ۾ شريڪ ٿيڻ
چاھيو تنهن کي به نه سٺو. انهن مائٽن ئي ته مون کي
اکٽ محرومين جي رڻ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو.
آءٌ
اھو رڻ جھاڳيندو ڪنهن ماڳ تي پھچڻ لاءِ ڀٽڪندو
رھجي ويس.
ٻاھر اچي مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو.
لڇندڙ من کي پناهه
نڪا ٻاھر ٿي ملي نڪا گھر ۾. مون کي ڏسي سڀ
منافقيءَ سان مرڪي سرڪي ڳالھائڻ لڳا. مون کي خبر
نه ھئي ته ھنن ڇا پئي ڳالھايو ۽ مون ڇا پئي
ڳالھايو. آءٌ وري به موٽي گھر ۾ آيس. ماين جو گوڙ
لڳو پيو ھو. آءٌ ڪمري ۾ وڃي ليٽي پيس. ڊپريشن وڌي
وئي ھئي ۽ مٿو ڳرو ٿي پيو. مون کي لڳو ته اھو سڀ
اجايو ھو. سر وائيو ڪرڻ جي لاءِ مون جيڪا جاکوڙ
ڪئي سا اجائي ھئي. اونداھي ڪمري ۾ مون پنهنجو
نفسياتي ڇيد ڪرڻ چاھيو. منهنجي شخصيت جون مکيھ
ڳالھيون محروميون، مايوسيون ۽ ناڪاميون ھيون جيڪي
سڄي زندگيءَ جون حاصلات ھيون. شخصيت ۾ ڪٿي ڪا ڳالھ
کٽل ھئي. ڪا ازلي کوٽ ھئي. اھا کوٽ ڪھڙي ھئي؟
بنياد ڪٿي ھو؟ مون کي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ تي کل اچي
وئي.
”شمع، منطق اھو ٿي چئي ته جنهن ماڻھوءَ سان اوھان
دل جي گھرائين سان پيار ٿا ڪريو تنهن لاءِ چڱائيءَ
جي ڳالھ سوچيو، ھن جي بهتريءَ لاءِ سوچيو.“
”پوءِ تو منهنجي چڱائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڇا سوچيو
آھي؟“ ھن کلندي پڇيو.
”اھو ته مون سان گڏ تون خوش نه رھي سگھندينءَ.“
هوءَ ڪجهه دير تائين مون کي ڏسندي رهي. پوءِ هن
ڳالهايو ته سندس آواز ڏکويل هو.
”اھو تو ڪيئن سمجھيو؟“
” مون وٽ تو کي ڪھڙو سک ملندو؟ تو کي سکي رکڻ ۽ تو
کي خوشين ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجھ ڪونهي.“
”آءٌ انڌي ڪا نه آھيان. مون کي خبر آھي ته خوشيون
۽سک تو وٽ ڪونهن. مون تنهنجن ڏکن ۽ احساسن کي
پنهنجو ڪرڻ چاھيو آھي. اھا پنهنجي منطق پاڻ وٽ رک
۽ چريائپ جون ڳالھيون سوچڻ ڇڏي ڏي.“
پر آءٌ اڳي کان به وڌيڪ چريائپ جون ڳالھيون سوچڻ
لڳو آھيان. جيڪڏھن مون
کي شمع جو ساٿ ملي ھا ته شايد منهنجي شخصيت جي کوٽ
پوري ٿي وڃي ھا. شمع منهنجي لاءِ وڏو آٿت ھجي ھا،
وڏو سھارو ھجي ھا. ھوءَ مون
کي ڪڏھن به ٿڪجڻ نه ڏئي ھا. ھن شاديءَ کان اڳ شيشو ڪٽي کائي
خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ مون اھو ٻڌي پاڳلن
وانگر ٽھڪ ڏنا ھئا ۽ پوءِ روئي پيو ھوس.
ٻاھر ھل غوغاءُ ھو ۽ ڪمري ۾ اندر اوندھه
ھئي. آءٌ ڪٿي به ڪو نه ھوس. مون پاڻ کي ڳولڻ
چاھيو، پر اوندھه
منهنجي شخصيت جي ڪڏھن نه ڀرجندڙ کوٽ وانگر ۽
محرومين وانگر اڻ کٽ ھئي، گھاٽي ۽ ڦھليل ھئي.
اوندھه
چئني ڏسائن ۾ پري پري تائين، نيڻ نهار تائين، وئي
ٿي پکڙبي. مون ھٿ پير ھڻڻ چاھيا، رڙيون ڪرڻ
چاھيون، پر اوندھ وڌيڪ گھاٽي، وڌيڪ ڳري ٿيندي وئي. |