سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:11

”مهرباني،“ هن چيو. هن کي عجب لڳو ته سندس آواز مئل هو. فوٽو نڪرڻ وقت به هن کي ڪجهه محسوس نه ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ماني کائيندي هن کي ائين لڳو ته هو ڪنهن عام دعوت ۾ ويٺو هو. هو سمجهي نه سگهيو ته سندس اندر ۾ اوچتو ايتري گهري خاموشي ڇو ڇائنجي وئي هئي!

”روايتي تقريرن ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. پنهنجا کڻي ڪٿي به وڃن، انهن کي پاڻ سان گڏ سمجهيو ويندو،“ ماني پوري ٿيڻ کان پوءِ صاحب چيو ۽ سڀ کلندا ٽيبل تان اٿيا.

هو صاحب سان گڏجي سندس آفيس ۾ ويو. ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ هن چيو:”چڱو سائين، هاڻي مون کي اجازت ڏيو.“ صاحب اٿي بيهي هن کي ڀاڪر پاتو.

”جڏهن به ڪو ڪم ڪار هجي ته بنا حجاب جي اچجانءِ،“ صاحب چيو.

هو ڊنو ته هاڻي سندس دل ضرور ڀرجي ايندي.

”مهرباني،“هن چيو، پر سندس آواز رواجي هو. هو صاحب جي آفيس مان نڪري آيو. ورانڊي مان ڏٺائين ته سامهون پري کان روڊ تي بس اچي رهي هئي. هن پهرين سوچيو ته ٻين ساٿين کان موڪلائي، پر پوءِ وڌيڪ سوچڻ کان سواءِ هو ڍوڙندو روڊ تي آيو ۽ بس ۾ چڙهي ويو.

منجهيل لڪيرون

هو پنهنجو ساڄو هٿ ٽيبل جي ڪناري تي رکي هٿ جي تريءَ کي ڏسڻ لڳو. مون اها ڳالهه مارڪ ڪئي هئي ته هو جڏهن خاموش هوندو هو ته اڪثر پنهنجن هٿن جون تريون ڏسندو رهندو هو- مون هڪ ڀيري کانئس پڇيو هو، ”تون پنهنجن هٿن جي ترين ۾ ڇا ڏسندو آهين؟“

”لڪيرون.“

”لڪيرون! پامسٽري ڄاڻندو آهين ڇا؟،

”نه. پامسٽري ڄاڻندو هجان ته پوءِ ٻين جا هٿ نه ڏسان“  ۽ هو هلڪو کليو. ”پوءِ  ته تنهنجو هٿ به ڏسان هان.“

”اهو تون پنهنجن هٿن جي لڪيرن ۾ ڇا ڏسندو آهين، جڏهن تو کي ڪا خبر به ڪانهي؟“

هن پنهنجا ٻئي هٿ ابتا ڪري منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکيا.

”هنن هٿن ۾ تو کي ڪا خاص ڳالهه نظر اچي ٿي؟“هن مون کان پڇيو.

هن جي هٿن جون لڪيرون تمام گهڻيون، گهاٽيون ۽ اڻ چٽيون هيون- مون ڪجهه نه چيو، رڳو هن ڏانهن ڏٺو.

”هڪڙي پامسٽ مون کي چيو هو ته تنهنجون لڪيرون تمام منجهيل آهن، ۽ آئون اهي لڪيرون ان ڪري ڏسندو آهيان جو انهن ۾ مون کي عجيب شڪليون نظر اينديون آهن. اهي لڪيرون هڪ ٻئي کي ڪٽين ٿيون ۽ مون کي منڌيئڙا نظر ايندا آهن ۽ مون کي لڳندو آهي ته منهنجي قسمت تي به منڌيئڙا ڏنل آهن.“

ريسٽوران ۾ اسين ٻئي چپ چاپ ويٺا هئاسين- هو پهريون ڀيرو يونيورسٽيءَ  کان ٻاهر ڪنهن جاءِ تي مون سان مليو هو.

” ڇا پئي سوچين؟“ هن اوچتو پڇيو.

آئون منجهي پيس. چوڻ چاهيم ته آئون تنهنجي ئي باري ۾ سوچي رهي هيس، پر چئي نه سگهيس.

”ڪجهه به نه، ائين ئي ويٺي هيس.“

هن ٻئي ٺونٺيون ٽيبل تي رکي کاڏي ترين جي پيالي تي آندي ۽ منهنجي اکين ۾ نهاريندي  چيو، ”تو کي مون ۾ ڪهڙِ خاص ڳالهه نظر آئي جو تون مون ڏانهن ڇڪجي آئي آهين. ٻيون ڇوڪريون ته منهنجي بور ڪمپني ۽ بور شخصيت کان لهرائينديون آهن.“

مون کي ڪو جواب نه سجهيو. هو ٻين ماڻهن کان مختلف هو، نرالو هو، شايد ان ڪري.

”تون ٿورو عجيب آهين!“

”عجيب!“ هو کليو. ٻين معنائن ۾ آئون تنهنجي لاءِ هڪ اهڙي ڳجهارت آهيان جنهن کي تون سلڻ ٿي چاهين. پر جڏهن تون سڀ ڪجهه ڄاڻي وٺندينءَ تڏهن آئون تنهنجي لاءِ عجيب نه هوندس. ۽ تڏهن.... تڏهن تنهنجي دلچسپي بيزاريءَ  ۾ بدلجي ويندي.“ هن جي اکين جي اداسي وڌيڪ گهري ٿي وئي. هو خالي ڪپ ۾ چمچو ڦيرائڻ لڳو.

”تنهنجون اهي ئي ڳالهيون ته عجيب آهن،“ مون ڪجهه چوڻ لاءِ ڳالهايو.

”ثمينه، مون ۾ ڪا به عجيب ۽ خاص ڳالهه ڪانهي. تون ٿورو ڌيان ڏيندينءَ ته تو کي مون جهڙا ٻيا به گهڻا نظر ايندا، جن کي دنيا ۾ سواءِ اذيتن جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪي پاڻ لڪائي سگهندا آهن ۽ ڪي مون جهڙا هوندا آهن جيڪي لڪائي نه سگهندا آهن. آئون هڪ مار  کاڌل ۽ هارايل ماڻهو آهيان. جڏهن ننڍو هوس ته هڪ جيڏن جي هٿان مار کائي روئندو گهر ايندو هوس. گهر ۾ ماءُ پنهنجي بيروزگار مڙس ۽ سخت مزاج سس جا سور مون مان ڪڍندي هئي. آئون جيئن وڏو ٿيندو ويس، موڳو ۽ بزدل بنجندو ويس. مون دنيا جي هٿان هميشہ مارکاڌي آهي. مون ۾ مقابلي ڪرڻ جي سگهه ڪانهي. مون ۾ ڪجهه به ناهي، ۽ جڏهن تو کي خبر پوندي ته آئون اندران ڪيترو کوکلو آهيان، تڏهن تون به پاسو ڪري هلي ويندينءَ“

” اڳ ۾ ڪير هليو ويو آهي؟“

”اڳ ۾؟“۽ مون ڏانهن نهارڻ کان سواءِ چيائين،  منهنجي زندگيءَ ۾ ڪير ايندو! جيڪڏهن ڪو ڀلجي به آيو ته جهاتي پائي، ويرانيءَ کان ڊڄي هليو ويندو.“

مون کي لڳو ته هو ڳالهه لنوائڻ چاهي ٿو.

”ڊپارٽمينٽ جي طرفان پڪنڪ جو پروگرام ٺهيو آهي، ڪينجهر تي. تون هلندين نه؟“ مون پڇيو.

”نه. تو کي خبر آهي ته آئون اهڙين ڳالهين ۾ شريڪ ڪونه ٿيندو آهيان.“

” پر ڇو؟ اڪيلو رهي رهي ته ڊپريشن جو مريض بنجي ويو آهين. ٻين ماڻهن سان گڏ ٽائيم گذري ويندو آهي. ٻين جي ڪمپنيءَ ۾، ڪنهن جي موجودگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ مان نڪري ايندو. تون نه ڪنهن دعوت ۾ اچين، نه ڪنهن فنڪشن ۾. آخر تو پاڻ تي اڪيلائي ڇو مسلط ڪئي آهي؟“

هو ڪجهه دير تائين مون ڏانهن ڏسندو رهيو.

”ڏس ثمينه، آئون پنهجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن جي دخل  اندازي نه سهندو آهيان. نه ئي ڪنهن جي ويجهو ويندو آهيان. تو مون ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو آهي. ان لاءِ مهرباني. آئون تو کي ايترو ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي لاءِ سارتر جي لفظن ۾ ٻيا ماڻهو جهنم آهن.“ هن بيري کي سڏ ڪيو. بيري ٿوري دير ڪئي ته هو چڙي پيو. هن پنهنجي ڪاوڙ بيري مان ڪڍڻ پئي چاهي.

هن کي اسان جي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان آئي پنج ڇهه مهينا ٿي چڪا هئا. ڊپارٽمنٽ جا سمورا ساٿي هن کي پروفيسر سڏيندا هئا، ان ڪري جو هو سڀني کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلو رهندو هو. ڪلاس وٺڻ کان سواءِ باقي سڄو وقت سيمينار لئبرري ۾ ويهي پڙهندو رهندو هو. ڪير ساڻس ڳالهائيندو ته ائين مهذب ۽ مختصر نموني جواب ڏيندو جو اڳلي کي هن سان فري ٿيڻ جي همت نه ٿيندي. شروع ۾ اسان کي لڳو ته هو پاڻ کي ڪجهه سمجهي ٿو. پوءِ کيس سڀ ڪرئڪ سڏڻ لڳا. پر مون کي لڳو ته هو ائين نه هو جيئن ٻاهران نظر ايندو هو. اهو منهنجو تجسس هو جيڪو مون کي هن جي ويجهو وٺي ويو. هن کي ويجهو ٿيڻ ايترو سولو ڪونه هو. هن ڪنهن کي پنهنجي ويجهواچڻ ئي نٿي ڏنو- ڄڻ ته اهو سندس زندگيءَ جو اصول هجي. مون سمجهيو ته هو تمام ڏکيو ماڻهو آهي، پر پوءِ خبر پئي ته هو ايترو ئي ڏکيو هو جيترو هڪ نٺر ٻار ۽ جنهن کي سرچائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي.

مون هن کي مڃائي ورتو ته هو پڪنڪ تي هلندو ۽ اهو منهنجو وعدو هو ته آئون هن سان گڏ ئي رهنديس. اسان جا ڪي ساٿي ٻيڙين تي چڙهي ڪينجهر جو سير ڪري رهيا هئا ۽ ڪي ڪپ تي ويهي کل مذاق ۾ رڌل هئا. اسين ٻين کان پري وڃي ويٺا هئاسين. مون ڏٺو ته اسان جا ڪجهه ساٿي اسان ڏانهن نهاري کلي رهيا هئا، شايد اسان جي باري ۾ ڳالهائي مذاق اڏائي رهيا هئا. اهو هن به محسوس ڪيو هو.

”اڳ ۾ آئون اڪيلو هوس جنهن تي کلندا هئا، هاڻي ٻه ٿيا آهيون....“  هن چيو ۽ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. آئون به هن سان گڏ کلڻ لڳس.  جيڪي اسان ڏانهن نهاري کلي رهيا هئا سي چپ ٿي ويا. هو پاڻ کي ڊڄڻو ۽ ڪمزور سڏيندو هو. پر هن ۾ ايتري همت هئي جو ٻين جي ڳالهين کي لنوائي سگهندو هو ۽انهن تي کلي سگهندو هو.

”تون تمام مشڪل سان ڪنهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڏيندو آهين، ائين ڇو آهي؟“ مون هن کان پڇيو.

”ڇو تو کي ڪا ڏکيائي ٿي؟“

”ڏکيائي جي ڳالهه آهي! جڏهن لاهي پاهي بيٺيس تڏهن وڃي سائين جن ڪجهه ڌيان ڏنو.“

هو کلڻ لڳو ۽ پوءِ گنڀير ٿي چيائين، ”ثمينه! اهو صحيح ناهي ته آئون ڪنهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندو آهيان. ڳالهه اها آهي ته آئون هڪڙي ئي هنڌ بيٺو آهيان. جتان ڪير مون کي ڇڏي ويو هو- ۽ آئون ڪنهن جي ويجهو وڃي نٿو سگهان.“

”اها ڪير هئي؟“

”تون هروڀرو ڄاڻڻ ٿي چاهين؟“

”ها، جيڪڏهن تو کي برو نه لڳي....“ مون اهو ظاهر ڪرڻ نٿي چاهيو ته آئون اهو ڄاڻڻ لاءِ ڪيتري اتاولي هيس. اها ڪير هئي جيڪا هن جي زندگيءَ ۾ ايترو ويجهو آئي ۽ پوءِ ڇو ايترو پري هلي وئي!

”هن جو نالو.... پر نالي کي تون ڇاڪندينءَ! بس، هوءَ منهنجو پهريون پيار هئي. اهو پهريون پيار جنهن جا نشان سڄي زندگي قائم رهندا آهن،“ هو چپ ٿي ويو. ٿوري دير لاءِ آڱر  سان پيشانيءَ کي مهٽڻ لڳو.

”منهنجون حالتون اهڙيون هيون جو اسان جي شادي نٿي ٿي سگهي. مون اڃان پڙهيو پئي. مون کي ڪا نوڪري ڪانه هئي. غريب ماڻهو جيستائين پنهنجن پيرن تي نٿو بيهي تيستائين گهر ٺاهڻ ناممڪن آهي. هن لاءِ هن جي ماءُ ايترو ڊگهو انتظار ڪرڻ پسند نه ڪيو.“

”پر هن ڇا ڪيو؟“ مون پڇيو

”اهو ئي جيڪو کيس پنهنجي ماءُ چيو.“

”ڪمال آهي! اهو ڪهڙو پيار هو؟ ۽ تون ان کي سيني سان سانڍيو پيو هلين!“ مون چڙ مان چيو.

”نه ثمينه، مون کي ان پيار ۾ اڄ به شڪ ناهي. هن ائين ڇو ڪيو سو آئون سمجهي سگهان ٿو. هوءَ به هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. هن مون کان وڌيڪ مفلسي، مصيبتون ڏٺيون هيون.  شايد ان ڪري هن هڪ سٺي ۽ بهتر زندگي گذارڻ ٿي چاهي، جيڪا مون سان گڏ ممڪن نه هئي.“

”۽ هاڻي هن کي سڀ ڪجهه ميسر آهي؟“

”ها! ڪار، بنگلو، زندگيءَ جي هر ڪا سهوليت...“

” ۽ تون اڃا به هن کي چاهين ٿو؟“ مون کي لڳو ته آئون هڪ وڪيل وانگر آڏي پڇا ڪري رهي هيس ۽ هو سانت سان جواب ڏيندو رهيو.

”هوءَ منهنجين ناڪامين ۽ شڪستن جو اهڃاڻ آهي. آئون هن کي وساري نه سگهيو آهيان.“

مون کي هن تي ايتري ڪاوڙ آئي جو خيال آيو ته کيس ڇڏي ٻين ساٿين ڏانهن هلي وڃان. اسين ٻئي ڪيتري دير تائين چپا چاپ ڍنڍ جي شفاف پاڻيءَ تي آسمان جو نيرو عڪس ڏسندا رهياسين. اسان جا ٻيا ساٿي خوش هئا، اهي کلي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڍوڙيا پئي. آئون هن جي باري ۾ سوچي رهي هيس، پر هو ڇا سوچي رهيو هو؟ شايد ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ جيڪا هن وقت پنهنجي بنگلي ۾ پنهنجن ٻارن سان خوش ويٺي هوندي يا ڪار ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ گهمندي هوندي ۽ ٽهڪ ڏيندي هوندي. ۽ جنهن کي پل لاءِ به اهو خيال نه آيو هوندو ته هڪڙو پاڳل شخص اڃا هينئر سندس ڳالهيون ڪري سندس ياد ۾ گم ٿي ويو آهي.

” ان ڇوڪريءَ سان تنهنجو پيار هڪڙي پاڳل جو پيار آهي.....“ منهنجي وات مان نڪري ويو. آئون پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائي نه سگهي هيس.

”پاڳل جو پيار!“هن ٽهڪ ڏنو.”نه ثمينه، اها ڳالهه ناهي. آئون ٻين وانگر ناهيان، ان جو ڪارڻ اهو ڪونهي. تون منهنجي ماضي کان واقف ناهين. تو کي خبر ناهي ته مون زندگيءَ ۾ ڇا ڇا سٺو آهي. مون پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ماني ٽڪر لاءِ واجهائيندي ڏٺو آهي، نئين ڪپڙي لاءِ سڪندي ڏٺو آهي. پنهنجي بيمار ماءُ  کي بنا علاج جي ڳرندي ۽ پورهيو ڪندي ڏٺو آهي. جڏهن مون مئٽرڪ جي امتحان جو فارم پئي ڀريو ته فقط پنجاه رپين لاءِ پنهنجن سڀني مائٽن جي اڳيان جهولي ڦهلائي ۽ منهنجي جهولي ٽوڪن ۽ ڇڙٻن سان ڀري وئي. منهنجي ماءُ مرحوم مائٽن جي ياد ۾ رکيل پنهنجي ڏاجي جا ڪپڙا ۽ منهجي ننڍي ڀيڻ جي ڪنن جون سونيون واليون وڪڻي فيءَ جا پيسا ڏنا، پوءِ نوڪريءَ لاءِ وري به انهن مائٽن جي درن تي ڀٽڪندو رهيس. اهي سموريون ذلتون ۽ بيعزتيون زهر جا ڍڪ بنجي منهنجي اندر ۾ گڏ ٿينديون ويون ۽ تون چئين ٿي ته هوءَ بنگلي ۽ ڪار خاطر مون کي ڇڏي وئي، پوءِ به آئون هن کي چاهيندو رهيو آهيان! هن به ذلتون ۽ مايوسيون  ڏٺيون هيون ۽ ڇوڪري هئڻ سبب مون کان به وڌيڪ. هوءَ نيلام گهر ۾ رکيل هڪ شئي هئي جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪارا ڪوجها ۽ چٻا دولتمند وڏا واڪ ڏيئي رهيا هئا. خبر ناهي ته هوءَ پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ يا پنهنجي گهر  وارن جي لاءِ وڪامجي وئي. آئون هن کي ڏوهه ڪيئن ٿو ڏئي سگهان.  نه هن جو ڪو ڏوهه ناهي....“ هو اٿي بيٺو. ”ٿي سگهي ٿو هن مون کي وساري ڇڏيو هجي ۽ منهنجي دعا آهي ته هوءَ مون کي وساري چڪي هجي. ڪنهن جي ڪمي، ڪنهن جي محرومي زندگيءَ ۾ هڪڙو اهڙو خال پيدا ڪريو ڇڏي جيڪو پوءِ ڪڏهن به ڀرجي نٿو.“

آئون به اٿي بيٺيس ۽ هن ڏانهن نهاريندي چيم،” ڇا ٻيو ڪوئي به اهو خال ڀري نٿو سگهي؟“ هن مون کي چتائي ڏٺو.

”ثمينه، مون کي اهڙا ماڻهو وڻندا آهن جيڪي سدائين خوش هجن، جيڪي سدائين کلندا رهندا آهن ۽ لاپرواهه هوندا آهن. مون کي انهن تي ريس ايندي آهي، پر آئون انهن کان سڙندو ڪونه آهيان، ان ڪري انهن کي نقصان رسائڻ به ڪونه چاهيندو آهيان.“

” ڇا مطلب؟ مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي!“ آئون سمجهي وئي هيس ته هن ڇا ٿي چوڻ چاهيو.

”آئون نٿو چاهيان ته منهنجين مايوسين ۽محرومين جو پاڇو ڪنهن ٻئي تي پئي،“ هن آهستي ۽ ڳري آواز ۾ چيو.

نه ڄاڻان ڇو منهنجو من ڀرجي آيو هن جي ڳالهه تي. مون پري پري ڍنڍ جي سطح تي هوا سان ٺهندڙ هلڪين لهرن ڏانهن نهاريندي چيو، ”پر آئون انهن سڀني ۾ تو سان شيئر ڪرڻ گهران ٿي.“  مون هن ڏانهن ڏٺو. هن جي اکين ۾ اها ئي لاتعلقي هئي.

”نه ثمينه، نه......“ هن جي آواز۾ ڪجهه بيزاري هئي. ”تون هروڀرو مون تي ترس ڪري رهي آهين. آئون تنهنجي لاءِ صحيح ماڻهو ڪونه آهيان. تون مون سان گڏ خوش نه رهي سگهندينءَ.....“ هو رڪجي ويو ۽ پوءِ منهن ٻئي پاسي ڪندي ٻڏل آواز ۾ چيائين، ” ۽ ٻي ڪا به ڇوڪري هن جي جاءِ ڀري نٿي سگهي. “

آئون ٿڙندڙ قدمن سان وڃن لڳيس. مون کي خبر هئي ته هو مون کي روڪيندو ڪونه.  آئون هن جي ڪجهه به نه هيس. هو ايترو اڪيلو هو جو ڪو به هن جو نٿي ٿي سگهيو ۽نه هو ڪنهن جو ٿي ٿي سگهيو. مون پري وڃي ڪنڌ ڦيرائي هن ڏانهن ڏٺو. هو ڍنڍ ڏانهن منهن ڪري پٿر بنيو بيٺو هو. ۽ مون کي پڪ هئي ته هو هينئر به منهنجي باري ۾ ڪونه سوچي رهيو هو.

ٻئي ڏينهن پٽيوالي هڪ بند ٿيل لفافو مون کي آڻي ڏنو. کولي ڏٺم ته هن جو خط هو. هن گذريل ڏينهن واري واقعي تي سندس خيال موجب ڪيل بدتميزي جي معافي ورتي هئي ۽ لکيو هو، ” هڪ پاڳل، هڪ سچي پچي گوشت پوشت واري شخص سان پيار نٿو ڪري سگهي. هو تصوير سان ئي پيار ڪري سگهندو آهي، جنهن کان هو ڪجهه گهرڻ نٿو چاهي ۽ اها تصوير جيڪا هن کي ڪجهه ڏئي نٿي سگهي. هن کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته تصوير ساڻس پيار ڪري ٿي يا نه، هو پيار ڪري ٿو ۽اهو ئي هن لاءِ ڪافي آهي.“

اڌ مڙهيل سوئيٽر

دل ۾ اچي ٿو، ٻاهر نڪري، زور سان رڙ ڪري چوان، ’بند ڪريو هي گوڙ، هي بئنڊ باجا!..... آخر ائين ڇو ٿا ماريو ڪنهن کي!‘- پر آئون ٻاهر نڪري کلندڙ، ٽهڪ ڏيندڙ چهرن جو تاب ئي نه جهلي سگهان ها. هڪ يا ٻه ماڻهو مرن ٿا ته ڀلي مرن، هيترن سارن ماڻهن جا ٽهڪ نٿا کسي سگهجن. پر ڇا، هڪ ٻن ماڻهن کي ائين بينڊ باجن سان ماري سگهجي ٿو؟ اها ڪٿي جي انسانيت آهي! انسان ڪٿي جا به هجن، فطري طور وحشي ڇو هوندا آهن؟ آئون پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون وجهان يا ڪپهه وجهي ڇڏيان، پر لڇندڙ دل جي درد کي ڇا روڪي ٿو سگهان!

اڄ صبح جو نه چاهيندي به آفيس ويس. آفيس کي ويجهو اچي، قدم به دل وانگر منجهڻ لڳا. تڏهن واپس آيس. سمورو وقت هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. نٿي چاهيم ته گهر وڃان. گهر کان پري ٿي رهڻ چاهيم. پر چاهي ڪٿي به هجان، دل ويئي ٿي هڪ گهري درد ۾ ٻڏندي. گهر موٽي آيس ته ڏٺم، امان ڪنهن ڳڻتيءَ ۾ ويٺي هئي. مون کي ڏسي، هڪ گهڙيءَ لاءِ سندس اکين ۾ مامتا جي چمڪ آئي، پوءِ منهن ڦيري ڇڏيائين. چري، مون کان ٿي ڳوڙها لڪائي! گهر ۾ فقط هوءَ هئي، جنهن منهنجي درد کي ڄاتو هو. ننڍي هوندي ماستر کان يا ڪڏهن ڪنهن ٻار کان مار کائي ايندو هوس ته سندس هنج ۾ منهن لڪائي روئندو هوس. هينئر هن مون کي هنج ۾ ليٽائي، پاڻ رنو. پر نه، شايد منهجين اکين مان به ڪجهه لڙڪ ڪريا هئا. مون هيٺيئن چپ کي زور سان چڪ پائي، ڳوڙهن کي روڪي ڇڏيو هو.

 

امان شاديءَ ۾ وڃڻ نٿي چاهيو، مون ئي هن کي زور ڪري موڪليو. شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ’هوءَ‘ اسان جي گهر آئي هئي. گهر ۾ آئون هوس، ۽ امان هئي. هوءَ ڊوڙي اچي امان جي گلي سان لڳي، ۽ گلي سان لڳي، سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. امان به روئي پئي. مون منهن ٻئي طرف ڦيري ڇڏيو هو. آئون ان وقت ڄڻ هڪ اپاهج وانگر ڪرسيءَ تي ويٺو هوس، بيوس بيوس. هن چيو، ”ماسي، مون کي مائٽ جيئري دفن پيا ڪن. جيئري هوندي به هاڻي ڪڏهن تو وٽ اچي نه سگهنديس..... ماسي، ڇا پڇاڙيءَ جو تون مون کي دفنائڻ به نه ايندينءَ؟“  مون کي لڳو، هن جو هانءُ ڦاٽي پيو هو. وڃڻ وقت هن مون ڏانهن نهاريو. هن جي منهن تي عجيب رنگ، عجيب ڪيفيتن سان لٿا ۽ چڙهيا. هڪ گهڙيءَ جي لاءِ سندس چهرو درد جي شدت سببان ٻيڻو ٿي ويو، پوءِ ڄڻ هوا نڪتل بال وانگر سسي ويو، ۽ هوءَ رئي ۾ منهن لڪائي، ڍوڙندي هلي ويئي. منهنجو وات ڪنهن ڪوڙاڻ سان ڀرجي ويو.

 

آئون اٿي بئگ کوليان ٿو. بئگ مان هڪ خوبصورت اڌمڙهيل سوئيٽر ڪڍان ٿو. ڪجهه دير ڏسندو رهان ٿو،  پوءِ سوئيٽر ۾ منهن ويڙهي، کٽ تي ليٽي ٿو پوان. سيني اندر دل گهري درد ۾ ٻڏي ۽ اُڀري رهي آهي. يادون تير بنجي ذهن کي ٽڪي رهيون آهن.

”هي ڏس!“

”ڇا آهي؟“

”اُن آهي.“

”ڇا جي لاءِ؟“

”اُن ڇا جي لاءِ هوندو آهي؟“

هوءَ مرڪي پيئي. ”مون کي ته خبر ڪانهي. تون ئي ٻڌاءِ.“

”هن اُن مان منهنجو سوئيٽر ٺهندو.“

”او! ڀلي ٺهي. آئون ڇا ڪريان! مون کان اجازت وٺڻي آهي ڇا؟“

”ظاهر آهي. تنهنجي مرضيءَ کان سواءِ ڪيئن ٺهندو.“

”چڱو سائين، اجازت آهي..... پر ڪنهن ڇوڪريءَ کان ته ڪونه ٿو ٺهرائين؟ ان حالت ۾ ته اجازت ڪانه ملندي!“

”بي سمجهيءَ جي به حد ٿيندي آهي. آئون تنهنجن هٿن جو ٺاهيل سوئيٽر پائڻ چاهيان ٿو!“

هوءَ شايد گهٻرائجي ويئي. ” پر آئون..... پر آئون.....“

مون وري چيو، ” ها، خوشي، آئون تنهنجن حسين هٿن جو ٺاهيل سوئيٽر پائڻ چاهيان ٿو.“ پر مون کي لڳو، نچندڙ ڍوڙندر وقت، اوچتو ڪنهن ڌڌڪي سان رڪجي، ساڪت بنجي ويو.

هن چيو، ”منهنجون مجبوريون تون  ڄاڻين ٿو. مون تي گهر ۾ ڪيڏيون پابنديون آهن! تو کي خبر آهي ته آئون تو سان ڪيئن ٿي ملان. جيڪڏهن اسين ساڳئي پاڙي ۾ نه هجون ته شايد آئون تو سان ملي ئي نه سگهان.“

مون رسڻهارڪي آواز ۾ چيو، ” سڀ ڄاڻان ٿو. تون صاف ڇو نٿي چئين ته منهنجو سوئيٽر نه ٺاهيندينءَ.“

هن پنهنجن هٿن ۾ منهنجو هٿ زور سان جهلي چيو، ”تون سمجهين ڇو نٿو، رشو! منهنجن هٿن جو ٺاهيل سوئيٽر اسان جي پيار جو اشتهار بنجي ويندو...“

مون ڪاوڙ وچان سٽ ڏيئي، هٿ ڇڏايو.

”منهنجيءَ ڳالهه جو غلط مطلب نه سمجهه، رشو! سوئيٽر جهڙي معمولي شئي، پيار جي اڳيان تڇ آهي. منهنجي پيار کي اهڙيءَ خسيس شئي تي نه پرک. منهنجو مطلب اهو هو ته اسين بدنام ٿي وينداسين. ماڻهن جي ته تو کي خبر آهي.“

مون ساڳئي روسامي سان چيو،”چڱو خوشي، تون منهنجي پيار ۾ بدنام نه ٿي. مون کان غلطي ٿي ويئي، معاف ڪر.“

”اوه، رشو! خدا جي واسطي...... ڏس، مون کي دير ٿي ويئي آهي. آئون تنهنجي لاءِ سوئيٽر ٺاهينديس. وس آهي ٻانهيءَ جو!.... چڱو، هاڻي وڃان ٿي.“

آئون ساڳيءَ طرح ويٺو رهيس. هن آڱر سان منهنجي کاڏيءَ کي مٿي ڪري چيو، ”هيڏانهن، مون ڏانهن ڏس! مار، ايڏي ڪاوڙ! بس، هاڻي ته ڪاوڙ ڦٽي ڪر مٺا!“

ان گهڙيءَ آئون ان کيٽي ڪندڙ ٻار وانگر خوش ٿي ويو هوس، جنهن جي اڳيان َڻ مڃي ويئي هجي.

مون هن کي ٻانهن کان جهلي، پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ”خوشي، تون ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهين. مون کي ايترو نه ستائيندي ڪر، نه ته آئون صفا رسي ويندس.“

”پنهنجي خوشيءَ کان رسي ويندين، ٻڌاءِ؟“

”پنهنجي خوشيءَ کان ڪير رسڻ چاهيندو. خوشي پاڻ نه رسي وڃي.“

”تو کان سواءِ خوشي مري ويندي.“

”اوه، خوشي! منهنجي خوشي، منهنجي خوشي!.....“

”هاڻي ڇڏ. الا، ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي.“

هوءَ اُن کڻي هلي ويئي.

هن جي وڃڻ کان پوءِ به آئون ڪيتري دير تائين ورجائيندو رهيس- ’منهنجي خوشي!.... منهنجي خوشي....!‘

من ئي من ۾ ڪيتري دير تائين ورجائيندو رهان ٿو: ’منهنجي خوشي، منهنجي خوشي،‘ پر هاڻي دل خوشيءَ وچان ڦونڊجي ڪانه ٿي- ڄڻ سڏڪا ڀري روئي پيئي. کسجي وڃڻ جي احساس وچان، دل تڙپي اٿي ٿي. مون کان منهنجي خوشي کسجي ويئي، هاڻي ڪهڙو حق آهي مون کي’منهنجي خوشي‘ چوڻ جو؟.... جلدي ئي ٻه – ٽي اکر اسان جي پيار جو موت بڻجي ايندا، ۽ خوشيءَ کي هڪ ٻنڌڻ ۾ جڪڙي ڇڏيندا.

 

ٻئي ڀيري جڏهن هوءَ آئي ته پڇيومانس: ”خوشي، پهرين ته تو ڊپ وچان سوئيٽر ٺاهيو ڪونه ٿي، هاڻي ڪيئن ٿي ٺاهين؟“

منهنجي گلي ۾ ٻانهون وجهي چيائين، ” تنهنجي لاءِ آئون جان به ڏيئي سگهان ٿي.“

مون چيو،”آئون توکي چاهيان ٿو، مون کي تون گهرجين، تنهنجي جان نه.“

ان ڳالهه تي ٻئي ڄڻا ڪيتريءَ دير تائين کلندا رهياسين.

”آئون سوئيٽر لڪي لڪي پيئي ٺاهيان. شايد دير لڳي وڃي.“

من کي ڄڻ ڏاڍو ڌڪ لڳو.... پيار اهڙو زبردست ڏوهه آهي، جنهن تي ايڏا پهرا! صديون گذري ويون، انسان ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتو، پر اسان وٽ پيار جي لاءِ اهي ساڳيون مجبوريون، اهي ساڳيا پهرا!

مون چيو، ”خوشي، اسين هڪٻئي کي چاهيون ٿا، پوءِ ٻين کي ڪهڙو حق آهي اسان جي پيار تي ڏمر جي پهري لڳائڻ جو! پيار ايڏو وڏو ڏوهه آهي ڇا، جو اسين ائين لوڪ کان لڪندا وتون؟“

هن جون نظرون منهنجي دل کي ڇهي رهيون هيون. جواب هن وٽ ڪونه هو. شايد ان ڳالهه جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونه هوندو آهي. تڏهن مون ئي چيو، ”خوشي، پيار هڪ سندر سپني جيان ته ڪونهي، جيڪو حقيقت جي روشنيءَ جو تاب نٿو جهلي سگهي، ۽ ان سپني جو تعبير..... سپنا ته نيٺ سپنا آهن!“

هن چيو، ”تون اڄ ايڏو جذباتي ڇو بنجي ويو آهين. آئون ئي تنهنجي سپني جو تعبير آهيان. تو کي يقين نٿو اچي ڇا؟“

شايد آئون ان ڏينهن واقعي جذباتي بنجي ويو هوس. ”پيار جي پڇاڙي هميشہ پڇتاءَ ۽ پيڙا جو احساس کڻي ايندي آهي، ان ڪري ئي آئون ڊڄان ٿو ته جي تعبير تعبير نه رهي ته.....؟“هن مون کي ڪهڙا ڪهڙا يقين ڏياريا. انهن جي سچائيءَ ۾ مون کي اڄ به شڪ ڪونهي. حالتن سان ٽڪرائجي، سڀ يقين مري ويا. هن جو ڪهڙو ڏوهه!

هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، خوشيءَ جي شاديءَ جي ڳالهه بم جو ڌماڪو بنجي آئي. ڌماڪي ڪجهه وقت لاءِ ذهن کي مفلوج بنائي ڇڏيو. جڏهن ذهن سامت ۾ آيو، ته واقعي سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو.

خوشيءَ جي مائٽن کي هڪ سونو وجهه مليو هو. ان ڪري هنن سوچڻ ۾ وقت وڃائڻ نه چاهيو. پيسن جي چمڪ اڳيان سوچ جو ڇا؟ سڱ گهرڻ وارا شاهوڪار ماڻهو هئا، موٽرن ۽ بنگلن وارا هئا. ان کان وڌيڪ سوچي ئي ڇا ٿو سگهجي. اها ئي ته سوچ جي آخري حد آهي.

امان وائڙي رهجي ويئي هئي. هن ته خوشيءَ جي سڱ گهرڻ لاءِ اڃا سانباها پئي ڪيا. ڳالهه ٻڌي چيائين، ”ائين ڪيئن ٿيندو! هي مائٽ آهن يا دشمن. پيسا ڏسي انڌا ٿي پيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ ڌيءَ جي مرضي ته معلوم ڪن. آئون ماڻس کي سمجهائينديس. اسين غريب آهيون، پر خوشيءَ کي اکين تي ويهارينداسين. ٻئي ڄڻا هڪٻئي تي ساهه ٿا ڇڏين، مائٽن کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي؟“

ويچاري سادي امان! هن جي ڳالهه ٻڌي، الائي ڇو آءٌ ڪاوڙجي پيس: ” تون ته چري آهين، امان! مائٽ پنهنجيءَ ڌيءَ جا تو کان وڌيڪ سڄڻ هوندا. ٻڌاءِ، تو وٽ ڇا آهي؟ تو وٽ بنگلو ڪونهي، تو وٽ ڪار ڪانهي، باقي ڇا آهي تو وٽ؟ بنگلا ۽ موٽرون ڇڏي، هڪ ڪلارڪ کي پنهنجي ڌيءَ ڪير ڏيڻ چاهيندو! تون اهو ڇو ٿي وسارين، امان، ته تنهنجو پٽ فقط هڪ ڪلارڪ آهي!“

خوشيءَ جي ماءُ به امان جي ڳالهه کي کل ۾ اڏائي ڇڏيو هو: ”ادي، مائٽ ڌيءَ جا دشمن ته ڪين هوندا آهن. مائٽ ته هميشہ اهو گهرندا آهن ته ڌيءَ چڱي گهر ۾ وڃي، سدا سک ماڻي، شل ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسي. ههڙو گهر ته قسمت وارن کي ملندو آهي. ڌيءَ سڄي حياتي سٺو ٽڪر کائيندي، سٺو کوهيندي...“

هڪڙي ڏينهن هوءَ به آئي. اکين ۾ ڳوڙها ڀريل هئس، چپن تي چپ.

مون چيو،”پنهنجي شاديءَ جي خبر ٻڌائڻ آئي آهين، خوشي!“

هوءَ تڙپي اٿي. ڳوڙهن جو بند ٽٽي پيو، ۽ هوءَ سڄي مون تي ڊهي پئي. ”تون به مون کي ڏوهه ٿو ڏين، رشو!“

جنهن شئي کي ماڻهو دل جي گهرائين سان چاهيندو هجي، جنهن کي هو فقط پنهنجو سمجهندو هجي، اها شئي کانئس کسجي وڃي ته.... خوشي ته منهنجي آتما جو حصو هئي، مون هن جي نيڻن ۾ پنهنجو پيار ڇلڪندو ڏٺو هو. هاڻي هوءَ نه چاهيندي به پنهنجن نيڻن ۾ ٻئي ڪنهن کي..... رڳو تصور ۾ ئي ڪيتري پيڙا ڀريل آهي!

ڀريل من سان چيم، ”نه، خوشي، تو کي ڏوهه ڪيئن ڏيندس. تنهنجي کسجڻ جي احساس مون ۾ نه معلوم ڪيتري تلخي ڀري ڇڏي آهي. مون کي معاف ڪج، خوشي، مون شايد تنهنجي دل ڏکوئي آهي.“

هوءَ منهنجي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ لڳي.

مون چيو، ”آئون انهن ڳوڙهن جي لائق نه آهيان، خوشي! مون ۾ ايتري به همت ڪانهي جو رڳو تنهنجا ڳوڙها ئي اگهي سگهان. منهنجي حيثيت وارن ماڻهن کي پيار ڪرڻ جو ڪو حق ئي ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ڀلجي کڻي سپنو ئي ڏسي ٿو ته اوهين ان جو تعبير ڇو ٿيون بنجو؟ ڏسي وائسي ڇو ٿيون ايڏي غلطي ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ وجهو...“

هن مون کي ڪلهن کان ڌونڌاڙيندي چيو، ”نه، رشو، نه- مون کي.... مون کي موٽرون ۽ بنگلا نه گهرجن، مون کي فقط تنهنجو پيار کپي. آئون تو سان گڏ جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ به تيار آهيان. آئون ڪهڙو سڄي عمر بنگلن ۾ رهي آهيان.“

تڏهن مون کي سوئيٽر ياد اچي ويو، ۽ چپن تي هڪ ڪوڙاڻ ڀري مرڪ آئي: ”خوشي، هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ. تو ۾ ايتري همت آهي جو تون سڀني رسمن رواجن ۽ پابندين جون زنجيرون ٽوڙي سگهين؟ هتي ته پيار به ڊڄي ڊڄي ڪيو ويندو آهي. بدناميءَ جي ڊپ کان، تون هڪ سوئيٽر به نٿي ٺاهي سگهين، ته ايڏي همت ڪري سگهندينءَ جو مائٽن جي مرضي ٺڪرائي ڇڏين؟....... ٻڌاءِ، خوشي!“

”مون کي ڪٿان زهر ئي آڻي ڏي. آئون جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نٿي ڪري سگهان، ته پيار خاطر جان ته ڏيئي سگهان ٿي!“

”چري، پيار کي جان نه کپي. زهر کائڻ سان ڇا تو کي پنهنجو پيار ملي ويندو؟ موت ته هر شئي جو خاتمو آهي. جيڪڏهن زندهه رهڻ تو کي بار ٿو لڳي، ته به پنهنجي حصي جي زندگي تو کي جيئڻي آهي. ڪير ڄاڻي، وقت ڪڏهن زخمن تي مرهم رکي ڇٽائي ڇڏي، ۽ زندگي ٻيهر خوبصورت بنجي وڃي!“

هن کان رڙ نڪري وئي: ”ايڏو ڪٺور ڇو بڻجي ويو آهين تون، رشو!“

-         آئون ڪٺور! دل جا زخم مرڪي ٿا پون.....

 

هي سوئيٽر آلو ڇو ٿي ويو آهي؟ سوئيٽر ٻنهي هٿن ۾ جهلي، مٿي کڻي ڏسان ٿو. اڌ مڙهيل سوئيٽر ڪهڙو نه عجيب ٿو لڳي. جڏهن پيار ئي پنهنجو مڪمل روپ پائي نه سگهيو، تڏهن ان جي هڪ نشاني اڌوري رهجي ويئي ته ڇا ٿيو. سوئيٽر سان گڏ آيل خط وري کولي پڙهان ٿو---

”رشو،

”ڇا، سچ پچ اسان جو پيار هڪ سپنو ئي هو؟ پر اهو سوال ته تو پڇيو هو. مون تو کي يقين ڏياريو هو ته آئون تنهنجي سپني جي تعبير آهيان؛ پر مون بدناميءَ کان ڊڄي تنهنجا سمورا سپنا ٽوڙي ڇڏيا. منهنجي پيار سواءِ زخمن جي ٻيو تو کي ڇا ڏنو. آئون اهو ڄاڻان ٿي ته منهنجي کسجڻ جو احساس تو ۾ تلخي پيدا ڪري سگهي ٿو، پر زندگيءَ کان بيزار نٿو بنائي سگهي. مون ۾ به تو ئي ته جيئڻ جو اُتساهه ڀريو هو. تو چيو هو، ’ڪير ڄاڻي وقت ڪڏهن زخمن تي مرهم رکي ڇٽائي، ۽ زندگي ٻيهر خوبصورت بنجي وڃي!‘... رشو، آئون تو کي دل گهرائين سان اها دعا ٿي ڪريان.

”تنهنجو سوئيٽر اڌورو ئي رهجي ويو،۽ آئون سمجهان ٿي ته ان کي مڪمل ڪرڻ جو مون کي ڪو حق ڪونهي. هڪ عرض آهي، ته هي اڌورو سوئيٽر ان ڇوڪريءَ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏجانءِ، جيڪا تنهنجي زندگيءَ کي خوبصورت بنائي تنهنجي بڻجي وڃي......“

اڌورا ماڻهو

فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي ته هن هٿ وڌائي رسيور کنيو.

”هلو. نياز صاحب، هڪ خاتون اوهان سان ملڻ ٿي چاهي،“ رسيپشنسٽ جو آواز هو.

”نالو ڇا اٿس؟“ نياز پڇيو. کيس خبر هئي ته هوءَ ڪير هوندي.

”مس پروين.“

”ٺيڪ آهي. آءٌ پاس موڪليان ٿو.“ هن پٽيوالي کي پاس لکي ڏني ۽ خاتون کي آفيس ۾ وٺي اچڻ لاءِ چيو.

پروين سان هن جي ملاقات ڪالهه ٿي هئي. هو حيدرآباد مان ڪراچيءَ جي بس ۾ چڙهيو هو. بس ۾ رش هئي. ڪا به سيٽ خالي نه هئي. نياز کي آفيس ۾ پهچڻو هو، ان ڪري هو لاچار سيٽن جي وچ واري حصي ۾ رکيل اسٽول تي ويهي رهيو. پاسي واري سيٽ تي هڪ جوڙو ويٺو هو. ’گڊ لڪ‘، نياز من ۾ چيو. هو جڏهن ڪنهن سهڻي جوڙي کي ڏسندو هو ته ائين چوندو هو. عورت خوبصورت هجي ۽ مرد بدصورت هجي يا وري ڳالهه ان جي ابتڙ هجي ته پوءِ هو چوندو هو، ’بئڊ لڪ‘ ۽ خوبصورتي جي بدقسمتيءَ تي افسوس ڪندو هو. هو ٻئي چرچا ڪري رهيا هئا ۽ ٽهڪ ڏئي رهيا هئا. بي معنيٰ ۽ اجايون ڳالهيون، پوءِ به وڻندڙ. بس حيدرآباد جي آخري اسٽاپ تي پهتي ته نوجوان آهستي عورت کي ڪن ۾ ڪجهه چيو، ٻئي کليا ۽ پوءِ هو بس مان لهي ويو. بس هلي ته ڪنڊيڪٽر کي سيٽ جي خالي ٿيڻ تي مٺيان لڳي، پر هو ان سيٽ تي ڪنهن مرد کي ويهاري نٿي سگهيو ۽ نه وري عورتن جي سيٽ تي جاءِ هئي جو هو ان عورت کي اتان اٿاري ٻين سان گڏ ويهاري. هو ڪاوڙ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. نياز کي هوءَ موهيندڙ لڳي. بت ۾ ڀريل، رنگ بيحد ڳورو، پنجن دريائن جو پاڻي پيتل. هن کي پينٽ پاتل هئي. الٽرا ماڊرن لڳندڙ. هوءَ به نياز کي ڏسي رهي هئي. نياز نظرون هٽائي ڇڏيون. پر رکي رکي هن جون نظرون ڦري ٿي آيون. عورت لڳاتار هن ڏانهن ڏسي رهي هئي. نياز کي هن جون نظرون کائي ويندڙ لڳيون. بس ٽال پلازا ٽپي اڳتي رواني ٿي ته عورت اک جي اشاري سان هن کي پاڻ ڏانهن سڏيو. نياز منجهي پيو ته اهو واقعي اشارو هو يا کيس ڀل ٿي هئي. ٿوري دير کان پوءِ هن وري عورت ڏانهن نهاريو.

”اوهان هتي اچي ويهو. سيٽ خالي آهي،“ عورت هن کي چيو.

’هينئر، نه ته پوءِ ڪڏهن نه،‘ هو ڪيڏانهن به نهارڻ کان سواءِ اٿي عورت جي پاسي ۾ سيٽ تي وڃي ويٺو.هن سوچيو ته جيڪڏهن ٻين مسافرن ڏانهن ڏٺائين ته پوءِ اٿي نه سگهندو.

”ايڏي ڊگهي مسافريءَ ۾ اسٽول تي اڀو ٿي ويهڻ مصيبت آهي،“ وري به عورت ئي ڳالهايو.

”ها، پر ڇا ڪجي. مسافري ئي ته آهي.“ هن کي اهو سڀ عجيب پئي لڳو.

”منهنجو نالو پروين آهي.“

نياز هن سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. هن ڊڄندي ٻين مسافرن ڏانهن نهاريو. ماڻهو ٻنهي کي حيرت ۽ نفرت وچان ڏسي رهيا هئا. نياز کي ماڻهن تي کل اچي وئي. هن جي گهٻراهٽ ختم ٿي وئي هئي. پروين ساڻس ائين ڳالهائڻ لڳي ڄڻ سالن کان سڃاڻندي هجي.

You are handsome، ٻيو ڪو هجي ها ته ان کي پنهنجي سيٽ هرگز آفر نه ڪريان ها، پر توتي مون کي رحم اچي ويو هو.“

ٻئي کلڻ لڳا.

”منهنجو دوست جيڪو مون کي بس تي ڇڏڻ آيو هو تنهن خبر آهي ڇا چيو هو؟“

”الائجي؟“

”وڃڻ وقت هن تنهنجي لاءِ چيو ته هن کي منهنجي سيٽ آفر نه ڪجانءِ.“

”هن کي ڪيئن خبر پئي ته تون مون کي سيٽ آفر ڪندينءَ؟“

هوءَ کلڻ لڳي. ”تنهنجي ٽائپ جا سهڻا ماڻهو منهنجي ڪمزوري آهن ۽ مان جهٽ ۾ انهن جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويندي آهيان.“

’الاهي خير،‘ نياز دل ۾ چيو. هوءَ توقع کان وڌيڪ Bold هئي. نياز کي پگهر اچي ويو. کيسي مان رومال ڪڍي پيشانيءَ تان پگهر اگهڻ تي هن کي شرم ٿي آيو. تڪڙ ۾ هٿ جي پٺيءَ سان پگهر اگهي ورتو هئائين.

”ڇا حال آهي، يار؟“ پروين آفيس ۾ گهڙندي چيو.

”حال ٺيڪ آهن، تون ٻڌائي؟“

” تو مون کي ذليل ڪري ڇڏيو آهي،“ هن ڪرسيءَ تي ويهندي چيو.نياز وائڙو ٿي ويو.”مان رڳو تنهنجي باري ۾ سوچيندي رهي آهيان.هونءَ ٻين جي باري ۾ گهٽ سوچيندي آهيان.“

Sorry. منهنجي ڪري تو کي تڪليف ٿي،“ نياز کلندي چيو. ”مون ته سمجهيو هو ته تون ايندينءَ ئي ڪانه.“

” ان جي معنيٰ ته تو کي منهنجو انتظار ڪونه. مون خوامخواه اچي ڌوڙ پاتي،“ هوءَ ڪاوڙجي پئي.

”اهڙي ڳالهه ڪانهي. انتظار ته مون کي به هو ۽ مون چاهيو پئي ته تون پنهنجو وعدو پاڙين. ڳالهه هيءَ آهي ته مون کي اعتبار نٿي آيو ته تون ايندينءَ.“

”يار، وڏو بي ايمان آهين.“ ٻئي کلي پيا.

”تنهنجي آفيس ته قيدخانو آهي. گيٽ تي اچي رسيپشنسٽ کي عرض ڪجي ته مون کي فلاڻي صاحب سان ملڻو آهي. ڇو ملڻو آهي؟ ڇا جي ڪري ملڻو آهي؟ مان ڇا ٻڌايان ته مون کي نياز صاحب سان عشق ڪرڻو آهي،“ نياز کان ٽهڪ نڪري ويو.

”سچ“، هن جي ڳالهه اڃا پوري نه ٿي هئي. ”وري هروڀرو فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا. ڪهڙا واهيات رسيپشنسٽ کڻي رکيا اٿو؟“

”جيڪڏهن ڪنهن تو سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا ٿي پيو؟ تون پاڻ ئي جهٽ ۾ فري ٿي ويندي آهين!“

”نه يار، مان هر ڪنهن نٿو خيري سان ٿورو ئي فري ٿي ويندي آهيان.“ اوچتو هن ڪاوڙجي چيو، ”وڏو ذليل آهين! مان تو سان فري ٿي ويس ته تون سمجهين ٿو ته هر ڪنهن سان ائين ڪندي آهيان. او نو نو مسٽر، منهنجي باري ۾ اهڙي غلط ڳالهه متان سوچين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com