اوچتو ڪمرو روشن ٿي ويو. ھڪ پل جي لاءِ ٻئي ھٿ
اکين تي کڻي رکيم. بٽڻ الائي ڪنهن
هيٺ
ڪيو ھو. اکين تان ھٿ ھٽايم ته سامھون شمع بيٺي
ھئي.
”اوندھ ۾ ڇا ڏسي رھيو ھئين؟“
”پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھوس.“
”بيبو ماٺ ئي نٿو ڪري. ماسيءَ چيو ته ڪٻٽ ۾
رانديڪا پيا آھن، اھي ڏيانس ته من ماٺ ڪري. چوي ٿو
ته بابا ڪار ۾ چاڙھي گھمائي. ھاڻي ھتي پڻس ڪٿي آھي
جو گھمائيس.“
”ڇو غفار صاحب ڪو نه آيو؟“
” نه. ڏاڍو بزي ھو. اِف يو ڊونٽ مائينڊ،آءٌ
بيبوءَ کي ھتي کڻي اچان ته من رانديڪن سان ريجھي
سمھي پئي. ٻاھر گوڙ ۾ ته ننڊ ڪانه اينديس.“
”اھو تون ٿي ڳالھائين ته آءٌ مائينڊ ڪندس!“ ھوءَ
مرڪي ٻاھر ھلي وئي ۽ ننڍڙي کي کڻي اندر آئي.
”چاچا کي سلام ڪر،“ اڍائي-ٽن سالن جي خوبصورت ۽
صحتمند بيبوءَ مون ڏانهن غور سان ڏٺو. شمع ھن کي ھيٺ ويھاري ڪٻٽ مان رانديڪا ڪڍي سندس اڳيان رکيا.
ھوءَ به ساڻس گڏ راند ڪرڻ ويھي رھي. آءٌ کٽ تي
ويھي ٻنهي کي ڏسڻ لڳس. بيبو راند ۾ وندري ويو ۽
پوءِ ھو پاڻھي کيڏڻ لڳو. شمع ڪرسيءَ تي چڙھي ويٺي.
”بيبو ڪائون نمبر آھي؟“ مون پڇيو.
”ٽيون نمبر. کانئس وڏي ڀيڻ ۽ ھڪ ڀاءُ آھي.“
”اھي نه آيا آھن ڇا؟“
”نه، پنهنجي ڏاڏيءَ جي گھر ويل آھن.“
”غفار صاحب تو کي خوشيءَ سان ڇڏيو يا....“
”ھن مون کي ڪڏھن به روڪيو ناھي ڪٿي به وڃڻ کان.
کيس ته واندڪائي ھوندي ڪانهي، اڪثر ٻاھر رھندو
آھي. پاڻ چئي ڇڏيو اٿس ته ڪيڏانهن به وڃڻ چاھيان
ته وڃي سگھان ٿي. پر منهنجي دل نه چوندي آھي ڪٿي
وڃڻ لاءِ.“
”اڪيلي ھئڻ ڪري“.
ھن مون ڏانهن ڏٺو ۽چپ رھي. شايد جواب سوچي رھي
ھئي، مون وري ٻيو سوال پڇيو.
”تون خوش ۽ مطمئن آھين؟“
ھڪ کن جي لاءِ ھن جون نظرون پٿرائجي ڪنهن خيالي
نقطي تي کپي ويون. مون سوچيو ته مون
کي اھڙو سوال پڇڻ نه کپندو ھو.
نيٺ ھن ڳالھايو ۽ سندس آواز گنڀير ھو، ”اسان ٻنهي
۾ ويھن سالن جو ويڇو آھي. آءٌ ھن کي ذھني طور قبول
نه ڪري سگھيس، پر پوءِ مون کان سڀ وسري ويو. ھو
منهنجن ٽن ٻارن جو پيءُ آھي. مون کي ھن لاءِ عزت
آھي ۽ ماڻھو ماضيءَ جي لاءِ ڪيستائين ماتم ڪندو
رھندو سو به تڏھن جڏھن سمجھوتي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو چارو نه ھجي......“
مون چيو، ”مون کي افسوس آھي. اھڙن
ذاتي
قسم جي سوالن پڇڻ جو مون کي حق ڪونهي.“
”نه، ائين ته ڪونهي، اسين بهرحال ڌاريا ڪونه آھيون
جو ھڪٻئي کان حال به نه پڇون،“ ھوءَ کلي پئي. ”
آءٌ پنهنجي گھر ۾ پنهنجن ٻارڙن سان گڏ خوش ۽ مطمئن
آھيان. سچي ڳالھ اھا آھي ته ھو مون کي خوش رکڻ جي
گھڻي ڪوشش ڪندو آھي. ھينئر شاديءَ جي دعوت ملي ته
ھن ئي زور ڀريو ھو شريڪ ٿيڻ لاءِ.“
” تو پاڻ اچڻ نٿي چاھيو؟“
”مون پاڻ؟
آءٌ نه چاھيان ھا ته نه اچان ھا. مون پاڻ چاھيو ھو
ته ڏسان ايترن سالن ۾ ڇا ٿيو آھي. تو ۾ ڪيتري
تبديلي آئي آھي، جيڪا نه آئي آھي، ۽ تو چونڊ ڪھڙي
ڪئي آھي؟“
”چونڊ ٻين جي آھي، مون رڳو ھاڪار ڪئي آھي. خير تو
کي ڪيئن لڳي؟“
”ھڪڙي ڳالھ پڇان؟ تون ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڇو
ڪري رھيو آھين جيڪا اڻ پڙھيل آھي، صفا گھريلو
ٽائيپ جي آھي.“
”ان جا ڪارڻ گھڻا آھن، جن ۾ منهنجي ماءُ-پيءُ جي
خواھش جو به وڏو دخل آھي. انهن گھرو ڳالھين ۽ ٻين
جي مرضين کي ڇڏي جيڪڏھن تون اھو ڄاڻڻ گھرين ٿي ته
ان ۾ منهنجي ڪھڙي ڪنسيڊريشن آھي ته شايد چٽائي سان
ڪجھ ٻڌائي نه سگھان.“ آءٌ چپ ٿي ويو ھوس. پنهنجو
پاڻ کي گڏ ڪري ھڪ ھنڌ آڻڻ جي جاکوڙ ڪري رھيو ھوس.
” تو کي ھارائڻ کان پوءِ مون جيڪا ذھني پيڙا سٺي
آھي تنهن مون کي شايد اذيت پسند بنائي ڇڏيو آھي.
ان ڪري آءٌ مسلسل ھارائڻ ٿوچاھيان. ھيءَ شادي به
منهنجي ھار آھي. ٻي ڳالھ ته آءٌ اڪيلو ۽ پنهنجو
پاڻ ۾ رھڻ ٿو چاھيان ۽ ھيءَ ڇوڪري منهنجي اڪيلائي
۾ دخل ڪانه ڏيندي.“
”تون ڀليل آھين. اھاڳالھ اڳتي ھلي تو کي وڌيڪ دکي
بنائيندي. توکي اھڙي ڇوڪري چونڊڻ کپندي ھئي، جيڪا
ذھني طور توکي سمجھي سگھي. تنهنجا دليل ته مون کي
سمجھ ۾ ئي نه ٿا اچن.“
”اھو مون توکي پھرين چيو ھو ته آءٌ تنهنجي سوال جو
جواب چٽائي سان نه ڏيئي سگھندس.“
بيبو ھاڻي رانديڪن مان بيزار ٿي پيو ھو ۽ ننڊاکڙو
پئي لڳو. شمع ھن کي کڻي پنهنجي ھنج ۾ ليٽايو.
”تون ھن کي پيار ڏيئي سگھندين؟“ ھن اوچتو پڇيو.
”پيار؟ مون جھڙن ماڻھن وٽ اڻ ميو پيار ھوندو آھي.
پوءِ جيڪڏھن ڪٿي دل چيو ته سموري پيار جي پالوٽ
ڪري ڇڏينداسين ۽ ڪٿي دل چيو نه ڪيو ته ايترا ڪنجوس
ٿي وينداسين جو دولت جو ڪنجوس به نه پڄي.“
”جيڪڏھن ھوءَ تو کي پنهنجو سمورو پيار ڏيئي ڇڏي؟“
”ڏسجي!
ديٽ
ڊپينڊس.“
ھوءَ کلڻ لڳي، ” خدا ويچاريءَ تي رحم ڪري.“
”۽ ھن سان گڏ مون تي به.“
”تو پاڻ تي رحم ڪو نه ڪيو آھي ته خدا توتي ڪھڙو
رحم ڪندو؟“
ايڏو سراپ! آءٌ ڏڪي ويس.
”بيبوءَ کي ننڊ اچي رھي آھي. آءٌ ھاڻي ھلان ٿي،“
ھوءَ بيبوءَ کي کڻي اٿي بيٺي ۽ ٻاھر ھلي وئي.
جڏھن ھل ۽ گوڙ ختم ٿي ويندو آھي ۽ ماڻھو سڀ ھليا
ويندا آھن ته ائين لڳندو آھي ڄڻ طوفان ۽ گجگوڙ کان
پوءِ اوچتو خاموشي ۽ گھٽ ٻوساٽ ٿي ويئي ھجي. اھا
ماٺ ۽ اڪيلائي ڪيڏي عجيب ۽ ڀوائتي ھوندي آھي. اھو
طوفان جيڪو منهنجي ڪري لڳو ھو، جنهن ۾ منهنجي مرضي
شامل نه ھئي تنهن جو شڪار آءٌ ئي ٿيو ھوس. ان ھر
شئي کي ڊاھي ڀڃي پاڙان اکوڙي اڇلائي ڇڏيو ھو. شمع
چيو ھو، ’تون ڀليل آھين....‘ آءٌ سچ پچ ڀليل ھوس.
تڏھن مون کي احساس ٿيو ته اھو سڀ مون نه چاھيو ھو.
مون کي رڳو جسم ڪو نه کپندو ھو. اسين ٻئي ھڪ ئي کٽ
تي ليٽيا پيا ھئاسين ۽ الائجي ڪيترو پري ھئاسين.
مون ڪوشش ڪئي ھئي ته ٻنهي جي وچ ۾ بيٺل اڻ لکي
ديوار کي ڊاھيان.
”تون ايتري ماٺ ڇو آھين؟“
”بس.“
”پوءِ ڇا ڳالھ آھي؟“
”ڪجھ ڪونهي.“
”تو کي شايد اڃا ڏک آھي؟“
ھوءَ چپ.
”مائٽن کان وڇڙڻ جو ڏک اڃا اٿئي؟“
”اون ھون.“
”مائٽن سان دل ته ضرور ھوندئي؟“
”ھا.“
”پيءُ سان وڌيڪ دل اٿئي يا ماءُ سان؟“
”ٻنهي سان.“
”تڏھن به ٻنهي مان ڪنهن ھڪڙي سان ضرور وڌيڪ
ھوندئي.“
”الاجي“
”ڀلا تو کي تنهن جي ماءُ وڌيڪ ڀانئيندي آھي يا
پيءُ؟“
”ٻئي.“
”تو کي ھتي سک اچي ٿو؟ مونجھ نٿي محسوس ٿئي؟“
”اُون
هون.“
”ھونءَ تون گھر ۾ ڇا ڪندي ھئين؟“
”ڪجھ نه.“
”ڪجھ نه ڇا؟ سڄو ڏينهن ھٿ ھٿ تي رکي ھڪڙي ھنڌ تي
ڪانه ويٺي ھوندينءَ. ضرور ڪو ڪم ڪار يا ڪنهن مھل
ڪا وندر ڪندي ھوندينءَ؟“
”گھر جو ڪم.“
”ڪھڙو ڪم؟ رڌ پچاءُ ڪندي ھئين؟“
”نه.“
”نه! تو ڪڏھن ڪجھ رڌيو ڪونه؟“
”نه.“
”تنهن جون ساھيڙيون ھونديون؟“
”ھا.“
”تو جنهن مھل ھنن کان موڪلايو ھو تنهن وقت رنيون
ھونديون؟“
ھوءَ چپ.
”ڇو، ننڊ پئي اچي يا طبيعت ٺيڪ ڪا نه اٿئي؟“
”اون ھون.“
ڳچ ڏينهن کان پوءِ-
آءٌ ٻاھران اچي رھيو ھوس. ڪمري مان منهنجي زال ۽
سندس
ساھيڙيءَ جا آواز پئي آيا. آءٌ ھٻڪي در جي ٻاھران بيھي رھيس.
”ڀلا اھو ٻڌائي ته ادي سان خوش ته آھين؟“ ساھيڙيءَ
ھن کان پڇيو.
”خوش ڌوڙ ھونديس. ابا جيڏو ته آھي....“ ھن چڙ مان
چيو ۽ ٻئي ڄڻيون ٽھڪ ڏيڻ لڳيون. مون چاھيو ته آءٌ
به ٽھڪ ڏيان وڏا وڏا، پر ھنن جا ٽھڪ آسمان ڏانهن
اڏامندڙ ھئا ۽ منهنجا ٽھڪ ٿڪي ٽٽي ھيٺ ڪري پون ھا.
ھڪ ڊنل ماڻھو
ھو فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ ھئنڊ ۽ ردي ڪتابن جي
اسٽالن تي واري واري سان بيھندو ڪتاب جاچڻ لڳو.
ھڪڙي ھنڌ ھن کي ” گاڊ فادر“ ناول نظر آيو. قيمت
پڇيائين. ويھ روپيا. ھن حيرت مان اسٽال واري
ڏانهن ڏٺو.
”دڪان تي ھي ڪتاب اوھان کي چاليھ-پنجاھ روپين ۾
ملندو.“ اسٽال واري چيو.
”اھو ته سٺي حالت ۾ ھوندو. ھن جي حالت خراب لڳي
پيئي آھي.“
”اوھان جي مرضي. مشھور ناول آھي. ھن تي فلم به ٺھي
آھي، جنهن ۾ مارلن برانڊو ڪم ڪيو آھي. پاڪستان ۾
ان فلم تي بندش پيل آھي.“ اسٽال واري پنهنجي
معلومات ظاھر ڪندي چيو. ھن بنا ڪڇڻ جي ڪتاب اسٽال
واري کي موٽائي ڏنو.
ھو ھلندو ٻئي اسٽال تي اچي بيٺو. ٿلھن نصاب جي
ڪتابن
جي وچ
۾ ھن نوبوڪوف جو ناول ”لوليتا“ پيل ڏٺو. پڪي جلد سان. بهتر حالت
۾. ھن قيمت پڇي. ڏھ روپيا.
”اٺ روپيا وٺ.“
اسٽال واري بنا بحث جي ڪتاب ڏيئي ڇڏيو.
”لوليتا“ پڙھڻ جو ھن کي گھڻي وقت کان شوق ھو.
اسٽال وارو قيمت گھٽ نه ڪري ھا ته به ھو وٺي ھا.
شام ٿي چڪي ھئي. ڪراچيءَ ۾ رات جون
روشنيون جڳ مڳ ٻرڻ لڳيون ھيون. جارج ھوٽل جي اڳيان
فوٽ پاٿ تي تمام گھڻي رش ھئي. ڪئسٽن جي زور زور
سان وڄڻ جو شور ھو. ھو ماڻھن جي پيھ ۾ پيسجندو
ھليو. سندس ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. ھو سب وي وٽان مڙي
وڪٽوريا روڊ تي آيو. ڪپڙن جي دڪانن جي اڳيان
لنگھندي ھن کي خيال آيو ته ھڪ نئين پتلون ۽ قميص
جي لاءِ ڪپڙو وٺي. پگھار جا سمورا پئسا ھن جي کيسي
۾ ھئا. گذريل مھيني ھن جيڪا پتلون ورتي ھئي اھا به
درزيءَ کان کڻڻي ھئي. کيس نون ڪپڙن خريد ڪرڻ جي
ايتري گھڻي ضرورت ڪا نه ھئي. ھن پنهنجو ارادو
بدلائي ڇڏيو. پوءِ سوچيائين ته ڪنهن سٺي ھوٽل ۾
ويھي چانه پيئي، ۽ ”لوليتا“ جا پنا اٿلائي پٿلائي.
شام جو عذاب ھن کي ڪيئن به ڪري سھي گذارڻو ھو. ھن
جي دل ويھڻ لڳي. ھو پئراڊائيز سئنيما وٽ روڊ ٽپڻ
جي لاءِ اچي بيٺو. ھڪ عورت به ٽريفڪ بند ٿيڻ جو
انتظار ڪري رھي ھئي. ھن عورت ڏانهن ڏٺو. ھوءَ
٢٨-٣٠ سالن جي لڳ ڀڳ ھئي. رنگ سانورو ھوس۽ مھانڊو
وڻندڙ. عورت به ھن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ٽريفڪ کي
ڏسڻ لڳي. ٽريفڪ بند ٿي ته ھو روڊ ڪراس ڪري فوٽ پاٿ
تي آيا. ھلندي ھلندي عورت وري به ھڪ ڀيرو ھن ڏانهن
ڏٺو. ھن کي تجربو ڪونه ھو، تنهن ھوندي به ھن
اندازو لڳايو ته ھوءَ پرائيويٽ ھئي ۽ گراھڪ جي تاڙ
۾ ھئي. ھن سوچيو ته ساڻس ڳالھائي ۽ معلوم ڪري ته
ھن جو اگھ ڪيترو آھي. پر جيڪڏھن ھوءَ پرائيويٽ نه
ھجي ۽ جيڪڏھن سندس ڳالھائڻ کي خراب سمجھي ته! ھو
ٻڏتر ۾ پئجي ويو. کيسي ۾ پگھار جا سمورا پئسا ھئا.
ھو خرچ ڪرڻ جھڙو ھو، پر ھن کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته
عورت سان ڳالھائي ڪيئن. ماڻھو ته چڱين ڀلين عورتن
کي ڦاسائي ويندا آھن ۽ ھو ھڪ پرائيويٽ عورت سان به
نٿي ڳالھائي سگھيو. ھن پاڻ کي ھمت ڏياري. عورت ھن
ڏانهن آڏين نظرن سان ڏٺو ۽ ھن سمجھيو ته عورت جي
چپن تي ھلڪي مرڪ ھئي. ھن سوچيو ته اوسي پاسي ۾ ڪو
ماڻھو نه ھجي ته پوءِ عورت سان ڳالھائي. عورت ڪنهن
به پاسي مڙڻ کان سواءِ سڌي ھلندي رھي. ريڪس سئنيما
کان اڳتي نيٺ ھن کي وجھ مليو. ھن دل جھلي وک وڌائي
۽ عورت جي ويجھو اچي ڳيت ڏئي ”ھلو“ چيائين.
عورت ھن ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي پئي.
”ھلو،“ عورت وراڻيو. ھن جي دل ٿورو وڌي.
”دل ۾ نه ڪريو ته ڪٿي ويھي چانه پيئون.“
ھن کي اھو جملو ڏاڍو عجيب لڳو پر ھن کي سمجھ ۾ نٿي
آيو ته پرائيويٽ عورت سان ڪيئن ڳالھائبو آھي.
”ڀلي،“ عورت چيو.
”وليج ھوٽل ۾ ويھون؟“ چرچ جي فوٽ پاٿ تي اچي ھن
پڇيو.
”اوھان جي مرضي، جتي به ھلي ويھو.“
ٻئي گڏ ھلندا وليج ھوٽل جي جھوپڙيءَ ۾ اچي ويٺا،
ويٽر مينو کڻي آيو. مينو ڏسندي ھن پڇيو،
” ڇا گھرائجي؟“
”جيڪي به گھرايو“، عورت پنهنجائپ مان چيو. ھن حيرت
مان عورت کي ڏٺو ۽ کيس عجيب
لڳو، ڄڻ ھوءَ سندس پراڻي واقف ھئي ۽ ھن سڀ سندس
مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو ھو. ھن ويٽر کي چڪن سئنڊوچز
۽چانه آڻڻ لاءِ چيو.
”جي؟“ ھن شروعات ڪرڻ چاھي.
”جي! اوھان ٻڌايو؟“ عورت جون اکيون مرڪڻ لڳيون.
ھوءَ ھڪ سنئين سڌي عورت ھئي جنهن ۾ ڪا به غير
معمولي ڳالھ ڪا نه ھئي. نه گھڻو ميڪ اپ ڪيل ۽ نه
وري ڪپڙن لٽن ۾ فيشنبل لڳندڙ. ھوءَ بلڪل گھرو
عورتن جھڙي ھئي. ’پر
ڪنهن
مجبوري ھن کي ان ڌنڌي ۾ آندو ھوندو،‘
ھن سوچيو.
”تو کي گھر وڃڻ جي جلدي ته ڪانهي؟“ ھن پڇيو.
”نه. اھڙي خاص جلدي ته ڪانهي،“ عورت وراڻيو.
ھن سوچيو ته کانئس پڇي ته تنهنجو گھر ڪٿي آھي، پر
ھن اھا ڳالھ مناسب نه سمجھي. اھڙي عورت پنهنجو
گھر پتو نه
ڏسيندي
۽ پڇڻ مان فائدو به ڪھڙو.
پر
ڪجھ نه ڪجھ ڳالھائڻو ته ضروري ھو. مسئلو اھو ھو ته
ڳالھائجي ڇا؟ ۽ ھن کي عورت ڪجھ منجھيل منجھيل پئي
لڳي-
يا
اھو ھن جو خيال ھو!
”تو کي ميڪ اپ ڪرڻ نه وڻندو آھي ڇا؟“
”ڇو؟ آئون ميڪ اپ کان سواءِ سٺي نٿي لڳان؟“
عورت کلي چيو.
”سٺي ته لڳين ٿي،“ ھن عورت جي اکين ۾ نهاريندي
چيو.
”ھا، تون بنا ميڪ اپ جي وڌيڪ سھڻي ٿي لڳين.“
ھوءَ کلڻ لڳي، ، ”اھڙيون ڳالھيون نه ڪر جو آءٌ سچ
پچ به پاڻ کي سمجھڻ لڳان.“
ھو عورت کي ڏسندو رھيو. ھن پنهنجي من کي ڪجھ ڳرو
ڳرو محسوس ڪيو. ھن چاھيو ته عورت جو منهن پنهنجن
ھٿن ۾ جھلي ھن جي اکين ۾ ڏسندو رھي ۽ انهن ۾ پاڻ
کي ڳولي.
”مون کي ائين ڇو ٿو ڏسين؟ آءٌ اھڙي سھڻي ته
ناھيان...“
”آءٌ تنهنجي اکين ۾ ڪجھ ڳوليان پيو.“
عورت کي حيرت لڳي.
”مون تنهنجي ڳالھ نه سمجھي....“
”سمجھڻ جي ضرورت به ڪھڙي آھي. ٻن ٽن ڪلاڪن جي لاءِ
ھڪٻئي کي سمجھي ڇا ڪنداسين!“ ھو گنڀير ٿي ويو.
عجيب ماڻھو آھي. عورت سوچيو. پر ھوءَ اھا ڳالھ
سمجھي نه سگھي ته کيس ڇو ھن لاءِ ھمدردي محسوس ٿي
رھي ھئي.
ويٽر سئڊوچز کڻي آيو ھو. ٻئي کائڻ لڳا. پوءِ نيپڪن
سان ھٿ اگھندي عورت چيو: ”پاڻ کي ڪٿي ھلڻو آھي؟“
”ڇا مطلب؟“
”ڪا جاءِ آھي يا ھوٽل ۾ ڪمرو وٺڻو پوندو؟“
ھو مطلب سمجھي ويو. ”ان جي ڪا ضرورت ڪانهي. پاڻ کي
نه ڪنهن جاءِ تي ھلڻو آھي ۽ نه ھوٽل جي ڪمري ۾.“
عورت ھن کي حيرت مان ڏسڻ لڳي.
”پوءِ تون مون کي وٺي ڇو آيو آھين؟“
”آءٌ توکي ان لاءِ نه وٺي آيو آھيان،“ ھن منهن
ڦٽائي چيو. ھن ڏٺو ته عورت جي منهن تي مايوسي اچي
وئي.
ھن کيسي مان پگھار وارا پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکيا.
”ٻن – ٽن ڪلاڪن جي لاءِ تنهنجي جيتري في آھي، سا
ھنن مان کڻي وٺ.“
عورت کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو. ھن کي اھو سڀ عجيب
عجيب پئي لڳو. ھن جو اھڙي ماڻھو سان ڪڏھن به واسطو
نه پيو ھو. ھن نوٽن ڏانهن ڏٺو ۽ اندازو لڳايو ته
ھزار کن ھوندو. ھن ماڻھوءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو بنا
نهارڻ جي کيس تڪي رھيو ھو ۽ پاڻ الاجي ڪٿي ھو.
ويٽر آيو ۽ خالي پليٽون کڻي ويو. ٿوري دير ۾ چانه
کڻي آيو.
”نه، مون کي اھڙا پيسا نه کپن،“ نيٺ عورت ڪڇي.
”ڇو؟ آءٌ توکي ھي پيسا خيرات ۾ ڪو نه ٿو ڏيان. اھي
تنهنجي ٻن – ٽن ڪلاڪن جي في آھن.“
”عجيب شخص آھين تون! مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته تون
ھروڀرو ڇو مون کي پيسا ڏئي رھيو آھين. توکي مليو
ڇا؟“
ھن مرڪي ڏنو.
”توکي ڪھڙي خبر ته مون کي ڇا مليو. نه، تون اھا
ڳالھ واقعي سمجھي به نه سگھندينءَ. خير، ڳالھ
وھنوار جي آھي. مون تنهنجو وقت ورتو آھي ۽ ان جو
عيوضو
مون کي ضرور ڀرڻ گھرجي. توکي جيترا مناسب
لڳن
اوترا ھن مان کڻ.“
”تو وٽ پيسا گھڻا آھن ڇا؟“ عورت چانه ٺاھيندي چيو.
”گھڻا ته ڪو نه آھن. آءٌ ھڪ معمولي ملازم آھيان.
ھي منهنجي پگھار جا پيسا آھن.“
”۽ اھي پيسا تون ائين وڃائي ڇڏڻ ٿو چاھين؟“
”جيڪڏھن آءٌ ھوٽل ۾ ڪمرو وٺان ھا ۽ توکي اتي وٺي
ھلان ھا ته پوءِ سمجھان ھا ته مون پيسا وڃائي
ڇڏيا، پر ھي سڀ آءٌ پنهنجي خوشيءَ سان ڪري رھيو
آھيان. مون کي رڳو تنهنجو ساٿ کپي. آءٌ توسان
ڳالھيون ڪرڻ ۽ توسان رستن تي گھمڻ چاھيان ٿو. ان
کان وڌيڪ مون کي ڪجھ نه کپي.“ ھن جو آواز گنڀير ٿي
ويو.
عورت اکيون ھيٺ ڪري پنهنجن ھٿن کي ڏسڻ لڳي.
”تون سمجھندي ھوندينءَ ته آءٌ ڪو چريو آھيان.“ ھن
کلندي چيو.
”نه، نه اھڙي ڳالھ ته ڪانهي،“
عورت کي پشيماني محسوس ٿي. ”چڱو، پيسا تون پاڻ وٽ
رک، مون کي ڪجھ خريد ڪري ڏجانءِ.“
”ھا، اھو به ٺيڪ آھي.“ ھن پيسا کڻي کيسي ۾ وڌا.
عورت ڏٺو ته ھو خوش ٿي ويو ھو. ھن ٽيبل تي رکيل
عورت جو ھٿ پنهنجي ھٿ ۾ ورتو ۽ ان کي ڏسڻ لڳو.
پوءِ ھٿ کي مٿي کڻي ويجھو آندائين ۽ تريءَ تي
پنهنجا چپ رکي ڇڏيائين. ھو ھر گذرندڙ پل کي پيئندو
رھيو. ويٽر ھڪ ڀيرو وري آيو ۽ اندر جھاتي پائي
ھليو ويو.
”تون اھڙو ڇو آھين؟“ عورت ڀڻڪيو.
”اھڙو ڇا؟“
عورت سوچڻ لڳي ته ھوءَ کيس پنهنجي ڳالھ ڪيئن
سمجھائي. ھوءَ چپ ٿي وئي. ھو عورت جي ٻانهن تي
ٿڌڙا ڪڍڻ لڳو.
”ٻڌ....“ عورت ڀڻڪاٽ ڪيو.
”چئو؟“
عورت نه ڪڇي.
”ڇا ڳالھ آھي؟ چئين ڇو نٿي؟“ ھن ھٿ وڌائي عورت جي
ڳل تي رکيو ۽ عورت جو ڪنڌ ھن جي ھٿ تي لڙي پيو.
”تنهنجي زال ھوندي! تنهنجا ٻار ھوندا!“ عورت
ھٻڪندي چيو.
”نه منهنجا ٻار آھن ۽ نه مون کي زال آھي.“
”تون بلڪل اڪيلو آھين!“ عورت حيرت مان چيو ”تنهنجو
ڪو به ڪونهي.“
”منهنجو ڪو به ڪونهي.“ ھن چيو ته عورت کان پڇي،
’تون منهنجي ٿيندينءَ؟‘
پر ھو چئي نه سگھيو.
عورت کي شايد
هن جي اڪيلائيءَ جي
ڳالھ ٻڌي ھمدردي محسوس ٿي ھئي. ھن سندس ھٿ کي ھلڪو
زور ڏنو. |