سيارو ڀرپور انداز ۾ اچي چڪو هو. تيز سرد هوائون
گهلڻ لڳيون هيون. آسمان تي جهڙ هو ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل
بوندون ٿي وسيون. سيءُ تيهائين وڌي ويو هو. ٻاهر
تيز سرد هوا جسم ۾ نوڪن وانگر چڀڻ ٿي لڳي ۽ اندر
ڪمري ۾ هيٽر جي گرميءَ جي گهٽ ۽ ٻوسٽ هئي. ڪنول
سخت ڊپريسڊ هئي. هن کي ڪا ڳالهه نٿي سجهي ته ان
ڊپريشن مان جند ڪيئن ڇڏائي. نه ڪتابن رسالن ۾ مزو
هو ۽ نه ئي ٽي وي تي چڱو پروگرام هو. در جو ڪڙو
کڙڪيو ته هوءَ ڇرڪي وئي. هينئر رات جو اٺين لڳي
ڪير آيو هوندو؟
مائي وڃي در کوليو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم هن جي ڪمري
ڏانهن آيا.
”جاني!“ هوءَ اٿي بيهي رهي ۽ سندس اکين ۾ چمڪ اچي
وئي. ”آءٌ سخت ڊپريشن فيل ڪري رهي هيس. اهو ته
سوچي به نٿي سگهيس ته هيئن اوچتو اچي ويندين....“
”اڃا به ڊپريشن آهي؟“ جانيءَ مرڪندي پڇيو.
”نڪو! هينئر ته ڊپريشن جو نالو به ڪونهي،“
ڪنول ٽهڪ ڏنو.
”ٻاهر ته ڏاڍو سيءُ آهي. اوهه.... تنهنجا هٿ ته
ڪيترا ٿڌا آهن، جهڙا برف!“ ڪنول جانيءَ جا هٿ
پنهنجن هٿن ۾ ورتا. سيءُ سبب جانيءَ جا چپ نيرا ٿي
پيا هئا ۽ نڪ برف وانگر ٿڌو هو. ڪنول هن کي ڇڪي
هيٽر جي ويجهو ڪيو ۽ پنهنجو منهن هن جي چپن ۽ نڪ
تي مهٽڻ لڳي.
” ههڙي سيءَ ۾ نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“
”بس، اوچتو خيال آيو ۽ هليو آيس. هينئر سڌو ڳوٺان
پيو اچان.“
”Poor
Soul“ڪنول
پنهنجا چپ هن جي چپن تي ڦيرائيندي چيو،”آءٌ تنهنجي
لاءِ گرم گرم ڪافي ٺاهي ٿي اچان.“
”ڪافي تنهنجن چپن کان وڌيڪ گرم نه هوندي. ويهه. هڪ
ضروري ڳالهه چوڻي آهي.“
ڪنول هن جي سنجيدگيءَ کي حيرت مان ڏٺو ۽ ويهي رهي.
”آءٌ تو سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان،“ جاني تڪڙو تڪڙو
چئي ويو. ڪنول کي هو سخت بيوقوف لڳو.
”ان ڳالهه چوڻ جي لاءِ تون ههڙي سيءَ ۾ ڳوٺان آيو
آهين،“ هوءَ کلڻ لڳي.
”پليز، ڪنول! آءٌ سيريس آهيان....“
”پر آءٌ نٿي چاهيان،“ ڪنول کل روڪي سنجيدگيءَ سان
چيو.
”ڇو؟“ جاني کي ڄڻ ان جواب جي اميد نه هئي.
”بس. آءٌ نٿي چاهيان، منهنجي مرضي،“ هن منهن ڦٽائي
چيو.
”ڪنو، ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. اسان جو هيئن
ملڻ مناسب ڪونهي. ماڻهو ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن.“
”ماڻهو.......ماڻهو..“ هن بيزاريءَ مان چيو.
”ماڻهن جو ڪم آهي ڳالهيون ڪرڻ. تون جيڪڏهن ماڻهن
کان ڊڄي مون سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته مون کي نفرت
آهي ان کان.“
”منهنجو اهو مطلب ڪونه هو،“ جاني پريشان ٿي پيو.
”ڪنو، تو کي خبر آهي ته آءٌ پنهنجي ذاتي زندگي ۾
ڪيترو دکي آهيان. هڪ ڌٻڻ آهي جنهن ۾ وڃان ٿو
ڦاسندو. رڳو تون ئي مون کي بچائي سگهين ٿي. مون کي
تنهنجي پيار جي پناه کپي. پر هيءَ صورتحال
ڪيستائين رهندي؟ تنهنجي لاءِ به اهو بهتر ناهي.
اسان جي معاشري ۾ اهو باعزت طريقو ڪونهي، ڇو ته
اسان وٽ اهڙين عورتن کي سريت ڪوٺيو ويندو آهي. تون
منهنجي
Keep
ناهين ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ڪا به اهڙي ڳالهه سهي نٿو
سگهان.“
”ٺيڪ آهي.
Keep
ٿي رهڻ آءٌ به نٿي چاهيان. پر ان سان گڏ اهو به
نٿي چاهيان ته مون کي تنهنجي ٻي زال جو نالو ڏنو
وڃي، جيڪا عام ٻوليءَ ۾ پهاڄ هوندي آهي. جيڪڏهن
ماڻهن جي ڳالهه ٿو ڪرين ته هو اهو به چوندا ته مون
تو سان شادي ان ڪري ڪئي آهي جو تو وٽ پئسو آهي،
زمينون آهن، ڪار ۽ بنگلو آهي. نه. آءٌ ٻين جي نظر
۾ پنهنجو اهو ڪردار ڪڏهن به پسند نه ڪنديس.“
”هونءَ ته تون چوندي آهين، ته تو کي ماڻهن جي
پرواه ڪانهي، پوءِ ان ڳالهه ۾ پرواه ڇو ٿي ڪرين؟“
”مون ڪڏهن به پرواه نه ڪئي آهي. جيڪڏهن پرواه
ڪريان ها ته هيئن اڪيلي نه رهان ها ۽ تو سان نه
ملان ها. پر آءٌ اهو برداشت نٿي ڪري سگهان ته مون
کي لالچي سڏيو وڃي ۽ ائين چيو وڃي ته مون تو کي
دولت جي ڪري ڦاسايو آهي. تنهنجي زال ۽ تنهنجا مائٽ
به ته ائين سمجهندا.“
”اوهه ڪنو....“ جانيءَ پيشانيءَ کي مهٽڻ لڳو.
”جاني، تون منهنجي پوزيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.
آءٌ پاڻ کي ذهني طور ڪيرائي نٿي سگهان...“ ڪنول هن
جي گلي ۾ ٻانهون وجهندي چيو.
جاني ڪجهه دير تائين ماٺ ڪري ويٺو رهيو. پوءِ
چيائين، ” نه ڪنو، مون کي هيءَ صورتحال نٿي وڻي.
تون وري به سوچ. آءٌ سڀاڻي هن وقت تو وٽ ايندس.“
هو اٿي بيٺو ۽ وڃڻ لڳو. ڪنول هن کي روڪڻ چاهيو، پر
روڪي پاڻ کي ورتائين ڪجهه چوڻ کان. هوءَ چپ چاپ
ٻاهرين دروازي تائين گڏي آئي. جاني دروازو کولي
پوئتي مڙيو ۽ ڪنول کي ڏسندو رهيو. ڪنول چاهيو ته
هوءَ کيس چئي:’ تو کي خبر آهي ته آءٌ تو کي ڇو
چوندي آهيان ته تون مون کي ائين نه ڏسندو ڪر؟ مون
کي لڳندو آهي ڄڻ تون مون کي آخري ڀيرو ڏسي رهيو
آهين....‘ ۽ تيستائين جاني در ٻيڪڙي وڃي چڪو هو.
شام کان وٺي اينگهيل وقت اينگهجي اينگهجي گذري
ويو. رات رڙهندي وڌيڪ سرد ٿيندي وئي. ڏهه ٿي ويا.
ڊپريشن جي هڪ وڏي لهر اٿي ۽ ڪنول جي وجود مٿان وري
وئي. هن کي مٿي ۾ سخت سور محسوس ٿيو. هوءَ اٿي
بيهي رهي ۽ پوءِ ڪمري ۾ هلڻ لڳي. اوچتو هن کي خيال
آيو ته جاني نه ايندو. هاڻي ڪڏهن به نه ايندو.
ڪنول ڏڪي وئي. هن کي پنهنجي ان خيال تي اعتبار نه
آيو. هن اها ڳالهه مڃڻ نٿي چاهي. تڏهن هن جي من ۾
زوردار خواهش اڀري سگريٽن پيئڻ جي ۽ پنهنجي اندر
جي وڏي اکٽ خلا کي دونهن سان ڀري ڇڏڻ جي. هن
الماري کولي. جانيءَ جي سگريٽن جا چار پنج پئڪيٽ
رکيا هئا. ڪنول هڪ پئڪيٽ ۽ ماچيس کڻي اچي ڪرسيءَ
تي ويٺي- هن پئڪيٽ کولي سگريٽ ڪڍيو ۽ سندس هانءُ
ڀرجي آيو. چپ کي زور سان چڪ پائي پاڻ کي روئڻ کان
روڪيائين. هڪڙو لڙڪ هن جي من جيان ڀٽڪندو هٿ تي
اچي ڪريو. ڪنول هٿ مٿي کڻي زبان سان ان لڙڪ کي
اگهي ڇڏيو. ( ذائقو ڪسارو لوڻياٺو سندس زندگيءَ
جيان!) هن سگريٽ دکائي هڪ ڊگهو ڪش هنيو. دونهون
سندس ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويو ۽ هوءَ کنگهڻ لڳي. ٻه سال اڳ
جڏهن جانيءَ شادي ڪئي هئي، ڪنول پهريون ڀيرو سگريٽ
پيتو هو. تڏهن به کيس کنگهه ٿي هئي. ڪيڏي ڊگهي
عرصي کان پوءِ هن کي وري سگريٽن پيئڻ تي دل ٿي
هئي. ڪنول کي خيال آيو ته هوءَ تڪڙا تڪڙا ڪش ڀري
رهي هئي ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيو هو. پن سڀ ڇڻي ويا هئا
۽ هن پنهنجي اڱڻ ۾ سڪل پنن جي کڙ کڙ جو آواز چٽو
پئي ٻڌو. سياري جي هوا ڪمري جي کليل دروازي مان
اندر گهڙي پئي آئي. ڪنول اٿي دروازو بند ڪرڻ
چاهيو، پر هن سوچيو جيڪڏهن جانيءَ ٻاهرئين در جو
ڪڙو کڙڪايو ته! ٻڌي ڪيئن سگهبو؟ مائي ته سمهي پئي
هوندي. ڪنول در کي بند ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. هن
پاڻ کي لوئي سان چڱي طرح ويڙهيو. سگريٽ پورو ٿيڻ
تي هو. ڪنول ان سگريٽ مان نئون سگريٽ دکايو ۽
ٽوٽو ايش ٽري ۾ مروڙي ڇڏيو.
’اڪيلائيءَ ۾ ايتري هيبت ڇو آهي؟ آءٌ هميشہ ميڙ
کان پري ڀڄندڙ آهيان. اڪيلائي چاهيندي به ڪڏهن
ڪڏهن لڳندو آهي ته اڪيلائي راڪاس وانگر مون کي
ڳڙڪائيندي پئي وڃي. نه نه، آءٌ ساڌو سنياسڻ ڪانه
آهيان جو اڪيلي رهان. پر جيڪڏهن آءٌ گوتم ٻڌ جي
دور ۾ هجان ها ته شايد ڀکشو بنجي وڃڻ پسند ڪريان
ها. ماڻهو وڏا ذليل آهن. دنيا وڏي ذليل آهي ۽ آءٌ
وڏي ذليل آهيان جو ذليل دنيا ۾ جيئان پئي. هو اڃا
آيو ڇو ڪونهي؟ کيس اچڻ کپندو هو. گهٽ ۾ گهٽ اڄ....
اڄ ته ضرور اچي. جيڪڏهن اڄ آيو ته آءٌ هن جي ڳالهه
مڃي وينديس. هڪدم هائوڪار ڪنديس. مون پاڻ کي هميشہ
اڀڪپري تي ويٺل محسوس ڪيو آهي. تڏهن مون کي لڳو
آهي ته آءٌ اجهو ڪريس، اکٽ کاهيءَ ۾. هوا ته گهڻو
ئي زور لاتو آهي پر پير بي نڪا آهن. ڄميائي بيٺا
آهن.‘ ڪنول کي کل اچي وئي. سگريٽ جو دونهن کاٻي
اک ۾ گهڙي آيو ۽ اک ۾ باه ڀرجي وئي. ٻنهي اکين ۾
ڳوڙها اچي ويا.
’اڪيلائي ڪيڏي موتمار آهي.... ڪيڏي هيبتناڪ
آهي.... ڪيڏي گهٽيندڙ آهي.... ۽ جاني ڪيڏو ذليل
آهي. منهنجي اڪيلائيءَ... هيڏي ساري رڻ جيڏي
اڪيلائي جو احساس ئي ڪونهيس. پر اڃا آيو ڇو
ڪونهي. اڄ ته اچي. اڄ ته ڪيئن به ڪري اچڻ کپيس.
جاني.... جاني.... جــ آ آ ني..... جــ آ آ آ آ
ن...‘ اتر جي تيز سرد هوا ٻاهر اڱڻ ۾ سوسٽ ڪري
رهي هئي. هن جا واڪا سيءَ ۾ ڄمي برف بنجي ويا.
ڪنول جون آڱريون سڙڻ لڳيون. هن ٽوٽو ايش ٽري ۾ ڦٽو
ڪيو. ايش ٽري سگريٽن سان ڀرجي چڪو هو ۽ هيٺ فرش تي
به سگريٽ پکڙيا پيا هئا. هن نئون سگريٽ دکايو.
اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته ٻاهرين در جو ڪڙو کڙڪي
رهيو هو. هوءَ پيرين اگهاڙي ڍوڙندي ٻاهر وئي ۽ بنا
پڇڻ جي در کوليائين. ٻاهر ڪو به نه هو. هڪ ڪار
زوڪاٽ ڪندي روڊ تان لنگهي وئي. سخت سيءُ هو. ڪنول
در بند ڪري واپس موٽي ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي اچي ويٺي ۽
سگريٽ تڪڙو تڪڙو پيئڻ لڳي. هن کي هڪ خيال آيو ۽
هوءَ سگريٽن جو پئڪيٽ ۽ ماچيس کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ اچي
بيٺي.
’سڄي رات هتي بيهي جانيءَ جو انتظار ڪنديس. چاهي
ڇا به ٿي پئي. ڀلي سيءَ ۾ ڄمي برف بنجي وڃان. ڪمري
۾ ويهي انتظار ڪرڻ هاڻي منهنجي سهپ کان ٻاهر آهي.
هر گهڙيءَ ائين ٿو لڳي، ڄڻ جاني ٻاهر سيءَ ۾ در تي
بيٺو آهي. ٿي سگهي ٿو هو هينئر سيءَ ۾ ٻاهر نڪتو
هجي. مون کي خبر نه هئي ته پيار ۾ ايڏي پيڙا به
آهي. ايڏو عذاب! اهو ڪهڙو چريو آرٽسٽ هو، جنهن
پنهنجي محبوبه جي پيءُ کي اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هن
کي سندس ڌيءَ سان ڪيترو پيار آهي؛ ٻرندڙ ميڻ بتيءَ
تي پنهنجو هٿ جهلي ساڙيو هو. آخر ڇو؟ ڇو؟ ڇو؟ ڇا
هي پيار ۾؟ اها ڪهڙي چريائپ آهي.... ڇا جاني به
اهو سڀ محسوس ڪندو هو، جيڪي آءٌ محسوس ڪريان ٿي؟
ٿي سگهي ٿو هو هاڻ نه اچي. منهنجي آخري جواب ٻڌڻ
لاءِ ئي ته در وٽ بيهي رهيو هو. هو هاڻي نه ايندو.
اهو ٿيڻو ئي هو. اسين جڏهن ٻيهر مليا هئاسين تڏهن
مون کي محسوس ٿيو هو ته اسين وري به ٻيهر جدا ٿيڻ
لاءِ مليا آهيون. ٺيڪ آهي. آءٌ به پاڻ کي ڪيرائي
نٿي سگهان. مون جانيءَ لاءِ اهو ڪڏهن به نه سوچيو
آهي ته آءٌ هن کي ٻڌي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيان. مون هن
کي ڪڏهن مجبور نه ڪيو آهي ته هو پنهنجي زال ۽ ٻار
ڇڏي رڳو مون وٽ رهيو پيو هجي. جيڪڏهن هو اڳي
وانگر وري به هليو وڃي ته ڇا آءٌ هن کي روڪي سگهان
ٿي! روڪي ته آءٌ هن کي اڳي به نه سگهي هيس. تڏهن
هو ڪيئن بزدلي ڏيکاري هليو ويو هو.‘ ڪنول جي من ۾
اُٻڙڪو آيو. هڪ سڪل پن اڏامندوسندس منهن تي اچي
لڳو ۽ کڙ کڙ ڪندو هيٺ ڪري پيو. ڪنول کي پنهنجا پير
ساڻا ساڻا ۽ مئل محسوس ٿيا.
سگريٽ ختم ٿي چڪو هو. هن ٽوٽو اڇلائي نئين سگريٽ
ڪڍڻ لاءِ پئڪيٽ کوليو. باقي ٻه سگريٽ وڃي بچيا
هئا. هن ٻئي سگريٽ ڪڍي انهن کي ساڻين ڄمي ويل
آڱرين ۾ مروڙي هيٺ اڇلائي ڇڏيو. پوءِ سن ٿي ويل
پيرن کي گهليندي اندر ڪمري ۾ آئي ۽ بتي وسائي پلنگ
تي ليٽي پئي.
اسين ڪير آهيون
حيدرآباد ۾ مهاجر دهشت گردن کي جڏهن به سنڌين جو
قتلام ڪرڻو هوندو آهي ته پهرين ان جي ريهرسل ڪندا
آهن. شروع شروع ۾ سنڌي ڳوٺاڻن جي بيعزتي ۽ مارڪٽ
ڪئي ويندي آهي. ان کان سواءِ اسڪولن ۾ پڙهندڙ سنڌي
ٻارن کي هيسائڻ جو ڪارروايون ٿينديون آهن.
اها ريهرسل ڪجهه ڏينهن کان هلندڙ هئي. ٽي چار دهشت
گرد ڪليشنڪوف کڻي هڪ نامياري اسڪول جي اندر گهڙي
ويا. ان اسڪول ۾ شهر جي امير ۽ شاهوڪار ماڻهن جا
ٻار پڙهندا آهن. دهشت گرد هڪ ڪلاس ۾ داخل ٿيا. ان
وقت سندن هم زبان ٽيچر ڪلاس وٺي رهي هئي. دهشت
گردن هن کي ٻاهر نڪري وڃڻ جو اشارو ڪيو.
هوءَ ٻارن کي دهشت گردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ٻاهر
هلي وئي.
”هتي جيڪي سنڌي آهن سي اٿي بيهن!“ اڳواڻ دهشتگ گرد
حڪم ڪيو.
ڪلاس ۾ ڪل ٽيهه ٻار هئا جن جي عمر لڳ ڀڳ ڇهه ست
سال هئي.
”جيڪڏهن ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو ته ان کي گولي
هڻنداسين....“ ٻئي دهشت گرد دڙڪو ڏنو.
ڏهه ٻار ڏڪندا اٿي بيٺا. انهن جي اکين ۾ پهريون
ڀيرو موت جا خوفناڪ پاڇا لهي آيا هئا.
”سڀ هيڏانهن ڪنڊ ۾ قطار ۾ ٿي بيهو.!
هيسيل ڊنل ٻار هڪ ڪنڊ ۾ ٿي بيٺا.
ٻه دهشت گرد انهن ٻارن کي چماٽون هڻندا سندن واچون
پينون ۽ کيسن ۾ پيل خرچي کسيندا ويا.
”اڃا ڪو رهي ٿو؟“در تي بيٺل دهشت گرد پنهنجي هم
زبان ٻارن ڏانهن نهاري چيو.”ڪنهن ڪوڙ ته نه
ڳالهايو آهي؟“
هڪڙي ٻار ٻئي ٻار ڏانهن اشارو ڪيو.
”اٿي بيهه!“ دهشت گرد رڙ ڪئي.
ٻار ڊڄي اٿي بيهي رهيو.
”ڪير آهين تون؟“ دڙڪو.
”مان سيد آهيان.“
”مهاجر سيد يا سنڌي سيد؟“ ٻيهر دڙڪو.
ٻار منجهي پيو. ٿورو سوچي چيائين، ”الاجي!‘
” گهر ۾ ڪهڙي زبان ڳالهائيندا آهيو؟“ دهشت گرد
هاڻي ڪجهه نرميءَ سان پڇيو.
”انگلش ۽ اردو.“ ٻار وراڻيو.
دهشت گرد مشڪيا.
”پوءِ هي سنڌي ڪيئن ٿيو؟“
هڪڙي دهشت گرد ٻئي چيو.
”هون!“ اڳواڻ دهشت گرد ڪجهه سوچيو. مسئلي کي
سلجهائڻ ضروري هو. پوءِ هن کي هڪڙي اٽڪل سمجهه ۾
آئي.“ تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟“
”زميندار آهي.“
”هون!“ دهشت گردن معني خيز انداز ۾ هڪ ٻئي ڏانهن
ڏٺو.
”ڪٿي زمينون آهن پڻهين جون؟“
”سڪرنڊ ۾....“ اوچتو هڪ چماٽ ٺڪاءُ ٿي وئي ٻار جي
ڳل تي. هو ڊيسڪ تي وڃي ڪريو.
”اسان کي ٿو بيوقوف بنائي هيڏو آڱوٺي جيڏو ڇورو!“
دهشت گرد گرد ٽوڪ وچان چيو.
”کڻو هن سنڌي ماڙو جي پونگي کي....“ اڳواڻ دهشت
گرد حڪم ڏنو.
دهشت گرد سرڻين وانگر ٻار کي کنڀي کڻي ٻاهر ويا.
اسڪول جي ڪاريڊور ۾ سڃ لڳي پئي هئي. شاگرد ۽
ماسترياڻيون ڪلاسن ۽ ڪامن روم ۾ ساهه سڪايو ويٺا
هئا.
دهشت گردن ٻار کي کڻي آڻي ٻاهر بيٺل جيپ ۾ ڦٽو
ڪيو. جيپ تيز اسپيڊ سان هلي وئي. دهشت گرد ٻار کي
چنبا ۽ بجا هڻندا ۽ گاريون ڏيندا رهيا.
”پنجابي سالا اردو پڙهي لکي اسان جا حق کسي ويا. ۽
هاڻي سنڌين اها حرامپائي شروع ڪئي آهي،“ اڳواڻ
دهشت گرد ٻين کي ان وڏي سازش کان واقف ڪيو.
”هون!“..... ٻين دهشت گردن خطرناڪ هونگار سان ٻار
ڏانهن گهوري ڏٺو. هنن کي ٻار ان سازش جو حصو لڳو.
”هن جو پيءُ سيد آهي ۽ وڏو زميندار آهي. پڪ سان
سوئر پاٿاريدار به هوندو ۽ ماڻهن کي اغوا ڪرائي
پيسا وٺندو هوندو.!“
” اڄ سندس پٽ اغوا ٿيو آهي. ڀلي سوئر جي ٻچي کي
خبر پئي...“ دهشت گرد ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
”پوءِ ڪيئين ماسٽر؟ کڻي هلون هن کي ٽارچر سيل
۾....“ جيپ هلائيندڙ دهشت گرد پڇيو.
” ڇورو ٽارچر سيل جي دٻ ڪونه جهليندو. مري پوندو.“
ٻئي ڪجهه الڪو ڏيکاريو.
” پر اڃا مرڪز کان گرين سگنل نه مليو آهي. اڃا فقط
مارڪٽ ڪرڻ جا آرڊر آهن،“ اڳواڻ دهشت گرد چيو.
”ٺيڪ آهي ته پوءِ هن کي ڪٿي رش ۾ ڦٽو ڪري هليا
وينداسين.“ هنن فيصلو ڪيو.
جيپ هوم اسٽيڊ هال واري چاڙهي چڙهي مٿي آئي. هڪڙو
دهشتگرد ڪليشنڪوف سميت پڪي قلعي جي در وٽ لهي ويو.
جيپ ورن وڪڙن واري قلعي جي رستن تان هلندي هيٺ آئي
۽ فقير جي پڙ ڏانهن ويندڙ چوواٽي تي رش ۾ اچي بيهي
رهي. هڪ دهشت گرد ٻار کي جيپ مان هيٺ لاٿو ۽ جيپ
ڦليلي ڏانهن ويندڙ رستي تي هلي وئي.
ٻار ڊپ وچان ڏڪي رهيو هو. سندس نڙي سڪي وئي هئي.
هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪٿي هو. هن کي همت
نه پئي ٿي ڪنهن کان ڪجهه پڇڻ لاءِ. ٻار سٽي ڪاليج
جي اڳيان ٺهيل دڪانن جي فٽ پاٿ تي ويهي رهيو.
ان عرصي ۾ اسڪول جي پرنسپل پوليس کي ۽ ٻار جي
مائٽن کي اطلاع ڪري چڪي هئي. پوليس جون موبائيل
ٽيمون ۽ ٻار جي پيءُ شاهه صاحب جي پجيرو جيپ ڳولا
۾ نڪري پيون هيون. شهر کان ٻاهر ويندڙ رستن تي
ٺهيل پوليس چوڪين تي سخت چيڪنگ جي مسخري شروع ٿي
وئي هئي.
پوليس جي هڪڙي گاڏي ڊومڻ واهه، نشاط سئنيما کان
ٿيندي فقير جي پڙ طرف آئي. اي- ايس- آئي جي نظر
اوچتو فٽ پاٿ تي ويٺل ٻار تي پئي. ٻار سنڌي ٿي لڳو
۽ ڪنهن وڏي گهراڻي جو هو. هن ڊرائيور کي گاڏي روڪڻ
لاءِ چيو.
اي ايس آئي لهي هيٺ آيو ۽ ٻار وٽ ويو.
”ڪير آهين تون؟“ هن پڇيو. ٻار ڊڄي اٿي بيهي رهيو.
هو ڊپ وچان ڪو جواب نه ڏئي سگهيو.
”بابا، تون ڪير آهين؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟ ڪٿي رهندو
آهين؟“
”ڊفينس سوسائٽي ۾”ٻار ڏڪندي ڏڪندي آخري سوال جو
جواب ڏنو.
اي ايس آئي کي پڪ ٿي وئي ته هي سيدن جو ٻار هو.“
سيد احمد علي شاهه جو پٽ آهين؟،
”ها،“ ٻار وراڻيو.
اي ايس آءِ جون واڇون ٽڙي ويون.
”زور آور! پهرين ڇو ڪونه ٿي ٻڌايئي ته ڪير آهين.
چڱو ويهه گاڏيءَ ۾. شاهه صاحب پاڻ ٿاڻي تي ويٺو
آهي....“
هن ٻار کي وٺي پاڻ سان گڏ اڳيان ويهاريو ۽ وائرليس
تي ٻار جو ملڻ جو پيغام ڏنو.
گاڏي ٿاڻي تي پهتي ته شاهه صاحب اڳي ئي ٻاهر بيٺو
هو. هو ٻار کي ڀاڪرن مان ئي نه پيو ڪڍي. ٻار صفا
وائڙو ۽ منجهيل هو. هن هڪڙو اکر به نه ڳالهايو.
شاهه صاحب اي- ايس- آئي جون لک لک مهربانيون مڃڻ
لڳو.
”سائين، اسين ته پنهنجي وسان نٿا گهٽايون. جان
جوکن ۾ وجهي به اوهان جي خدمت ٿا ڪريون. پوءِ به
ماڻهو چون ٿا ته پوليس نااهل آهي. ڪرائيم ته
ڪنٽرول نٿي ڪري.“
”نه نه، اڄوڪو ڪارنامو ته سڀني ڳالهين جو جواب
آهي،“ شاهه صاحب چيو.
بيان لکائڻ لاءِ ٻار کي انسپيڪٽر جي ڪمري ۾ اندر
نيو ويو.
”شاهه صاحب تي پنهنجو ٿورو ٿي ويو. خبر اٿئي؟
”ايس- ايس- آئي پويان ويندي جمعدار کي اک هنئي.“
شاهه صاحب جلدي وزير ٿيڻ وارو آهي.“
قانوني ڪارروائي پوري ٿيڻ کان پوءِ شاهه صاحب ٻار
کي وٺي بنگلي تي پهتو. ٻار جي ماءُ. ڀيڻيون! پڦيون
روئنديون آيون ۽ واري واري سان ٻار کي ڇاتيءَ
لاٿائون.
ٻار چپ چاپ سڀني کي ڏسندو رهيو. پوءِ سڄو لڏو
ڊرائنگ هال ۾ اچي ويٺو. هو ٻار کان مختلف سوال پڇڻ
لڳا ۽ ٻار ها نه “ جواب ڏيندو رهيو. جهڙوڪر هو اڃا
تائين ٿاڻي ۾ ويٺو هو.
”ويچارو ٿڪل آهي، سڄي ڏينهن جي بک اٿس. ماني ته
ڏيوس، ڪين مٿي کائڻ ويهي رهيون آهيو سڀ،”شاهه صاحب
سڀني کي ڏڙهي ڏني. ٻار ملڻ جي خوشيءَ ۾ گهر وارن
کان اها ڳالهه ئي وسري وئي هئي ته ڪو ٻار بکيو
آهي.
”نه مون کي ماني نٿي وڻي،“
ٻار پهريون ڀيرو ڳالهايو. پوءِ اوچتو هو اٿي بيٺو.
هن پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ ڏانهن منهن ڪري پڇيو: ”اسين
ڪير آهيون؟“
گهر وارن حيرت مان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو.
”اسين سيد آهيون، بابا!“ شاهه صاحب هن کي ٻڌايو.
”هن کي اها به خبر ڪانهي ته اسين سيد آهيون!“ ٻار
جي ماءُ کي سڄي ڏينهن جي ذهني عذاب ڀوڳڻ کان پوءِ
پهريون ڀيرو پنهنجي پٽ جي سادگيءَ تي کل آئي.
”نه، اوهين سڀ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اسين سنڌي
آهيون...“ ٻار رڙيون ڪري چوڻ لڳو.” اسين سنڌي
آهيون، تڏهن ته هنن مون کي ماريو....“ هو ڍوڙندو
پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو.
خوف جو موت
رات جا ٽي ٿيا هئا پر فائرنگ اڃا بند ڪا نه ٿي
هئي. رکي رکي اوچتو فائرنگ جا هيڪاندا آواز ٿي
آيا. زينب ٻن سالن جي پٽ سان گڏ کٽ تي ليٽيل هئي ۽
پاسي ۾ ٻي کٽ تي ڪامل ليٽيل هو. هن ذري ذري پاسا
پئي ورايا.
”جاڳين پيو ڇا؟“ زينب سرٻاٽ ۾ چيو.
” ها. توکي به ننڊ نٿي اچي ڇا؟“
”موت جي منهن ۾ ڪنهن کي ننڊ ايندي،“زينب سرٻاٽ ۾
چيو. هوءَ ڊني پئي ته ڪٿي سندس آواز ڪمري مان، گهر
مان ٻاهر نه نڪري وڃي ۽ گولي ان آواز کي جهٽي اندر
نه هلي اچي.
”ويليم جو آڻي ڏنيون هيونمانءِ. اهي ڪونه کاڌئي؟“
ڪامل پڇيو.
”ٻه کاڌيون اٿم. مٿو ڳرو ٿي پيو آهي، پر ننڊ نٿي
اچي.“
ڪامل ڪجهه نه چيو. موت جو خوف ننڊ جي گورين کان
وڌيڪ طاقتور آهي.سڄي شيشي ڦڪڻ سان به ڪجهه نه
ٿيندو، هن سوچيو.
”پاڙي ۾ جيڪي ٻه ٽي سنڌين جا گهر هئا، سي سڀ لڏي
ويا آهن، باقي پاڻ وڃي بچيا آهيون. اڄ پاڙي وارن
مهاجرن جي ڇوڪري آئي هئي. هن چيو ته خطرو آهي.
اوهين به لڏي وڃو،“ زينب چيو.
”تنهنجو ڇا خيال آهي ته هوءَ همدرديءَ طور توکي
ٻڌائڻ آئي هئي. هن کي هاسيڪار موڪليو ويو هوندو
توکي ڊيڄارڻ لاءِ،“ ڪامل ڪاوڙ ۾ کٽ تي اٿي ويٺو.
”نه نه، ائين ڪيئن هوندو،“ زينب بي اعتباريءَ مان
چيو.“ آءٌ ته هن گهر ۾ هاڻ آئي آهيان. پر اهي
چاليهن سالن کان اوهان سان گڏ پاڙي ۾ ٿا رهن.
مائٽن وانگر هڪ ٻئي سان اٿڻ ويهڻ آهي. ائين ڪيئن
ڪندا.....“
”پاڻ کڻي ڪجهه نه ڪن، باقي ٻين کي بڇيندا،“ ڪامل
چيو. ” هنن جي اک اسان جي گهر تي آهي.“
”توکي ڪيئن خبر پئي؟“ زينب حيرت مان پڇيو.
”ڇوڪريءَ جي پيءَ مون سان ڳالهايو آهي. هن به ساڳي
ڌيڻس واري ڳالهه ڪئي ته هتي رهڻ اسان جي لاءِ خطري
کان خالي ناهي. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن آءٌ گهر
وڪڻان ته هو وٺڻ لاءِ تيار آهي.“
”پوءِ؟ تو ڇا چيو؟“
” مون چيومانس ته منهنجي گهر جي قيمت هن وقت چار
لک رپيا آهي. پر هو ڏيڍ لک رپين کان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ
تيار ناهي.“ |