هن جي پيار ۾ ٻيو ڪو ڀائيوار ٿئي، اها ڳالهه فضل
خان کي ڪجهه ڏکي لڳي. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هن
ڏانهن آسي جو پيار ڪجهه گهٽ ٿي ويو آهي، ڪجهه
ورهائجي ويو آهي. هن کي اهو به محسوس ٿيڻ لڳو ته
آسي ۾ اڳوڻي ڪشش ڪانه رهي آهي ۽ شايد ان ڪري گهر ۾
به ڪا ڪشش ڪانه رهي هئي! هو بيراج واري زمين تي
وڌيڪ رهڻ لڳو. اها ڳالهه آسيءَ اڳي به محسوس ڪئي
هئي، هاڻي هن کي ان جو شدت سان احساس ٿيو، پر هوءَ
ڪجهه سمجهي ڪانه سگهي. هن چاهيو ته حاجي کان پڪ
ڪري، پر هن پاڻ ۾ ايڏي سگهه ڪانه ٿي ساري. آهستي
آهستي هن جي ڪنن تي پڙلاءُ پوڻ لڳا ته فصل خان
ڪنهن سان ڦٽي پيو آهي ۽اهو ئي سبب آهي جو بيراج
واري زمين تي ڳچ وقت ٽڪي پئي ٿو. هن جڏهن پهريون
ڀيرو اهو ٻڌو، تڏهن هن ائين سمجهيو ته اهو اجايو
هل آهي. وڏيرو مون سان ڪڏهن به ائين نه ڪندو. جڏهن
اها ڳالهه زور وٺڻ لڳي، تڏهن هن کي به ڊپ ٿيڻ لڳو.
”حاجي... مون ٻڌو آهي، ته.....“ هن کان صبر نه ٿي
سگهيو ۽ پڇڻ جي لاءِ مجبور ٿي پئي. هوءَ ڏاڍو
گهٻرائي رهي هئي. لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ٿي.
”ڇا ٻڌو اٿئي؟“ فضل خان عجب مان پڇيو.
” ته.... ته اڀرندي واري ٻنيءَ تي....“
”ڇا آهي اتي، ٻڌاءِ؟“
”اتي ڪا رن توسان.....“ هوءَ وڌيڪ چئي ڪا نه سگهي.
فضل خان سڀ سمجهي ويو.
”توکي مون تي اعتبار آهي يا ماڻهن تي!“
پر آخر ماڻهن جي ڳالهه سچي نڪتي ۽ هڪ ڀيري فضل خان
زمين تي ويو ته ڳچ وقت رهي پيو. قيامت جا ڏينهن
هئا، اهي آسيءَ جي لاءِ.... پهاڄ جي تصور ئي هن کي
ڏڪائي ٿي ڇڏيو.
هڪ ڏينهن فضل خان آيو، پر هو اڪيلو ڪونه هو، هن جي
پٺيان اجرڪ ۾ ويڙهيل سيڙهيل هڪ مائي هئي. آسيءَ
کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ته سندس اڳيان ڪو بم اچي
ڦاٽو هو، جنهن هن جي دل کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو.
هن جي اکين مان ڳوڙها ائين ڪرڻ لڳا، جيئن وڏ ڦڙو
مينهن. ان رات هوءَ دير تائين مٺين هڻڻ جي لاءِ سڏ
جو انتظار ڪندي رهي ۽ پوءِ ڳوڙهن جو دريا هڪ ڀيرو
وري به اٿلي پيو هو.
آمي آسيءَ کان وڌيڪ ڳوري ته ڪانه هئي، پر هن جي
ڦوهه جواني ۽ سانوري رنگ اڳيان آسي گهٽ پئي لڳي.
هاڻي هن کي پڪ ٿي ويئي ته خوشي جو وقت ختم ٿي ويو.
فضل خان سڀ ڪجهه پئي ڏٺو، پر ان تي ڌيان ڏيڻ جي
ضرورت ڪانه هئي. هن جي وڏن به ته ان ڳالهه تي ڪڏهن
ڌيان ڪونه ڏنو هو.
آسيءَ نماز شروع ڪري ڏني. خدا کي ٻاڏائڻ سان گڏ
هوءَ تعويذ ۽ ٽوڻا ڪرائيندي رهي. آهستي آهستي هن
جي دل ۾ فضل خان جي لاءِ جيڪو پيار هو اهو گهٽجي،
ڪٽجي اولاد جي پيار سان وڃي مليو. هن جو وڏو پٽ
اسڪول ۾ پڙهندو هو. ٻي ٻار کي ڄائي سال کن ٿي ويو
هو. وڏيري جي ننڍڙي تي گهڻي دل هوندي هئي. آمي جي
اچڻ کان پوءِ آسيءَ ننڍڙي کي وڏيري ڏانهن وڃڻ کان
روڪڻ. آميءَ کي ٻار جي ڏاڍي سڪ هئي، هوءَ آسيءَ جي
ٻارن کي ڀائيندي به گهڻو هئي. هڪڙي ڏينهن فضل خان
ننڍڙي کي کڻي اچڻ جي لاءِ دائي کي موڪليو. پر
آسيءَ دائي کي ٺڙوپڙو جواب ڏيئي ڇڏيو.
فضل خان کي باهه وٺي ويئي، هو پاڻ اٿي آيو: ڪجهه
سوچي آهستي چيائين:
”ڇو آسي، ننڍڙو ڇو ڪين ڏنئه؟“
”ننڍڙي ۾ اوهان جو ڇا؟ اوهان کي خدا پنهنجو
ڏيندو...“ هن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ فضل خان چپ
چاپ ٻاهر نڪري ويو.
آميءَ کي پٽ ته ڄائو، پر اهو هن جي لاءِ ڄڻ
عزرائيل بنجي آيو. فضل خان ڏاڍو رنو، پر آسيءَ کي
ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪا آفت ٽري ويئي.
فضل خان ۽ آسي وري هڪ ٻئي سان گڏ ائين رهڻ لڳا، ڄڻ
ته هميشہ کان ائين رهندا آيا هئا. فضل خان چڱي طرح
ڄاتو ٿي ته هاڻي آسي سندس منهن تي اصل ڪانه ٿي پئي
۽ هو پاڻ کي ائين تباهه نٿي ڪري سگهيو. هن پاڻ کي
جانچيو، هو ته بلڪل جوان هو، جوانن کان به ڪي
رتيون ڪثر ۽ کيس پاڻ جهڙي جوان عورت جي ضرورت
محسوس ٿيڻ لڳي. آسي ته هينئر ٽن ٻارن جي ماءُ هئي،
انهن کان اڳ ۾ ته سندس ڪيترا ٻار مري چڪا هئا. پر
آسي ائين بلڪل ڪونه ٿي سوچيو، هن جو پيار اڳوڻي
جهڙو ته ڪونه هو، پر ان ۾ هڪ ٻيو رنگ اچي ويو هو،
هوءَ چاهيندي هئي ته وڏيرو هن کي گاريون ڏي، ماري،
پر هن کي وري ڇڏي نه. هاڻي هوءَ اڳوڻي وانگر ٿوري
ٿوري ڳالهه تان رسندي ڪانه هئي، هن کي گارين مان
به مزو ايندو هو ۽ خدا جا ٿورا مڃيندي هئي.
اوچتو ئي اوچتو هڪ ڀيرو وري هن جي اکين جي درياهه
۾ هڪ زوردار طوفان اٿيو. هوءَ خدا کي ٻاڏائيندي
رهي: ”خدا ڪندو ته جنا جو منهن به ڪانه
ڏسنديس....“ ۽ جڏهن ڪنوار گهر ۾ داخل ٿي ته هن
منهن ڦيري ڇڏيو، هن جي اکين مان الائي ڇو رڳا ٻه
ٽي ڳوڙها ڪريا ۽ پوتي ۾ جذب ٿي ويا.
جنا مينهن لڳي پئي هئي، هلي ٿي ته ڌرتي به پئي
ڌٻي. هوءَ سڀاءَ جي سٺي هئي، هن کي شايد آسيءَ تي
رحم اچڻ لڳو هو، ان ڪري هوءَ آسي سان سٺي نموني
پيش آئي، پر آسيءَ کي جنا جي اصل شڪل به ڏٺي نٿي
وڻي. جڏهن جنا جي ماءُ – جيڪا بت ۾ ڌيءَ کان ٻيڻي
هئي ۽ ٻن ٽن وکن تي سهڪڻ لڳندي هئي – پنهنجي ڌيءَ
کي گڏجڻ آئي ته هن جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا. هوءَ
سهڪندي سهڪندي ڌيءَ کي سمجهائڻ لڳي:
”چري نه ٿي، مڙس ائين ڪونه ٻڌبا آهن. آسي وڏي
تيرهن تالي آهي، تون ته هن جي اڳيان ٻار آهين.
آسيءَ کان جدا ٿي رهو، وڏيري کي آسيءَ سان گڏجڻ
نه ڏي، هن کي اصل وڏيري جي منهن ڏسڻ کان سڪائي ڇڏ.
پوڙهي ماڻهوءَ جي دل ريڀڻ ته صفا سولي آهي...“ جنا
ڏيڏري وانگر وئي ڦوڪبي، جڏهن ماڻس ڏٺو ته هاڻي
هوءَ ڦاٽڻ تي اچي پهتي آهي تڏهن ماٺ ڪيائين- ۽
پوءِ ڄڻ ته ڦيرو ڦري ويو. جنا وڏيري کي قابو ڪري
ڇڏيو. ماڻس شڪرانا مڇيا ۽ هوءَ ڌيءَ کي وڌيڪ
سمجهائي، سامان جي گاڏي ڀرائي هلي ويئي.
جنا جي ماءُ الائي ڪهڙو ڪوڪٽ ڪري ويئي. آسيءَ جي
لاءِ ڄڻ پاڻي ٻرڻ لڳو. ڳالهين مان ڳالهوڙا ٿيڻ
لڳا، نوبت وڃي گارگند ۽ جهيڙي تي پهتي. ماٺ ڪرڻ ته
آسيءَ جي لاءِ به مشڪل هو، فضل خان هميشہ جنا جو
پاسو وٺي، آسيءَ کي سوين گاريون ڏيئي وڃي نڪرندو
هو. هاڻي آسيءَ جو گهر ۾ سريت کان به گهٽ مان هو.
هن جو سڄو مٿو اڇو ٿي ويو، منهن ۾ گهنج پئجي ويا
هئس، کاڏيءَ ۽ ٻانهن جو ماس لڙڪي پيو هوس. هن کي
قيدين وانگر اٽو ۽ لٽو ڏنو ويندو هو. گهر جي گهٽيل
هوا ۾ هن کي اهو سڀ وسري ويو هو ته ٻاهر ڇا آهي؟
هڪ ڀيري هوءَ ڏاڍي بيمار ٿي پئي، اصل مرڻ ڪنڌيءَ
تي اچي پهتي هئي. هن فضل خان ڏانهن ماڻهو موڪليو،
پر هن ڳالهه پوري ٻڌي به ڪانه، ڄڻ ته آسيءَ سان هن
جو ڪو به تعلق ڪونه هو. آسيءَ جي دل ۾ هن جي لاءِ
آهستي آهستي نفرت اڀرڻ لڳي. فضل خان جي ڪنهن تڪليف
بابت ٻڌي هن کي ڳڻتي بدران خوشي ٿيندي هئي. هاڻي
جڏهن ٻئي هٿ مٿي کڻي هن حاجيءَ کي پٽيو ٿي ته سندس
دل ۾ تر جيترو به ڪهڪاءُ ڪونه ٿي پيدا ٿيو. وڏيري
ته هن جي آنڊن کي به ڇني ڇڏيو هو. هن اهو به نٿي
سمجهيو ته آسي جو اولاد ڪو سندس پنهنجو اولاد هو،
ڄڻ ته سندس اڳ ڄايا هئا.
جنا فضل خان کي ايترا ته ٻار ڄڻي ڏنا هئا، جو هن
کي ٻئي ڪنهن جي يادگيري به ڪانه هئي.
آسيءَ ٻڌو ته وڏيرو تمام گهڻو بيمار ٿي پيو آهي.
پر هن ڪو به ڌيان نه ڏنو. ڄڻ ته هن جو ان ڳالهه
سان ڪو واسطو ئي ڪونه هو. وڏيرو بيمار ٿئي ته هن
جي لاءِ ڇا، جي چڱو ڀلو هجي ته ڇا!........فضل خان
جي بيماري ويئي زور وٺندي. اوچتو هن کي سالن جي
وسريل آسي ياد اچي ويئي. هن ڪنجهندي چيو:
”آسي ڪميني آهي!..... منهنجي ايڏي بيماري جو ٻڌي
مون کي پڇڻ به ڪانه آئي......“
آسيءَ کي سندس پٽن مجبور ڪيو ته هن حال ۾ ابا کي
ضرور هلي پڇي، نه ته جڳ کلندو. هن قسم کنيو هو ته
وري جنا جي تڏي تي پير ڪانه رکندي، پر پٽن جي زور
تي هو دل تي پٿر رکي جنا جي گهر ۾ گهڙي.
”وڏيرا! ٻڌو آهيم ته مون کي ميارون پيو ڏين؟ مون
تي تنهنجون ميارون لڳن به ٿيون!.....“ هن هج ڪري
چيو.
”نه نه... ميارون وري ڪهڙيون! تون نه پڇندينءَ ته
ٺهيو، پڇڻ وارا ٻيا ئي گهڻا آهن. تنهنجي پڇڻ جو
هروڀرو لاچار ڪونهي!........“
آسيءَ منهن ڦيري ڇڏيو.... پر هن جي اکين مان لڙڪ
ڪونه ڪريا.... هن جون اکيون خشڪ ٿي چڪيون هيون.
سفر
ڪار شهر مان نڪري هڪ سنگل پڪي روڊ تي هلڻ لڳي هئي.
رياض کي ڪا خاص تڪڙ ڪانه هئي. هن ايترو جلدي پهچڻ
نٿي چاهيو. ويٺي ويٺي هن کي خيال اچي ويو هو. هن
ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو هو. هن پاڻ سان ڪجهه کنيو به
نه هو. نه وڌيڪ ڪپڙا، نه شيونگ جو سامان. منجهند
جي ماني کائي ٿورو ليٽڻ کان پوءِ اوچتو اٿي ويٺو
هو. مومي سمهڻ لڳي هئي. رياض جي اٿڻ تي هن ننڊاکڙي
آواز ۾ پڇيو هو، ”ڇا ٿيو؟“
”مون کي ته وڃڻو آهي. ڳالهه ئي وسري وئي.“
”ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“ مومي پڇيو.
”ميرپورخاص. هڪڙي ماڻهوءَ ۾ ضروري ڪم آهي.“ هن ڪوڙ
ڳالهايو هو. هن کي لڳو ته بنا سوچڻ جي پاڻمرادو
ڪوڙ ٺهي پيو هو. پر جيڪڏهن هو سچ ڳالهائي ها ته
ڪهڙو فرق پئي ها. رڳو ايترو ته مومي کي ٻڌي حيرت
لڳي ها ۽ وڌيڪ سوال پڇي ها.
”رات جو موٽي ايندين؟“
”نه، رات جي مسافري ٺيڪ ڪانهي. سڀاڻي جمعو آهي.
ڏينهن جو ڪنهن وقت اچي ويندس.“ هن سوچيو ته شام
تائين موٽي ايندو ۽ ٻڌائيندو ته کيس ڪي دوست ملي
ويا هئا.
”ٺيڪ آهي،“ مومي لاتعلقي سان چئي پاسو ورايو. رياض
بوٽ پائي ٻاهر نڪتو ۽ ڪمري جو ورائي ڇڏيائين.
سامهون هڪ بس اچي رهي هئي. رياض کي خبر هئي ته
ڊرائيور بس کي روڊ تان ڪونه لاهيندو. هو ڪار کي
ڪچي ۾ لاهي ويو ۽ ستت ئي بس جي لنگهڻ کان پوءِ پڪي
تي آيو. هو ڏهن سالن کان پوءِ ڳوٺ وڃي رهيو هو.
ڳوٺ وڃڻ ۾ ڊگهي وٿي پئجي وئي هئي. ان لاءِ ڪو خاص
ڪارڻ کيس ڪونه سجهيو. ڪڏهن ضرورت ئي ڪانه پئي. ڪو
ڪم نه هو. ڳوٺ ۾ هڪڙو پيءُ ۽ پرڻيل ڀيڻ هئي. ڪجهه
زمين هئي جنهن سان هن جو ڪو واسطو نه هو. هن بدي
جو سنڱ ٺڪرائي پيءُ کي ڪاوڙائي ڇڏيو هو. جيڪڏهن
پيءُ جي مرضيءَ سان شادي ڪري ها ته ڳوٺ سان سندس
تعلق ٽٽي ڪونه وڃي ها.
پاسي وارو شيشو لٿل هو، پوءِ به پوري هوا نٿي آئي.
رياض هڪڙي هٿ سان اسٽيرنگ سنڀاليو ۽ ٿورو پريان
جهڪي ٻئي در جو شيشو ڪجهه هيٺ لاٿو. هاڻي هوا کي
لنگهه ملي ويو هو. ڏينهن تتل هو ۽ جون جي سخت گرمي
هئي. رياض سوچيو ته برسات پوڻ کپي. رُت ٺري پوندي.
هن جو گلو خشڪ ٿي ويو هو. گاڏيءَ جي ريڊيئٽر ۾ به
پاڻي هو الائي نه. ٽيمپريچر جو ڪانٽو ٿورو مٿي
چڙهي آيو هو. اڳيان جيڪو شهر ايندو، هن اتي ڪار
روڪڻ جو سوچيو. اڃ ستائڻ لڳي هئي. هن هڪڙي غلطي
ڪئي هئي جو پاڻ سان گڏ واٽر ڪولر نه کنيو هو. گهٽ
۾ گهٽ ٿرماس ته کڻي ها. بنا پروگرام جي نڪرڻ سان
ائين ٿيندو آهي. پر هن کي اوچتو اهو خيال ڪيئن
آيو....... اڳيان ڪجهه مينهون روڊ تان اڪري رهيون
هيون، هن بريڪ کي آهستي دٻايو. ڪار ڍري ٿي بيهي
رهي. پريان ٻنيءَ مان ڇوڪرو ڍوڙندو آيو. هن لٺ سان
مينهن کي هڪليو. رياض ڪار کي فرسٽ گيئر ۾ آندو ۽
آخري مينهن جي لنگهي وڃڻ سان ڪار هلڻ لڳي. رستي جي
هڪڙي پاسي ٻنيءَ ۾ ڪمند بيٺو هو. رستي جي ٻئي
پاسي ڪنڊيءَ جا وڻ هئا. ان کان ٿورو پريان ريل جو
پٽو هو. روڊ تي گهڻي ٽريفڪ ڪانه هئي. ڪيڏي ڪيڏي
مهل ڪا بس يا ٽرڪ لنگهي ٿي وئي، تڏهن هو ڪچي تي
لهي ٿي آيو.
هن کي پريان شهر جون جايون نظر اچڻ لڳيون. هن ڪار
کي اتي روڪڻ جو سوچيو. هن اسپيڊ ٿوري وڌائي. روڊ
سان لڳ ڪجهه هوٽلون هيون. هن ڪار هڪ هوٽل جي اڳيان
بيهاري. اها هوٽل ٻين کان ڪجهه چڱي هئي. ٻيون
هوٽلون ڪچين سرن جون ٺهيل هيون. هو اندر گهڙي ويو.
هوٽل ۾ صفائي پوري ساري هئي. هو هڪڙي خالي ٽيبل تي
وڃي ويٺو. بيرو پاڻيءَ جو جڳ ۽ گلاس کڻي آيو. رياض
ڏٺو ته گلاس کي ٻاهران سڻڀ لڳل هو. ڪنهن ماني کائي
پاڻي پيتو هو ۽ پوءِ گلاس کي صاف ڪونه ڪيو ويو هو.
هن بيري کي ببل اپ آڻڻ لاءِ چيو. هن کي پنهنجي
ٿرماس ۾ پاڻي کڻي اچڻ جو خيال آيو. هن وڏي غلطي
ڪئي هئي. اهڙن گندن گلاسن ۾ پاڻي پيئڻ سان مرڳو دل
ڪچي ٿيندي. اڃ ڪٿان لهندي. بيرو بوتل کڻي آيو هو ۽
سندس اڳيان کولي ٽيبل تي رکيائين. هن بوتل کڻي
منهن کي هٿ سان مهٽي صاف ڪيو ۽ وات تي آڻي ڍڪ
ڀريو. اهڙي خاص ٿڌي ڪانه هئي. پر گهٽ ۾ گهٽ ڊسٽلڊ
واٽر ته هو. سامهون واري ٽيبل تي هڪڙو ماڻهو ماني
کائي رهيو هو. هن هڏيون هيٺ فرش تي ڦٽيون پئي
ڪيون. رياض آخري وڏو ڍڪ ڀريو ۽ پاڻيءَ جو جڳ کڻي
ٻاهر گاڏيءَ وٽ آيو. ريڊيٽر جو ڍڪڻو اڃا گرم هو.
رياض گاڏي صاف ڪرڻ وارو ڪپڙو کڻي آيو ۽ ڍڪڻي کي
آهستي آهستي ڦيرائي کولي ورتائين. پاڻي ٿورو گهٽ
هو. هن ڪار جو دروازو کولي اندر جهڪي گيئر کي
نيوٽرل ۾ آندو ۽ ڪار کي اسٽارٽ ڪيو. پوءِ اڳيان
اچي ريڊيئيٽر ۾ پاڻي وجهڻ لڳو. ڀرجي وڃڻ کان پوءِ
هن ٻوچ ڏيئي بونيٽ کي بند ڪيو. ڪار کي بند ڪري جڳ
کڻي اندر هوٽل ۾ ويو. جڳ ٽيبل تي رکي ڪائونٽر تي
آيو. بيري رڙ ڪري پئسا ٻڌايا ۽ هو پئسا ڏيئي ڪار
ڏانهن ويو.
ڪار روڊ تي چڙهي ته هن اهائي ساڳئي اسپيڊ رکي. شهر
پوئتي رهجي ويو ۽ وري ٻنيون ۽ انهن ۾ بيٺل فصلن جو
سلسلو شروع ٿي ويو. جيڪڏهن ڪٿي رستا روڪ هجي، ته
هو ڇا ڪندو؟ اخبارن ۾ روز اهي خبرون پئي آيون ته
فلاڻي هنڌ ڌاڙيلن وڻ ڪٽي روڊ بلاڪ ڪري ڦرلٽ ڪئي.
هن سوچيو ته وٽس ڇا هو. واچ، هڪ هزار رپيا ڪئش ۽
هيءَ ڪار. هن کي رستي تي ڪانه ڪا سواري ملي وڃي
ها، پر کيس سڀ کان وڏو نقصان ڪار ڦرجڻ سان ٿئي ها.
ٿي سگهي ٿو ته ڌاڙيل کيس به پاڻ سان گڏ وٺي وڃن
اغوا ڪري. پوءِ هن لاءِ پئسا ڪير ڏئي ها! هڪ لک
رپين کان ته مٿي گهرن ها. ايترا پئسا ڪٿان ايندا.
پڻس ايترا پئسا ڪونه ڏيندو. ايترا ته ڇا بنهه
ڏيندوئي ڪونه. بئنڪ ۾ رکيل ڪئش ۽ مومي جي زيورن کي
ملائي هڪ لک رپيا ٿي ويندا. پر هوءَ پنهنجا زيور
ڏيندي! رياض پاڻمرادو مرڪيو. ڌاڙيلن کي پئسا ڪٿان
ڪونه ملندا. هڪ سرڪاري ملازم کي اغوا ڪري پاڻ لاءِ
ڏچو پيدا ڪندا. هو هڪ ڳوٺ وٽان اچي لنگهيو. ڳوٺ جا
ڪتا ڀونڪندا ڪار سان گڏ ڍوڙيا. ٻيا جلدي ٿڪجي بيهي
رهيا، باقي هڪڙو ڪتو چڱو پنڌ ڪار جي پويان ڍوڙندو
آيو ۽ پوئتي رهجي وڃڻ کان پوءِ به ڀونڪندو رهيو.
رياض کي خيال آيو ته اهو ڪتو ڪنهن ٽرڪ يا بس جي
هيٺان اچي ضرور مرندو. ان ڪتي کي ٻين کان وڌيڪ
ٽرڙپائي هئي. هاءِ وي تي ڪنهن گاڏيءَ جي هيٺان اچي
مئل ڪتو ڏسي هن کي ڪتي جي موت واري چوڻي ياد ايندي
هئي. موت ته مڙئي موت آهي، پوءِ ڪتي جو موت مرڻ ڇا
ٿيو..... ماڻهو مرڻ به شان سان ٿو چاهي.
هن کي وري اڃ لڳي هئي. کيس پاڻ تي چڙ آئي. ٿرماس
کڻڻ ضروري هو. ڪن بس اسٽاپن تي ڪچيون هوٽلون ٺهيل
هيون. هن اتي رڪجي پاڻي پيئڻ لاءِ سوچيو. هن اسپيڊ
وڌائي. منجهند لڙي چڪي هئي. وچين جي مهل اچي ٿي
هئي، پوءِ به اڃا گرمي هئي. هن کي پري کان وسندي
نظر آئي. بس اسٽاپ تي ڪجهه دوڪان ۽ ٻه ٽي هوٽلون
هيون. هن هڪ هوٽل جي اڳيان ڪار بيهاري هارن وڄايو.
هوٽل جي اڳيان کٽون پيل هيون جن تي ماڻهو ويٺا
هئا.
ڇوڪرو ڍوڙندو هن ڏانهن آيو.
”پاڻي ته پيار، پر گلاس کي ڌوئجان،“ رياض ڇوڪري کي
چيو.
”حاضر سائين،“ ڇوڪرو واپس ڍوڙندو ويو.
هوٽل جي پاسي ۾ هڪ هئنڊپمپ لڳل هو. رياض ڪار مان
لهي هيٺ بيٺو. رياض چاهيو ته ان هئنڊپمپ جو تازو
پاڻي پيئي. هن ڏٺو ته ڇوڪرو جڳ ۽ گلاس کڻي
هئنڊپمپ ڏانهن ويو. رياض کي اها ڳالهه وڻي. ڇوڪري
گلاس کي ڌوتو ۽ پوءِ جڳ ڀري رياض ڏانهن کڻي آيو.
پاڻي ٿڌو ۽ لوهه جي ذائقي وارو هو. هو ٻه گلاس پي
ويو. پوءِ هن رپيو ڪڍي ڇوڪري ڏانهن وڌايو.
”نه سائين،پاڻيءَ جا پئسا وٺبا آهن ڇا!پاڻي پيئارڻ
ته ثواب جو ڪم آهي.“ ڇوڪرو گلاس ۽ جڳ کڻي واپس
ويو. رياض رپئي جو نوٽ کيسي ۾ وڌو ۽ ڪار ۾ اچي
چڙهيو. ڪار کي ٽاپ ۾ آڻيندي هن ڪجهه وڌيڪ اسپيڊ ۾
هلڻ جو سوچيو. هن سج لهڻ کان اڳ ڳوٺ پهچڻ ٿي
چاهيو.
آهستي آهستي هوا ۾ گرمائش ۽ اُٻس گهٽجندي وئي.
ٻنين ۾ بيٺل فصل وڌندڙ شام جي رنگ ۾ رڱجي گهرا
ساوا پئي لڳا. رياض کي ڳوٺ ۾ شام جي ويل وڻندي
هئي. آکيرن ڏانهن موٽندڙ وڻن جي چوڌاري لامارا
ڏيندڙ پکي، وٿاڻن ڏانهن ورندڙ ڌوڙ اڏائيندڙ مال ۽
شفق جا رنگ. پوءِ آهستي آهستي گهٽجندڙ روشني ۽
چوطرف ڇائنجندڙ اونداهي. ڄڻ زمين ڪاري چادر
اوڍيندي هجي. رياض جي ذهن تي ننڍپڻ جا سمورا چٽ
چٽجي ويا. ڳوٺ ڇڏي به ڪي سال ٿيا. ڳوٺ وڃڻ ائين هو
جيئن پرديس وڃڻ، ڪجهه وقت لاءِ- ۽ پوءِ وري به
موٽي پنهنجي ملڪ وڃڻو هو. هاڻي ته شهر ئي هن جو
ملڪ هو.
اوچتو هن کي ڪجهه ڄاتل سڃاتل لڳو. هاڻي ڳوٺ ويجهو
هو، ڪجهه ميلن جي پنڌ تي. رياض ڏٺو ته سج جو گولو
ڪمند جي لٺين تي اچي بيٺو هو. ڪجهه ئي دير ۾ اهو
ڪمند جي گهاٽي فصل ۾ گم ٿي وڃڻ وارو هو. رياض کي
ڪو خيال آيو ۽ هن رستي جي پاسي ۾ ڪار روڪي. دروازو
کولي ٻاهر آيو. هن لاڳيتا ٻه ٽي اونها ساهه کنيا.
فصلن جي سرهاڻ هن جي دماغ تي ڇانئجي وئي. سج جو
ٿڌو گولو هيٺ ٿيندو ويو. رياض سوچيو ته هو اتي ئي
بيٺو هجي جيستائين سج لهي ۽ پوءِ واپس موٽي شهر
هليو وڃي. هو لهندڙ سج کي ڏسندو رهيو، تان جو سج
ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويو. رياض چاهيو ته اندر گهڙي
سج کي ڳولي. هو ڪار ۾ چڙهيو. ٿورو ئي اڳتي ڳوٺ
ڏانهن ويندڙ رستو نظر آيو. هن ڪار کي موڙي ڳوٺ
ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي تي آندو. ڪمند جي گهاٽي فصل
جي وچان رستو هو. ڪار آهستي آهستي هلندي وئي. اڃا
اوندهه ڪانه ٿي هئي. جيئن ئي رستو فصل مان ٻاهر
نڪتو، اڳيان ڳوٺ هو. اهو ڳوٺ جتي هو ڄائو هو، هن
جو ننڍپڻ گذريو هو.
هن ڪار اوطاق جي اڳيان اچي بيهاري. ٻاهر ٿلهي تي
پيل هڪڙي کٽ تي سندس پيءُ ويٺو هو. ٻي کٽ خالي پئي
هئي، جنهن تي رلي وڇايل هئي. اسڪول جي ٻن ٽن
بينچن تي ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا. رياض ڪار جو در
کولي ٻاهر آيو. بينچن تي ويٺل ماڻهو اٿي بيٺا. اهي
پڻس جا هاري هئا. رياض پيءُ ڏانهن وڌي آيو جيڪو
وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو. هو سڌو ٿي ويٺو ۽ رياض
ٿورو جهڪي هن کي هٿ ڏنو.
”ڪيئن آهين؟“ پڻس پڇيو.
”ٺيڪ آهيان،“ هن وراڻيو.
”ويهه،“ پڻس پاسي ۾ پيل کٽ ڏانهن اشارو ڪيو. بيٺل
ماڻهو واري سان هٿ ڏيندا ويا.
”بوٽ لاهي سولو ٿي ويهه،“ پڻس چيو. ”گهر ڏي سڀ خير
آهي؟“
”ها، خير آهي،“ هن بوٽ لاهي پير مٿي ڪيا ۽ وهاڻي
کي ٽيڪ ڏني.
پڻس هن کان سندس نوڪريءَ ۽ شهر بابت خبرچار ورتي.
پوءِ هن رڙ ڪري ڇوڪري کي سڏيو ته گهر ۾ رياض جي
اچڻ جو ٻڌائي ۽ چانهه ٺهرائي کڻي اچي. ڪجهه ٻيا
ماڻهو به آيا جيڪي شايد ٻنيءَ تان موٽيا هئا. اهي
رياض کي هٿ ڏئي بينچن تي وڃي ويٺا ۽ پڻس کي حال
احوال ڏيڻ لڳا. پڻس هارين سان ٻنيءَ جي ڪم ڪار
بابت ڳالهائڻ ۾ مشغول ٿي ويو. رياض کي انهن ڳالهين
سان دلچسپي ڪانه هئي. هن پاڻ کي اتي اوپرو ڀانيو-
ڄڻ شهر جو ڪو ماڻهو هو جيڪو ڪم سانگي هن ڳوٺ ۾ آيو
هو. ڇوڪرو هڪڙي ڪٽلي ۽ ٻه خالي ڪوپ کڻي آيو. ڪوپ
ڀري هڪڙو پڻس کي ۽ ٻيو کيس ڏنائين. ايترن ماڻهن ۾
رڳو پاڻ ۽ پڻس چانهه پي رهيا هئا. رياض کي اهو سٺو
نه لڳو. نج کير جي گهاٽي مٺي چانهه هن کي ڪانه
وڻي. پر هن کي ڪجهه بک محسوس ٿي رهي هئي، ان ڪري
هو سڄو ڪوپ پي ويو. خالي ڪوپ ڇوڪري کي ڏئي وري
اهلي پيو. ڪچهري متل هئي. رياض کي لڳو ته سندس
دماغ ساڻو ساڻو ٿي رهيو هو. هتي ڇو آيوهو؟ هن کي
خيال آيو. هن غور سان ماڻهن کي ڏٺو. اوندهه ۾ ڪنهن
جي به شڪل چٽي نه هئي. سڀ شڪليون ڌنڌليون هيون.
سامهون کٽ تي ويٺل ماڻهو به ڌنڌلو هو. رياض کي اهو
سڀ عجيب لڳو. هو ڪنهن اڻڄاتل جاءِ تي ويٺو هو. هن
جو اتي ڪم ڪهڙو هو! هن جي ذهن ۾ اوندهه گهڙي آئي
هئي. ذهن ۾ توڙي ٻاهر سڀ منجهيل هو ۽ اوندهه ۾
ويڙهيل هو. ڪو ماڻهو هن جي اڳيان اچي بيٺو هو ۽ هن
ڏانهن هٿ وڌايو هئائين. رياض وهاڻي تان اٿي هٿ
ڏنو. اهو ماڻهو سندس ئي کٽ تي ويهي رهيو هو.
”ڪيڏي مهل پهتا؟“ ان ماڻهوءَ پڇيو.
”شام جو،“ هن وراڻيو. پر هو سمجهي نه سگهيو ته اهو
ماڻهو ڇو سندس ويجهو اچي ويٺو هو. هن چاهيو ته کيس
اڪيلو ڇڏيو وڃي.
”گهران ٿي آيا آهيو؟“ ان ماڻهوءَ وري پڇيو.
’گهر؟ هتي گهر ڪٿان آيو؟‘ رياض پاڻ کان پڇيو.
سامهون کٽ تي ويٺل ماڻهوءَ ٻئي ماڻهوءَ کي جواب ۾
ڪجهه چيو ۽ ٻي ڪا ڳالهه پڇي. هو ٻئي پاڻ ۾ ڳالهائڻ
لڳا. رياض پنهنجي جند آجي محسوس ڪئي. هن وهاڻي کي
ٽيڪ ڏني. سامهون کٽ تي ويٺل ڪاوڙ مان ڏاڍيان
ڳالهائي رهيو هو ۽ بينچن تي ويٺل ماڻهن مان ڪنهن
هٿ ٻڌي رڍ وانگر ممڙاٽ پئي ڪيا. پري ڪٿي ڪٿا ڀونڪي
رهيا هئا. رياض کي لڳو ته هو ڦاسي چڪو هو. ڀڄڻ جي
ڪا واهه نه هئي. هن جي سموري سگهه ختم ٿي وئي هئي
۽ ذهن به ساڻو ساڻو هو. هن غلطي ڪئي هئي هتي اچي.
ساڻس گڏ کٽ تي ويٺل هن کي ڪجهه چيو. رياض سمجهيو
ڪونه ۽ لنوائي ڇڏيو.
”شايد سمهي پيو آهي.ٿڪجي پيو هوندو،“ڪنهن چيو.
سندس نالو وٺي ڪنهن سڏيو. هن اکيون کولي ڏٺو. سڀ
ماڻهو اٿي بيٺا هئا ۽ سامهون کٽ تي ويٺل شخص اٿي
هن جي اڳيان اچي بيٺو هو.
”سمهي پيو آهين ڇا؟ اٿ، گهر هلون.“
رياض چپ چاپ اٿيو ۽ انهن ٻنهي ماڻهن سان گڏ هلڻ
لڳو. ڀڄڻ جي ڪا واهه نه هئي. هو گهر ۾ گهڙيا.
مايون رياض کي وڪوڙي ويون. هن کان سندس، گهر ۽
ٻارن جي خير عافيت پڇڻ لڳيون.
”چڱو چڱو، هاڻي وڌيڪ احوال سڀاڻي پڇجو. ادو ٿڪل
آهي. جلدي ماني کڻي اچو ته کائي سمهي،“ ٻاهر هن
سان گڏ جيڪو ماڻهو ويٺو هو تنهن ڏاڍيان چيو. رياض
جي ذهن ۾ ڀرپور خواهش جاڳي ته هو ته هينئر ئي واپس
شهر هليو وڃي. هن جي بک ختم ٿي چڪي هئي. ان هوندي
به سندس اڳيان جيتري ماني آئي هن کائي پوري ڪئي.
”توهان ڀلي سمهو، سڀاڻي ڪچهري ڪنداسين.“
رياض کٽ تي ليٽي پيو ۽ صاف آسمان تي جهرمر ڪندڙ
بي انتها تارن کي ڏسڻ لڳو. هن جا پنبڻ ڳرا ٿيندا
ويا ۽ پوءِ اکين کي ڍڪي ڇڏيائون.
هن جي اک کلي ته مٿانئس هلڪي اس پئجي رهي هئي. سج
چڙهي آيو هو. سندس آسپاس واريون کٽون خالي هيون.
سڀ اٿي چڪا هئا. هن کي ياد اچي ويو ۽ کيس حيرت لڳي
ته رات ڇا ٿيو هو. رات نشي جهڙي حالت ۾ هو. هن ڪا
اهڙي شيءِ کاڌي ته ڪانه هئي. رڳو چانهه پيتي هئي،
پر اها ته ٺيڪ هئي. هو کٽ تان اٿيو. سامهون سندس
ڀيڻويو ڄار جو ڏندڻ ڪندو پئي آيو. هن کي ڏسي ڏندڻ
وات مان ڪڍي ٿڪ اڇلائي، کلندو هن ڏانهن آيو.
”رات طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي ڇا؟“
’هن جو خيال آهي ته آئون رات پيتل هوس،‘رياض
سوچيو.
”نه، مڙئي ٿڪل هوس،“ رياض وراڻيو.
” تيار ٿي وٺو ته ناشتو ڪريون.“
رياض هٿ منهن ڌوئي ورانڊي ۾ رکيل ڪرسين تي اچي
ويٺو. هن کي ڏسي ڀيڻس ڏانهنس وڌي آئي.
”ادا، تو اسان کي صفا وساري ڇڏيو آهي. ايترا ورهيه
لنگهيو وڃن ته ڪڏهن سار به ڪونه لهين،“ ڀيڻس
ڏوراپو ڏنو.
”نه، وساريو ڪونه اٿم. تون ته ياد ايندي آهين....“
”ڀاڄائي ۽ ٻار خوش آهن؟ انهن کي به وٺيو اچين ها.“
”ها، وٺي ايندس، پر تون به ته ڪڏهن اچي ٿي وڃ نه،“
رياض کلندي چيو.
”بس ادا، وٺي اچڻ وارا وٺي اچن نه.“
سندن پيءُ به اچي اتي ويٺو هو.
”ناشتو تيار هجي ته کڻائي اچ،“ هن ڌيءَ کي چيو. هن
جي وڃڻ کان پوءِ هن آهستي پٽ کي چيو،“ هيئن اوچتو
ڪيئن آئين، ڪو ضروري ڪم آهي؟“
”نه نه،ڪوڪم ڪونه هو.ائين ئي اوچتوخيال اچي ويو.“
”سٺو ڪيئي، سٺو ڪيئي. ٻارڙا ته خوش آهن؟ انهن کي
ڪونه وٺي آئين؟“
”منجهند جو گرميءَ ۾ نڪتو هوس، ٻارن کي تڪليف ٿئي
ها. ٻئي ڀيري وٺي ايندو سان،“ هن وراڻيو.کيس خبر
هئي ته پڻس مومي جي لاءِ ڪجهه نه پڇندو. سندس
ڀيڻيويو به اچي ويٺو ۽ هن جي پويان ناشتو به کڄي
آيو. ماني کائيندي ٻنهي ڄڻن رياض کان سندس نوڪريءَ
۽ ترقي جي امڪان بابت پڇيو. رياص کي خيال آيو، ته
ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۾ تڪليف ٿي هوندي. مومي ڪاوڙجي
ٻارن کي رڪشا ۾ وٺي وئي هوندي.... پر وري هن کي
ياد آيو ته اڄ جمعو هو. رات ٻارن وي سي آر تي فلم
ڏٺي هوندي. ٿي سگهي ٿو ٻه فلمون ڏٺيون هجن ۽ اڃا
ستا پيا هجن.
چانهه پي خالي ڪوپ رکندي رياض چيو،”هاڻي آئون
هلندس.“
”ڪيڏانهن؟“ پڻس حيرت مان پڇيو.
”شهر.“
”پر اڄ ته تو کي موڪل آهي. هينئر ئي وڃڻ جي ڪهڙي
تڪڙ آهي؟“
”ڪن ماڻهن سان ضروري ڪم آهي. انهن سان ٽائيم رکي
چڪو آهيان.“
”ٻني ته گهمو ها،“ سندس ڀيڻيويي چيو.
”ٻئي ڀيري موڪل وٺي ايندس، پوءِ ٻه ٽي ڏينهن رهي
پوندس.“
”ادا، ڪهڙو روز روز ٿا اچو. هينئر به الائي ڪيئن
قسمت سانگي آيا آهيو. اڄوڪو ڏينهن ته رهي پئو،“
ڀيڻس چيو.
”هاڻي جلدي ايندس. اوهين به ته اچو نه،“ هن
ڀيڻيويي ڏانهن نهاريندي چيو.
”ڇڏيوس، مڃيندو ڪونه،“ پڻس کي سندس تڪڙ ڪانه وڻي
هئي. ”ماڻهو اچي ته سانهه ستيءَ ۾ اچي، باقي اهڙي
اچڻ مان ڪهڙو فائدو!“
ٻئي ڄڻا کيس ٻاهر ڪار تائين ڇڏڻ آيا. ڪار مٽيءَ ۾
لٽي پئي هئي.
”اڙي ڇورا، ڪار کي ته ڇنڊي وٺ،“ ڀيڻيويي هڪل ڪئي.
”مون کي چاٻي ڏيو ته پاڻي چيڪ ڪري وٺون.“
رياض کيس چاٻي ڏني.
”آئين به تڪڙو، وڃين به تڪڙو پيو. آهي ته خير؟“
پڻس بي اعتباريءَ مان پڇيو.
”نه نه، اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. بس، ائين
ئي....“ رياض کلي پيو.
”عجيب ماڻهو آهين تون. ٻارن ٻچن وارو ٿيو آهين پر
اڃا اهي عادتون ڪونه ويون....“ پڻس چڙ مان چيو.
پوءِ ٻنهي مان ڪنهن به نه ڳالهايو.
ڪار صاف ٿي وئي هئي. رياض ٻنهي کان موڪلايو ۽ ڪار
۾ وڃي ويٺو. هن ڪار اسٽارٽ ڪري انجڻ کي ٿورو گرم
ٿيڻ ڏنو. هو ٻئي اڃا بيٺا هئا. رياض ٻانهن ٻاهر
ڪڍي هنن ڏانهن هٿ لوڏيو ۽ پوءِ ڪار کي موشن ۾
آندو. پڪي روڊ تي چڙهڻ کان پوءِ ڪار کي ٽاپ ۾ آڻي
هن اسپيڊ وڌائي ڇڏي. هن جلدي شهر پهچڻ ٿي چاهيو.
ٻنيون ۽ وڻ تيزيءَ سان ڀڄندا ويا ۽ هن جون نظرون
سڌيون اڳيان رستي تي هيون. |