ھن چاھيو ته عورت کان نالو ۽ حال احوال پڇي، پر
پوءِ ھن اھو خيال بدلائي ڇڏيو. ان سان ڪو به فرق
نه پئي ھا. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، سندس پاسي ۾ ويٺي
ھئي، ساڻس ڳالھائي رھي ھئي ۽ اھو ئي ھن لاءِ ڪافي
ھو. ھوءَ ڪير ھئي، اھو پڇي ھو ڇا ڪري ھا. کيس حاصل
ڪجھ به نه ٿيڻو ھو. اھي ئي ڪجھ گھڙيون، جيڪي ھوءَ
ساڻس گڏ ھئي، سندس حاصلات ھيون. انهن گھڙين کان اڳ
۽ انهن گھڙين کان پوءِ ٻنهي جو ھڪ ٻئي سان ڪو به
واسطو نه ھو، ڪا به سڃاڻپ نه ھئي. ھن کي ڪنهن جي
ساٿ جي ضرورت ھئي. اھو ساٿ جيڪو ھن کي ايڏي ساري
اجھاڳ شھر ۾ نه ملي سگھيو ھو، سو ھن پئسن تي خريد
ڪيو ھو. بس، ان کان وڌيڪ کيس ڪجھ نه کپندو ھو.
ھن واچ ۾ وقت ڏٺو. اٺ ٿيڻ وارا ھئا. ھو پريشان ٿي
ويو.
”اڙي! اٺ پيا ٿين، دڪان ته بند ٿي ويندا“، ھن
گھٻرائجي چيو.
”نه، دڪان دير تائين کليل ھوندا. عيد ويجھي آھي
نه،“ عورت چيو. تڏھن ھن کي ياد آيو ته عيد ۾ باقي
ٽي ڏينهن آھن. جنهن ڏينهن جو ماڻھو ايڏو انتظار
ڪندا آھن، ايترا پيسا خرچ ڪري ڪپڙا لٽا ۽ سامان
وٺندا آھن، سو ھن جي لاءِ سخت بور ڏينهن ھوندو آھي،
ھو سڄو ڏينهن ستو پيو ھوندو آھي. ڪنهن وٽ وڃڻ يا
ڪنهن سان ملڻ نه چاھيندو.
” ھاڻ ھلڻ کپي“، ھن ويٽر کي سڏ ڪري بل گھرايو ۽
پيسا ڏئي عورت سان گڏ اٿيو.
ٻئي آھستي آھستي گھمڻ جي انداز ۾ فوٽ پاٿ تي ھلڻ
لڳا – ڄڻ ھو روز ائين گڏ گھمندا ھئا .... ڄڻ اھو
سندن معمول ھو.
”آءٌ سمجھان پيو جھڙوڪر اسين ٻئي روز رات جو
ڪراچيءَ جي روڊن تي گھمڻ نڪرندا آھيون ۽ اڄ به
ائين گھمون پيا“، ھو کلڻ لڳو.
”ھا، مون کي به ائين پيو لڳي“، عورت به کلڻ لڳي.
”ڄڻ اسين ورھين کان ھڪٻئي کي سڃاڻندا ھجون ۽ گڏ
رھندا ھجون...“
”ھون....“ ھن ھونگار ڪري عورت جي اکين ۾ ڏٺو ۽
ھوءَ سچ پچ شرمائجي وئي. ھن کي عورت جي شرمائجڻ تي
مزو آيو ۽ ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
”ڪنا!“ عورت ڪوڙي ڪاوڙ وچان ھن جي ڪلھي تي ڌڪ
ھنيو. ھن کلندي کلندي عورت جو ھٿ پنهنجي ھٿ ۾ ورتو
۽ پوءِ گڏ کلڻ لڳا. کلڻ جو ڪو به سبب نه ھو، پر
کين ھروڀرو کل پئي آئي. ٻئي خوش ھئا.
ھو ريو سنيما وارو ڪراس ٽپي ايلفيءَ ۾ داخل ٿيا.
”ته سائين جن ڪھڙي خريداريءَ جو ارادو رکن ٿا؟“
”آءٌ عيد جي لاءِ ھڪ وڳو وٺنديس. تون به عيد جي
لاءِ ھڪڙو وڳو وٺجانءِ. ھونءَ پيسا اجايا خرچ ٿي
ويندا.“
”ڪپڙا ھوندا ته پيا ڪم ايندا.“
”نه، آءٌ عيد جي لاءِ ڪپڙا نه وٺندو آھيان.“
”ڇو؟“
”آءٌ عيد تي ڪيڏانهن نڪران ئي ڪو نه، پوءِ ڪپڙا
وٺي ڇا ڪندس!“
”اوهه!....“
عورت کي ڄڻ ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويو ھو ۽ ھن کي پنهنجي
غلطيءَ جو احساس ٿيو. ھن عورت جي ھٿ کي زور ڏنو-
شايد اھو چوڻ لاءِ ته ”ڪا ڳالھ ناھي“.
”ڀلا ڪنهن خاص دڪان تان ڪپڙو وٺبو؟“ ھن مذاقي
انداز ۾ پڇيو.
”نه، ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ٿا ھلون.“ عورت ھن جي منهن ۾
نهاريو ۽ کلي پئي.
ھو ٻئي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ آيا. ھڪڙي دڪان ۾ گھڙي ويا.
عورت مختلف ڪپڙا ڏسڻ لڳي ۽ ھن کان رايو پڇندي وئي.
”مون کي ڪپڙن جي خبر نه پوندي آھي. تنهنجي مرضي،
توکي جيڪو وڻي سو وٺ“، ھن چيو. نيٺ عورت ڪپڙو پسند
ڪيو. قيمت تي ھوءَ دڪاندار سان اٽڪي پئي. ھو بنا
ريڙھ پيڙھ جي پيسا ڏيڻ لاءِ تيار ھو، پر عورت کيس
روڪيو.
”تون چپ ڪري بيھ. اوھان مردن کي ھونءَ ئي دڪاندار
ڦريندا آھن.“ ھو چپ ڪري بيھي رھيو.
عورت
دڪاندار سان بحث ڪرڻ لڳي.
”اڃا ٻھ – ٽي ڏينهن اڳ منهنجي سھيلي ھي ڪپڙو وٺي
وئي آھي. مون کي اگھ جي خبر آھي. اسين عيد وارو
اگھ نه ڏينداسين.“
دڪاندار قسم کڻڻ لڳو، ته ھو عيد جو اگھ ڪو نه پيو
وٺي، پر عورت اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي، ھوءَ
دڪان مان ٻاھر وڃڻ لڳي، ته دڪاندار پٺيان سڏ ڪيو:
”ٺيڪ آھي ڀلا وٺي وڃو.“
”ڏٺئي!“ عورت مرڪندي ھن کي چيو، ”ھي دڪاندار وڏا
حرامي اٿئي.“
دڪاندار ڪپڙو ڪٽي پئڪيٽ ۾ بند ڪيو. ھن کيسي مان
پيسا ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. دڪان مان ٻاھر آيا ته ھڪ
فقيرياڻيءَ ھنن کان خيرات گھري.
”خدا جوڙي سلامت رکي...“ ٻنهي ھڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽
مرڪي پيا. ھن کيسي مان روپيو ڪڍي فقيرياڻي کي ڏنو.
”ويچاري فقيرياڻي! سندس دعا اجائي وئي...“ اڳتي
ھلي
هن
کلندي چيو. عورت
چپ
ھئي.
”اڃا به ڪجھ وٺڻو آھي؟“ ھن پڇيو.
”نه، بس.“
” حجاب نه ڪج.“
”نه، حجاب ڪھڙو. مون کي ٻئي ڪنهن شيءِ جي ضرورت
ناھي.“ عورت ھن کي يقين ڏياريو.
”۽ ھاڻي؟“ ھن عورت کان پڇيو.
”۽ ھاڻي؟“
”ھاڻي ڇا پروگرام آھي؟“
”منهنجو ته ڪو پروگرام ڪونهي. جيئن تون چئين؟“
”ھل ته ڪٿي ماني ھلي کائون.“
”ماني؟ پر بک ته ڪانهي.“
”چائنيز ۾ ٿا ھلون. ھلڪو کاڌو آھي. ٺيڪ آھي نه؟“
”ٺيڪ آھي. جيڪا تنهنجي مرضي“، عورت ڳالھ مڃيندي
چيو.
ھلندي ھلندي عورت چيو، ”عيد جي ڪري ايتري رونق
آھي. نه ته ھونءَ اٺين کان پوءِ سڃ ھوندي آھي.“
”ھا، اڄ سچي به رونق آھي. مون کي به نظر اچي پئي،“
ھن عورت ڏانهن نهاريندي چيو.
”مون ۾ ڇا ٿو ڏسين؟ رونق رستن تي آھي، مون ۾
ڪانهي“، عورت ٽھڪ ڏنو.
”مونکي ته تنهنجي ڪري پئي رونق محسوس ٿئي،“ ھن
سنجيدگيءَ سان چيو.
”سچ؟“ عورت به سنجيدي ٿي وئي.
”سچ.“ ۽ ھن ڏٺو ته عورت جي منهن تي اداسي اچي وئي
ھئي.
ٻئي ڪيفي ھانگ ڪانگ ۾ اچي ويٺا. دير ٿيڻ سبب رڳو
ٽي – چار جوڙا ويٺا ھئا.
”تون بور ته ڪانه ٿي پئي آھين؟“
”نه، بلڪل نه. ڪمال آھي، تو اھو ڪيئن سمجھيو!“
عورت مرڪندي ۽ ناراض ٿيندي چيو.
”الائي! آءٌ ته ائين سمجھندو آھيان، ته منهنجي ساٿ
۾ ٻئي کي رڳو بوريت پلئھ پوندي آھي.“
”تون به عجيب ماڻھو آھين. پنهنجي لاءِ پاڻ ئي خيال
ٺاھيو ويٺو آھين،“ ھوءَ کلڻ لڳي.
”خير، منهنجي اڄوڪي شام تنهنجي نالي آھي. شايد
منهنجي زندگيءَ جي اھا پھرين شام آھي، جيڪا تنهنجي
ڪري بوريت کان سواءِ گذري وئي ۽ مون کي خبر به نه
پئي.“
”پر مون ته ڪجھ به نه ڪيو آھي!“
ھو کلي چپ ٿي ويو.
ھنن جيستائين ماني کاڌي، ھوٽل ذري گھٽ خالي ٿي چڪي
ھئي. ھن بل گھرائي پيسا ڏنا.
ٻاھر اچي ھن چيو، ”ھاڻي تون ويندينءَ؟“
”ھا، وڃڻو ته آھي،“ عورت کلي چيو.
”ڪا ٽيڪسي ھٿ ڪجي...“ ھو ھيڏانهن ھوڏانهن ٽيڪسيءَ
لاءِ نهارڻ لڳو.
”ٿورو ھلون ٿا. صدر ۾ ٽيڪسي ملي ويندي“، عورت چيو
۽ ٻئي ھلڻ لڳا. ھن کي پنهنجو من ڳرو ڳرو ۽ ٿڪل
محسوس ٿيو. ھن ان احساس کي دٻائڻ لاءِ ڪجھ ڳالھائڻ
چاھيو.
”جيڪڏھن تون وري ڪٿي ملي وڃين ته مون کي
سڃاڻندينءَ؟“
”آءٌ توکي وساري نه سگھنديس،“ عورت پوري سنجيدگيءَ
سان چيو. ھو ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
”ڇو؟ ان ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالھ آھي؟“
”اھو ڊائلاگ ته فلمن ۾ محبوبه ڳالھائيندي آھي“، ھو
اڃا ٽھڪ ڏئي رھيو ھو. عورت ھن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس
نظرن ۾ ڏک ھو.
ھو اوچتو چپ ٿي ويو ۽ چيائين، ”ٽيڪسي ته نظر ئي
نٿي اچي...“ عورت نه ڪڇي. ھو سمجھي ويو، ته سندس
ڳالھ عورت کي رنجايو آھي، پر ھو ڪري به ڇا ٿي
سگھيو. ھن کي عورت جو جملو بلڪل روايتي قسم جو لڳو
ھو - ۽ .... ۽ کلڻ ته ھن زوريءَ ٿي چاھيو.
ٻئي ھلندا رھيا ۽ ٻئي خاموش ھئا. ٽريفڪ گھٽجي وئي
ھئي ۽ شھر جو
گوڙ
ٿڪي ٽٽي ساڻو پئجي ويو ھو. ھو ھڪ ٻئي کان پري پري
ھلي رھيا ھئا. ھڪ خالي ٽيڪسي پاسي مان اچي لنگھي.
ھن اشارو ڪري ٽيڪسي بيھاري. ٻئي وڌي ٽيڪسيءَ وٽ
آيا. ھن پويون در کوليو ۽ عورت خاموشيءَ سان
ٽيڪسيءَ ۾ وڃي ويٺي. ھن ڊرائيور کي ڀاڙي جي لاءِ
ڏھين جو نوٽ ڪڍي ڏنو ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ جي کليل دريءَ
وٽ جھڪي عورت کي ڏٺائين ۽ ڳري آواز ۾ چيائين، ”ساٿ
لاءِ مھرباني...“
عورت اکيون مٿي کڻي ھن کي ڏٺو. سندس اکيون ڀنل
ھيون... يا ھن کي ائين لڳو ھو. ٽيڪسي ٻنهي جي نظرن
جي ڏور کي ڇنندي ھلي وئي.
ھو ايمپريس مارڪيٽ جي بس اسٽاپ تي آيو ۽ پنهنجي بس
۾ چڙھي پيو. سڄي واٽ ھن جو ذھن خالي ھو. گھر جي
ويجھي اسٽاپ تي بس مان لٿو ۽ سڃي گھٽي لتاڙي
پنهنجي ڪمري جي در جي اڳيان اچي بيٺو. در کولي
اندران در جي پاسي ۾ ڀت تي ھٿوراڙيون ڏئي بٽڻ ڳولي
بتي ٻاريائين. ڪمري ۾ روشني پکڙجي وئي. ھو ڇرڪي
دھلجي در تي ئي بيھي رھيو. ڪمري جي ويرانيءَ ۽
اڪيلائيءَ جي دھشت ھڪدم ھن تي ڇانئجي وئي. ھو
اکيون ڦاڙي حيرت ۽ ڊپ وچان ڪمري کي ڏسڻ لڳو. ڪمري
۾ پيل ھر شيءِ ساڪت ۽ مئل ھئي. ھن کي اوچتو موت جو
احساس ٿيو ۽ سندس من ۾ ڊپ ڀرجي ويو. ھانءُ اڇل
کائي نڙيءَ ۾ اچي ڦاسي پيو. ھن چاھيو ته پوئتي
ڀڄي، پر سندس پير پٿرائجي ويا ھئا. کيس محسوس ٿيو
ته ڪمري ۾ ڀريل اڪيلائي ۽ ويراني آھستي آھستي ھن
ڏانهن وڌي رھي ھئي ۽ پوءِ اھا ھن جي وجود کي گھيري
وئي.
وھندڙ پاڻي
شرنائيءَ جو تيز آواز. ڪنن مان ٿيندو ميڄالي ۾
سوسٽ ڪندڙ. ماڻھو چؤطرف . ماڻھن جو گوڙ شرنائيءَ
جي آواز سان ملي وڌيڪ اوچو، وڌيڪ ڦھليل. ڪم ڪندڙن
جون رڙيون ۽ واڪا.
”فلاڻا، اڙي ھيڏانهن.“
”او ..... وڏيري کي پاڻي ڏي.“
”اڙي انڌا، سائينءَ کي ٽوال ڏي.“
”ڀيڻان ڪو مرگھيل آھين. وک وڌاءِ.“
آواز، رڙيون، واڪا ھڪ ٻئي تي ڪرندا، ڪٽيندا،
اڀرندا، دٻجندا، ڊوڙندا رھن ٿا.
کل، ٽھڪ – خوشيءَ جا اھڃاڻ. خوشي کن پل جي جيڪا
ھينئر آھي، جيڪا پوءِ نه ھوندي. پوءِ ھوندي
بيزاري، اوجاڳو، ٿڪ.
ھو ھلندو رھي ٿو وائڙن جيان. ويھڻ نٿو چاھي. ويھڻ
سان بيچيني وڌي ٿي. ھرڪو پنهنجيءَ ۾ لڳو پيو آھي.
ھن کي ڪو به پڇي ڪو نه ٿو.
”يار، منهنجي گھر ۾ پائي به ڪا نه ھئي. ھيڏانهن
وڏيرن جي شاديءَ تي به ضرور اچڻو ھو. رن به چئي ته
ٻارن جا ڪپڙا پراڻا ڦاٽل، آئون ائين ڪا وينديس
وھانءِ ۾. پٽي سٽي کڻي پورت ڪيم. الله مالڪ آھي.“
”مون ته ٻيلي ڳئون وڃي ٿمي. ڀنگ جا پئسا اڃا مليا
آھن. ھڙا موقعا ته ڪڏھن ڪڏھن ٿا اچن. ماڻھو وٽ
پنهنجو پيسو پنجڙ ته ھجي.“
”بروبر، پر پاڻ ان ڪم کان پري آھيون. اسان کان ته
اھي لنڊا کسا پڄن ڪو نه.“
”رسو ڪلھي تي کڻي اسين به ڪو نه پيا ھلون، پر ور
چڙھي وڃي ته مڙڻ وارا ڪو نه آھيون.“
”چڱو، ٻيڙي ته پيار.“
”ھل مانڊڻيءَ تي توکي ڪئپٽن سگريٽ پياريان. ڇا ياد
ڪندين؟“
ڇني جي ٻاھران ميدان تي پان ٻيڙيءَ جي ڪئبن. پاسي
۾ چلھ تي چانهه جي ديڳڙي. پٽ تي رکيل ڪوپ.
”وڏيرن جي شادي آھي ڪي ميڙو.“
”ميان نيٺ وڏيرا آھن، پاڻ غريب ڪو نه آھيون جو
گوڏي ٻڌڻ جھڙو ڀت رڌيو گھور وٺيو ماڻھن کي روانو
ڪريون.“
”شاديءَ ۾ ڦنڊرون گھڻيون آھن؟
”چار ڳئون آھن. اٺ ڏھ ڇيلا آھن.“
ڪن ڏانهن ويجھو منهن. سس پس.
”ڦنڊرون آھن سڀ چوريءَ جون.“
”نه نه! توکي ڪيئن خبر پئي؟“
”مون کي خبر آھي ته ڪھڙن ڪھڙن ھمراھن تي اھو بار
رکيل ھو.“
ھو بوٽ مان مٽي ڇنڊي وري پائي اٿي ھليو آھي.
”ڀلان ڀلي لڳي پئي آھي. وڏيرا به مائٽ آھن. ھڪ ٻئي
سان پرتا سو شادي ڪا نه ڪئي آھين، ميڙو لڳائي
ڇڏيئون آھي.“
ھڪڙو ڪمي ڊوڙندو ھن وٽ اچي ٿو.
”سائين، مھمان آيا آھن شھر مان.“
مھمان! ڪھڙا؟ ڪير آيا ھوندا؟
ھلي ٿو.
”گھوٽ اھو آھي.“
”اھو آھي؟“
”ٻيو نه ته، نٿو سڃاڻين ڇا؟“
”ننڍي ھوندي ڏٺو ھوندم، اڃا ٻار ھئا ته شھر ھليا
ويا.“ |