- اسين جڏهن به گڏ هوندا آهيون ته اسان جو من
منجهندو آهي ۽ نس نس ۾ پيڙا ڀرجي ويندي آهي
- اهو ئي اسان جي پيار جو نصيب آهي رڳي پيڙا پيڙا
پيڙا پيڙا پيڙا
تو اهو لفظ هڪ ڀيرو ئي چيو هوندو پر اها پيڙا من
منهنجي ۾ ٻرندي رهي آهي هميشہ وجود ۾ جهڙو ڪر پيڙا
جو گهنڊ پيو گڙي ۽ آئون آهستي آهستي وڃان ٿو ڀرندو
ڪنهن ڀت پراڻيءَ وانگر جنهن جي ڇت ڳري وئي هجي
ڪڏهوڪو ۽ ڀتيون پاسن واريون به ڪري چڪيون باقي اها
اڪيلي ڀت وڃي بچي ۽ ان جون سرون پئي ڳريون هري هري
- جيڪي ماڻهو چاهيندا آهن هڪ ٻئي کي سي هڪ ٻئي کي
ملي نه سگهندا آهن ۽ ملندا آهن آهي جيڪي هڪ ٻئي کي
چاهيندا نه آهن يا هنن ڪڏهن به نه چاهيو هوندو پر
ملي ويندا آهن ۽ پوءِ گڏ هوندي به ڌار ڌار هوندا
آهن
- جيڪي هڪ ٻئي کي چاهيندا آهن سي نه ملندا آهن ۽
ملندا اهي آهن جن ڪڏهن هڪ ٻئي بابت سوچيو به نه
هجي سي سڀ ڳالهيون آهن مجبوري جون ڇو ته رڳو چاهڻ
ئي سڀڪي ناهي گڏ ان سان ٻيو گهڻو ڪجهه آهي
۽ اهو ٻيو ڪجهه گهڻو ڪڏهن به نه هو مون وٽ هئي ته
رڳو هڪ اڻڀي زندگي هئي ياد آهي تو کي مون چيو هو
مون وٽ تو لاءِ رڳا ٻه خالي هٿ آهن پر اهي بيڪار
آهن هٿ- ٿريءَ جون سموريون ليڪون ڊٺل آهن ٻيو ڪجهه
نه هوندو مون وٽ نه ستارن جي سيج هوندي نه اڱڻ مٿي
چنڊ هوندو جي هوندو ته رڳو هڪ اونڌاهو غار هوندو
آئون تو کي ڏسي سگهندس نه تون مون کي ڏسي
سگهندينءَ تون پنهنجو پاڻ به ڳولي نه سگهندينءَ
مڪڙيءَ جي ڄارن ۾ قابو اوندهه جي لٽ ۾ لٽجي هڪ ٻئي
کي ته ڇا پنهنجو پاڻ سڃاڻي نه سگهنداسين تون ڪا
سوني سيج ڳول جتي لان مٿي چنڊ هجي
۽ پوءِ تو چيو پر جدائي ڳڙڪائي وئي سڀني ڳالهين کي
ڳالهيون جيڪي ڪڏهن کٽڻ جون نه هيون نه ٿڪجڻ جون
هيون اڻ ڳڻيون پر اسان ڄاتو ٿي ته غير ضروري هيون
۽ اجايون هيون ۽ بي معنيٰ هيون شايد بڪواس هيون
-- تون ايترو اداس ڇو هوندو آهين
-- اداسي منهنجي وجود ۾ آهي شروع کان نسن ۾ وهندڙ
رت وانگر هر وقت ڍوڙندڙ ۽ ان اداسيءَ جي پاتار جو
ڪو پرو ڪونهي هيڪل وياڪل من رکي رکي پيو ٻڏي اُپڙي
ان مان
-- ڪٿي ان جو ڪارڻ آءٌ ته نه آهيان
-- ڪارڻ منهنجي وجود ۾ آهي تو ۾ نه آهي رڳو کوليو
آهي ان کي تو ۽ ظاهر ڪيو آهي
۽ پوءِ تو چيو پر اهي راهون هيون راهه قدم
ٺاهيندا آهن ۽ قدم الڳ هئا تو چيو پر راهون
اڪيليون آهن راهون راهن سان گڏجن ٿيون گڏ هلن ٿيون
ڪٽين ٿيون هڪ ٻئي کي ۽ هر راهه الڳ آهي ۽ اڪيلي
آهي راهن جو ڪو انت ڪونهي يا انت آهي فقط گهري
خاموشي ۽ پوءِ ڪو سر هوندو سر نه جي مڌرتا هوندي
هوا جو ۽ وڻن جو ۽ سرءُ جي سڪل پنن جو هوندو سنسان
سنگيت.....
ڊهندڙ ديوارون
ديوارون ڊٺيون پئي!
پنهنجن قيمتي ڪپڙن کي سنڀاليندي ويجهي آئي، تڏهن
آڱر هن جي چپن تي آئي.
’هي ته ڊهن پيون!‘
ديوارون چپ هيون. ديوارن کي زبان ڪٿي!
’چڱو جو مان هن گهر ۾ نه آيس....‘
- ها
ديوارون
ڊهن
پيون....
ديوارون
ڊهن
پيون...
هن وائڙي ٿي نهاريو. ديوارن ڪونه ڳالهايو هو، رڳو
هوا جو سوسٽ هو. ديوارن کي زبان ڪٿي!
سرن ڳرڻ شروع ڪيو هو. در ديوارن مان اکڙيل هو.
’اندر ڪو رهي ٿو؟‘ هن پاڻ کان پڇيو.
’ڪو آهي؟ ڪو آهي؟‘ هن سڏ ڪيو.
ڪٿان ڪنجهه ڪنن کي پهتي... يا هوا جو شوڪارو هو!
’اندر رڳو چمڙا هوندا، يا انسان هوندا؟ ڪو ته
هوندو..... ڪو ته هوندو!‘ ڪو به ڪونه هو، رڳو هوا
جو سوسٽ هو.
’اندر وڃي ڏسجي من ڪو هجي. آخر ضرورت ڪهڙي آهي؟
مون رڳو ڏسڻ ٿي چاهيو. ائين ئي تجسس وچان معلوم
ڪرڻ ٿي چاهيو. سالن کان پوءِ ڪي ياد ايندا آهن ته
ڏسڻ تي به دل ٿيندي آهي، ان ۾ آهي ئي ڇا.....‘
- ها
ان
۾
آهي
ئي
ڇا...
ان
۾
آهي
ئي
ڇا....
هڪڙو چاپوڙو ڪري پيو ۽ ديوار اگهاڙي ٿي پئي. ’هي
ته خطرناڪ آهي، ڪنهن به وقت ديوارون ڊهي اچي پٽ
پونديون... چڱو ٿيو مان نه رهيس. خدا جي پناهه،
ديوارون ڊهن پيون! اندر ڪو رهي ٿو؟ ڪپڙا خراب ٿي
پوندا ۽ ديوارون ڊهن پيون. ويجهو وڃڻ ٺيڪ ناهي...‘
- ها
ويجهو
اچڻ
ٺيڪ
ناهي....
اچڻ
ٺيڪ
ناهي...
’ڪنهن ڳالهايو؟ ديوارن ڳالهايو! پر ديوارن کي زبان
ڪٿي!‘
ڪڙو به ڪونه هو جنهن کي کڙڪائجي. در ديوار مان
اکڙيل هو. گهر جو ٻنڀو پوڙهي جي وات وانگر هو. هن
کي کل آئي. ٻه ٽي سرون کسڪي ڪري پيون.
’اندر ڀوت هوندا، هتي ڪو ماڻهو ڪيئن رهندو.... ڪڙو
به ڪونهي....‘
هن هڪ پٿر کڻي اندر اڇلايو. سرن جي ڪرڻ جو آواز
آيو ۽ هوا مٿي تان رڙيون ڪندي وئي. هن قيمتي ڪپڙن
کي سنڀاليو.
سرن جو ڪرڻ بند نه ٿيو. ٽٽڻ جو آواز چٽو هو. اوچتو
اندران ڪو نڪتو. ماڻهو هو يا ڀوت هو.... يا ڀوتن
جهڙو ماڻهو هو.
- ڪير آهي! ڪير آهي؟
ڀوت جي هانءُ- ٻڏل رڙ. ڊنل ڀوت! هوءَ ڊڄي وئي ۽
پير پٺتي هٽڻ لڳا.(پير گهڻو اڳ پٺتي هٽي چڪا هئا).
’مان آيس ڇو! مون ته رڳو ڏسڻ ٿي چاهيو.... پر اچڻ
نه کپندو هو. هاڻ ڪهڙو فائدو؟‘
- هاڻ
ڪهڙو
فائدو
هاڻ...
ڀوت وڌندو آيو.
- هتي ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي؟ هتي ته کنڊرن جي عظمت
به ناهي. هتي ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي!
ڀوت وڌندو آيو.
هيسيل هانءُ ڦڙڪيو.
’ڀوت!.....‘
هن ڀڄڻ چاهيو. هن ڀڄڻ شروع ڪيو. ’ڪهڙيءَ کٽي
کنيو.....‘
هوءَ ڀڄندي وئي، ماڻهن جي وستيءَ ۾ پناه وٺڻ لاءِ.
هوا مٿي تان رڙيون ڪندي وئي. هوءَ پري نڪري آئي پر
ٽٽڻ جو آواز اڃا پئي ٻڌو ۽ ديوارون ڊٺيون پئي.....
اکين ۾ ٽنگيل سپنا
رئڪ مان ڪتاب ڪڍندي، ڏسندي ۽ موٽائي رکندي ڪنول
محسوس ڪيو ته ڪنهن جو اکيون هن کي لڳاتار تڪي
رهيون آهن. هن هڪ ٻه ڀيرو آڏ ترڇين نظرن سان ان
ماڻهوءَ ڏانهن ڏٺو ۽ لنوائي ڇڏيو. پر ماڻهو هو
جيڪو ڄڻ پٿر بنيو بيٺو هو. ڪنول ڪتاب پئي ڏٺا ۽ هو
ڪنول کي ڏسي رهيو هو. ڪنول کي سخت چڙ آئي. هن ڪاوڙ
مان سڌو ان ماڻهوءَ جي منهن ۾ گهوري ڏٺو. سندس
نظرن کي جهڙوڪر ڌڪ لڳو.
’جاني!‘ نالو هن جي چپن ۾ ايندي وچڙي پيو. سندس
اکين ۾ چڙ جي جاءِ تي حيرت ڀرجي وئي. نظرون ڄمي
ويون ڪجهه پل.
”هلو....“ پٿر بنجي ويل جسم ۾ چرپر پيدا ٿي. ڪنول
سوچيو ته هوءَ هڪدم اتان هلي وڃي. جنهن هٿ ۾ ڪتاب
جهليل هو تنهن ۾ هن ٿوري ڏڪڻي محسوس ڪئي. هن منهن
ڦيرائي ڪتاب رئڪ ۾ رکيو. هن کي پنهنجي بيرخي ٺيڪ
نه لڳي.
”اتي ڪڏهن کان بيٺو آهين؟“ هن رسمي طور پڇيو.
”جڏهن کان تون دڪان ۾ آئي آهين،“ جانيءَ جو آواز
گهٽيل هو.
”پر مون کي ته ڏهه پندرهن منٽ ٿي ويا آهن. ايتري
دير تو ڳالهايو به ڪونه! جيڪڏهن آءٌ تو کي نه ڏسان
ها ۽ هلي وڃان ها ته به تون نه ڳالهائين ها؟“
”مون ايتري دير سوچيو پئي ته تنهنجو ڌيان پاڻ
ڏانهن ڪيئن ڇڪايان،“ هن کلڻ جي ڪوشش ڪئي. دڪان ۾
بيٺل ماڻهن جون آڏيون نظرون ۽ ڌيان هنن ڏانهن هو.
ٻئي ڄڻا دڪان مان ٻاهر نڪري آيا.
”جيڪڏهن تو کي جلدي نه هجي ته ڪٿي گهڙي کن
ويهون؟“ جانيءَ فوٽ پاٿ تي اچي پڇيو. ڪنول انڪار
ڪرڻ چاهيو. جاني اتاولين نظرن سان کيس ڏسي رهيو
هو. هوءَ ناڪار نه ڪري سگهي.
”ظاهر آهي. گهڙي کن ته ويهڻو ئي آهي،“ ڪنول مرڪندي
چيو ۽ سوچيو: ’اها گهڙي کن ئي ته اسان جي نصيب ۾
آهي.‘
جانيءَ ڪار جو دروازو کوليو ۽ ڪنول کي ويهڻ لاءِ
چيو. هن ڪار کي اسٽارٽ ڪري روڊ تي آندو.
”ڪيئن آهين؟“
” تو کي ڪيئن ٿي لڳان؟“
”اڳي کان وڌيڪ سلم ۽سمارٽ.“
”هونهه...“مرڪ زخم وانگر هن جي چپن تي ڦهلجي وئي.
”تون ٻن سالن ۾ ذري به نه بدلي آهين. آءٌ ته پوڙهو
ٿي ويو آهيان... ڏس، وارن ۾ اڇا پئجي ويا
آهن.....“
هو کلڻ لڳو. رکي ڦڪي کل.
ڪنول هن جي مٿي ڏانهن ڏٺو. هن کي ڪارن وارن ۾ ٿورا
اڇا نظر آيا. هن وري جانيءَ جي منهن ۾ ڏٺو. ساڳيو
ئي منهن هو. معصوم، پنهنجائپ محسوس ڪرائيندڙ ۽ ٻئي
کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ. ها، اکين ۾ کنڊر هئا. بيوسي
۽ بزدليءَ جا اهڃاڻ. ڪنول جي من ۾ اٻڙڪو آيو. هڪ
کن جي لاءِ هن کي جانيءَ کان نفرت جو احساس ٿيو.
’بزدل....... بزدل....‘ لفظ ذري گهٽ چپن تي آيا
هئا. هن هيٺئين چپ ۾ ڏند کپائي ڇڏيا.
” ڇا پئي سوچين؟“
ڪنول ڇرڪي وئي ۽ موٽي آئي.
”تنهنجي پوڙهي ٿي وڃڻ تي پئي سوچيان.“
جانيءَ ٽهڪ ڏنو.
”هڪڙا ماڻهو پوڙها ٿي وڃڻ کان پوءِ به ذهني طور
جوان هوندا آهن ۽ اسان جهڙا ٽٽل ڊٺل ماڻهو جوان
هوندي به ذهني طور پاڻ کي پوڙها محسوس ڪندا آهن.“
ڪنول ڪوبه جواب نه ڏنو. ٻئي چپ هئا. ڪار شهر جي
گوڙ مان نڪري ٻاهر وڏي ويڪري روڊ تي اچي وئي هئي.
جانيءَ هڪ ڪول ڪارنر وٽ ڪار پاسو ڪري بيهاري. هن
هارن وڄائي ڇوڪري کي سڏيو ۽ هن کي سنيڪس ۽ ڪوڪ آڻڻ
لاءِ چيو.
”ٻه سال ڪو ايڏو وڏو عرصو ڪونهي، پر ان عرصي ۾
گهڻو ڪجهه ٿي سگهندو آهي. اسان کي هڪ ٻئي جي ڪابه
خبر نه پئجي سگهجي. ان ڪري حال احوال ڏيڻ ضروري
آهي. ڪيئن؟“ جانيءَ چيو.
”حال احوال ڪو خاص ته ڪونهي. آءٌ ايم- اي ڪرڻ کان
پوءِ گهر وڃي ويهي رهيس. پر پوءِ بور ٿي پيس.
بوريت جي ڪري گهر وارن سان روز کٽ پٽ ٿيندي هئي.
ايتري حد تائين جو گهر وارا مون مان بيزار ٿي پيا
۽ آءٌ گهر وارن مان.“ هوءَ کلڻ لڳي. ”نيٺ نوڪري
اچي ڪيم. هينئر يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر آهيان.“
”رهين ڪٿي؟“
”اتي ئي.ڪئمپس ۾ گهر مليل آهي.“
”اڪيلي؟“
” ها، ڇو؟ ماڻهو اڪيلو نٿو رهي سگهي ڇا؟ مون سان
گڏ هڪ مائي رهندي آهي. هن کي ڪو اَجهو ڪونهي. گهر
جو ڪم ڪار ڪندي آهي ۽ مون وٽ ئي رهندي آهي.“
”تو.... شادي نه ڪئي آهي؟“ جانيءَ هٻڪندي پڇيو.
ڪنول هن جي منهن ۾ ڏسڻ لڳي. پوءِ هن جي چپن تي
ڦٽيل مرڪ آئي ۽ هن منهن ڦيرائي ڇڏيو.
جانيءَ کي پنهنجي بيوقوفيءَ جو احساس ٿيو.
ڇوڪرو سنيڪس ۽ ڪوڪ کڻي آيو هو. ڪجهه دير تائين چپ
رهڻ کان پوءِ ڪنول چيو، ”تون ٻڌائي؟ تنهنجا ڪهڙا
حال آهن؟“
”آءٌ ته هاڻي گهڻو ڪري ڳوٺ رهندو آهيان. بابا جي
گذاري وڃڻ کان پوءِ زمينن سنڀالڻ جو سڄو ڪم مون کي
ڪرڻو پئي ٿو. ان ڪري گهڻو وقت نٿو ملي ٻاهر نڪرڻ
جو. ٽائيم هڻ هڻان ۾ گذريو وڃي؟“
”ٻار گهڻا ٿيا آهن؟“
”اڃا ته هڪڙو ٻار ٿيو آهي. پٽ آهي،“ هن ٻاهر روڊ
ڏانهن نهاريندي چيو.
”خوش آهين؟“ ڪنول جو سوال اوچتو هو. جانيءَ هن
ڏانهن ڏٺو.
”جيڪڏهن آءٌ ’نه‘ چوندس ته اها ڳالهه تو کي سطحي
لڳندي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ٻين جي مرضيءَ جي
اڳيان ڪنڌ جهڪائي شادي ڪرڻ کان پوءِ مون اهو سوچڻ
ڇڏي ڏنو آهي ته آءٌ خوش آهيان يا نه! تو کي خبر
آهي منهنجي ڪا مرضي ڪانهي. مون کي پنهنجو ڪو
اختيار ڪونهي،“ هن ڄڻ پاڻ تي ٽوڪ ڪئي. ” مون کي
ٻين جي مرضيءَ موجب جيئڻو آهي. آءٌ خوش آهيان يا
نه، ان سان ڪو فرق نٿو پئي،“ هن جو آواز ڳرو ٿي
پيو هو.
ٻه سال اڳ يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن جانيءَ جي پيءُ جو
خط آيو هو، تڏهن هن ڪنول کي اهڙي ئي دکي ۽ ڳري
لهجي ۾ چيو هو، ”بابا خط ۾ لکيو آهي ته شاديءَ جا
ڏينهن ٻڌجي ويا آهن. منهنجي چاچي کي رڳو هڪڙي ڌيءَ
آهي، ٻيو ڪو اولاد ڪونهي. زمين گهڻي اٿس. بابا
منهنجي شادي ان ڪري ڪرائڻ چاهي ٿو جيئن چاچي جي
ملڪيت پاڻ وٽ رهي، ٻاهر نه وڃي. ۽ مون ۾ ايتري همٿ
ڪانهي جو انڪار ڪري سگهان. پيءُ ۽ چاچي جي مرضيءَ
جي اڳيان جهڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي....“
”تون بزدل آهين....“ ڪنول هن جي بيوسيءَ تي ڪاوڙ
۽ ڏک وچان ڏڪندي چيو هو.
”ها، تون سچ ٿي چئين. آءٌ بزدل آهيان. آءٌ مڃان ٿو
ته آءٌ بزدل آهيان.“ ۽ پوءِ هو ڪنڌ جهڪائي ٿڙندڙ
قدمن سان هليو ويو هو.
ڪنول کي هينئر به اهو ساڳيو ڏک ۽ ساڳي ڪاوڙ محسوس
ٿي. هن چوڻ چاهيو، ’تون بزدليءَ تي هري ويو آهين.
تون ڪڏهن به خوش رهي نه سگهندين.‘ پر جانيءَ جي
اکين ۾ ڏسندي هن کي مٿس رحم اچي ويو. ’ڪن ماڻهن جي
نصيب ۾ رڳو دک، رڳو ڀوڳڻ ڇو هوندو آهي؟ ۽ ڇا اهو
ضروري هو ته جاني منهنجي زندگيءَ ۾ اچي ها، يا
آءٌ جانيءَ جي زندگيءَ ۾ اچان ها. اسان جي
زندگيءَ ۾ ڇا ڪو نارمل بئلنسڊ ماڻهو نٿي اچي
سگهيو ۽ جيڪڏهن اچي ها ته شايد اسين ايئن نه هجون
ها، جيئن اڄ آهيون. اهي ماڻهوءَ جون ذاتي داخلي
حالتون آهن، جيڪي هن کي ٻاهرين زندگيءَ ۾ ٺاهيو يا
ڊاهيو ڇڏين....‘
”آءٌ تنهنجي گهر اچي سگهان ٿو؟“ جانيءَ کي ماٺ نه
وڻي.
”ڇا مون کي رسمي دعوت ڏيڻي پوندي؟“
جاني کلڻ لڳو.
”تون جڏهن به چاهين اچي سگهين ٿو.“
وري به ماٺ ٿي وئي. ٻنهي وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه
هوئي ڪونه.
”هاڻي هلڻ کپي،“ ڪنول ٻوسٽ محسوس ڪندي چيو.
”ڀلي،“ جانيءَ ڪار اسٽارٽ ڪئي. ”مون کي گهر جو پتو
ٻڌائي ته تو کي ڊراپ ڪندو وڃان.“
ڪنول هن کي ائڊريس ٻڌائي ۽ سوچيو:’ڪيڏي عجيب ڳالهه
آهي. اسان گڏ رهڻ، گڏ جيئڻ چاهيو هو- پر هاڻي اسان
کي اها به خبر ڪانهي ته اسين رهون ڪٿي ٿا ۽ جيئون
ڪيئن ٿا؟
ڪار جڏهن ڪنول جي گهر جي اڳيان اچي بيٺي ته هن
جانيءَ کي اندر هلڻ جي آڇ ڪئي.
”نه، اڄ نه، آءٌ تو وٽ سڀاڻي ايندس شام جو.“
۽ هن هٿ لوڏي ڪنول کان موڪلايو.
صبح جو ننڊ مان جاڳندي ئي ڪنول جي ذهن ۾ شام جو
انتظار شروع ٿي ويو. يونيورسٽي ۾ ڪلاس وٺندي.
اسٽاف روم ۾ ٻين سان ڳالهائيندي هن تي شام جو
انتظار ڇانيل رهيو. هن کي پنهنجي ان بيچينيءَ ۽
انتظار واري ڪيفيت کان بڇان اچڻ لڳي. هن کي پاڻ تي
ڪاوڙ آئي. پر پوءِ به هوءَ ان ڪيفيت کان جند ڇڏائي
نه سگهي. هن کي خيال آيو: اڪيلين اداس شامن جو انت
ته ٿيڻو ناهي، ان هڪڙي شام جو جاني آيو ته ڇا ٿي
پيو. وري به ته اهي ئي شامون هونديون ۽ اڪيلائي
هوندي.
شام جو جانيءَ اچڻ سان هن کان پڇيو،”تون هيئن
اڪيلي ڪيئن ٿي رهي سگهين! تو کي مونجهه نٿي ٿئي؟“
”نه ته، آءٌ اڪيلي ڪٿي آهيان، يونيورسٽي مان موٽي
اچي سمهي پوندي آهيان. رات جو ٽي وي ڏسندي آهيان
يا ڪتاب پڙهندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن شام جو ڪا دوست
اچي ويندي آهي. ۽ گهر ۾ مائي ته آهي ئي آهي، مسئلو
آهي وقت گذارڻ جو، سو گذريو وڃي.“
”ها، مسئلو آهي وقت گذارڻ جو، جيڪو ائين نٿو گذري
جيئن اسين چاهيون ٿا. پر خير، اسان جي نه چاهيندي
۽ اسان جي مرضيءَ جي خلاف به گذريو وڃي،“ جانيءَ
ڪمري ۾ چؤطرف نهاريندي چيو. ”پر اڪيلائي ۾ جيڪا
وحشت آهي سا نيٺ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي. سچ ٻڌائي،
تون پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهين؟“
ڪنول ٽهڪ ڏنو. جانيءَ کي لڳو ته هن سندس سوال کي
ٽهڪ ۾ اڏائي ڇڏيو هو.
”ماڻهن کي منهنجو هيئن رهڻ عجيب لڳندو آهي. هن
معاشري ۾ ڪا به عورت پنهنجي رد خود رهي ته ماڻهن
جي چوپچو جو موضوع بنجي ويندي آهي. پر مون کي
پرواه ڪانهي. آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب رهڻ ٿي
چاهيان. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مرضيءَ موجب جي
رهيو آهي ته هن کي مطمئن هجڻ کپي. آءٌ مطمئن نظر
نٿي اچان ڇا؟“
جاني چپ چاپ هن کي تڪي رهيو هو.
”مون کي ائين ڇو ڏسي رهيو آهين؟“ ڪنول مرڪندي چيو.
جانيءَ ڪو به جواب نه ڏنو، رڳو ڏسندو رهيو.
”پليز، مون کي ائين نه ڏس.“ جانيءَ جون نظرون ڪنول
جي من ۾ ولوڙ پيدا ڪرڻ لڳيون. هن اکيون هيٺ ڪري
جانيءَ جي نظرن کان پاڻ کي ڇڏائڻ چاهيو.
جاني پنهنجي جاءِ تان اٿي ڪنول جي پاسي ۾ اچي
ويٺو. سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺندي هن چيو،”ڪنول،
اسين ٻئي خوش ڪونه آهيون ۽ ٻئي اها ڳالهه لڪائڻ جي
ڪوشش ڪري رهيا آهيون.“
ڪنول پنهنجو ڪنڌ جانيءَ جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو.
’وقت بيهي رهي جيڪر اسين ٻئي پنڊ پهڻ بنجي وڃون.
ڪيڏو سڪون ۽ آرام آهي جانيءَ جي ڪلهي جي سهاري ۾.
سهاري کان سواءِ زندگي گذارڻ ڪيڏي مشڪل آهي، پر هي
سهارو عارضي آهي. اڄ آهي، هن گهڙيءَ آهي. سڀاڻي نه
هوندو....‘
”ڪنو“ جانيءَ سرٻاٽ ڪيو.
”جاني.....“
جانيءَ ڪنول جو منهن پنهنجن هٿن ۾ جهلي هن جي اکين
۾ نهاريو.
”تون مون کي ائين ڇو ڏسندو آهين؟“ ڪنول جا چپ ڦڙڪڻ
لڳا هئا. جانيءَ هن جي ڦڙڪندڙ چپن ۾ پنهنجا چپ
ڀچائي ڇڏيا. ڪنول کي لڳو ته سندس ذهن نستو ٿيندو
پئي ويو. جسم ۾ ڪا لهر اٿڻ لڳي هئي ۽ سندس ساهه
ڇڪجندو چپن ۾ اچي ڦاٿو هو.
ڪنول اسٽاف روم ۾ اڪيلي ويٺي هئي. ٻيا سڀ ٻاهر
ڪاريڊور ۾ اس تي ويٺا هئا. ڪلهه شام واري بوريت
اڃا هن تي ڇانيل هئي، جاني ڳچ ڏينهن کان پوءِ آيو
هو ۽ اچڻ شرط چيو هئائين، ”ضروري ڪم سان آيو هوس،
وري اڄ ئي ڳوٺ واپس وڃڻو آهي.سوچيم ته گهڙي کن
لاءِ تو کي ڏسندو وڃان.“
”ان گهڙي کن جي لاءِ اچڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟“
”ائين تو کي ڏسڻ لاءِ. گهڻا ڏينهن ٿي ويا هئا،“
جاني مرڪيو، ڪنول کي چڙ اچي وئي. هن جانيءَ ڏانهن
ڏٺو ۽ چپ ۾ زور سان چڪ پائي منهن ڦيري ڇڏيو.
”هڪڙو ته تو کي ڪاوڙ اچي گهڻي ٿي ۽ جڏهن اچي ٿي ته
ان کي دٻائي ٿي ڇڏين. وڙهندي ڪر، گاريون ڏيندي ڪر،
پنهنجن ڊگهن ننهن سان منهنجي منهن ۾ رانبوٽا هڻندي
ڪر، پر پنهنجي چپ کي ائين بيدرديءَ سان چڪ پائي
ڇني رتو رت نه ڪندي ڪر.“
”ٺيڪ آهي. منهنجي مرضي. آءٌ پنهنجي ڪاوڙ پاڻ تي
لاهڻ ٿي چاهيان، چپ منهنجو آهي. مڙئي خير آهي،“
ڪنول ڪاوڙ کي روڪي ڌيرج سان وراڻيو.
”چپ ته تنهنجو آهي، پر تڪليف مون کي ٿي ٿئي.“
ڪنول ڏٺو ته جانيءَ جي اکين ۾ شرارت هئي.
”ڇو؟ تو کي تڪليف ڇو ٿيڻ کپي؟“
”ڇنل چپ کي چمڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي؟“
جانيءَ ٽهڪ ڏنو. هوءَ مرڪي به نه سگهي. پر نه،
سندس ڏند ظاهر ٿيا هئا، جيئن جاني ائين نه سمجهي
ته هن سندس مذاق کي
enjoy
نه ڪيو آهي. پوءِ هو جلدي هليو ويو.
سڀ ڪجهه نئين سر شروع ٿي ويو هو. جاني هاڻي مهيني
۾ هڪ ٻه ڀيرا هن وٽ ايندو هو. ڪنول سوچيو ته اهو
سڀ شروع ڇو ٿيو. ۽ ان جي پڄاڻي ڪٿي ٿيندي....
’اسين اڄ به اتي بيٺا آهيون جتان اسين جدا ٿيا
هئاسين. اسان کي گهڻو ڪجهه بدلجي وڃڻ کپندو هو، هن
وقت اسان کي اهو نه هجڻ کپي جيڪي اسين ٻه سال اڳ
هئاسين. هونءَ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي.
حالتون.....وقت.....پوءِ به اسين هڪ ٻئي لاءِ اهي
ساڳيا آهيون. ساڳيءَ طرح سوچيون ٿا، اها ڪهڙي سزا
آهي؟ اها پيڙا جيڪا ٻه سال اڳ اسان جي زندگيءَ ۾
گهڙي آئي هئي سا هميشہ رهندي؟ اهو ڇا آهي؟ ڇا هي؟
’هن چاهيو ته رڙيون ڪري.’اها سراسر جذباتيت آهي،
پاڳلپڻو آهي.‘ تڏهن هن چرين وانگر ٽهڪ ڏيڻ چاهيا.
پر ڪو ڳوRهو
هو جيڪو گلي ۾ اچي اٽڪيو هو. کيس پاڻ کان شديد
نفرت جو احساس ٿيو.
”ڪنول,“
ڪنهن اندر اچي کيس سڏ ڪيو.
ڪنول پاڻ کي عام رواجي حالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
سلميٰ کيس حيرت مان ڏسي رهي هئي.
”ڇا ڳالهه آهي؟ طبيعت ٺيڪ نه اٿئي ڇا؟“
”ائين ئي ويٺي ويٺي ساهh
منجهڻ لڳو هو.“
”اهو ته خطرناڪ آهي. ڊاڪٽر کي ڏيکار. ان سان هارٽ
اٽيڪ به ٿي سگهي ٿو.“
”ها، اڄ شام جو ڊاڪٽر وٽ وينديس,“
ڪنول ڳالهه ختم ڪرڻ چاهي.
”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ،“سلميٰ هن جي ويجهو ويهي
پنهنجائپ وچان چيو.
”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”ادو جاني هاڻي تو وٽ باقاعدي ايندو آهي؟“
”چئبو ته چڱي پبلسٽي ٿي وئي آهي،“ڪنول مرڪڻ لڳي.
”ماڻهن جي ته تو کي خبر آهي ۽ سي به هتي جا! هميشہ
ان تاڙ ۾ هوندا آهن ته کين ڪنهن جي ڪا ڳالهه هٿ
اچي.“
”مون کي خبر آهي ته ماڻهو منهنجي باري ۾ ڇا چوندا
آهن. هنن جي نظرن ۾ آءٌ بدنام آهيان. ڄاڻان ٿي. پر
اهي ڳالهيون ته ويچارن لاءِ وڏي وندر آهن. نه ته
هن سڃ ۾ ٻيو رکيو ڇا آهي؟“
”پر ڪنول، آخر اهو چڪر ڇا آهي؟“
”ڪهڙو چڪر؟“
”اهو ئي، جانيءَ جو تو وٽ اچڻ. هڪ دوست جي حيثيت
سان منهنجي تو کي صلاح آهي ته اوهان شادي ڪري
ڇڏيو. اجائي بدنامي مان ڪهڙو فائدو؟ آءٌ ته ڪنهن
کان تنهنجي گلا ٻڌندي آهيان ته ان سان وڙهي پوندي
آهيان.“
”تون آخر ڪيترو وڙهندينءَ منهنجي پاران،“ ڪنول کلڻ
لڳي. ”ماڻهن کي چوڻ ڏي.“
”هاڻ تو کي ڪير سمجهائي. چڱو اُٿ ته ٻاهر اس ۾ هلي
ويهون. ڪمرو ته ڏس ڪيترو سرد آهي,“
سلميٰ هن کي وٺي ٻاهر آئي. |