احمد عليءَ بيري ڏانهن ڏٺو جيڪو کيس جانچي رھيو
ھو. بيرو ٻاھر اچڻ جو اشارو ڪري ڪمري مان نڪري ويو.
احمد علي ھن جي پٺيان ويو.
”صاب، ڇا خيال آھي؟“ بيري سرٻاٽ ڪيو.
”ٺيڪ آھي،“ احمد علي آھستي چيو.
”پوءِ صاب پيسا ڏيو. عورت جو ماڻھو ھيٺ بيٺو آھي.
ھن کي ڏيڻا آھن.“
احمد عليءَ سؤ جي نوٽ سان گڏ بيري کي پنج رپيا
خرچيءَ جا ڏنا. بيرو پيسا وٺي تڪڙو تڪڙو ھيٺ لھي ويو. احمد علي ڪمري ۾ موٽي
آيو.
ھن ڏٺو ته عورت اڃا ساڳئي ھنڌ بيٺي ھئي. ھن در ورائي اندران بولٽ چاڙھي ڇڏيو.
”بيٺي ڇو آھين؟“ احمد عليءَ جي آواز تي گم سم بيٺل
عورت ڇرڪي. ”ھيڏانهن اچي ويھ،“ احمد عليءَ پلنگ ڏانهن اشارو ڪيو. ھن ڪمري
جي بتي وسائي ڇڏي.
ھلڪي اوندھ ۾ عورت جي جسم جو ڳورو رنگ سون وانگر
جرڪي رھيو ھو. احمد عليءَ کي لڳو ڄڻ سندس پيرن
ھيٺان ٽانڊا اچي ويا ھئا. ھن پلنگ تي ٻئي ٺونٺيون
کوڙي پاڻ کي مٿڀرو ڪيو ۽ عورت جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.
عورت اکيون ٻوٽي ڇڏيو ھيون ۽ بلڪل ساڪت پلنگ تي
سڌي سڌي ليٽي پيئي ھئي. احمد عليءَ عورت جون
ڇاتيءَ تي رکيل ٻانهون ھٽايون ۽ ھن جي ڇاتيءَ ۾
منهن ھنيو. ھن کي ارھن مان کير جي بوءَ
آئي. شايد ھوءَ اڃا ھاڻي پنهنجي ٻار کي کير پياري
آئي ھئي. احمد عليءَ ڪچي ٿڃ جي بوءَ
سبب ھڪدم منهن ھٽائي ڇڏيو. ھن جو من ڪچو ڪچو ٿيڻ
لڳو. عورت کان پري ٿي ليٽي پيو. ڪجھ دير تائين ھن
نه ڪجھ ڳالھايو ۽ نه ھن جي جسم ۾ ڪا چرپر پيدا ٿي.
نيٺ بوريت مٽائڻ خاطر ھن عورت کان پڇيو، ”تنهنجو
نالو ڇا آھي؟“
”انار گل“ عورت ھٻڪندي وراڻيو.
”انار گل!“ احمد عليءَ ھن جي ارھن ۾ ڏسندي چيو،
”توکي ٻار گھڻا آھن؟“
عورت ارھن کي ٻانهن سان ڍڪي ڇڏيو.
”چار ٻار آھن،“ ھن چيو.
”سڀني کان ننڍڙو کير تي آھي ڇا؟“
”ھا آ.....“ عورت ھٻڪي.
”تنهنجو مڙس ڇا ڪندو آھي؟“ احمد عليءَ کي پنهنجو
سوال عجيب لڳو.
”مزوري.“
”مزوري چڱي ملندي آھي؟“
”نه بابو صاب، ڪڏھن ملي ته ڪڏھن نه.
سياري ۾ برف وسندي آھي ته پوءِ ڪو ڪم ڪو نه ملندو
آھي.“
”تنهنجو مڙس توکي ڪيئن ٿو ڇڏي ٻين وٽ؟“
”پيٽ، بابو صاب! بکئي پيٽ جي دوزخ کي ته ڀرڻو
آھي....“ عورت ڏک مان چيو.
احمد عليءَ کي ڳالھ ٻڌي سچي پچي ڏک ٿيو.
ھن چاھيو ته ٻھ ٽي لفظ ھمدرديءَ جا چئي، ڪا تسلي
ڏئي، پر ھو چوي ڇا؟ ۽ ان چوڻ سان ٿئي به ڇا ھا! ھن
عورت جي سري ھيٺيان ٻانهن ڏئي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾
آندو.
آبشار جو گڙگاٽ ڪري ھيٺ ڪرندڙ پاڻي نديءَ جي تيز
ڌارا سان گڏجي ويو ھو.
احمد عليءَ کي لڳو ته سندس پلنگ گجندڙ نديءَ جي
تيز وھڪري تي لڙھندو پئي ويو.
احمد عليءَ جي اک کلي ته اڃا ڀنڀرڪو ھو.
عورت وڃي چڪي ھئي. ھو ڪجھ دير تائين نديءَ جو آواز
ٻڌندو رھيو. آواز ۾ اھو جوش ۽ اھا تيزي ڪا نه ھئي. احمد عليءَ کي عجيب لڳو. ھو اٿي باٿ روم ۾ ويو.
موٽي ڪمري جو در کولي ٻاھر بالڪنيءَ ۾ اچي بيٺو.
سامھون صدين کان بلند ۽ رعبدار جبل ھو، جنهن تي
ھلڪي ڌنڌ پکڙيل ھئي. احمد عليءَ اونهو ساھ کنيو.
ٿڌي ننڊاکڙي ھوا سندس اندر کي سرور ڏئي ڇڏيو. ھن
ٻئي ٻانهون مٿي کڻي پنهنجي بت کي ڇڪي آرس ڀڳو.
تڏھن کيس انار گل ياد آئي – انار گل جنهن جو
خوبصورت جسم ھتي جي فطري حسن جو ھڪ حصو ھو. اوچتو
ھن جي
ذھن ۾ ھڪ خيال آيو ته ھن فطرت سان زنا ڪئي ھئي. ھن فطرت کي سؤ
روپين ۾ خريد ڪري ان جي سونهن کي لٽيو ھو. احمد
عليءَ جو سڄو وجود ڌڏي ويو. ھن جون نظرون سامھون
پر
ھيبت جبل تان ٿينديون ھيٺ نديءَ تي آيون. ھن کي پنهنجي خسيسپڻي
جو شديد احساس ٿيو.
سوات جي خوبصورت وادي جنهن جي ھاڪ
پري پري تائين ھئي، اتي ايتري بک ھوندي ان جو خيال
ٻاھران ايندڙ ماڻھن کي ڪو نه ايندو. اھي ته
خوبصورتي کي رڳو ڏسڻ ۽ ماڻڻ ايندا آھن. پر ان فطري
سونهن سان ھتي جي ماڻھن جو پيٽ ڀرجي نٿي سگھيو.
احمد عليءَ کي فطرت جي حسن ۾ بک جو احساس ٿيو. ھن
جي من ۾ اٻڙڪو آيو،
کيس پنهنجو پاڻ کان ڪرڀ محسوس ٿي. ھو
هتي
فطرت جو حسن پسڻ آيو ھو، اتي جي مجبور سونهن کي
ماڻڻ ۽ لٽڻ ڪو نه آيو ھو. پر اھو سڀ ڇو ھو؟ حسن
ايترو ويچارو، ايترو ڏکيو ۽ بکيو ڇو ھو؟ ماڻھو جيڪي فطري سونهن جو حصو آھن تن
جي جسم ۽ جوڀن جو واڪ ڪاغذ جا ڪجھ نوٽ آھن؟
احمد عليءَ کي ڀنواٽيون اچڻ لڳيون. ھن چاھيو اتان
ڀڄي نڪري. ھو موٽي ڪمري ۾ ويو. جلدي جلدي سامان
بئگ ۾ بند ڪري ھيٺ لھي ويو. صبح جي پھرين ويگن
واپس وڃڻ لاءِ تيار بيٺي ھئي. احمد علي ويگن ۾ وڃي
ويٺو.
ھن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ھن ڪجھ به ڏسڻ نٿي چاھيو.
مئل ويساھ
اسپتال جي اڳيان پکڙيل ويڪري لان تي ڪيترائي ماڻھو
ويٺا ھئا. مريضن جا مٽ مائٽ عورتون ۽ مرد،
انهن سان گڏ آيل ٻار ۽ ڪجھ مريض پڻ جيڪي گھمڻ ڦرڻ
جھڙا ھئا ۽ تازي ھوا کائڻ لاءِ ٻاھر نڪتا ھئا. شام
اچي لڙي ھئي. ڇٻر جو رنگ وڌيڪ گھاٽو ٿي ويو ھو.
لان جي چوڌاري رنگا رنگ گل ھلڪي ھلڪي ھوا تي لڏي
رھيا ھئا. الياس گلن کي ۽ ٻارن کي خالي نظرن سان
ڏسي رھيو ھو. ھن جو ذھن پروين ڏانهن ھو جيڪا جنرل
وارڊ جي ھڪ بستري تي مرڻينگ حالت ۾ پئي ھئي. الياس
کي لڳو ته ھو آھستي آھستي تباھي طرف وڌي رھيو ھو –
يا تباھي ھن طرف وڌي رھي ھئي! جيڪڏھن ..... جيڪڏھن
..... اوچتو ھڪ ٻار
ڍوڙندي
ڍوڙندي
منهن ڀر وڃي ڪريو. الياس ڇرڪي اٿي بيٺو ۽ ٻار کي
کڻڻ لاءِ
وڌيو،
پر تيستائين ٻار جي ماءُ لوھ پائي ٻار کي کڻي
ورتو. الياس ويھي رھيو. ”ٻارن کي گلن جھڙا ڇو ٿو
سڏيو وڃي؟“ ھن پاڻ کان پڇيو. شايد ان ڪري جو گل
ڪجھ وقت لاءِ تازه رھندا آھن ۽ جڏھن وڏا ٿيندا آھن
ته منجھن نه خوشي رھندي آھي ۽ نه بي پرواھي.
الياس کي پنهنجا ٻار ياد آيا.
ھن کي لڳو ته سندس ٻار وقت کان اڳ وڏا ٿي ويا ھئا.
ھنن کي ھر ڳالھ تي ھيسايو ٿي ويو، ھر شيءِ لاءِ
سڪايو ٿي ويو ”.....۽ آءٌ ته ڪڏھن ٻار ئي ڪونه
ھوس. مون کي ياد نه ٿو اچي ته مون ڪڏھن ٻاراڻو
انگل ڪيو ھجي!“
ھن پاڻ به ته سڄي حياتي سڪندي گذاري ھئي، پر ھن
چاھيو ھو ته سندس ٻار ٻار ئي رھن ۽ سندن ضرورتون
اڻپوريون نه رھن.
”ٿي سگھي ٿو ته بابا به منهنجي لاءِ ائين چاھيو
ھجي! ھرڪو مائٽ ائين چاھيندو آھي ۽ پنهنجي سڄي
زندگي، پنهنجون سموريون خوشيون اولاد کي ڏيڻ
چاھيندو آھي، پر ٿئي ڇا ٿو؟ ھن جي زندگي گھاڻي ۾
پيڙجيو وڃي ۽ خوشيون ھن وٽ ئي ڪونهن ته اولاد کي
ڇا ڏيندو؟ اھا سڀ ٺڳي آھي. ھو ڄاڻي ٿو ته وٽس
پنهنجي اولاد جي لاءِ نه ڪا خوشي آھي ۽ نه سک آھي.
اصل ۾ ھن وٽ جيڪي ڏک ۽ تڪليفون آھن تنهن ۾ پنهنجي
اولاد کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ٿو چاھي
”۽
اسان جھڙن ماڻھن کي اولاد کپي ئي ان لاءِ.....“
ھن لان تي ڊوڙندڙ کيڏندڙ ٻارن ڏانهن ڏٺو.”جيڪڏھن
ڪو مائٽ پنهنجي اولاد کي خوشيون ۽ سک نه ٿو ڏئي
سگھي ته ھن کي اولاد پيدا ڪرڻ جو ڪو حق نه ھئن
کپي. اھو ظلم آھي،
ان کي روڪڻ کپي.“ ھن کي محسوس ٿيو ته اھا ڳالھ ھو
پنهنجو پاڻ کي چئي رھيو ھو. ”پھرين ته مون پنهنجن
ٻارن تي جيڪو ظلم ڪيو آھي، مون کي ان جي سزا ملڻ
کپي،
پر مون کي ته اڳي ئي ان جي سزا ملي رھي آھي.
جيڪڏھن ...... پروين نٿي بچي ..... اوھ منهنجا
خدا! پوءِ؟ ننڍڙن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ ھنن کي ڪير
سنڀاليندو؟ نه نه،
آءٌ ھنن کي سورن ۽ تڪليفن ۾ ڏسي نه سگھندس.“ ھن کي
لڳو ته ھو تباھي جي ڪناري تي بيٺو ھو. ھو گھٻرائجي
اٿي بيٺو ۽ ھلڻ لڳو. ھن جو رخ جنرل وارڊ طرف ھو.
ڊاڪٽرن ھن کي ٻڌايو ھو ته پروين جي بچڻ جو آسرو
گھٽ آھي. الياس ھلندي ھلندي بيھي رھيو. ”پر آءٌ
وڃان ڇو پيو؟ اڃا ھاڻي ته پروين وٽان اٿي آيو
آھيان، وري يڪدم ...... مون ڪجھ دير مريضن جي ڪنجھڻ ۽ دوائن جي بوءَ
کان پري رھي، ٻاھر کلي ھوا ۾ ساھ کڻڻ ٿي چاھيو ۽
وري موٽي وڃان اتي!“ ھو لان تي اچي ويھي رھيو.
ايترا ڏينهن ھو اسپتال ۾ رھي پاڻ کي مريض محسوس
ڪرڻ لڳو ھو. ھن کي ياد آيو ته کيس سڀاڻي دوائن
لاءِ پيسا کپن. ھن وٽ ايترا پيسا ڪو نه ھئا ۽ ڪو
اھڙو ماڻھو به نٿي سجھيو جنهن کان قرض وٺي.
قرض
ھن جيڪو ورتو ھو سو به اڃا واپس نه ڪري سگھيو ھو.
اھڙو ڪير ھو جيڪو قرض مٿان قرض ڏيندو رھي.
جن دوستن کي ڊپ ھو ته الياس کانئن قرض وٺندو تن
ساڻس ملڻ ئي
ڇڏي ڏنو ھو ۽ جن کان ھن قرض ورتو ھو، اھي به ان
ڪري ساڻس ملڻ کان نٽائي ٿي ويا ته ڪٿي ھو وڌيڪ قرض نه گھري.
”پروين جي بيماري ڪيتري اينگھجي پيئي آھي!
هن جي بيماريءَ جي پٺيان سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو. گذر ڪيئن ٿي سگھندو
..... پروين کي مرڻو ئي آھي ته پوءِ ھيءَ دير
......“ھن يڪدم پاڻ کي روڪي ورتو.”آءٌ
الائي ڇا ڇا پيو سوچيان. پروين کان سواءِ منهنجو
گھر رلي ويندو. آخر پڄاڻي ڪٿي ٿيندي؟ انت ڪٿي آھي،
يا خدا!
انت ڪٿي
آهي؟“
ھن جي دل ۾ آيو ته ھٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري
روئي. ھن پنهنجي ھٿن کي ڏٺو. سڪل ھٿ ۽ ھڏايون
آڱريون، ڄڻ ڪنهن مردي جا ھٿ ھئا. ھٿ جون تريون ڪاٺ وانگر سخت ھيون،
ماس ته ھو ئي ڪو نه. ھٿن جي پويان وڏيون نيريون
نسون اڀريل ھيون.
”اھي ھٿ منهنجا آھن؟“ ھن کي ان ڳالھ جو احساس
پھريون ڀيرو ٿيو ھو. ”منهنجا ھٿ اھڙا ته نه
ھئا....“ ھن کي اعتبار نٿي آيو. ”مون سان اھو سڀ
ڇو ٿيو؟ ڪجھ ٻيو نٿي ٿي سگھيو؟ جيڪڏھن ائين نه ٿئي
ھا ته دنيا کي ڪھڙو نقصان پھچي ھا.
پر جي مون کي ئي ڏک ۽ عذاب سھڻا ھئا ته منهنجن
ٻارن ڪھڙو ڏوھ ڪيو. مون کي مليل سزا اھي مون سان
گڏ ڇو ڀوڳين؟ ھا، انهن کي به مون سان گڏ اھي دک ۽
تڪليفون سھڻيون آھن، جيستائين ھو ان لائق ٿين ته
پنهنجي قسمت کي منهنجي قسمت کان ڇني ڌار ڪن. پر
جيڪڏھن منهنجن ٻارن کي منهنجا ڏک ۽ سور ورثي ۾
مليا ته.....“ ھو ڊڄي ويو.
پروين ھن کي چيو ھو، ”اسين ڪھڙا نه بدنصيب مائٽ
آھيون جو پنهنجي اولاد جو معمولي انگل به پورو نٿا
ڪري سگھون.“ تڏھن ھن کيس جواب ڏنو ھو، ”رڳا اسين
ڪو نه آھيون، اسان جھڙا ٻيا به گھڻا آھن. گھڻا آھن
ئي اسان جھڙا. اھڙا ماڻھو ته ٿورا آھن جن جا ٻار
ڪڏھن ڪنھن
شيءِ لاءِ نه سڪندا ھجن.“ پروين ھن ڏانهن عجب مان
ڏٺو ھو.
کيس الياس جي ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي ھئي، يا ھن کي
ڪاوڙ لڳي ھئي ته الياس سندس ڳالھ کي وزن ئي ڪو نه
ڏنو. الياس سوچيو ھو ته ھاڻي ھوءَ اھو ئي سمجھندي
ته ھن کي پنهنجن ٻارن جو ڪو خيال ڪونهي.
”ھر ماءُ ائين سمجھندي آھي. منهنجي ماءُ به بابا کي ھميشه ائين چوندي ھئي ته توکي ٻارن جي
ڪابه ڳڻتي ڪانهي، ڪو فڪر ئي ڪونهي
– ڄڻ ته جيڪڏھن بابا چاھي ھا ته سڀ مصيبتون ختم ٿي
وڃن ھا ۽
اسين
سکيا ٿي وڃون
ھا؟ الياس کي عجب لڳو ته جڏھن ھو ٻار ھو ۽ تڏھن
پاڻ به پنهنجي پيءُ لاءِ ائين سمجھندو ھو.
اسڪول ۾ ڪتاب يا ڪاپي نه ھئڻ تي، في نه ڏئي سگھڻ تي ماستر ماريندو ھو، يا ھو ڪا شيءِ وٺڻ
چاھيندو ھو پر وٺي نه سگھندو ھو ته پنهنجي پيءُ
کان
ڪري
سمجھندو ھو.
اوچتو ھن کي خيال آيو ته ڪٿي سندس ٻار به ائين ته
ڪو نه سمجھندا ھوندا؟ ھن کي ياد آيو ته جڏھن به
ٻارن جي ڪا فرمائش پوري نه ڪري سگھندو ھو ته ٻار
کيس ائين ڏسندا ھئا ڄڻ ھو ڄاڻي واڻي اھا شئي نٿو
وٺي ڏي. جيڪڏھن چاھي ته وٺي سگھي ٿو. ھو ٻارن کي
ڪيترو به چوندو ھو ته بابا پاڻ غريب آھيون،
پاڻ ۾ ان شيءِ وٺڻ جي پڄت ڪانهي، پر ٻارن کي
اعتبار ڪو نه ايندو ھو.
”پنهنجن ٻارن جي نظرن ۾ آءٌ ڪوڙو ۽ ڪنجوس
آھيان.... پروين سمجھي ٿي ته مون کي ٻارن جو خيال
ڪونهي،
آءٌ ھنن جي لاءِ ڪجھ نٿو ڪريان. ٻار سمجھن ٿا ته
آءٌ پڪائي ٿو ڪريان.....“ ھن جو ھانءُ ٻڏڻ لڳو،
دل ۾ آيس ته ڇٻر تي ليٽي پئي، پر ھو ويٺو رھيو
جيئن ھن ۾ چرڻ پرڻ جي سگھ نه رھي ھجي. ھو ٻاھران
جيترو ئي خاموش ۽ پٿر بڻيو بيٺو ھو اوترو ئي اندر
ڳري ڀري رھيو ھو. ھن جي ذھن ۾ اٿندڙ سوچ جون ويرون
ھڪ ھنڌ بيھي ڄمي ويون. ھن کي محسوس ٿيو ته سندس
پيشانيءَ جون نسون
ڇڪجي
سور وچان
ڦاٽي رھيون ھيون. ھن کي اتي ويٺي ڳچ دير ٿي وئي
ھئي. ”پروين کي ايترو وقت اڪيلو ڇڏڻ ٺيڪ ناھي.
ھينئر پروين وٽان ٿي گھر ويندس ۽ پروين جي ماءُ کي
اسپتال موڪليندس. ٻارن کي به وڃي ڪو دلاسو ڏيان.“
ھو تريءَ جي زور تي اٿي بيٺو ۽ آھستي ھلڻ لڳو.
جنرل وارڊ جي وڏي ويڪري ھال ۾ بلب ٻري چڪا ھئا.
جھڪي زرد روشنيءَ ۾ پروين جي منهن جي پيلاڻ تهائين
وڌي وئي ھئي.
ھن جون اکيون ٻوٽيل ھيون.
الياس پلنگ جي پاسي ۾ بيھي ھن کي ڪجھ دير تائين
ڏسندو رھيو. ھوءَ ھڏن جو پڃرو ٿي رھجي وئي ھئي.
گوشت جھڙي ڪا شيءِ ھن جي جسم تي ھئي ڪانه.
پروين اکيون کولي ھن طرف ڏٺو.
ھن شايد پنهنجي پاسي ۾ الياس جو اچي بيھڻ محسوس
ڪري ورتو ھو.
”تون ڪيڏانهن ھليو ويو ھئين؟“ پروين شڪايتي لھجي ۾
ھن کان پڇيو.
”ڇو،
آئون ته اتي ئي ھوس،“
الياس کي ھن جو سوال عجيب لڳو.
”نرس به الاجي ڪيڏانهن وئي آھي،
اڃ سان مران ٿي.“
الياس پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو ۽ پروين کي ڪنڌ جي
پويان ٻانهن ڏئي اٿاريائينس.
پروين پاڻيءَ جا ٻھ ٽي ڍڪ ڀريا ۽ گلاس موٽائي
ڏنائين.
”بس، اڃ ايتري ۽ ٺلھي گھوڙا گھوڙا.
ھن جي مرضي اھا آھي ته آءٌ سڄو ڏينهن وٽس ٻڌو ويٺو
ھجان....“ ھن چڙ وچان سوچيو.
”اڄ شام جو ٻار به ڪو نه آيا.
جيسين جيئري آھيان تيسين ته انهن کي ڏسي اکيون
ٺاريان.“ پروين پاڻ سان ڳالھائيندي چپ ٿي وئي.
الياس سمجھي ويو ته اھا ڳالھ کيس ٻڌائڻ جي لاءِ
ڪئي ھئائين.
”آءٌ اڪيلو ڄڻو ڇا ڇا ڪريان! آفيس وڃان، اسپتال
وڃان ۽ روز روز ٻارن کي به وٺي اچان ..... آخر ڪٿي
پڄان!“
ھن کي محسوس ٿيو ته سندس آواز ۾ بيزاري ۽ چڙ ھئي.
”ھاڻي ته خدا کڻي پنهنجو ڪري. ھن حال ۾ ته ھرڪو ڪڪ
ٿيو پوي.....“ پروين اڃا به ڪجھ چوڻ چاھيو ٿي، پر
ھن جو آواز گھٽجي ويو.
”تون
ھروڀرو اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿي سوچين؟ ڪڪ ڪير ٿيو
آھي!“ ھن پروين کي تسلي ڏني، پر ھن کي اھو سڀ
اجايو لڳو - ۽ ھن جي آواز ۾ به
ته تسليءَ واري ڳالھ ڪا نه ھئي. ھن کي حيرت لڳي ته کيس اھو
اوچتو ڇا ٿي ويو ھو!
”بدنصيب عورت! مون ھن کي ڪڏھن به پيار نه ڏنو. مون ھن کي ھميشه پنهنجي گلي جو پٿر سمجھيو. پنهنجن سمورين
مصيبتن جو ڪارڻ سمجھيو.
آءٌ اھو ئي سمجھندو رھيس ته جيڪڏھن ھوءَ منهنجي
گلي نه پئي ھا ته جند ڇٽي پئي ھجي ھا.“
الياس جي دل ۾ پروين جي لاءِ ھمدرديءَ جي وير اڀري
آئي. ھن چاھيو ته پروين کي آٿت ڏئي.
”تون دل نه لاھ،
پروين، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽر چيو ٿي ته ھاڻي
ٿورن ڏينهن ۾
توکي
گھر وڃڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيندو.“
پروين ھن ڏانهن ڏٺو. سندس مک تي مايوسيءَ ۽
لاچاريءَ جو ڇانيل جھڙ وڌيڪ گھاٽو ٿي ويو - ۽ ھن
جي نظرن ۾ ويساه مئل ھو.
الياس کي پنهنجا لفظ کوکلا لڳا، جن جي ڪا معنيٰ نه
ھئي، ڪا اھميت نه ھئي.
”آءٌ اچان ٿو،“ ھو تڪڙو ٻاھر نڪري ويو.
اسپتال جو ڊگھو ڪاريڊور ويران ھو. ڪاريڊور ۾ جھڪا
بلب ٻري رھيا ھئا، جن جي جھيڻي روشنيءَ ويران
ماحول ۾ وڌيڪ اداسي ڀري ڇڏي ھئي. الياس ھڪ دريءَ
جي اڳيان بيھي رھيو. ٻاھر اڻ ڳڻيا بلب چمڪي رھيا
ھئا. اوچتو ھن کان سڏڪو نڪري ويو ۽ ھو آھستي آھستي
روئڻ لڳو. پر ھن کي اھا خبر ڪا نه ھئي ته ھو ڇو
روئي رھيو ھو – پروين لاءِ، ٻارن لاءِ يا پنهنجو
پاڻ لاءِ؟
شھر ۽ سپنا
ايلفي ۽ بوري بازار جي گھٽين ۾ چڪر ھڻندي ھن جون
ٽنگون ساڻيون ٿي پيون ھيون ۽ پير سور ڪرڻ لڳا ھئا.
ھو نار جي ڍڳي وانگر ڦري ڦري وري ساڳئي ھنڌ ٿي
پھتو. ھن کي رلندي ڳچ دير ٿي وئي ھئي، پر ھن ڪٿي
ويھڻ نٿي چاھيو. ويھڻ سان ھن جي اندر ۾ آنڌ ماند
سامونڊي ڪن وانگر اڀامڻ ٿي لڳي. ھو ڄڻ سمنڊ جي
پاتار ۾ پيھي ويو ھو. ھن جي حالت اڃا تائين ٻڏل
ماڻھوءَ جھڙي ھئي. ھن چاھيو ٿي ته ايترو رلي جو
ساڻو ٿي ھوش حواس وڃائي ڪٿي ڪري پئي. ڍرائي سبب
ماڻھو ھن کي اڳتي ڌڪي رھيا ھئا، پر ھن کي ان ڳالھ
جو خيال ڪو نه ھو. ھن جي اڳيان عورتون آسماني
مخلوق وانگر ڳاٽ اوچا ڪري پئي ھليون. اڳي يونس کي
ڪاوڙ لڳندي ھئي ته اسين ڄڻ زمين جا خسيس ڪيڙا
آھيون ھنن جي اڳيان، جو اسان ڏانهن ھڪ ڀيرو اک کڻي
به ڪو نه ٿيون نهارين. پر اڄ ھن کي ڪنهن مھانڊي ۾
اھڙي مڻيا نظر ڪا نه آئي ھئي جيڪا من کي ڇڪي وٺي.
ھن ھڪ ڀيرو نظر وجھي منهن ڦيري ڇڏيو. سڀ اجايو ھو.
ھن کي پاڻ تي ڪاوڙ اچي وئي ۽ ھو ايلفي مان نڪري
وڪٽوريا روڊ طرف مڙي ويو. ھو ھاڻي بيزار ٿي پيو
ھو، ھن کي خبر ھئي ته ھو جنهن شيءِ کان ڀڄي رھيو
ھو تنهن کان ڀڄڻ جي ڪوشش اجائي ھئي، ان جا چنبا ھن
جي ھانءَ ۾ کتائي کتا پيا ھئا. فٽ پاٿ تان ايندڙ
ويندڙ مني اسڪرٽ پھريل پرڏيھي ۽ ديسي ڪرسچن عورتن
جي ڀورين، کير جھڙين اڇين، سانورين ٽنگن ۽ داغن
سان ڀريل گوڏن جي ڍڪڻين کي ڏسي ھن جي ذھن ۾ بڇان
جا اٻڙڪا اٿڻ لڳا. يونس کي لڳو ته ھن جي اندر ۾
جنسي ڇڪ واري شيءِ مري وئي ھئي. ھو چوواٽو ٽپي
ھولي ٽرنٽي چرچ جي اڳيان اچي بيٺو. چرچ جي ديوار
جي ٻاھران فوٽ پاٿ تي ڪاٺ جون بينچون رکيل ھيون.
ڪجھ ڪرسچن ۽ پارسي پوڙھا شام گذارڻ جي لاءِ بينچن
تي اچي ويٺا ھئا. فقط ھڪ ڀڳل بينچ خالي ھئي. ھو ان
تي ويھي رھيو. سامھون وڏي ويڪري چوواٽي جي وچ تي
ڦوھارو ھو. يونس چئني طرفن کان ايندڙ لڳاتار ۽ اڻ
کٽ ٽرئفڪ کي ڏسندو رھيو. نيون سھڻيون ڪارون ۽ انهن
۾ ويٺل خوشحال ماڻھو – جن کي نه ڪا ڳڻتي ھئي ۽ نه
خيال ھو. ھن پاڻ طرف ڏٺو. چئني طرفن کان ايندڙ
بيپناھ ٽرئفڪ جيترو غم ھو جيڪو ھن جي دل کي
چيڀاٽيندو گذرندو ٿي ويو. |