ڪمال خط کيسي مان ڪڍيو ۽ بيٺي بيٺي ان کي وري
پڙهيو. هو اهو خط ٽي ڀيرا اڳ به پڙهي چڪو هو. پڻس
لکيو هو: ”ماڻهو اولاد ڄڻيندا آهن ته ان کي پڙهائي
لکائي، پنهنجن پيرن تي بيهاري، اميد رکندا آهن ته
هو کين ڏکئي وقت ۾ سهارو ڏيندو. اسان تو لاءِ ڇا
نه ڪيو؟ پنهنجي غريباڻي حال سارو تو کي پالي
پڙهائي ايڏو سارو ڪيو. پر اسان کي خبر ڪا نه هئي
ته تون اهڙو نالائق ثابت ٿيندين جو پنهنجي پوڙهي
ماءُ ۽ پيءُ، پنهنجن ننڍين ڀينرن ۽ ڀائرن جي سار
سنڀال نه لهندين. ڇا تو کي ذرو به احساس ڪونهي ته
اسين ڪيتري تنگدستيءَ ۾ آهيون. اسان کي کڻي ڇڏ،
اسان تو لاءِ ڪجهه ڪونه ڪيو، اسين اچي مرڻ ڪنڌيءَ
تي بيٺا آهيون. اسان کان پوءِ انهن معصوم نياڻين
جو ڪهڙو سهارو آهي؟ تون ته ننڍي هوندي کان
لاپرواهه آهين. نه ماءُ پيءُ جو خيال ۽ نه ڀينرن
جي چنتا. هتي تنهنجي چري ماءُ تنهنجي شاديءَ جا
سانباها پئي ڪري. ڇوڪريءَ وارا هاڻي تڪڙ پيا ڪن.
مون وٽ ته پيسو ڪونهي جو شاديءَ جو خرچ ڀري سگهان.
اهو سڀ تو کي ڪرڻو آهي. هاڻي ته سستي ۽ ڪاهلي ڇڏ.
زندگيءَ ۾ ڪجهه سنجيدو ٿي، ڪجهه احساس ڌار، ڪجهه
ڪر. ان کان وڌيڪ آءٌ تو کي ڇا چوان.....“
ڪمال خط ويڙهي کيسي ۾ وڌو. هن روڊ ڪراس ڪرڻ چاهيو،
پر ٽريفڪ جو تيز وهڪرو ڏسي هو ترسيو جيستائين ريڊ
سگنل اچي. هنن کي خيال آيو ته هو سڄي عمر منتظر
رهيو ته کيس ڪٿان ڪو گرين سگنل ملندو، ڪو اشارو
ملندو ۽ هو به دنيا سان گڏ اڳتي وڌندو. پنهنجن
مسئلن جي ڌٻڻ مان، پنهنجن ڪامپليڪس جي گهيرن مان
ٻاهر نڪرندو.
’ايتري ساري زندگي گذري ويئي پر مون کي ڪٿان به ڪو
گرين سگنل نه مليو اڳتي وڌڻ لاءِ. گرين سگنل
هميشه ٻين جي لاءِ هوندو آهي. ٻيا اڳتي وڌي ويندا
آهن ۽ جڏهن منهنجو وارو ايندو آهي ته ريڊ سگنل
روشن ٿي ويندو آهي. وقت ڪيترو اڳتي وڌي ويو آهي ۽
آءٌ پوئتي ڌڪجندو وڃان. موجوده وقت ۾ اڻ ٺهڪندڙ.
صفا
Misfit.‘
ڪمال کي ڪراچيءَ جي جنهن آفيس ۾ نوڪري ملي هئي
تنهن ۾ هن پاڻ کي اڃا تائين نه ٺهڪايو هو. ڪراچيءَ
جا ماڻهو ڳالهائڻ جا، ڪم ڪرڻ ۽ هلڻ جا تيز. هڪڙي
هنڌان اٿي ٻئي هنڌ ائين تيز ويندا ڄڻ ڪا ايمرجنسي
هجي ۽ موٽندي به ايترو ئي تيز ايندا پوءِ ڀلي
پنهنجي ٽيبل تي ويهڻ کان پوءِ ڪو ڪم نه هجين. ڪمال
جو آفيسر مسٽر نظامي ٻاهران ائين تيز تيز ايندو هو
جو ساهه به ڪرسيءَ تي ويهي کڻندو هو. اهو مسٽر
نظامي ڪمال کي سست ڪري سڏيندو هو:
”ڪراچيءَ جهڙي تيز شهر ۾ ائين مئل قدمن سان هلندين
ته پوئتي رهجي ويندين. ۽ ٻيا سڀ تو کان اڳتي نڪري
ويندا....“
پر ڪمال پنهنجي گهران جيڪي مئل قدم کڻي نڪتو هو سي
ڪراچيءَ ۾ به اهڙائي رهيا.
’ڇو؟ آئون ٻين جهڙو نٿو ٿي سگهان!‘هن پاڻ کان
پڇيو.
’آئون ٻين جهڙو تيز ۽ چالاڪ ڪونه آهيان.... هلڻ ۾
سست..... ڳالهائڻ اَچي ڪونه.....‘
”تون ماڻهن سان گڏ رهيو آهين يا جهنگلي جانورن سان
گڏ؟“
اُها ڪرسٽائن هئي جنهن کانئس پڇيو هو. ڪاري هجڻ جي
حد تائين سانوري، مسٽر نظامي جي اسٽينو. ڪمال
ڊسپيچ ڪلرڪ هو، ان ڪري ٻنهي جو هڪ ٻئي سان واسطو
هو. پر ڪمال ڪوشش ڪئي ته سندس واسطو گهٽ پوي.
ڪرسٽائن جو واسطو ڪجهه زياده ئي هو.
”تنهنجي لاءِ ته آءٌ جهنگ مان پڪڙجي آيل هڪ جانور
ئي آهيان، اوهان جهڙن شهري ماڻهن جي وندر جو
وسيلو.“
”او نو..... تون ته چڙي به جلدي ٿو پئين. منهنجو
مطلب اهو ڪونه هو. تون دنيا ۾ ڪجهه سک.
Taboos
۽
Complexes
مان ٻاهر نڪر. نه ته هيءَ دنيا تو کي لتاڙي پوئتي
ڇڏي ويندي.“ ۽ ڪرسٽائين پاڻ ئي اڳتي وڌي هن ڏانهن
آئي هئي. ڪمال ته پنهنجي ليکي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي
ته ڪرسٽائن کان فاصلو رکي. هوءَ جيڪڏهن خوبصورت
ڪانه هئي، ته وڻندڙ ضرور هئي. صحتمند ۽ ٺيڪ ٺاڪ.
پرڻيل هئي ۽ هڪ ٻار جي ماءُ پڻ هئي. پر ڏسڻ ۾ اڃا
ڇوڪري ٿي لڳي. شروع شروع ۾ ڪمال هن سان ڳالهائيندي
ڊڄندو هو. اول اول ڪرسٽائن ئي هن سان فري ٿي هئي ۽
هن کي ڇڪي پنهنجي ويجهو آندو هو.
”تون هر ڳالهه ۾ سست آهين، سواءِ هڪڙي ڳالهه
جي...“
”شڪر، ڪنهن ته ڳالهه ۾ تيز آهيان! ڪهڙي آهي اها؟“
”تون اچين تڪڙو ٿو.“
ڪرسٽائن ٽهڪ ڏنو هو. ڪمال به هن سان گڏ کليو، پر
جلدي گنڀير ٿي ويو. هو پريشان ٿي پيو هو.
”هاڻي وري ڇا پيو سوچين؟“
”ڪجهه نه.“
”ائين ته آءٌ تو کي سڃاڻان ٿي. سواءِ سوچڻ جي ٻيو
تو کي اچي ڇا ٿو! ٺهيو. ٻڌاءِ، ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”اهو ئي تڪڙي اچڻ تي پيو سوچيان.“
”يوُ اسٽوپڊ! اها به ڪا سوچڻ جي ڳالهه آهي. مون ته
مذاق ۾ چيو. اهو ته نيچرل آهي تو جهڙي ماڻهوءَ جي
لاءِ. جڏهن ڪو
Excited
گهڻو هوندو آهي نه، ته جلدي اچي ويندو آهي. تون
پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندين. ان تي گهڻو سوچيندين ته سڄو
معاملو گڙٻڙ ٿي ويندو. پر مون کي تنهنجو جلدي اچڻ
به وڻي ٿو. تون ڪجهه به نه سوچ ان بابت.“
ڪرسٽائن هن کي زور سان ڀاڪر پائي هڪ ڊگهي ڪس ڪئي
هئي.
بندر روڊ تي تيز ٽريفڪ سان گڏ هن جون نظرون به
ڍوڙنديون ويون. ايتري ساري وڏي دنيا ۾ هڪڙي
ڪرسٽائن هئي جنهن مان هن کي پنهنجائپ ملي هئي،
جيڪا هن جي وجود جي اونڌاهي غار اندر گهڙي آئي هئي
۽ اتان ڄارا صاف ڪيا هئا. کيس ماڻهو بنايو هو ته
ڪرسٽائن.
”تو مون کي جهنگلي جانور مان پالتو جانور بنائي
ڇڏيو آهي.“
”بيوقوف آهين تون. پالتو جانورن جي ڳچيءَ ۾ ته پٽو
هوندو آهي.“
”اهو پٽو تون آهين“
”نه تون پالتو جانور آهين ۽ نه آءٌ تنهنجي گلي ۾
پيل پٽو. اونڌيون ڳالهيون نه سوچيندو ڪر. ماڻهو
هميشه سٺيون ڳالهيون سوچي. تون ماڻهو آهين، ٻين
ماڻهن وانگر عام ماڻهو... آئيندي ڪڏهن ڪا اونڌي
اُبتي ڳالهه متان سوچين.“
ڪمال سوچيو،’پر جنهن ماڻهوءَ جي شخصيت ئي اونڌي
هجي، اهو اونڌيون اُبتيون ڳالهيون نه سوچيندو ته
ٻيو ڇا ڪندو. آءٌ ڪيتري ڪوشش ڪرڻ جي باوجود پاڻ کي
دنيا سان ٺهڪائي نه سگهيو آهيان. هر هنڌ، هر ڪنهن
سان، هر ڳالهه ۾
Misfit.....‘
هن جون نظرون آسپاس ۽ روڊ جي ٻئي طرف وارن دڪانن،
شين، ماڻهن ۽ گاڏين تان ڦرنديون سگنل تي اچي ڄمي
ويون ٿي- ڄڻ کيس انتظار هجي ته هن کي ڪڏهن اشارو
ملندو اتان هلڻ جو. ان اشاري جي انتظار ۾ سڄي
زندگي گذري وئي ۽ هن زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه ڪيو. نه
پنهنجي لاءِ، نه ٻين جي لاءِ.
’ماڻهو ڏسندا اهو آهن ته هن ٻين جي لاءِ ڇا ڪيو
آهي!
’مون ته ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. نه پنهنجي
گهر وارن جي لاءِ، نه ڪرسٽائن جي لاءِ.....‘
اها ڪرسٽائن هئي جنهن هن جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. پر
هو ڪرسٽائن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو هو. اها
ڳالهه ڇيت بنجي هن جي ذهن ۾ چڀي رهي هئي. هن کي
لڳو ته هو هيٺ ڪري پيو هو. گهڻو گهڻو هيٺ، جتان
نڪرڻ جي لاءِ ڪو حيلو وسيلو ڪونه هو.
”تون شروع کان اهڙو بيحس آهين يا هاڻي ٿيو آهين؟“
ڪرسٽائن پڇيو هو هن کان. ۽ هن سوچيو هو ته ڇا هو
اندر به ايترو ئي بيحس آهي جيترو ٻاهران لڳي ٿو!
جيڪڏهن سچي به هو ايترو بيحس هو، جيڪو هن ڪڏهن پاڻ
کي نه سمجهيو هو، ته ان بيحسيءَ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟
”مون ته هميشه ائين پئي سمجهيو آهي ته آءٌ حد کان
وڌيڪ حساس آهيان. معمولي ڳالهه به مون تي وڏو اثر
ڪندي آهي ۽ ذهن ۾ چنبڙي پوندي آهي.“
”ها، تون حساس ته آهين، پر رڳو پنهنجي لاءِ،
پنهنجي ذات جي حد تائين. ٻئي ڪنهن کي ڪا تڪليف
آهي، ڪو مسئلو آهي، ان جو احساس تو کي ڪٿي ٿيندو
آهي! جيستائين ٻئي جي جذبات جو واسطو آهي ته
تنهنجو حساس پڻو ڪيڏانهن گم ٿيو وڃي؟“
ڪمال کي لڳو: لائيٽ هائوس جي سامهون گذرندڙ سموري
ٽريفڪ هن جي مٿان چڙهندي پئي آئي. هن جي سيني اندر
ڪا شيءَ مروٽجي رهي هئي. ڪمال ڇاتيءَ تي هٿ رکيو ۽
ڊگهي ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ريڊ سگنل سبب
سموري ٽريفڪ بيهجي وئي. سگنل جي ڳاڙهي بتي ڪمال جي
اکين ۾ نچڻ لڳي. هن کي ڊپ لڳو ته چڪرائجي فوٽ پاٿ
تي نه ڪري پوي. هن سيني کي زور سان دٻايو ۽ گهڙي
کن جي لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون.
هن پاڻ کي چيو: تون اهو شخص آهين جنهن ڪڏهن به
ڪنهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ڪجهه ڪرڻ ته پري رهيو
تو ڪڏهن ڪنهن جي لاءِ سوچيو به ڪونه. ڪو اهڙو
ماڻهو آهي جيڪو تو مان مطمئن هجي! تو هميشه ٻين ۾
اميدون رکيون ته اهي تنهنجو خيال ڪن، تو لاءِ ڪجهه
ڪن...... تنهنجي جيئڻ جو ڪارڻ بنجن، پر تو انهن
جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ لعنت آهي توتي- تنهنجي جيئڻ
تي......
ٽريفڪ جي گوڙ تي هن اکيون کوليون ۽ سگنل جي بتيءَ
ڏانهن ڏٺو. سائي روشني هن جي اکين ۾ ٿڌاڻ بنجي
آئي. هن پاڻ کان پچيو، ’مون کي به ڪڏهن زندگيءَ ۾
گرين سگنل ملندو؟ سڄي حياتي آسرو رهيو، پر منهنجي
اڳيان سڀئي رستا بند رهيا آهن، سڀئي دروازا بند
رهيا آهن. جڏهن ڪو رستو نه ملي، ڪو دروازو کليل نه
هجي ته ماڻهو ڪيڏانهن وڃي؟‘ تڏهن هن کي ڪرسٽائن جي
چيل ڳالهه ياد آئي: ”منهنجي گهر جو دروازو تو لاءِ
هميشه کليل رهندو“ پر اهو دروازو به بند ٿي ويو هو
هن لاءِ.
”منهنجو مڙس ٻن سالن کان آمريڪا ۾ آهي. اڃا هن جي
اچڻ جو ڪو پروگرام ناهي. پٺيان آءٌ ٻار جي ماءُ
بنجي وڃان ته ماڻهو ڇا چوندا؟ منهنجو مڙس ڇا
چوندو؟ تون اهو سمجهين ڇو نٿو!“
”تون طلاق وٺ آءٌ توسان اڄ ئي شادي ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان.“
”اوهه ڪمال! اها ڳالهه ايتري سولي ڪانهي. طلاق وٺڻ
جي لاءِ ڪو سبب هجڻ کپي. آءٌ الڳ ٿيڻ چاهيان ٿي،
آءٌ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پيار ڪريان ٿي ۽ هن جي
ٻار جي ماءُ بنجڻ واري آهيان...... اهو ڪو سبب
ناهي. ٻي ڳالهه ته طلاق ايترو جلدي ملندو به
ڪونه. تيستائين ته ٻار به ڄمي پوندو. نه، مون ۾
ايترو حوصلو ناهي جو آءٌ پنهنجن پراون کي منهن ڏئي
سگهان.“
”پوءِ تون ڇا ٿي چاهين؟ ابارشن!“
”ٻيو ڪو چارو ناهي.“
’ها ٻيو ڪو چارو نه هو،‘ ڪمال جي واتان نڪري ويو.
پاسي مان لنگهندڙ ماڻهوءَ هن ڏانهن ڏٺو ۽ هليو
ويو.
پر اهو سڀ هن کي نه وڻيو هو. بيوسي اها هئي ته هو
ڪجهه ڪري به نٿي سگهيو. نه ڪرسٽائن جي لاءِ ۽ نه
وري پنهنجي ٿيندڙ ٻار جي لاءِ. ڪرسٽائن موڪل وٺي
هلي وئي. هاڻي صرف فون تي حال احوال معلوم ٿي
سگهيو ٿي. هڪ ڏينهن ڪرسٽائن هن کي ٻڌايو ته جيڪي
عورتون ابارشن ڪرائڻ ۾ ماهر آهن ۽ بنا تڪليف جي
جلدي سڄو ڪم ڪريو ڇڏين سي پيسا گهڻا ٿيون وٺن.
ڪرسٽائن وٽ ايترا پيسا ڪونه هئا، ان ڪري هن کي
اهڙي دائي جي تلاش هئي جنهن کي هوءَ افروڊ ڪري پئي
سگهي.
”ان ۾ ڪو خطرو ته ناهي؟“
”ها، رسڪ ته آهي. هڪ ڏينهن کان وڌيڪ به لڳي ويندا
آهن ۽ جيستائين ڪجهه ٿئي تيستائين روز روز جهنم جي
عذاب مان گذرڻو پوندو.“
”پوءِ اهو ڪم ڪنهن چڱي هنڌان ڇونه ڪرائجي.
جيستائين پيسن جو معاملو آهي ته ڪٿان اُڌار سڌار
ڪري وٺنداسين. پوءِ جڏهن تو وٽ ٿين ته ڏجانءِ.“
”نه،اهڙي ضرورت ڪانهي. مون وٽ ڪجهه پئسا آهن.“
موڪل ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪرسٽائن جڏهن آفيس ۾ آئي ته
ڪمال ڏٺو ته هوءَ ڏانهنس نهارڻ کان نٽائي رهي هئي.
ڪمال کي لڳو ته هوءَ ڪوشش ڪري کانئس پري پري پئي
ٿي. ڪمال گهڻو سوچيو پر کيس ڪرسٽائن جي ان رويي جي
لاءِ ڪو ڪارڻ نه سجهيو.
” ڇا ڳالهه آهي. ڪرسٽائن! تون ناراض آهين؟“
”پاڻ کان پڇ.“
”پاڻ کان ته گهڻو پڇيو اٿم.پر ڪو سبب سمجهه ۾ نٿو
اچي.“
”اهڙو ٻار ته ڪونه آهين.“
”سچي به...ٻڌاءِ کڻي، ڇا ڳالهه آهي؟ مون کان ڪا
غلطي ٿي؟“
”تو کي ڪڏهن پنهنجي فرض ۽ ذميداريءَ جو احساس ٿيو
آهي؟“
”مون سمجهيو ڪونه!“
”ها، تون ڇو سمجهندين!تو کي ضرورت ڪهڙي آهي....“
”پر تون صاف صاف ڇو نٿي ٻڌائين؟“
”منهنجو ڪو حق ناهي توتي؟ مون ايتري تڪليف سهي
ابارشن ڪرايو. تو ڇا ڪيو منهنجي لاءِ؟“
” مون ته تو کي چيو هو ته ڪنهن چڱي هنڌان ڪراءِ.
پيسن جو بندوبست آءٌ پاڻهي ڪندس.“
”جي نه. تو چيو هو ته ڪٿان اُڌارا وٺنداسين ۽ جڏهن
مون وٽ ٿين ته واپس ڪريان. اُڌارا پيسا آءٌ نٿي
وٺي سگهيس ڇا ڪٿان؟“
”مون سوچيو ته جيڪڏهن آءٌ چوندس ته تنهنجي ابارشن
لاءِ پيسا آءُ ڏيندس ته تو کي خراب لڳندو. مون کي
خبر آهي ته تون خوددار آهين، ان ڪري ڊپ لڳو ته تون
ڪاوڙجي نه پئين....“
”تو کي اصل ۾ پنهنجي خودداري جو احساس هو ته ڪٿي
آءٌ انڪار نه ڪري ڇڏيان. تو کي رڳو پنهنجو احساس
هوندو آهي. ٻين جو تو کي ذرو به احساس ڪونه ٿيندو
آهي. مون تو جهڙو بيحس ماڻهو ڪونه ڏٺو. مون کي
نفرت آهي، اهڙن ماڻهن کان.....“
ڪمال سوچيو ته ڪيترو وقت ٿي ويو هو کيس اتي ئي
بيٺي بيٺي. هن کي خيال آيو ته وقت گهڻو اڳتي وڌي
ويو هو ۽ هن جي ڪرڻ لاءِ هاڻي ڪجهه به نه هو. هو
ڪنهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ لائق نه هئو. هاڻي
سندس جيئڻ جو ڪو ڪارڻ نه رهيو هو. رڳو جيئڻ خاطر
جيئڻ ٻين کان لاتعلق ۽ بيحس بنجي جيئڻ بيسود هو.
هن کيسي ۾ پيل خط کي هٿ سان ڇهيو ۽ چيو،’منهنجو
هئڻ ٻين لاءِ تڪليفن جو ڪارڻ آهي. آءٌ آهيان ته
ٻين جون مون ۾ ڪوڙيون اميدون ۽ آسرا آهن. مون
پنهنجي گهر وارن جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو. پر جن کي
خبر ناهي انهن هميشه ڌڪ کاڌا آهن منهنجي هٿان ۽
پوءِ ڄاتو آهي ته منهنجو وجود هڪ فراڊ آهي. ڌوڪو
آهي. اهو ڇا ائين ئي هلندو رهندو؟ ڪيستائين!
ڪيستائين!.....“
هن جون نظرون ٽريفڪ سگنل ڏانهن ويون. ڳاڙهي لائيٽ
بند ٿي وئي ۽ پيلي لائيٽ روشن ٿي. ڪمال جي ذهن ۾
وڄ چمڪي وئي. هن کي لڳو ته پيلي لائيٽ کيس اشارو
ڏنو هو تيار ٿيڻ جو. هو خوش ٿي ويو. ’مون کي اشارو
ملي ويو... اشارو ملي ويو....‘ هن جي ذهن ۾ اهو
جملو ڦاٿل سئي واري رڪارڊ وانگر وڄڻ لڳو. سائي
لائيٽ جي روشن ٿيڻ سان ٽريفڪ چالو ٿي وئي هئي- ۽
ان سان گڏ ڪمال جو پير به اڳتي روڊ طرف کڄي ويو.
هيسيل هانوِ، اُٻهرا اُلڪا
هڪ ڊگهو ڇرو سج جي روشنيءَ ۾ چلڪندو، هڪ پوڙهي
ڳوٺاڻي جي ڪک کي چيري، پيٽ ڦاڙي، ٻاهر نڪري آيو رت
ٻڏل- ۽ مرندڙ جي فقط هڪ دٻيل هڏڪي، ۽ چوطرف نعرا ۽
گوڙ.... هن جي ڪنن ۾ نعرا ۽ گاريون ٻرندڙ شيهو
بنجي ويا ۽ ذهن ۾ ٽانڊا ٽڙڪڻ لڳا. ڪاوڙ ۽ ڀؤ وچان
هن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ڪجهه به ڪري نه
سگهڻ جو احساس، بيوسي، اکين جي اڳيان موت ۽ ٽنگن ۾
رت ڄمي ويل- پوءِ به هو مينهن واهه ڪري ڀڄڻ لڳو.
هو چئني طرفن کان وڪوڙيل هو ۽ گهيريل جلادن ۾. فضا
۾ رت ۽ بارود جي عجيب گڏ سڏ بُوءَ هئي. هن جو دماغ
ان بوءَ ۽ ڊپ جي ماريندڙ احساس وچان ساڻو ٿي چڪو
هو. آواز هن جي پٺيان، پاسن کان ۽ اڳيان ساڻس گڏ
ڍوڙندا رهيا، ۽ هو انهن مڪروهه آوازن کان پري ٿيڻ
جي لاءِ آواز کان تيز ڍوڙڻ جي جاکوڙ ڪري رهيو هو.
هو ڀڄندو ويو، هيسيل ۽ ڊنل ڪتي وانگر. پر هن کي
لڳو: هو ڀڄي ڪونه رهيو هو، چوگرد ڦري رهيو هو
آوازن جي گهيري ۾. پوءِ به هو ڀڄندو ويو. اوچتو
هن جي اڳيان ڌماڪي سان گڏ ڌرتي ڌڏي وئي. شايد بم
ڦاٽو هو. هن مڙي پوئتي ڀڄڻ چاهيو، پر هن جي اڳيان
ڪارا ڳاڙها ساوا پيلا ترورا اچي ويا، ۽ ذهن ۽ پيرن
جو ساٿ ٽٽي ويو. پٺيان، پاسن کان، اڳيان ڍوڙندڙ
آواز به آهستي آهستي گهٽجندا، پري ٿيندا، اوچتو
بند ٿي ويا.
هو ڀڄندو ويو ۽ هن کي لڳو: هو تمام پري نڪري آيو
هو. ڪٿي؟ کيس اها خبر نه پئجي سگهي. ’عجيب جاءِ
آهي، پر نه، هيءَ منهنجي ڄاتل سڃاتل آهي.‘ هن
سوچيو. چوطرف واريءَ جون وڏيون وڏيون ڀٽون هيون.
ويراني هئي ۽ هو ان ويرانيءَ ۾ اڪيلو هو. وايءَ جي
جبل جيڏن دڙن تي چڙهندي لهندي هو سهڪي پيو هو. هن
کي محسوس ٿيو ته هتي به ڪي ماڻهو سندس پيڇو ڪري
رهيا آهن. هن تکو هلڻ چاهيو پر پيرن جون کڙيون
واريءَ ۾ کپي ٿي ويون. ’مان ڀڄان ڇو پيو! مون ڪهڙو
ڏوهه ڪيو آهي؟‘ هن پنهنجي ذهن تي زور ڏنو پر کيس
ڪجهه به ياد نه آيو. ڪي ماڻهو مون کي مارڻ لاءِ
پٺيان پيا آهن! ۽ ڪجهه عجيب ڌنڌليون، اڻ لکيون- ۽
بي معنيٰ- تصويرون هن جي ذهن ۾ اڀرنديون مٽجنديون
رهيون، جيڪي شايد هن جي ماضيءَ جون هيون يا حال
جون هيون، پر ڪجهه به چٽو نه هو. اوچتو هڪڙو خيال
هن جي سن ٿي ويل ذهن ۾ وڄ جيان وراڪو ڏيئي پيدا
ٿيو ۽ منجهيل ليڪن کي ڊاهيندو ويو- زندگيءَ جو وڏو
۽ ڀرپور حصو اجايو ۽ بي معنيٰ گذري ويو... هو سن ۾
اچي ويو. ’تڏهن..... تڏهن..... پر مان ان بي معنيٰ
زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهيان. ان ۾
منهنجو ڪو به ڏوهه ڪونهي. مون کي هاڻي خبر پئي آهي
ته مان ان بي معنائي ۾ ئي پيدا ٿيو آهيان ۽ منهنجي
چوطرف بي معنائي ۽ ڌاريائپ آهي. مون سڄي ڄمار ان
ڌاريائپ جي دونهن ۾ ساهه کنيو آهي. منهنجو ساهه
گهٽجي رهيو آهي.‘ هن کي سخت تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي.
’مون به سپنا ڏٺا هئا- پنهنجي گهر جا، پنهنجي ديس
جا. پر منهنجو ديس اهو نه هو، مون پاڻ کي پنهنجي
وطن ۾ جلاوطن ڀانيو آهي. پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ بي
گهر! تڏهن زندگي ائين بي معنيٰ گذري وئي......‘
اهو جملو وري وري هن جي ذهن ۾ ڦرڻ لڳو. ’پر مون ان
ڌاريائپ ۽ بي معنائي کي ڪڏهن به ذهني طور قبول نه
ڪيو آهي. مون حالتن سان سمجهوتو نه ڪيو آهي. ان
ڪري ئي ته مون کي جلاوطنيءَ جي سزا ڏني وئي آهي.
مان ڀڄي ڀڄي هتي اچي پهتو آهيان پر هتي به ماڻهو
منهنجي پٺيان آهن.......‘ هو ڊپ ۾ ڀرجي ويو ۽ تکو
تکو هلڻ چاهيائين. ’هيءَ عجيب ڳالهه آهي ته غلامن
کي پنهنجي غلاميءَ جو احساس ڪونهي ۽ ان بيحسيءَ ۾
ئي خوش آهن!‘ سوچ ٽڪر ٽڪر ٿي وئي ۽ ٽٽل ٽڪر هن جي
ذهن ۾ چڀڻ لڳا. گهڻي دير تائين رڳي اها چڀ چڀان
هئي ۽ اڻ کٽ پيڙا هئي. آهستي آهستي ڪپار ۾ ڪڪر
ڀرجڻ لڳا ۽ پوءِ ڪجهه به نه هو.
هئڻ جو احساس ڪپار ۾ ڀريل ڪڪرن کي چيري اڀري آيو.
هن پاڻ کي اڪيلو ڏٺو ۽ چوطرف واريءَ جو اجهاڳ رڻ
هو. هن کي خيال آيو ته هو اهو رڻ ڪڏهن به جهاڳي نه
سگهندو. آخر هو ڪيڏانهن وڃي- وک وک تي هن جي
اڳيان ڪئين راهون ٿي ڦٽيون ۽ هو منجهيو بيٺو هو.
فيصلو نٿي ڪري سگهيو ته ڪهڙي راهه چونڊي. راهون
الڳ الڳ هيون ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون ۽ منجهيل
هيون. ڪڏهن ڪڏهن هو هلي هلي وري ساڳئي هنڌ موٽي ٿي
آيو، ڄڻ هليو ئي ڪونه هو. هن کي لڳو ته ڄڻ هو هڪ
ئي چڪر ۾ ڦاٿو پيو هو جتان نڪرڻ جو ڪو حيلو ڪارگر
نٿي ٿيو. وقت ڪيئن گذري ويو ۽ گذرندو ٿي ويو! ڪڏهن
هن کي لڳو ٿي ته اڃا هينئر هتي پهتو هو، ڪڏهن هن
سمجهيو ٿي ته کيس هلندي هلندي سال نبري ويا آهن-
پر هو ڪوبه صحيح اندازو نٿي لڳائي سگهيو. ايترو
سمجهي سگهيو ٿي ته کيس ڪافي وقت ٿي ويو آهي. پر
هاڻي ته وقت گذرڻ جو ڪو پتو ئي نٿي پيو.
پير باهه جي تتل تئي تي رکيل هئا ۽ دماغ پڄري رهيو
هو. ٿڪ، بيزاريءَ ۽ هڪ عجيب پيڙا جا دٻيل احساس سڀ
بند ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتا هئا.اوچتو هن جي
اڳيان واريءَ جو هڪ واچوڙو اٿيو ۽ نچندي نچندي پري
ٿيندي غائب ٿي ويو.هن کي لڳو:هو به رڳو واريءَ جو
واچوڙو هو ۽ ٻيو سڀ ختم ٿي چڪو هو.
’ڇا واقعي سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي!‘ هو ڇرڪي پيو.‘
پر مان وڙهڻ کان سواءِ هارائي چڪو آهيان.....‘ هن
کي اعتبار ئي نٿي آيو. ’مان هڪ هارايل ماڻهو
آهيان.‘ چوطرف پري پري تائين واريءَ جا دڙا هئا.
هن پاڻ کي ڏسڻ چاهيو. فقط محسوس ڪرڻ جي حد تائين
هو ساڳيو هو، نه ته هن ۾ ڪا به ڳالهه اهڙي ڪانه
رهي هئي جنهن کي ڏسي چئجي ته هو ساڳيو هو- يا شايد
هو هو ئي ڪونه.
’۽ مان ڊنل ۽ مايوس آهيان!‘ هن پاڻ کي ٽوڪ مان چيو
۽ کلڻ چاهيو. ٽهڪ ڏيندي هن کي محسوس ٿيو ته هو
رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيو هو. هو يڪدم چپ ٿي ويو ۽
ان سان گڏ سوچ به چپ ٿي وئي.
’..... ماڻهو فقط هڪ ئي ڳالهه تي بيهي ڇو ٿو رهي.
گهڙيال جي لڏڻي جون حدون آهن، وري وري ساڳئي هنڌ
موٽيو اچي. ساڳيو رستو. ساڳيو پنڌ. پر ماڻهوءَ جو
ٽڪاءُ هڪ هنڌ آهي ئي ڪونه، يا گهٽ ۾ گهٽ ذهن ته هڪ
هنڌ ٽڪي بيهي ڪونه ٿو. مان ڏاڍو تيز هليو آهيان.
مون ڪٿي پهچڻ ٿي چاهيو. پر ڪٿي؟ ڪنهن اهڙي هنڌ
جتي ٽڪاءُ اچي. مان ڪٿي به بيٺس ڪونه، يا بيٺس ته
مون بيهڻ ڪونه چاهيو، پر مون کي بيهڻو ٿي پيو-
اوهه خدا! مون سمجهيو ٿي ته مان ڪجهه ڪندس. ٻين ڪن
به ائين ٿي چيو. امان چيو ٿي ته منهنجو پٽ وڏو
ماڻهو ٿيندو ۽ اسان تان ڏک لهي ويندا. مون کي اهي
ڳالهيون ٻڌي روئڻ ٿي آيو يا خار ٿي آيا پاڻ تي.
مان پنهنجي ماءُ جي منهن تان عمر جون ريکائون ڊاهي
نٿي سگهيس پر ڏک جون ريکائون ته مٽائي ٿي سگهيس- ۽
هن مون ۾ ڪيڏيون غلط اميدون رکيون. مان ننڍي هوندي
کان وٺي. خواب ڏسي خوش ٿيو آهيان. مون تکو ڊوڙڻ
چاهيو. مان ڪونه ڍوڙيو هوس ڇا؟ پر مون ڏٺو ته رستو
بند هو. مون ان بند کي ٽوڙڻ ٿي چاهيو. مون سڀني کي
چيو ته فضا ۾ غلاميءَ جو دونهن آهي. اوهان انڌا
آهيو، گونگا آهيو، ٻوڙا آهيو، بيحس آهيو. مردار
آهيو. اوهان غلام آهيو ۽ غلاميءَ ۾ خوش آهيو. لعنت
آهي اوهان تي. مان ان صورتحال ۾ رهي نٿو سگهان.
نٿو رهي سگهان.... نٿو رهي سگهان... پر مان ته
رهيو آهيان. مان ته هميشه ان صورتحال ۾ رهيو
آهيان، منهنجي لاءِ ڪوبه ماضي ڪونهي، ڪو به مستقبل
ڪونهي. فقط حال آهي ۽ ڪيڏو عذابناڪ... ڪيڏو
ڊيڄاريندڙ. پر مان ڊڄان ڪونه ٿو. ڊڄڻ جي ڳڻتي ڪرڻ
جي ضرورت ڪهڙي آهي. پوءِ به مان ڀڄان ڇو پيو.
جيتوڻيڪ ماڻهو ڄاڻي به ٿو ته ڀڄڻ جي بچڻ جي ڪا به
واهه ڪانهي. ڪيڏو ٿڪي پيو آهيان ڀڄي ڀڄي...‘
واري ڏاڍي تتل هئي. ننهن کان چوٽيءَ تائين پيڙا
جون اڻ کٽ لهرون هيون. هو ويهي رهيو ساهي پٽڻ جي
لاءِ. هن کي ويٺي اڃا ٿوري مهل مس ٿي هئي ته
اوچتو پٺيان ڪنهن کيس ڌڪو ڏنو. هن پاڻ کي ڪرڻ کان
بچائي ورتو ۽ ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو. هن پٺيان مڙي
ڏٺو. رڳي انڌوڪار هئي جيڪا تيزيءَ سان اڳيان وڌندي
۽ پکڙجندي ٿي ويئي. هن جا وار ڪانڊارجي ويا. ’نيٺ
پهچي ويا......‘ هن ڀڄڻ چاهيو پر هو چئين ڏسائن
کان وڪوڙجي چڪو هو. هوا واريءَ جا ٻڪ ڀري هن جي
منهن، ڇاتيءَ ۽ پٺ کي سٽي رهي هئي. هن پنهنجون
اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. واريءَ جي ڌڪن کان پاڻ
کي بچائڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن اجايو ڍوڙي
رهيو هو. ’خبر ڪانه ٿي پئي ته ڪيڏي مهل ۽ ڪٿان ٿو
ڌڪ لڳي. پر جيڪڏهن خبر پئي به، ته ان سان ڪهڙو فرق
پوندو. ڪٿان به ۽ ڪو به وار ٿئي ۽ ڀلي ماڻهو ڏسي،
پر جڏهن بچاءُ به ڪري سگهي. سوال اهو ڪونهي ته وار
ٿئي ٿو. وار هر طرف کان ۽ هر طرح ٿئي ٿو، پر سوال
اهو آهي ته بچاءُ ڪيئن ڪجي. مسئلو آهي ئي بچاءُ
جو. ۽ هتي بچاءَ جون سڀ راهون بند آهن.‘ هن کي
پنهنجو ساهه گهٽجندو محسوس ٿيو. هن وات کي زور
سان بند ڪري ڄاڙيون ڀچائي ڇڏيون هيون..... پر واري
نڪ ۾ گهڙيو ٿي آئي. ڄڻ ڪو هن جي تارونءَ تي زور
ڏيئي رهيو هو ۽ ان جو ايذاءُ سڄي جسم ۾ نسن ۾ ڍوڙي
رهيو هو. هن جا پير واريءَ ۾ ڦاٿا پيا هئا ۽ هو ڄڻ
رٻڙ جو گڏو هو، جنهن کي ڪو زور ڏيئي وري ڇڏي رهيو
هو. ٿڙڪڻي هئي، پر جسم جي ڪهڙي حصي ۾! شايد ٽنگون
ٿڙڪيون پئي يا ڏند يا ڇاتي يا شايد سڄو وجود.....
’ڪنهن به ڳالهه جو يقين ڪونهي. هر وقت بي يقينيءَ
جي حالت- ٻي پل ۾ ڇا ٿيندو، ڪو به يقين ڪونهي،
ڪجهه به يقين سان نٿو چئي سگهجي. ڪهڙي خبر ڪڏهن
طوفان ختم ٿي وڃي ۽ هتي ته ڪئين طوفان آيا آهن ۽
گذري ويا آهن. مون ڪنهن کي چوندو ٻڌو آهي ته اسين
ڊڀ آهيون: چرڻ ۽ لتاڙجڻ کان پوءِ به وري پيا
ڄمنداسين. ختم ٿي وينداسين ۽ وري پيا ڄمنداسين ۽
فقط ڊڀ ئي هونداسين.....‘
هن کي احساس ٿيو ته سندس وات کليل آهي. هن زور سان
ڄاڙيءَ کي بند ڪيو. ڏندن جو پاڻ ۾ يا ڏندن ۾
واريءَ جو ڪرٽو ٿيو ۽ هو ڏڪي ويو. ڪنهن ڏند ڪرٽيا!
هن ڇرڪي چوڌاري نهاريو. واريءَ جا واچوڙا هئا،
جيڪي هن جي چوطرف ڀوتن وانگر ڦري رهيا هئا ۽ هوُ
انهن ڀوتن کان ڊڄندو، تيز هوا ۾ واريءَ ۾
ٿاٻڙجندو، ڀڄندو ويو. اڏامندڙ واري هن جي اکين ۾
گهڙيو ٿي آئي ۽ هو اکين کي کولي نٿي سگهيو. واريءَ
۾ ڍوڙندي ڪري ٿي پيو، پوءِ به هو ڀڄڻ جي جاکوڙ ڪري
رهيو هو، شايد رڳي جاکوڙ ئي ڪري رهيو هو. ’مان
ڄاڻان ٿو ته اها سموري جاکوڙ اجائي آهي. بچاءُ جون
سڀ واهون بند آهن ۽ چوڌاري سنگينون آهن، جيڪي
ماڻهوءَ کي ڌڪي لتون هڻي وري ان جاءِ تي آڻيو ڇڏين
جتان هو ڀڳو هو. ڪو به ان قيد خاني مان ڀڄي نٿو
سگهي. مان چوطرف کان گهيريل آهيان. مون کي لڳي ٿو
ته ڪٿان نه ڪٿان اوچتو ڪا ڄار مون تي اڇلائي ويندي
۽ مان ڦاسي ويندس- لڇندس، ڦٿڪندس، تڙپندس، پر سڀ
اجايو ۽ اوچتو هڪ سنگين منهنجي سيني ۾ کپي
ويندي....‘
هن کي ڀڄڻ جو خيال آيو ۽ هن پنهنجي سموري سگهه
ميڙي ڀڄڻ چاهيو، پر سگهه جهڙي ڪا شيءِ رهي ڪا نه
هئي. سمورو رت ڄڻ واريءَ چهي ورتو هو ۽ ٽنگون سڪي
ڪاٺيون بنجي ويون هيون. فقط هڏا هئا جن تي سڪل
چمڙي چڙهيل هئي ۽هڏن جي پُورن ۾ پيڙا ڀريل هئي.
هن جيئن پورو زور ڏيئي اڳتي وڌڻ چاهيو، ته سندس
ٽنگون واريءَ ۾ گچي ويون. هو گوڏن تائين ڦاسي چڪو
هو. هن واريءَ مان پيرن کي ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي،
پر پير ڄڻ سندس هئا ئي ڪونه- رڳو ساڻس ڳنڍيل هئا.
تيز هوا هن جي آسپاس واريءَ جو ڍڳ ٺاهڻ شروع ڪيو،
۽ ڍڳ هن جي گوڏن کان مٿي چڙهندو ويو. هن پنهنجين
اکين تان ۽ منهن تان واري هٽائڻ چاهي، پر هن کي
ائين لڳو ڄڻ هٿ ۽ نراڙ ۾ ميلن جو فاصلو هو. ٻانهون
هن جي ڪلهن سان رڳو چهٽيل هيون. ذهن کي جسم جي
ڪنهن به حصي تي اختيار ڪونه هو. ۽ رڳو پيڙا جون بي
انت لهرون هيون.
مشعالون
”اوهان جي شهري زندگي ۽ ڳوٺن ۾ ڪيڏو وڏو فرق آهي!“
ايريڪا ٻنيءَ جي وچان ٺهيل سوڙهن ٻنن تي خبرداريءَ
سان هلندي چيو.
”ها، ڪراچيءَ جهڙي شهر مان نڪري هتي اچي هڪدم ائين
ٿو لڳي ته اسين هڪ صدي پوئتي هليا ويا آهيون،“
ڪارلوس هن کي سر وٺايو.
”مون توکي تڏهن چيو هو ته منهنجي ڳوٺ هلي توڙي سنڌ
جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ هلي تون بورٿيندينءَ...“مون
ايريڪا کي چيو.
”اوهه، نه نه، اها ڳالهه ڪانهي. خاموش ۽ سانتيڪي
ماحول کي به پنهنجو رومانس آهي. مان هتي اچي بور
ڪا نه ٿي آهيان، مون کي افسوس آهي ته تو مون کي
غلط سمجهيو. مون اصل ۾ سوشالاجيڪل نقطه نظر کان
ڳالهه پئي ڪئي. عجيب ڳالهه آهي. ايڪيهين صدي شروع
ٿيڻ واري آهي، پر اوهان وٽ ڳوٺن ۾ ڪا ترقي نه ٿي
آهي، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڪونهي. ڳوٺ اڃا به سوين
سال اڳ واري اونداهي دؤر جهڙائي آهن.“ ايريڪا
سنڀالي پير رکندي چيو.
”نه ايريڪا، ڪجهه تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون آهن،
ڳوٺن ۾ بجلي پهچي وئي آهي. ڪراچيءَ کان ايندي
نئشنل هاءِ وي تي تو کي گهڻن هنڌن تي فيڪٽريون ۽
ملون نظر آيون هونديون. ڳوٺن کي ويجهو شگر ملون
ٺهيون آهن ۽ انهن جي ڪري ڳوٺاڻي زندگيءَ تي اثر
پوڻ لڳا آهن، آءٌ ننڍي هوندي کان ڳوٺ ڏسندو ٿو
اچان. منهنجي خيال ۾ گهڻو ڪجهه فرق پيو.آهي. وڏي
ڳالهه ته ڳوٺاڻن ۾ ذهني سجاڳي اچي وئي آهي. ائين
ٿو لڳي ته سوين سالن کان ستل ماڻهو اوچتو جاڳي پيا
آهن.“ آءٌ شايد گهڻو ڳالهائي ويو هوس، مون ڏٺو ته
ڪارلوس کلي رهيو هو.
”اوهان ايشيا جا ماڻهو ذهني سجاڳي کي سياسي شعور
سان ڳنڍي ٿا ڇڏيو،“ ڪارلوس چيو. ايريڪا مون ڏانهن
ڏٺو ۽ کلي ڏنو.
لهندڙ سج جي ڪرڻن ڪڻڪ جي سونهري سنگن کي وڌيڪ سونو
بنائي ڇڏيو. پکي ولر ڪري پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽي
رهيا هئا، شام جي هلڪي هوا سنگن تان ترندي پئي
وئي.
”اڃان گهمندؤ يا واپس هلون،“ ايريڪا جا وار ڪڻڪ جي
سنگن وانگر هوا ۾ لڏي رهيا هئا.
”ٿوري دير ۾ سج لهي ويندو، پوءِ اوندهه ٿي ويندي،“
مون چيو ۽ ڳوٺ وڃڻ واري گس تي هلڻ لڳاسين. اسين
ڳوٺ کان ايترو پري ڪونه ويا هئاسين، ان ڪري جلدي
واپس پهچي وياسين.
اوطاق جي آڳنڌ ۾ ڪرسيون رکيون هيون. مون نوڪر کي
چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو. وڻ ۽ کيت اوندهه جي پاڇن
۾ گم ٿيڻ لڳا هئا. آءٌ گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ
آيو هوس. ڪراچيءَ جو گوڙ جڏهن ذهن کي ٿڪائي وجهندو
آهي ته ڳوٺ ڀڄي ايندو آهيان، پر هتي به جلدي
بيزار ٿيو پوان. سواءِ سمهڻ جي ٻيو هتي ڪجهه به
ڪرڻ لاءِ ناهي. اهو ايريڪا ۽ ڪارلوس کي ٻڌايو هئم
پر هنن سنڌ جو ڪو ڳوٺ ڏسڻ ٿي چاهيو. ايريڪا ۽
ڪارلوس سان منهنجي پراڻي واقفيت هئي. اها ملاقات
به مزيدار نموني ٿي هئي، آءٌ تڏهن بئنڪاڪ ويو هوس.
هوٽل اڳيان ٽيڪسي ڊرائيور هڪ يورپين عورت ۽ مرد
سان جهڳڙو ڪري رهيو هو. ٽيڪسي ڊرائيور وڌيڪ ڀاڙو
وٺڻ ٿي چاهيو. آءٌ سنڌي نموني هروڀرو جهيڙي ۾ ٽپي
پيو هوس ۽ مسافرن جو پاسو کنيو هئم. ٽيڪسي ڊرائيور
ٻانهون کنجي ڪراٽي وارو پوز هڻي بيهي رهيو. مون به
پهرين ٻانهون کنجيون ۽ پوءِ شلوار جا پائنچا ڇڪي
گوڏن کان به مٿي ڪري ور ٺاهيم.
”اوڪي، ڪم آن،“ ٻانهون پکيڙي ٽيڪسي ڊرائيور کي
چيم. ٽيڪسي ڊرائيور وات پٽي حيرت مان مون کي ڏسي
رهيو هو. هن سمجهيو ته آءٌ ڪراٽي کان وڌيڪ خطرناڪ
ويڙهه ڄاڻان. هو هيسجي ويو ۽ ٿائي زبان ۾ گاريون
ڏيندو ٽيڪسي کڻي هليو ويو. |