سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:22

”ٿڌي ٿڌي ھير جي جھوٽن ۾ ڪو نشو رچيل آھي. ھر شئي سڪون جي چادر ۾ ويڙھي پيئي آھي. ايترو سڪون، ايتري خاموشي، مون اڳي ڪڏھن به محسوس نه ڪئي آھي – مون کي سڪون ئي ڪٿي نصيب ٿيو آھي جو ڪنهن چانڊوڪيءَ رات جو حسن ماڻي سگھان ۽ زندگيءَ جي سمورين تلخين کي وساري ڇڏيان. سڄي ڏينهن جي بيزاري ۽ ٿڪ، اڌ مئو ڪري، موت جھڙي ننڊ جي گھيرٽ ۾ اڇلايو ڇڏي. صبح جو اک کلڻ شرط، ڏينهن جو شور ڪنهن ڌماڪي جيان ڪنن ۾ ڌوڪي ايندو آھي ۽ مان آفيس ڏانهن وڃڻ ۾ دير ٿيڻ جي دپ کان تياريءَ ۾ لڳي ويندو آھيان. وري ڊزن کن ٻار ننڊ مان اٿي پنهنجين رڙين سان ڏينهن جي شور ۾ وس آھر اضافو ڪندا آھن ....“ ھن کي ٻارن جي روئڻ کان سخت چڙ آھي، کيس ٻارن جو روئڻ اصل ڪو نه وڻندو آھي. ”توبه، سيما اڃا ھڪڙي کي مس ماٺ ڪرائيندي ته وري ٻيو شروع ٿي ويندو، يا ڪٿي پاڻ ۾ وڙھيا پيا ھوندا ۽ رڙيون پيون پوندن! سيما ھنن کي ماٺ ڪرائي يا مون کي ڪجھ ڪري ڏئي..... پوءِ تڙ تڪڙ ۾ سڄا گرھ ڳڙڪائي، سيما کي ڇڙٻون ڏيندي، ٻن ٽن ٻارن تي ھٿ ٺاريندي، ٻاھر نڪري ماڻهن جي ميڙي ۾ گم ٿي ويندو آھيان. ڪيتريءَ به ڪوشش ڪندي، آفيس پھچڻ ۾ دير ٿي ويندي آھي، ۽ صاحب دڙڪن سان گڏ وارننگ ڏيندو آھي. ان وقت دل چاھيندي آھي ته استعيفا لکي، صاحب جي منهن تي ھڻي ھليون وڃان، پر جڏھن سيما ۽ ڊزن کن ٻار اکين اڳيان ڦري ويندا آھن، تڏھن ھوندي آھي ڪاغذن جي سر سر ۽ ٽائيپ جي کٽ کٽ ..... آفيس مان اٿڻ وقت پاڻ کي ورھين جو ٿڪل ۽ بيمار ڀانئيندو آھيان، تڏھن خودڪشي ڪرڻ جو خيال ايندو آھي، خودڪشي جي ڪنهن موزون طريقي تي سوچيندي سوچيندي گھر پھچي ويندو آھيان، ۽ گھر پھچڻ سان ٻارن جي رڙ واڪ کان ڊڄي سمورا خيال ڀڄي گم ٿي ويندا آھن. رات جو ماني دال ۾ پسائي، زوري ڳڙڪائيندي؛ سيما کان مھانگائيءَ جون شڪايتون، ٻارن جي ڦاٽي ويل ڪپڙن جون خبرون، ٻارن تان، ڪنهن پاڙي واريءَ سان جھيڙي جو احوال – وچ وچ ۾ ڪي مٺيون مٺيون ڳالھيون ٻڌندو رھندو آھيان، تان جو ننڊ اچي ورائيندي آھي. صبح جو وري ساڳي ڪار – اھو ئي چاڪيءَ جي ڍڳي وارو چڪر!

”اسان نوڪري وارن جي لاءِ سنڊي جھڙو پاڪ ۽ ڀلارو ڏينهن ٻيو ڪونهي. فقط ان ڏينهن اسان کي محسوس ٿيندو آھي ته اسين به ٻين انسانن جھڙا انسان آھيون.... ھڙي رات ته سچ پچ ڀاڳن واري کي نصيب ٿيندي آھي. ڪڪڙن جي کڏيءَ جھڙي گھر ۾، گھڻن ڏينهن کان پوءِ، اھڙي خاموشي ۽ سڪون ڏٺو اٿم. ھونئن ھي به ڪو گھر آھي! سچ پچ ڪڪڙن جي کڏي آھي ! انسانن جي لائق ته ھرگز ناھي – پر اسين ڪٿان ٿياسين انسان ! اھڙن گھرن ۾ انسان ٿوروئي رھندا آھن. اونهاري ۾ ھوا جو ڪو به گذر به نه، سياري ۾ وري ڄڻ ته برف خانو! شايد اھو اسان تي خدا جو فضل آھي جو اسان جو گھر سياري ۾ ايئرڪنڊيشنڊ بنجي ويندو آھي! ويڪرو به اھڙو آھي جو ھڪ ٻئي مٿان سٿيا پيا ھوندا آھيون .... ھيڏانهن ڊزن کن ٻار ھڪ ٻئي سان سلھاڙيا پيا آھن. ھو ڪنڌ مٿي کڻي ٻارن کي ڏسي ٿو. ھينئر ڪيئن نه خاموش ستا پيا آھن، ڪيڏا نه پيارا پيا لڳن، پر رڳو جاڳن ..... اصل شيطان جا به ابا آھن، توبه! انهن جي لاءِ ئي ته اسان پنهنجي جواني ڳاري ڇڏي، رت سڪائي ڇڏيو.....“

اوچتو چانڊوڪي ڌنڌلي بنجي وڃي ٿي. ھو ڏسي ٿو ته چنڊ کي ھڪ وڏي ڪڪر ڍڪي ڇڏيو آھي. ھن کي ڪڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي لڳي. جڏھن ڪڪر ھٽي ٿو وڃي، تڏھن ھو ٻارن وانگر خوش ٿي سوچي ٿو، ”چنڊ ۾ ڪيڏو نه حسن آھي ... چنڊ مان سونهن ڇاٽون ڪري ھيٺ ڇڻي رھي آھي.“ سندس زال ھن ڏانهن پاسو ٿي ورائي. ھو زال جو چھرو ڏسي سوچي ٿو، ”سيما ھينئر ڪيتري نه بدلجي ويئي آھي....“ سوچ ھن جي ذھن ۾ پراڻيون يادون کڻي ٿي اچي. کيس انهن يادن سان بيحد پيار آھي. جڏھن ھو سيما سان پنهنجي شاديءَ واري زماني جون ڳالھيون ڪندو آھي ته سيما اڄ به نئين ڪنوار وانگر شرمائڻ لڳندي آهي. ڪڏھن ته سيما به جنسي چانڊوڪي ھئي، پر الا! اڄ ھن جي چنڊ جھڙي صورت ڪاراٽجي ويئي آھي. ھاڻي منهنجو ته حسن مان ئي ويساھه نڪري ويو آھي. ھينئر سيما کي ڏسان ٿو، تڏھن ھر حسين شيءِ کان نفرت ٿي ويندي اٿم. شايد ان ڪري جو منهنجا جذبا مري چڪا آھن. مشين جھڙي زندگيءَ ۾ پيڙجي ويا آھن- پر نه، مان غلط آھيان: اڄوڪي حسين رات مون کي اھو سيکاريو آھي ته زندگيءَ ۾ دک درد سان گڏ حسن به آھي. جيستائين انسان جو روح سلامت آھي، تيستائين انسان جا جذبا نٿا مري سگھن. ائين نه ھجي ھا ته جيڪر سھڻا شعر ۽ گيت، سھڻيون تصويرون ۽ مجسما وجود ۾ ئي ڪو نه اچن ھا. منهنجو روح به شاعراڻو روح آھي ! اھو منهنجو ڏوھ ھو، جو مون حالتن سان سمجھوتو ڪري ڇڏيو. پنهنجي چوڌاري ھڪ خاص فضا کڙي ڪري ڇڏيم. مون پنهنجن ھٿن سان ئي پنهنجن جذبن جو گلو گھٽي ڇڏيو آھي. پر ھڙين حسين گھڙين ۾ احساسن جي اڏام ۽ جذبن جي اڇل کي ڪيئن ٿو روڪي سگھجي! ڏينهن جي شور ۾ ته اھڙا احساس دٻجيو وڃن. جڏھن اھا حالت لاڳيتي قائم رھندي آھي ته پوءِ ھن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي ڌرتيءَ تي اسان جا احساس به گونگا بنجيو وڃن....“ ھن کي اوچتو ڳالھ ياد اچي وڃي ٿي ته گھڻي دير ٿي ويئي آھي، صبح جو دير سان اک کلندي ۽ آفيس پھچڻ ۾ دير ٿي ويندي. ان ئي ساعت کيس ياد ٿو اچي ته سڀاڻي سنڊي آھي، ۽ ھو پنهنجو پاڻ تي کلي ٿو.

چنڊ ڏانهن نهاريندي ھو وري سوچ جي لھرن تي لھي ٿو وڃي. ڏاڍا ڏک آھن ھن ڌرتيءَ تي. منهنجو وس لڳي ته جيڪر ھتان اڏامي چنڊ جي حسين دنيا ۾ ھليو وڃان. ڌرتيءَ کان چنڊ جي دنيا سؤ درجا بهتر ھوندي. پر سائنس ته ان خيال کي غلط ثابت ڪيو آھي. مونکي سائنس کان به نفرت آھي. مون کان چنڊ جو حسين تصور ڪير به کسي نٿو سگھي. پر جيڪڏھن چنڊ ۾ دنيا آباد ناھي ته ڪن تارن ۾ ته ضرور ھوندي! تارا اڃا سائنس جي پھچ کان پري آھن. تارن جي دنيا، ھن ڌرتي کان ضرور مختلف ۽ حسين ھوندي. مان به جيڪر ڪنهن تاري ۾ ئي ھليو وڃان. پکيءَ وانگر اڏامي، ڌرتي جي ڏکن کان دور، ھن ڪال ڪوٺڙيءَ مان آزاد ٿي..... ھن گھر کان ته جيل وڌيڪ ويڪرا آھن. ڀتيون ڪھڙيون نه غليظ آھن. گھر جو ھر سامان غليظ آھي - ۽ ھر وقت، اٿئي ويٺي، اھو سڀ ڪجھ ڏسندي روح کي ڪيتري نه تڪليف ٿي پھچي. ڪڏھن ڪڏھن ته پنهنجو پاڻ کان ئي نفرت ٿي ويندي آھي، ۽ مان پاڻ کي ھڪ غليظ ڪينئون سمجھڻ لڳندو آھيان..... مان آھيان ته انسان، ٻين انسانن جھڙو! ڪي ماڻھو عيش ۽ راحت پيا ماڻين، مان انهن جھڙو ڪو نه آھيان ڇا! منهنجو جيڪر ھڪ سٺو گھر ھجي. گھر ۾ ھڪ سھڻو سينگاريل ڊرائنگ روم ھجي، جھڙو منهنجي صاحب جو آھي. پر جي ان جھڙو نه ھجي ته ان کان ڀلي گھٽ ھجي. ھا، ان ۾ سٺا پردا ٽنگيل ھجن، سٺا صوفا ۽ ميزون پيل ھجن. ميزون خاص سامانن سان سينگاريل ھجن. ماني کائڻ جو ڪمرو به جدا ھجي.“ اھو سوچي ھن جون اکيون چمڪڻ لڳن ٿيون. ”ميز تي طرحين طرحين جا لذيذ طعام رکيل ھجن، اچين پليٽن ۾ ...... ھڪڙو ڪڪڙ ته روز ھجي، ۽ ڪجھ مٺاڻ ۽ ميوو پڻ .....

”گھر جي اڳيان ھڪ ننڍو پارڪ ھجي، جنهن تي منهنجا ٻار سٺا ڪپڙا پائي کيڏندا ھجن. ھا، ھڪ ڪار به ھجي. شيورليٽ ته تمام مھانگي آھي، ڀلا اوپل ڪار ئي ھجي ..... يا کڻي واڪس ويگن ھجي ...... نه ته ڪو ٽانگو ئي ھجي .... نه نه، ڪار ھجي ..... شام جو مان، سيما ۽ ٻار تمام اچا ڪپڙا پائي، ڪار ۾ چڙھي گھمڻ وڃون. وڏن ماڻھن سان ملون، انهن سان گڏ وڏين دعوتن ۾ شرڪت ڪريون. پر سيما اھڙيءَ حالت ۾ ٿوروئي ھلندي. ڏاڍي ڪمزور ٿي ويئي آھي. سيما جو ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايان، طاقت جون سيون ھڻايان، ۽ قيمتي دوائون ۽ سڻڀا کاڌا کارايان. ٻارن جي خفي کان جند ڇڏائڻ جي لاءِ ٻارن ڪاڻ ھڪ خاص نوڪرياڻي رکي ڏيانس. گھر جي ڪم ڪار ۽ رڌ پچاءَ جي لاءِ ھڪڙي ٻي نوڪرياڻي ھجي. مان آفيس مان اچان ته سيما رڳو مون وٽ ويٺي ھجي .... ھو مرڪي، ستل سيما ڏانهن نهاري ٿو، ۽ سندس منهن تان ھٿ ڦيري ٿو. ھو تيستائين ھٿ نٿو کڻي، جيستائين ھوءَ جاڳي ھٿ ھٽائي ننڊاکڙي آواز ۾ چوي ٿي:

”اڃا پيا جاڳو! ڪيڏي رات ٿي آھي. ھاڻي ته سمھي رھو.....“

ھوءَ ٻانهن مٿس رکي وري سمھي پئي ٿي. ھو سوچي ٿو، ”سچ پچ رات گھڻي گذري چڪي آھي. انهن خيالي پلائن پچائڻ جي ڪري ته ننڊ سڄي رات ڪا نه ايندي، نڪو وري اسان جو اھڙو نصيب آھي....“ ھو ٿڌو شوڪارو ڀري، سيما جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي سمھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

ھڪڙو پکي، تمام گھڻي تيزيءَ سان ھڪ چمڪندڙ تاري ڏانهن اڏامندو پيو وڃي. ترت ئي ھو تاري ۾ اندر پھچي ٿو وڃي. تاري جي دنيا ڏسي ھن جون اکيون ڦاٽي ويون آھن: ”اھڙي حسين دنيا! ھڙي حسين دنيا جو ته ڪو ذهن ۾ خيال به نٿو آڻي سگھي. چوڌاري روشني ئي روشني – ٿڌيءَ ٿڌيءَ، چانڊوڪيءَ کان به زياده وڻندڙ ..... سنئين زمين تي ساوڪ جي چادر وڇايل آھي. ھر طرف رنگا رنگ گل ۽ ٻوٽا آھن. ڪٿي به مٽي ۽ ڌوڙ جو نشان ڪونهي. چوڌاري حسن آھي، خوبصورتي آھي. ڪيڏي نه حسين آھي چنڊ جي دنيا! ھو خوشيءَ وچان ساوڪ ڀري زمين تي ليٿڙيون پائڻ ٿو لڳي. ھيڏانهن ھوڏانهن ڍوڙي ٿو. اتساھ وچان ھن جي رڳ رڳ ڦونڊجي ويئي آھي. پريان ڪو اچي پيو. ڪجھ عجيب شڪل جو آھي، پر لڳي ته ماڻھن جھڙو ٿو، ۽ شايد ماڻھن کان زياده حسين آھي. اوچتو ھو اڏامڻ ٿو لڳي. تڏھن ھتي جي ماڻھن کي پر به آھن! ڪھڙو نه سٺو.... ھن کي پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ”شايد پرڀات ٿيڻ واري آھي. مان ٿڪجي پيو آھيان. ڪو گھر نظر اچي ته اتي ويھي ٿورو آرام ڪريان ۽ ڏسان ته ھتي جون جايون ڪھڙي قسم جون آھن.“ ھن کي جايون نظر ٿيون اچن. جايون تمام سھڻيون آھن. ڌرتي جا شاندار بنگلا به انهن جي اڳيان ڪجھ ناھن. ھو ھڪ جاءِ ۾ گھڙي ٿو وڃي. جاءِ اندر به تمام سھڻي نموني سينگاريل آھي. ماڻھو ھاڻي اٿيا آھن. ٻار به اٿيا آھن. اٿي چپ چاپ صفائي ۾ لڳي ويا آھن. ٻار ڪيڏا نه ماٺيڻا، سمجھدار ۽ پيارا آھن. اٿڻ سان نه رنا، نه گوڙ ڪيائون. گھر ۾ گوڙ ته اصل آھي ئي ڪو نه. شايد ھيءَ چنڊ جي دنيا ئي جنت آھي. ڪيڏو نه آرام ۽ سڪون آھي. ھتي جي ساري دنيا اھڙي ئي ھوندي! ھتي جا ماڻھو ڏکن ۽ سکن ۽ تڪليف اھنجن کان ته بنهه اڻڄاڻ ھوندا. مان سڄي ڄمار ھتي رھندس....! گھر جا ماڻھو ماني کائڻ جي ڪمري ۾ اچي گڏ ٿيا آھن. صفائي ته ڪھڙي آھي! ميز تي قسم قسم جا طعام رکيل آھن، جي ججھي سڻڀ وچان ڄڻ ته پيا چمڪن! ٻار ڪيئن چپ چاپ فضيلت سان ويٺا کائين.

”ٻار سٺا ڪپڙا پائي، پيءُ سان گڏ ٻاھر پيا وڃن. شايد اسڪول ۾ ويندا. پيءُ ھنن کي اسڪول ۾ ڇڏي پوءِ ڪم تي ويندو. ھن دنيا ۾ جيڪڏھن ڪم ڪار نه ھجي ھا ته ڏاڍو سٺو. پر ھتي جي ماڻھن کي ڏک سور به ته ڪونهي. کاڌو پيتو، ڪپڙا ۽ جايون سڀني کي ھڪجھڙيون ۽ تمام سٺيون آھن. ٺلھو بيڪار ته ماڻھو ويھي ڪو نه سگھندو. مان ھن جي پٺيان پيو وڃان. ھو ھڪ تمام وڏي جاءِ ۾ پيا وڃن. جاءِ جي چوڌاري ھڪ عاليشان باغ آھي. باغ ۾ ڪئين ٻار پيا کيڏن. رڳا ٻار ئي آھن. منجھن ڪو به غريب، ڪمزور ۽ بيمار ٻار نظر ڪو نه ٿو اچي. ھيءُ جاءِ شايد ٻارن جي وندر جي لاءِ آھي، ۽ ھتي ھرڪو ٻار اچي سگھي ٿو!“ ھو ان جاءِ مان ٻاھر نڪري ٿو اچي. ھلندي ھلندي بازار ۾ اچي ٿو نڪري. بازار ۾ وڏا وڏا دڪان آھن، جن ۾ قسمن قسمن جا سامان رکيل آھن. ھو ڏسي ٿو ھرڪو ماڻھو بنا ڊپ ڊاءَ ۽ ھٻڪ جي، جيڪا شئي وڻيس ٿي، کڻي ٿو وڃي – نڪا جھل نه پل. ھو خوش ٿو ٿئي ته ماڻھو ھڪ جھڙا آھن، ۽ ھتي ڪنهن به شئي جي قيمت ڪانهي جنهن کي وڻي، پنهنجيءَ مرضيءَ سان کڻي وڃي ! بازار ۾ ڪئين عورتون گھمي رھيون آھن. عورتون اھڙيون سھڻيون آھن، جھڙيون حورون. ھتي جون عورتون شايد بيمار ۽ ڪمزور ٿينديون ئي ڪو نه ھونديون.

پوءِ ھو ھڪ شاندار قسم جي عمارت جي اڳيان اچي بيھي ٿو – اندران سازن جا سريلا سريلا آواز اچي رھيا آھن. ھو ويجھو ٿي جھاتي پائي ٿو: ”ڪھڙو نه دل ڇڪيندڙ نظارو آھي ! ماڻھو خوشيءَ وچان ٽھڪ پيا ڏين. مان به اندر وڃي ساڻن گڏ ويھان – پر ٻين سڀني کي ڪپڙا تمام سٺا پيل آھن، منهنجا ڪپڙا ته بنه خراب آھن....“ ھو ڊڄي ٿو ته متان ماڻھو کيس لوڌي نه ڪڍن! ھو ڏسي ٿو ته ان عمارت ۾ ماڻھو بيپرواھيءَ سان پيا وڃن، ڄڻ ته سندن پنهنجو گھر آھي. اھو ڏسندي به ھو دل جھلي نٿو سگھي ۽ اڳتي روانو ٿي وڃي ٿو. سوچي ٿو، ”ھتي جي ماڻھن کي ته رڳا مزا ئي مزا آھن. نه ڪم ڪار، نه ڪو ڏک سور ....“ ھو اوچتو ڏسي ٿو ته پاڻ شھر کان ٻاھر اچي نڪتو آھي. ھو ھاڻي تمام ٿڪجي پيو آھي. چاھي ٿو ته ڪٿي آرام ڪريان. ھن کي پريان ڪي ننڍڙيون ننڍڙيون جايون نظر اچن ٿيون.

”شايد ھتي جي ماڻھن پنهنجن جانورن جي لاءِ اھڙيون جايون ٺھرايون ھونديون. ھتي جا ماڻھو پاڻ اھڙين سھڻين جاين ۾ رھن ٿا، ته سندن جانورن کي به ضرور گھر ھوندا – ڪيڏي نه سٺي آھي ھيءَ چنڊ جي دنيا! گھر اوچا ۽ سٺا ته ڪو نه آھن، پر غريبن جي گھرن جھڙا ته آھن. ھتي مٽي ۽ ڌوڙ پڻ آھي، ساوڪ ڪانهي پر جانورن کي ان ڳالھ جي ڪھڙي ضرورت! رھڻ لاءِ پنهنجا گھر ته اٿن، ھيڏانهن ھوڏانهن رلندا ۽ ڀٽڪندا ته ڪو نه ھوندا. ھن دنيا جي جانورن کي به ايڏي سمجھ آھي جو پنهنجا گھر ٺاھي ويٺا آھن!“ ھو ھڪ گھر جي ويجھو پھچي ويو آھي.

”ڏسان ته سھي، جانور ڪيئن ٿا گھرن ۾ رھن.....“ ھو ھڪ گھر جي ڀت تي ويھي، ھيٺ ڏسي ٿو. ھيٺ نهارڻ سان ھن کان ھڪ ڀوائتي رڙ نڪري وڃي ٿي، ”يا خدا! ھنن گھرن ۾ ته ماڻھو ٿا رھن. ڪھڙا نه ڪوجھا، ڪمزور ۽ بيمار ٿا لڳن ..... شايد ننڊ مان ھاڻي اٿيا آھن. ٻار به ڊزن کن آھن. اٿڻ شرط روڄ راڙو شروع ڪري ڏنو اٿن. ڪيڏو نه شور آھي ھن گھر ۾ - ٻار ھڪ ٻئي سان وڙھي رھيا آھن. ڪو مانيءَ جي لاءِ روئي رھيو آھي، ته ڪو ”امان امان“ جي رٽ لڳائي دانهون رڙيون ڪري رھيو آھي. ڪپڙا گندا ۽ پراڻا ڦاٽل پيل اٿن، صفائي ته رھي پري گھر ڪيڏو نه سوڙھو آھي .... ھن ۾ ماڻھو ڪيئن ٿا رھن! ڀتيون ڪھڙيون نه ڪنيون ۽ غليظ آھن – گھر جو سامان ڪنو آھي .... ۽ ھنن گھرن ۾ رھندڙ ماڻھو به ڪنا ۽ بدفضيلت آھن ..... ھوءَ بيمار ۽ ڪمزور عورت، ٻارن جي ماءُ آھي. اڙي ..... سيما! ھان ! ھي ته منهنجو گھر آھي .... گھر جي ڇت لڏي پيئي ! اِجھا ٿي ڪري ..... مان ڀڄي نٿو سگھان – اوه .... مان ھيٺ پيو ڪران ..... ڪران ٿو ..... الا ڪران ٿو .....“

ھو اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويھي رھيو آھي. ھن کي محسوس ٿو ٿئي ته شايد پاڻ کٽ تان ھيٺ ڪري پيو آھي. پڪ ڪرڻ جي لاءِ ھو نوڙي ھيٺ نهاري ٿو. غور سان ڏسڻ کان پوءِ ھن کي لڳي ٿو ته رات نهايت ئي اونداھي ۽ ڪاري آھي. ھو سوچي ٿو: ”جھڙ ڪيڏي مھل ٿيو آھي، آسمان ڇو جھڙ پٺيان لڪي ويو آھي ..... ۽ ھو تارو.....“ ٻاھران ڪنهن ڪتي جي ھڪ ڊگھي ۽ اداس اوناڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. وري ھن کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مٿس ڪو ٽھڪ ڏيئي رھيو آھي. ھلڪو مينهن پوڻ شروع ٿي ويو آھي. ٻار جاڳي پيا آھن، ۽ روئڻ لڳا آھن. ھن جي زال به ڪنجھندي اٿي آھي. ھوءَ اوٻاسيون ڏيئي چوي ٿي:

”مينهن کي به رات جو وسڻو آهي. قدرت جا به انڌير آھن، جي ڏينهن جو وسي ته ڇا ٿي پئي ھا !.... ھڪڙو گھر سوڙھو، ٻيو وري گھٽ ۽ ٻوساٽ ...... رات جو مينهن مصيبت آھي ......!“

ھو جواب ۾ چئي ٿو، ”آسمان اسان تي ٽوڪون ٿو ڪري!“ سيما وائڙي ٿي ھن کي ڏسي ٿي. ھن ڳالھ سمجھي ڪانهي.

مينهن تيز ٿي وڃي ٿو. ھو جلدي ھنڌ اندر ڪن ٿا. ھڪڙي کٽ ريڙھي ورانڊي ۾ وجھن ٿا. ٻار اڃا به زور سان روئڻ ٿا لڳن. سيما ھڪڙي ٻار تي ڪاوڙ وچان ھٿ الاري ٿي. ٻار ڊڄي چپ ٿي وڃي ٿو. ھوءَ ٻارن کي چپ ڪرائي، سوڙھا سنگڙا ڪري سمھاري ٿي. مينهن جيئن پوءِ تيئن زور سان وسي رھيو آھي. زال ۽ مڙس، گوڏن ۾ ڪنڌ لڪايو، سوڙھا ٿيو ڪڪڙن وانگر ويٺا آھن. سيما ننڊ وچان اوجھڙاٽيون کائي رھي آھي – ھو اونداھيءَ ۾ نهاريندي سوچي ٿو: ”اڄوڪي رات وڏي مصيبت واري رات آھي، ڪڏھن گذرندي ! صبح ڪڏھن ٿيندو!“

پيڙا جا پڙلاءُ

ماڻھن جا مرڪندڙ منهن آھن، کلن جا ڦوھارا آھن ۽ ٽھڪن جا جھرڻا آھن. ننڍا ننڍا ٻار چھچ سائي ڇٻر تي کيڏندي رڙيون ڪري رھيا آھن. آءٌ انهن سڀني کي بي تعلق نظرن سان ڏسي رھيو آھيان. ائين ٿو لڳي ڄڻ رڳو جسم ھتي آھي باقي روح ڪٿي پري پولار ۾ آھي. ھا، منهنجو من ڪٿي آھي؟ من ته ڀٽڪي رھيو آھي، الائي ڪٿي ڪٿي! من کي ڪو ٽڪاءُ ڪونهي منهنجو ڪو اختيار ڪونهي، پنهنجي من تي جو ان کي ھڪ ھنڌ روڪي سگھان، جيڪر پنهنجي من تي اختيار ھجي ھا، مون کي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com