ڪجهه وقت تائين ذهن کي ويساند ملي وئي. هو سڄي واٽ
پاڻ کي مضبوطيءَ سان سنڀالڻ جي جاکوڙ ڪندو رهيو.
بس ڪلفٽن تي اچي بيٺي ته هن کي رڳو هٿ کولڻو پيو ۽
آسانيءَ سان لهي آيو. هٿ ۾ سور ٿي پيو هو ۽ تري
لال ٿي وئي هئي. هو هلندو سمنڊ ڏانهن آيو. ٻار،
عورتون ۽ مرد ڍوڙي ڊڪي رهيا هئا. ٽهڪ ڏيئي رهيا
هئا، سڀ خوش هئا يا خوش هجڻ جو ڍونگ ڪري رهيا هئا.
هو پاڻ به ته ائين ڪندو رهيو هو، دوستن ۽واقفڪارن
جي اڳيان- منهن تي مطمئن هجڻ جو، خوش هجڻ جو ڪوڙو
نقاب چاڙهي. جڏهن اڪيلائيءَ ۾ هو اهو نقاب لاهيندو
هو ته من ڀرجي ايندو هوس. چاهيندو هو ته ان وقت ڪو
هجي، جيڪو هن کي سمجهي سگهي.
- تنهنجو چهرو ايترو
Expressionless
ڇو آهي؟
- تون هميشه
Confuse
۽ مايوس ڇو هوندو آهين؟
- تون چپ چاپ ۽ ڪهڙين سوچن ۾ هوندو آهين؟
- تنهنجا چپ چرندا رهندا آهن. چپن ۾ ڇا ڳالهائيندو
آهين؟
- تو ۾ ڦڙتي ناهي! لڳندو آهي ڄڻ جيءَ کان بيزار
آهين.... ۽ هن پاڻ کان پڇڻ چاهيو، ’تون ايترو وقت
جيئرو ڇو رهيو آهين؟
اوچتو هن زور سان رڙ ڪئي: واهيات..... هڪدم ڇرڪي
آسپاس ڏٺائين. چرين وانگر رڙ ڪرڻ تي کيس شرم آيو.
پر هن کي حيرت لڳي ته ڪنهن جو به ڏانهنس ڌيان ڪونه
هو. ماڻهن ڄاڻي واڻي هن ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو
يا.... يا ڪا ٻي ڳالهه هئي. هن جو ساهه ٻوساٽجڻ
لڳو. تڏهن هن کي احساس ٿيو ته اها رڙ هن جي نڙيءَ
۾ گهٽجي وئي هئي. هن کي پاڻ تي باهه وٺي وئي.
’بزدل، ڀاڙي، ڊڄڻو... جيڪي ڪجهه چاهيان ٿو سو ڪري
نٿو سگهان، رڳو رڙ به نه!‘ هن کي روئڻ اچي ويو،
اهو به اندر ئي اندر ۾. ٻاهر ڪجهه به نه هو. بيٺل
پاڻي، ڄميل، برف بنجي ويل- اندر گهڻي گهرائيءَ ۾
پاڻي ٽهڪي رهيو هو ۽ پيڙا هئي سڙڻ جي.
هو ڪناري تي ٺهيل پٿر جي ديوار تي چڙهي ويٺو ۽
سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هو پاڻ
کي انهن لهرن ۽ ويرن جي حوالي ڪرڻ وارو هو.
وقت واريءَ وانگر هن جي مٺ جي وٿين مان کسڪندو پئي
ويو. هن کي خيال آيو ته هو ايترن سارن ماڻهن جي
اڳيان نه مرندو. اهواُٿيو ۽ ڪنارو ڪنارو وٺي هلندو
ويو ڪنهن ويران ۽ مناسب جاءِ جي ڳولا ۾. هو ماڻهن،
ماڻهن جي ٽهڪن ۽ ٻارن جي گوڙ کان گهڻو پري نڪري
آيو. اتي رڳو سمنڊ جي گجگاهه هئي ۽ ان جي مٿان اڇا
پکي اڏامي رڙيون ڪري رهيا هئا. ڇوليون سندس پير
پسائڻ لڳيون. هن پٺيان ڏٺو، ساڄي کاٻي ڏٺو ۽ پوءِ
سمنڊ ڏانهن ڏٺائين. سندس اڳيان نيڻ نهار تائين بي
انت سمنڊ هو. سمنڊ جون ڇوليون هيون- ننڍيون وڏيون
۽ سمنڊ جو جبل هو. هن پاڻ کي بيحد اڪيلو، ويچارو ۽
بيوس ڀانيو. هن سڄي حياتي ائين محسوس ڪيو هو.
’آخري گهڙين ۾ جڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه
ڪري رهيو آهيان، پوءِ به پاڻ کي ويچارو پيو
سمجهان!‘
کاٻي طرف ٽڪريون هيون. هن کي خيال آيو ته انهن
ٽڪرين تي چڙهي آسپاس آخري نظر وجهي. هو جيئن هڪ
ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو ته ٻن ماڻهن جي ڳالهائڻ جا
آواز ٻڌائين: عورت ۽ مرد. هو هٻڪي بيهي رهيو.
”مان هڪ معمولي حيثيت وارو ماڻهو آهيان. مان تو کي
ايترو سک نه ڏئي سگهندس، جيترو تو کي مائٽن وٽ
مليل آهي. مون تو کان ڪجهه نه لڪايو آهي، وينا،
فيصلو توتي ڇڏيل آهي. ائين نه ٿئي جو سک ۽ آرام
واري زندگي ڇڏي، سڄي عمر پڇتائيندي رهين!“
پوءِ هن عورت جو آواز ٻڌو. ”اسين ٻئي پڙهيل لکيل
آهيون. روايتي پيار ۾ اسان جو يقين ڪونهي. اسين
هڪٻئي جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي سگهون ٿا.سمجهي
سگهون ٿا. سهي سگهون ٿا. گڏجي زندگي گذارڻ جي لاءِ
ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي. بک اسين ڪونه مرنداسين.
باقي عيش آرام نه هوندو ته ڇا ٿيو، اسين هڪٻئي
لاءِ عيش آرام آهيون.“
”او وينا..... وينا....... منهنجي وينا....... تو
مون کي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. تو منهنجي
بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀري ڇڏيا آهن- سمنڊ جورنگ،
ڌرتيءَ جو رنگ، ٽڪرين جو رنگ، آسمان جو رنگ ۽ شام
جو رنگ..... الائي ڪيترا رنگ ڀرجي ويا آهن منهنجي
بي رنگ زندگيءَ ۾!“
”عشق تو کي شاعري سيکاري ڇڏي آهي،“ ٽهڪ ڇولين جي
سنگيت سان ملي ويندڙ. ”پر سٺي شاعر بنجڻ لاءِ عشق
۾ ناڪامي ضروري آهي.“
”نه نه، مان ناڪام شاعر بنجڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“
سمنڊ جي ڇولين تي ترندڙ ٽهڪ.
هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو. وڌيڪ وقت بيهي نه
سگهيو ۽ هلڻ لڳو. هو ٿڙندڙ قدمن سان واپس موٽڻ
لڳو، پر کيس اها سڌ ئي ڪا نه هئي.
’ڇا ڪو ماڻهو ان آس تي پاڻ کي جيئڻ لاءِ مجبور ڪري
سگهي ٿو ته ڪڏهن سندس بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀرجي
ويندا. سمنڊ جو رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ،
شام جو رنگ..... شايد ڪڏهن ڪڏهن اهڙو معجزو ٿي
پوندو آهي زندگيءَ ۾.‘ هن کي ياد آيو ته هو
خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ آيو هو،
’اها نجات ۽ ڇوٽڪارو جنهن کي آءٌ محسوس ڪري
سگهان، ماڻي سگهان، سو ته موت ۾ به نه ملندو. اهو
ته مرڳو لاحاصل آهي، زندگيءَ ۾ ڏک سور آهن، وک وک
تي پيڙا آهي، پر اهي احساس آهن ته سهي، موت کان
پوءِ اهي احساس به نه رهندا. آءٌ چاهيان ٿو
ڇوٽڪارو، جنهن ۾ ڇوٽڪاري جو ڪو احساس نه هوندو.‘
هن پاڻ کي هلڪو هلڪو، بي وزن محسوس ڪيو. طبيعت جي
ڳورائي لهي وئي هئي. ڊپريشن جي وير اڀري لهي وئي
هئي. هو ائين سمجهڻ لڳو، ڄڻ هڪ وڏي هنگامي کان
پوءِ ٺاپر اچي وئي هجي.
’ڪٿي مون ڊڄي خودڪشي ڪرڻ جو خيال لاهي ته نه ڇڏيو.
نه، مون اهو لاهي نه ڇڏيو آهي. رڳو ڪجهه وقت لاءِ
ٽاري ڇڏيو آهي. آءٌ انتظار ڪرڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو
چاهيان. شايد ڪڏهن حالتن ۾ ڦيرو اچي وڃي. اڃا ته
گهڻو وقت پيو آهي. ڏسجي.....‘ هو وري ماڻهن جي ميڙ
۾ اچي پهتو. هن پاڻ کي عام ماڻهن جهڙو ڀانيو. هن
جي دل ٿي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪري، ٽهڪ ڏئي.
گهڻا ماڻهو واپس موٽڻ جو سانباهو ڪري رهيا هئا. هن
سوچيو ته کيس به واپس وڃڻ کپي. ٻه بسون بدلائڻيون
هيون ۽ گهر ڪراچيءَ جي آخري ڇيڙي تي هو. هو بس
اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳو.
ماڻهو ميڙو ڪريو بس جي انتظار ۾ بيٺا هئا. سيٽ ملڻ
جو آسرو گهٽ هو. هن پهه ڪيو ته ڪيئن به ڪري بس ۾
اڳواٽ چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سيٽ تي ضرور ويهندو. هن
بس ۾ بيٺل ماڻهن جي پيهه ۾ پيسجڻ نٿي چاهيو. هو
اڃا ڪجهه پري هو ته بس اچي بيٺي. ماڻهو بس کي
وڪوڙي ويا ۽ لهندڙ وڏي مشڪل سان لهڻ لڳا. هو
ڍوڙندو بس ڏانهن وڌيو. روڊ اُڪرڻ وقت سندس نظرون
بس جي دروازي ۾ هيون. روڊ تي تيزي سان ايندڙ ڪار
جي ٽائرن جو زوردار چيڪٽ ٿيو. هن جي اکين ۾ مختلف
رنگ نچڻ لڳا. ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شفق جو
رنگ ۽ اکٽ اونداهي رات جو رنگ.......
سرنگ
ڪنهن ڪنهن وقت هن کي لڳندو هو ته روڊ کي کڻي آڻي
سندن گهر ۾ اندر رکيو ويو آهي... ٽرڪون، بسون ۽
موٽرڪارون در مان ڌوڪينديون اندر پيون اينديون
هيون. هڪڙي ڏينهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ته کيس لڳو
ته گوڙ مٿانئس چڙهندو پئي آيو. هن زور سان چيو،
’کڻي وڃو روڊ کي هتان! ڪهڙي مصيبت آهي هيءَ؟‘ ۽
رڙيون ڪندو ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. سڪل
ڪاٺيءَجهڙي ڪمزور پوڙهي ماءُ ڏڪندي هن ڏانهن آئي
۽ لرزندڙ چپن ۾ مڻ مڻ ڪري مٿي آسمان ڏانهن اکيون
کڻي ڏٺائين. هو ويتر باهه ٿي ويو. ’ائين چپن ۾ مڻ
مڻ ڇو ٿي ڪرين؟ زور سان چئو ته خدا به ٻڌي! مون تو
کي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجي لاءِ دعا نه
گهرندي ڪر.... ‘ ماءُ ڊڄي سوڙهي ٿي پنهنجو پاڻ ۾
ويڙهجي اکيون هيٺ جهڪائي بيهي رهي، پر سندس ڄاڙي
پوءِ به پئي ڏڪي. هن کي ماءُ تي رحم آيو ۽ پنهنجو
پاڻ تي ڪاوڙ. موٽي اندر ڪمري ۾ هليو ويو، پر گهڻو
ڪري هن کي رحم پنهنجو پاڻ تي ايندو هو، پنهنجي ذات
تي، پنهنجي بگڙجندڙ ذهني حالت تي ۽ پنهنجي ارد گرد
تي. اها ئي ڳالهه هن کي نه وڻندي هئي ته ٻيا مٿس
رحم کائين ۽ هن کي به پنهنجو پاڻ تي رحم اچي!
ڪمري ۾ اوندهه گهري ٿي وئي. هن بلب ٻارڻ جو سوچيو:
پر بٽڻ هيٺ ڪرڻ جي لاءِ سندس هٿ نه وڌي سگهيو. کٽ
تي پئي پئي ٿڪي پيو هو ۽ هاڻي ڪمري ۾ هانءُ منجهڻ
لڳو هوس. هو گهر مان ٻاهر نڪري ويو، روڊن تي رلڻ
جي لاءِ. پيرن ۾ چمپل پاتل هو ۽ ڏاڙهي ٻن ڏينهن
کان وڌيل هئي. فوٽ پاٿ تي هلندي هن کي پنهنجو
اڳيون پٽيوالو منهن پئجي ويو. هو جڏهن نوڪريءَ ۾
هو ۽ ڪڏهن اتفاق سان بازار ۾ پٽيوالو منهن سامهون
اچي ويندو هو ته کيس سلام ڪري، پاسو وٺي هليو
ويندو هو. هن ڏٺو ته جيئن ئي پٽيوالي جي مٿس نظر
پئي، هو پهرين ٿورو هٻڪي ويو، شايد گهٻرائجي ويو
هو، کيس ان حالت ۾ ڏسي. هو هڪدم سلام ڪري سامهون
بيهي رهيو ۽ هلڪو جهڪندي هٿ ڏنائين.
” ڇا حال آهي، عاب؟“ هن رسمي طور پٽيوالي کان
پڇيو. پٽيوالي پشيمان پشيمان ٿي کيس ڏسي رهيو هو،
ڄڻ هن جي نوڪري ختم ٿيڻ جو ڪارڻ پاڻ هو.
”سائين،سڀ خير آهي.... اوهان ته خوش آهيونه
سائين!“
هن جي وڌيل ڏاڙهي ۽ لٿل منهن ڏسي شڪي ٿي ويو.
”اوهان جي طبيعت ٺيڪ آهي؟“
”ها ها،طبيعت ٺيڪ آهي.تون ٻڌائي، تون ڪيئن آهين؟
ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي؟“ هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو
پٽيوالي سان ايتري ڊيگهه ڪرڻ بيهي رهيو هو.
”بس سائين،ڪم مڙيو ئي پيو هلي.... سائين،
اوهان....“ پٽيوالي هٻڪيو ۽ رڪجي ويو ۽ سندس چهري
تي همدرديءَ جا اهڃاڻ اڀري آيا.
’هي بيوقوف ڇا ٿو سمجهي ته نوڪري وڃڻ سبب آءٌ چرين
جهڙو ٿي پيو آهيان‘ هو زوريءَ مرڪيو ۽ چيائين،
”سڀ ٺيڪ آهي، چڱو....“ هن پٽيوالي کي هٿ ڏنو ۽ وڌي
ويو. هٿ ملائيندي هن ڏٺو ته پٽيوالي جي اکين ۾
سندس لاءِ رحم هو. هن کي سخت ڪاوڙ آئي. هن جي لاءِ
ڪٿي به جاءِ نه هئي. ٻاهر ڪونه ڪو واقفڪار ملي ويو
ٿي ۽ سڀني کيس پنهنجي منافقيءَ سان ڀريل همدردي
ڏيکارڻ شروع ٿي ڪئي. گهر ۾ به ڪو سک نه هو. اتي به
هانءُ منجهڻ ٿي لڳو ۽ گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ سندس
اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڏوهاري سمجهندا هئا.
آفيس ۾ آخري ڏينهن تي صاحب جڏهن ساڻس همدردي ڪئي
هئي، تڏهن ائين ٿي لڳو ته اهو به پاڻ کي ڏوهاري
سمجهي رهيو هو. هن کيس يقين ڏياريو ته ٽرمينيشن ۾
سندس ڪو به هٿ نه هو.نوڪريءَ جي ختم ٿيڻ جو سبب
نوڪريءَ واريءَ درخواست تي لکيل سفارشي نوٽ هو.
”مان تنهنجي ڪم مان سيٽسفائي آهيان. مون کي خبر
آهي ته تون بلڪل افيشنٽ آهين، پر حالتون تون پاڻ
ڏسين ٿو. مٿان آرڊر آيو آهي ته جن ماڻهن کي سياسي
بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آهي، تن کي ڪڍيو وڃي. مون
کي تو سان همدردي آهي، پر مان ڪجهه به ڪري نٿو
سگهان....“
هو بور ٿيڻ لڳو. کيس صاحب جي وضاحت اجائي لڳي. هن
جلدي جند ڇڏائڻ لاءِ چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو، سائين،
اوهان مجبور آهيو. اوهان کي مون سان همدردي آهي،
اها به وڏي مهرباني. چڱو سائين......؟“
هن سوچيو ته جهڙي سولائي ۽ بنا دير جي کيس
نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو، تهڙي طرح نوڪري ملي ڪا
نه هئي. ان اڌ سٽ واري نوٽ لکائڻ جي لاءِ ڪيترو
رليو هو، در در ڀٽڪيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن کي ايلاز
منٿون ڪياسو هئائين. ۽ پوءِ نوڪري وئي ته ان اڌ سٽ
جي نوٽ سبب!
هن جي نظر آفيس جي هڪڙي ڪلارڪ تي پئي جو مزي سان
سگريٽ جا سوٽا ڀريندو پئي آيو. هو گهٻرائجي ويو ۽
گهت هڻي پاسي واري گهٽيءَ ۾ مڙي ويو. هن سوچيو ته
چڱو جو ڪلارڪ جي مٿس نظر نه پئي، نه ته وري اهو ئي
رينگٽ شروع ٿئي ها. هو ساڳئي ساڳئي ميسڻي انداز ۾
چيل ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيو هو. ڪڏهن من ۾ ايندو
هوس ته چئي ڏي: ’نوڪري وئي آهي ته منهنجي وئي آهي،
اوهان ڇو اچي منهنجي پويان پيا آهيو؟‘ ۽ هو ڊنو
ٿي ته ڪڏهن سچ پچ ڦاٽ نه کائي. ٻرندڙ جبل وانگر
ڦاٽي نه پئي.
گهٽي سوڙهي ۽ گندي هئي. لڳو لڳ وهندڙ نالي مان ڪٿي
ڪٿي ڪنو پاڻي ۽ڪچرو اٿلي گهٽيءَ ۾ ڀرجي ويو هو. هو
ان گهٽيءَ ۾ پهرين ڀيرو آيو هو. کيس خيال آيو ته
پوئتي موٽي وڃڻ کان چڱو آهي ته سڌو هلندو رهي. اها
گهٽي نيٺ ته ڪٿي کٽندي ۽ ڪنهن ٻئي روڊ ۾ وڃي
پوندي.هونءَ روڊ تي هلڻ ٺيڪ نه هو.آفيس جا ماڻهو
پئي ٽڪرايا ان روڊ تي.
هن جلدي گهر موٽي وڃڻ نٿي چاهيو. هن سوچيو ته هلي
هلي جڏهن صفا ٿڪجي پوندو ته پوءِ گهرواپس موٽندو.
ٿڪ سبب ننڊ جلدي اچي ويندي، جيڪا رات جو ڪا نه
ايندي هئي. جاڳي مٿو ڳرو ٿي پوندو هو ۽ اکيون سور
ڪرڻ لڳنديون هيون. جيڪڏهن ننڊ ايندي به هئي ته سخت
بي آراميءَ واري- رڳو اٿل پٿل. رکي رکي ننڊ ڦٽي
پوندي هئي. هن کي گهر جي ٻين ماڻهن ٻڌايو ته هو
ننڊ ۾ رڙيون ڪندو آهي، جهڙوڪر ڪو سخت تڪليف ۾ هجي.
سندس ماءُ انهن ڪنجهه ڪارن تي ڊڄي اٿي ايندي هئي،
ته ڪٿي هن جي طبيعت خراب ته نه ٿي پئي آهي. هوءَ
هيسيل هيسيل سڏ ڪندي هئي ۽ پوءِ جڏهن پڪ ٿيندي هيس
ته هو ستل آهي. تڏهن موٽي ويندي هئي. گهٽيءَ ۾
اٿليل گندي پاڻيءَ تان ٽپندي هن ياد ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي، ته کيس اها عادت ڪڏهن پئي هئي! هن جي ذهن ۾
تمام گهڻيون يادگيريون گڏ وچڙ ٿي ويون ۽ ڪا به
ڳالهه چٽي نه هئي. سڄي حياتي ڏک ئي ڏک هئا،
محروميون ئي محروميون هيون. بکون، بيماريون ۽
ذلتون. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين
بيروزگاريءَ جو پيڙيندڙ عذاب. يادگيريون، جن ۾ رڳي
پيڙا هئي، تن جو هڪ ڍير هو ۽ هو ان ڍير مان ڪا
هڪڙي يادگيري چونڊي نٿي سگهيو. ننڊ ۾ رڙين ڪرڻ جي
عادت کيس گهڻي وقت کان هئي. هن کي ڊپ هو ته جڏهن
سندس شادي ٿي ويندي، ته ان عادت سبب نسرين جي ننڊ
ڦٽي پوندي. هو ان پريشانيءَ ۾ هو ته اها عادت پاڻ
کان ڪيئن ڇڏائي. نوڪريءَ وڃڻ سبب ٻيو نه ته گهٽ ۾
گهٽ ان پريشانيءَ کان ته ڇوٽڪارو مليو هوس. هو من
ئي من ۾ مرڪيو.
اوچتو هن جو هڪ پير ڪني پاڻيءَ ۾ وڃي پيو. چمپل
گپ ۾ ڦاسي پيو ۽ ڇنڊا اڏامي ڪپڙن تي اچي پيا. هن
زور لڳائي چمپل گپ مان ڪڍيو. ڌپ ناسن ۾ گهڙي آئي.
گهٽي سوڙهي هئي ۽ ان ۾ پوري روشني به ڪانه هئي: هو
ڇرڪي بيهي رهيو. ’آءٌ ڪٿي آهيان؟ وڃان ڪيڏانهن
پيو؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. هن کي سمجهه ۾ ڪجهه نه
آيو. گهٽي سندس اڻڄاتل هئي. اڃا ڪيتري ڊگهي هئي ۽
ڪٿي وڃي کٽڻي هئي، تنهن جي ڪا خبر نه هئي. هو
منجهي پيو ته ڇا ڪري. هن کي لڳو ته هو ڳچ پنڌ ڪري
چڪو هو. ايتري گهڻي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هاڻ پٺتي
موٽڻ ممڪن نه هو. ’ٿي سگهي ٿو هاڻي گهٽي ختم ٿيڻ
واري هجي،‘ هن سوچيو ۽ هلڻ لڳو.
’جيڪڏهن نسرين سان منهنجي شادي ٿي چڪي هجي ها، ته
هن وقت ڇا حالت ٿئي ها؟.... هوءَ مون کي ڇڏي مائٽن
وٽ هلي وڃي ها. ائين ئي ٿئي ها،‘ ان ڳالهه جي کيس
پڪ هئي. هن کي حيرت لڳي ته نسرين ۽ هن جي پاڻ ۾
ڪهڙي قسم جي محبت هئي! جيتري قدر هن ٻڌو هو يا
ڪتابن ۾ پڙهيو هو، سو ائين هو، ته محبت هر قسم جي
لالچ ۽مفاد کان مٿاهين ڪا آسماني شيءِ هوندي آهي.
شايد سندن محبت گهٽ درجي واري هئي. هن کي خيال
آيو ته نسرين ۽ سندس محبت روايتي نه، پر وهنواري
محبت هئي. ’ها، اصل ڳالهه اها ئي آهي.‘ هو خوش ٿيو
ته حقيقت جي تهه کي وڃي پهتو هو. هن سڄي ڳالهه جو
تجزيو ڪرڻ چاهيو. هن جي نسرين سان ان وقت کان محبت
هئي جڏهن هو اڃا ڪلارڪ هو. هو هڪٻئي کي ڏسندا هئا،
ته نظرون اٽڪي پونديون هيون ۽ پوءِ نسرين جي بت ۾
هلڪي ڏڪڻي پيدا ٿيندي هئي، نظرون جهڪائي ڇڏيندي
هئي. هن ڪڏهن نسرين سان محبت جو اظهار نه ڪيو هو،
پر کيس خبر هئي ته ٻنهي کي هڪٻئي سان پيار آهي. ان
وقت سنس ماءُ سڱ گهرڻ وئي، ته نسرين جي مائٽن
انڪار ڪري ڇڏيو. هنن هڪ ڪلارڪ کي ڌيءُ ڏيئي، سندس
قسمت هميشه جي لاءِ ڦٽائڻ نٿي چاهي. هن کي پنهنجي
محرومين جو شدت سان احساس ٿيو هو. هن اهو ڏٺو ته
نسرين کي ان ڳالهه جو ڪو به ڏک نه ٿيو. هوءَ انهن
ڇوڪرين مان هئي، جيڪي محبت سڃن سان ڪنديون آهن ۽
شادي شاهوڪارن سان. تنهن هوندي به هو نسرين سان
محبت ڪندو رهيو. پوءِ جڏهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ
سفارش ڪرائي آفيسر ٿيو، ته نسرين جي مائٽن پاڻ سڱ
ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مڱڻو ٿي ويو. شاديءَ ۾ اڃا ٿورو
وقت هو، ته نوڪري ختم ٿي وئي. نسرين جي مائٽن مڱڻو
ٽوڙي ڇڏيو.هن کي اميد هئي ته نسرين جيڪڏهن مائٽن
جي فيصلي جي مخالفت نه ڪري سگهندي، ته به ان کي
ذهني طور نه قبوليندي. هن نسرين سان ملڻ ۽ ڳالهه
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هاڻي ملڻ مان فائدو ڪهڙو ۽
ڳالهائڻ جي لاءِ ته ڪجهه رهيو ئي ڪونهي، نسرين کيس
جواب موڪليو هو. هو هلندي هلندي کليو. هن چاهيو ته
هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي من جي ڊپريشن کي هلڪو ڪري، پر هن
کي ماڻهن جو خيال آيو، جيڪي کيس چريو سمجهن ها.
اوچتو هن کي احساس ٿيو ته هو ڪيتري وقت کان گهٽيءَ
۾ هلندو رهيو هو، پر کيس ڪو هڪڙو ماڻهو به نه مليو
هو. گهٽي اڃا ڪانه کٽي هئي ۽ وڌيڪ سوڙهي ٿي وئي
هئي. هو بيهي رهيو. کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس
ٿيڻ لڳي. گهٽيءَ ۾ هوا بلڪل ڪانه هئي. هن مٿي
آسمان ڏانهن ڏٺو، پر آسمان نظر نه آيو. گهٽيءَ جي
ٻنهي طرف پٿر جون ڊگهيون ديوارون هيون ۽ آسمان
غائب هو. اوچتو هن کي خيال آيو ۽ سندس وار
ڪانڊارجي ويا. هو جتي بيٺو هو، اها گهٽي ڪانه هئي،
پر هڪ ڊگهي اونداهي سرنگ هئي. هو ڊڄي ويو ۽ سرنگ
مان جلدي نڪرڻ جي لاءِ ڍوڙڻ لڳو. اوندهه ۾ پٿر جي
ديوارن سان ٽڪرائجي گپ ۾ ڪري ٿي پيو ۽ اٿي وري
ڍوڙڻ ٿي لڳو. هن کي پڪ ٿي وئي ته اها سرنگ ڪٿي به
کٽڻي ڪانه هئي، پر تڏهن به هو ڍوڙندو رهيو.....
اِشارو
’دنيا جيئڻ جي قابل ناهي يا آئون دنيا جي قابل
ڪونه آهيان؟‘ ڪمال جي ذهن ۾ سوال اٿيو ۽ هو ششدر
بنجي بيهي رهيو. هو لنڊا بازار مان ٻاهر نڪري
لائيٽ هائوس سنيما جي اڳيان اچي بيٺو هو. بندر روڊ
تي ٽريفڪ جي ٻوڏ کي لائيٽ هائوس جي اڳيان سگنل جي
ڳاڙهي بتيءَ ڪجهه دير لاءِ بند بنجي روڪيو ٿي،
تيستائين سامهون پاڪستان چوڪ کان ايندڙ ٽريفڪ کي
وارو مليو ٿي ۽ پوءِ سائي بتيءَ جي اشاري تي اها
ٻوڏ اڳتي وڌي ويئي ٿي.
ڪمال جو هٿ پاڻيهي ڄاڻي کيسي ڏانهن کڄي ويو ۽ سندس
هٿ اندر کيسي ۾ پيل خط کي ٻاهران محسوس ڪيو. هن جو
سڄو ڌيان پيءُ ڏانهن هليو ويو. قد جو ننڍو، ٿلهو ۽
هٿ ۾ سدائين ڏنڊي. اهو ٻاهر ته اسڪول ۾ هيڊ ماستر
هو، پر گهر ۾ به هيڊ ماستر هو. زال ۽ ٻارن کي هر
وقت ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏيندڙ، ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي
ٻارن کي ڏنڊيءَ سان سٽيندڙ. ڪمال پيءُ جي ان طبيعت
کي سمجهي نه سگهيو ته اهڙو ڇو هو! هن کي پيءُ سان
ڪڏهن به پنهنجائپ محسوس نه ٿي. پر هن کي ڪڏهن پيءُ
کان نفرت به محسوس نه ٿي. رڳو ڊپ ٿيندو هو. هاڻي
هن کي لڳو ته سندس ۽ پيءُ جي وچ ۾ رڳو ڊپ جو رشتو
هو. پوءِ هو جيئن وڏو ٿيندو ويو ۽ سندس پيءُ پوڙهو
ٿيڻ لڳو ته اهو ڊپ لاتعلقي ۾ بدلجندو ويو. ڪمال
گهر ڇڏيو، ان کي گهڻو وقت ٿي ويو هو. هاڻي هو ڪڏهن
ڪڏهن گهر ويندو هو ته پيءُ سان هڪ ٻن لفظن کان
وڌيڪ ڳالهائيندو نه هو. پيءُ اندر ڪمري ۾ ويٺل
هوندو ته ڪمال ٻاهر ورانڊي ۾ وڃي ويهندو. پيءُ
ٻاهر ويٺل هوندو ته ڪمال اندر وڃي ويهندو يا مورڳو
گهر کان ٻاهر نڪري ويندو. هو سمجهي نه سگهيو ته
ائين ڇو ٿي ٿيو! هن کي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ هڪ
عجيب مونجهه محسوس ٿيندي هئي. هن اهو به ڏٺو هو ته
پڻس کي به هروڀرو سڪ ڪانه هئي ته ڪو پٽ سان گڏ
ويهي ڳالهيون ڪري. ڪجهه دير گڏ ويهڻو به پوندو هئن
ته ٻئي چپ هوندا. گهر ۾ ٻي هئي ماءُ جيڪا هر وقت
پڻس جي رويي ۽ گهر ۾ اڻ هوند جون شڪايتون پئي ڪندي
هئي. ڪمال چپ چاپ ماءُ جون ڳالهيون ٻڌندو رهندو
هو. هن ڪڏهن به ماءُ جي شڪايتن تي سنجيدگيءَ سان
ڌيان ڪونه ڏنو. پر گهڻي وقت کان پوءِ هن کي احساس
ٿيو ته ماءُ سان سندس وهنوار بلڪل اهڙو ئي هو جهڙو
سندس پيءُ جو هو. هن کي پنهنجي ماءُ تي رحم آيو،
جنهن کي سندس مڙس ته نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، پر
پٽن به ڌيان نه ڏنو ۽ ان غريب عورت سڄي عمر ڪيترو
لوڙهيو هو! |