اهي مٿيان حوالا شاعرن ۽ ليکڪن جا آهن، مون ته فقط
هڪ ڀيرو نالا ڳڻايا آهن ۽ انهن ڪتابن جا حوالا به
ڏنا آهن. جيڪي تنوير بار بار پنهنجي ڪتاب ۾ حوالا
به ڏنا آهن. انهن جي لکيل ڪتابن جا نالا ۽ صفحا
نمبر به ڏنا آهن. ان سڄي محنت جو مقصد هي آهي ته
هڪ ته پڙهندڙن کي تنوير جي علميت جي پروڙ پوي ته
هن هڪ پنهنجو 180 صفحن جي ڪتاب لکڻ لاءِ ڪيترن
ڏيهي توڙي پرڏيهي اديبن ۽ ليکڪن جا ڪتاب پڙهيا
آهن، ٻيو مقصد اهو به آهي ته نون توڙي سينيئر
اديبن کي به سهولت ٿي پوندي ته اهي ڀلي تنوير جي
ڏنل حوالن وارن ڪتابن کي پڙهي ڏسن. ممڪن آهي، بلڪه
يقين آهي ته اُن سان سندن علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو
ٿيندو. اهڙي طرح شاهه لطيف تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ
مواد هٿ ٿيندو ۽ سنڌي ادب ۾ جديد سوچ جو اضافو
ٿيندو.
مون کي احساس آهي ته هي مضمون ڊگهو ٿيندو پيو وڃي.
مان چاهيان ها ته تنوير جي شعرن جا حوالا ڏئي هن
مضمون کي ڊگهو ڪري ڇڏيان ها، جيئن اڪثر دوست ڪندا
آهن. پر مون تنوير جا شعر هڪ اڌ رڳو نموني خاطر
لکيا آهن. مون سندس گهڻ پڙهيل شخصيت تي زياده زور
ڏنو آهي، تنوير حقيقت پرست شخص هو. هن کي منافقي
کان بيحد نفرت هئي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ سڌو سنئون سچو
۽ مخلص شخص هو. مان سندس سفرنامي ”ڏوري ڏوري ڏيهه“
مان هڪ حوالو پيش ڪندس. اميد آهي ته پڙهندڙ اهو
پڙهي لطف اندوز ٿيندا. ”گائيڊ ٻڌايو ته: اسان لئٽن
ڪوارٽرس ۾ پهتا آهيون. منهنجا طاق لڳي ويا. پئرس
جا لئٽن ڪواٽرس؟ هيءُ فرينچ جيڪي فرينچ کان سواءِ
ٻي ٻولي ڳالهائي ته ٺهيو، پر ٻڌڻ به پسند نه ڪن،
اهي پنهنجي شهر ۾ لاطيني ٻوليءَ جي نالي ڪوارٽر
ڪيئن برداشت ٿا ڪن.
گائيڊ اها مشڪل آسان ڪئي. ٻڌايائين ”هيءَ جي جڳ
مشهور سوريبون (Sorbonne)
يونيورسٽي 13 صدي عيسويءَ ۾ ٺهي“ ان وقت جي رواج
موجب تعليم جو ذريعو لاطيني ٻولي هوندي هئي. ان
ڪري هن ايراضي جو نالو لئٽن ڪوارٽرس پيو. جو اتي
يونيورسٽي جا استاد ۽ شاگرد رهندا هئا. پر پوءِ
سورهين صديءَ ۾ فرينچ تعليمي زبان ٿي ۽ لئٽن ختم
ٿي وئي.
ان ڳالهه تي مون کي اڃا به وڌيڪ عجب لڳو لئٽن
(لاطيني) ٻولي، ختم ٿي وئي، پر تنهن هوندي به
فرينچ انهيءَ ايراضيءَ جو نالو مٽائي، ”فرينچ
ڪوارٽرس“ نه ڪيو ڪمال آهي، ان قوم تي سلام آهي.
زنده قومون، بهادر قومون، احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل
قومون، تاريخي حقيقتن کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ جي ناڪام
ڪوشش ۾ پنهنجا پول پڌرا ڪري ڇڏينديون آهن. اسان
نيپيئر روڊ جو نالو مٽايو، ته ڇا اها حقيقت ڊهي
ويندي ته سرچارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي هئي؟
جي فريئر روڊ، فريئر هال ۽ فريئر گارڊن جو نالو
مٽايوسين ته ڇا سربارٽل فريئر جي سنڌي ٻوليءَ جي
ڪيل خدمتن تي هميشه لاءِ پردو وجهي سگهنداسين. جي
سيتا، جيمس آباد، جيڪب آباد، جا نالا مٽاياسين ته
ڇا انگريزن ۽ هندن کي سنڌ جي تاريخ مان هميشه
نيڪالي ملي ويندي...“
اسان نيپيئر روڊ، فريئر روڊ، برنس روڊ، ميڪلوڊ روڊ
جو نالو مٽائي ڇڏيو. فريئر گارڊن جو نالو مٽائي
ڇڏيو، گانڌي گارڊن کي مسلمان ڪيو، ڇا تاريخ جون اڻ
مٽجندڙ ليڪون ڊهي ويون؟
ڇا اسان انگريز جو دور حڪومت تاريخ مان پٽي ڪڍي
ڇڏيو؟
تنوير ماڻهو ڪيئن هو. مکڻ ماڻهو هو. کلڻو ملڻو
ڀوڳائي، ٺڪائي، پيار ڪرڻ وارو، ڪراچيءَ ۾ سندس
گهڻيون شامون مون سان گذريون. جنهن ۾ تاجل بيوس
۽ شمشيرالحيدري به گڏ هوندا هئا. ادب تي به ڳالهه
ٻولهه ٿيندي هئي، شاعري به ٿيندي هئي ته بي ادب
ڳالهيون به ٿينديون هيون.
شمشير سان ڏاڍو حجائتو هو. ۽ شمشير کي مخاطب ٿيندو
هو ادا او ادا..... هجئي، ائين ڪري ٽهڪن ۾ ٻڏي
ويندو هو. شمشير کيس دڙڪا ڏيندو ”هجئي ڙي هجئي
تنون مل.“شمشير، تنوير کي تنون مل سڏيندو هو. ڏاڍا
مزا هوندا هئا. پنهنجي پٽ سان ڏاڍو پيار هوس، پر
کيس انهيءَ پيار جي اهڙي موٽ نه ملي سگهيا. ”سرمد
جو گهر“. خيرپور مان کيس اسلام آباد لڏرايائون،
اتي شايد سندس پياري گهر واري ۽ پياري پٽ هن جو
حقو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. هن تي سختيون ڪيون ويون،
تان جو هو حياتيءَ تان ئي هٿ کڻي ويو. دوستن، خاص
طرح سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر سليمان
شيخ ۽ ٻين وڏا وس ڪيا ته ”ميا ئي جياس جي وڃي مڙهه
ملير ڏي.“
پر هاءِ ڙي قسمت، جو تنوير عباسي جهڙي مکڻ ماڻهوءَ
کي اسلام آباد ۾ دفن ڪيو ويو ۽ هڪ وڇوڙي مٿان ٻيو
وڇوڙو ڏنو ويو، جو سندس مزار تي بيهي ٻه قل پڙهڻ ۽
ٻه ڳوڙها ڳاڙڻ کان به وياسين.
موڪلاڻي کان اڳ ٻيهر ڪجهه تنوير کي ورجايون:
جي ڪوئي ڀي گڏ نه هلندو،
مان هيکل ئي ويندس.
مون کي اڳتي وڃڻو آهي.
جيئڻ سڀ جو جڳ ۾
الفت جي آڌار.
کڻ اکيون کل يار تون،
اڃا ته رات جا ٻارهن آهن،
توکي لڳي آ يار وڃڻ جي،
چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو،
تون آڏو هوندينءَ ۽ لکندس.
شعر نوان تنهنجي ڪاڻ.
وقت سٺو گذري ويندو.
تنهنجي وڇوڙي.. مون کي ولوڙي
آهي ڪيو دک جو هيراڪ.
روح ڪيو ڪٿ ڪونه اجهايو.
هڪ شاعر ۽
سندس چنڊ......
ڪلا
پرڪاش
اُن سهڻيءَ شام جو مان ’جبيس‘ ۾ موجود نه هئس ۽
شڪر آهي جو مان اتي نه هئس. جيڪڏهن موجود هجان ها
ته اُهي اکيون ڪٿان آڻيان ها، جن سان ڏسان ها ته
موتي ۽ تنوير ڪيئن ٿا هڪ ٻئي سان ملن! کين
موڪلائيندو مون ڏٺو ۽ اُهو منظر مون کان ڏٺو نه ٿي
ويو. هو هڪ ٻئي جي ڪلهن تي سِر رکي، هڪ ٻئي جون
خميسون پنهنجن ڳوڙهن سان ڀِڄائي رهيا هئا.... مان
اهو سهي نه ٿي سگهيس ۽ آسمان ڏي نهاري رب کان
پُڇيو هوم ته تون ڇو ٿو ڪرين تنوير ۽ موتيءَ کي
جُدا؟ ڇا جيترو وقت جُدا رهيا آهن سو ڪافي ڪونهي؟
مان سمجهان ٿي ته ملڻ مهل به هنن ٻنهي شاعرن رنو
هوندو. اُهي خوشيءَ جا لڙڪ هوندا يا لڙڪ نه لاڙيا
هوندائون، ۽ محبت ۽ تپرس وچان هڪ ٻئي کي تڪيو
هوندائون. ٻاهران موٽيس تڏهن موتيءَ بي صبريءَ
وچان مون کي چيو، ”ڪلا، هي آهي تنوير. هن کي ڏسندي
ئي مون کي سندس شعر جون ٻه سٽون ياد آيون:
’ڪجهه ڏيئي وينداسين پر ڪجهه نه کڻي وينداسين،
ٻُور آهيون ۽ ڏيئي ميوو، ڇڻي وينداسين.‘
تنوير جو هي شعر مون موتيءَ جي زبان مان هزار دفعا
ٻڌو هوندو. هي شعر ٻُڌندي ٻُڌندي تنوير عباسي نالي
واري شاعر سان هڪ سؤکيم سڃاڻپ ٿيل هئي ته هي ڀاءُ
منهنجو، دنيا کان ڪجهه نه ٿو طلبي. دنيا کي ڪجهه
ڏيئي وڃڻ ٿو چاهي ۽ وري پنهنجو ڏيڻ جتائي به نه
ٿو. پاڻ کي ٻُور سڏي، ميوو ڏيئي ۽ ڇڻي وڃڻ واري
ڳالهه ته دل مان سڏڪو ڪڍائي ڇڏيندي آهي! اُهي سڏڪا
نذر ڪندي ڀاءُ تنوير عباسيءَ سان مليس ته منهنجو
ڌيان موتيءَ طرف ويو. هن جو منهن ڏاڍو ڳاڙهو ٿي
ويو هو...... سبحان الله..... محبت جي هيءَ جوت
پسي دل روشن ٿي ويئي، ۽ پوءِ ملي قمر! سانوري،
سلوڻي ۽ رعبدار شخصيت جي مالڪڻ قمر سان ملي وڏو
آٿت آيو. دل چيو ته شاعر تنوير ڪن مضبوط ۽ محبت
ڀريل هٿن ۾ سلامت آهي. اُن بعد موتيءَ ماهتاب طرف
اشارو ڪري چيو، ”هيءَ اٿئي ماهتاب.“ ماهتاب ۽
محبوب بابت الڳ ذڪر ڪنديس، تنهنڪري هتي صرف ايترو
ئي ته جيئن ساٿين سان ملي ٺڪي ٺهي قمر ۽ ماهتاب جي
وچ ۾ ٿي ويٺيس ته ڏسان موتيءَ جو ڳاڙهو منهن اڃا
به وڌيڪ ڳاڙهو ٿي ويو آهي. کن بعد سمجهه ۾ آيو ۽
پاڻ کي چيم ته جذبات وهيڻي شاعر موتيءَ کي ڳاڙهي
ٿيڻ جو سبب ته هوئي، ڇو ته ٻه ٻه چنڊ ڪمري ۾ موجود
هئا! ماهتاب ۽ قمر..... قمر جي ڳالهائڻ ۾ جُريت به
آهي ۽ ڪشش به آهي. قمر جڏهن تنوير جي جيل يا ترائن
جا قصا پئي ٻڌايا، تڏهن ڪيترائي منظر اکين اڳيان
کڙا پئي ٿي ويا. بلڪل ائين ڄڻ اسان پاڻ تنوير کي
جيل ويندو ڏٺو هجي. هڪ دفعي جي ڳالهه ڪيائين، ”مان
صرف گهر جي اندر بوٽ پائڻ خاطر اندر ويس جو تنوير
۽ مان پنڌ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين، تنوير گهر جي
دروازي واري حصي ۾ ئي مون لاءِ ترسيل هو.... بوٽ
پائي اچي ڏسان ته تنوير آهي ئي ڪين! منهنجي پٽ
ٻڌايو ته اما، بابا سائينءَ کي فوجي وٺي ويا.“
قمر يڪدم ڪار ڪڍي ۽ جيل طرف رخ رکيو. سندس ٽيئي
ٻارڙا به ساڻس گڏ هئا. جڏهن جيل وٽ پهتا تڏهن ٻاهر
فوجين جي قطار هئي. هو کانئس اُتي اچڻ جو سبب پڇڻ
لڳا ۽ کيس اندر وڃڻ ئي نه ڏين. قمر رُڪجڻ واري
ڪانه هئي. هوءَ هائيسٽ اَٿارٽيءَ سان ملي، ۽ فلڪ
سان کيس چيائين، ”هنن فوجين کي ڪجهه مُروت سان هلڻ
ته سيکاريو. توهين منهنجي مڙس کي گرفتار ڪري آيا
آهيو ته مون کي ايترو ته حق آهي جو مان پُڇان ته
هن کي ڪهڙي ڏوهه هيٺ گرفتار ڪيو اٿو؟ کيس ڇڏائڻ
لاءِ مون کي درخواست آڻڻي آهي!“ اهو آفيسر قمر سان
فهميدگيءَ سان پيش آيو. ڪجهه دير بعد قمر گهر مان
مانيءَ جو ٽفن ڀري تنوير جا ڪپڙا وغيرهه کڻي وري
اُتي ويئي. هڪ فوجيءَ کيس چيو ڏي، مان ٿو ٽفن
پهچايان، پر تنوير جو ننڍڙو پٽڙو، جيڪو اُن وقت
ڏهن ٻارهن ورهين جو هوندو، تنهن فوجيءَ کي چيو،
”مان بابا سائينءَ کي ٽفن ڏيندس.“ فوجي هن ننڍڙي
ٻار کي جهلي نه سگهيا. وچ ۾ ننڍڙو جونير تنوير ۽
ٻنهي پاسن کان فوجي. هو بي ڊپو ڇوڪر پنهنجي شاعر
پيءُ لاءِ ٽفن کنيو پيو وڃي......
قمر اها ڳالهه اهڙي انداز سان ٻڌائي جو اهو منظر
اکين ۾ سمائجي ويو آهي. جونير تنوير جڏهن ٽفن ڏيئي
موٽيو، تڏهن فوجين کانئس پڇيو، ”ڇا چيو تنهنجي
پيءُ توکي؟“ هن وراڻيو، ”بابا چيو، هتي آرام
ڪندس.“ تنوير سچ پچ جيل ۾ آرام ڪري سگهندو آهي،
اها ڳالهه قمر هيئن ٻڌائي:
”پهرئين دفعي جڏهن تنوير جيل ۾ ويو ته مون کي فڪر
اچي ورايو ته هو گهر ۾ ڏاڍي ناز نزاڪت سان رهندو
آهي، سو هُتي پٽ ۾ کيس ننڊ ايندي اَلائي نه؟ مون
کي ته ساڻس گڏجڻ ئي نه پيا ڏين. سو مون ٻين ڪن
ماڻهن معرفت پُڇا ڪرائي ته خبر پيم ته تنوير پٽ
تي، ميري گودڙي اوڍي راتِ جو تمام سُٺي ننڊ ڪئي
آهي.“
قمر هيءَ ڳالهه ٻڌائي ته مون تنوير ڏانهن نهاريو.
هن جي چمڪندڙ پيشاني ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هن
کي ويساهه آهي ته هن ڪڏهن ڪو خراب ڪم ناهي ڪيو....
دنيا چاهي کيس کٽ تي سُمهاري، چاهي پٽ تي، هُن
لاءِ آرام آهي.
ڀينڙيءَ قمر کان پڇيم: ”تو جو هنن اختياريءَ وارن
کان پُڇيو ته تنوير کي ڪهڙي ڏوهه هيٺ گرفتار ڪيو
اٿوَ، ان جو ڪهڙو جواب ڏنائون؟“
هن مرڪندي وراڻيو، ”هو هميشه چوندا آهن ته اَمن
اَمان لاءِ خطرو آهي.“
مان سوچيان پيئي ته ڪير امن امان لاءِ خطرو
آهي.... تنوير؟ خدا شاعرن کي اهو ڪم سونپي ته قلم
ڌڻي بڻايو ته پنهنجي قلم سان امن ۽ ڀائپيءَ جو
پيغام لکن. اَلا.... دنيا جيڪر اها ڳالهه سمجهي.
شاعر ۽ فنڪارن کي انسان ذات جي بي بها دولت ڪري
ڄاڻي!
منهنجي ڀيڻ قمر ته تنوير کي سچ پچ بي بها دولت.
سمجهي ٿي. پاڻ لاءِ ۽ پوريءَ انسان ذات لاءِ. هو
سندس خاوند آهي، تنهنڪري قمر جي هن سان محبت ته
آهي ئي آهي، پر هوءَ شاعر تنوير سان به محبت ڪري
ٿي ۽ سندس بيحد گهڻي عزت ڪري ٿي. قمر ۽ تنوير ٻئي
ڊاڪٽر آهن ”پر قمر گهر گرهستيءَ جو توڻي ڪلينڪ جو
ذمون گهڻيءَ حد تائين پاڻ تي هموار ڪيو ويٺي آهي،
جيئن شاعر تنوير تخليق ڪرڻ لاءِ آزاد رهي. تنوير
تي ڪوبه ٻنڌڻ ڪونهي ته ڪيڏيءَ مهل سُمهي، ڪيڏيءَ
مهل اُٿي ۽ ڪهڙي وقت ڪلينڪ ۾ اچي، ڪهڙي وقت ڪلينڪ
مان وڃي. هُو روٽن جي ڄار ۾ ڦاٽل ڪونهي... ان ڪري
قمر وڌيڪ ئي جوابدارين ۾ ڦاٿل آهي. تنوير کي ان
ڳالهه جو احساس آهي. جڏهن رشيد ڀٽيءَ جي ڪراچيءَ
واري گهر ۾ تنوير ۽ قمر سان ملياسين، تڏهن شاعريءَ
جي محفل ڄمي رهي هئي، پر قمر اُتي موجود نه هئي.
مون تنوير پڇيو، ”قمر؟“
تنوير وراڻيو، ”هوءَ ٿورو آرام پيئي ڪري. ٿڪجي
پيئي آهي نه....... بس ڄاڻ آئي.“
تنوير ڳالهه ته معمولي ڪئي، پر سندس چهري تي ڦهليل
غير معمولي جذبا ٻڌائي رهيا هئا ته هن کي قمر جي
صحت ۽ ٿڪ جو ڪيڏو اونو آهي. هوءَ صحيح معنيٰ ۾
سندس رفيق حيات آهي.
رشيد ڀٽيءَ جي گهر واريءَ محفل ۾ هڪ اهم ڳالهه
ڪئي. اها محفل اُن خيال کان يادگار محفل آهي، جو
موتيءَ ۽ تنوير هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي انجام ڪيو آهي
ته هو ٻئي گڏجي ’سنڌي شعر جي تاريخ‘ لکندا.
تنوير قمر کي چيو، ”قمر، موتي ۽ مان هڪ تمام گنڀير
ڳالهه چئي رهيا آهيون، متان سمجهين ته بس چوڻ خاطر
ٿا چئون ۽ پوءِ وساري ڇڏينداسين.“
مون کي اُن ڏينهن جو انتظار رهندو، جنهن ڏينهن
’سنڌي شعر جي تاريخ‘ ڇپبي ۽ لکندڙن جا ٻه نالا
هوندا: تنوير عباسي ۽ موتي پرڪاش. ان کان سواءِ به
گهڻين ئي ڳالهين جو انتظار رهندو. انتظار جي ڪري
جيئڻو پوندو يا جيئڻو آهي، تنهنڪري اهڙين خوبصورت
ڳالهين جو انتظار ڪرڻو پوندو!
ڊاڪٽر حميده کهڙي جي گهر ۾ هڪ مشاعرو ٿيو.
خوشنصيباً تنوير اُن جي اڳئين ڏينهن ئي ڪراچيءَ
آيو هو. اسين جيئن ئي ڪراچيءَ پهتاسين، تيئن تنوير
سان، خيرپور ۾ سندس گهر ۾ فون تي ڳالهايو، ڄڻ ته
هو اسان سان گهڻائي دفعا ملي چُڪا آهن. حقيقت ۾
ملڻو ته اڃا هو..... ڊاڪٽر ماڻهو پنهنجي ڪلينڪ ٻه
ٽي ڏينهن بند ڪري، اها ڪيتري نه اهنجي ڳالهه آهي.
پر هنن کي جو اسان لاءِ هيترو سارو پيار هو، تنهن
اهنجي ڳالهه به ڄڻ سَهنجي ڪري ڇڏي هئي.
مشاعري جو وقت شام جا ست وڳا هو. اُن مشاعري جي
صدارت موتي پرڪاش کي ڪرڻي هئي. قمر ۽ مان، الڳ الڳ
هنڌن تان ڪم لاهيندا، اٽڪل ساڍي ستين وڳي کن
مشاعري ۾ اچي پهتاسين. پر موتي ۽ تنوير غائب هئا.
هو ٻئي ڄڻا اٽڪل اٺين وڳي ڌاري پهتا، تڏهن ائين
پئي لڳو ڄڻ ٻه ننڍڙيءَ عمر جا الهڙ جوان گوڙ گنبوڙ
کان دور ڪٿي ويهي پنهنجي جدائيءَ جي عرصي جو دک
وسارڻ لاءِ، ڪي رنگين خواب اُڻي آيا هجن. موتي
پرڪاش لاءِ صدر هئڻ جي حيثيت ۾ جاءِ مقرر ٿيل هئي.
هن اها جاءِ والاريندي ئي چيو، ”تنوير يار، اچ تون
منهنجي ڀر ۾ اچي ويهه ۽ مشاعري جي ڪارروائي تون ئي
هلاءِ.“
تنوير جهٽ اچي موتيءَ جي ڀر ۾ ويٺو ۽ واقع ئي
مشاعري جي سُهڻي نموني ڪاروائي هلايائين.
ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون تنوير ۽ قمر ڪراچيءَ ۾ هئا.
آخر موڪلائڻ جي ويل به اچي ويئي. جنهن شام جو
مليا، تنهن شام کي ته سهڻي شام سڏيو اٿم، هن
موڪلائڻ واريءَ شام کي ڇا سڏيان؟ اها شام گذري
مسٽر ۽ مسز مهتاڻيءَ جي گهر ۾. شام جو اٺين وڳي
ڌاري، مهتاڻي فئمليءَ جي گهر جي ڪمپائونڊ ۾، سليم
ميمڻ جي ڪار وٽ بيهي، تنوير ۽ موتيءَ موڪلايو.
تنوير ۽ قمر اُن ڏينهن واپس خيرپور روانا ٿيڻا هئا
۽ ٽئين ڏينهن اسين به واپس دبئي ورڻا هئاسين! موتي
۽ تنوير هڪ ٻئي کي لپيٽجي پيا. رومال ڪڍي ڳوڙها
اگهڻ جي تڪليف نه ٿي ڪيائون. هڪ ٻئي جي ڪُلهن تي
سِرُ رکي، هڪ ٻئي جون خميسون ڀڄائي ڇڏيائون. مان
هنن کي ڏسي نه پيئي سگهان ۽ اکيون مٿي ڪري آڪاس
طرف ڏسڻ لڳيس جو تنوير جو سڏ ٻُڌم. چيائين، اچ
ڪلا..... مون کيس ڳراٽڙي پائي چيو: ”توهين هيئن
روئندا ته....“ وڌيڪ نڙيءَ مان لفظ نه نڪتو. تنوير
پاٻوهه مان چيو، ”چڱو، نه ٿو روئان. کلان ٿو. خوش
ٿو ٿيان.“
مون کيس چيو، ”توهين وڏي عمر ۽ سُٺي صحت ماڻيو.
توهان جي قلم ۾ اڃا به زور اچي.“
اُن بعد مان قمر سان موڪلائڻ خاطر هن طرف ويس ته
منهنجو گهوٽ هن جو نرڙ چمي رهيو هو. پوءِ چيائينس،
”قمر، تنهنجي مهرباني. تو شاعر تنوير عباسيءَ جي
گهڻي خذمت ڪئي آهي. شاعر جيڪو منهنجو دلبر دوست به
آهي.“
قمر ان داد جي حقدار آهي. مون پوءِ ساڻس ڀاڪر پائي
موڪلايو. اُن بعد سليم جي ڪار ۾ مان ۽ موتي
ويٺاسين. جيئن ڪار ڪمپائونڊ مان نڪتي پئي ۽ تنوير
اکين کان اوجهل ٿي ٿيو، تنهن مهل موتيءَ جا گونگا
ڳوڙها ته تنوير جو شعر چئي رهيا هئا:
شل ابد تائين رهي رنگ سلامت گُلَ جو،
هير جيان پاند ۾ خوشبوءِ ئي کڻي وينداسين.
تنوير مکڻو ماڻهو
قمر شهباز
تنوير سان منهنجي پهرين ملاقات منهنجي ادبي زندگي
جيتري پراڻي هئي، حيدرآباد ۾ ملياسين، گل محمد چنه
جي معرفت ”ادا“ جو پرچو ڏيکاري چيومانس. ”هي
پهريون پرچو آهي.“ چيائين. ”ننڍڙن ماڻهن وڏو پرچو
ڪڍيو آهي.“ اهي لفظ وسرن ئي نه ٿا. چيائين. ”ٿڪجي
ته نه پوندؤ؟“ چيم ”هاڻي ته قلم هٿ ۾ کنيو اٿئون.“
چيائين ”اڳيان ڏکيو پنڌ اٿوَ.“ ان ڏکئي پنڌ کي
هاڻي ڇائيتاليهه سال گذري ويا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ان
عرصي ۾ مون قلم موٽائي نه رکيو آهي، رکڻو به ناهي،
جياپي جو اهو ئي هڪ مُکيه بهانو آهي. اهو تنوير
سنهڙو، سيپڪڙو، سهڻو ۽ نازڪ انسان هو، مون کي ياد
آهي ته مون کيس ڏاڍو حيرت مان ڏٺو هو، سفيد قميص،
ڪاري پتلون ۽ گلي ۾ چوڪڙين وارو مفلر. چيائين،
”ڪافي پئيندوَ؟“ اسان چپ رهياسين. ڪافي ٺاهيندي
چيائين، ”مون کي ڪافي وڻندي آهي، ٻئي جي هٿ جي
ٺهيل ڪافي مون کي وڻي ئي ڪونه، لڳندو آهي ابراهيم
خليل جو شعر پيو پڙهان.“
اسان کي ڏاڍي کل آئي هئي، انهن ڏينهن ۾ قديم ۽
جديد جو بحث چوٽَ تي هو.
تنوير سان ان کانپوءِ ادبي ناتي محبت جا رشتا قائم
ٿي ويا. ڏاڍو سٻاجهو ماڻهو هو، پنهنجيءَ شاعري
جيئان دل ۾ درد هميشہ کليل رکندو هو. بناوٽ،
منافقي ۽ اجايو ڏيکاءُ کيس وڻندو ئي ڪونه هو. علم
۽ ادب ۾ ايترو ٻُڏل جو منجهس ڊاڪٽر ڳولڻ تقريبن
ناممڪن نظر ايندو هو. ڪاليج طرفان حيدرآباد جي داس
گارڊن ۾ ڪرڪيٽ ميچ کيڏندي بالُ نڪ تي لڳم، خون بند
ئي نه ٿئي، گاڏي ۾ کڻائي لياقت اسپتال ۾ آيا،
ايمرجنسي ۾ پيو هوس، جو تنوير اچي پهتو چيائين
”راڪاس نڪ سان ڇا پئي ڪيئي؟“
چيم: ”بال پئي جهٽيم.“
چيائين، ”تنهنجي لاءِ بري خبر آهي، تون فلمن ۾
هيرو ٿي نه سگهندين.“
پُڇيم، ”ڇو؟“
چيائين: ”هڏي جو فريڪچر ٿي پيو آهي، جڙي ته ويندي،
پر سڌي بيهي نه سگهندي.“ بناوتي ڏک جو اظهار ڪندي
چيم. ”اهو چانس به ويو؟“
ورهين کانپوءِ نيشنل هاءِ وي تان ڪراچيءَ پئي آيس
ته سامهون تنوير جي ڪار اچي بيٺي، وچ روڊ تي لهي
ڀاڪر پائي ملياسين، چيائين. ”چڱو ٿيو جو ملي وئين
مان توکي ڳولڻ ڪراچي ويو هوس.“
پڇيم، ”خير ته آهي؟“
چيائين، ڏاڏا شاهه ”مومل راڻو“ فلم پيو ٺاهي، توکي
اُن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو.“ نڪ ڏانهن اشارو ڪندي چيم،
”هيرو جا چانس ته تو ڪڏهوڪو ختم ڪري ڇڏيا، راڻي جو
نڪ ته گهٽ ۾ گهٽ سڌو هجي.“
مرڪي چيائين، ”راڻي لاءِ ڪير ٿو چوي؟ اسان کي ته
اُٺ جي تلاش آهي!“
ڪنڌڪوٽ ۾ هوس جو وڏي پيماني تي هفتي، ڏهن ڏينهن جو
جشن ڪرايم، ڊراما، مشاعرا، راڳ رنگ، رانديون
رونديون وغيرهه رٿيون ويون، ادبي محفل جي موقعي تي
آغا سليم جو اسٽيج ڊرامو ”دودو چنيسر“ پڻ رٿيو
ويو، صدارت لاءِ تنوير کي عرض ڪيم، نه رڳو پاڻ آيو
بلڪه گهر واري ڊاڪٽر قمر، ۽ ڀاڄائيءَ کي پڻ ساڻ
وٺي آيو، ڪنڌڪوٽ جو وڏيرڪو ماحول بي پردي عورتن جو
تصور به نه پئي ڪري سگهيو، ۽ هيڏانهن تنوير کي اُن
ڳالهه جي ذري برابر به ڳڻتي نه هئي، ڏاڍو پريشان
ٿيس، آخرڪار قناتن جي اوٽ ۾ عورتن کي ويهارڻ جو
انتظام ڪيم، تنوير بگڙجي ويو، سخت لهجي ۾ چيائين،
”جي معاشري کي منهن ڏئي نه ٿو سگهين، ته پوءِ ان
کي سڌارڻ جي دعويٰ به نه ڪر.“
نواب شاهه ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو جشن هو، فنڪشن
کانپوءِ هڪ ڪمري ۾ ويٺا هئاسين، رشيد ڀٽيءَ هر هر
دريءَ کان ٻاهر پئي ڏٺو.
پڇيومانس، ”ڪنهن جو انتظار اٿئي؟“
پريشان ٿي چيائين، ”تنوير اَلوپ ٿي ويو آهي.“
سامهون ويٺل تنوير چشمو هٿ ۾ ڏيندي چيس، ”پائي ڇڏ،
بنا چشمي ته توکي گهر به هٿ نه ايندو آهي.“
رشيد چشمو پائيندي چيو، ”ڏٺئي! مان به چوان ته ڪا
شيءِ ته الوپ ٿي وئي آهي.“
ڏاڍي محبت سان ملندو هو. خيرپور يونيورسٽيءَ جي
سچل چيئر تي حميد سنڌي مهرباني ڪري ’بورڊ آف
ايڊوائيزرس‘ جو ميمبر مقرر ڪيم، ميٽنگ ۾ ملاقاتون
ٿينديون هيون، سچل لائبريري جو هڪ هڪ ڪتاب وري وري
ڏيکاريندو هو. تعليمي نسخا، قديم مسودا، تحقيقي
ڪم، مطلب ته پيار جي پورهئيءَ سان جيڪو ڪجهه
سهيڙيو هئائين، سو وڏي فخر سان، وڏي مان سان، يارن
دوستن جي آڏو پيش ڪندو هو، اهڙي ئي هڪ موقعي تي
سندس گهر ۾ منجهند جي ماني کائيندي چيائين، ”هن
ڪمري ۾ اياز کان وٺي سيد غلام مصطفيٰ شاهه تائين
سڀ دانشور آيا آهن، هي ڪتاب مون زندگي ڀَر جي محنت
کان پوءِ گڏ ڪيا آهن، هن گهر سان مون کي ڏاڍو پيار
آهي، مون پنهنجون تخليقون گهڻي ڀاڱي هت ئي ويهي
لکيون آهن، سمجهين ٿو ته هن گهر کي ڇڏيندي مون کي
ڪيتري تڪليف ٿيندي؟“ گذريل دفعي جڏهن ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو، تڏهن
آواري هوٽل جي هال ۾ چيومانس. ”ٻڌو اٿم ته اسلام
آباد لڏي ٿو وڃين؟“
چيائين، ”ڏاڍو ڏکيو فيصلو ڪيو اٿم، ان کي وڌيڪ
ڏکيو منهنجا دوست بڻائي رهيا آهن، وڃڻ ئي نه ٿا
ڏين.“ چيم، ”پوءِ رهي پئه.“
چيائين، ”دل خراب ٿي پئي آهي، چوان ٿو ته هاڻي
آرام ڪيان.“ |