سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:20

هوٽل ۾ پهتاسين ته ڪلا به اچي ويئي. ڪلا- جنهن وٽ اُڪير جا انبار آهن، قرب جا ڪوٽ آهن. نازڪ دل واري، ڳالهه ڳالهه تي جهوٻو ايندس. ڏکڻي، نفيس ٽاڪئين، موتيءَ لاءِ ائين- ڇا چوان، ڪا تشبيهه نه ٿي سُجهي. ڄڻ مون لاءِ قمر. قمر ۽ هو مليون. ڄڻ وڇڙيل سڳيون ڀينر.

هوٽل ۾ پهچي، سڀ کان اول قمر، نارايڻ شيام کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي- سنڌ مان آندل ان سڪ ۽ سنيهه جي سوکڙين، هن شاعر جي نازڪ دل کي ڀڄائي ڇڏيو. دوستن تاڙين جا ڦهڪا ڪيا، سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا.

چانهه پي، سڀني دوستن موڪلايو. رات جي ماني موتيءَ وٽ هئي. هن چيو ته ٿوري دير آرام ڪري، ٿَڪُ ڀڃي وٺون. پوءِ هو اسان کي مانيءَ لاءِ وٺڻ ايندا.

آرام ڪهڙو، ٿَڪُ ته ٿيو ئي ڪونه هو. دوستن يارن سان ملڻ جي شوق واري سفر ۾ ٿڪ ٿيندو آهي ڇا؟ انهن سان ڪچهرين ڪرڻ ۾ ئي ته آرام ملندو آهي. هٿ منهن ڌوئي تيار ٿياسين ته موتيءَ جن به اچي پهتا.

موتيءَ جو گهر هوٽل کان ڪجهه قد من جي مفاصلي تي هو. سندس گهر جي در تي پهچي مون سوچيو ته: مان ڪيڏو نه بدبخت آهيان، جو موتي، ڪلا ۽ موهن گيهاڻي سنڌ آيا ته مان ڏاڍيءَ سِڪ جي باوجود به کين پنهنجي گهر ۾ نه آڻي سگهيس، ۽ موتي مون کي پنهنجي گهر وٺي آيو. مون سوچيو: گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه ۾ ته هو مون کان گوءِ کڻي ويو. (موتيءَ وارن کي رڳو ڪراچيءَ جي ويزا هئي. ان ڪري هو خيرپور نه پئي اچي سگهيا). موتيءَ جو گهر- قرب جو قيد، محبت جي ماڙي، ڪلا جي سڪ ۽ موتيءَ جي مُرڪ، ٻنهي ۾ سچ جو جرڪو. خلوص جو چمڪو، جتي ٻئي گڏ هجن، اتي مجال آهي ڪنهن کي جو هوش ۾ رهي.

گهر صاف سٿرو، سينگاريل. پر اهڙا گهر لکين ڪروڙين، پر انهن سڀني گهرن مان موتيءَ جي مهڪ ۽ ڪلا جو قرب فقط ان دبئيءَ واري گهر ۾ آهي. اهڙو ٻيو گهر سڄيءَ دنيا ۾ ڳوليو نه لڀندو، جتي مون ۽ قمر لاءِ اهڙي پنهنجپائي ۽ قرب ملي.

موتيءَ جي لائبرري ڏسي عجب لڳو. سنڌ ۾ ڇپيل هر اهم سنڌي ڪتاب اتي موجود هو. مون موتيءَ کي چيو، ”تو هتي سڄيءَ سنڌ کي جمع ڪيو آهي.“

مٺيءَ مرڪ سان وراڻيائين، ”اڃا ٻيا گهڻا ڪتاب هندستان ۾ پيا آهن.“

اُتي ننڍڙو مشاعرو به ٿيو، دبئيءَ جي سر زمين تي سنڌي مشاعرو- دوستن سان سرسري تعارف ته ايئرپورٽ تي ٿيو هو، هتي انهن سان وڌيڪ گهري واقفيت ۽ ويجهڙائي ٿي.

نارايڻ شيام جا نوان ۽ نڪور غزل ٻڌاسين. نارايڻ شيام، جنهن جي شاعري ننڍپڻ کان منهنجي من ۾ انڊلٺ ريکا جيان رنگينيون ڦهلائيندي رهي آهي. شيام ڌيمي ۽ سٻاجهي آواز ۾ پڙهندو ويو. لونءَ کي ڇهندو ويو. شاعري ڇا هئي، نه ٺاهه نه ٺوهه، نه لفظي جادوگري، نه وٺ پڪڙ. رڳو خلوص وارا سادا سودا سٻاجها جذبا. روز مرهه جي زندگيءَ جا عڪس، شيام جو هڪ مجموعو آهي، ’آڇيندي لڄ مران‘ مون چيو ته ”شيام جي تون ههڙا انمول شعر آڇيندي لڄ ٿو مرين ته ٻين کي ته پنهنجا شعر آڇيندي ٻُڏي مرڻ کپي.“

ان محفل ۾ خبر پئي ته معصوم مهانڊن وارو گوپ ڪيڏو نه Witty آهي. ڪيڏو نه حاضر جواب آهي. ڳالهائيندو آهستي آهستي، نرم ۽ معصوم لهجي ۾- ڄڻ ڪو ٻار ٿو ڳالهائي، پر هڻندو اهڙي سنڌائتي جو چوڻو پوندو ”ڏاڍي لڳي.“

مون کيس چيو ته ”تون هتان جو رشيد ڀٽي آهين.“ پر رشيد ڀٽيءَ ۽ گوپ ۾ هڪ فرق آهي. رشيد ڀٽيءَ جي طنز ۾ معصوميت کان وڌيڪ جارحيت آهي ۽ گوپ جي طنز ۾ جارحيت کان وڌ معصوميت. الائي گهڻو وقت ٿيو هو. الائي ڪيتري وڳي اها محفل ختم ٿي ۽ موتي مون کي، قمر ۽ شيام کي هوٽل تي ڇڏي آيو. يارن جو قرب زمان ۽ مڪان جا ليڪا ختم ڪري ڇڏيندو آهي. اُن ڪري دبئيءَ ۾ مون واچ ڏسڻ جي عادت ڇڏي ڏني.

ٻئي ڏينهن صبوح جو در تي کڙڪو ٿيو، مون در کوليو ته سامهون نارايڻ شيام بيٺو هو. مون کي هو پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيو (منهنجي ۽ شيام جي ڪمري جي وچ ۾ هڪ ٻيو ڪمرو هو. منهنجو ڪمرو هو 412 ته شيام جو 410).

ڪمري ۾ پهچي چيائين، ”تون منهنجي ايڏي تعريف نه ڪندو ڪر. تون منهنجي تعريف ٿو ڪرين ته مان لڄي ٿو ٿيان.“

راتوڪيءَ محفل ۾ مون شيام جي شاعريءَ کي ساراهيو هو، پر ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ڪيو هئم. ان ڪري چيومانس، ”شيام، مون سڄيءَ عمر ۾ ڪنهن جي به اجائي تعريف نه ڪئي آهي. مون جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو منهنجي ايمانداريءَ واريءَ راءِ تي ٻڌل آهي.“

چيائين، ”تڏهن به سٺو نه ٿو لڳي ته منهنجي منهن تي منهنجي تعريف ٿئي.“

مون چيو، ”چڱو، آئنده خيال رکندس. پر پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪندس. شيام، جي تون ۽ مان هڪ ٻئي کي اظهار جي آزادي نه ڏينداسين ته پوءِ ٻين تي ڪهڙي ميار.“

صبوح جو، جيستائين ٻاهر نڪرون، مون شيام کان سندس غزل ٻُڌڻ شروع ڪيا. شيام جي شعرن جي چونڊ ڪرڻ مشڪل آهي. سندس نظم، وائي، يا غزل جو هر شعر اهم هوندو آهي. ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن نئين جذبي جو اظهار هوندو آهي، يا ڪنهن نئين جذبي يا ٽاڻي (Situation) جي کوجنا. شيام پڙهندو رهيو، مان ٻُڌندو رهيس. ان وچ ۾ ڪلا ۽ قمر به اچي ويون. ڪلا شيام کي سندس ماضيءَ جي اونهاين ۾ وٺي ويئي ۽ کانئس سندس اوائلي حياتيءَ جي باري ۾ سوال پُڇڻ شروع ڪيائين. شيام ٻڌايو ته سندس شاعراڻيءَ تربيت ۾ حاجي محمود خادم لاڙڪاڻي واري، ۽ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم جو هٿ هو. ان کان سواءِ مولوي محمد عاقل عاقلي، ۽ پروفيسر ليکراج عزيز جي فيض ڀرين صحبتن مان پڻ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين. شيام ٻڌايو ته هو اصل کاهي قاسم (نوشهري فيروز جي ويجهو) جو آهي.

مون قمر کي چيو، ”قمر، شيام ته تنهنجو ڳوٺائي آهي. ۽ حميد سنڌيءَ جو پاڙيسري.“

قمر جو اباڻو ڳوٺ کاهي راهو آهي.

شيام وري غزل پڙهڻ شروع ڪيا. پڙهندي پڙهندي، جڏهن هن شعر تي پهتو ته آواز ڳورو ٿي، ڀرجي آيس، ۽ اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها ٽمڻ لڳس:

الائي ڪهڙيءَ گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين،

وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.

سڏڪا ڀريندي مون کي کڻي ڀاڪر وڌائين. مون به کڻي کيس ڳراٽڙي پاتي. پوءِ ٻنهي جا سڏڪا هئا، ڳوڙها هئا، قمر ۽ ڪلا جون اوڇنگارون هيون، ۽ ان کان پوءِ چميون.

شيام سڏڪندي مون کي چيو، ”اسان کي پيرن هيٺان زمين نه آهي.“ مون شيام کي چيو، ”شيام، جي اسان وٽ زمين آهي ته ان تي پير رکڻ نه ٿا ڏين.“

ٿوريءَ دير کان پوءِ گوپ ڪمل ۽ واسديو موهي به پهچي ويا. شهر جي چڪر هڻڻ جو پروگرام هو. هلڻ کان اڳ ۾ گوپ پڇيو، ”راڻي پور ڪهڙي حال ۾ آهي؟“

مون يڪدم چيو، ”تون راڻي پور جو آهين ڇا؟ مان سوڀي ديري جو آهيان. راڻي پور کان ست ميل پري.“

پوءِ مون کيس ٻڌايو ته راڻي پور هاڻي، ننڍڙي ڳوٺ مان ڦري چڱو ڀلو تجارتي شهر بنجي ويئي آهي.

گوپ چيو، ”مون نه ڏٺي آهي. مائٽ منهنجي ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي اتان لڏي آيا. تڏهن به پاڻ کي راڻي پور جو سمجهندو آهيان. راڻي پور ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿم.“

مون قمر کي چيو، ”توکي تنهنجو ڳوٺائي شيام ملي ويو ته مون کي منهنجو ڳوٺائي گوپ ملي ويو.“

گوپ کي چيم، ”مان توکي راڻي پور ضرور ڏيکاريندس.“

ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين ته ورانڊي ۾ هوٽل جي ڀت تي اُٺن ۽ شِڪرن جون تصويرون فريمن ۾ ٽنگيل نظر آيون. بلڪل ائين، جيئن اسان وٽ وڏين هوٽلن ۾ خوبصورت عورتن ۽ سهڻن نظارن جون تصويرون لڳل هونديون آهن. مون کي هن ملڪ جي ماڻهن جي ذوق تي عجب لڳو، شهر مان جڏهن ڊالر مٽائي امارتن جا دراهم ورتاسين ته انهن نوٽن تي به شِڪرن جون تصويرون هيون.

دبئيءَ جو سڄو شهر جديد آهي. لنڊن، پئرس ۽ روم ۾ جديد سان گڏ قديم عمارتون پڻ آهن، پر هتي ڪا قديم عمارت ڳولڻ سان به نه لڀي، ٻارهن ڏينهن جي رهڻ ۾ مشڪل سان هڪ ٻه قديم عربي طرز جون جايون نظر آيون، جيڪي پڻ موهن گيهاڻيءَ اسان کي ڳولي ڏيکاريون. سڄو شهر جديد آهي. گهڻ ماڙ عمارتن وارو، مسجدون (جيڪي بلند ۽ حشمت واريون هيون) روايتي مشرقي طرز تي اڏيل آهن، پر انهن ۾ به فن تعمير جي خيال کان ڪا نه ڪا جدت ضرور آهي. نين اڏيل عمارتن ۾ به ڪٿي ڪٿي ونگ يا گنبذ جو تاثر ڏنو ويو آهي. سپر مارڪيٽ، دڪان، ريسٽوران، هوٽلون، ڪلبون، رستا، چوڪ، انهن تي رکيل ڇٻر، ٻوٽا ۽ گل- سڀ جديد يورپي طرز جا.

ٽرئفڪ ڏاڍي منظم. ڪو پيادو رستو پار ڪري ته ٻنهي پاسي ٽرئفڪ بيهجي وڃي. خاص ڪري عورت جو اُن ڏس ۾ وڏو احترام. عورت هٿ ڏنو ته سڀ موٽر گاڏيون سڪتي ۾ اچي وينديون، ۽ بيٺيون هونديون، جيستائينءَ هوءَ رستو پار نه ڪري. دبئيءَ ۾ مون کي گاڏين جا اهي ميڪ (Make) نظر آيا، جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ڏٺا هئم، ۽ وري گم ٿي ويا ۽ ورلي نظر ايندا آهن. وڏيون شاندار گاڏيون- بيوڪ، پانٽئڪ، ڊاج، مرڪيوري، شيورليٽ. پيٽرول سستو آهي، ان ڪري اهي ’پيٽرول پيئندڙ‘ گاڏيون رکي سگهن ٿا. مرسڊيز ته ايتريون جو ڪاٿو ئي ڪونه. اسان جي ملڪ ۾ ايترا اُٺ به نه هوندا، جيتريون مرسڊيز هتي آهن. (ٻارهن ڏينهن ۾ امارتن ۾ مشڪل سان پنج اَٺ اُٺ نظر آيا).

ننڍي هوندي عربي مئٽرڪ تائين پڙهي هيم. خيال ئي خيال ۾ لفظ ۽ صيغا پئي ياد ڪيم، جو ڀانيم ته امارتن ۾ عربي ڳالهائڻي پوندي. تضربون تضربان جا صيغا پئي ورجايم. پر عجب لڳو، هتي عربي ته پري رهي، انگريزيءَ ۽ اردو ڳالهائڻ جي به گهٽ ضرورت پيئي. سنڌيءَ مان ئي ڪم نڪري ويو. دبئي شهر جو ڪاروبار ئي سنڌي هندوءَ جي هٿ ۾ آهي. دڪان تي چڙهه، ته مالڪ سنڌي، سيلزمئن يا سيلز گرل سنڌي، آيل گراهڪ گهڻو ڪري سنڌي. رستي تي مرد ۽ عورتون پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائيندا وڃن. رڳو ٽئڪسيءَ وارا ۽ مزدور پٺاڻ.

ڏاڍو جاچڻ بعد به ڪنهن گاڏيءَ ۾ ڊينٽ پيل نظر نه آيو. گوپ ٻڌايو ته هتي ڊينٽ ائين ڪوبه مستري نه ڪڍندو. جيستائين کيس پوليس جو سرٽيفڪيٽ نه ڏجي. پوليس ايڪسيڊنٽ جي پوري جاچ ڪري پوءِ سرٽيفڪيٽ ڏيندي آهي. جي ڊينٽ پيل گاڏي پوليس کي نظر اچي وڃي ته ڪڍ لڳي وڃي سوگهو ڪنس ۽ پوري جاچ ڪري، پوءِ يا سزا ڏين يا اصلي ڏوهاريءَ کي ڳولي لهن.

گوپ، موهي، مان، شيام ۽ قمر آهستي آهستي گهمندا پئي هلياسين. هن عرب ملڪ ۾ عرب خال خال پئي نظر آيا- عربياڻيون، ڪارين چادرين سان، منهن تي چمڙي جا نقاب لڳائي پئي گهميون، جن سان سندن کاڏي ۽ نڪ ڍڪيل هئا ۽ اکيون نظر پئي آيون. نڪ وٽان اهو نقاب چنهنبيارو هو. مون کي ان نقاب ۾ اهي عربياڻيون عقابن وانگر نظر پئي آيون. ڪي عربياڻيون صفا منهن ڍڪين، ته ڪي صفا ماڊرن. وار ڪٽيل، اسڪرٽ، يا جينس ۾.

دبئي جو شهر ننڍو، سڄو پنڌ گهمي وٺجي. پر صاف سٿرو، جديد، هلي هلي ٿڪاسين ته چانهن جي ضرورت ٿي. سامهون هڪ ڪيفي هئي، نالو هئس ’عمر خيام‘ مون سوچيو ته ان ڪيفي ۾ روايتي، عمر خيام جي رباعيءَ جهڙو سهڻو ساقي، صراحيءَ مان ساغر ڀري پياريندو، پر اندر گهڙياسين ته نه ساقي، نه صراحي، نه جام. هڪ ننڍي قد وارو سانورو ملباري ڪائونٽر تي ويٺو هو، ۽ اهڙي ئي رنگ روشن وارو بئرو آرڊر وٺي رهيو هيو. مون شيام کي چيو، ”هن ڪيفي تي پنهنجو نالو پڙهي عمر خيام جي روح کي ڪيڏي نه تڪليف ٿي هوندي.“

ان هوٽل جي چانهه پيئڻ سان وري ننڍپڻ ياد اچي ويو. چاليهه سال اڳ، ورهاڱي کان اڳ واريءَ ڪراچيءَ ۾ اهڙيون ملباري هوٽلون هونديون هيون. جتي اهڙي ئي چانهه ملندي هئي. گهاٽي ڪڙڪ، گهڻي ڪڙهيل هڪ مخصوص ذائقي ۽ خوشبو واري چانهه. خواب ۾ به نه هو ته اهڙي چانهه وري ملندي، جيڪا چاليهه سال اڳ پيتي هيم.

ٻاهر نڪتاسين ته رستي تي پبلڪ ٽيليفون هئي، ان تي لکيل هو- ’هاتف.‘

شيام چيو، ’اچو ته هن کان تاريخ، قطعه تاريخ پڇون.“

سنڌ ۾ اڪثر قطعه تاريخن ۾ (توڙي فارسيءَ جي پراڻن قطعه تاريخن ۾) لکيو ويندو هو ته ”هاتف کان تاريخ پُڇي سين ۽ ان هيءُ ٻڌايو.“

روز، قمر جي، منهنجي ۽ شيام جي منجهند جي ماني موتيءَ جي گهر هوندي هئي. موتيءَ جو اسڪول ٻه شفٽون آهي. شام جو ستين تائين اُتي هوندو هو. پر منجهند جو ماني کائڻ لاءِ اسان سان قرب جي ڪچهريءَ خاطر گهر ايندو هو. ستين وڳي شام جو واندو ٿي، روز اڌ رات کان به دير تائين، اسان سان قرب ونڊيندو هو. مانيءَ جو وقت ٿيو. مان، قمر ۽ شيام موتيءَ جي گهر وياسين. موتيءِ جي گهر واري لفٽ اُٻهري آهي. ڏاڍي تڪڙي لفٽ بيٺي، در کليو، تڪڙ ۾ نه نڪتئو ته ٺڪ، در بند ان ڪري يا دروازو هٿ سان جهلي کليو رکڻو پوي، يا بٽڻ دٻائي رکڻو پوي، جيستائين سڀ همراهه لفٽ مان نڪري بيهن. انهيءَ لفٽ مان نڪري موتيءَ جي گهر جي در وارو گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايوسين ته بنا دير در کلي پيو. مٺيءَ مرڪ سان موتي ٻانهون کولي آجيان لاءِ بيٺو هو.

جيستائين ڪلا ماني لڳائي، موتي جوس ۽ بيئر کڻي آيو. مِني ڪچهري- ان کان پوءِ ڪلا جي هٿ جو ٺهيل، ڪلا جي قرب جي سرهاڻ ۽ خلوص جي ذائقي وارو کاڌو. الائي ڇو عورت ۾ ماتا پڻي جو عنصر وڌيڪ آهي. ڪلا گهڙيءَ گهڙيءَ پليٽ وڌائي چوي، ”تنوير هيءُ کاءُ.“ ”قمر هيءُ ته چکي ڏس.“ شيام کي چوي ”دادا توهين هيءُ ته کائي ڏسو.“

شيام ويشنو آهي. مڇي ماس کان ته پري، پر بيدو به نه کائي. شراب به نه پيئي. مان ۽ قمر سنڌ ۾ گوشت مڇيون کائي ٿڪا هئاسين، ان ڪري ڪلا کي چيوسين، ته اسان رات جو دوستن جي دعوتن ۾ گهڻو ڪجهه کائون ٿا. ان ڪري منجهند جي ماني اسان لاءِ به ويشنو ٺاهي. ۽ ان ويشنو کاڌي جي لذت، جنهن ۾ ڪلا جي قرب جي خوشبو ۽ خلوص جو ذائقو هو، اسان کي سڄي عمر نه وسرندي.

موتي منجهند جي مانيءَ تي چيو، ”اڄ شام شارجيا جو پروگرام آهي. ٿورو آرام ڪري وٺو، شام جو پنجين وڳي نڪرنداسين.“

مان قمر ۽ شيام موٽي هوٽل آياسين، ۽ ٿوري دير آرام ڪيوسين. شام جو سڀ دوست پهچي ويا. موهن گيهاڻي، گوپ ڪمل ۽ واسديو موهي. ٻن گاڏين ۾ شارجيا روانا ٿي وياسين. اُتي منهنجو ماچيس ختم ٿي ويو. سڀني دوستن ۾ هڪ واسديو موهي ئي ڇيڪو (Smoker) هو. سو منهنجي لاءِ ضرورت ٿي پيو ۽ نظريه ضرورت هيٺ مون کيس پاڻ سان گڏ وهاريو. پوءِ منهنجو پائيپ ۽ هن جو سگريٽ، ساڳي ئي لائيٽر سان دکندا رهيا. ڄڻ اسان ٻئي ’باهه ڀائي‘ ٿي وياسين.

گوپ رستو ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ اڳيان ٿيو. مان، موتي، شيام ۽ موهي موتيءَ جي گاڏيءَ ۾ سندس پٺيان هلياسين. گوپ چڪر ڏيندو، گوهيون کائيندو، ڦري اچي ساڳيءَ جاءِ تي پهچي. ٻه ٽي دفعا ايئن ڪيائين، موتيءَ چيو ته رستو ڀلجي ويو آهي. اشارا ڏيئي، بيهاري پڇيائينس ته چيائين، ”تنوير وارن کي ڪجهه شهر جو چڪر ته هڻايان.“

گوپ ۾ سڀ عادتون رشيد ڀٽيءَ واريون. رشيد ڀٽيءَ کي به جڏهن گائيڊ ڪبو ته ابتا سبتا چڪر ڏياريندو.

شاهراهون ويڪريون، لَسيون ۽ آرام دهه. ڪار کي لوڏو ئي نه اچي. ٻنهي پاسي برپٽ. ڪٿي ڪٿي محلاتن جهڙا بنگلا نه ته ويراني. ٽرئفڪ تمام منظم.

پهرين شارجيا ايئرپورٽ جي عمارت ڏٺي سين، پري کان محل جي ڏک ٿي ڏنائين. گول گنبذ، ان جي هيٺان ونگن سان جهالر وانگر شيڊ. قديم عربي ۽ جديد فن تعمير جو خوبصورت ميلاپ.

ڪار پارڪنگ وٽ تمام وڏيون ڇٻرون ۽ وڻ هئا. ڇٻرن تي ڊيو ڊونا لڳل هئي. اسان وٽ ڊيو ڊونا کي ڪتري، ڀتيون يا گولا ٺاهيندا آهن، پر هتي، ڊيو ڊونا کي تراشي هنن  پنهنجي ثقافت جو اظهار ڪيو هو. گول، اڌ گول ۽ بيضوي گنبذ، مخروطي گنبذ.

اندر گهڙياسين ته لڳو ته ايئرپورٽ جي عمارت نه آهي، پر محل آهي. روشنين جون جهالرون اکين ۾ چپڻ بدران اکين کي تراوت ڏين. گول هال جي وچ ۾ هڪ شاهي ڦوهارو. اُن ۾ روشنيون. رنگبرنگي روشنيون ۽ پاڻي. ٻنهي جو گڏيل وهڪرو. ائين لڳي ته پاڻي ۽ روشنيون رلمل ٿي مٿي چڙهي، هيٺ ٿيون ڪرن. پاڻيءَ جي روشن ۽ رنگين ڌارا. مون کي اُتي نارايڻ شيام جي هڪ شعري مجموعي جو نالو ياد اچي ويو. ’رنگ رتي لهر‘- اهڙيءَ رنگ رتي لهر مون ان جي خالق جي موجودگيءَ ۾ ڏٺي.

گوپ گهڙي گهڙيءَ موهيءَ کي پئي چيو، ”موهي، اڄ تون نه ڳالهاءِ، اڄ تنهنجو برٿ ڊي آهي. تون اڃا اڄ ڄائو آهي.“

ٿوري دير ايئرپورٽ جو نظارو ڪري شارجيا شهر گهمڻ نڪتاسين. شهر ۾ ٻه نوان ٺهيل سپر مارڪيٽ ڏسڻ لائق هئا. موهيءَ انهن کي انجڻيون پئي چيو. جڏهن اُتي پهتاسين ته پري کان انهن جو خاڪو (Outline) برابر ٻاڦ وارين ڪارين انجڻين جهڙو هيو، پر اندر گهڙياسين ته بهاري اچي ويئي. لنڊن جا مشهور شاپنگ سينٽر ڏٺا هئاسين، هي انهن کان وڌ نه هئا، ته گهٽ ڪنهن به صورت ۾ نه هئا. رٿا سڄي جديد، پر ان ۾ روايتي عربي فن تعمير جا اِشارا هئا. ديوارن تي ڪئليگرافي يا چٽسالي، يا ڪٿي ڪٿي ننڍڙا ننڍڙا ونگ، انهن عمارتن کي مقامي رنگ ڏيئي رهيا هئا. انهن عمارتن جي رٿا، سٽاءُ، توڙي اڏاوت ضرور غير عربن ڪئي هوندي، پر اُنهن ۾ خوبصورتيءَ سان عربي ثقافت جي ملاوٽ ڪرڻ ۽ ايڏي سونهن سوڀيا ڀرڻ ڪمال جو ڪم آهي.  

جتي اهي شاپنگ سينٽر ختم ٿيا، اتي شاهي ڦوهارا آهن. هنن رڻ پٽ وارين رياستن ۾، جتي پاڻي ڳوليو به نه لڀي، اتي ڦوهارا عام جام آهن. هيءُ ڦوهارا به رنگن ۽ روشنين جون وهندڙ ڌارائون هئا. شيام ۽ موتي ۽ اهڙو خوبصورت نظارو. شيام، موتي ۽ مان ملنداسين، ۽ اهڙن حسين نظارن جي وچ ۾، اها ڳالهه تصور ۾ ئي ڪونه هئي.

اُن رات، گوپ جي گهر ۾ دعوت هئي. شارجيا کان موٽي، سڌو گوپ جي گهر آياسين. گوپ جو گهر- خلوص جي خمار سان ڀريل گهر. گوپ جي دل ان دنگ وانگر آهي، جنهن کي خالي نه ڪري سگهجي. سندس قرب ديوانن کي فرزانو ۽ فرزانن کي ديوانو ڪري ڇڏي. دوستن چيو ته سندس هٿ ڳورو آهي، واقعي هو پاڻ به ڳورو آهي، سندس پيار به ڳورو آهي.

گوپ جي گهر پهچي، مون سوچيو ته موهيءَ جي جند آزاد ڪريان، جنهن کي ماچيس نه هئڻ جي نظرئي ضرورت هيٺ پاڻ سان ٻڌي رکيو هئم. شارجيا ۾ به ماچيس وٺڻ نه ڏنائون، چيائون گهر هلو، کوڙ ماچيس. سڄو وقت ويچارو موهي مون سان ٻڌو ويٺو رهيو، لائيٽر جي مالڪ هجڻ جي ڏوهه ۾. مون گوپ کي چيو، ”يار هاڻي ماچيس کڻي اچ ته ويچاري موهيءَ جي جند آزاد ٿئي.“

گوپ اندر ويو، ۽ ٻاهر آيو ته ماچيس بدران هڪ ڪتاب منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. مون ڪتاب جو نالو پڙهيو. نالو هو ’ماچيس ڪاٿي آهي؟‘ ۽ ليکڪ هو ’ايم- ڪمل.‘ دوستن ان ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏنا. ۽ پوءِ گوپ مون کي ماچيس ڏنو. اهو ڪتاب مان يادگار طور هتي کڻي آيو آهيان.

کاڌو پيتو به هليو پئي، ڪچهري به هلي پئي. وندنا- گوپ جي شريمتيءَ جي هٿ شيري هئي، سندس قرب هو، گوپ جي هٿ جو ڪمال هو، جو ڪلا ۽ قمر، مان ۽ موتي، شيام ۽ روپا (موهن جي گهر واري) ۽ عطا، سڀ موڊ ۾ اچي وياسين. شاعريءَ جو دور شروع ٿيو. شيام جا شعر- هلڪو، مٺو، پيارو لهجو، ڄڻ ڀيج ڀنيءَ ويل جي هلڪي وڻندڙ روشني. ڄڻ رابيلن تي ماڪ ڦڙا. موتيءَ جي شاعري، ڄڻ ساوڻ جي هلڪي بوند، ڄڻ سپَ ۾ سچو موتي، ڄڻ رڻ تي رم جهم. موهيءَ جا شعر- نئين ڪويتا، نيون تشبيهون، ڄڻ اڄڪلهه جي دور جون پيچيدگيون. ڄڻ گهٽين ۾ جام ٿيل ٽرئفڪ.

ان محفل ۾ ڪلا، قمر ۽ منهنجي باري ۾ هڪ تاثر پڙهيو. ڪلا مختصر عرصي ۾، اسان جي دوستي (Understanding) توڙي منهنجي بدمعاشين ۽ شرارتن کي پروڙي وڃڻ ۾ ڪمال ڪيو آهي. ڪيڏي نه سياڻي آهي. ڪلا جي تاثر ۾ انهن سڀني شين جو ذڪر هو. ڪيڏي نه تيز (Sharp) آهي ڪلا.

۽ آخر ۾ گوپ ڪمل پنهنجي ’ڪٿا‘ کڻي آيو. هيءُ مشهور شاعرن جي شاعريءَ جي مجموعن کي هڪ خاص نظر سان ڏسي، انهن تي مزاحيه نموني ۾ تنقيد ۽ تبصرو ڪندو آهي. جيئن ارجن حاسد جو مجموعو آهي ’ميرو سج‘، گوپ لکيو آهي. ’ميرو سج- ڌوٻيءَ جي نظر ۾-‘ پوءِ هو حاسد جا اهي شعر کڻي ٿو، جن جو واسطو ڌوٻيءَ جي ڌنڌي سان آهي. ۽ ڌوٻيءَ جي مناسبت سان انهن تي تبصرو ڪندو ٿو وڃي. ائين ٿو لڳي، ڄڻ حاسد اهي شعر لکيا ئي ڌوٻيءَ لاءِ آهن. گهڻي ئي ڪوشش ڪئي سين ته گوپ جي ان ايجاد ڪيل صنف کي ڪو نالو ڏيون، پر ڳالهه اتي جو اتي رهي. هڪ نالو ’تنقيدي ڪارٽون‘ مناسب نظر آيو، پر ٺهڪندڙ نه.

عطا ٿورو ڳالهائيندو آهي ۽ گهڻو سوچيندو آهي. سندس وسيع دل سنڌ جي پيار سان ٽمٽار آهي. سندس دماغ سدائين سنڌ جي بهتريءَ لاءِ سوچيندو رهندو آهي، سٻاجهو، سلڇڻو ۽ قربائتو عطا.

ٻئي ڏينهن صبح سان شيام اسان جي ڪمري ۾ آيو، ان ڏينهن قمر جو شاپنگ جو پروگرام هو. مون ۽ شيام ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. قمر چيو، ”توهان قسمت سان مليا آهيو. ڀلي هڪ ٻئي سان ڀرپور نموني ۾ ڳالهيون ڪريو. مان توهان جو وقت خراب نه ڪنديس، اوهان ڀلي اتي ئي هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺا هجو.“

اسان کي ڀلا ٻيو ڇا کپي، دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ته آيو هئس، واندڪائي هجي، ۽ ان وقت نارايڻ شيام آڏو هجي، اُن کان وڌيڪ خوش قسمتي ڇا هوندي.

مون کي قمر جو پيار ڀريو ساٿ نه ملي ها، ته مان ادبي کيتر ۾ ايترو ڪجهه نه ڪري سگهان ها. سنديس ساٿ پيار ڀريو به آهي، ته سمجهه ڀريو به، هن کي مون وانگر سنڌ سان پيار آهي، ۽ منهنجي ادبي زندگيءَ جو اونو. ادبي ڪم ڪرڻ لاءِ هميشہ همٿائيندي رهي آهي ۽ ان لاءِ بهتر کان بهتر ماحول مهيا ڪري ڏيندي رهي آهي.

صبح کان ويندي منجهند تائين شيام سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. شيام نه رڳو وڏو شاعر آهي، پر وڏو عالم پڻ. سندس شاعريءَ کي سندس مشاهدن ۽ تجربن سان گڏ سندس وسيع علم ۽ اونهي اُڀياس جو پس منظر آهي. هو نه فقط هندي ۽ سنسڪرت جو ماهر آهي پر فارسيءَ جو به عالم آهي. علم عروض تي پورو عبور اٿس، سندس شعر عروضي قاعدن تي، جميعت الشعراءِ جي شاعرن کان به وڌيڪ پڪو آهي. لفظ وات مان ڪڍ ته يڪدم ان جو ڌاتو يا اشتقاق ٻڌائيندو. پوءِ اهو هنديءَ جو هجي، توڙي عربي فارسيءَ جو. لفظن جي رعايت سان هلڪا هلڪا لطيفا گهڙيندو ۽ ٻڌائيندو. فارسيءَ جي سڄي ڪلاسيڪي شاعري پڙهيل. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ وٽ فارسي پڙهيو ته حاجي محمود خادم کان عروض سکيائين. هن ٻڌايو ته لفظ ’ڏوهيڙو‘ هندي لفظ ’دو واها‘ مان نڪتل آهي. واهه معنيٰ واٽ يا وسيلو، جيئن سنڌيءَ ۾ چئبو آهي، ”ٻي ڪا واهه ڪانهي.“ ڏوهيڙو آهي ٻٽو بيت، جيئن حمل فقير ۽ خواجه غلام فريد جا ڏوهيڙا آهن، جيڪي ٻٽا بيت آهن.

تصوف تي ڳالهه نڪتي ته شيام ويدن مان هڪ سٽ ٻڌائي:

تت توم اسي- اهو تون آهين.

همه اوست- هر شيءَ ’هو‘ آهي، پوءِ جهيڙو ڇا جو؟ فساد ڇا لئه، خونريزي ڇو؟ سڀ ۾ هو آهي. هر هنڌ محبوب آهي.

شيام ٻي سٽ ٻڌائي:

اهم برهما اسمي- مان برهما آهيان.

انا ربڪ- مان تنهنجو رب آهيان. مون سوچيو، ساڳيو خيال، ٻوليءَ جو فرق.

ايڪو اهم ٻهو سيامي- هڪ آهيان گهڻا ٿيان!

وحدت مان ڪثرت، ٿي ڪثرت وحدت ڪل- هيءُ هلاچو هل با الله سندو سڄڻين. تت توم اسي- اهو تون آهين. هيءُ هلاچو هل، تنهنجو آهي.

سچل سچ چيو آهي: مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.

شيام، لطيف جي بيتن ۾ هند جي فلسفي توڙي روايتن جي اثر جي باري ۾ ٻڌايو. هن ويدن جي فلسفي تي هڪ ڪتاب موتيءَ کان وٺي ڏنو، جنهن ۾ ڏنل ويدن جا شلوڪ پڙهي حيران رهجي ويس. ’هو هڪ آهي‘، ’هن جي ڪا شڪل نه آهي‘، ’هو ڪنهن مان ڄائو نه آهي.‘ هن کي سالڪ مختلف نالن سان سڏين ٿا.‘ ’هن جو ڪوبه عڪس نه آهي.‘ منهنجا تاڪ لڳي ويا، ساڳيون ڳالهيون ته قرآن مجيد ۾ آهن، مون کي دارا شڪوهه جي ’مجمع البحرين‘ ۾ لکيل ڳالهه سؤ سيڪڙو سچ لڳي- هن لکيو آهي ته ”وحدانيت ڪنهن مذهب جو ٺيڪو نه آهي.“

وري به سچل جون سٽون دل تي تري آيون:

ڪي نمازون نوڙي پڙهن ڪن مندر وسايا
اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.

موهن گيهاڻي اچي ويو، واسديو موهي اچي ويو. هند ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي- هند ۾ رسالا ٿورا- انهن جي سرڪيوليشن تمام گهٽ، پر تڏهن به جوت جلندي ٿي رهي. وچ ۾ نئون نسل سنڌيءَ کان پري هٽي ويو هيو، ڇو ته سنڌي پڙهڻ سان کين نوڪرين ملڻ ۾ ڪو فائدو نه پئي پيو، الٽو مٿن هڪ وڌيڪ لپي سکڻ جو بار پئي پيو. پر هاڻي نئون نسل وري سنڌيءَ ۾ چاهه وٺڻ لڳو آهي. جي يهودي ٻن هزار سالن کان پوءِ به پنهنجي مئل ٻولي ۽ آثار قديمه واري لپي جياري سگهن ٿا، ته سنڌي پنهنجي جيئري جاڳندي ٻولي ۽ لپي ڇو نه ٿا قائم رکي سگهن. رڳو سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن، ڳائڻن، ۽ ٻين فنڪارن، توڙي ادبي رسالن جي مٽا سٽا ٿئي، جيڪو ڪم في الحال سياسي حالتن ڪري مشڪل آهي. اردوءَ جا اديب شاعر ڀلي آرام سان اچن وڃن. ٻنهي ملڪن ۾ هر سال هر وڏي شهر ۾ ’هند پاڪ اردو مشاعرا‘ ٿين، پر جيڪا ڳالهه اردوءَ لاءِ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي منظور آهي ۽ اها سنڌيءَ لاءِ نه آهي. اهو ڇو؟ ان جو جواب تاريخ وٽ نه آهي. نارايڻ شيام ۽ شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ تنوير، ڪلا ۽ قمر، موهن ڪلپنا ۽ رشيد ڀٽي- الڳ هجن، نه ملن، ان ۾ تاريخ جو ڪهڙو راز آهي؟

مانيءَ جو وقت ٿيو، قمر شاپنگ تان موٽي آئي. شيام سان گڏجي موتيءَ جي گهر روانا ٿياسين.

موتيءَ جي گهر واريءَ اٻهري لفٽ مان گهڻو ئي تڪڙو نڪتاسين، پر دروازو سڀني جي ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾ بند ٿيڻ لڳو. شيام دروازي کي هٿ سان جهلي بيٺو، جيئن سڀ آرام سان نڪري سگهون. موتيءَ، روز وانگر مٺيءَ مرڪ ۽ کليل ٻانهن سان مليو.

مون موتيءَ کان سندس ٿيسز لاءِ پڇيو. جيڪا هن بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ڏني هئي. هن چيو ته اها شيام وٽ آهي. موتيءَ وڏيءَ محنت سان اها ٿيسز لکي آهي جنهن جو عنوان آهي ’سنڌي شاعريءَ ۾ استريءَ جو چتر.‘

مون چيو، ”ڀلي شيام ڏسي وٺي، ان کان پوءِ مان ڏسندس.“ ان وچ ۾ موتيءَ مون کي پنهنجو سنڌ جو سفرنامو ڏنو، جنهن کي مان پاڻ سان هوٽل جي ڪمري ۾ کڻي آيس.

موتيءَ اهو سفر نامو، 1984ع ۾ سنڌ جي سفر متعلق لکيو آهي. ان ۾ موتيءَ 36 سالن بعد، ننڍپڻ ۾ ڇڏيل سنڌ کي ٻيهر ڏسڻ تي پنهنجا تاثرات بيان ڪيا آهن. هونءَ ته سڄو سفرنامو اهم آهي، پر ان سفرنامي جو اهو حصو، جنهن ۾ هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ دڙي وڃڻ جو بيان ڪيو آهي، اهو نه فقط سنڌي ادب جو شاهڪار آهي، پر عالمي ادب ۾ هڪ انوکي شيءِ پڻ آهي. هڪ حساس، معصوم شاعر، جنهن کي زوريءَ جلاوطن ڪيو ٿو وڃي، ۽ ذري گهٽ چاليهن سالن بعد اهي ماڳ ۽ مڪان ڏسي ٿو، جتي سندس ننڍپڻ نسريو، ۽ اُتي هن جي دل جا اُڌما، سندس احساس، ائين ٿو لڳي ته ان سفرنامي جي هر صفحي تي موتيءَ جي ڇيهون ڇيهون ٿيل دل جون ڇيتيون آهن. ڄڻ ان ۾ لکيل هر لفظ سندس دل جي رت سان رڱيل آهي.

منجهند جو آرام ڪيوسين، شام جو موهن گيهاڻيءَ وٽ ماني هئي. شيام، مان، ۽ موتي، پنڌ سندس گهر وڃڻ لاءِ نڪتاسين. قمر ۽ روپ (گيهاڻيءَ جي شريمتي) جو بزار جو پروگرام هو، جتان سڌو موهن جي گهر اچڻيون هيون.

موتي، مون کي ۽ شيام کي گهمائيندي ڦيرائيندي، ور وڪڙ ڏيئي چڪر کارائيندي، دبئيءَ جو سير ڪرائيندي، اٽڪل مني ڪلاڪ کان پوءِ موهن جي گهر پُڄايو. مون پاڻ کي ان پنڌ کان پوءِ هلڪو محسوس ڪيو. دبئيءَ جي بهار جون ساحلي لوڻاٺيل هوائون جهٽيندي، منظم ٽرئفڪ ڏسندي، فٽ پاٿ تي هلندي سج لهڻ جو منظر ڏسندي، موتيءَ شيام سان ڪچهريون ڪندي، لطيفا ٻڌندي ۽ ٻڌائيندي، کلندي ۽ کلائيندي، دبئيءَ جي اها شام هڪ يادگار شام ٿي پيئي. ان سانجهيءَ ئي منهنجي من ۾ هڪ هائيڪو سرجيو:

هيءُ دبئيءَ جي شام

منهنجي سامهون آرسي

هيءُ نارائڻ شيام.

موهن جي گهر پهتاسين ته ڪجهه دوست اڳ ۾ ئي موجود هئا، ۽ ڪي پوءِ ايندا ويا. گوپ ۽ وندنا، عطا ۽ ٿيٻو صاحب، گوورڌن شرما، موهن شرما، واسديو موهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ قمر، روپ ۽ ڪلا به پهچي ويون.

موهن دل جو درياهه نه پر سمنڊ آهي. هن وٽ محبت جا مڻ ۽ خلوص جا خرار آهن. ڳالهائيندو حقيقت پسند وانگر. هر ادبي رچنا کي ٺڪي ٺوڪي ڏسندو. پر سندس قرب ۾ نه تنقيد نه تبصرو، رڳو قرب، خالص قرب.

پهرين پئروڊين جو دور شروع ٿيو. ڪنهن ڳالهه تي موتيءَ منهنجو شعر ٻڌايو، ”ٻور آهيون ڏيئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين.“

ٺڪ- گوپ ان تي في البديهه پئروڊي ٻڌائي:

”ڌوٻي آهيون ۽ کڻي ٿيلهو هلي وينداسين.“

ان کان پوءِ سڀني رشيد ڀٽيءَ کي سندس پئرڊين جي ذريعي ياد ڪيو، رشيد جون شيخ اياز تي لکيل پئروڊيون گوپ کي ياد هيون، هن ٻڌايو:

”وري ياد آيا بهانا اوهان جا،

هي نانيون اوهان جون هي نانا اوهان جا.“

۽ مون به کين ڀٽيءَ جي هڪ پئرڊي ٻڌائي جيڪا هن شيخ اياز جي شعر تي لکي آهي:

زماني ۾ ڪئي گهوڙا ڀڄايا ويا ڊڪايا ويا،
اها ئي کودڙي منهنجي اهائي کودڙي منهنجي.

ٽهڪڙن جي وهڪري ۾ محفل مچندي رهي. روپ ڪچن مان مختلف شيون موڪليندي رهي. هيون ته سڀ هڪٻئي کان لذيذ، پر مون کي پالڪ جا پڪوڙا ڏاڍا وڻيا. ذائقي ۽ ذهن، ٻنهي جو بلو ٿيندو ويو. شرتي ۽ شلپي، موهن جو سلڇڻيون ڪڪيون سروس ڪنديون رهيون. جئديو (نارايڻ شيام جو سٻاجهو پٽ) ۽ دشينت (موتيءَ جو کلمک ڀائٽيو) به اڄ، موهن جي زور ڀرڻ تي اسان جي محفل ۾ شامل ٿيا هئا، موتيءَ ۽ منهنجي هڪ ٻئي لاءِ اُڪير ڏسي موهن چيو، ”موتي ۽ تنوير ايئن ٿا لڳن، جيئن هندوستاني فلمن ۾ ٻه جاڙا ڀائر ننڍي هوندي وڇري ويندا آهن ۽ فلم جي آخر ۾ ملندا آهن. اسان کي ايئن لڳو ڄڻ دبئيءَ ۾ اهي ننڍي هوندي جا وڇڙيل جاڙا ڀائر مليا آهن.“

اُن تي مون چيو، ”يا جيئن هندستاني فلمن ۾ سمگلر نوٽ کي ڦاڙي ٻه ٽڪر ڪري، هڪ پنهنجي ساٿيءَ کي موڪليندا آهن، ۽ ٻيو ڦاٽل اڌ پنهنجي سان ملائي ان جي آڻيندڙ کي پنهنجو سمجهندو آهي.“

موتيءَ کي مون ننڍي هوندي ٻارن جي رسالي ’ٻال سنديش‘ ۾ پڙهيو. هو ڀارت ويو ته هن سان خط ڪتابت ٿي. مون کيس ۽ هن مون کي ڏاڍيءَ اُڪير سان پنهنجو شعري مجموعو موڪليو. رشيد ڀٽي، اياز سان هندستان ويو ته موتي اچي ٻڌايائين ته ”موتيءَ جي شڪل شبيهه صفا تو جهڙي آهي، ان کان پوءِ جيڪي به دوست ساڻس مليا تن اها ڳالهه ڪئي، منهنجي دل ۾ الائي ڇو موتيءَ لاءِ اُڪير وڌندي ويئي. 1984ع ۾ موتي، ڪلا ۽ موهن گيهاڻي ڪراچيءَ آيا. خيرپور مان موتي سان فون تي ڳالهائيندي محسوس ٿيو ته ڄڻ پنهنجو ئي آواز ٻڌي رهيو آهيان ان رات قمر چيو، ”زندگيءَ ۾ توکي ايترو خوش نه ڏٺو اٿم. آخر ڳالهه ڇا آهي؟“

مون چيس، ”سڀاڻي موتيءَ سان ملڻ ڪراچيءَ هلڻو آهي.؟“

ڪراچيءَ جي انهن ملاقاتن جو ذڪر موتيءَ ۽ ڪلا پنهنجن سفر نامن ۾ ڪيو آهي، ان ڪري ان باري ۾ وڌيڪ نه لکندس.

محفل رنگ تي آئي ته شاعريءَ جو دور شروع ٿيو. پهريائين مون پنهنجو نظم پارس ٻڌايو. ان کان پوءِ تازا لکيل هائيڪا پڙهيم. جڏهن مان ان هائيڪو تي پهتس:

ڳراٽيون ڳوڙها

مليا سالن بعد ۽

ڀاڪر ۾ سوڙها

ته نارايڻ شيام مون ڀاڪر ۾ وٺي ڪري ڀڪوڙيو. اسان ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

آخر ۾ مون پنهنجو انهي ئي شام جو دبئيءَ ۾ سرجيل هائيڪو پڙهيو:

’هيءَ دبئيءَ جي شام

منهنجي سامهون آرسي

هيءُ نارايڻ شيام.‘

مون کان پوءِ نارايڻ شيام پنهنجي ماٺي، گنڀير، مٺي ۽ سٻاجهي لهجي ۾ پنهنجا تازا غزل ٻڌائڻ شروع ڪيا. شيام شعر پڙهندو ويو، ڄڻ محفل تي تازن ٽڙيل ٽانگر جي هلڪن، سرهن نفيس اڇن گلن جي ورکا ٿيندي ويئي.

اٿي، ڇرڪي، ڪاوڙجي ۽ مسڪرائي
ڪئي ڪنهن هيس پير ۾ ڪتڪتائي
 

وڇوڙي ۾ پهرينءَ نظر جون سنڀارون
ڪٿان جي ڪڏهن ۽ ڪٿي ياد آئي
 

ڪلهي تي تنهنجو رکي سر مون سک ڪيو حاصل
ڪلهي تي تنهنجي رکي سر مون دک ڪيو هلڪو
 

هئي ته شيام فقط هڪ گلاب جي ڪونڊي
تڏهن به گهر جو اڱڻ ڀانءِ جهڙو باغيچو
 

ايڏي اصليت، ايڏي ندرت. مون موتيءَ کي چيو ته: موتي تون مون کي شيام جا اهي غزل فوٽو ڪاپي ڪرائي ڏي، مان شيام تي هڪ ڀرپور مهاڳ لکي، اهي سنڌ ۾ ڇپائيندس.

شيام کان پوءِ موتيءَ جو وارو آيو. موتيءَ ضد ڪري پهرين منهنجا ۽ شيام جا شعر ٻڌايا، پوءِ پنهنجا شعر پڙهيائين، موتيءَ جي شعرن ۾ سندس فطرت جو قرب، محبت، ۽ اڪير ڪناتار ڀريل هوندا آهن. اصل ’وٽ سر گهرن وٽيون وانگر.‘ هو پڙهندو ويو، سڀني جي دل ڀڄندي ويئي.

پاڻياريءَ جا پير

پوڄيو پوڄيو پوڄيان

هنجن جوڙي هنج ۾

اڏندي ڪئي اوير

اڏيءَ کان اسان کي ٿين ٿا اشارا
اچو ڪونڌرو ۽ اچو قرب وارا
 

نه سي پسج پارا نه سي سيءَ سائين
ته سالن کان سنبرون ٿا سنڌ جا سيارا
 

اچو مئه پرستن جي محفل ۾ موٽي
رهي کن ٻه رهنديون هي گهاٽيون گهٽائون
 

نه ڪن ها نه ڪن ها ڪنڌيءَ تان اشارا
الا ڇو نه لهرن ۾ لوڙهي ڇڏيائون
 

ويا پر ويا مرڪندي موڪلائي
ائين غم وڇوڙي جو هلڪو ڪيائون
 

هنن شعرن ۾ سنڌ جي سيارن جي ياد آهي. پاڻياريءَ پير جي ڳالهه آهي، موتيءَ سنڌ جي انهن نظارن کي جيڪي هن رڳو ننڍپڻ ۾ ڏٺا، ڪيئن اڃا تائين پنهنجي ڪنن ۾ چٽو ۽ صاف رکيو آهي؟

موتيءَ کان پوءِ موهيءَ جو وارو آيو، واسديو موهي، رچنا جو ايڊيٽر. ادب جي گنڀير شخصيت. ڀارت ۾ ’نئين ڪويتا‘ جي بنياد وجهندڙن ۽ وڌائيندڙن مان هڪ. ڳالهائيندو ٿورو، پر مقصد جو، ۽ ادب جي باري ۾، ادبي مسئلن جي باري ۾، ادبي شخصيتن جي باري ۾. هڪ ڏينهن اڳ سندس جنم ڏينهن هو. ان ڪري گوپ هر هر کيس چيڙائڻ لاءِ ٿي چيو، ”موهي تون اڃا ڪلهه ڄائو آهين، تون نه ڳالهاءِ.“ ”ڳالهاءِ نه، پر اوئان اوئان ڪر.“ ڪنهن چيو.

وري گوپ چيو، ”هفتي کان پوءِ موهيءَ جي ڇٺي ملهائينداسين. ان ڏينهن موهيءَ کي کير جي بوتل پيارينداسين ۽ کيس اوئان اوئان ڪرڻي پوندي.“ گوپ چيو.

وڌيڪ چيائين، ”اڄ ڀلي جيڪو وڻيس سو پيئي، پر ان ڏينهن کيس ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويندو.“

ان اڻ گنڀير ماحول ۾، موهيءَ پنهنجي ’نئين ڪويتا‘ ٻڌائڻ شروع ڪئي. ماحول يڪدم گنڀير ٿي ويو. اهو غزل هن احمد آباد ۾ گولي هلڻ جي واقعي کان متاثر ٿي لکيو آهي:

در تي ٺڪ ٺڪ نه آ هٿوڙو آ
قرض تنهنجو کڻي ڏٺو آهي
موت جي ڄاڻ سرڳ واسين کي
زندگيءَ کي ڏسي ڏٺو آهي
لاش بيبوءَ جو آهي پڪ آ امان
ڪپڙو سوري وري ڏٺو آهي.

اڻ گنڀير محفل گنڀير ٿي ويئي. موهيءَ کي شيام سوڌو سڀني اُٿي اُٿي داد ڏنو. خاص ڪري آخري شعر تي. نئين ڪويتا ۾ ڀارت جي سنڌي شاعرن، پنهنجي دور جي عڪاسي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. ارجن حاسد ۽ موهي ان جا سٺا شاعر آهن. هن شعر ۽ لاش اچڻ تي، وارثن کي پڪ نه ٿي ٿئي ته ڪو اهو بيبوءَ جو لاش آهي. متان ڀُل هجي، متان ڪنهن ٻئي جو لاش هجي. ان ڪري ڪپڙو سيري ڏسي وري پڪ ٿا ڪن. انهن ٻن سٽن ۾ دور جو ڪيڏو نه درد سمايل آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org