هن ۽ سندس شريمتيءَ، مهمانيءَ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي.
مان ۽ قمر، موتي ۽ ڪلا، ۽ موهن شرما هئاسين. کاڌو
۽ پيتو سڀ اعليٰ قسم جو هو. رات جو هو پنهنجي ڪار
تي اسان کي هوٽل ڇڏي آيو. حالانڪ هوٽل کان سندس
جاءِ سڏ پنڌ تي هئي.
هڪ دلچسپ واقعو ياد آيو، جيڪو دبئي جي رهائش جي
شروعاتي ڏينهن جو آهي.
گوپ، مون کي، قمر کي، ۽ شيام کي بيچ (سمنڊ جو
ڪنارو) گهمائڻ وٺي هليو. اسان ڪار مان لهي، ان بيچ
تي، جنهن کي ’شڪاگو بيچ‘ پئي چيائون، تازي سامونڊي
هوا به پئي کاڌي، ڳالهيون به پئي ڪيون، لهندڙ سج
جا نظارا به پئي ڏٺا، ۽ واريءَ تي پنڌ به پئي ڪيو.
ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ جي لهرن جي ويجهو به وياسين
پئي. اوچتو هڪ جيپ تيز رفتار سان آئي. ان ۾ ڪجهه
عرب ويٺل هئا. جيپ سمنڊ جي ڪناري سان دور دور هلي
ويئي، وري موٽي آئي. ائين پنج ڇهه چڪر سامونڊي
ڪناري جا هڻي موٽي ويئي.
اسان ڏاڍو کلياسين ۽ چيوسين ته عرب ائين جيپ ۾ بيچ
گهمندا آهن.
مون کي ڪراچيءَ جو هڪ واقعو ياد آيو، ڪراچيءَ ۾،
شام جو هڪ دوست سان ملڻ وياسين. سندس بنگلي ۾
گهڙياسين ته هو پنهنجي ڪار ۾ بنگلي کان ٻاهر نڪري
رهيو هيو. اسان کي ڏسي ڪار بيهاري لهي پيو ۽
چيائين، ”يار، مان نه
Evening Walk
تي وڃي رهيو هئس.“
اسان کلندي چيس ته، ”ڇا تون ڪار ۾
Walk
ڪندو آهين.“
انهن عربن ۽ اسان واري دوست جو عقل هڪجهڙو هو.
يارهين مارچ- 1986ع. وڇوڙي جو ڏينهن، صبوح جو
اُٿياسين، دل ويڳاڻي، من اداس. نارايڻ شيام جي
ڪمري ۾ وياسين، شيام ڌيمو ڌيمو ڳالهائيندو رهيو.
شاعري، تصوف، هندستاني ديو مالا، سنڌي ٻوليءَ جا
لفظ، انهن جا ڌاتو، اشتقاق، لطيف جا شعر، انهن جي
پس منظر ۾ تاريخ ۽ ديومالا جا واقعا. هو
ڳالهائيندو ويو. ڄڻ ڪو درياهه اُٿلي پيو. قمر کي
چيم
Wave Lenght
جي ڳالهه آهي، مون کي عرصي کان پوءِ پنهنجي
Wave Lenght
جو ماڻهو مليو آهي. هڪ هڪ ٿي دوست ايندا ويا.
پهرين گوپ، پوءِ موهن، پوءِ ڪلا، پوءِ موهي، سڀ
اداس اداس، سوکڙيون اچڻ شروع ٿيون. هڪ هڪ وٽان ڀري
سو کڙين جي، پر ان کان وڌيڪ خلوص جي ڀري. ايڏو
پيار، ايڏو پيار، ايڏو قرب. ڀٽائيءَ جو بيت ياد
اچي ويو:
نه ڪو سنڌو سور جو نه ڪو سنڌو سڪ،
عدد ناهي عشق پڄاڻي پاڻ لهي.
دشي ۽ جئه آيا. لڳو ائين پئي ته سڀ اُداس آهيون،
پر سڀ هڪ ٻئي جي غم کي هلڪي ڪرڻ لاءِ کلمک ٿيڻ جي
ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. ڳالهه ڳالهه تي اکين اٿل ٿي
کاڌي.
منجهند جو موهيءَ کي ريچڪ آيو ته پنهنجي پرچي
’رچنا‘ لاءِ مون کان انٽرويو وٺي، رڪارڊ ڪري.
موهن، گوپ ۽ هن سوال لکيا. ٽيپ رڪارڊر آندائون.
انٽرويو شروع ٿيو. ڏيڍ ٻه ڪلاڪ ڏاڍي گنڀير ڏي وٺ
شروع ٿي، سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادب جو باريڪ بينيءَ
سان تجزيو ٿيو. ڪمرو بند. نه ڪنهن کي اندر اچڻ جي
اجازت نه ڪنهن کي ٻاهر وڃڻ جي موڪل. اندر ويٺلن
مان ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي اجازت ڪانه هئي. سانت،
گنڀيرتا. قمر ڏاڍو تنگ ٿي، ۽ اکيون ٻوٽي ليٽي رهي.
ڇو ته ڏيڍ ٻه ڪلاڪ سانت رهڻ هن لاءِ وڏي سزا آهي.
خدا خدا ڪري انٽرويو ختم ٿيو. سڀني سک جو ساهه
کيو. سڀني ڳالهائڻ شروع ڪيو. قمر ته ذري گهٽ دڙڪا
به ڏنا. بهرحال ماحول تي ڇانيل
Tension
ختم ٿيو. اوچتو گوپ کي خيال آيو. هن انٽرويو وارو
ڪئسيٽ ري وائينڊ ڪري وري لڳايو. منٽ ڏيڍ کان پوءِ
ڪئسيٽ خالي. بئٽري چيڪ ڪيائون ته اها ختم هئي.
سنڌين جا افعال جتي ڪٿي ساڳيا. سنڌ ۾ رهن، هند ۾
هجن يا دبئيءَ ۾، بيپرواهي بادشاهي سندن مسلڪ آهي.
وڏا ٽهڪ لڳا.
مون چيو ته هاڻي انٽرويو کي ڇڏيو، پر موهي پڪو
ايڊيٽر آهي. اصل طارق اشرف وانگر. ڪٿي ٿو جند ڇڏي.
نوان سيل آيا. ٽيپ چالو ٿي. وري اهي ئي سوال اهي
ئي جواب. پر هيءُ انٽرويو ڪجهه ڇوٽو ڪيو ويو. ڏک
اهو ٿيو جو انٽرويو دوران عطا موڪلائڻ آيو، ان کي
به اندر اچڻ نه ڏنائون ۽ سندس اچڻ جو بعد ۾
ٻڌايائون. اڃا تائين لڄي آهيان، سوچيان ٿو ته عطا
ملندو ته کانئس معافي ڪيئن وٺي سگهندس.
اڄ موتيءَ جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. ٻه ٽي ڪلاڪ آرام
ڪري اهو به ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو. سڄو وقت مان ۽
موتي هڪ ٻئي کان اکيون چورائيندا ۽ ڏک لڪائيندا
رهياسين.
شيام جي واپسي اُڏام رات جو ساڍي ڏهين هئي. مان،
موهن ۽ گوپ کيس ايئر پورٽ تي ڇڏڻ وياسين.
نارايڻ شيام. سنهڙو سانورو، مٺڙو ۽ سٻاجهو، پر
وڏو، تمام وڏو شاعر. ٻيهر منهنجي ڀاڪر ۾ هو. مون
ڪلا کي چيو، ”ڪلا همت ڪر.“ ۽ ڪلا سڏڪا روڪي شيام
کان مرڪي موڪلايو. موتيءَ جي شعر وانگر:
ويا، پر ويا مرڪندي موڪلائي،
ائين غم وڇوڙي جو هلڪو ڪيائون.
اسان شيام کي اميگريشن ڏي ويندي ڏٺو، شيام مڙي، هٿ
کڻي اسان کي وداع ڪئي، مون چيو، ”موڪلاڻي ناهي
سدائين گڏ.“ ڪرشن ارجن کي چيو، ”موڪلاڻي ڪانهي.
اڳتي وڌندو هل.“
(There is no farewell- Proceed forwards)
موٽي، موتيءَ جي گهر آياسين. ڪلا جي هٿ جي لذيذ
ماني کائي، عابده پروين جي دبئي ۾ ڪيل پروگرام جي
وڊيو ڪئسيٽ ڏٺيسين. عابده جي هڪ هڪ آلاپ تي اتان
جي سنڌي عورتن جا ڳوڙها هئا. سڏڪا هئا، سنڌ جي
ساروڻين جي پنکڙين کي هنن لڙڪن جي ماڪ سان سدائين
تازو ۽ تر رکيو آهي.
اسان جي اڏام ٽين وڳي رات جو هئي. هڪ وڳي هوٽل اچي
سامان گاڏيءَ ۾ رکايوسين، موتيءَ ۽ مون هڪ ٻئي کان
پئي نظرون بچايون، پر ڪيستائين. جڏهن هڪ ٻئي جي
ڀاڪر ۾ آياسين ته نيڻ جهل ئي نه ڏين. موتيءَ کي
منٿون ڪري مڃايوسين ته ايئرپورٽ نه هلي. اڄ سندس
بلڊ پريشر ڪافي وڌيل هو. شايد اسان جي وڃڻ جي
Tension
جي ڪري. نيٺ موتي مڃي ويو. جُڙيل چنڊ وري ٻه ٽڪر
ٿي ويو، ٻيهر جڙڻ لاءِ. مون قمر ۽ ڪلا ٻنهي کي همت
ڏيکارڻ لاءِ چيو ۽ ٻنهي همت ڏيکاري. مرڪي
موڪلايائون. هن دفعي الائي ڇو موڪلائڻ وقت پڪ هئي
ته وري ملنداسين، ضرور ملنداسين. موهن گيهاڻيءَ به
مرڪي موڪلايو، ۽ مان موتيءَ جو شعر جهونگاريندي،
اميگريشن واري عرب کي پاسپورٽ ڏيکارڻ لڳس.
ويا، پر ويا مرڪندي موڪلائي،
ائين غم وڇوڙي جو هلڪو ڪيائون
شعر
ترجمو
تڏهن شعر ’تنوير‘ لکبو آ پاڻهين
جڏهن گهاءَ دل تي ڪو کائبو آ.
او ’تنوير‘ اسان هن جڳ ۾ هڪڙو نقطو ڄاتو آهي،
پيار سوا سڀ سيانپ ڪوڙي، نينهن عجب هڪ ناتو آهي.
لاٽ
آءٌ اڪيلائيءَ ۾ ئي پنهنجو آکيرو ٺاهيندس
جبلن جي اوچائيءَ ۾
ٽڪرين جي اونهائيءَ ۾ ئي
مان پوڙهو ٿيندس.
منهنجي من جي باهه
آسمان ڏي اُڏندي
جنهن جي لاٽ کي
ڪو ڀي واءُ، ڪوئي ڀي واچوڙو،
سگهندو ڪين ڏڪائي.
ايئن نه چئجو منهنجا رفيقو!
ته آءُ اوهان کان ويس ڦِري
ايئن نه ڀانئجو منهنجي پيڙا
منهنجي لئه آ اوپري.
اوهان جڏهن ڀي کڻندؤ ڪنڌ
ڏسندؤ هڪڙي لاٽ
جبل جي چوٽين تي ٻرندڙ.
اوهان سوچيندؤ
اها اوهان لئه ڪنهن ٻاري آ
نيٺ سمجهندؤ اوهان
آءٌ اُتي آهيان-
ترسيل-
اوهان جي پيار جي لاءِ.
- ايم- ايم- ڊيوي
سرءُ جو گيت
ڊگها سڏڪا
سرءُ جي
وايولن جا
ڦَٽن دل کي
هڪ ڪري
ڏين سُستي
گهٽيندي ساهه
ڪن زخمي
جڏهن گهڙيال
هڻي ٺڪاءُ
اچن ٿا ياد
گذريل ڏينهن
مان روئان
کڻي مون کي
خزان جو واءُ
سرءُ مند سان
سڪل پن جان
وڃان او ڏانهن!
- پال ور لئين
وسڪارو
ڳوٺ مٿان جيئن مينهن وسي تيئن
منهنجي دل تي وسڪارو
سا آهي ڪهڙي ڳڻتي
پيهي ويئي جا دل ۾ يارو
ڌرتيءَ تي ۽ ڇتين مٿان
او مينهن سندا مٺڙا آواز
هڪڙيءَ دکيل دل جي خاطر
وسڪاري جو هڪڙو ساز!
مينهن وسي ٿو بنان سبب جي
اُن دل تي جا آهي ستايل
جنهن جو ڏک آ بنان سبب جي
درد پراڻو آهي چڱو
جيڪو آهي بنان سبب
بنان محبت ۽ ري نفرت
منهنجي دل ۾ ايڏو درد.
- پال ورلئين
منهنجو
عجيب خواب
ڏسندو آهيان اڪثر هڪڙو عجيب چُڀندڙ خواب
اڻ ڄاتل عورت جو، جا پيار ڪندي آ مون مان،
جنهن سان پيار ڪندو آهيان مان
جيڪو هوءَ ڪندي آ، ايئن ٻي ڪا به ڪندي آ ڪين
مان به هن کي ڄاڻندو آهيان، هوءَ به سمجهندي آهي
مون کي
ڄاڻندي آهي هوءَ سندم شفاف اندر کي
فقط اها ئي آهي جنهن تي ختم ٿين ٿا سارا سوال
فقط اها ئي آهي جنهن لئه آلو ٿيندو آهي نرڙ
(پگهر سان)
هوءَ ڀوري آ، ڪاري يا سانوري، ان سان ناهي مطلب
هن جو نالو ڇا هي نه ڄاڻان، پر پڪ ئي مٺڙو هوندو.
هن جي نيڻ نهار جيئن ڪا نيڻ نهار بتن جي
هن جو آواز آهي ڏاڍو ماٺو ۽ گنڀير
جنهن ۾ مليل آهي ميٺاج.
- پال ورلئين
تنهنجا ايترا خواب ڏٺم
تنهنجا ايترا خواب ڏٺم، جو
تنهنجي ساڀيا گم ٿي وئي آ
اڃا به وقت آهي، جو تنهنجي
حقيقي جسم کي پهچي سگهان
تنهنجي چپن ۾ چمي سگهان
مٺڙا ٻول جنم وٺڻ وقت-
ٻول جي مٺڙا آهن مون لئه.
تنهنجا ايترا خواب ڏٺم، جو
پاڇولي کي ڀاڪر پائي
پنهنجي ڇاتيءَ لائڻ تي،
منهنجون ٻانهون ويون هري،
تنهنجي جسم جي هرهڪ موڙ
۽ لاهيءَ چاڙهيءَ کان ويو هان
واقف ٿي.
ساڀيان کان اڳ ۾ ئي مون کي
تنهنجو سپنو وڪوڙي ويو
مان ڀي ٿي ويس پاڇولو.
او جذبات جي تارازي
تنهنجا ايترا خواب ڏٺم، جو
جاڳڻ ناهي مناسب مون لئه
بيٺي بيٺي آهيان ستل
۽ منهنجو جسم آهي کُليل
حياتيءَ لاءِ، محبت لاءِ، تنهنجي لاءِ
هڪ تنهنجي ئي خاطر
جنهن جا چپ ۽ جنهن جون ڀروون
ڇُهي سگهان ٿو آءٌ
تنهنجا ايترا خواب ڏٺم
توسان خوابن ۾ ڳالهايم
گڏ گُهميس ۽ پيرا ڪيم
تنهنجي پاڇولي کي
هاڻي مون کي گهرجي
پاڻ به هڪ سپنو، هڪ پاڇولو بڻجي
پاڇولن ۾ پاڇولن سان
تنهنجي جيون جي
سورج گهڙيءَ تي آءٌ گهمان.
ڪپڙا لال
ڪپڙا لاهه
هن ڪاري پاڻيءَ ۾ وهنج
ڪا به ڊڄڻ جي ڳالهه نه آهي
اڳي به تو ايئن آهي ڪيو
ماڻهوءَ جو بُت اسفنج ناهي جيڪو چُهي وڃي پاڻي
سج سڪائيندو گپَ کي
ساري مٽي ويندي ڇڻي
وهنج
وڃ او ڏانهن
ڌرتي آهي وشال
ان جان تنهنجي دل ڀي
جنهن ۾ احتساب کان پوءِ ڀي
ڪائي خامي ڪين لڌي
ان ۾ ڪڏهين ڀي گپَ ڪين گِهڙي
- رابرٽ ڊيسنو
رستي جو راڳ
تون- جنهن کي آءٌ گهمائڻ وٺي وڃان ٿو
هيئن سمجهان ٿو،
هلڪو ۽ عالي شان
آهي سندءِ سامان
عاليشان سندءِ صورت جان
- هلڪو تنهنجي عمر مثال
ڏاڍو سرهو آهي سفر
- پال جيرالدي
ٻيائي
مٺڙا تون مون کي سمجهاءِ
ايئن ڇو چوندو آهين
”منهنجو پيانو“ ”منهنجا گلاب“
ڪيئي ڀيرا توکي ايئن چوندي ٻڌو اٿم
”هيءَ شيءِ منهنجي پئسن جي آهي“
”مان هوءَ شيءِ خريد ڪرڻ ٿو چاهيان“
جيڪو منهنجو آهي سو آهي تنهنجو!
پوءِ اِهي سڀ ڳالهيون ڇو
منهنجو تنهنجو، تنهنجو منهنجو؟
جي تون مون کي پيار ڪرين ٿو
چوندو ڪر: ”ڪتاب، پستا
۽ گل گلاب اسان جا“
- پال جيرالدي
گفتگو
فطرت هڪڙو مندر آهي جنهن جا جيئرا ٿنڀا
ڪڏهن ڪڏهن ڪا منجهيل منجهيل ٻولي ڳالهائين ٿا
اهڃاڻن جي جهنگل مان جي ماڻهو ڪوئي لنگهي ٿو
هو ان ڏانهن سڃاتل گهورن ساڻ نهارن ٿا.
ڊگهن پڙاڏن وانگر جيڪي دور کان رلجي ملي وڃن ٿا
ڪنهن پاڇولن واريءَ ۽ ڪنهن اونهيءَ وحدت ساڻ
جنهن جي وسعت رات جيان يا جوت مثال آهي
سُرهاڻيون ۽ رنگ جتي هڪٻئي سان ڳالهائن ٿا.
ڪي سرهاڻيون ٻارن جي جسمن جان آهن ٿڌڙيون
ماکيءَ وانگر مٺڙيون آهن، باغن وانگر سايون
۽ ٻيون آهن کريل، اُچيون ۽ آهن سوڀاريون.
سُڳنڌ جنهن کي لاحد جي وسعت حاصل هوندي آ
انبر جان ۽ مشڪ مثال ۽ لوبان مثل سڳنڌ
ڳائيندي آهي جا راڳ حواسن جا ۽ من جا.
- چارلس بو دليئر
•
ماڪ ڇٻر تي ڳوري ڳوري
رات اڃا آڏو آ ساري
ڀريو ڀريو هي بلوري پيالا
پيو پيو مئه جا متوالا
رات سموري آهي پنهنجي
ماڪ ڇٻر تي ڳوري ڳوري
رات اڃا آڏو آ ساري
ماڪ اُڏاڻي ڄاڻ اڏاڻي
رات وهاڻي ڄاڻ وهاڻي
ڀريو ڀريو هي بلوري پيالا
پيو پيو مئه جا متوالا
رات اڃا ڀي آهي باقي
ماڪ ڇٻر تي ڳوري ڳوري
رات اڃا آڏو آ ساري.
(چيني لوڪ گيت)
(1)
توڙي منهنجا شعر
هوا ۾ گم ٿيندڙ هڪ راز
پوءِ ڀي جيڪو آءٌ چوان
سو آهي امر آواز.
(2)
شام جو تارو
اُڀ جي سڀني
تارن کان وڌ
آهي سهڻو.
(3)
پنهنجي وِههُ سان
جيڪا آهي اجهل
جيڪا ڪؤڙي
جيڪا مٺڙي
پيرا جڏهن ڀي چاهي مون کي
ڍلو ڪري ۽ ڊاهي مون کي
پنهنجي وهه سان
ڪنهن ڪايهر نانگ جيان.
(سيفو- يوناني)
·
مان ديوتائن جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ڄاڻان نٿو تڏهن
ڀي
اهو ته سمجهان ٿو مان ته دريا به ديوتا آ
هو ديوتا آهه هڪ هٺيلو ۽ تند، ۽ ڪاوڙيل ۽
ميرانجهڙو
جو پنهنجي موسم ۽ پنهنجي غيض و غضب جو مالڪ تباهه
ڪن آ
جو ياد ڏياري ٿو اهڙيون ڳالهيون جي هر ڪو انسان
پنهنجي دل جي پٽيءَ تان ميٽي ڇڏڻ ٿو چاهي
هو منتظر آهي، ۽ ڏسي ٿو- ۽ منتظر آ
اسان جي دل ۾ درياهه آهي ۽ سمنڊ اسان کي وڪوڙي ويو
آ
چئو ڀلا خاتمو ڪٿي آ
انهن رڙين جو
نه جن ۾ آواز آهي ڪوئي
چئو ڀلا خاتمو ڪٿي آ
انهن گُلن جو
سرءُ ۾ جي پنهنجي پنکڙين کي ڇڏڻ ٿا ڇاڻي
چئو ڀلا خاتمو ڪٿي آ
ڀڳل جهازن جي ڪاٺ ٽڪرن جو خاتمو آ ڪٿي
جي لهرن تي لڙهندي لڙهندي هليا هلن ٿا
ڪٿي به ڪو خاتمو نه آهي
رڳو اضافو-
گهڙين ڪلاڪن ۽ ڏينهن راتين جو هڪ ٻئي سان رکيل
تسلسل
اسان به ڳولي لڌو انهن کي
هئا جي پل سور ۾ سمايل
(سوال هي ناهي سور پنهنجي غلط خيالن جو هئا نتيجو،
يا ڪن
غلط آسن جو حاصل يا ڪن غلط ڳالهين جي ڊپ جو هيو
نتيجو)
هي سور جون ساعتون مسلسل
اهي اٿو مستقل جيئن وقت مستقل آ
اسان اها ڳالهه پنهنجي سورن کان ڀي ڀليءَ ڀت ٻين
جي سورن
۾ سمجهنداسين،
انهي ڪري جو اسان جو ماضي
ڪرم جي ڌارا ۾ گم ٿيل آ
مگر اهو سور جو ٻين جو آ سو به هڪ تجربو آ اهڙو
جو غير مشروط آهي
۽ جو ڪڏهن به فرسودو ڪين ٿئي ٿو.
هي ماڻهو مٽجي وڃن ٿا، مرڪي به ڏين ٿا ليڪن
رهي ٿو موجود سور ساڳو
جو پنهنجي لهرن ۾ ساوڻيءَ جي درياهه وانگر
وهائي ٿو لاش لڙ ۾ پنهنجي ڪکن پنن جان:
سو وقت قائم به آهي جيڪو تباهه ڪن آ.
ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ڇا- اهو ئي مطلب ڪرشن جو
هئو
ته گيت ماٺو آ وقت ايندڙ
انهن جي لئه جي اڃا ته پڇتاءُ لاءِ ڄاوا به ڪين
آهن
۽ آهي پڇتاءُ ڳاڙهو گل سو
رکي جو آ هڪ ڪتاب اهڙي ۾ ورق پيلا انهي جا،
اڄ تائين ڪنهن به کولي ڏٺا نه آهن
اڃا به اڳتي مسافرو-
ها اڃا به ماضيءَ کان اڳتي ڀڄجو
توهان سڀئي ڪنهن به خاص آئندي جي طرف ڪين ٿا وڃو
پر
اڃا به اڳتي اڳتي وڌو-
اوهين- جيڪي ڀانيو ٿا پاڻ کي سفر ۾
اوهان اهي ڪين آهيو جن کنيا هئا لنگر
ڏٺو هو بندر کي پٺتي هٽندي
يا جيڪي لهندا پوئين ڪناري
ڪريو سڀئي آئيندي ۽ ماضيءَ ڏي ڌيان يڪسان
جو هن گهڙيءَ نبض وقت جي بيهجي وئي آ
ٻنهي ڪنارن جي وچ ۾ ڪوئي به وقت ناهي
هي پل ڪرم يا ته نه ڪرم جو نه آهي،
ڄاڻو، ته موت جي وقت جنهن به نقطي تي ذهن انسان
ڄميل
رهي ٿو
اهو ئي آهي ڪرم نسورو
۽ موت جو لحظو هر گهڙيءَ آ
اهو ڪرم، جو ٻين جي لئه ڦر جهليندو آهي،
ڪرم جي ڦل جو نه سوچيو، پر اڃا به اڳتي وڌو او
ساٿي!
مسافرو مانجهيو- ها! اڃا به اڳتي
اوهين جي ڪنهن گهاٽ تي وڃو ٿا
اوهين به، جن جا هي جسم خاڪي سمونڊ جي فيصلن کي
سهندا
يا جيڪي ڀي ڪجهه اوهان سان ٿيندي- اها ئي هوندي
اوهان جي منزل
چيو هو ارجن کي ڪرشن ميدان جنگ ۾ ايئن-
ته ”ناهي ڪا الوداع- اڳتي وڌو“
ٽي- ايس- ايليٽ
(آمريڪي)
ڪيڏي ڳوري آ زمين
ڪيڏي ڳوري آ زمين
هر ڪنهين انسان کي پنهنجي ڪلهن تي پنهنجو بار
هر ڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ آ مصيبت سان دوچار
بار مُردن تي رڳو ڪي مڻ مٽي
آهي پر جئرن جي لئه ڌرتي سڄي
سارو گولو آهي جئرن جي پٺن تي هاءِ هاءِ-
ائٽلس- او ائٽلس! آهيون اسان سڀ تنهنجا ٻار
بيشمار آهيون اسين ۽ بيڪران ۽ بي ڪنار
هاءِ هي ڌرتيءَ جو بار
هاءِ هي ڌرتيءَ جو بار!
هيءَ ڌرتي آ اڪيلي، هيءُ گولو آهي هڪ
پوءِ به هر ڪنهن کي اهو کڻڻو الڳ آ- هر پلڪ
ننڊ جي گهرائين ۾ ڀي ٿئي محسوس ٿڪ
(ڇو ته ننڊ ۾ ڀي اسان تي بار ڌرتيءَ جو مٿان)
چپجندو رهندو آ ان بوجي کان پنهنجو جسم بار
هاءِ هي ڌرتيءَ جو بار-
روز جي معمول کان ڳوري لڳي ٿي هيءَ زمين
جنگ جي دوران ۾
۽ اسان پنهنجي ٿڪل ٻانهن ۾ ان جي درد کي
ڄاڻيندي هردم، ٻڌون ٿا ان جي آهه سرد کي،
درد جون دانهون سندس عرشين اڏن
۽ خلائن ۾ ڪيو واڄٽ وڄن
پر اسان کي هيءَ ڌرتي- درد جو گولو کڻي
اڳتي وڌڻو آ اڃا
اڳتي وڌڻو آ اڃا
جيئن اهو ’اڄ‘ کان وڌي
اڳتي- ’سڀاڻي‘ ڏي هلي.
جوليس سپروائيل
(فرينچ)
اڻ ڄاتا آواز- اجنبي ساز،
ڪرين ٿو منهنجو پيڇو!
ڪيڏن شهرن ۾ هر وار
ڪارين راتين ۾ ڪئي بار
سڏين ٿو، ساز
ڪرين ٿو منهنجو پيڇو-
تنهنجو هڪڙو ٻيجل آهي
يا سئو جا جڪ تو کي ڇيڙن
آهي اهو به راز
اجنبي ساز!
شهرن جي شورن ۾ ماڻهو
تنهنجي سهاري سوا حياتيون
وقت جي بحر ۾ غرق ڪرن ٿا ليڪن
تنهنجون تانون، مڌر سريليون
مون کي ڪناري آڻينديون.
پاڙي وارو منهنجو هميشه
تنهنجون تارون ڇيڙيندو آ
مون کي ياد ڏياريندو آ
هيءَ حياتي ڳوري آهي
هر ڪنهن بار کان وڌ ڳوري!
اڻ ڄاتل آواز
اجنبي ساز.
رائنر ميريا رلڪي
(جرمن)
•
هن دنيا ۾ جتي جتي ڀي، جو روئي ٿو
بنا سبب جي ڪو روئي ٿو
منهنجي لئه روئي ٿو.
هن دنيا ۾ جتي ڀي جو به کلي ٿو
بنا سبب جي ڪو به کلي ٿو
منهنجي لاءِ کلي ٿو.
هن دنيا ۾ جي ڪوئي ڀي ڪنهن طرف وڃي ٿو
بنا سبب جنهن طرف وڃي ٿو
مون ڏي ئي ته اچي ٿو-
هن دنيا ۾ جي ڪوئي به ڪٿي به مري ٿو،
بنا سبب جي ساهه ڏئي ٿو
مون ڏي ئي ته ڏسي ٿو.
رائنر ميريارلڪي
(جرمن)
•
نفرت کان ۽ تعصب کان
گهڻو مٿاهون آهيان مان
ڪنهن کي ڌڪاري ڪين سگهان
هيءُ خدائي دستر خوان
هي نعمت سان ڀريل جهان
سڀڪو کائي پيٽ ڀري
ڪوئي هتڙي بک نه مري
پر هيءُ مانيءَ جو ٽڪرو
منهنجي هٿ ۾ آهي جو
منهنجي ٻچن جي لئه آهي
ٻئي جو ان تي حق ناهي.
(مرڪزي خيال، آ سٽريليا جي
شاعره ميري گلمور جي نظم تان)
توڏانهن
اجنبي
جي واٽ ويندي
تون مون کي ملين،
مون سان ڳالهيون ڪرڻ جي گهرين
ڇو نه تون مون سان ڪرين
ڇو نه مان توسان ڳالهيون ڪريان.
والٽ وٽمئن (امريڪي)
چونڊ شاعري
تخليق
ڇو ته حياتي هڪڙو ڀيرو،
پهريون ڀيرو، پويون ڀيرو،
موت کڻي ٿو سڀ جو پيرو،
هن کان اڳ نه حياتي هئي ڪا،
هن کان پوءِ نه ملندي ٻي ڪا.
•
چٽ پراوا ڪين وڻن
پنهنجي لوئي لاک رتي.
سڀ ڪنهن سوريو چاندي مون
مون ته کنئي آ پريت پتي.
هيکل چنڊ اٻالو آهه
سونهين تارن منجهه ڪتي.
صبح شفق جي چکيا تي
چڙهي سڙي وئي رات ستي.
تنهنجي مڌ کپي ويئي
منهنجي اڃ اڃا نه کتي.
•
تون جي چپ ٿي وئين تنوير ته ڪوبه نه شعر ٻڌائيندو
دل وارن جي دردوندن جي محفل ڪير مچائيندو.
پوياڙيءَ جي پاڇن ۾ سونهري رنگ ملائيندو
واهه ڪناري لهندڙ سج کجين مان ليئا پائيندو.
ديس جي آزاديءَ جي خاطر هرڪو سر سهائيندو
هرڪو ٿيندو ڳاڙهو گهوٽ ۽ رت جي ميندي لائيندو.
ساري دنيا ماٺ ٿي ويندي موت جي خاموشي هوندي
شاعري ايندو ايندو واڪ وڏي دنيا کي سچ سڻائيندو.
اوگل او نازڪ گل مون کي تنهنجي سڳنڌ جو آ سوڳنڌ
تنهنجي خاطر رهندس دامن ڪنڊن سان اٽڪائيندو.
تون جي آمهون سامهون هوندين وقت ائين گذري ويندو
رات کٽي ويندي پر ڪوئي ڳالهيون ڪين کٽائيندو.
تنهنجي شهر ۾ تنهنجو نانءُ وٺڻ ڀي آهي ڏوهه وڏو
پوءِ ڪو دل وارو ڪيئن ڪنهن کان تنهنجو پنڌ
پُڇائيندو.
•
سارو ڳوٺ گهر جي ويو آ ساري خلق ستي پئي آهي
منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.
ٻيو ڪو جاڳي يا نه تڏهن ڀي منهنجي اک کلي پئي آهي
منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.
ملڪ سمورو ماٺو پاڻي ۽ منهنجو من لهرون لوڏا
ڏيئا وسائي سڀ سمهي پيا منهنجي اک کلي پئي آهي
منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.
هر کُڙڪي تي دل ٿي تڙڪي هر آواز تي ڪن لايان ٿو
توڙي اڪيلو ڏيئو آهيان پوءِ به جوت جلي پئي آهي
منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.
لاڳيتي اوجاڳي کان اکڙين ۾ آيون ڳاڙهيون ڏوريون
رنگ شفق جو ڄڻ نکري پيو ڄڻ ڪا باک ڦٽي پئي آهي
•
اکڙيون ڪيئن
اڙيون
سارو لوڪ لتاڙي آيون توڏي ڪيئن لڙيون
اکڙيون ڪيئن اڙيون
ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون منهنجي ڳوڙهن ساڻ ڳڙيون
اکڙيون ڪيئن اڙيون.
ساهه سيايون سنهيون ڪرايون ڄڻ ته ڪمند ڇڙيون
اکڙيون ڪيئن اڙيون.
•
سي جامه دري با نظام الله الله
سون ۾ خود جو مقام الله الله.
سا تشنه ميڪش رهيو تشنه ساغر
نجي ميڪدي جو نظام الله الله.
سن ڀي ڪيو چاڪ دامن چمن ۾
سي تنهنجي فغان زيرِ دام الله الله.
هنجي خون ارمان جي سرخي شفق تي
هنجي زندگيءَ جي سا شام الله الله.
مسلسل هي ناڪاميون تو به تو به
تنهنجي ڪاوش نا تمام الله الله.
بتي بيخودي ٿئي خوديءَ تي مسلط
تنوير اهڙو مقام الله الله.
•
ستم مون اهڙو ڪٿي چرخ نيلگون نه ڏٺو
ٿيو دل جو خون مگر دل جو خون مون نه ڏٺو.
ڏسين ها لال تون شبنم جو رنگ اي همدم
چڱو ٿيو جو گلن منهنجو اشڪِ خون نه ڏٺو.
مان پنهنجي چاڪِ گريبان کان بيخبر ئي رهيس
جنون جي دور ۾ مون حاصل جنون نه ڏٺو.
بوقتِ جلوه گري منهنجو هوش اڏامي ويو
نگہ نه جلوو ڏٺو بدنصيب مون نه ڏٺو.
تون آهين بزمِ جهان ۾ ته سڀني توکي ڏٺو
خود خود ڏٺو ۽ جنون جنون نه ڏٺو.
تصورات جي دنيا به ڪهڙي دنيا هئي
ڏٺم ٿي تو کي مقابل جي توکي مون نه ڏٺو.
رفيق پنهنجو جهان هڪ الڳ جهان آهي
ڪڏهن خود نه ڏٺو جو ڪڏهن جنون نه ڏٺو.
جنون کان دور ٿي ’تنوير‘ ڀي خود جو جهان
ڏٺو ته خوب مگر اهڙو پر سڪون نه ڏٺو.
•
ڪين سڏائيدي ڪڏهن ڪا ڪانئر جي ماءُ
پٽ تي ايندس تاءُ اُلي ويندي لوڪ ۾
وڙهن ۽ وهن آئون گهوري تن تان
ويهي مورچن مان ٺاٺا ٺڪ ٺڪ ڪن
دشمن کي بي درد ٿي مارن ۽ مرڪن
منهنجيون اکيون ٺرن جي آءُ ڏسان تن کي.
چيلهه ۾ گولين جو پٽو ڪلهي تي بندوق
اکيون ٽانڊن جيئن ٻرن ۽ منهن لال سڄو
منهنجو پرين اهو، سولو سڃاڻڻ سڀ لئه.
سنڌ ته سکي ٿئي آءٌ ڏهاڳڻ ئي چڱي
نياڻيون سياڻيون تن جو ونگو وار نه ٿئي
منهنجو ننڍڙو پٽ جو ٿي آزاد جيئي
ڏولائو جو ڏيهه تي اهو شال لهي
منهنجو ڪانڌ مري ماري مولين جو هزار.
مکڻ جو چاڻو آهي منهنجو سپرين
دشمن جي لاءِ آهي پر هيري جو داڻو
ڪڏهن نه ٿئي ساڻو هٿ وڙهي جو ويڙهه ۾.
اسٽين گن کڻي ورديءَ ۾ آيو آ ڪوڙ
سچا سچ ڌڻي هٿين خالي ڀي سگها.
(ٺوڙهي واري واقعي
تي)
•
ويري ٿيو ڪيري اسان ساڙيو مچ ۾
ڍرو ٿيو ڍرڪي پيو ۽ ٿي پيو ڍيري
جيئن کائي ڦيري، پکي ڪِري بندوق سان.
هيءُ واريءَ جو ڪوٽ ۽ هوءَ مکڻ جي ماڙي
ڀُرندا ائين جيئن ٽهي وڃي تاڙيءَ سان آڙي
ڏيئي اُماڙي، ساڙيو جهوني ڪوڙ کي.
لڪي ۽ لڙو، لڙي ۽ لڪي وڃو
سڀ ڪنهن سان ساڻيهه آ ڪوئي ناهه ڇڙو
اهو ڪوٽ ڪڙو، باقي ٿورا ڏينهن آ.
لڪي وار ڪيو، وار ڪري وڃو لڪي
هن تي قهر ڪيو، ڪهل نه ويريءَ تي روا.
ويريءَ ساڻ وڙهي آيو جنهن جو ڪانڌ آ
سا وني گل گلاب جيئن آهي پئي ٽڙي
سرتيون سڀ مڙي، ڏين مبارڪ ان کي.
ويرين کي ماري جيڪو مرڪي آئيو،
سرتين ساٿاري، مرڪي تنهن جي ماءُ ٿي.
ڀاڄوڪڙ جي ڀيڻ، ويٺي روئي ڪُنڊ ۾
مڙي ڪري سرتيون ويٺيون ڏينس ويڻ
ٿي نوڙائي نيڻ، اکيون کڻي ڪينڪي.
ڪيڏارو
جي مارڳ منجهه مئا تن جو طالع ڇا پڇو
واريءَ منجهه ڪنول ڄڻ اوندهه منجهه ڏيئا
ٻهه ٻهه ڪري ٻَريا، جرڪي سارو ديس ويو.
مئا جي مارگ تن جو طالع ڇا پُڇو
ريٽو تن جي رت سان آزاديءَ جو دڳ
جوت سدا جڳ مڳ، جهڪي ٿئي ڪينڪي.
مرن مارڳ منجهه، گولين سان پرڻ جشو
نه ڪا دانهن نه ڪوڪ آ نه ڪا ڪنجهو ڪنجهه
گوليون سيني منجهه ته به نعرا هڻن نينهن جا.
واڍوڙڪي منهين ناهي ڪنجهو ڪنجهه
هتي صبح سنجهه، نعرا لڳن نينهن جا.
ها، ويريءَ کان وير وٺڻو آهي جلد ۾
سنجها ٿيندي ٿي وڃي وجهبي هاڻ نه دير
متان ٿئي اوير، پير نه ويريءَ جو لڀي.
•
لبن تي هڪ سڪوت آهي زبان تي خامشي آهي
نهايت مختصر اي دوست منهنجي زندگي آهي.
جهان دل تي طاري ٿي وئي جي بيخودي آهي
نه ڪو ٻي زيست جي ڳولا اها ئي زندگي آهي.
نه حاصل زيست ۾ اي دوست مون کي زندگي آهي
مون اڪثر زندگيءَ ۾ زندگي حيران ڏٺي آهي.
رفو چاڪِ گريبان کي ڪرڻ بي ساخته ويٺس
جنون ۾ بارها اهڙي به حالت منهنجي ٿي آهي.
ڏسن حيرت ڇو ٿا مون کي هي اها جهان اي دوست
منهنجي ديوانگيءَ ۾ ڇا نهان ڪا دلڪشي آهي.
جتي مون فرق بربادي مان پنهنجي جان تي کيڏي
اتي حيرت سان مون کي زندگي ڏسندي رهي آهي.
وڃان ٿو بارها بيخود ٿي دنيائِي خوديءَ ۾ دوست
خودي ٻيو ڪجهه نه آهي پر فقط هڪ بيخودي آهي.
انهي غم کان ڪناره ڪش ٿيڻ لئه ٿو چوين اي دوست
رهي جنهن سان منهنجي عمر ڀر وابستگي آهي.
•
غمِ دنيا ۽ فڪرِ روزگار آهي مليو مون کي
جنون بدران خرد کي راز دانِ دل بنائڻ ۾.
ويس ٿي ايترو مشڪل پسند اڄ مشڪلن ۾ جو
اچي ٿو لطف هر آسان کي مشڪل بنائڻ ۾.
اهو آهيان شڪسته پا ملي ٿو لطف دل جنهن کي
هتي منزل بنائڻ ۾ هُتي منزل بنائڻ ۾.
جمود اشڪ ۽ ضبطَ فغان ڀي ڪم اچي ويندا
ڪڏهن طوفان آڻڻ ۾ ڪڏهن ساحل بنائڻ ۾.
اي قاتل خونِ عاشق سان ڀريل دامن سنڀالي رک
هي ڪم ايندءِ ڪڏهن رنگينئي محفل بنائڻ ۾.
قصور موت جو ويو زيست ۾ ٿي مشغلو آهي
لڳي ويو هاڻي کان مان آهيان مستقبل بنائڻ ۾.
دل ويران ۾ اڄ تصوير تنهنجي ٿو ڏسان اي دوست
مليو ڇا تو کي ويراني اندر محفل بنائڻ ۾.
جي يومِ عيد ۾ ڏسندس ته رشڪِ ماههِ ڪامل کي
مزو آهي مهِ نؤ کي مہِ ڪامل بنائڻ ۾.
•
جڏهن به راهرو ڪجهه بي نياز رهبران ڏسبا
نيون ڪي منزلون ڏسبيون نوان ڪي ڪاروان ڏسبا.
جي انسانن جا سجدا بي نياز استان ڏسبا
مڪان ۾ لا مڪان ۽ لا مڪان ۾ ڪجهه مڪان ڏسبا.
اهو ارمان ته رهندو خاڪ ٿي ويا منهنجا سڀ ارمان
اي بجلي آشياني جا اگر باقي نشان ڏسبا.
هينئر ڪي مرده دل هستيءَ جو افسانو ٿا دُهرائن
هينئر دنيا ۾ بس عنوان ئي زيبِ داستان ڏسبا.
جنون ۾ منهنجي حالت ڪهڙي ٿئي ٿي ڪجهه خبر ناهي
اهي منظر به ڏسبا پر به چشم ديگران ڏسبا.
نهاري ابر مان هرهر نگهباني ڪندي بجلي
گهڻائي آشيان پرورده برق تپان ڏسبا.
هتي انسانيت جو خون انسانن هٿان ٿو ٿئي
ڪم ڪهڙا اڃا ’تنوير‘ زير آسمان ڏسبا.
•
جي ذرو عزم عمل منهنجي دوستن ۾ هجي
نه ممڪن آهي ستم پوءِ ڪو زمن ۾ هجي.
ڇڏي نه پنهنجي نشيمن کي آهه سان ساڙي
خزان جي وقت نه بلبل ڪڏهن چمن ۾ هجي.
رِهڻ ڏي دستِ جنون تار هڪڙي دامن ۾
بيادگار جنون ڪجهه ته پيرهن ۾ هجي.
سڙي ويو جنهن جو نشيمن برابر آ تنهن لئه
چمن کان دور هجي يا ڪڏهن چمن ۾ هجي.
ٿئي ستارو يا برسات يا ٿئي شبنم
ڀلي هي اشڪ سندم گردشِ ڪهن ۾ هجي.
تون پنهنجي رونق محفل جو ڪجهه خيال ته رک
زبون حال ڪو ۽ تنهنجي انجمن ۾ هجي.
انهي کان آهي غريب الوطن چڱو ’تنوير‘
بغير دوست جي حيران جو وطن ۾ هجي.
سنڌي ٻوليءَ جو ترانو
شال جيئي هيءَ مٺڙي ٻولي
جنهن ۾ ماءُ ڏني هئي لولي.
لفظ انهيءَ جا موتيءَ داڻا
جملا جَواهر جيان سيباڻا
تن سان ڀريل آ منهنجي جهولي
شال جيئي هيءَ مٺڙي ٻولي.
اهڙي سندرتا اهڙي مڌرتا
ڄڻ ڪو دريا اُٿلي پيو آ
ڄڻ ته ڇلي پئي ڪائي ڇولي
شال جيئي هيءَ مٺڙي ٻولي.
سارو جڳ ڀل زور لڳائي
سنڌي سگهندو ڪونه مٽائي
هاڻي مون اک آهي کولي
شال جيئي هيءَ مٺڙي ٻولي
جنهن ۾ ماءُ ڏني هئي لولي.
•
سج اڪيلو هوندو آهي
سج اڪيلو هوندو آهي،
سج اڪيلو ٿيندو آهي،
چنڊ اڪيلو هوندو آهي،
چنڊ اڪيلو ٿيندو آهي.
مان ته نه ڪو سج آهيان
۽ نه ڪوئي چنڊ آهيان،
هڪڙو نماڻو تارو آهيان،
مان به سڀن جيان آهيان عام،
هڻندو ڪين آهيان ڪا هام.
مان نه اوهان کان وڌ آهيان،
۽ نه اوهان کان گهٽ آهيان،
مان ته اوهان جيڏو ئي آهيان،
مان ته اوهان جهڙو ئي آهيان،
مان ته اوهان جيان ننڍڙو آهيان
مان به اوهان جيان آهيان نماڻو،
مان ته اوهان جو ساٿي پراڻو،
مان ته اوهان جو آهيان يارو،
اوهان جيان ئي هڪڙو تارو.
تاري لاءِ ڪروڙين اربين ساٿي،
سج جي لاءِ نه ڪوئي ساٿي،
چنڊ جي لاءِ نه ڪوئي ساٿي،
منهنجي لاءِ ڪروڙين اربين ساٿي،
مان ته اڪيلو ناهيان،
مان ته اڪيلو ناهيان.
•
سدائين ائين ڪين گهٻرائبو آ
کُلي دل سان ڪڏهين ته ڳالهائبو آ
نه شوخن سان دل کي ڪو اٽڪائبو آ
جي اٽڪائبو آ ته پَڇتائبو آ
ٻين جي اڳيان جيئن شرمائجو ٿا
اسان جي اڳيان ايئن نه شرمائبو آ
سڄي عمر پڙهبو پيو آ سبق هڪ
پنو عشق جو ڪين اُٿلائبو آ
زبان مان جڏهن ڪو اکر ڪين اُڪلي
انهي وقت اکين سان ڳالهائبو آ
اوهان سان رڳو دل کي وندرائبو آ
نه کٽبو ئي آهي نه هارائبو آ
ڪڏهن دشمنن ۾ به ڊپ ناهي ٿيندو
ڪڏهن دوستن ۾ به گهٻرائبو آ
تڏهن شعر ’تنوير‘ لکبو آ پاڻهي
جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ
•
پڃري مان نڪرڻ گهرجي
اڄ مون کي اُڏرڻ گهرجي.
ٻاهر خوشبو آ ڪيڏي
گل جو رنگ ڏسڻ گهرجي.
روئي روئي سوچيم نيٺ
اڄ مون کي مُرڪڻ گهرجي.
عمر سنڀالي پير کنيم
اڄ مون کي ترڪڻ گهرجي.
نانگ ڏنگيو آ مون کي تو
مون کي تنهنجي مڻ گهرجي.
ڍر ڏي پريت جي ڌاڳي کي
ڳنڍي نه پوءِ ڇنڻ گهرجي.
تو وٽ مان جي اچي نه سگهان
مون وٽ توکي اچڻ گهرجي.
اڄ ڪو رنگ رچڻ گهرجي
اڄ ’تنوير‘ اچڻ گهر گهرجي.
•
ڪوڪو پل ٿئي ٿو تنوير
صدين تي ڀي سوڀارو
آهي پيار مٺي ماکي
هونءَ ته حياتي مانارو
عجب ته توتائين پهتو
جو جو ورتو مون چارو
جيون اونداهي ڪوٺي
تنهنجو مکُ روشن جارو
ريج گهرن ٿا رت جوئي
ٻني ٻني ٻارو ٻارو
ڳولي وٺ جي ملي سگهئي
ماڻهو ڪوئي مون پارو
•
ٻرڻ اسان جو ڪجهه اهڙو آهي
جتي وڃون ٿا ته روشني آ
جيئڻ اسان جو ڪجهه اهڙو آهي
جتي جيئون ٿا زندگي آ
•
هونءَ ته جلَونَ جي هر دم ٿو جوت جلائي آئينو،
پنهنجي ليکي هڪڙو ڀي ڪرڻو نه اُپائي آئينو.
سڀن حسينن جي اکين سان اکيون ملائي آئينو،
جي هو شرمائن ٿا خود ڀي ٿو شرمائي آئينو.
هر ڪنهن جي اوگهڙ کي ٿو هو اُن جي آڏو پيش ڪري،
سڀ ڪجهه آڻي رکي ٿو آڏو ڪجهه نه لڪائي آئينو.
ميڪ اپ وقت ٿو رنگ روپ جو جادو لائي آئينو،
رات جو اوندهه ۾ ٿو انڌن جان پڇتائي آئينو.
ڳالهائڻ واري جي آڏو هر دم هي آهي گونگو،
چپ ڀي چوري ٿو پر ڪين سگهي ڳالهائي آئينو.
شيش محل ۾ هڪ ڏيئي سان جڳ مڳ لائي آئينو،
چمڪڻ واريءَ شيءِ کي تيئن ئي وڌ چمڪائي آئينو.
•
نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون،
رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون،
رهياسين سڄي عمر معصوم ته به،
اسان تي لڳيون عشق جون تهمتون.
نه ڪي صورتون ۽ نه ڪي مورتون،
نه ڪي جلوتون ۽ نه ڪي خلوتون،
اسان طور سينا اکين تي رکيو،
نگاهن کي ڏيو ڪي ٻيون دعوتون.
اوهان چپ ڪري دل ۾ ويهي رهيئو،
۽ هرهنڌ اوهان کي سڏيندا وتون.
اسان جي محبت ڪندي معجزو،
نه رهنديون اهي نفرتون نفرتون.
ٻٻر جي وڻن جان اسان جو جيئڻ،
۽ مانجهندڙين جا سندن قامتون.
ٻير جي وڻن جيان اسان جو جيئڻ،
۽ مانجهندڙين جيان سندن ڪلموتون.
•
چگهه ڳلن ۾ کاڏيءَ ۾ کَٻ اکڙيون ڪجليون ڀنڀا وار،
جيون ڀر هڪ سهڻو ۽ من مهڻو چهرو ياد رهيو.
دل درياهه ملي مون کي اڻهوند جا ڀي انبار مليا،
مون کي پنهنجي قسمت جو هي ظالم چرچو ياد رهيو.
مندون موٽيون ڏينهن نه موٽيا جي توسان گهاريم
الطاف،
هاڻي پڇتايان ٿو مون کي وقت اهو ڇو ياد رهيو.
اسان اوهان کان وسري وياسين ان تي ناهه تعجب ڪو،
ڳالهه عجب جي آهي اوه
•
نه ڪا حور گهرجي نه ڪائي پري،
اها ئي کپي جا ڪري دلبري.
تجليءَ ۾ گرمي تجليءَ ۾ نور،
تجليءَ سان ليڪن پئي دل ٺري.
سَري ويئي ليڪن وڏي ڪرب سان،
اوهان کان جدا ٿي گهڙي جا سري.
ڪڏهن ميڻ ڀي آهي ويندي ڄمي،
ڪڏهن پهڻ ڀي آهي ويندو ڳري.
ڏٺس تو ڀري پيار جي هڪ نظر،
۽ ’تنوير‘ ان ئي گهڙيءَ پيو کري.
•
سُڪي وڃن نه متان ياد جا ڪنول نازڪ،
ٻه لڙڪ هاري وري اڄ پرينءَ پچار ڪيو.
جو زخم ڀرجي نه سگهي اهو ڀلي رسجي،
اکين جي آب کي ان جي مٿان نثار ڪيو.
هوا آ خشڪ فضا ۾ نه آهي ڪا سرهاڻ،
غمن کي نشر ۽ دردن کي آشڪار ڪيو.
چڱو ٿيو جو پيار زخم جا ٽٽي ٽاڪا،
بهار ناهي ته زخمن سان ئي نکار ڪيو.
•
ڪالهه توسان جو رسي آيس مان،
بس ائين سمجهه ڪُسي آيس مان.
هاڻي سوچيان ٿو ته ڪاڏي وڃجي،
تنهنجي محفل مان اُٿي آيس مان.
توڏي ايندس ته مان ڄاڻي واڻي
ڀانئجان ائين ته ڀُلي آيس مان.
وٺ واري سڀ ڪجهه پيار سوا،
تو وٽان جيڪو کڻي آيس مان.
مان ته ڀانيان ٿو هُيس تو وٽ ئي
تون چوين ٿي ته وري آيس مان.
تو وٽ آيس نه ڪڏهن خالي هٿ،
هر دفعي درد کڻي آيس مان.
•
لڳائي آئين تون پرفيوم قيمتي ليڪن
جي گل تو آندا انهن جي سڳنڌ وئي ڍڪجي.
مون پنهنجو درد ته چرچي ۾ ئي لنوائي ڇڏيو،
مگر تون مون کي ڏسي ڇو ڀلا پئينءَ روئي.
اچڻ ڀي چاهين تڏهن ڀي سگهين ٿي ڪين اچي
ٻڌاءِ پيار کان وڌ آهي ڪهڙي مجبوري.
زماني شور ڪيو پئي مگر مون ڪجهه نه ٻڌو،
ٻڌي ته تنهنجي اکين جي خموش ڳالهه ٻڌي.
مون تنهنجي پير تريءَ ۾ ڪئي هئي ڪتڪتائي،
۽ کن ۾ تنهنجي وڏائي سڄي وئي وگهري.
ٻڌايان جڳ کي ته بدنام ٿي وڃين شايد،
جا ڳالهه مون سان ڪندي آهي تنهنجي خاموشي.
•
’تنوير‘ کي وڻي ٿي هڪ سهڻي ڇوڪري،
نالو نه ٿو وٺي پر سمجهي وڃو ڀلي.
سالن کان پوءِ مون کي جو پاتئه ڳراٽڙي،
پرفيوم ۽ پگهر جي خوشبو ملي وئي.
ميڪ اپ کي ڇا ٿيو جو وٽڙيل لڳي پيو،
ڪهڙي سبب آ بگڙي ڪپڙن جي استري.
سالن کانپوءِ به ائين ڄڻ آهين تون اڄ ملي،
تنوير سان رکي تو آ ڪهڙي دوستي.
•
سدائين ائين ڪين گهٻرائبو آ
کليءَ دل سان ڪڏهين ته ڳالهائبو آ.
نه شوخن سان دل کي ڪو اٽڪائبو آ،
جي اٽڪائبو آ ته پَڇتائبو آ.
ٻين جي اڳيان جيئن شرمائجو ٿا،
اسان جي اڳيان ائين نه شرمائبو آ.
سڄي عمر پڙهبو پيو آ سبق هڪ
پنو عشق جو ڪين اُٿلائبو آ.
زبان مان جڏهن ڪو اکر ڪين اُڪلي،
انهي وقت اکين سان ڳالهائبو آ.
اوهان سان رڳو دل کي وندرابو آ،
نه کٽبو ئي آهي نه هارائبو آ.
ڪڏهن دشمنن ۾ به ڊپ ناهي ٿيندو،
ڪڏهن دوستن ۾ به گهٻرائبو آ.
تڏهن شعر ’تنوير‘ لکبو آ پاڻهئي،
جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ.
تنوير عباسي جون نثري لکڻيون
مضمون ۽ مقالا
(وچور)
1.
گذريل دور جي شاعري |
ماهوار تقاضا سکر سالنامو 1957 |
2.
سُريلن گيتن جو مهاڳ
(مراد علي مرزا اختر سان ترجمو) |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد 2، 1- 1959 |
3.
جديد شعر جون صنفون |
روزانه عبرت حيدرآباد سالگره نمبر |
4.
بردو سنڌي- مطالعو |
تخليق حيدرآباد |
5.
جديد سنڌي شاعري |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد 2، 1- 1960 |
6.
گل ۽ ڪنڊا |
سرهاڻ ڪتابي سلسلو، ٽنڊو محمدخان |
7.
سنڌي لوڪ ادب |
روح رهاڻ حيدرآباد آگسٽ 1963 |
8.
ادب ۽ افاديت |
روح رهاڻ حيدرآباد ڊسمبر 1963 |
9.
سنڌي ادب جا ويهه سال |
نئين زندگي ڪراچي جنوري 1968 |
10.
سچل سائين |
روح رهاڻ حيدرآباد فبروري 1968 |
11.
ٻه راتيون ٻه ڏينهن |
روزانه هلال پاڪستان حيدرآباد
1 جون 1970 |
12.
سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو |
روزانه هلال پاڪستان حيدرآباد
24، 25 آڪٽوبر 1970 |
13.
روح رهاڻ |
روزانه هلال پاڪستان ڪراچي
19 سيپٽمبر 1972 |
14.
ڌرتيءَ جي خوشبو |
” ” 1972 |
15.
سنڌي لپي |
” ” 1972 |
16.
ٻولي ۽ وطن |
24 آڪٽوبر 1972 |
17.
سنڌالاجيءَ جي باري ۾ |
” ” 19 ڊسمبر 1972 |
18.
ميلا ۽ ادبي ڪانفرنسون |
” ” 9 جنوري 1973 |
19.
انعامي ترقي پسند |
روزانه هلال پاڪستاني ڪراچي
6 فيبروري 1973 |
20.
سنڌي ٻوليءَ جو بل |
” ” 23 جنوري 1973 |
21.
وائي ٻي وسار |
” ” 13 فيبروري 1973 |
22.
پاڪستاني ڪلچر |
” ” 27 فبروري 1973 |
23.
خاص اسڪول ۽ سنڌي ٻار |
” ” 1973 |
24.
ڌاريا لفظ ۽ سنڌي اُچار |
” ” 1973 |
25.
اظهار جي آزادي |
” ” 1973 |
26.
اسان جا سورما ۽ انهن جا
يادگار |
هفتيوار برسات ڪراچي
19
اپريل 1973 |
27.
سنڌي نالا، اسلامي نالا
۽ غير اسلامي نالا |
” ” 1973 |
28.
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ
۽ سنڌي ادب |
” ” 1973 |
29.
سنڌي ٻوليءَ کي للڪار |
ماهوار ملير ڊائجيسٽ حيدرآباد 1973 |
30.
وڏيري ڪلاس جو پهريون ليکڪ |
ماهوار سهڻي حيدرآباد نسيم کرل نمبر
1974
|
31.
سي ڏينهن هيا |
لطيف مخزن حيدرآباد 76- 1975 |
32.
مون سي ڏٺا ماءُ |
سه ماهي مهراڻ حيدرآباد 4- 1976 |
33.
سنڌي شاعري |
سنڌ صدين کان سيمينار جيڪب آباد
1976 |
34.
جپاني هائيڪو |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد 2، 1 - 1977 |
35.
ڪجهه يادون |
موهن جو دڙو مخزن لاڙڪاڻو
79- 1978 |
36.
ڏاڏو شاهه |
جاويد خيرپور 1980 |
37.
آزاد نظم |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد |
38.
سچل سرمست جو سنڌي ۽ سرائڪي شاعرن تي اثر |
سچل نئشنل سيمينار خيرپور 1982 |
39.
سچل سرمست ۽ عروضي
شاعري |
سچل نئشنل سيمينار خيرپور 1983 |
40.
آزاديءَ کان پوءِ سنڌي شاعري |
سنڌالاجي سمينار حيدرآباد 1984 |
41.
جي ماسو ملئي مال |
|
42.
هائيڪو- وڌيڪ اڀياس |
ڪتاب ’ترورا‘ |
2- تقريرون
سنڌي |
1.
سنڌي شاعري ۽ نوان تجربا |
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد 29 جولاءِ 1963 |
2.
سنڌي زبان تي سياست
جو اثر |
روزانه عبرت حيدرآباد 12 اپريل 1963 |
3.
سنڌ جي نئين شاعري |
” ” 12 مئي 1963 |
4.
ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان |
” ” 18 جنوري 1965 |
5.اکيون
آليون اوچو ڳاٽ |
” ” 10 اپريل
1966 |
6.
سنڌي اديبن جا مسئلا |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد 6، 1 - 1973 |
7.
ادب ۽ سائنس |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد |
اردو |
8.
لوک گيتون مين وطن دوستي |
ريڊيو پاکستان حيدرآباد 29 جولائي 1963 |
9.
سندهي لوک کهانيون مين عورت |
ريڊيو پاکستان حيدرآباد 1968 |
10.
سچل سرمست |
” ” ” 1978 |
3- پيغام |
11.
سنڌي ادبي سنگت |
ڪتاب سنگت هڪ تحريڪ
ڪراچي 1967 |
12.
جشن سنڌ حيدرآباد |
2 فبروري 1980 |
13.
ڇوٽڪاري جو ڏينهن خيرپور |
1 جولاءِ 1980 |
4 - مهاڳ |
1.
اکيون ميگهه ملهار، |
بردي سنڌيءَ جو شعري مجموعو 1961 |
2.
پريت پراڻي ريت نرالي |
سندري اتمچنداڻي
(پاڪستان ڇاپو) 1963 |
3.
فتاح ملڪ جو شعري مجموعو
|
’ڪنول پاڙون پاتال‘ 1975 |
4.
ٻاراڻا ٻول- |
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد 1975 |
5.
اياز گل جو شعري |
مجموعو ’سوچون سرها گل‘ 1979 |
6.
يوسف شاهين جو شعري |
مجموعو ’اندر ۾ اهاءُ ٿيو‘ 1979 |
7.
محمد علي حداد: |
سچل سرمست جو ببليو گرافي 1982 |
8.
نظام الدين زائر جو شعري مجموعو |
’وڻ وڻ تنهنجو واس‘ 1982 |
9.
علي محمد فقير ٽالپر جو شعري مجموعو |
’رتن انمول‘ 1982 |
10.
تاجل بيوس جو شعري مجموعو |
’جڏهن ڀونءِ بڻي‘ 1982 |
11.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ’سچل لغات‘ |
1983 |
12.
پشپا ولڀ جو شعري مجموعو |
’دريءَ کان ٻاهر‘ 1985 |
رشيد ڀٽيءَ جي افسانن جو مجموعو |
’ديس ستو دل وارا جاڳيا‘ 1985 |
13.
تاج بلوچ جو شعري مجموعو |
’خوشبو جو زهر‘ 1985
|
5- تبصرا |
1.
پيار ۽ پئسو- آنچل |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد 4 - 6 195 |
2.
چنچل مکڙيون- گوورڌن محبوباڻي |
” ” 4 - 1956
|
3.
تن ۽ تندرستي- ڊاڪٽر علي احمد قاضي |
” ” |
4.
لاتيون- گوورڌن محبوباڻي |
” ” 1 ، 2 ، - 1959 |
5.
مرجهايل گل- گوورڌن محبوباڻي |
” ” 4 ، 1959 |
6.
ٻيو قدم- (ادارهء ادب نو- حيدرآباد) |
ٽه ماهي 4 - 1962 |
7.
اسان جا شعر هيءَ سادا- عبدالغفور عابد-
نئين زندگي ڪراچي |
جولاءِ آگسٽ 1975 |
8.
قاضي قادن جو ڪلام- هيرو ٺڪر- |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد 4 - 1978 |
9.
هوڏوٿي هو ڏينهن- پير حسام الدين راشدي |
(1980 ) |
10.
تند ڪٽارو ڪنڌ - عنايت بلوچ |
سووينئر 1981 |
6 - افسانا |
1.
ونڊ کاءُ ايمان پاءِ |
هفتيوار وطن حيدرآباد 1955 |
2.
لوئي |
ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد 1- 1956 |
3.
ڊائريءَ جا ڪجهه ورق |
ماهوار سهڻي حيدرآباد مارچ 1980 |
8 - انٽرويو
سنڌي |
1.
سنڌي ڌرتيءَ جا دانشور- 4 |
هفتيوار برسات ڪراچي 1974 |
2.
اوٻارا عنبير جا |
ماهوار سوجهرو ڪراچي اپريل 1974 |
3.
سنڌ جي مشهور معروف.... |
چانڊڪا مخزن لاڙڪاڻو 1978 |
4.
هر ماڻهو موتيءَ داڻو |
هلال پاڪستان مئگزين
ڪراچي آگسٽ 1983 |
5.
انٽرويو |
وينس- چانڊڪا ڪاليج
مخزن لاڙڪاڻو 1984 |
6.
لفظ ٿا ڳالهائين |
طارق اشرف- آرسي - 4 حيدرآباد
1984 |
اردو |
1.
وادي مهران کي بلند پايه...... |
مڊويک روزانانه جنگ کراچي
23 مارچ 1983ع |
8 - انگريزي مضمون |
1975 |
1. Sindhi Poetry After Independence |
1975 |
2. Sindhi Poetry through the centurries
(Seminar Sind Through the centuries
Karachi) |
Daily Dawn Karachi |
3. Images in the Poetry of Shah
Abdullateef
|
Souvenir of SGA- Karachi 1982 |
4. Abida Parveen. a Wandering Voiece |
|
|
|
پڇاڙڪا
لفظ....
ته دوستو، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي زندگي ۽ فن بابت
سهيڙيل هيءَ ’انٿالاجي‘ ”ڪجهه ڏيئي وينداسين“
يقيناً اَڻپوري آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن/ليکن
کانسواءِ سندس شخصيت ۽ لکڻين بابت ٻيو به گهڻو
ڪجهه لکيو ويو آهي. جيڪو به ڪافي بهتر ۽ معياري
آهي، پر سڀ جو سڀ مواد ڏيڻ به ممڪن نه هو. بهرحال
شامل اشاعت ليکن، مقالن ۽ خاڪن مان تنوير عباسيءَ
جي زندگي ۽ سندس فن بابت سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ٿو
بيهي.. ۽ اها منهنجي دعويٰ ڪونهي. پر منهنجي
اندازو آهي.
ساڳئي ڳالهه ’تنوير‘ جي لکڻين ۽ شاعريءَ جي چونڊ
بابت به چئي سگهجي ٿي.
هن ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ آئون ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ جي لائق سيڪريٽري محترم الهڏتي وگهئيءَ جو
دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جنهن نه رڳو هن
ڪتاب جي ڇپائي ۾ ذاتي دلچسپي ورتي، پر مونکي ڪم جي
جلدي اُڪلاءُ لاءِ همٿايو به، سندس مهرباني نه مڃڻ
سراسر زيادتي ٿيندي.
مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾، جناب نفيس احمد ناشاد ۽
پنهنجي نوجوان دوست رحمت سومري جو به ٿورائتو
آهيان. جن ڪجهه مواد هٿ ڪري ڏنو ۽ هن ڪتاب جي
ٽائٽل جي سلسلي ۾ عزيزم مورساگر
جي محنت
جو به ٿورائتو آهيان. جڏهن منهنجي حجت تي ٽائيٽل
ٺاهيو، ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جي پبليڪيشن آفيسر محترم سڪندر علي شاهه، محمد
رفيق جمالي ۽ مرزا دبير جو به تهه دل سان ٿورائتو
آهيان.
يوسف سنڌي
31- مارچ 2012ع
|