سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:7

تازو اسان جي پياري پياري مٺڙي مٺڙي نصير مرزا، حفيظ بابت مڪمل ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ هن مهرباني ڪري، منهنجي محنت واري ڳالهه ڳڻائي آهي. قدرت جي ڪا مصلحت هئي جو شيخ اياز کي خبر ئي ڪانه پئي ته حفيظ جي ڪهاڻين جو مجموعي ڪومون سهيڙيو آهي. پر بهرحال ان ڳالهه جو افسوس سو رهجي ويو ته مان پنهنجي محسن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي به اهو ڪتاب ڏئي نه سگهيس، ان ۾ به ڪو ڀلو هوندو ڇاڪاڻ ته ان ڪتاب کي ڏسي ڊاڪٽر صاحب کي به ايترو ئي ڏک ٿئي ها، جيترو مون کي ٿيو هو.

حفيظ شيخ جي مواد جي اتارڻ لاءِ چئن چئن آنن واريون ڪاپيون ته مان پاڻ سان کڻي ويو هوس، پر رهائش، چانهه، ماني يا ماحول ميسر ڪري ڏيڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب نهايت ڪشاده دلي ۽ شفقت جو مظاهرو ڪيو. خاص طور شام جو جڏهن ڪلنڪ تان واندو ٿيندو هو ته گهر جي پويان واري حصي ۾ واهه جي ڪناري ڪناري، واڪ ڪندي، ڏاڍيون مزي مزي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. سچ ته اهو آهي ته ان وقت مون کي ان ڳالهه تي ٿورو به اچرج ڪونه ٿي لڳو ته هيڏو وڏو شاعر ۽ معروف ڊاڪٽر، نه فلسفي تي ٿو ڳالهائي نه نفسيات تي، نه ئي پنهنجي شاعريءَ ٿو ٻڌائي، ها البت ايترن ڏينهن ۾ هڪ تازو شعر ضرور ٻڌايو هئائين، جيڪو پوءِ مون ريڊيو تان عابده پروين جي آواز ۾ ٻڌو هو.

ڊاڪٽر صاحب کي ڳائڻن ۾ رڳو عابده پروين ئي وڻندي هئي، عابده پروين تڏهن ته ڳائيندي به ڌيمي انداز ۾ هئي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعري به نهايت ڌيمي لهجي واري هئي، جا عابده پروين جي آواز تي سونهندي به ڏاڍي هئي.

منهنجي ڳائڻ کي گهڻو پسند نه ڪندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن چوندو به ته: ”جديد سنڌي گيتن کي به پنهنجي سنڌي راڳڻين ۾ هجڻ گهرجي، ڇو ته جيستائين جديد سنڌي شاعريءَ کي سنڌيءَ جو پنهنجو مزاج نه ملندو ته اهو گهڻو وقت نه هلي سگهندو. ڊرم ۽ سينٿسائيزرس سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج جي خلاف آهي.“

ڊاڪٽر صاحب جي ڳالهه ڪنهن حد تائين درست به هئي، پر جديد شاعريءَ ۾ به سنڌي ڪلاسيڪي صنفن وائي، ڪافي يا بيت جي بجاءِ، گيت، غزل، ٽيڙو، هائيڪو، نظم ۽ نثري نظم جاءِ والاري چڪو هو، ۽ اهي صنفون ڳائجڻ به لڳيون هيون، جيڪي نوجوان ٻڌندڙن ۾ مشهور به ٿيڻ لڳيون هيون. مون ڊاڪٽر صاحب کي ڪو جواب ته ڪونه ڏنو هو، البت دل ۾ سوچيو ضرور هو ته وقت سان موسيقيءَ جا ماڻ به بدليا آهن ۽ هونئن به موسيقي ٻڌندڙن جا مزاج مختلف ٿين ٿا، ڏٺو وڃي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي هن جديد دور جي تيز ترين ردم واري موسيقيءَ جي پاپولر هجڻ جي باوجود اڃان ڪلاسيڪي راڳ پسند آهي، ايستائين جو مون ڏٺو ته شيخ اياز صاحب به پنهنجي جوانيءَ جي دور وارن گائڪن جا گانا ٻڌندو هو، هڪڙي گاني: بنگلا بنا نيارا، جي ڪيسٽ خريد ڪرڻ لاءِ ته اياز صاحب کي ڪراچيءَ جي (صدر) ۾ الائي ڪيترن دڪانن تان پُڇڻ کان پوءِ مس مس اها ڪيسٽ ملي هئي.

اياز صاحب به شروع ۾ ته جديد صنفن ۾ شاعري ڪرڻ پسند ڪندو هو، پوءِ کيس ڊاڪٽر تنوير واري ڳالهه سمجهه ۾ آئي هئي، تڏهن وڃي شاهه سائينءَ جي سورمين جي حوالي سان شاعري ڪرڻ لڳو، پر ان ۾ سندس نيت شاهه سائينءَ کان تعداد ۾ گوءِ کٽڻ جي هئي.

شيخ صاحب کي حالانڪ پنهنجي دور جي وڏو شاعر هجڻ جو لقب مليو هو، پر سنڌ جي هڪ دور کي شاعراڻي لپيٽ ۾ وٺڻ واري جو ادبي الميو اهو رهيو، جو سندس باقي همعصرن مان سواءِ هڪ ٻن نوجوان شاعرن جي، ڪنهن به سندس شعري لهجي يا ڊڪشن جو اثر نه ورتو، ۽ ڪمال ته اهو هو جو ڊاڪٽر تنوير عباسي ته سندس تمام ويجهو دوست به هو، پر ان جي موضوعن، لهجي، لغت، اسلوب يا وزن بحر جو دائرو ئي الڳ هو، حالانڪ مغربي شاعري ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي به جهجهي پڙهيل هئي، پر ابتدا کان ئي سندس اسلوب جدا رهيو. ساڳيءَ ريت شمشيرالحيدريءَ، نياز همايوني ۽ امداد حسينيءَ جو لهجو به منفرد رهيو.

ان حوالي سان ڏسجي ته خود الطاف عباسيءَ به ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڀاءُ هجڻ جي باوجود شاعريءَ ۾ پنهنجي انفراديت قائم رکي، اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف ڪامورڪي مصروفيت ۽ پنهنجي دوستاڻي آتڻ سجائڻ سبب، شاعريءَ کي وقت ڏئي نه سگهيو، ۽ انهن کان وڏو سبب سندس گهر ۾ ڀاءُ جو شاعر هجڻ هو ۽ جيڪو ڪل وقتي شاعر هو، ڊاڪٽري ته تنوير صاحب، آپا قمر جي دٻاءَ سبب ڪندو هو، جيڪا کيس شاعراڻين ڪيفيتن ۾ رهڻ کان سدائين جهليندي هئي: ”سگريٽ نه ڇڪيو، ليڪر نه پيئو“، ايتري قدر جو آپا قمر سندس دوستن کي به دٻ ڪڍندي هئي ته: ”ڊاڪٽر صاحب کي مهرباني ڪري پيئاريندا نه ڪريو. .. برداشت نه ٿو ڪري سگهي، بيمار ٿي ٿو پوي... توهان ڪهڙا دوست آهيوس....“

پوءِ به ڊاڪٽر صاحب زال کان لڪي سگريٽ ڇڪي وٺندو هو ۽ سرور وٺڻ لاءِ دوستن سان رلجي ويندو هو، بس پوءِ ته آپا قمر رڳو دوستن تي ڏنڊو نه کڻندي هئي، باقي... لاک لاهڻ ۾ گهٽائيندي ڪانه ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته واقعي ڊاڪٽر صاحب جي حالت نازڪ ٿي ويندي هئي.

پوءِ جڏهن الطاف عباسيءَ جي بدلي حيدرآباد ٿي هئي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي به وٽس جي او آر جي بنگلي تي ئي اچي رهندو هو. هي اهو زمانو هيو، جڏهن شيخ اياز صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي ڄام شوري ۾ رهائش پذير ٿيو هو، ۽ مان تڏهن پاڪستان ٽيليويزن جو پروڊڪشن اسسٽنٽ ٿيو هوس. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي حڪومت هئي، جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان ۽ مارشل لا جو گهٽ ٻُوسٽ وارو ماحول بدلجي چڪو هو، ان ڪري هنن صاحبن جو ٽولو به آزاديءَ مان ڀرپور مزو وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو هو، شام ٿيندي مس هئي ته الطاف عباسيءَ جي ايڪسائيز کاتي وارا سندس بنگلي تي سوم رس جا ڪريٽ ڏئي ويندا هئا، ۽ الطاف جي سخاوت جو اهو عالم هوندو هو جو يا ته پنهنجي گهر تي يا وري حيدرآباد جي زميندار رفيق ڪاڇيلي جي بنگلي تي اهو سارو دارون پورو ڪري سک جو ساهه کڻندو هو.

رفيق ڪاڇيلي وٽ ته هڪڙو فل سائيز ريفريجريٽر رڳو ولائتي دارونءَ جي بوتلن سان ڀريل هوندو هيو. الطاف يا ڪاڇيلو پاڻ ته گهڻو ڪري مهمانن کي مهت ڏيڻ خاطر دوستن سان ميزبانيءَ واري مزاج ۾ رهندا هئا. ظاهر هو ته سندن دوست به سڀ ئي اديب ۽ دانشور هوندا هئا، ان ڪري انهن کي ميزبانيءَ واري دائري ۾ رهڻ لاءِ ڪافي هوشمند رهڻو پوندو هو. پر ڊاڪٽر تنوير عباسي بس هڪ ٻن ڍڪن ۾ ئي ٽُن ٿي ويندو هو، مٿان جو وري محفل کي راڳ سان رنگين بنائن لاءِ عابده پروين کي سڏائيندا هئا ته ڊاڪٽر صاحب هٿن مان ئي نڪري ويندو هو.

الطاف عباسيءَ جي مون سان محبت جو ڪاٿو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو هر ويڪ اينڊ تي حيدرآباد کان ڪراچيءَ اچي مون کي پاڻ سان وٺي ويندو هو، جنهن کان پوءِ وري ڪاڇيلي صاحب جو به شيخ اياز ۽ ان جي قومي گيتن سان لڳاءُ ٿيو ته پوءِ اهو به گڏجي، يا ڪڏهن ڪڏهن الطاف کي ساڻ ڪري ڪراچيءَ مان، مون کي حيدرآباد کڻي ايندا هئا. هارمونيم حيدرآباد مان فيروز گل کان وٺندا هئاسين، پوءِ جڏهن فيروز گل به چسڪي هڻڻ کانپوءِ پنهنجا پرڪار ڏيکاريا ته ڪاڇيلي ڪراچيءَ مان پنهنجي هارمونيم خريد ڪئي. جيڪا خاص منهنجي لاءِ سندس اوطاق تي رکي هوندي هئي، ۽ مون کي آزادي هئي، جنهن ڪري جڏهن وڻندو هو، پنهنجي دوستن سان سندس اوطاق تي قومي گيتن جي محفل مچائيندو هوس.

شيخ اياز جي وائيس چانسلر ٿي اچڻ کانپوءِ، سندس گهڻي گهاٽي دوستي وري الطاف عباسيءَ سان ٿي وئي هئي، بلڪل ائين جيئن سکر ۾ شيخ صاحب جي سڪ فتاح ملڪ سان هوندي هئي، پر مان سمجهان ٿو ته فتاح صاحب به شيخ اياز جي خدمت ڪرڻ ۾ گهٽايو نه هوندو، پر الطاف جي اها رات خالي نه هوندي هئي جو الطاف ڄامشوري وڃي سندس شاعراڻي سرور جو بندوبست نه ڪندو هو.

الطاف جي، دوستن سان سڪ ۽ پريت کي ڏسي خود ڪاڇيلي مرحوم به الطاف جو چڳ وڍيو مريد ٿي ويو هو، خانداني ماڻهو هو، عزت ۾ رک رکاءَ ۾ ڪاڇيلو به پنهنجو مٽ پاڻ هو، ايتري قدر جو الطاف جي سمورن ادبي دوستن توڙي سندس گهر جي ڀاتين کي اکين تي ويهاريندو هو. الطاف جي ٻارن ڪوڏ ۽ سپيءَ سان ته هن جون ڪي سوين دليون هيون ۽ امداد حسينيءَ توڙي نياز همايونيءَ سان رهاڻ ڪرڻ کانسواءِ ته ڪاڇيلو مرحوم سُمهندو ڪونه هو. الطاف جي گذارڻ کانسواءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعراڻي ۽ تحقيقي معاملن ۾ ڪجهه ڍرو ڍرو ٿي ويو هو، الطاف جي اوچتو حادثي ۾ گذاري وڃڻ جو ڏک ته سڀني دوستن عزيزن ۽ سندس گهروارن کي ٿيو هو، پر ان جو صدمو ڊاڪٽر کي گهڻو ٿيو هو. آخر الطاف رڳو سندس ڀاءُ نه هو، پر تمام گهاٽو دوست هو ۽ ادبي لحاظ کان سندس همعصر شاعر هو، جنهن جي اثر کان ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته: ”بيدل! الطاف تي ڪجهه نه ڪجهه لکندو ڪر، مٺا ڀاءُ سچ پڇين ته مان نه ٿو لکي سگهان... الائي ته ڇو قلم ساٿ نه ٿو ڏئي، ٻين دوستن کي به چئه ته اهي به الطاف تي لکن.“

پهرين ته ڊاڪٽر تنوير عباسي مون سان هڪ اديب يا راڳيءَ واري حيثيت ۾ مان ڏيندو هو، پر الطاف جي گذارڻ کانپوءِ، هو مون کي الطاف جي دوست واري به عزت ڏيندو هو. ادبي محفلن ۾ ته ساڻس ملاقاتون رهنديون هيون، پر هڪ ڀيري مان جڏهن ڪوئيٽا کان ڪراچيءَ پئي ويس ته ڪجهه ڏينهن  لاءِ شڪارپور ۽ سکر ترسيو هوس، تڏهن ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ لاءِ خيرپور به ويو هوس. تن ڏينهن ۾ مٿس سچل چيئرجي عمارت جوڙائڻ جو جنون سوار هو.

گهر کان پنهنجي ڪار ۾ چاڙهي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ وٺي آيو، ۽ هلندي تعارف به ڪرائيندو هليو:

”هن هال ۾ سچل سائين جي تحقيق نگارن جون تصويرون لڳائينداسين، سخي قبول محمد کي اُتساهه ڏياريو آهي، هوبه هن ڪم ۾ دلچسپي پيو وٺي ۽ تصوف جي سلسلي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جا سانباهه پيو ڪري، هن ڪمري ۾ چيئر جو اسٽاف ويهندو، هي منهنجو ڪمرو آهي.“

ائين چئي پاڻ اندر هليو ويو، جتي ڪجهه ڪرسيون ۽ صوفا رکيل هئا. تعميري ڪم سبب ڪجهه قلمي نسخا سندس ٽيبل جي پاسي ۾ رکيل هئا، پاڻ اُٿي ڪجهه قلمي نسخا، هند مان آيل بيڪس سائينءَ جا هٿ اکر ۽ سچل سائين جي تصوير ڏيکاريائين.

مان ته بس تعريفي نظرن سان ئي سچل سائينءَ سان سندس قرب کي پئي ڏٺو. ان ۾ ٿورو به مبالغو نه آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي دور ۾ سچل سائينءَ جي ميلي دوران ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا نهايت اعليٰ پيماني جا ٿيندا هئا، يا سچل سائينءَ تي ٿيل تحقيقي مواد گڏ ڪرڻ جو شوق جيترو ڊاڪٽر صاحب کي هو، اِهو اُن کان پوءِ ان سطح تي نه رهيو آهي. مان ته سمجهان ٿو ته خود سچل سائين جي سجاده نشين سخي سائين قبول محمد دامت برڪاتهم کي پي ايڇ ڊي لاءِ به ڊاڪٽر صاحب ئي اُڀاريو هوندو. ان حوالي سان سنڌ جي سمورين درگاهن مان خاص سچل سائينءَ جي درگاهه آهي، جتي جو سجاده تصوف جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جو اعزاز رکي ٿو.

اعزاز جي لفظ تي مون کي الطاف جي ڳالهه ٿي ياد اچي ته هن پنهنجي ڪيترن ئي دوستن کان اکين جي عطيي جا فارم ڀرايا هئا، ۽ ٻڌو هو ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ مرڻ کانپوءِ پنهنجي مڙهه کي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج کي ڊونيٽ ڪرڻ لاءِ وصعيت ڪئي هئي. والله عالم!.

منهنجو خيال آهي ته جيئن هاڻي شيخ اياز جو شڪارپور بجاءِ ڀٽ شاهه تي دفن ڪرڻ واري اختلاقي مسئلو ٿڌو ٿي ’ختم ئي ٿي ويو آهي‘ تيئن ڊاڪٽر صاحب جي اسلام آباد ۾ دفن ڪرڻ واري اختلاف واري ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيهڻ هاڻ مناسب نه ٿو لڳي. سو سڀ خير، هر پاسي خير، الله سائين ڊاڪٽر صاحب کي جنت ۾ جايون ڏئي، آمين.

 

جيئن ڏٺو آهي مُون: تنوير عبّاسي

 

طارق اشرف

اها ڳالهه 1960 جي آهي. مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو. تمام گهٽ منهنجون لکڻيون ڇپيون هيون، ۽ گهٽ ليکڪن سان ملڻ جو اتفاق ٿيو هو، انهن ڏينهن ۾ جيڪي شاعر مون پڙهيا هئا، ۽ جن جي شاعري ڏاڍي وڻي هئم، انهن مان هڪ هو تنوير عباسي. منهنجي تنوير سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي هئي، نه ئي مون ڪٿي سندس تصوير ڏٺي هئي. مون کي سندس شعرن جو مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ هٿ آيو هو. پر انهيءَ مان سندس تصوير ڦاٽل هئي. مان سمجهان ٿو انهيءَ وقت تائين سنڌيءَ ۾ ڪوبه شعرن جو مجموعو اهڙو سهڻو نه ڇپيو هو (شايد اڃا تائين به نه ڇپيو آهي).

هر پڙهندڙ وانگي، منهنجي تصور ۾ به تنوير جي هڪ تصوير هئي. سندس سهڻا شعر پڙهڻ سان منهن جي ذهن ۾ تنوير جي جيڪا تصوير اُڀري هئي، انهيءَ ۾ تنوير هڪ سهڻو نوجوان هو، منهن جي خواهش هئي ته مان تنوير کي ڏسان ته هو منهن جي تصور واري تصوير سان ڪيترو ويجهو آهي.

هڪ ڏينهن مان ٽماهي ”مهراڻ“  جي آفيس ۾ شمشيرالحيدريءَ وٽ ويٺو هوس، (انهن ڏينهن ۾ مهراڻ جي آفيس تلڪ چاڙهيءَ تي هئي)، مرحوم غلام محمد گرامي به ويٺو هو. مون کي ويٺي ٿوري دير ٿي هئي ته هڪ ننڍي قد جو سهڻو نوجوان، جنهن کي عينڪ پاتل هئي، ٻن ٽن ڏينهن جي شيو ڪيل ڪونه هئي، آفيس ۾ آيو. گرامي صاحب ۽ شمشير اُٿي ساڻس مليا، مان به اُٿي مليس. هو ڪرسيءَ جي بدران گرامي صاحب جي ميز جي ڪنڊ تي ئي ويهي رهيو. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. مون خاموش ويٺي سندن ڳالهيون ٻڌيون. هن پنهن جي چهري تي وڌيل وارن تي هٿ ڦيريندي چيو: ”ٽن ڏينهن کان شيو ڪونه ڪئي اٿم ته لڳي ٿو، سڄي دنيا جا شيطان منهن جي وارن ۾ چنبڙي پيا آهن (گرامي صاحب جي ڏاڙهيءَ ڏانهن ڏسندي چيائين) پر جيڪي شيو نٿا ڪن، انهن سان نه ڄاڻ ڪهڙي ويڌن هوندي.“ گرامي صاحب ڀُونڊو ڏيندي چيو، ”ڏاڍو بدمعاش آهين.“

پوءِ ادبي ڳالهيون ۽ بحث ٿيڻ لڳا. هن سان منهن جو ڪنهن به تعارف نه ڪرايو هو، مون کي اها بيچيني هئي ته هيءُ ڪير آهي. دل ۾ گهڙي گهڙي اهو خيال پي آيو ته: هي تنوير عباسي آهي.

۽ واقعي هو تنوير عباسي هو. تنوير پنهن جي سهڻن شعرن وانگر ئي سهڻو هو. پنهن جي شعرن وانگر شوخ ۽ مٺو، شمشير ساڻس منهن جو تعارف ڪرايو. پاڻ مرڪي هٿ ملائي پڇيائين، ”اوهين ڇا پڙهندا آهيو.“ ٻڌايو مانس ته: ”هينئر ميٽرڪ پاس ڪئي اٿم.“ حيران ٿيندي چيائين، ”ميٽرڪ ۾ آهيو، ميٽرڪ ۾ ته مون کي ادب جي پوري ڄاڻ به ڪانه هئي. ۽ اوهان جون ته ڪهاڻيون به ڇپجي ويئون آهن.“

انهن ڏينهن ۾ مون ۽ غلام نبي مغل گڏجي هڪڙي پبليڪيشن قائم ڪئي- ”اداره ادب نو“ جي نالي سان. پهرين ڪتاب جو نالو ”پهريون قدم“ رکيوسين. مون هن ڪتاب لاءِ تنوير کان شعر گهريا. تنوير شعر ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ پنهن جي روم تي اچڻ لاءِ چيائين.

انهن ڏينهن ۾ تنوير کي سول اسپتال ۾ ڪجهه ئي وقت اڳ هائوس جاب ملي هئي. تن ڏينهن ۾ هاڻوڪي ڊاڪٽرز هاسٽل ٺهيل ڪانه هئي. سول اسپتال جي پرائيويٽ وارڊ جي پوئين پاسي ٺهيل ڪوارٽرن ۾ ڊاڪٽر رهندا هئا. تنوير به اُتي رهندو هو. ساڻس ٻيو ڪو ڊاڪٽر رهندو هو، پر هاڻ ياد ڪونه اٿم ته اهو ڪير هو.

مان تنوير وٽ ”پهريون قدم“ لاءِ شعر وٺڻ ويس. تنوير شعر به ڏنا ۽ چڱي آڌر ڀاءَ به ڪيائين. جڏهن ته هو سنڌي ادب ۾ پنهنجي لاءِ مٿاهين جاءِ ٺاهي ويو هو، ۽ هڪ وڏي آفيسر جو پُٽ به هو. ۽ مون اڃا پهرين ڏاڪي تي پير رکيو هو، ۽ غريب ماڻهو به هوس.

پوءِ مان اڪثر تنوير وٽ رات جو ويندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن غلام نبي مغل به مون ساڻ هوندو هو. انهن ڏينهن تنوير وٽ ميس جي چارج به هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن تنوير مون کي زوري مانيءَ تي به ويهاري ڇڏيندو هو. تنوير وٽ اڪثر ليکڪ ايندا رهندا هئا. اُتي ئي تنوير جي ننڍي ڀاءُ الطاف عباسيءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو پڻ شاعر هو. بشير مورياڻيءَ سان به پهرين ملاقات اُتي ئي ٿي هئي.

پهرين قدم کان پوءِ ”ٻيو قدم“ ڪڍيوسين، تنوير جا شعر انهيءَ ۾ به شامل هئا. پوءِ ”ٽيون قدم“ لاءِ پڻ تنوير کان سندس مشهور نظم ورتم. ”منهنجي دل ٿي چوي....“ پر ٽيون قدم شمشيرالحيدريءَ جي شعرن جو مجموعو هو، تنهن ڪري تنوير جو اهو نظم منهنجي بي انتها خواهش جي باوجود اداره ادب نو جي ڪتابن ۾ نه اچي سگهيو، ڇاڪاڻ ته پوءِ جا سڀئي ڪتاب ڪنهن هڪ ليکڪ جا مجموعا هئا. تنوير جو اهو نظم ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو هو، مون کي اهو نظم ايترو وڻيو هو (اڄ به وڻي ٿو) جو، جڏهن به تنوير ڪنهن مشاعري ۾ ويندو هو، ۽ مان به انهيءَ مشاعري ۾ هوندو هوس ته تنوير جي واري اچڻ تي اُٿي چوندو هوس: ”منهنجي دل ٿي چوي ٻڌاءِ.“ ۽ تنوير چوندو هو: ”تنهنجي دل ٿي چوي ته پوءِ منهنجي دل ڪيئن نه چوندي.“

پوءِ تنوير سان ملاقاتون وڌنديون ويئون. ڪڏهن سندس روم تي، ڪڏهن هوٽلن ۾، خاص ڪري ڪراچي هوٽل ۾، جيڪا انهن ڏينهن ۾ ليکڪن جو اڏو هئي.

۽ پوءِ جڏهن ايل ايم سيءَ ۾ تنوير جو هائوس جاب وارو پيرئڊ پورو ٿيو ته تنوير نور محل سئنيما جي سامهون (ڦليليءَ وٽ) پنهنجي ڪلينڪ کولي ورتي، ۽ ٽنڊي آغا ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي رهڻ لڳو. مان گهڻو ڪري روز ئي سندس ڪلينڪ تي ويندو هوس. جنهن ڏينهن ڪلينڪ بند هوندي هئي ته گهر تي ويندو هوس، تنوير به ڪڏهن اڪيلو، ڪڏهن ڪنهن ليکڪ دوست سان منهن جي گهر ايندو ۽ پوءِ اسين چانهن پيئڻ ڪراچي هوٽل ۾ وڃي ويهندا هئاسين.

هڪ دفعي جنوريءَ ۾ سخت سيءُ هو، رات جي يارهين وڳي در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، مون ننڊ مان اُٿي وڃي در کوليو. ڏٺم ٻاهر تنوير ۽ ناصر مورائي بيٺا هئا. پڇيم: ”خير ته آهي، هن وقت آيا آهيو؟“

تنوير کلي چيو، ”بابا، دوستن وٽ وڃڻ لاءِ به ڪو وقت ڏسبو آهي ڇا. هاڻ هل ته هلي چانهه پيون.“ مون چيو، ”ترسو ڪوٽ پائي اچان.“  ناصر چيو، ”ماٺ ڪري هليو هل، نه ته جي جي (اميءَ کي ناصر جي جي چوندو هو.) ڇڏيندي ڪونه.“ تنوير گهڻوئي چيو ته، ”ڪوٽ ته پائڻ ڏينس، سيءَ ۾ ماريندس ڇا.“ پر ناصر مون کي ڪوٽ پائڻ نه ڏنو ۽ مان سيءَ ۾ ٿڙڪندو هنن سان وڃي ڪراچي هوٽل ۾ ويٺس. پوءِ ٻارهين هڪ وري سيءَ ۾ ٿڙڪندو گهر موٽيس. صبح جو امي ڪاوڙجندي چيو، ”خبر نه ڪهڙن لوفرن سان رات جو پيو ڌڪا کائين.“ ٻڌايو مانس ته، ”ناصر ۽ تنوير عباسي هئا.“ امي چيو ”ڊاڪٽر به وتي آڌي راتين جو رُلندو.“

تنوير تمام سٺو شاعر آهي، ۽ شاعريءَ جو مطالعو به گهڻو ڪيل اٿس. پر سندس مطالعو فقط شعر تائين محدود ڪونهي، ڪهاڻي- بلڪ ادب جي هر صنف ۾ سٺو مطالعو ڪيل اٿس، بلڪ ادب جي ڪيترين صنفن تي عبور حاصل اٿس.

1960ع کان ڪجهه اڳ ۽ پوءِ تائين ’سنڌي ادبي سنگت‘ جون ڪچهريون بسنت هال ۾ (مال جي ٻاهر بينچن تي) ٿينديون هيون. انهن سنگتن ۾ تنوير جنهن به تخليق تي تنقيد ڪندو هو، اها تنقيد براءِ تنقيد نه، بلڪ ڀرپور ۽ بامقصد تنقيد هوندي هئي، جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ رواج پيل هو ته جنهن ليکڪ جي ٻئي ليکڪ سان نه پوندي هئي، تنقيد ڪرڻ وقت جيڪڏهن ڪهاڻي هوندي ته چئبو ته اها ڪهاڻي آهي ئي ڪانه، يا هيءَ چورايل ڪهاڻي آهي. شعر مان به هروڀرو خاميون ڪڍبيون. پر ڪو دوست هوندو ته انهيءَ جي لاءِ ٻڌڻ کان اڳ ۾ چئي ڇڏبو هو ته: سٺي شئي هوندي.

پر تنوير اهڙو ليکڪ هو، جنهن اهڙا بي بنياد الزام ڪڏهن به ڪو نه هنيا. ڪا لکڻي وڻي ته دل کولي ساراهه ڪيائين. غلطيون ڏٺائين ته سهڻي نموني نشاندهي ڪيائين ۽ دوستن لاءِ سٺي صلاح ڏنائين.

هڪ دفعي حميد سنڌيءَ منهن جي ڪهاڻي ”چهڪ“ لاءِ سنگت ۾ چيو ته: ”اها اردوءَ تان چورايل ڪهاڻي آهي.“ تنوير چيو ته: ”ثابت ڪر ته اها ڪهاڻي چورايل آهي.“ پر حميد اهو ثابت نه ڪري سگهيو. پوءِ تنوير سنگت جي وقتي صدر کي چيو ته: ”حميد کي چيو وڃي ته ايندڙ سنگت ۾ اهو ثبوت آڻي ته طارق واقعي ڪهاڻي چوري ڪئي آهي.“

حميد ٻي سنگت ۾ ثبوت ته ڪونه آندو، پر ”روح رهاڻ“ ۾ تبصرو ڪندي انهيءَ ڪهاڻيءَ کي شاهڪار چئي اهو الزام پاڻ ئي واپس وٺي ڇڏيو.

پوءِ تنوير سنگت مان اهو ٺهراءُ پاس ڪرايو ته جيستائين ڪنهن وٽ پڪو ثبوت نه هجي، تيستائين هو ڪنهن جي به لکڻيءَ تي الزام نه هڻندو.

جنهن وقت مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو، انهيءَ وقت حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ڪچهريون هلنديون هيون. انهن ڪچهرين ۾ مولانا غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، محمد ابراهيم جويو، ع-ق شيخ، شمشيرالحيدري، ناصر مورائي، حميد سنڌي، غلام رباني، آغا سليم جمال رند، غياث جوڻيجو، غلام نبي مغل، امداد حسيني، اياز قادري، امر جليل ۽ (ڪجهه دير سان) نسيم کرل، ۽ ٻيا ڪيترا وڏا ليکڪ ايندا هئا. سچ پچ مان پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته مون کي سنڌيءَ جي وڏن ليکڪن جي رهبري ملي. انهن سنگتن ۽ ليکڪن مان، مون گهڻو ڪجهه پرايو. مان پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته منهن جي ڪهاڻين تي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي، آغا سليم، تنوير عباسي، امر جليل، غلام نبي مغل، شمشير، نسيم کرل، حميد سنڌي، محمد ابراهيم جوئي، قمر شهباز، نجم عباسي ۽ نياز همايونيءَ جهڙن وڏن ليکڪن تنقيد ڪئي آهي.

اڄ نه سنڌي ادبي سنگت جون ڪچهريون ٿين ٿيون ۽ نه نون ليکڪن جي ڪو همت افزائي ڪري ٿو ۽ نه رهبري ڪري ٿو.

سنگت جي ڪچهرين ۾ ته مان اڪثر پنهن جون ڪهاڻيون پڙهندو هوس، پر جڏهن به نئين ڪهاڻي لکندو هوس ته اڳ ۾ تنوير کي ڏئي ايندو هوس، هو جيڪي خاميون ٻڌائيندو هوم، انهن کي دور ڪندو هوس.

ٻيو قدم کانپوءِ، اسان ٽيون قدم يعني ڪتاب شمشيرالحيدريءَ جي شعرن جو مجموعو ”لاٽ“ ڪڍيوسين. انهن ڏينهن ۾ ڪتاب چپ چپاتي ۾ نڪري ويندا هئا. پر مون هڪ ڏينهن جيڪي به ويجها ليکڪ دوست هئا، انهن کي ’ڪيفي جهانگير‘ راحت سئنيما جي ڀرسان، شام جو دعوت ڏني، جڏهن سڀئي پهتا ته مون تنوير کي مُک مهمان جي حيثيت ڏئي، پيڪ ٿيل ڪتاب تنوير کي ڏٺو. اهو شمشير جي شعرن جو مجموعو هو. تنوير پئڪيٽ کولي، ڪتاب جو ’مهورت‘ ڪيو، سڀني دوستن تاڙيون وڄايون. سڀني کي ڪتاب پسند آيو ۽ تنوير، شمشيرالحيدري جي شاعري تي ڪجهه ڳالهايو، (اها 1961 جي ڳالهه آهي.)

مان تنوير وٽ، ڪلينڪ تي گهڻي ڀاڱي روز ويندو هوس. ڪلينڪ تي اڳ ۾ فقط هڪڙو بورڊ لڳل هو. ڊاڪٽر تنوير عباسي. پر جلد ٻيو بورڊ به لڳو. ليڊي ڊاڪٽر مس قمر صديقي. شروع شروع ۾ ڊاڪٽر قمر صديقي منهن جي سامهون فقط ڪم سان ئي ايندي هئي، پر پوءِ آهستي آهستي هوءَ اچي ويهڻ لڳي ۽ ادبي بحث ۾ ڀاڱون وٺڻ لڳي، ڊاڪٽر قمر کي ادب سان دلچسپي هئي ۽ منهن جي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه هئي ته کيس (انهن ڏينهن ۾) منهن جون ڪي ڪهاڻيون وڻيون هيون.

1963ع ۾ مان ڀارت ويس. اُتي جي ليکڪن ۾ جيڪي هتي جا ليکڪ ڏاڍا مشهور ۽ مقبول هئا، تنوير به انهن مان هڪ هو. تنوير جي معتقدن ۾ شاعر موتي پرڪاش به هو. خود تنوير کي به موتي پرڪاش جي شاعري وڻندي هئي، ۽ پاڻ ۾ خط ڪتابت به هئن. موتيءَ کي ڏسي مان ڏاڍو حيران ٿيس، ڇاڪاڻ ته پهرين نظر ۾ موتي بلڪل تنوير ٿي لڳو.

مون کي اُتي جي ليکڪن چيو هو ته: تنوير (شيخ اياز، شمشير ۽ ٻين لاءِ پڻ) کي چئجو ته اسان وٽ ضرور اچي، مون موٽي اچي تنوير کي (اياز کي پڻ) ٻڌايو ته ڀارت جي ليکڪن کي تنهن جي ڏاڍي سڪ آهي. تنوير مون سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هاڻ تون ڀارت وئين ته مان به تو سان هلندس.

جون 1963ع ۾ وري ڀارت وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ تنوير کان هلڻ لاءِ پڇيم. تنوير هلڻ جي حامي ڀري. مون موهن ڪلپنا، هري موٽواڻي ۽ نارائڻ شيام (جنهن جي شاعري جو تنوير ڏاڍو مداح هو ۽ اڄ به آهي) ۽ ٻين کي لکي موڪليو ته تنوير به مون سان گڏ ايندو.

مان تنوير لاءِ پاسپورٽ جا فارم به وٺي آيس ۽ تنوير اهي ڀريا به (اهو ياد ڪونه اٿم ته تنوير پاسپورٽ ٺهرايو يا نه.)

ڀارت وڃڻ ۾ ٿورو وقت بچيو هو ته هڪ شام تنوير مون وٽ آيو. اسين ٻئي ڪيفي فردوس (ليڊي ڊفرن هاسپيٽل جي سامهون) ۾ وڃي ويٺاسين. چانهه آئي، چانهه پيئندي تنوير مون کي چيو، ”طارق هڪ ڳالهه چوان، جيڪڏهن تون ناراض نه ٿين.“

مون شڪي نگاهن سان کيس ڏسندي چيو، ”ڀارت هلڻ کان ته ڪونه ٿو نٽائين؟“

تنوير مرڪندي چيو، ”ڳالهه اها ڪانهي.“ ڪجهه دير ماٺ رهي پوءِ چيائين، ”تون پهرين منهن جي ڳالهه ٻڌي وٺ، پوءِ جيئن چوندين، تيئن ڪندس.“

تنوير چيو، ”سچ اهو آهي ته مون کي ڀارت وڃڻ جي ڏاڍي خواهش آهي. مون ته ڀارت جي ڪيترن دوستن کي لکي ڇڏيو آهي ته مان اچي رهيو آهيان. پر هڪ ڳالهه اها آهي ته منهن جي ڏاڏي سخت بيمار آهي، اصل هَل هلان ۾ آهي. اهڙن حالت ۾ هلڻ ٺيڪ نه ٿيندو.“

منهن جي ڪاوڙ ڪجهه ڍري ٿي. تنوير ڪجهه دير تائين خاموش رهيو. مون سمجهيو ته ڏاڏيءَ جو سوچي ڏک ٿيو اٿس. تنوير آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو، ”پر ڳالهه اڃا به ٻي آهي. ڏاڏي ويچاري پوڙهي آهي، اڄ نه مُئي ته سڀاڻي، قمر واري ڳالهه توکي خبر آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ هن سان شادي جي ڳالهه پڪي ٿيڻي آهي، جيڪڏهن مان ويس ته منهن جي پٺيان نه ڄاڻ ڇا ٿي پوي. (تنوير جي هڪ شادي اڳ ۾ ٿيل هئي، ڊاڪٽر قمر سان پوءِ محبت جي شادي ٿي.) اها مجبوري اٿم، هاڻ جيڪڏهن تون خوشيءَ سان اجازت ڏين ته مان نه هلان، ٻي حالت ۾ مان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“

سندس ڀارت نه هلڻ جو ٻڌي مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي، پر مون کيس چيو، ”تنوير تون ڀلي نه هل، مان نٿو چاهيان ته تنهنجي پيار ۾ ڪا رڪاوٽ منهن جي پاران پوي.“

جڏهن ڀارت ويس ته ايئرپورٽ تي موهن ڪلپنا، واسديو نرمل، هري موٽواڻيءَ حشو وٺڻ آيا هئا. هنن مون کي ڏسندي ئي رڙ ڪري پڇيو: ”تنوير عباسي ڪٿي آهي.“ مون رڙ ڪري جواب ڏنو، ”اهو ڪونه آيو.“ اهو ٻڌي هنن کي ڏاڍي مايوسي ٿي، پوءِ موتي پرڪاش ۽ ٻيا ڪيترا تنوير سان ملڻ آيا، پر کين تڏهن ڏاڍو افسوس ٿيو، جڏهن خبر پين ته تنوير ڪونه آيو آهي.

اهو هاڻ ياد ڪونه اٿم ته تنوير ڊاڪٽر قمر سان منهن جي ڀارت وڃڻ کان اڳ شادي ڪئي يا پوءِ. پر اها شادي انهيءَ بسنت هال ۾ ٿي، جتي اڳ سنگت جون ڪچهريون ٿينديون هيون. انهيءَ بسنت هال ۾ سندس شادي ٿي رهي هئي، جتي ڪيترا ڀيرا تنوير پنهن جا سهڻا شعر  ٻڌايا هئا، منهن جي ادب ۾ اچڻ کانپوءِ، تنوير پهريون ليکڪ هو، جنهن جي شادي ٿي هئي، ۽ سندس شاديءَ ۾ عام ماڻهن کان ليکڪ وڌيڪ آيا هئا.

شاديءَ کان پوءِ جلدي تنوير خيرپور ويو هليو. پهرين ڦول باغ وٽ (جتي ڦول (گل) هئا ئي ڪونه) مسواڙ تي جاءِ وٺي اسپتال ٺهرايائين، جيڪو سندس گهر به آهي. سرمد جو گهر.

مان جڏهن به خيرپور ويندو هوس يا سکر. رهندو سدائين تنوير وٽ هوس (اڃا به تنوير وٽ رهان)، حالانڪ تڏهن نسيم کرل به جيئرو هو ۽ ساڻس به منهن جي گهري دوستي هئي.

تنوير جي پراڻي اسپتال- گهر ۾ ڏينهن جو ته گڏ هوندا هئاسين، ماني به گڏ کائيندا هئاسين، پر رات جو اهڙي ڪمري ۾ سمهڻو پوندو هو، جنهن جي ٻاهران تختي لڳل هوندي هئي: ويم گهر (يا ويم جو ڪمرو) هڪ دفعي، جڏهن رات جو انهي ڪمري ۾ سمهڻ پي ويس ته تنوير کلي چيو: ”ڪلهه هن ڪمري ۾ غلام محمد گراميءَ جو ويم هو (يعني رهيو هو) ۽ اڄ تنهن جو ويم آهي، ڏسجي سڀاڻي ڪهڙي ليکڪ جو وارو ٿو اچي.“

منهن جي خيال ۾، سنڌيءَ ۾ گهٽ اهڙا وڏا ليکڪ هوندا، جيڪي ڪڏهن به ڪانٽرورشل نه رهيا هجن، شخصي يا ادبي، ڪنهن هڪ لحاظ کان هر وڏو ليکڪ ڪانٽرورشل ضرور رهيو آهي، پر مون کي تنوير لاءِ اهڙو مثال نٿو ملي، (گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته خبر ڪانهي.)

تنوير تمام سٺو شاعر آهي. تنوير سٺو مضمون نگار آهي. تنوير هڪ ڪهاڻي ”لوئي“ لکي هئي، جنهن جو سنڌيءَ جي بهترين ڪهاڻين ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪجهه ننڍڙيون ڪهاڻيون به لکيائين، جيڪي پڻ سٺيون ڪهاڻيون هيون. هاڻ سفر نامو لکيو اٿس (جيڪو مان ڇپرائي رهيو آهيان) · مان سمجهان ٿو ته هن سفرنامي کي سنڌيءَ جي بهترين سفرنامي جو درجو ملندو.


· ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ ڏانهن اشارو- مرتب

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org