اسان باتصوير ڪتاب ۽ رسالا ته گهڻا پڙهيا هئا، پر
زندگيءَ ۾ ”باتصوير قبرستان“ پهريون ڀيرو ڪاڇي ۾
ڏٺو، جنهن کي ميرن جو قبرستان پئي ڪوٺيائون. ڊاڪٽر
شمل سئٽزرلئنڊ مان شايع ٿيندڙ رسالي ”فڪر و فن“ ۾
انهيءَ قبرستان تي هڪ سٺو مضمون لکيو آهي. قبرن
تي، گلن ٻوٽن جي حيرت انگيز رنگين چٽسالي هئي.
اسلامي روايت ۾ قبرن تي ته ڇا، هونئن به ساهوارن
جي تصوير ڪشي منع ٿيل آهي. پر، قبن ۾ اندر ته عجيب
نظارا هئا. ڪاٿي اُٺ، گهوڙا، هاٿي ۽ ماڻهن جا
انبوهه شڪار تي پئي ويا. ڪاٿي راڳ ۽ ناچ جي شاندار
محفل پئي هلي.
انهيءَ ئي سير سفر ۾ اسان لڪيءَ جا چشما ڏٺا ۽
انهن ۾ غُسلُ ڪيو. سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جِي ۽
باغبان ۾ مخدوم بلال جي چانئٺ چميسون. حيدرآباد
موٽڻ کان اڳ، سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي حاضري
ڏنيسون، جنهن لاءِ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي:
سِجُ سڀاڻي جا ڪري، سائي ساميءَ روءِ.
شعر شاعري
تنوير جي شعر ۽ شاعريءَ جا هاڻي گهڻا ڪتاب ڇپجي
ويا آهن. اڳتي هلي، انهن جي پرک مستقل جا ادبي
نقاد ڪندا. وقت خود به هر شيءِ جي وڏي پرک آهي.
بهرصورت، سندس پهريون پهريون شعري مجموعو ”رڳو
ٿيون رباب“ نالي سان شايع ٿيو هو. ڪلام جو سڄو
مسودو منهنجي حوالي ڪري، چيو هئائين ته ”ڪتاب لاءِ
ڪلام جو انتخاب ڪر.“ مون ڪلام جو انتخاب وڏيءَ
محنت سان ڪيو. ڪتاب جي ”پيش لفظ“ ۾ لکيو اٿس ته:
”... سنڌيءَ کي پنهنجو لهجو ۽ پنهنجي مخصوص لئه
آهي. فارسيءَ جو لهجو ۽ موسيقيت، سنڌي شعر ۾ اجنبي
پيا لڳن، ان ڪري نون لکيل غزلن ۾ سنڌي لهجي ۽
موسيقيت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سان
گڏ، موضوع پڻ سنڌي ماحول مان چونڊيا اٿم. بهرحال،
چونڊ جو سڄو بار ربانيءَ تي آهي، جنهن جي راءِ
منهنجي لاءِ ڳريءَ قيمت واري آهي.“
’پيش لفظ‘ ۾، اڳتي هلي، پنهنجي شعر شاعريءَ جي
مقصد ۽ هن جهانَ ۾ انسانَ جي وجود بابت لکيو اٿس
ته:
هن جڳ ۾ انسان متعلق هڪ تعبير هيءُ به آهي ته ڄڻ
کيس بيهوش ڪري ڪنهن ڪاڪ محل ۾ پهچايو ويو هجي، ۽
هوش ۾ اچڻ سان سندس دل تان سموريون گذريل
يادگيريون ميٽجي ويون هجن ۽ هو وائڙو ٿي، هيڏي
هوڏي واجهائي، هن ڪائنات جي مانڊاڻ کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪندو هجي. واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جڏهن انسان
جي ذهن تي ڪي اڻ مٽجندڙ عڪس وڌا، تڏهن هن چاهيو ته
اهي عڪس هو ٻين جي ذهنن ۾ پلٽائي ۽ ائين شاعري
وجود ۾ آئي.
شاعريءَ جو هڪ تصور ته اهو ئي آهي، جيڪو تنوير
بيان ڪيو آهي، پر شاعري وجود ۾ ڪيئن آئي، ان لاءِ
ٻيا به گهڻا نظريا آهن. خود ٻوليءَ جي ماهرن جو
چوڻ آهي ته شروع شروع ۾ لفظ ”ڳايا“ ويندا هئا.
(نثر پوءِ اُسريو.) اها ڳالهه سمجهڻ سولي آهي، ڇو
ته شعر شاعريءَ جو بنيادي واسطو ”غنائيت“ سان آهي.
البت، تنوير ’پيش لفظ‘ ۾ جيڪو ٻيو سوال کنيو آهي،
يعني هيءُ جهانُ ۽ ان ۾ انسان جو مقام، سو، اونهو
معمو (ڳجهارت) آهي. مذهب انهيءَ جو تعبير ڏنو آهي.
پر، ڪوبه مُفَڪرُ ۽ سائنسدانُ اهو رازُ سَلي ڪونه
سگهيو آهي، نه وري ڪير سَلي سگهندو؛ ڇو ته جي ائين
ٿيو، ته پوءِ هن جهان جو طلسم ۽ منجهس زندگيءَ جي
ڪشش ختم ٿي ويندي. راز جيسين راز آهي، تيسين اُن ۾
حڪمت آهي.
ممڪن آهي ته منهنجي سوچ صحيح نه هجي، پر وڏا
سائنسدان به ساڳي ڳالهه ڪن ٿا. اسان جنهن کي
”مادو“ ڪوٺيون ٿا، انگريزيءَ ۾ ان کي(MATTER)
ڪوٺيندا آهن. مادي جي سائنس کي ”طبعيات“ (PHYSICS)
ڪوٺيندا آهن. ويهينءَ صديءَ جي آغاز ۾ طبعيات (PHYSICS)
جو هڪ تمام وڏو ماهر
MAXPLANCK
هو، جنهن جي آلبرٽ آئنسٽائين به ڏاڍي تعريف ڪئي
آهي. هن جو چوڻ آهي ته:
The laws of physics ultimately refer to events
in the world of senses, and in view of this,
many scientists and philosophers tend to the
belief that at bottom physics is concerned
exclusively with the world of man’s senses.
Reason tells us that both the individual and
mankind, as a Wole, to- gether with the entire
world, which we apprehend through our senses, is
no more than a tiny fragment in the vastness of
nature, whose laws are no way affected by any
human brain, on the contrary they existed long
before there was any life on earth.
It is consideration of this kind, that compel us
to assume the existence of another world of
reality, behind the world of the senses, which
can only be perceived, indirectly, through the
medium of the world of senses.
Our research in general has two- fold aim; the
effective domination of the world of senses and
the complete under standing of the real world.
Both these aims are, in principle, un-
attainable. But, it would be a mistake to be
discouraged on this account. Indeed there is
some justification for seeing in the very fact
that this goal is unattainable and the struggle
un-ending, a blessing for the human mind in its
search for knowledge. For it is in this way that
its two noblest impulses enthusiasm and
reverence are preserved and inspired anew.
MAXPLANCK
GERMAN ESSAYS ON SCIENCE THE 20TH
CENTURY NEW YORK, 1996
”فزڪس جا قاعدا قانون ’عقل ۽ ادراڪ جي دنيا‘ جي
واقعن سان تعلق رکن ٿا، انڪري ڪيترائي فيلسوف ۽
سائنسدان اهو عقيدو رکن ٿا ته فزڪس بنيادي طرح،
’انسان جي عقل ۽ ادراڪ جي دنيا‘ جي ڄاڻ يعني سائنس
آهي.
عقل اسان کي ٻڌائي ٿو ته فرد ۽ سڄي انسانذات، ۽
جيڪا دنيا اسان ڏسون پَسون ٿا، انهن مڙني جي، قدرت
جي بي پناهه وسعتن ۾ حيثيت فقط واريءَ جي هڪ داڻي
جيتري آهي. قدرت جا قانون، انسان جي عقل کان بي
نيازُ آهن. اهي تڏهن به اثر پذير هئا، جڏهن هن
ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو نالو نشان ڪونه هو.
هن قسم جي سوچ ۽ ڳڻپ، اسان کي مجبور ڪري ٿي، ته
اسان ’هڪ حقيقي جهان‘ جو تصور ڪريون، جيڪو عقل ۽
ادراڪ جي دنيا کان ٻاهر آهي، جنهن جو احساس، اسان
کي، اڻ سڌيءَ طرح، عقل ۽ ادراڪ جي دنيا جي ذريعي
وسيلي ٿي سگهي ٿو.
اسان جي تحقيق جو مقصد ٻٽو آهي: هڪ ته ”عقل ۽
ادراڪ جي دنيا“ جي تسخير ڪرڻ ۽ ٻيو ته ”حقيقي
جهان“ کي پوريءَ ريت سمجهڻ. اصولي طرح اهي ٻئي
مقصد حاصل ڪرڻ، اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.
پر، انڪري دلشڪسته ٿيڻ نه گهرجي. درحقيقت، انهيءَ
ڳالهه ۾ ته هي مقصد حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کُٽندي ئي
ڪانه، ۽ ڪاميابي به ڪانه ٿيندي، انسان جي روح لاءِ
اها راحت آهي، ته هو علم جي تلاش ۾ آهي. انسان
انهيءَ ئي طريقي سان، پنهنجون ٻه سڀ کان مقدس
تمنائون ۽ جذبا محفوظ ۽ تازا رکي سگهي ٿو:
اُتساههُ ۽ احترامُ.“
مَذهبَ هڪ ته هن جهان جي معمي جو تعبير ڏنو آهي؛
ٻيو ته انسان کي هن جهان ۾ رهڻ لاءِ اخلاق جي
تعليم ڏني آهي، ڇو ته ڪوبه انساني معاشرو اخلاق
کان سواءِ هلي ڪونه سگهندو.
ليڪن، مختلف مذهبي پيشوائن، هن جهان ۽ انسانَ جي
پيدائش جا تعبيرَ مختلف ٻڌايا آهن. مثلاً، اسان
مُسلمانَ، پنهنجي مذهبي عقيدي موجب، هن جهان
۽انسانَ جي پيدائش جو هڪ خاص تصور رکون ٿا. حضور ﷺ
جن تي ڪلمون پڙهون ٿا ۽ تاحيات پڙهندا رهنداسون.
ليڪن، ٻُڌَ مَذَهَبَ جا پوئلڳ، پنهنجي عقيدي موجب،
هن جهان ۽ انسان جو اسان کان جدا تصور رکن ٿا. اهي
به هن دنيا ۾ ڪروڙين آهن. سڄو سيلون، چينُ، جپانُ،
فلپائينِس ۽ ڏور اوڀر وارا ٻيا ڪيترائي ملڪ، ٻڌ
مذهب جا پوئلڳ آهن.
سائنس ته وري هن جهانَ ۽ انسانَ جي پيدائش جو
ماڳهن جدا تصورُ پيش ڪري ٿي. مثال جي ڳالهه:
يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن جي عام مذهبي روايتن
موجب، سڀ انسان حضرت آدم عليہ السلام ۽ ڏاڏيءَ حوا
جو اولاد آهن. سو، ڪيترائي معتبر محقق، پنهنجن
مذهبي پيشوائن جا شجرا بيان ڪندي، وڃي حضرت نوح
عليہ السلام، يا ماڳهن حضرت آدم عليہ السلام تائين
پهچن ٿا. هاڻي جيڪڏهن حساب ائين ڪجي ٿو، ته معلوم
ٿئي ٿو ته ڏاڏو آدم عليہ السلام اڄ کان ڪجهه هزار
ورهيه اڳ هن زمين تي رهندو هو. پر، سائنس ثابت ڪيو
آهي، ته اِنسانُ ته لکين ورهيه اڳُ به هن ڌرتيءَ
تي موجود هو. آمريڪا جي مشهور هفتيوار رسالي
NEWS WEEK
ان سلسلي ۾ هيءَ خبر ڇپي آهي:
The anthropogists Working at the castle in the
nation of Georgia were very very lucky: after
heavy rains, last May, washed away some
sediments, an archaeology student, noticed a
bone, sticking out of mud. It turned out to be a
skull from a young man, 1.7 million –year – old
fossil of early human ancestors and members of
the species that first journed out of the
continent, where the human species arose
- SHARON BEGLEY.
NEWS WEEK
MAY 22,2000
”جارجيا جي قلعي ۾ تحقيقي ڪم ڪندڙ، علم الانسانَ
جا ماهر، ڏاڍا خوشنصيب هئا. گذريل مئي مهيني جي
سخت بارشن ۾ زمين جي مٿاڇري تان لڙهي ويل، مٽيءَ
جي تهن هيٺان، گَپ مان هڪ هڏو نمودار ٿيو، جيڪو
آثار قديمه جي هڪ ماهر ڏسي ورتو. مڄاڻ ته اهو هڏو
هڪ مرد جي کوپريءَ جو هو. جيڪو پنڊ پاهڻ ٿي ويو
هو. جاچ تي معلوم ٿيو، ته سترهن لک سال پراڻو آهي
۽ انسانن جي انهيءَ نسل مان آهي، جيڪي هن کنڊ ۾ سڀ
کان اول پيدا ٿيا ۽ پوءِ ٻين ملڪن ڏانهن ٽڙي پکڙي
ويا.“
اسان وٽ ڪن سياسي، سماجي ۽ معاشي سببن ڪري،
’فِڪِرُ ۽ فلسفو‘ اهو معراج ماڻي ڪونه سگهيو، جيڪو
مغرب ۾ ان کي نصيب ٿيو. نتيجو اهو نڪتو، ته سائنسي
سوچَ جو سَلو ڦٽو ئي ڪونه. سنڌ ۾، هڪڙو به
افلاطون، ارسطو، اسپنوزوئا، والٽيئر، ڪانٽ،
شاپنهاور، هربرٽ اسپنسر ۽ نٽشي پيدا ڪونه ٿيو.
تنوير ”هن جڳ ۾ اِنسان“ جي مقام بابت،
ادبي انداز سان، هڪ تمثيل ۽ تعبير بيان ڪيو آهي،
مناسب ٿيندو ته انهيءَ جي تسلسل ۾، هِتِ ڪن ٻين به
اهڙن نظرين ۽ خيالن جو مختصر ذڪر ڪجي، جيڪي جديد
دؤر ۾، انهيءَ ابدي معمي متعلق مروج آهن.
انسانُ ۽ هي جهانُ
جيڪڏهن اصول اهو قرار ڏجي، ته وجود ئي
’حقيقت‘ آهي، يعني جيڪي ’آهي‘ سوئي ’سچ‘ آهي ۽
جيڪي ’ناهي‘ سو ’خام خيال‘ آهي، ته پوءِ مڃڻو
پوندو ته ’انسان‘ ۽ ’هيءُ جهان‘
بلاشبه ’حقيقت‘ آهي.
اُن سان گڏ اسان کي اهو به مڃڻو پوندو، ته هن جهان
جي حقيقت، انسان جي حقيقت کان وڏي آهي. ڇو ته سڀ
ڏاها چون ٿا، ته جڏهن انسان وجود ۾ ڪونه هو، تڏهن
به هي جهان موجود هو. ان جو منطقي نتيجو هيءُ نڪري
ٿو، ته هي جهان تڏهن به موجود هوندو، جڏهن منجهس
انسانَ جو نالو نشان ڪونه هوندو، ڇو ته هن جهان ۾
ڪيترائي ساهوارا هئا، جن جا نسلن پٺيان نسل،
هزارين لکين سال اڳ، هن ڌرتيءَ تي، اُنسان وانگر،
ڪو زمانو زندهه رهيا، ۽ پوءِ جو ختم ٿيا، ته هاڻي
اُنهن جو نالو نشان به ڪونهي.
هن جَهان ۾ ڪوبه شخص ٻه سو ورهيه جيئرو ڪونه ٿو
رهي. پر، ڪن ساهوارن جي حياتي ان کان وڏي ٿئي ٿي.
بيجان شين ۾ ته گهڻيون اهڙيون آهن، جيڪي هزارين
لکين ورهيه اڳي به هيون، ته هاڻي به موجود آهن؛
مثلاً، سمنڊَ ۽ جبلَ. هن صديءَ جي هاڪاري
سائنسدان، آلبرٽ آئنسٽائين جبلن ۽ ٽَڪرن جي باري ۾
لکيو آهي ته:
“…the silence of high mountains, where the eye
ranges freely through the still pure air and
fondly traces out the restful contours,
contours, apparently built for eternity”
GERMAN ESSAYS ON SCIENCE
IN THE 20TH CENTURY
پر، هنن مڙني ڳالهين جي باوجود، اِنسانَ جي دعويٰ
آهي ته مان هن جهان جي ’خاص خلقت‘ آهيان. بلڪ،
جهان جي اندر جهانُ آهيان. سندس اها دعويٰ هن دليل
تي مبني آهي ته مون ئي هن جهان جي ساهوارن توڙي
بيجان شين کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آندو آهي. مون
شينهن ۽ ٻڪريءَ کي، (سرڪس ۾) ساڳيءَ ٿالهيءَ ۾ گڏ
کائڻ پيئڻ سيکاريو آهي. مون وسندڙ، گجندڙ ڪڪرن مان
زمين تي ڪرندڙ کنوڻ کي پنهنجيءَ مُٺ ۾ قابو ڪيو
آهي. مون زمين تي ويهي، آسمان ۾ چَنڊَ ۽ تارن جو
مفاصلو ماپيو آهي.
انسانَ هن جهان جي ساهوارن يا بيجان شين تي جيڪا
دسترس حاصل ڪئي آهي، سا پنهنجي عقل جي آڌار تي.
عقل انسان جو اوزار آهي. پير علي محمد راشديءَ هڪ
دفعي مون کي ذهن نشين ڪرايو ته ”ڳوٽَ ڀڄندي آهي
عقل سان.“ عقل زندگيءَ جي اهم وصف آهي. هونئن ته
هر ساهواري کي ٿورو گهڻو عقل ٿئي ٿو، پر انسان جو
مَٽُ ڪير به ڪونهي. بيجان شين کي عقل ڪونه ٿو ٿئي.
پٿر ڪيڏو به پتڪڙو ڇو نه هجي، عقل کان عاري آهي.
يا وري پٿرن جو ڍير ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي، خود
همالا جبل هجي، ته به منجس عقل ڪونهي. ساڳيءَ طرح،
ماڪَ ۽ مِينهنَ جو هڪڙو ڦڙو هجي، يا ماڳِهن ڪو
درياءُ يا سڄو سمنڊُ ڇو نه هجي، پر اُهو به عقل
کان عاري آهي.
هن جهان ۾ سمورا ساهوارا ۽ سمورا سمنڊ ۽ جبل،
قدرتي قانونن جي تابع آهن، پر ’اِنسانُ‘ ئي هڪ
اهڙو ساهوارو آهي، جيڪو پنهنجي عقل سان، قدرتي
قانون کي سمجهي، انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم آڻڻ
جو اُدَمُ ڪندو رهي ٿو. تهذيب ۽ تمدن نالا ئي آهن،
انسان جي اهڙين ڪامياب ڪوششن جا. سندس دعويٰ آهي
ته:
من آنم کہ از سنگ آئینہ
سازم
من آنم کہ از زھر نوشینہ
سازم
قدرتي قانونن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي انساني ڪوشش
ايتري ئي قديم آهي، جيتري خود انسان جي پيدائش.
پر، انهيءَ زور، رفتي رفتي، خاص ڪري پوين زمانن ۾
ورتو آهي. دنيا جي مشهور آمريڪي رسالي ’ٽائيم‘ (Time)
۾، هڪ نامور سائنسدانَ چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته:
“…the 20th century will be most
remembered, like the 17the, for its earth
shaking advances in science and technology.
WALTER ISAASCON
TIME
DECEMBER 31, 1999.
اڳوڻن زمانن ۾، ڏاها ماڻهو، هن جَهانَ جا عجائب
ڏسي، رات ڏينهن، قدرت جي جمال ۽ جَلالَ جي ثنا ۽
ساراهه ڪندا رهندا هئا. گهڻو وقت گيان، ڌيان،
مراقبي ۽ مڪاشفي ۾ گذاريندا هئا. تاهم، اهي به
انسانَ جي عظمت جا انڪاري ڪونه هئا. هن جهان کي
’عالم اڪبر‘ ڪوٺيندا هئا، ته انسان کي
’عالمِ اَصِغَرَ‘ (يعني جَهان جي اندر هڪ
جَهانُ).
انهن مان هڪڙن ”خود شناسي“ (پاڻ سڃاڻڻ) ۽
”خدا شناسي“ (خالق کي سڃاڻڻ) جي
تعليم ڏني، ٻين وري قدرتي قانونن تي سوچڻ
شروع ڪيو ۽ انهن جي طاقت کي انسانذات جون ضرورتون
پوريون ڪرڻ لاءِ، نوان نوان اصول يعني
’فارمولا‘ (FORMULA)
ايجاد ڪيا. ائين، وڏا وڏا ڪم ڪيائون، مثلاً، بجلي
ايجاد ڪيائون.
نيم- مُلا، پوءِ اُهي ڪهڙي به مذهب جا هجن، اهڙين
ڳالهين کي مڙئي پسند ڪونه ڪندا هئا. ڀائيندا هئا
ته هي نادان شخصَ، قدرت جي ڳُجههَ ۾ هٿ وجهن ٿا.
گئليلو نالي هڪ سائنسدان هو، جنهن کي عيسائي نيم-
مُلن، ڦاهي تي پئي چاڙهيو، ڇو ته سندس چوڻ هو ته
سج ڌرتيءَ جي چوڌاري ڪونه ٿو ڦِري: البت، ڌرتي سج
جي چوڌاري ڦري ٿي. آخر کانئن معافي وٺي، پنهنجي
جان ڇڏايائين. پر، هاڻي سڄي دنيا مڃي ٿي، ته
گئليلو صحيح هو: ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي.
نيم- مُلو، ظاهر ۾ ڪافر هجي يا مومن، اول ۽ آخر
نيم- مُلو آهي. اهو ائين ئي آهي، جيئن نيم- طبيب
هندو هجي يا مسلمان، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. هڪڙو
جانِ لاءِ خطرو آهي ته ٻيو ايمان لاءِ. دراصل،
نيم- ملو يا نيم- طبيب هڪ قسم جي ذهنيت جو نالو
آهي، جنهن جون نشانيون آهن: هٺ ڌرمي، هوڏ ۽ پاڻ کي
’عقلِ ڪُلُ‘ سمجهڻ.
ڏاها (۽ صحيح معنيٰ ۾ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو) ته اهڙين
ڪوششن کي ساراهيندا آهن، ۽ هر نئينءَ ڪامياب
فارمولا (FORMULA)
کي ’خدا جو حمدُ‘ قرار ڏيندا آهن. سو، انگريزيءَ ۾
هڪ چوڻي عام ٿي وئي آهي ته:
Every formula that expresses a law of nature, is
a hymn of praise to God.
ويهينءَ صديءَ ۾، جن ڏاهن سڀ کان اهم سائنسي
فارمولا ايجاد ڪيا، تن ۾ سرفهرست نالو آهي
آلبرٽ آئنسٽائين. آمريڪي رسالي ’ٽائيم‘ 31،
ڊسمبر 1999ع تي جيڪو ’خاص نمبر‘ شايع ڪيو آهي،
تنهن ۾ ته کيس سڄيءَ صديءَ جي سڀ کان اهم شخصيت
قرار ڏنو اٿس ۽ لکيو اٿس ته آئنسٽائين جيڪي
ڳالهيون ڪيون آهن، تن هِنَ جهان جو نقشو ڦيرائي
ڇڏيو آهي: بلڪ، زمان ۽ مڪان جو ’تصور‘ ئي بدلائي
ڇڏيو آهي. ’ٽائيم‘ لکيو آهي، ته سائنسدانن جو چوڻ
آهي ته آئنسٽائين جي نظرين کي توڙ تائين پهچائڻ
لاءِ اسان کي ٻئي آئنسٽائين جي ضرورت آهي.
ليڪن، آئنسٽائين هڪ اهڙي ڳالهه به ڪئي آهي، جنهن
عام پڙهيل ماڻهوءَ کي به ڇرڪائي ڇڏيو آهي. چيو اٿس
ته: ”انسانُ هن جهان جو ’مرڪزي نڪتو‘ ڪونهي.“
ان جو مطلب اهو ٿيو، ته انسانُ، حق
حقيقت ته ڇا، مورڳو ’عالمِ اصغر‘ به
ڪونهي!
بيشڪ، آئنسٽائين جي راءِ سان متفق ٿيڻ ضروري
ڪونهي. ممڪن آهي ته اها صحيح نه هجي. تاهم، سندس
راءِ کي رد ڪرڻ ايڏو آسان به ڪونهي، ڇو ته سَڀُ
سائنسدانَ، ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ کان اڳُ، حقيقت
جو معروضي مطالعو (OBJECTIVE
STUDY)
ڪندا آهن. ٿڌي سيني سان سوچ ويچار ڪري، وڏيءَ ڳڻ
ڳوت کان پوءِ وڃي پنهنجي راءِ قائم ڪندا آهن.
معاملي کي چٽو ڪرڻ لاءِ هت هڪ مثال وٺون ٿا: اسان
جي اکين اڳيان، روزانو، صبح شام، ڪيترائي مسافر،
ڪراچيءَ کان اسلام آباد، هوائي جهاز رستي سفر ڪن
ٿا. ڪراچيءَ مان جهاز جي اُڏامڻ کانپوءِ، پائِلٽ
اعلان ڪندو آهي، ته جهاز ڇهه سو ميل في ڪلاڪ رفتار
سان پرواز ڪري رهيو آهي. هڪ ڪلاڪ ۽ هيترن منٽن ۾
اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي لهندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن
اڻٽر سبب ڪري، ائين ڪونه ٿيندو آهي. جهاز ليٽ
ٿيندو آهي. هونئن نه ته جيڪو شام وارو هوائي جهاز
چئين بجي ڪراچيءَ مان اڏامندو آهي، انهيءَ جا
ڦيٿا، پائلٽ جي اعلان موجب، پنج لڳي پنجونجاهه
منٽن تي، اسلام آباد ايئرپورٽ جي رن- وي (RUN-WAY)
کي ڇهندا آهن. پنجونجاهه منٽ، ڇاونجاهه منٽ ڪونه
ٿيندا آهن. اهو ڪمال ڪنهن ڪيو ۽ ڪيئن ڪيو؟
هوائي جهاز ڄڻ ته هڪ اُڏامندڙ محلات آهي. زمين
آسمان جو وچ ڏئي، هوا مان ڇهه سو ميل رفتار سان
گهوگهاٽ ڪندو، هزار ميلن جو مفاصلو پورو ڪري، هڪ
منٽ جي فرق ڪرڻ کان سواءِ پنهنجيءَ منزل تي پهچي
ٿو. اڏامندڙ محلات ڪنهن ايجاد ڪيو؟ سائنسدانن يا
ٻئي ڪنهن؟ پر ، الائي ته ڪيترن تجربن ۽ بحث مباحثي
کانپوءِ وڃي هو هوائي جهاز ٺاهڻ جي فارمولا تي
متفق ٿيا هوندا.
آئنسٽائين ته اهڙو سائنسدان هو، جنهن جي سڄيءَ
دنيا جي سائنسدانن تي به ڌاڪ هئي. شخصي لحاظ کان
اهڙو اعليٰ انسان هو’جنهن تي ’مِيرَ‘ جا هي لفظ،
حرف بحرف صحيح ۽ صادق آهن:
مت سہل ہمیں
سمجھو پہرتا ہے
فلک برسوں
تب خاک کے
پردے
سے
انسان نکلتے
ہیں
هو موجوده مغربي دنيا (WESTERN
WORLD)
جو مڃيل وڏو ڏاهو هو. وچ اوڀر وارا اڪثر مسلمان
ملڪ، توڙي مشرقي مُلِڪَ (چين ۽ ايران کان سواءِ)
اڄ انهن ئي مغربي ڏاهن جي پٺيان هلن ٿا.
مغربي ڏاهن جي سوچ جو سرچشمو يوناني فِڪِرُ (GREEK
THOUGHT)
آهي. قديم يوناني مُفَڪِرَ، ايامن کان وٺي اُن
مسئلي تي بحث ڪندا رهندا هئا، ته انسانُ هِنَ
جهانَ ۾ ڪيتريقدر آزاد ۽ خود مختيار آهي؟ اسلامي
تهذيب ۽ تمدن جي عروج واري زماني ۾ جڏهن يوناني
فڪر ۽ فلسفي جا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا، تڏهن
دارالخلافہ بغداد ۾ ’جبر‘ ۽ ’قَدُرُ‘ مسلمان مفڪرن
جو خاص موضوع هوندو هو. آئنسٽائين جو لاڙو انهيءَ
مڪتبہ فڪر ڏانهن ٿيو، جيڪو ’جَبر‘ جو قائل هو. هن
صاف صاف لفظن ۾ چيو آهي ته:
In human freedom, in the philosophical sense, I
am disbeliever. Every body acts not only under
external compulsions, but also in accordance
with inner necessity.
ALBERT EINSTEIN
THE WORLD AS I SEE IT`
WATTS & CO, LONDON.
”مان، فلسفيانه نقطه نگاهه کان، (هن جهان ۾)
اِنسان جي آزاديءَ جو قائل ڪونه آهيان. هر شخص جو
عَملُ، نه رڳو ٻاهرين مجبورين جي تابع آهي. پر،
سندس اندروني گُهرجنِ پٽاندر پڻ.“
آئنسٽائين جرمن مفڪر هو ۽ شاپنهاور کان متاثر هو.
شاپنهاور ۽ اسپنوزوئا ’جبر‘ جي عقيدي جا قائل هئا.
اسپنوزوئا ته شاپنهاور کان به آڳاٽو هو. سندس رايو
هو ته:
IT IS WORLD OF DETERMINISM NOT OF DESIGN
THE STORY OF PHILOSOPHY
BY WILL DURANT.
اسپنوزوئا ’جبر‘ جي عقيدي جو ايڏو ته قائل هو، جو
چوندو هو ته ’قدرت جي ازغيبي هٿن جون آڱريون وهندڙ
پاڻيءَ جي ڇولين ۾ ڪشش جي تاريخ به اڳواٽ لکي
ڇڏينديون آهن.‘ سندس فلسفي ۾ انسانَ لاءِ خوشيءَ
جي ڳالهه گهٽ آهي؛ غَمَ جي وڌيڪ آهي. هو انسان جي
زندگِي پاڻيءَ جي بوڙئي وانگر ’بي بقا‘ سمجهندو
هو. چوندو هو ته ’انسانَ، پنهنجيءَ انفرادي حيثيت
۾، هن جهانَ (UNIVERSE)
۾، آخر ڪهڙي حيثيت رکن ٿا!‘
چوندا آهن ته ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي. آئنسٽائين
انهن ئي مغربي مفڪرن کان متاثر ٿيو. هڪ دفعي، هن
جهان ۾ انسان جي صورت حال بابت پنهنجي راءِ ڏيندي
چيائين ته:
What an extraordinary situation is that of us
mortals. Each of us is here for a brief sojourn;
for what purpose he knows not, though he some
times feels it.
’اسان فاني انسانن جي صورتحال ڪيڏي نه غير معمولي
آهي. اسان مان هر هڪ هِتِ (هن جهان ۾) مختصر
مسافريءَ لاءِ آهي. ڪهڙي مقصد لاءِ؟ سو به معلوم
ڪونهي، توڙي جو اسان کي ڪڏهن ڪڏهن اُن جو احساس ۽
ادراڪ ٿئي ٿو.‘
ٻئي دفعي ڪنهن شخص سوال ڪيس ته ’انساني زندگي جي
معنيٰ ڇا آهي؟‘ آئنسٽائين جواب ڏنس ته:
WHAT is the meaning of human life, or of organic
life altogether? To answer this question at all
implies a religion. I answer, the man who
regards his own life and that of his fellow-
creatures meaningless, is not merely
unfortunate, but almost disqualified for life.
ALBERT EINSTEIN
`THE WORLD AS I SEE IT`
WATTS & CO. LONDON
انساني حياتيءَ جي معنيٰ (مطلب يا مقصد) ڇا آهي؟
يا، ماڳِهن، سمورن ساهوارن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا
هي؟ انهيءَ سوال جي ڪنهن تسلي بخش جواب لاءِ هڪ
مذهب درڪار آهي. سو، انهيءَ سوال ڪرڻ مان فائدو؟
منهنجو جواب هيءُ آهي ته جيڪو شخص پنهنجي حياتي ۽
ٻين ساهوارن جي حياتي ’بي معنيٰ‘ سمجهي ٿو، سو، نه
رڳو بدنصيب آهي، پر حياتيءَ جو حقدار ئي ڪونهي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا جهڙي متمدن ملڪ جي
معاشري ۾ رهندڙُ، آلبرٽ آئنسٽائين جهڙو دنيا جو
عظيم ترين سائنسدانُ، جڏهن افسرده لهجي ۾ ائين
چوي، ته اسان فاني انسانن جي صورت حال ڪيڏي نه
عجيب آهي. (ڏکوئيندڙ آهي). اسان جي زندگي ته رڳو
هڪ مختصر سفر آهي، جنهن جو مقصد ۽ منزل به معلوم
ڪونهي... وغيره وغيره، تڏهن ٽينءَ دنيا
(THIRD WORLD)
جي پوئتي پيل ملڪن ۾، بک، بيماريءَ، جهالت ۽ بي
انصافيءَ جي مرضن ۾، مستقل طرح، مبتلا معاشري ۾
رهندڙُ، تنوير جهڙو اهلِ دل انسانُ، اديبُ، عالمُ،
دانشورُ شاعرُ ۽ مفڪر ڪيئن ڪري؟
هن پس منظر ۾، مستقبل ۾، تنوير جي حياتيءَ تي
ريسرچ ڪندڙ محقِقُ، نگاهه وجهندو، ته کيس اها
ڳالهه ’نوشته ديوار‘ وانگر نظر ايندي، ته مڙني
مجبورين جي باوجود، تنوير، ڪامياب زندگي گذاري.
هو، هر وجہ، هڪ لائق انسان هو: والدين جو
فرمانبردار پُٽ هو. پنهنجي اولاد جو شفيق پيءُ هو.
جاهلن کان پري هو، پڙهيل ماڻهن جي ميڙ ۾ کيس سنڌ
جي ’نوَ رتن‘ ۾ شامل ڪيو ويندو هو. انفرادي
زندگيءَ ۾ ڪنهن سان دغا ڪانه ڪيائين. مٽن مائٽن ۽
يارن دوستن سان تا دم حيات نڀايائين، اجتماعي
زندگيءَ ۾ سنڌ جي مِٽيءَ ۽ ماڻهن سان پيار ڪيائين.
انهن وٽ عزت ۽ مٿانهون مقام حاصل ڪيائين. زندگي هڪ
اڇي اُجري، اهلِ دل انسان وانگر گذاريائين. ڪنهن
به قسم جي سياسيءَ سان دامن داغدار نه ڪيائين. سنڌ
جي ايندڙ نسلن لاءِ روشن مثال ڇڏيائين. سڄي عمر
گلاب جي گُل وانکر سُرهو رهيو. قدرت مٿس مهربان
رهي ۽ کيس هر نعمت عطا ڪيائين.
سنڌ ۾ ون يونٽ واري زماني ۾ جيڪي جلسا ٿيندا هئا،
تن ۾ اسان جو دوست، جمال رند، سرائڪي ٻوليءَ ۾ هڪ
’لولِي‘ ڏاڍي مٺي آواز ۾ ڳائيندو هو. ٻُڌي، بُتَ
مان سيسراٽيون نڪري وينديون هيون. ان جون ٻه سٽون
هي هيون:
پار درياهان، هِڪ ميندي دا ٻوٽا،
عشق ڪماوين، ايوين، جيوين پينگهه دا جهوٽا.
مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جي هن جهانَ ۾، گهڻا خوشنصيب
انسانَ آهن، جن کي پينگهه جو جهوٽو نصيب ٿئي
ٿو؟--- پر، تنوير اهڙو خوشنصيب انسان به هو.
”بَحَرَ منجهان جا لَهَرَ اُڀي ٿي، موٽي ٿيو
مهراڻُ“
(سچل)
|