ڇپائيندڙ پاران
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ
جي
سڄاڻ ۽ برک
اديبن،
شاعرن،
فن سان لاڳاپيل سرموڙ شخصيتن بابت ’اينٿالاجيز‘
شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي عظيم
شاعر،
محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر تنوير عباسي
بابت هيءَ ’اينٿالاجي‘ انهيءَ ئي سلسلي جي ڪڙي
آهي. جنهن جي لاءِ بورڊ
سنڌي ادب جي نامياري
ليکڪ
۽ سنڌيڪار
محترم
يوسف سنڌي
جي چونڊ ڪئي.
جنهن
وقت اندر هيءُ
ڪم مڪمل ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو آهي، جنهن لاءِ کيس
جَسُ هجي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ وڏي شاعر کان وٺي هڪ نثرنگار
جي حيثيت ۾ پنهنجي درد ۽ سوچن جا نقش چِٽي سنڌ ۽
سنڌ واسين کي ارپيا آهن. سنڌ جو هيءُ مها ڪوي
پنهنجي شخصيت ۽ فن ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي.
سندن وصال بعد، بورڊ سندن خدمتن جي مڃتا طور
ٽماهي مهراڻ رسالي جو 3-2/2000ع وارو پرچو
”ڊاڪٽر تنوير عباس نمبر“
شايع ڪيو.
جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن ليکڪن پاران سنڌ جي هِن
مهان شاعر ۽ نثرنگار جي شخصيت ۽ فن کي نمايان
انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي
جي قدرشناسيءَ طور،
يوسف سنڌي
صاحب جي سهيڙيل هِن
اينٿالاجيءَ کي
آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾
شايع ڪندي فخر پيو محسوس ڪريان.
جنهن لاءِ آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمن قبله مخدوم
جميل الزمان صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن
پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي
مرحلي کي آسان ڪيو.
توقع
آهي
ته،
بورڊ پاران شروع ڪيل ’ادبي اينٿالاجيز‘ وارو هيءُ
سلسلو، ادبي حلقن سان گڏوگڏ، مانائتن ادب دوستن
۽
پڙهندڙن کي پڻ پسند
ايندو.
17 شوال المڪرم 1433هه
الهڏتو وگهيو
05 سيپٽمبر 2012ع
سيڪريٽري
مرتب پاران
ڪجهه مهينا اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي انتطاميا پاران
مونکي هڪ خط اچي مليو. جنهن ۾ لکيو ويو هو:
”پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ مؤرخه 09 جنوري 2009
تي ٿي گذري، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي نامور
شاعر، محقق ۽ دانشور مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي
شخصيت ۽ سندس ڪيل علمي ادبي ڪم تي انٿالاجي جوڙي
وڃي، ادارو اهو ڪم اوهان جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو. ان
لاءِ اوهان جي رضامنديءَ لاءِ هيءَ خط عرض لکجي
ٿو.“
بورڊ انتظاميا جو اهو خط مون پنهنجي خوشنصيبي
سمجهيو، جو هن ڊاڪٽر تنوير عباسي جهڙي گهٽ رخي
شخصيت تي انٿالاجي سهيڙڻ لاءِ مون کي اهل سمجهيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان شخصي طور تي منهنجون
ٿوريون ئي ملاقاتون هيون، اهي به جن حالتن ۽
ڪيفيتن ۾ ٿيون، انهن ۾ مون کي کيس ويجهڙ کان ڏسڻ ۽
سمجهڻ جو ڪو گهڻو موقعو نه مليو. پهرين ملاقات
تڏهن ٿي، جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾، هٿ ٺوڪيو
گهوٽالو پيدا ڪيو ويو هو ۽ ان جي حل واسطي خيرپور
۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ميزبانيءَ هيٺ گڏجاڻي
ڪوٺائي ويئي. جتي ساڻس گڏجڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جو موقعو
مليو. جتي اسان سڀني گڏجي کيس گذارش ڪئي ته هو
س-ا-س خيرپور، پاران ڪائونسلر ٿيڻ قبولي، سندس
قبوليت جو نتيجو اهو نڪتو ته ٻن مهينن کانپوءِ
خيرپور ۾ ئي. سنگت جي، سنڌ ڪائونسل جو اجلاس
گهرايو ويو. جنهن جي صدارت ’ڪائونسلر‘ هئڻ جي
حيثيت سان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کان ڪرائي ويئي. ان
اجلاس ۾ مرڪزي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ جي ئي چيئرمن شپ ۾ ’چونڊ ڪميٽي‘ جوڙي
ويئي. جنهن ۾ ميمبر طور مونکي ۽ تاج جويي کي کنيو
ويو. ان ڪميٽيءَ پاران تياريون مڪمل ڪري، حيدرآباد
۾ چونڊون ڪرايو ويون. ووٽنگ هلندي جڏهن ووٽر طور
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ چيو ويو،
ته هن اهو چئي ووٽ استعمال ڪرڻ کان معذرت ڪئي ته،
”چونڊ ڪميٽيءَ جي چيئرمن جي حيثيت سان مونکي ووٽ
استعمال ڪرڻ جي بدران، اڻ ڌريو رهڻ گهرجي.“
بس! ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان منهنجون اهي ئي ٻه
چار ملاقاتون رهيون ۽ انهن ملاقاتن ۾ ٿيل ڳالهيون
منهنجي يادگيرين جي ڊسڪ ۾ سدائين جي لاءِ محفوظ ٿي
ويل آهن.
پر ڇا ٿي پيو؟ جي منهنجون ساڻس ڪي گهاٽيون
ملاقاتون نه هيون. تنوير عباسي ته اسان جي سرواڻ
هستين مان هو. پاڻ ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جو
سيڪريٽري جنرل به رهيو، لڳ ڀڳ چاليهن سالن کان
پوءِ دوستن اها ذميواري منهنجن ڪمزور ڪلهن تي وڌي.
پاڻ سنڌي ادبي سنگت ۾ جيڪا فڪري تبديلي آڻڻ لاءِ
جاکوڙ ڪيائين ۽ سنگت کي تحريڪي ۽ تنظيمي حوالي سان
جيڪو رخ ڏنو، اهو اڃا رڪارڊ تي اچڻون آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ادبي خدمتن جو خاڪو مختصر
طور تي مون اڳين صفحن ۾ ڏنوآهي . هت رڳوٻن چئن
ننڍڙين ڳالهين جو ذڪر ڪيو اٿم.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ٻن ڊزنن کان به وڌيڪ ڇپيل
ڪتابن مان چونڊ ڪري ’انٿالاجي‘ ترتيب ڏيڻ هڪ ڏکيو
۽محنت طلب ڪم هو، مون ڪوشش اها ڪئي آهي ته ان
چونڊ ۾ ڪا ڪسر نه رهي- تنهن هوندي به کوٽ جي سڄي
ذميداري اڳواٽ منهنجي مٿان.
هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو اٿم.
پهرين حصي ۾، تنوير عباسيءَ جي شخصيت ۽ فن جي
جائزي طور ڪجهه چونڊ مضمون ڏنا ويا آهن. جن جي
چونڊ ڪرڻ مهل اهو خيال ڪيو ويو آهي ته اهي نه رڳو
تنوير جي شخصيت، پر سندس شعري، تخليقي ۽ ٻين ادبي
پهلوئن جو احاطو به ڪن.
ٻي حصي ۾، تنوير عباسيءَ جي لکڻين جي چونڊ ڏني
ويئي آهي. جنهن ۾ سندس واحد ڪهاڻي ’لوئي‘ سان گڏ،
انٽرويو، خاڪا، يادگيريون، شعري اڀياس، لطيفيات،
سفرنامي ۽ پرڏيهي شاعريءَ جا ترجما ۽ سندس شاعريءَ
جي مختصر چونڊ به ڏني ويئي آهي. جيئن تنوير جي
تخليقي، تحقيقي ۽ شعري پورهئيءَ کان صحيح نموني
واقف ٿي سگهجي.
اميد اٿم ته هيءَ ’انٿالاجي‘ تنوير عباسيءَ جي ڪم
جي سڀني پهلوئن جو احاطو ڪَندي، کيس سدائين جي
لاءِ امر بنائي ڇڏيندي.
يوسف سنڌي
حيدرآباد- 8 سيپٽمبر
2011
ڪجهه ته ڏيئي
وينداسين
يوسف سنڌي
”پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو
آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي
ڪجهه به منهنجي احساس کي اُٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي
سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم،
اُن کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين
جي دل ۾ به اهڙا ئي احساس اُٿن ۽ اهڙا ئي جذبا
جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ
ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽَ مان ڪي ٿورائي
ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.“
اهي لفظ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي پهرينءَ شعري
مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن،
جيڪڏهن تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ کي انهن لفظن تي
پرکبو ته انهن تي پوري لهندي نظر ايندي.
جنم ۽ تعليم
تنوير عباسيءَ جو اصل نالو ”نور نبي عباسي“ آهي ۽
’تنوير‘ تخلص اٿس، خيرپور ضلعي (اُن وقت رياست) جي
ڳوٺ ’سوڀي ديري‘ ۾ گل حسن عباسيءَ جي گهر ۾ 7
ڊسمبر 1934ع تي ڄائو. پرائمري تعليم نوشهري فيروز
۾ شروع ڪيائين. ٻين درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ
۾ پڙهيو. 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان
ايم- بي-بي- ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت کان
وٺي، پنهنجي وفات کان ٻه هفتا اڳ تائين پاڻ خيرپور
۾ رهيو ۽ خانگي اسپتال هلائيندو رهيو.
تنوير عباسيءَ جو پهريون شعر ”فنڪار“ (حيدرآباد) ۾
1950ع ۾ ڇپيو. ’تنوير‘ کان اڳ پاڻ ”مغموم“ تخلص
استعمال ڪندو هو. سندس پهريون شعري مجموعو ”رڳون
ٿيون رباب“ 1958ع ۾ ڇپيو. تنوير عباسي شاعري کان
سواءِ تحقيق، تدوين، ترتيب، اُڀياس، سفر ناما لکيا
۽ ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کان سواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي
”لوئي“ پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي سُٺين
ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپي.
ان ڪهاڻي جو اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان کان
سواءِ، پنهنجي شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ هڪ ناول پڻ
لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل ئي رهيو. سندس ڪجهه شاعري
انگريزي، پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي
ڇپي.
تنوير عباسي ڪيترن ئي ادبي ادارن جو صلاحڪار،
ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ سچل چيئر، شاهه
لطيف يونيورسٽي خيرپور جو صلاحڪار ۽ ڊائريڪٽر،
ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سچل اڪيڊمي خيرپور،
ميمبر- بورڊ آف ايڊوائيزرس سنڌالاجي، ميمبر سنڌي
ادبي بورڊ، ميمبر سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
ميمبر ريجنل ايڊوائيزري ڪاميٽي ريڊيو پاڪستان
خيرپور ۽ سيڪريٽري ”سچل يادگار ڪميٽي سنڌ“ شامل
آهن.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل
چيئر جو خيال ڏيندڙ ۽ اُن جو سربراهه رهيو۽ سنڌي
شعبي ۾ ايم- فل ۽ پي- ايڇ- ڊي جي اسڪروٽني
ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ اعزازي ليڪچرار پڻ رهيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو ٻه ڀيرا لطيف
يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور نامزد ٿيو، پر
تر. جي با اثر قوتن جي سخت مخالفت سبب کيس انهي
عهدي تي اچڻ نه ڏنو ويو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ 1966ع کان 1969ع تائين ’سنڌي
ادبي سنگت سنڌ‘ جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو ۽ سنگت
جي شاخن ۽ مرڪز جي جوڙجڪ ۽ ڪاروهنوار ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو.
تنوير عباسيءَ لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي، پر
اڳتي هلي
سندس ڌيان تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ويو، جنهن
جي نتيجي ۾ پاڻ لطيفيات، سچليات ۽ ٻين ڪلاسيڪي
شاعرن تي تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا، جن جو
وچور هيٺين ريت آهي.
لطيفيات
شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شعر تي، سنڌي زبان جي
عالمن ۽ محققن گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر تنوير عباسي
روايتي انداز بدران ڏيهي ۽ پرڏيهي نقادن جي راين
جي روشنيءَ ۾ شاهه جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو، جيئن
شاهه جي شعر کي عالمي معيارن موجب پرکي ۽ پروڙي
سگهجي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪيل شاهه لطيف جي
شاعري تي تحقيقي ڪم جو پهريون جلد 1976ع ۾ ۽ ٻيو
1985ع ۾ ڇپيو ۽ جڏهن ٽيون جلد لکيائين ته پهرين ٻن
جلدن سان گڏ 1989ع ۾ ٽنهي جلدن کي گڏي شايع ڪيو
ويو ۽ اڳتي هلي هر نئين ڇاپي ۾ هڪ اڌ مضمون جو
واڌارو ڪندو ويو. شاهه لطيف تي سندس اهو ڪم نهايت
اهم نوعيت جو ۽ سائنسي بنيادن تي ٻَڌل آهي، جنهن
جي سنڌ جي ادبي حلقن گهڻي پذيرائي ڪئي ۽ پسند ڪيو.
تنهن کان سواءِ 1275 جي شاهه جي رسالي جي هڪ نسخي
تي تحقيق ۽ ترتيب جي بٺيءَ مان ڪڍي ’مسودي‘ جي شڪل
ڏني، جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي. يقيناً اهو رسالو به
لطيفيات جي حوالي سان قابل قدر اضافو ٿيندو.
تحقيق ۽ ترتيب
سچليات تي ڪم ڪندي، تنوير عباسيءَ سچل جي ٻن
عقيدتمند شاعرن، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد
هيسباڻيءَ جو ڪلام سهيڙي سموهي ڀيٽي ڌار ڪتابن
’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ (1982ع) ۽ ’خوش خير محمد
هيسباڻيءَ جو ڪلام‘ (1982ع) شايع ڪرايو، جيڪي ٻيئي
ڪتاب ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران ڇپرايا ويا آهن، انهن
ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ تي سچل سائينءَ جي اسلوب
توڙي، فڪر جي ڇاپَ آهي. پر هنن سرمست جي روايتن کي
اسلوب توڙي فڪري لحاظ کان به اڳتي وڌايو.
سچليات
لطيف کان پوءِ تنوير عباسي ”سچل سرمست“ تي پڻ ڪافي
تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪرايو. جيئن ته لطيف يونيورسٽيءَ
۾ ”سچل چيئر“ جو خاڪو سندس ئي ڏنل هو، تنهن ڪري
”سچل چيئر“ جي برپا ٿيڻ سان پاڻ انهيءَ جو
ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ سچل يادگار ڪميٽيءَ جو
سيڪريٽري هئڻ جي ناتي هر سال درازن ۾ ’سچل سائين‘
جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل
مقالا ۽ ٻيو ”سچل چيئر“ ۾ ٿيل تحقيقي ڪم چيئر
پاران نڪرندڙ ’سرمست‘ ۾ ترتيب ڏيئي ڇپايو. سندس
نگرانيءَ ۾ اهڙيون يارهن ڪڙيون نڪتيون، جن جي نڪرڻ
جو زمانو 1980ع کان 1991ع آهي. تنهن کان سواءِ هڪ
ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڻ چونڊ ۽ ترتيب ڏيئي ”سچل
سرمست“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
”سچل چيئر“ پاران ئي پاڻ ”سچل جو ڪلام“ مختلف
رسالا ڀيٽي تحقيق ڪري، ترتيب ڏنائون، جيڪو اڃا نه
ڇپيو آهي. البت اهو ضرور آهي. ته جيئن شاهه لطيف
جي شاعري تي سندس ڌار اڀياسي ڪتاب آهي، تيئن سچل
جي شاعريءَ تي ڪونهي. سندس سچل تي لکيل مقالن کي
ترتيب ڏيئي ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.
ترجمو
تنوير عباسي هڪ ويٽنامي ناول ”جي ماريا نه موت“
جوپڻ ترجمو ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾
ڇپيو، انهيءَ انقلابي ناول جا اڳتي هلي ڪيترائي
ڇاپا ڇپيا ۽ اهو سنڌ جي قومي ۽ انقلابي ڪارڪنن
لاءِ وڏو اُتساهه ڏياريندڙ ڪتاب آهي. تنهن
کانسواءِ پاڻ چونڊ پرڏيهي شاعريءَ جا پڻ ترجما
ڪيائون.
سفرناما
سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تمام گهڻي مقبول رهي
آهي. تنوير عباسيءَ جا ٻه سفرنامه ”ڏوري ڏوري
ڏيهه“ (1984ع) ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ (2000ع) ۾
ڇپيا. جيئن ته تنوير صاحب بنيادي طور تي شاعر هو.
تنهن ڪري سندس سفرنامن ۾ شاعراڻو عنصر پڻ شامل ٿي
وڃي ٿو. سندس سفرنامي ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ جي باري ۾
ڪتاب جو پبلشر طارق اشرف لکي ٿو:
”تنوير جي هن سفر نامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي
ته سفر نامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان
ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن
لکيو آهي.“
سندس هڪ ٽيون ”دبئيءَ جو سفر نامو“ به آهي، جيڪو
سندس ڪتاب ”ترورا“ ۾ ’چنڊ ٻه ٽڪر‘ جي نالي سان ڏنل
آهي.
شاعريءَ جو سفر
تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر هو ۽ تنوير کان اڳ
”مغموم“ تخلص استعمال ڪندو هو. انهيءَ تبديليءَ
واري سفر جي روداد ۽ سبب بيان ڪندي، هڪ انٽرويو ۾
پاڻ چيو اٿائين.
”اُهي ٻن قسمن جا سبب هئا، هڪڙا داخلي، ٻيا خارجي.
ان وقت مان ’بزم خليل‘ ۾ عروض سکندو هوس ۽ ’جمعيت
الشعراءِ‘ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس.
مون محسوس ڪيو ته اها شاعري فقط غزل تائين محدود
هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا
لفظ، جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب
آندا ويندا هئا.
اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان
پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه. وري جڏهن فارسي شاعريءَ
کي سمجهڻ ۽ ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسيءَ
وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي
اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌيءَ ۾ اچڻ لڳيون
آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي
خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ ٻوليءَ واري
مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون
ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن
وارن پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن،
انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽ ويڙهيچن سان آهي.
اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن، انهن جا ڏک
۽ سُور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي،
تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس
ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک، درد
اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم
مان تنوير بنايو.“
پاڻ انهيءَ سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جا خوب جوهر
ڏيکاريائين ۽ سندس شعر جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن جا
نالا هي آهن: ”رڳون ٿيون رباب“ (1958ع)، ”شعر“
(1970ع)، ”سج تريءَ هيٺيان“ (1977ع)، ”هيءَ ڌرتي“
(1985ع). اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي
سنڌالاجي جي پاران ”تنوير چئي“ جي نالي سان گڏيل
ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو
مجموعو ”ساجن سونهن سرت“ (1996ع) آهي.
تنوير عباسيءَ جي مٿئين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن
کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ:
ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: 1973ع)، ”جديد سنڌي
شاعري (ترتيب:1981ع)، ”تِرورا“ (خاڪا، يادگيريون،
انٽرويو ۽ سفرنامو- 1988ع)، ”منهن تنين مشعل“
(خاڪا- 1990ع). ۽ سپني کان سهڻي ساڀيان (ليڪچر ۽
تقريرون 2002ع)
سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر 25 نومبر 1999ع تي
اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته
سندس ”جسد خاڪي“ ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن
ميڊيڪل جا شاگرد سندس جسم تي ”ميڊيڪل جا تجربا
ڪن“. پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان دوست
اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام
آباد ۾ ئي دفنايو ويو.
ٻَرياسين ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،
هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ بابت ڇپيل ڪتاب.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شخصيت ۽ ڪم جي جائزي بابت هن
کان اڳ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن. 1- تنوير عباسي،
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. 2- تنوير عباسي: فن
اور شخصيت (اردو) ادل سومرو. پوان شل قبول- مرتب
اياز گل 4- مان تنوير آهيان: مرتب: مشتاق ڪلهوڙو-
تنهن کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽه ماهي مهراڻ
1/ 2000 جو پرچو ۽ ماهوار پرک جو نومبر 2011 جو
پرچو تنوير عباسي نمبر جي صورت ۾ شايع ٿيل آهن.
تنويرعباسي:
شخصيت ۽ فن
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ جتي فطرت جو
رنگ، ٻوليءَ جي حسناڪي، رواني ۽ غنايت موجود آهي،
اتي هن سادي ۽ سلوڻي،نج ۽ دل کي وڻندڙ ٻولي ڪم
آڻي، پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ معيار وارن نثر
نگارن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. سندس معياري نثر
نويسيءَ ۾ به اِهي سڀ خوبيون ۽ خصوصيتون نظر اچن
ٿيون، جن جي ڪري کيس سنڌي ٻولي جو بهترين نثر
نگار، نقاءُ، محقق، تجزيي نگار، حقيقت شناس، واقع
نگاري جو ماهر نثر نويس ۽ اعليٰ معيار جو ’لطيف
شناس‘ ۽ ’سچل شناس‘ چئي سگهجي ٿو.
]ڊاڪٽر
غلام علي الانا[
اکڙيون مينگهَه ملهار
غلام
رباني آگرو
هن جهان جي ڪا به حقيقت، اُن جي پس منظر معلوم ڪرڻ
کان سواءِ سمجهي نٿي سگهجي. سو، مناسب آهي ته
تنوير جي باري ۾ پنهنجا تاثرات بيان ڪرڻ کان اڳ،
مان سندس ننڍپڻ جو ڪجهه ذڪر ڪريان ۽ پوءِ ٻُڌايان
ته اسان جي دوستي ڪٿي شروع ٿي، ۽ ڪيئن سندس دمِ
حيات تائين قائم رهي. مون کيس هڪ دانشورَ ۽ دلنواز
دوست جي حيثيت ۾ ڪيئن ڏٺو؟
منهنجي خيال موجب ماڻهوءَ جي شخصيت جو بنيادي خاڪو
’ننڍپڻ‘ ۾ ئي تعمير ٿي وڃي ٿو. (البت، ننڍپڻ جو
زمانو ڪيترو شمار ڪجي، اها ويچار جوڳي ڳالهه آهي).
وقت گذرڻ سان، ماڻهوءَ جي شخصيت جي عمارت فرنيچر
سان سينگارجي ٿي... وغيره وغيره. ٻين لفظن ۾ هيئن
کڻي چئجي ته ماڻهوءَ جي ذهن تي ننڍپڻ ۾ جيڪي پاڇا
پون ٿا، تن جا اثر مٿس دائمي رهن ٿا.
ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ، هت ٻه ٽي مثال ڏيان ٿو:
(1) چون ٿا ته ولايت ۾ هڪ عورت پنهنجي ملڪ جي ڪنهن
سائنسدان کان ڏاڍي متاثر هئي. ٻار ڄائس ۽ ڇهن
مهينن جو ٿيو، ته وڏيءَ حبَ سان وٽس کڻي ويئي.
چيائينس ته، ”سائين اها ته اوهان کي خبر آهي، ته
مون کي اوهان سان ڪيڏي نه عقيدت آهي. منهنجي آس
آهي ته هي ٻچڙو اوهان جي نگرانيءَ ۾ پلجي وڏو ٿئي،
ته شال هو به اوهان جهڙو ٿئي. انهيءَ اميد سان
اوهان وٽ سوالي ٿي آئي آهيان.“
سائنسدان ڪمال همدرديءَ سان جواب ڏنس ته ”امڙ، تو
ٻارڙي کي مون وٽ آڻڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي. ڇهه مهينا
وڏو عرصو آهي.“
(2) قائداعظم محمد علي جناح، حياتيءَ جي پوين
ڏينهن ۾، آبهوا مٽائڻ لاءِ پنهنجيءَ ڀيڻ محترمه
فاطمه جناح سان گڏ، زيارت ۾، ’ريزيڊنسيءَ‘ ۾ ٽڪيل
هو. ڊگهيءَ بيماريءَ ڪري، ڪمزور ٿي ويو هو. هڪ
ڏينهن، پنهنجي شخصي ڊاڪٽر، ڪرنل الاهي بخش کان
پڇيائين ته ”مان پوُرِي ۽ مرچن جي چٽڻي کائي سگهان
ٿو؟“
ڊاڪٽر ادب سان جواب ڏنس ته ”سائين! هائو، پر، فقط
هڪ اڌ دفعو.“
گهڻا گهڻا سال پوءِ، جڏهن محترمہ فاطمه جناح، قائد
اعظم جي لائيف لکڻ جو ڪم (مرحوم) جي. الانا کي
سونپيو، تڏهن کيس هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايائين ته
”اسان ننڍپڻ ۾ پُورِي وڏي شوق سان کائيندا هئاسين.
مرچن جي چٽڻي ته روز گهر ۾ ٺهندي هئي.“
(3) جويي صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته پير سائين
حسام الدين راشدي، پنهنجن پوين ڏينهن ۾، بعضي بعضي
بيماريءَ جي زورَ ڪري، بي خياليءَ ۾ هڪ نالو کڻي،
کيس مدد لاءِ سڏ ڪندو هو. ليڪن، اهو نالو ڏاڍو غير
مانوس هو. بعد ۾ وڃي پتو پيو، ته اهو سندن خاندان
جي هڪ نوڪر جو نالو هو، جيڪو پير صاحب کي ننڍپڻ ۾
هنج ۾ کڻي گهمائيندو هو.
ننڍپڻ جو عرصو، عمومي طرح، هر ڪنهن کي ساريو پيو
آهي. پر، ڪي ماڻهو ٻين کان اول جسماني ۽ ذهني طرح
بالغ ٿي ويندا آهن. ڪي وڏيءَ عمر جي باوجود
ٻاراڻيون حرڪتون ڪندا رهندا آهن. مشرق جي سياڻي
سعديءَ جو مشهور قول آهي:
چہل سال عمر عزیزت
گذشت
مزاج تو از حال
طفل
نہ گشت
(پيارا، تنهنجي عمر چاليهه سال ٿي وئي،
پر، تنهنجي مزاج مان ٻارائپ اڃا نه وئي!)
چاليهن سالن جي عُمرِ انسان جي ذهني بلوغت جي مڃيل
حد آهي. بلڪ، چاليهن سالن ۾ ته پيغمبري ملندي آهي.
هر ڪنهن کي ڪانه ملندي آهي، جنهن کي خدا ڏئي.
مثلاً، حضرت موسيٰ عليه السلام، طور سينا تي ويو
باهه کڻڻ. پر، موٽيو، ته پيغمبري وٺي آيو.
ڏاها ماڻهو، ٻار جي ننڍپڻ ۾ سندس تعليم تي توجهه
ڏيندا آهن. تنوير انگريزن جي دور حڪومت ۾ ڄائو هو.
انهيءَ زماني ۾، ڳوٺن ۾، ٻار پنجن سالن جو ٿيندو
هو، ته کيس پرائمري اسڪول ۾ موڪلي ڏيندا هئا، جتي،
هو الف- بي سکڻ کان پوءِ ٻاراڻو درجو پڙهندو هو.
ٻاراڻو پاس ڪري، ٻئي سال پهرئين درجي سنڌيءَ ۾
داخلا وٺندو هو. سنڌيءَ جا چار درجا پاس ڪري،
انگريزيءَ جي پهرئين درجي ۾ داخلا وٺندو هو.
انگريزيءَ جا ست درجا پاس ڪري، مئٽرڪ جو امتحان
ڏيندو هو. انهيءَ وقت سندس عمر سورهن سترهن سال ٿي
ويندي هئي.
تنوير مئٽرڪ ’اين. جي. وي. هاءِ اسڪول‘ ڪراچيءَ
مان ڪئي. ان وقت جي سندس ٻن ويجهن دوستن جا نالا
مون کي سُجهن ٿا: هڪ ٺارو شاهه جي ڀرسان ’ڳٺ اڇي
مسجد‘، جو ويٺل رحمت الله قاضي، جنهن کي ’ڦاڙهو‘
ڪوٺي چيڙائيندو هو ۽ ٻيو رشيد آخوند، جو اڳتي هلي
ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ منهنجو به دوست ٿيو.
رشيد آخوند، سٺو اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو
سرگرم ڪارڪن هو. تعليم ختم ڪري، عملي زندگيءَ ۾
آيو، ته وڪالت شروع ڪيائين. ڪامياب وڪيل ٿيو. پر،
لٽريچر ۾ سندس چاهه گهٽجي ويو. هاڻي، مون کي اها
به خاطري ڪانهي، ته کيس تنوير جي رحلت جي خبر به
آهي يا نه. گذريل ويهن ورهين ۾ مون سان به سندس
ملاقات ڪانه ٿي آهي. رشيد آخوندُ، تنوير کي نورُ
ڪوٺيندو هو، ڇو ته هن جو سڄو نالو ’نور نبي‘ هو.
تنوير ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران، ننڍپڻ ۾،
پنهنجيءَ نانيءَ جي ڀاءُ (مرحوم) امام الدين
’ضامن‘ کي شعر شاعري ڪندو ڏٺو هو، جنهن جا پاڇا
سندس ذهن تي پيا هئا. سو، پاڻ به شعر شاعري ڪرڻ
لڳو. ’مغموم‘ تخلص اختيار ڪيائين – لفظ ’مغموم‘
ننڍپڻ ۾ سندس ذهني مزاج جي عڪاسي ڪري ٿو.
مون سان سندس ميل ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن مئٽرڪ پاس
ڪري، سنه 52- 1953ع ڌاران، حيدرآباد ۾ ڦليليءَ جي
ڪَڙَ تي، ڊِي. جِي ڪاليج (D.G.
COLLEGE)
۾ داخل ٿيو. مان به نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ
اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري، اچي ساڳئي سال، ساڳئي
ڪاليج ۾ داخل ٿيو هئس. ٻنهي ڄڻن فرسٽ ييئر سائنس ۾
’بائلاجي‘ کنئي. سو، هم ڪلاسي ۽ هم درس ٿياسين، ته
هڪٻئي کي ويجها آياسين.
تنوير شعر شاعريءَ جي شوق ۾ حيدرآباد ۾ ”بزم خليل“
۾ پير پاتو، جنهن جو روح روان ڊاڪٽر محمد ابراهيم
’خليل‘ هو. اُتي منظور نقويءَ، سرور علي ’سرور‘ ۽
مظفر حسين جوش سان دوستي ٿيس. هيڪر، مون کي به
’بزم خليل‘ جي محفل ۾ وٺي ويو، ڇو ته مان به
پڙهندو ته سائنس هئس، پر شوق لٽريچر ۾ هئم. انهيءَ
جو به هڪ سبب هو. منهنجو والد بزرگوار سنڌي ڪتابن
۽ رسالن پڙهڻ جو شوقين هو. مون ننڍپڻ ۾ گهر ۾ رڳا
ڪتاب ڏٺا. انهيءَ زماني تائين، پڙهيل ڪڙهيل، متمدن
مسلمان گهراڻن ۾ علمي، ادبي ڪتاب ۽ قلمي نسخا وڏي
احتياط ۽ احترام سان جمع ڪيا ويندا هئا ۽ اوڏي ئي
ذوق شوق سان پڙهيا ويندا هئا. ڪتابُ گهر جي ڊرائنگ
روم ۾ اڃا نمائش لاءِ ڪونه رکيو ويندو هو. |