سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:21

موهيءَ کان پوءِ گورڌن شرما جو وارو آيو، گورڌن شرما جي شعر ۾ سادگي ۽ اڪير ۽ وطن وارن ڏانهن سنيها ۽ سلام هئا. انداز ۽ جذبا نت نوان هئا.

گورڌن پهرين هڪ نظم ٻڌايو:

ڏاهپ ۽ ڏنگائيءَ جو فيصلو

ڏاهو ۽ ڏنگو ڪري به نه سگهندا

کين ائين ڪرڻ به نه گهرجي.

اهو نظم ڏاڍو گنڀير هو. موضوع نئون، ان کان پوءِ هن ٻيو نظم ٻڌايو، جنهن ۾ سنڌ وارن لاءِ سلام هئا:

اج صبا ڏج تون وڃي دلدار يارن کي سلام

ڪيتريرن اکڙيون وڇايل راهه ۾ ايندءِ نظر

ڦاڳ جا وڻ جا ۽ تم جا ڏسج هوندا چشم تر

جن سان گهاريم ڪي گهڙيون تن قربدارن کي سلام

ان کان پوءِ گوپ ڪمل شعر ٻڌايو:

رکيو ٿي يار کٽ تي پير پر اٿان اٿان ڪندو

صدين پڄاڻان هو مليو هو پر وڃان وڃان ڪندو

الائي ڇو بيهي ويو هي قافلو حيات جو

اُٿيو ته ڏاڍي سان سان هيو وڌان وڌان ڪندو.

موهن گيهاڻيءَ هڪ تاثر پڙهيو، جيڪو ڀرپور تاثر هو.

”مون کي چو واٽي تي آڻي

پٿر هڻڻ لاءِ گڏ ٿيا

ڪنهن بزرگ جو آواز گونجيو:

هن کي پهريون پٿر اهو هڻي جنهن گناهه نه ڪيو آهي.

۽ صدين کان بيٺو آهيان

مان ان چو واٽي تي-.“

آخر ۾ روپ مٺي، سريلي، ۽ درديلي آواز ۾ ڪافي ڳائي.

آيل منهنجو اچڻ اڻانگو الا

قسمت لايا وڃي ڏينهن

ماري اباڻا نينهن

درد جو آواز، ائين جيئن وير سمنڊ کان جدا ٿي، سمنڊ ڏي ورڻ چاهي، جيئن ڪونج، ولر کان وڇڙي ڪرڪي.

شينهن جي ماري ڪين مئي ڙي

ماري اباڻي نينهن.

اهو اباڻو نينهن دل کي ميڻ ڪيو ڇڏي، روپ جي ڪافيءَ جو داد سڏڪن ۽ ڳوڙهن سان ڏنو.

جمعي ڏينهن سڀني کي موڪل هئي، سڀ دوست پنهنجي ٻارن سميت ’العين‘ سنبريا. العين ابوظهبيءَ جي اُمارت جو سٺو شهر آهي. موتيءَ بس هٿ ڪئي، صبح جو نڪرندي نڪرندي يارهن ٿي ويا، بس شهر کان ٻاهر نڪتي ته سڀني پاسي اڻ کٽ بيابان نظر آيو. ڳاڙهسريءَ واريءَ جون ڀٽون، نيڻ نهار تائين برپٽ، نه ماڻهو نه مرون نه پکي، ڪٿي ڪٿي ڪو اٺ نظر آيو پئي نه ته وڃي ٿيو خير. رستو شاندار هو. اٺن جي لنگهڻ وارين جاين روڊ سائين لڳل هئي ۽ ان تي اُٺ ڇاپيل هو، ان جو مطلب هو ’اٺن جو لنگهه آهي، سنڀالي هلو.‘ جي حادثي ۾ ڪو اٺ مري پوي ته ان جو ڳرو عيوضو ڏيڻو پوي. جي ماڻهو مري پوي ته، وڌيڪ عيوضو، پر جي عرب مري پوي ته سڀ کان وڌيڪ پئسا ڀري ڏيڻا پون. قاضي ڪورٽون، منٽن جا فيصلا، ان ڪري ئي ڊرائيور ڏاڍا خبردار آهن ۽ ٽرئفڪ منظم آهي.

ٿورو مفاصلو اڳتي هلياسين ته واريءَ جو طوفان (Sand Storm) لڳڻ شروع ٿيو. چوطرف واري ئي واري، زمين کان آسمان تائين فضا واريءَ سان ڌنڌلي ٿي ويئي. رڳو ڪجهه فوٽن تائين نظر ٿي پيئي. دوستن ٻڌايو ته گرميءَ ۾ اهي طوفان عام هوندا آهن، اوهان ته اڃا چڱيءَ موسم ۾ آيا آهيو. سامهون رستي ڏي نهاري ائين لڳو، ڄڻ واريءَ جون لهرون، ساڄي کان کاٻي، رستي مٿان لنگهي رهيون آهن، سڄو رستو هوا ۾ وهندڙ واريءَ سان ڍڪجي ويو. مون چيو ته ”واريءَ جو طوفان پهريون دفعو ڏٺم اٿم.“ ان تي دُشيءَ (دشينت، موتيءَ جي کلمک ڀائٽي) مون کي سڏي، پنهنجي ڀرسان ڊرائيور جي ڀر واري سيٽ تي وهاريو ۽ چيائين، ”اتان اهو نظارو چڱيءَ طرح ڏسي سگهندو.“

دشيءَ ٻڌايو ته ”عرب مٿي تي ڪپڙو ۽ نوڙ ان طوفان سببان رکندا آهن. جي طوفان لڳندو آهي، ته هو ڪپڙي سان منهن ڍڪي ڇڏيندا آهن جيئن واري اکين، نڪ يا وات ۾ وڃي نه سگهي. ۽ ڪپڙي مٿان نوڙ ان ڪري ٻڌندا آهن، جيئن اهو ڪپڙو هوا ۾ اڏامي نه وڃي.“

هر ملڪ جي پوشاڪ ان جي جاگرافيائي حالتن مطابق هوندي آهي. دشي، پنهنجي کلمک طبيعت موجب سڄي واٽ لطيفن سان وندرائيندو رهيو، ۽ جئه (شيام جو پٽ) هن کي رکي رکي لاڳ ڏيندو رهيو. هن سِکن جي باري ۾ ڪيترائي نوان لطيفا ٻڌايا، جيڪي منهنجا اڳ ٻڌل نه هئا، هن سنڌين جي باري ۾ هڪ لطيفو ٻڌايو:

”آمريڪا کي پهريون دفعو پولار (Space) ۾ ماڻهو موڪلڻا هئا، هنن پنهنجا آمريڪي نه پئي موڪليا، ڇو ته پهريون دفعو هو، ڊپ ٿي ٿين ته متان مري پون، ان ڪري اخبار ۾ اشتهار ڏنائون ته جيڪي پولار ۾ وڃڻ لاءِ تيار هجن اهي انٽرويو ڏيڻ اچن.

”سڀ کان پهريائين هڪ گجراتي آيو. هن چيو ته ’لک رپيا وٺندس.‘ آمريڪين پڇيس، ’ايترا گهٽ ڇو؟‘ چيائين، ’ويشنو ماڻهو آهيون، ماس مڇيءَ کان پري، ان ڪري ٻارن جي گذر لاءِ اهي لک رپيا ڪافي ٿيندا.‘ گجراتيءَ کان پوءِ هڪ سردار (سِکُ) آيو. ان اچڻ سان چيو ته ’مان ٻه لک وٺندس.‘ پڇڻ تي ٻڌايائين ’پولار ۾ مري پيس ته پٺيان زال ٻار اٿم، دارون پيئندا آهيون. ماس مڇي کائيندا آهيون، ان ڪري ٻارن کي گذر سفر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک ته هجن.‘ آخر ۾ هڪ سنڌي انٽرويو تي آيو. هن ٺهه ڦهه چيو ته ”مان پنجن لکن کان گهٽ هڪ پائي به نه وٺندس.“ آمريڪي حيران ٿي ويا ۽ پڇيائونس، ’آخر ايڏي وڏي رقم ڇو ٿو گهرين.‘ هن چيو، ’اوهان کي ٻه ماڻهو موڪلڻا آهن نه؟ لک رپيو گجراتيءَ کي ڏيندس ۽ ٻه لک سردار کي ڏيندس. پولار ۾ اهي ٻئي ويندا. وري به مون کي بنا سيڙپ جي ٻه لک بچندا، انهن مان پنجاهه هزار توهان وٺجو. وري به مون کي صافي ڏيڍ لک ته بچندو نه.“

ان لطيفي مان سنڌي واپاري ڪلاس جي سموري نفسيات ۽ هن جي ترقيءَ جو پس منظر آڏو اچي ٿو وڃي، ته ڪيئن بنا پئسي، خالي هٿن سان، رڳو دماغ جي زور تي هن ترقي ڪئي آهي.

بس هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي وٽان لنگهي، جايون ڪوارٽرن وانگر هيون، پر پڪيون. هن ملڪ جي لحاظ کان اهي غريباڻيون پئي لڳيون، پر تڏهن به انهن مان هر هڪ ۾ ايئر ڪنڊيشن لڳل هو. موتيءَ ٻڌايو ته هتي ٿورو هليل سيڪنڊ هئنڊ ايئر ڪنڊيشن ڇهن سون رپين ۾ ملي. ڪو مسئلو ئي نه آهي.

بس ڪنهن شهر، ڳوٺ يا وستيءَ وٽان پئي لنگهي ته ائين پئي لڳو ڄڻ اسان بيابان ۾ آهيون ئي ڪونه. چونڪن تي ڇٻر، گل، وڻ، ڄڻ هن ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ئي نه آهي. حالانڪ هن ملڪ ۾ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۽ تيل واريءَ ريتيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، جن سان هڪ سَلو به ڦٽي نه ٿو سگهي، پر اهو پئسي جوڪمال آهي. مِٽيءَ جا جهاز ڀرجي ٻاهران اچن. اها ساوڪ ۽ سبزي، ڪاري سون (تيل) جو ڪرشمو به آهي، ته محنت ۽ ايمانداريءَ جو نتيجو پڻ.

منجهند ڌاري العين پهچي وياسين. العين هڪ جديد شهر آهي. ان ۾ گهڻو ڪري گهڻ ماڙ عمارتون آهن، انهن ۾ دبئيءَ وانگر ڪٿي ڪٿي يورپي طرز تعمير ۾ مقامي ۽ روايتي عمارت سازيءَ جا خوبصورت اشارا آهن. قبن ۽ ونگن جا اشارا.

رستا ويڪرا ۽ هموار، شاهي چوڪ، وڏا وڏا رائونڊ ابائوٽ (چؤسول) جيڪي چهچ سائيءَ ڇٻر سان ڍڪيل، سهڻن گلن ۽ شاندار وڻڻ سان سينگاريل.

بس تازي اڏيل العين يونيورسٽيءَ وٽان لنگهي. شاندار، خوبصورت عمارتون، ڇٻرن، گلن ۽ وڻن سان سينگاريل. پري کان هڪ رائونڊ ابائوٽ تي سائي رنگ جو اٺ ويٺل نظر آيو. اٺ، ۽ رائونڊ ابائوٽ تي ويٺل، سو به سائي رنگ جو. مون کي ڏاڍو عجب لڳو. جڏهن بس ان رائونڊ ابائوٽ کي ويجهو پهتي ته منهنجو عجب تهائين وڌي ويو. ڊيوڊونا جو ٻوٽو، تمام وڏو ٻوٽو تراشي، ان مان ويٺل اُٺ گهڙيو ويو هو.

’العين يونيورسٽيءَ‘ جون عمارتون رعبدار، جديد ۽ شاندار آهن. عرب اميرن هاڻي تعليم ڏي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن تيل مان پئسو ڪمايو اٿن. دوستن ٻڌايو ته عربن لاءِ نه رڳو تعليم مفت آهي، پر هاسٽل، ڪپڙا، ڪتاب، ۽ کاڌو، سڀ مفت. مٿان وري جنهن جا ٻار پڙهن، انهن جي مائٽن کي پئسا به ملن.

بس هلندي اچي چڙيا گهر (Zoo) تائين پهتي. ٻارن جو مڪو مچي ويو. زو تمام وسيع هو. ان ۾ به وڻ- گل ۽ ڇٻرون هيون. ان ۾ ايتريون گهڻيون جنسون (Speceis) نه هيون، جيتريون ڪراچيءَ جي زو ۾ آهن. پر گوريلا مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هتي ڏٺا. ڪارا ڪارا ڪٺ، هيبتناڪ، پر سُست، ائين پئي لڳو ته گوريلا نه پر گوريلن جا بت آهن. چرپر خير ڪا پئي ڪيائون.

العين جو مڇي گهر ڪراچيءَ جي مڇي گهر کان وڏو ته آهي، پر ان ۾ مڇين جا اهي مختلف رنگبرنگي ۽ خوبصورت نمونا ڪونه آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي مڇي گهر ۾ آهن. هتي هڪ هڪ شوڪيس شاهي، پر مڇين جا نمونا تمام ٿورا- ۽ سي به ايڏا خوبصورت نه.

ٻارن کي ننڍڙيءَ ريل جو سفر ڪرائي، پرڀائي، مس مس ٻاهر ڪڍيوسين.

ٻاهر نڪتاسين ته در تي پشم گولن وارو بيٺو هو. موهن گيهاڻيءَ مون کي ۽ قمر کي چيو ته ”ٻيا ٻار ڪجهه چون نه چون پر شُرتي ضرور پشم گولن جي فرمائش ڪندي.“

۽ ٿيو به ائين، شرتي جيئن ئي ٻاهر نڪتي، پشم واري کي ڏسي ڊوڙي موهن وٽ آئي، ۽ کيس ڪن ۾ ڪجهه چيائين، موهن اسان ڏي نهاري مرڪيو. ڄڻ چوندو هجي. ’مون ٺيڪ ٿي چيو نه؟‘ ۽ پوءِ موهن، شرتيءَ هٿان سڀني ننڍن توڙي وڏن لاءِ پشم گولا موڪليا.

هر ڪنهن ٻار جي طبيعت نرالي آهي. هر ٻار توڙي وڏي جا پنهنجا پنهنجا لاڙا، پنهنجي پنهنجي پسند ۽ پنهنجي پنهنجي ناپسند آهي.

بس ۾ پشم گولا کائيندي ننڍپڻ ياد اچي ويو. پشم گولا، نرم نرم، لذيذ، وات ۾ وجهه، چٻاڙڻ کان سواءِ، آهستي آهستي پاڻهي ڳري وڃن. ڳرندا وڃن، مٺاڻ اوتيندا وڃن.

موهن گيهاڻيءَ پشم گولن سان ته ننڍپڻ ياد ڏياريو، پر ان کان به وڌيڪ مٺاڻ جي ذريعي به ننڍپڻ ياد ڏياريو. مون کانئس پڇيو، ”تون ڪٿي رهندو هئين؟“

هن ڪراچيءَ جي جمشيد روڊ تي هڪ جاءِ جو ڏس ڏنو.

”پڙهندو ڪٿي هئين؟“

هن هڪ اسڪول جو ٻڌايو.

”شام جو راند ڪٿي ڪندو هئين.“

هن جنهن ميدان جو ڏس ڏنو، مون ڇرڪ ڀريو. ”ڇا تون روز شام جو اتي ايندو هئين؟“

”ها مان ايندو هئس.“ موهن چيو.

”ارجن؟“

”ها ارجن!“

پوءِ مون کي خبر پيئي ته موهن مون کان ڪجهه ننڍو آهي، پر اسان ٻنهي، 48- 1946ع ۾، ڪراچيءَ ۾ گڏ رانديون کيڏيون آهن.“

موهيءَ رڙ ڪري سڀني کي ٻڌايو، ”موهن ۽ تنوير ننڍي هوندي ساڳئي ميدان ۾ گڏ رانديون کيڏيون آهن.“ ۽ اسان ٻنهي اٿي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتو، ننڍپڻ جا يار، چاليهن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ مليا. وري ڳوڙها، وري ڳراٽيون، وري ٽهڪ، شال وري وري ملون. شال ملي وري نه وڇڙون.

العين ۾ ٺهيل فن سٽي (Fun City) آمريڪا جي ڊزني لئنڊ جي طرز تي ٺاهي اٿائون، پر ان ۾ به عربن پنهنجي اصلي ثقافت قائم رکي آهي. هيءُ شهر ميلن تي پکڙيل آهي. ريستوران ۽ شيڊ خوبصورت تنبن جي نموني تي ٺهيل. اهڙيءَ طرح عربن جو خانه بدوش بدوي سماج اکين آڏو اچي وڃي. پر انهن تنبن وانگر ٺهيل عمارتن ۾ جديد زندگيءَ جي هر سهوليت موجود، پري کان ڏسو ته هيءَ ريتسوران تنبوءَ ۾ آهي، ان ۾ ڇا هوندو، پر اندر وڃو ته خوبصورت آرام دهه فرنيچر، ايئرڪنڊيشن! جديد يورپي طرز جا باٿ روم.

فن سٽيءَ ۾ ساوڪ ئي ساوڪ آهي، وسيع ڇٻرون وڏا وڏا وڻ، عجب لڳو جو هتي ٻٻرن جي وڻ جو به وڏو مان آهي. فن سٽيءَ ۾، توڙي دبئيءَ جي رستن تي ٻٻر جي وڻن جي چوڌاري عاليشان ۽ سهڻا ٿلها (Plateform) ٺهيل هئا، جيئن اسان وٽ چمپا، سمبل ۽ ٻين سينگار جي وڻن (Decorative Plants) کي هوندا آهن، اتي سنڌيءَ جا اها چوڻي بلڪل ٺهڪي آئي، جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت. پر ٻٻر قد ۾ ته ڪانڊيري کان سو دفعا وڏو آهي، ۽ وڻ به آهي!

هڪ نقلي ڍنڍ ٺاهي اٿائون، ڏاڍي سهڻي. هنڌ هنڌ ان نقلي ڍنڍ مٿان خوبصورت ڊزائين واريون پليون.

اسان هڪ تنبو نما ريستوران ڀرسان، هڪ ڪشاديءَ ڇٻر تي چادرون وڇائي پڪنڪ جي شروعات ڪئي.

گهمڻ نڪتاسين. عجب قسم جا چوڏيل ۽ ميري گورائونڊ، چيائون پئي ته اهو فن سٽيءَ ميلن ۾ آهي، اسان ٿوري دير چڪر هڻي ٿڪجي اچي چادرن تي ليٽياسين، وري ٻار وٺي ويا.

شيام، موتيءَ، مون، گوپ ۽ موهن پئي ڪچهريون ڪيون ۽ ٻار پئي قسم قسم جي چوڏيلن تي چڙهيا، هڪ ريل گاڏي ڏاڍي خطرناڪ هئي، ريل جو پٽو ور وڪڙ. اوچتي اتانهين چاڙهي، اوچتي اتانهين لاهي. مٿي آسمان ڏي وڃي وري اوچتو هيٺ پاتال ۾ ڪري. هڪ هنڌ ان ريل جو پٽو سائيڪل جي ڦيٿي وانگر گول، ريل مٿي چڙهي صفا اُبتي ٿي وڃي. ويٺلن جون ٽنگون مٿي، ۽ مٿو هيٺ. صفا ابتا. اسان کي پريان بيٺي ڏسندي ئي ڊپ پئي ٿيو، پر ٻارن مزو پئي ورتو.

منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿيو. موٽي ڇٻر تي وڇايل چادرن تي آياسين. وندنا ۽ روپ دال پوريون ڪڍيون. اڄوڪي ڏينهن لاءِ قمر خاص دال پورين جي فرمائش ڪئي هئي. کليل هوا ۽ سهڻي ساٿ ۾ دال پورين ڏاڍو مزو ڏنو. چٽڻي ملي ته ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ جو مهراڻ جي پهرئين دور ۾ ڇپيل مضمون ’دال مصالحو چٽڻيءَ سان‘ ياد اچي ويو.

موتيءَ بس جي ڊرائيور کي سڏي دال پوريون ڏنيون. جڏهن ڊرائيور دال پوريون وٺي ويو، ته مون موتيءَ کي چيو، ”موتي، هيءُ ته پٺاڻ ٿو لڳي.“

موتيءَ وراڻيو، ”ها، پٺاڻ آهي.“

مون چيو، ”مسلمان ضرور هوندو.“

”ها، مسلمان، پاڪستاني مسلمان.“ موتيءَ وراڻيو.

”پاڪستاني مسلمان، سو به پٺاڻ. ان لاءِ ته دال گار برابر آهي.“

اها خبر موتيءَ کي نه هئي. چيومانس، ”آئنده پاڪستاني مسلمان ۽ پٺاڻ کي دال نه کارائجانءِ.“

ان تي مون کي هڪ لطيفو ياد آيو. سلطان ڪوٽ جو هڪ سنڌي پٺاڻ هو ۽ پٺاڻ هئڻ ڪري پڪو مسلمان هو ۽ دال کان ونءُ ويندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڍي بک لڳل هئس. گهر اچي زال کان پڇيائين، ”ڇا چاڙهيو اٿئي.“ زال وراڻيس، ”دال گوشت.“ همراهه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ ديڳڙو ڦيرائي کڻي ڀِت سان هنيائين. زال کي چيائين، ”دال ۽ گوشت- اشراف ۽ ڪميني کي تو گڏ وهاريو آهي. خبردار جو وري دال گوشت چاڙهيو اٿئي.“

اهو لطيفو مون هڪ تقرير ۾ به ٻڌايو هو، ۽ ان جي تشبيهه ان دور سان ڏني هيم، جڏهن مارشل لا به هو ته چونڊون ٿين پيون. اصل دال گوشت گڏ هئا.

ماني کائي ٻيا ته گهمڻ ويا. مان ۽ موتي پنهنجون پنهنجون عينڪون لاهي، چادرن تي ليٽي پياسين ۽ اکيون ٻوٽي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳاسين. پر ننڊ ڪيئن اچي. ڀرسان ٿنڀن ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪرن مان زور زور سان عربي گانا وڄي رهيا هئا ۽ اهڙا لائوڊ اسپيڪر، فن سٽيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لڳل هئا، انهن مان نماز وقت ٻانگ ۽ باقي وقت عربي موسيقي پئي ٻڌڻ ۾ آئي. مون ننڊ جي پچر ڇڏي، ۽ گهمڻ نڪري ويس، پر موتي سامان جي سنڀال جو بهانو ڪري اکيون ٻوٽي ليٽيو رهيو. جيتوڻيڪ سامان چوري ٿيڻ ناممڪن هو. موهن گيهاڻيءَ ٻڌايو ته سندس گهر جي ڪنجي گم ٿي ويئي. هنن کي ڪوبه چاٻي ٺاهڻ وارو نه مليو، ڇو ته هن ملڪ ۾ ڪلف جي ڪنجي ٺاهڻ وڏو ڏوهه آهي. لاچار هنن تالو ڀڳو ۽ جيسين نئون تالي وارو هئنڊل فِٽ ڪرائين. تيسين ٻه ٽي ڏينهن گهر بنا ڪلف جي ڇڏي هليا ويندا هئا، ته به چوري نه ٿين. مان ۽ قمر پڻ هوٽل جي ڪمري ۾ سامان، زيور ۽ پئسا ڇڏي ويندا هئاسين. پر ڪڏهن به هڪ ڪَکُ به هيٺ مٿي نه ٿيو.

سانجهيءَ جو سامان ويڙهي، بس ۾ واپس ورياسين. دُشي ۽ جئه ڳالهيون ڪندا هليا. کلائيندا هليا. جئه، ڊگهو سنهڙو، شيام وانگر سانورو. ٻئي ڇوڪرا کلمک، لطيفن تي لطيفا ٻڌائيندا وڃن، کلندا کلائيندا وڃن. هنن پنهنجا ملبارين سان ڪيل عملي لطيفا (Practicl Jokes) ٻڌايا. هو ٻئي ملبارين کي ڏاڍو چيڙائيندا آهن، العين جا ملباري به هنن کان بچيل ڪونه هئا. بس مان ويٺي، هڪ دڪان ڏي اشارو ڪري هڪ ٻئي کي ياد ڏياريائون ته ان ملباريءَ کي ڪيئن نه چيڙايو هيوسين.

کِلندا کِلندا رات جو واپس دبئي پهتاسين. ٻيا سڀ دوست ٿڪل هجڻ جي ڪري پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا، رڳو مان، شيام ۽ قمر موتيءَ جي گهر وياسين.

رات جي مانيءَ تي ٿوري محفل ڄمي. ٿَڪ سبب ننڊاکڙا هئاسين، پر تنهن هوندي به پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهياسين. ڪهڙا ٿَڪ، ڇا جي ننڊ. وري ڪو موتيءَ، ڪلا ۽ شيام جو ساٿ ملندو ڇا؟ هن ڪچهريءَ ۾، اسان سان موتيءَ ۽ ڪلا جا ٻار، سنڌو ۽ شري به شامل ٿيا. سنڌوءَ ۽ شريءَ کي مان ۽ قمر تڏهن کان سڃاڻون، جڏهن ڪلا ’ممتا جو لهرون‘ لکيون. اهو ڪتاب 1963- 64ع ڌاري ڇپيو. ڪلا جو پنهنجي ٻارن جي باري ۾ لکيل اهو ڪتاب ماءُ جي جذبي (Motherly Instina) تي بهترين ۽ انوکو ڪتاب آهي. ان ڪتاب تي قمر تبصرو به ڪيو هو، جيڪو ’ڪونج‘ ۾ ڇپيو هو.

ٻئي لڄارا- پر نئينءَ ٽهيءَ واري حقيقت پسند سوچ رکندڙ. وقت ڪيڏو نه وڌي ويو آهي. ’ممتا جي لهرن‘ وارا ننڍڙا پتڪڙا ٻار، روشن سج جيان ڪاپار تي چڙهي آيا آهن. شال اها ٽهي نسري، اڳتي وڌي، اسان کان به اڳتي، ۽ ائين ئي ته ارتقا ۽ اوسر ٿيندي آهي سماج جي. هر ايندڙ ٽهي اڳيئن ٽهيءَ کان بهتر هجڻ گهرجي. جي ائين نه ٿيندو ته تاريخ اڳتي نه وڌندي. سماج اڳتي نه وڌندو انسانيت جي ارتقا بيهجي ويندي.

مون ۽ موتيءَ واري ٽهي حقيقت پسند هئي، پر رومانوي ۽ جذباتي، اسان وٽ Romantic Realism هئي. هن ٽهيءَ وٽ خالص حقيقت پسندي آهي.

شري سٺو شاعر آهي. پر هنديءَ ۾ شعر چوي. هن پنهنجا شعر ٻڌايا. سڀ شعر سٺا هئا، پر خاص ڪري هڪ سٽ هانو ۾ کُپي ويئي:

اس دور کي سيتا بهي ٿو عصمت فروش هٻي.

ٻئي ڏينهن قمر ۽ ڪلا جو پروگرام شاپنگ جو هو. هو شاپنگ تي ويون ته مان ۽ موهن گهمڻ نڪتاسين. مون کي بلئرڊ جو ڪِيو (Cue) وٺڻو هو ۽ هڪ نئون پائيپ. ايئن بزار ۾ چڪر ڏيندي اهي شيون پڇائيندا رهياسين. بزار ۾ هڪ هنڌ موهن کي سندس دوست مليو. مون کي ڏسي، موهن کان پڇيائين ته ”هيءُ ڪير آهي؟“

وري يڪدم چيائين، ”چڱو، تون نه ٻڌاءِ. مان سڃاڻي ويس. مان ٿو تو کي ٻڌايان، هيءُ موتي پرڪاش جو ڀاءُ آهي نه؟“

مون موهن کي چپ رهڻ جو اشارو ڪيو. مان ننهن کان چوٽيءَ تائين رڄِي ويس. منهنجو وار وار وائبريٽ (Vibrate) ڪرڻ لڳو. لرزي ۾ اچي ويو.

جڏهن هو دوست موڪلائي اڳتي وڌيو ته مون موهن کي چيو، ”موهن، مون ان ڪري توکي روڪيو ته تون هن جي ڳالهه جي ترديد نه ڪر، موتي ۽ مان اهڃاڻي طور تي ڀائر آهيون ئي.“

موهن چيو، ”ان ڪري ته ان رات مون تنهنجي ۽ موتيءَ جي باري ۾ هندستاني فلمن وارن جاڙن ڀائرن جو مثال ڏنو هو.“

موهن گيهاڻي سٺو نقاد آهي پر سندس تنقيد رڳو ادب تائين محدود نه آهي. ادب کان سواءِ ڪپڙو لٽو، رهڻ ڪرڻ، کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻهن. هر ڳالهه ۾ سندس ذوق نفيس آهي. ڪپڙو وٺبو ته ان تي به تنقيد ڪندو، ته هن ۾ هيءَ خامي آهي. هن ۾ هيءَ خوبي هجي ها. بوٽ وٺبو ته اُن تي به تبصرو ڪندو. پاڻ ڪا شيءِ خريد ڪندو ته ڀلي مهانگي هجي، پر هجي اعليٰ قسم جي، بي عيب. سندس اصول آهي ته چئن ردي قميصن کان هڪ سٺي قميص بهتر آهي. دوستن ۽ عزيزن لاءِ ڪا شيءِ سوکڙيءَ طور وٺندو ته اها به اعلي قسم جي.

دبئي گهمياسين ته هن چيو ته هلو ته اڄ ’ديري‘ هلون. دبئيءَ جا ٻه حصا آهن. هڪ ’پار دبئي‘ ٻيو ’ديرو‘. پار دبئي کي عرب ’بار دبئي‘ چون، ڇو ته عربيءَ ۾ (پ) آهي ئي ڪونه. عربن جي شهر تي اهو نالو به ٻاهرين جي ڪري پيو. پار دبئي ۽ ديري جي وچ ۾ هڪ سامونڊي کارِي (Creek) آهي. جنهن جي مٿان پليون، ته هيٺان هڪ سرنگهه (Tunnel) ۽ مٿاڇري تي جهاز، ٻيڙيون ۽ لانچون آهن، جيڪي شهر جي ٻنهي حصن کي ڳنڍين ٿيون.

منجهند کان پوءِ ديري وڃڻ جو پروگرام رٿيوسين. منجهند جو قمر کي ساڻ وٺي، ٽئڪسي ڪري ديري وياسين. دبئيءَ ۾ پهريون دفعو ٽئڪسيءَ جي ضرورت ٿي، پار دبئي ته پنڌ ئي گهمي وٺجي ٿي، پر ديري لاءِ ٽئڪسيءَ جي ضرورت پيش آئي، جو ڪجهه پرڀرو پنڌ آهي. ٽئڪسي سرنگهه ۾ گهڙي، سرنگهه ايتري روشن جو اُن ۾ هر شي نظر اچي، ان ۾ هوا ڪڍندڙ پکا ايترا نه لڳل هئا جو گهٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس ئي نه ٿئي.

دبئيءَ ۾ ٻه ڳالهيون عجيب لڳيون، هڪ ته اُتي ريل، بس يا ٻي Public Transport آهي ئي ڪونه، رڳو ٽئڪسيون. بسون جي آهن، ته ڪن ادارن يا اسڪولن جون، جيڪي ملازمن يا شاگردن کي گهر تان کڻن ۽ گهر تي پهچائن. ان جو سبب آهي پيٽرول ۽ ڪارين جي سستائي. گهڻن ماڻهن کي پنهنجيون ڪاريون آهن. جن وٽ ناهن، اهي سولائي سان ٽئڪسي ڀاڙي ڪري سگهن ٿا، جو پيٽرول جي سستائيءَ سبب ٽيڪسين جا ڀاڙا گهٽ آهن.

ٻي عجيب ڳالهه، جنهن جو سبب سمجهه ۾ نه آيو. اها آهي ٽپال جو نظام، هن ملڪ ۾ ٽپاليءَ جو وجود ئي ڪونهي، جيڪو گهر گهر وڃي خط، پارسل، رجسٽريون، مني آرڊر ۽ وي پيون ورهائي. جنهن ماڻهوءَ کان ائڊريس پڇ اهو پوسٽ باڪس نمبر ٻڌائي. سڀني جي ٽپال پوسٽ آفيس وارا ان پوسٽ باڪس ۾ وجهن، جتان هو پاڻ کڻي اچي يا ماڻهو موڪلي گهرائي وٺي.

موهن، مان ۽ قمر ديري جي وڏي ۾ وڏي شاپنگ سينٽر ۾ پهتاسين. منهنجا طاق لڳي ويا. قمر چيو، ”هيءُ ته لنڊن جي برنيٽ ڪراس کان به وڌيڪ آهي. سنگ مرمر جا لسا چمڪندڙ فرش، روشنين- رنگبرنگي روشنين سان سينگاريل، هڪ ٻئي کان مختلف ڊزائين وارا ڦوهارا، ائين لڳو ڄڻ پاڻيءَ سان گڏ خوبصورت ڳاڙهيون سايون ۽ سونهري روشنيون انهن ڦوهارن مان نڪري، مٿي اڇل کائي وٺي ڪري رهيون هيون. هر شيءَ موجود، بٽڻ ۽ سئي ڌاڳي کان وٺي موٽر ڪار تائين تائين، هر قسم جا شعبا هئا. هر قسم جا دڪان هئا. بوٽ، ڪپڙا، راندين جو سامان، کاڌي جو سامان، گوشت، ڀاڄيون، ميوا، هڪ ئي ڇت هيٺان ماڻهو ضرورت جو سمورو سامان خريد ڪري سگهي.

مان ۽ موهن گهمندا گهمندا ڪتابن جي دڪان تي پهتاسين. گهڻو تڻو عربي ڪتاب هئا. عربن جي تاريخ متعلق ڪجهه ناول ۽ افسانا. ٽيڪنيڪل ڪتاب عربيءَ ۾ بلڪل نه هئا. ڪجهه انگريزي ڪتاب هئا. عربي ڪلچر، تاريخ جي باري ۾. ڪجهه عربن جا لکيل ڪجهه يورپين جا. ڪجهه مشهور ڪلاسيڪي انگريزي ادب جا ڪتاب، پر گهڻو حصو جاسوسي ۽ مارا ماريءَ وارن ڪتابن جو هو. موهن ٻڌايو ته هتي ڪتابن تي، ۽ فلمن جي ڪئسيٽن تي سخت سينسرشپ ٿيندي آهي. مون کي لڳو ته هتي جي سينسرشپ اسان جي ملڪ کان به وڌيڪ سخت آهي.

مون کي نئون تماڪ ڇڪڻ جو پائيپ ۽ بلئرڊ کيڏڻ جو ڪيو وٺڻو هو. ان ڪري دڪان گهمندا رهياسين. قمر کي پنهنجي ليکي اڪيلو ڇڏي ڏنوسين، جيئن هوءَ پنهنجي پسند جون شيون چونڊي سگهي. گهمي گهمي ٿڪجي پياسين. مان ۽ موهن قمر جي انتظار ڪرڻ لاءِ اچي هڪ ريستوران ۾ ويٺاسين.

مون موهن کي چيو، ”قمر جي عادت آهي ته سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ بزار بند ڪرائي پوءِ موٽندي آهي. جڏهن پوليس وارا سيٽيون وڄائي دڪان بند ڪرائيندا آهن، تڏهن قمر شاپنگ جي پچر ڇڏيندي آهي.“

ٿيو به ائين، جڏهين سپر مارڪيٽ بند ٿيڻ لڳو، تڏهن قمر ظاهر ٿي شڪايت اها ته ”اڃا ڪيتريون شيون رهجي ويون آهن. سڀاڻي وري اينداسين.“

مون ۽ موهن هڪ ٻئي ڏي نهاري مرڪيو ۽ قمر لاءِ ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. فارسيءَ ۾ چوندا آهن:

ڪند هم جنس باهم جنس پرواز

ڪبوتر با ڪبوتر باز با باز

قمر کي ڪافي ڏاڍي وڻندي آهي، ان ڪري مان چوندو آهيان.

ڪند هم رنگ باهم رنگ پرواز

موهن کي ان ڏينهن هڪ اڇي کاڌيءَ جهڙي ڪپڙي جو نفيس ۽ شاندار ڪوٽ ڏاڍو وڻيو. اٽڪل اڍائي هزار روپين جو هو. وٺي نه سگهيو. ان ڪري ڏک ٿيس. پر پڪ اٿم ته اڄ تائين وٺي چڪو هوندو.

ٻيو ڏينهن دبئيءَ ۾ اسان جو آخري ڏينهن هو. اسان کي ويزا ستن ڏينهن جي هئي، پر اسان واريءَ ايئر لائين جي اڏام اٺين ڏينهن هئي. هڪ ڏينهن لاءِ ويزا جو مدو وڌرائڻو پيو. پاسپورٽون ويزا آفيس ويل هيون. موتيءَ پڪ ڏني هئي ته وقت سر پاسپورٽون ملي وينديون. اسان سامان ٻڌي رکيو. اسان ۽ دوست سڀ اداس هئاسين. ان ڏينهن منجهند جو 3 وڳي ڌاري موتيءَ جي فون آئي ”ويزا تي صحيح ڪرڻ وارو عرب آفيسر موڪل تي ويل آهي. ان ڪري توهان نه وڃي سگندؤ.“

مون چيومانس، ”يار موتي ڪجهه نه ڪجهه ڪر. الاهي ڏينهن ٿي ويا آهن.“

شام جو سڀ دوست آيا، جڏهن خبر پين ته اسان نه ٿا وڃون ته خوشيءَ جا نعرا هڻڻ لڳا، اسان به سندن سڪ خلوص ۽ قرب خاطر خوشيءَ سان انهن حالتن سان ذهني ٺاهه ڪيو.

شام جو اسان جي ئي هوٽل ۾ دوستن ڊنر ڏني هئي. ميزبان هئا موهن شرما، صاحب لال بجاج. سڀ دبئيءَ جا وڏا بزنيس مين هئا، ڏاڍي پاٻوهه ۽ قرب جو اظهار ڪيائون. ننڍڙو مشاعرو به ٿيو، شيام موتيءَ مون ۽ ٻين دوستن شعر پڙهيا. خوبصورتيءَ سان سينگاريل لذيذ طعامن واري ڊنر ٽيبل تي ماني کاڌي سين.

ٻئي ڏينهن قمر جئه سان بزار ويئي. قمر جي فطرت هر عمر جي ماڻهن سان ٺهڪي اچي، خاص ڪري ٻارن سان. هر ڪنهن سان کلمک، دشي ۽ جئه قمر سان اهڙو هري ويا جو گهڙي گهڙيءَ وتن پيا آنٽي آنٽي ڪندا.

قمر بزار مان موٽي اچي ٻڌايو ته اڄ هڪ ريستوران ۾ هڪ عجيب نظارو ڏٺو هيائين. هوٽل جو بئرو، گراهڪن اڳيان ٿالهيون رکي ويو، پوءِ جنهن گراهڪ جي ٿالهي خالي پئي ٿئي، ان ۾ بنا گهرڻ جي ڀاڄي يا ٻوڙ وجهندو وڃي، ٻوڙ جا ڪرمنڊل هٿ ۾ کنيو هڪ ٽيبل کان ٻئي تي ڦرندو وتي. بلڪل ائين پيو ماني کارائي. جيئن ماءُ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کارائيندي آهي.“

دوستن چيو ته اها گجراتين جي هوٽل هوندي، گجراتي بلڪل انهي نموني کاڌو کارائيندا آهن.

هونءَ ته روز موتيءَ جي گهر ڪلا جي هٿن جا کاڌا کائيندا هئاسين، جنهن ۾ ڪلا جي سڪ جي سڳنڌ ۽ قرب جي لذت هوندي هئي. ڪلا روز نوان نوان ۽ لذيذ کاڌا، مختلف قسمن جا ٺاهيندي هئي، ۽ هر هڪ مان رڳو چکي ئي سگهندا هئاسين. ايترا ته طعام هوندا هئا، جو هڪ هڪ گرهه مس کڻي سگهندا هئاسين. ڪلا کي منهنجي پسند جو به خاص خيال هو. خبر پيس ته مون کي مڇي وڻندي آهي، ته مڇي تيار. جي قمر چيو ته جهينگا پسند ڪندو آهي ته ٻئي ڏينهن ٽيبل تي جهينگا موجود. ڪلا ۽ موتيءَ وٽان ايڏو قرب مليو، جو اُن جي موٽ ڏيڻ ممڪن ئي نه آهي.

ان ڏينهن ڪلا کي ان ڳالهه تي راضي ڪيوسين ته هڪ منجهند جي ماني ان گجراتي هوٽل ۾ کائجي ۽ اهو نظارو ڏسجي، ته هي بئرا ڪيئن پيار سان ٿا ماني کارائين.

شام جو عطا سان پروگرام رکيوسين. ديري وڃي، قمر پنهنجي شاپنگ جي هانوَ تي ڪجهه ڇنڊا وڌا، رات جو عطا طرفان ماني هئي، جنهن ۾ سڀ دوست موجود هئا. سڀني دوستن جو قرب هڪ ٻئي کان وڌ هو. سڀني وٽ هڪ جهڙو خلوص. ساڳيا پيار. پوءِ اهو دوست هند جو هجي يا سنڌ جو.

ٻئي ڏينهن پروگرام ايئن ٺهيو، شام جو ته مان ۽ موهن پائيپ ۽ بلئرڊ جو ڪِئيو خريد ڪرڻ وڃون، ته قمر، ڪلا ۽ روپ سان شاپنگ ڪري. ان کان اڳ صبوح جو دبئيءَ جو پراڻو قلعو ڏسجي، ۽ منجهند جي ماني گجراتيءَ جي هوٽل ۾ کائجي.

صبوح جو آرام سان اٿياسين. موهن، مان، قمر ۽ ٻيا دوست قلعو ڏسڻ وياسين.

سڄيءَ دبئيءَ ۾ جديد عمارتن جي وچ ۾ قلعي جي بلند عمارت، جديد ۽ قديم جو تضاد اُڀاري رهي هئي. ان عمارت کان سواءِ، سڄيءَ دبئي ۾ رڳو اسان ٻه ٽي قديم طرز جون عمارتون ڏٺيون. جيڪي موهن ڳولي ڳولي، سنهڙين گهٽين ۾ وٺي وڃي اسان کي ڏيکاريون. اهي پٿر جون هيون، ۽ مٿانئن ڪيل گچ جو ليپو، انهن کي قدامت جو تاثر ڏيتي رهيو هو. در دريون ڪڙا ڪنڍا سڀ قديم. موهيءَ انهن عمارتن جي باري ۾ چيو ته، ”هيءَ به ٿورن ڏينهن جون مهمان آهن، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هنن مان هر هڪ جي جاءِ تي ڪانه ڪا جديد گهڻ ماڙ عمارت هوندي.“

گهمندي گهمندي اچي کاريءَ (Creek) جي بندر تي بيٺاسين. کاري ته سمنڊ جو ئي حصو آهي. پر هتي درياهه جيتري مس پئي لڳي. اڳتي وڃي سوڙهي ٿيندي، تان جو ختم. جيئن ڪراچيءَ ۾ نيٽي جيٽي. کاريءَ ۾ ڊونڊيون، هؤڙا، لانچون ۽ جهاز بيٺا هئا. ٻڌايائون ته هن بندر تان لانچون ڪراچيءَ تائين وڃن ٿيون. ڪي مسافر کڻن ۽ ڪي سامان (Cargo) ڪراچيءَ پهچڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويندا آهن. گهمندي گهمندي اچي دبئيءَ جي قديم قلعي وٽ پهتاسين، جنهن کي بزار مان لنگهندي روز پري کان ڏسندا هئاسين.

دبئيءَ جو قلعو قديم آهي پر ننڍو. ڪوٽ ڏيجيءَ جي قلعي جي چوٿين حصي جيترو مس ٿيندو. در مضبوط ڪاٺ جو، قديم طرز جو اٿس. قلعي ۾، اتان جي قديم آثارن جو ميوزيم آهي. اندر گهڙياسين ته عرب آفيسر موهن کي ٽڪيٽون ئي نه ڏئي. چيائين قلعي ۽ ميوزيم بند ٿيڻ ۾ باقي ويهه منٽ آهن، ۽ اوهان ويهن منٽن ۾ نه موٽندو، ان ڪري ٽڪيٽون نه ملنديون. اوهان جي ڪري اسان کي وڌيڪ وقت ويهڻو پوندو.

جڏهن قسم کڻي پڪ ڏياريسين ته هڪ منٽ به دير نه ڪنداسين، تڏهن مس مس ٽڪيٽون ڏنائون.

اندر گهڙڻ سان دبئي شهر جا پراڻا ۽ نوان نقشا ۽ فوٽا هئا، پندرهن سال اڳ واريءَ دبئي جو نقشو. اڄ جي دبئيءَ جو نقشو. پندرهن سال اڳ واري شهر جو فوٽو ۽ اڄ واري شهر جو فوٽو. عجب لڳو ته هن شهر ٿوري عرصي ۾ حيرت انگريز ترقي ڪئي آهي، ۽ هڪ معمولي ڪچي ننڍري ڳوٺڙي مان وڌي هڪ جديد بين الاقوامي شهر بنجي ويو آهي.

ميوزيم ۾ ڪجهه اڳتي سندن پراڻيءَ تهذيب جا يادگار، لباس، زيور، هٿيار، اٺن جا پاکڙا، ۽ ٻيا ساز سامان پيل هئا، لڳو پئي ته عربن جي ثقافت ۾ اُٺ ۽ عقاب کي وڏي اهميت آهي.

قلعي اندر، هڪ جهوپڙي روايتي عربي گهر وانگر سينگاريل هئي، ان ۾ تڏا، طول وهاڻو، ٿانو، ۽ ٻيون گهر جي استعمال جون شيون پيل هيون.

هڪ ڪمري ۾ سامونڊي شين جو ذخيرو هو. پراڻي قسم جون ٻيڙيون، بتيلا. انهن جوساز سامان، مڇيءَ ڦاسائڻ جي ڪنڍين جا مختلف قسم ۽ سائيز، ڄار، سپيون، ڪوڏ، اڃا اسان ان ڪمري ۾ گهڙياسين ته ان جي سنڀاليندڙ عرب تيز اکين ۽ تيز لهجي سان اسان کي نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ واچ ڏي اشارو ڪيائين. باقي چار منٽ بچيا هئا. ان عرب جي هندستاني زيردست اسان کي چيو ته ڀلي آرام سان گهمون. ان تي عرب آفيسر دڙڪو ڏنس، جنهن جو جواب هندستانيءَ به دڙڪي سان ڏنو. اسان جهيڙي کان پريشان ٿي، کين چيو ته وڙهو نه، اسان وڃي رهيا آهيون.

ٻاهر نڪڙڻ وقت ڏٺوسين ته سنڀاليندڙ وٽ ان قلعي توڙي امارتن جي قديم آثارن جي باري ۾ ڪي ئي ڪتاب وڪري لاءِ پيا هئا، پر عرب آفيسر وقت پوري ٿيڻ سبب انهن کي هٿ لائڻ ته ڇا، بيهي ڏسڻ به نه پيا ڏين.

قلعي مان هڪالجي موهيءَ جي پيار ڀرئي ضد تي سندس گهر وياسين. گهڙي کن مانجهاندو ڪري، جسم ۽ ذهن جو ٿڪُ لاهي، اچي گجراتيءَ جي هوٽل تي ديرو ڄمايوسين.

اهڙو قربائتو ورتاءُ، سڄيءَ عمر ۾ ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ به نه مليو. هن وڏين هوٽلن ۾ مصنوعي آڌر ڀاءُ ۽ ادب، ۽ مشيني مرڪ هوندي آهي. هتي هر شيءِ اصلي پئي لڳي. لڳي نه پئي پر اصلي هئي.

بئرو سڀني لاءِ ٿالهيون کڻي آيو. يعني ٽري ۾ پيل ننڍڙين ننڍڙين پليٽن ۾ ٻوڙن ۽ ڀاڄين جا مختلف نمونا، هڪ ڦلڪو تازر لٿل ۽ گرم. اهو کائي بس ڪر ته اهڙو ئي ٻيو ڦلڪو ٿالهيءَ ۾ رکندو وڃي. ڏهي، آچار ۽ پاپڙ، ٻوڙن ۽ ڀاڄين کان سواءِ. ڪنهن به ٻوڙ يا ڀاڄيءَ جي پليٽ خالي ٿئي ته بنا چوڻ جي نا کي ڀريندو وڃي. بس تڏهن ڪن جڏهن کائڻ وارو توبنهه ڪري. اهڙي پيار سان ماني کارائين جو خبر ئي نه پوي ته هوٽل ۾ آهيون يا گهر ۾.

ماني کائي، پنهنجي ڪمري ۾ ٿوري دير آجهاپ ڪري، مان، شيام، قمر ۽ موهن، رام بخشاڻيءَ وٽ وياسين، جنهن اسان کي چانهه تي سڏايو هو.

رام بخشاڻي ڪيترن ئي ڪمپنين جو مالڪ آهي. هو دبئيءَ جي ڌنڌي تي ڇانيل آهي. ڏاڍو مصروف آهي، پر ان هوندي به هن اسان لاءِ ٿورو وقت ڪڍيو.

تمام مهذب، شائستو ۽ قربائتو. سنڌ جا احوال ورتائين. ٻڌي چيائين ته ”يار، هندستان ۾ به ساڳيا حال آهن. پر ڏس، هتي دبئيءَ ۾ ڪيئن سڌري ويا آهيون. هاڻي به هندستان ۾ ڪار هلائبي ته بيپرواهيءَ سان، پر هتي ائين نٿا ڪريون. فضيلت سان ٿا هلايون. قاعدو قانون سخت آهي نه.“

رام بخشاڻيءَ جي اصلي واقفيت سنڌ ۾ موٽي اچڻ تي ٿي. اسان هن کي رڳو بزنيس مئن سمجهيو هو. سنڌ ۾ موتيءَ جا ڏنل سنڌي ڊرامن جا ڪئسيٽ ڏٺاسين. جيڪي تازو دبئيءَ ۾ اسٽيج ڪيا ويا هئا، ته رام بخشاڻي ٻنهي ڊرامن ۾ موجود، هڪ ۾ هن رٽائر فوجيءَ جو، ته ٻئي ۾ وياج خور جو رول ڪيو آهي. ٻئي رول خوب ڪيا اٿائين. هڪ ڊرامي ۾ موتيءَ پڻ سٺو ڪم ڪيو آهي. ٻئي ڊراما ڏسي لڳو ته ههڙو مصروف ماڻهو ۽ خوشحال شخص، انهن ڊرامن ۾ ريهرسل ۽ ائڪٽنگ لاءِ وقت ڪڍي، اها وڏي ڳالهه آهي. اها سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان محبت آهي. اها خبر ان وقت نه هئي، جڏهن رام بخشاڻيءَ جي چانهه پي رهيا هئاسين.

رات جي ماني صاحب لال بجاج وٽ هئي. صاحب لال بجاج ڊگهو، گورو، کلمک، ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ وارو. هن کي ڏسي مون کي ننڍپڻ جو دوست منوهر ياد اچي ويو. هي تازو دوست ٿيو هو، ان ڪري منوهر جيتري بي تڪلفي نه ٿي، پر تڏهن به ويجهائپ محسوس ٿي. هن ٻڌايو ته سندس والدين سنڌ ۾ آهن ۽ هو هر ڇهين مهيني سنڌ ۾ ايندو آهي. اياز، ڀٽيءَ فتاح ۽ ٻين دوستن کي سُڃاڻي. سنڌ ۾، هڪ دفعو هن کي بي ڏوهي جيل ۾ وڌائون. هندو سمجهي (جيئن جنگ جي وقت اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو آهي) ان کان پوءِ دبئي هليو آيو ۽ ڏاڍي مزي ۾ آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org