سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:17

ته انهيءَ وقت هندستان ۾ ٻه طبقا هئا. هڪڙو طبقو پرمار طبقو، جيڪو ڌاريو هئو- جيئن پهريون آريا آيا ته انهن مقامي ماڻهن کان پاڻ کي مٿي سمجهيو، انهن سان خلط ملط نه ٿيا. انهن کان الڳ رهيا. ساڳيءَ طرح هي حڪمران توڙي انهن جا سپاهي ۽ حاڪم طبقا، پاڻ کي هتان جي مقامي ماڻهوءَ کان مٿاهون سمجهڻ لڳا، ۽ اُن جي پرماريت ڪندا رهيا، انهن کان وصوليون ڪندا رهيا، پر اُنهن سان گڏ ملي هڪ ٿي نه سگهيا.

پهريون پهريون صوفي، جنهن هندستان جي سرزمين تي پير رکيو، شايد محمود غزنويءَ جي دور ۾، اهو هئو سيد علي هجويري، جنهن کي عام طرح ’داتا گنج بخش‘ چوندا آهن. هنن ماڻهن، يعني صوفين، اچڻ سان جيڪو پيغام ڏنو، اهو انسانيت جو هئو. هنن پهرين ڳالهه جيڪا ڦهلائي، اها هئي ”وحدت اديان.“ جن کي فلاسافيءَ جي ٻولي ۾ Pantheism چوندا آهن. يعني هر مذهب جيڪو آهي، اهو سچو آهي. ڪوبه مذهب ڪوڙو ڪونهي. ڪنهن به هڪ مذهب وارو ماڻهو ٻئي کان گهٽ ڪونهي. سڀني وٽ پرين آهي. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ويڇو نه وجهو. اها هڪ ڪوشش هئي ته انسان ۽ انسان جي وچ ۾، پرمار ڪندڙ طبقن جيڪو خال پيدا ڪيو هئو، اهو ڀريو وڃي.

داتا گنج بخش کان پوءِ سيد بختيار ڪاڪي، ان کان پوءِ بابا فريد گنج شڪر، خواجه معين الدين چشتي اجميري، جنهن کي عام ماڻهو خواجه غريب نواز چوندا هئا. ۽ اڃا تائين ماڻهو خواجه غريب نواز ٿا چون، ۽ ڳائيندا ٿا وتن ته:

خواجه غريب نواز ميري بهي جهولي ڀر دي.

ته ان کي غريب نواز سڏيندا هئا. ڇو ته هن غريب طبقن کي پنهنجو ڪيو. اهي غريب طبقا جيڪي هئا، سي مقامي ماڻهو هئا. پوءِ چاهي هندو هجن، چاهي مسلمان هجن. هڪڙو طبقو هئو پرماري طبقو. جيڪي ٻاهران آيا هئا. اهي جابرهئا. ظالم هئا، جيڪي زبردست هئا. جن جي هٿ ۾ تلوار هئي. جن جي هٿ ۾ حڪومت هئي. جن جي هٿ ۾ پئسو هئو. ۽ ٻيا غريب ماڻهو هئا. جن ۾ مسلمان به هئا ته غير مسلم به. اهي هئا هِتان جا مقامي ماڻهو. جن کي نه ڪو هئو فوج ۾ عهدو، نه ڪا حڪومت، نه زور، نه پئسو. رڳو پئي ڦُربا رهيا. ته خواجه معين الدين چشتيءَ انهن جو پاسو ورتو. اُن ڪري ان جو نالو پئجي ويو خواجه غريب نواز- ۽ اڃا تائين ماڻهو چوندا ٿا رهن ته:

خواجه غريب نواز ميري بهي جهولي ڀر دي.

انهن صوفين جو يڪو سلسلو هيو. قلندر شهباز سنڌ ۾ آيو. خواجه فريد گنج شڪر، جنهن جو گهڻو ڪلام سنڌيءَ ۾ آهي، ڇو ته اها پراڻي پنجابي سنڌيءَ سان گهڻي مشابهت ٿي رکي.

نظام الدين اولياءُ جي دور ۾ تاريخ جو هڪ عجيب واقعو ٿيو. نظام الدين اولياءُ چشتي طريقي جا هئا. جڏهن مسلمان هندستان ۾ آيا، ته ڏٺائون ته سڀئي لطيف فن هندو مذهب ۾ نه فقط جائز هئا، پر اهي مذهبي رسمن جو حصو هئا. مثلاً موسيقي ۽ راڳ هنن جي مذهب جو حصو هو. مندرن ۾ ڀڄن ڳائجن، ساز وڄائجن. شاعري هنن جي مذهب جو حصو. رامايڻ شعر ۾ آهي، ۽ ڀڄن، رام ڀڳتي، ڪرشن ڀڳتي سڄي شعر ۾ آهي. Sclupture يا سنگتراشي هنن جي مذهب جو حصو- ڊرامو هنن جي مذهب جو حصو، جيئن رام ليلا، ۽ ناچ هنن جي مذهب جو حصو، جيئن مندرن ۾ ٿيندو هئو. مصوري هنن جي مذهب جو حصو. مسلمانن جو مذهب بياباني سماج جو هئو. انڪري خشڪ. ان جي ڪٽر اڳواڻن وٽ شاعري، مصوري، سنگتراشي، موسيقي ناٽڪ ۽ ناچ سڀ منع هئا- صوفين ڏٺو ته هن سرزمين تي موسيقيءَ کي خدا تائين پهچڻ جو ذريعو ٿو سمجهيو وڃي، ۽ اها مذهبي تبليغ جو هڪ سٺو ذريعو آهي. ان ڪري چشتين نه فقط راڳ کي جائز قرار ڏنو، پر ان کي سماع جو نالو ڏيئي رائج ڪيائون. (امام غزالي جا خيال پڻ اهڙا آهن) ۽ سڀني چشتي درگاهن تي قوالي ۽ سماع رائج ٿيا.

سنڌ ۾، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي لکڻ موجب چشتي طريقو مقبول نه ٿيو. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست قادري طريقي جا هئا. ۽ اُن طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، پر شاهه لطيف مسجد ۾ سماع شروع ڪيو. سنڌ جا صوفي، چاهي ڪهڙي به طريقي جا هجن، پر عمل ۾ چشتي آهن ۽ راڳ هر درگاهه جو معمول آهي.

ته مون پئي چيو ته انهن چشتي طريقي جي بزرگن، جن ۾ نظام الدين اولياءُ به شامل هئو، چيو، ته سماع خدا تائين پهچڻ جو هڪ ذريعو آهي ۽ اسان سماع وسيلي خدا کي وڌيڪ ويجهو ٿيون ٿا. اُن تي جيڪي ٻيا ٺڪر ملان يا چئجي ته ٺيٺ ملان. جنهن کي انگريزيءَ ۾ Fundamentalist چوندا آهن، انهن فتوائون ڏنيون. نظام الدين اولياءُ هئو، غياث الدين تغلق جي وقت ۾. غياث الدين تغلق ان وقت مولوين جي هڪ ڪميشن مقرر ڪئي، جنهن ۾ پنج سو کان وڌيڪ مولوي هئا، جيڪي هندستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان گهرايا ويا هئا. انهن جي آڏو نظام الدين اولياءُ کي حاضر ٿيڻو پيو ۽ سوال جواب ڪرڻو پيو. عين ممڪن هئو ته شرعي طور تي نظام الدين اولياءُ کي تعزير يا سزا ڏني وڃي ها، يا هو ڇا به ڪن ها. بهرحال تاريخ اُن ڏس ۾ خاموش آهي. تاريخ ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه ڪانهي ته نظام الدين اولياءُ کي ڪا سزا ملي. پر مان سمجهان ٿو، ته نظام الدين اولياءُ کي عوام ۾ ايتري ته مقبوليت هئي، عام ماڻهوءَ جي اُن سان ايڏي ته همدردي هئي، جو وقت جي حڪومت کيس سزا ڏيڻ جي همت نه ساري سگهي.

ساڳي طرح سنڌ ۾ به ٿيو. شاهه لطيف تي کهڙن جي مخدومن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ساڳيا اعتراض ڪيا- سماع تي.

بهرحال هڪ طرف انٽليڪچوئل تحريڪون هيون، جن هتان جي مظلوم طبقن کي پنهنجي ويجهو آندو. خواجه معين الدين چشتي، بابا فريد گنج شڪر، نظام الدين اولياءُ، سليم چشتي- هنن سڀني جي باري ۾ چون ٿا ته غير مسلم به وڃي انهن جا مريد ۽ معتقد ٿيا. ته ٻئي طرف وقت جون حڪومتون، ۽ انهن جا ڪارندا، ۽ مذهبي، تعصبي اڳواڻ، پنهنجي پرماريت کي قائم رکڻ لاءِ جواز ڳوليندا رهيا.

اڪبر اعظم جي زماني تائين، صوفين جي تحريڪ ايترو ته عام ۽ مقبول ٿي ويئي، جو اڪبر، هندستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو، غير مسلمانن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. انهن سان شاديون ڪيائين، مذهبي مت ڀيد کي ختم ڪري، هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جهڙا حق ڏنائين. سنسڪرت ۽ هنديءَ جي فلسفي ۽ مذهب جي ڪتابن کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرايائين. هتان جي موسيقيءَ ۽ ٻين فنن کي همٿايائين. مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پهريون دفعو مقامي ماڻهن کي ڪجهه حق مليا، ۽ غير مسلمانن کي مذهبي آزادي.

پرماري طبقا، جيڪي ٻاهران آيل سپاهين ۽ مذهبي اڳواڻن تي ٻَڌل هئا، انهن جي سياسي توڙي اقتصادي هڪ هٽي ختم ٿي ويئي. هنن جي هٿن مان ڄڻ طوطا اُڏامي ويا. هنن پنهنجي ختم ٿيل هڪ هٽيءَ کي ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ جواز ڳولڻ شروع ڪيا. سڀ کان مضبوط جواز هئو مذهب. ڇو ته رڳو مذهب جي ذريعي ئي هو مقامي ماڻهن جي ايڪي کي ختم ڪري ٿي سگهيا، جيڪو ’وحدت الوجودي‘ صوفين جي ذريعي قائم ٿيو هئو. تان جو جهانگير جي وقت ۾ هڪ مذهبي اڳواڻ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو هئو شيخ احمد سرهندي، جنهن کي مجدد الف ثاني به چوندا آهن ۽ امام ربانيءَ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. ان تاريخ ۾ پهريون دفعو ’وحدت الوجود‘ جي فلسفي کي رد ڪري ’وحدت الشهود‘ جو فلسفو دنيا جي آڏو رکيو. حالانڪ ڇهن ستن سون سالن تائين ان کي ڪو به عالم چئلينچ ڪري نه سگهيو. پر هندستان ۾ پرماري طبقي جي ضرورتن هيٺ ’همه اوست‘ جي فلسفي کي چئلينج ڪرڻ ضروري ٿي پيو. صوفين جيڪا بي تعصبي ۽ مذهبي رواداري قائم ڪئي هئي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هنن لکيو ته غير مسلم جي ذلت اسلام جي عزت آهي. يعني جتي ڪو غير مسلم ڏسو ته ان کي ذليل ڪيو. اُن ۾ اسلام جي عزت آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته ’جڏهن مان مڪاشفي ۾ وهان ٿو ته منهنجو مقام حضرت ابوبڪر صديق کان وڌي ٿو وڃي.‘ اهو آهي يارهون مڪتوب امام ربانيءَ مجدد الف ثانيءَ جو.

اڃا ٻيون به عجيب ڳالهيون توهان کي ٻڌايان. ته مجدد الف ثاني چيو ته ’مئٿميٽڪس يا رياضي هڪڙو فضول علم آهي. ۽ سڄي جو سڄو رد ڪرڻ گهرجي‘- ٻئي هنڌ ٿو چوي ته ’فلسفو بيوقوفي آهي. ان ڪري ان جي ويجهو نه وڃو‘. اهي هئا خيال ان وقت جي عالم مجدد الف ثانيءَ جا. جنهن تاريخ ۾ ڪردار ادا ڪيو انهن ماڻهن جي لاءِ، جن جي هٿان ڦرلٽ جو سامان ڦرجي ويو هئو، جيئن ڪنهن کان طوطا ڇڏائجي ويندا آهن ۽ وري پنهنجي اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بي چين ٿي ويا هئا.

هلندي هلندي تاريخ اچي اورنگزيب تي پهتي. اورنگزيب جو ئي دور آهي، جنهن ڌاري، شاهه لطيف ڄائو. هيءُ سڄو پس منظر مون اُن ڪري ڏنو. جيئن توهان سمجهي سگهو ته شاهه لطيف جي ڄمڻ وقت ڪهڙيون حالتون هيون. ان کان اڳي ڇا ٿيو، تصوف ڇا هيو، ۽ ان وقت ڪهڙا ڪهڙا Forces هئا. ڪهڙيون ڪهڙيون طاقتون هيون، جيڪي هڪ ٻئي سان زور آزمائي ڪري رهيون هيون.

اورنگزيب اچڻ سان مجدد الف ثانيءَ فلسفي ۽ نظرين مطابق حڪومت قائم ڪئي. هن ان ڳالهه کي سامهون رکيو ته اسلام جي عزت غير مسلم جي ذلت ۾ آهي. ان ڪري هن حڪم جاري ڪيو ته غير مسلم جڏهن به ٽئڪس ڏئي ته ان جو هٿ هيٺان هجي، ۽ ٽئڪس وٺندڙ مسلمان جو هٿ مٿان. يعني اُتي به ان جي ذلت ٿئي. پئسا ڏيڻ وقت به. ٻيو تنهن کان پوءِ، برصغير جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اورنگزيب جي ئي وقت ۾ شيعا سِني فساد ٿيا. هن ڏکڻ هندستان جي شيعا حڪومتن کي به برداشت نه ڪيو. ان کان اڳ ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪڏهين به شيعا سني تعصب جو نشان نه ٿو ملي.

هاڻي وڏي ڳالهه، جو اورنگزيب جو ڀاءُ داراشڪوهه ’وحدت الوجودي‘ جي فلسفي جو مڃيندڙ هيو. هن هڪڙو ڪتاب لکيو ”مجمح البحرين“- تمام ننڍو ڪتاب آهي. ٽيهن صفحن جو. ان ۾ هو لکي ٿو ته ”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي.“ هن انهي ڪتاب ’مجمح البحرين‘ ۾ اسلامي فلسفي ۽ هندي فلسفي- ٻنهي ۾ ساڳيون Common ڳالهيون ڳولي ڏنيون آهن. مثلاً: روح جي باري ۾. عالم برزخ جي باري ۾. يا جسم جي باري ۾. جيڪو به مسلم فلسفو آهي يا هندي فلسفو آهي ان ۾ اختلاف آهي ئي ڪونه. هن گيتا ۽ اپنشدن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هو مريد ۽ شاگرد هئو ميان مير سنڌيءَ جو. ميان مير سنڌي، جنهن جو مقبرو لاهور ۾ آهي ۽ اڃا تائين اُتي هن جو ميلو لڳندو آهي. ميان مير سنڌي، سنڌيءَ جي مشهور اساسي شاعر ’قاضي قادن‘ جو ڀاڻيجو هئو. اهو داراشڪوهه جو مرشد هيو.

داراشڪوهه لکيو آهي ته وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو نه آهي. مون تازو اڀياس ڪيو آهي، ۽ ويدن مان ڪجهه سٽون توهان کي ٻڌايان ٿو.

هڪ هنڌ آهي:

God does not have any shape.

خدا کي ڪابه شڪل نه آهي.

هيءُ آهي يجرويد- ۽ اٿر ويد ۾ آهي ته:

"HE is single indivisable and supreme reality."

هو اڪيلو، اڻ ڀڄندڙ ۽ مٿاهين حقيقت آهي. تنهن کان پوءِ يجرويد ۾ آهي.

He is all prevaling.

ليس ڪمثله شيءِ.

ڪا به شيءِ هن جهڙي ناهي.

اها ساڳي ڳالهه قرآن ۾ آهي. ته اهي سڀ ڳالهيون هيون، جيڪي داراشڪوهه ڌيان ۾ رکيون. ۽ داراشڪوهه کي ميان مير سنڌيءَ جي رهنمائي حاصل هئي. داراشڪوهه ميان مير سنڌيءَ تي هڪ خاص الڳ ڪتاب لکيو آهي. اهو آهي ’سڪينته الاوليا‘ جنهن ۾ ميان مير سنڌيءَ ۽ ان جي خليفن ۽ ٻين Disciples معتقدن جو ذڪر ڪيو اٿائين. هاڻي  توهان کي هڪ ٻي عجيب ڳالهه ٻڌايان- علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ تازو ريسرچ ڪئي آهي ته سنڌ جو هڪ نو مسلم ’ابوعلي سنڌي‘ بسطام پهتو جتي هو بايزيد بسطاميءَ جو شاگرد ٿيو. مشهور صوفيءَ بايزيد بسطاميءَ کي هن هندي فلسفي کان واقف ڪيو. (ڊاڪٽر ائنيمرشمل ان راءِ سان سو سيڪڙو متفق ناهي.) پر اهي لنڪس Links (سلسلا) آهن تاريخ جا.

بهرحال داراشڪوهه کي اورنگزيب شهيد ڪيو. نه رڳو هن کي بيدرديءَ سان مارايائين، پر هن جي وڍيل سِسِي خونچي ۾ رکي پنهنجي قيد ۾ پيل پيءُ شاهجهان ڏي موڪليائين، ته مون توڏي ناشتو موڪليو آهي. ۽ پوڙهو پيءُ جيڪو قيد ۾ هئو، اُن چيو ته خدا جو شڪر آهي، جو سالن کان پوءِ مون کي منهنجي پٽ ياد ڪيو آهي، ائين چئي ڪپڙو جو پري ڪيائين خونچي تان ته پٽ جي سِسِي.

مون هن کان اڳ توهان کي ويدن جا شلوڪ ٻڌايا. ته اسلام جي اچڻ کان پوءِ هندي شاعريءَ ۾ هڪ تحريڪ پيدا ٿي، ان کي چيائون ’نِر گُن واد‘. نر معنيٰ نه، گن معنيٰ خاصيت يا Atribute واد معنيٰ ازم. Non  attributism يعني خدا کي ڪابه شڪل ڪونهي. مطلب ته جيئن اسلام ۾ آهي، تيئن هن نظريي موجب بُت پرستيءَ کان منع ٿيل آهي- اها وحدانيت واري نرگن واد واري تحريڪ اڳ ۾ پيدا ٿي چڪي هئي شاهه عبداللطيف کان.

هاڻي شاهه لطيف، پنهنجي دور ۾ انهن فلسفن، وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود کان واقف هئو. اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو Clash يا تصادم هئو، اهو اڃا تازو هئو. سرمد ۽ دارا جي شهادت کان شاهه صاحب فقط يارهن سال پوءِ ڄائو.

تنهن کان پوءِ شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو ٿيو. شاهه عنايت جهوڪ واري کي پير حسام الدين راشديءَ سنڌ جو پهريون سوشلسٽ سڏيو آهي. هن اها تحريڪ شروع ڪئي ته بابا ملڪ موليٰ جو آهي. ’جيڪو کيڙي سو کائي‘. ڪنهن به جاگيردار کي حق نه آهي جو بٽئيون وٺي. هارين کان پئسا وٺي يا ٽئڪس لاڳو ڪري. هن ٽئڪسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ۽ مان سمجهان ٿو ته دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اجتماعي زراعت Collective Farming جو بنياد رکيو. اُن تي جاگيردارن، مغل حڪمرانن جي مدد وٺي، شاهه عنايت ۽ ان جي مريدن کي گهيرو ڪيو. ٻه مهينا جنگ هلي، ۽ آخر شاهه عنايت کي دغا سان شهيد ڪري سندس سسي دهليءَ جي مغل شهنشاهه ڏي موڪلي ويئي. اهو واقعو تڏهن ٿيو، جڏهن شاهه لطيف اڃا ويهن ٻاويهن سالن جي  ڦوهه جوانيءَ ۾ هئو.

شاهه لطيف جو همعصر ۽ سندس جگري دوست، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو نقشبندي طريقي جو هئو، ۽ امام رباني مجدد الف ثانيءَ جي مسلڪ تي. پر هن جون شاهه لطيف سان خاص رهاڻيون هيون. هو امام ربانيءَ جي تعليم جي خلاف غير مسلمن کي به مريد ڪندو هئو. اهڙا قول سندس ملفوظات ۾ موجود آهن. سنڌ جي مٽيءَ ۾ سڀ مسلڪ ۽ نظريا پيار ۽ محبت سان رڱجي وڃن ٿا. هن ملڪ جي مٽي ڪٽرپڻي جي ڪَٽ کي لاهي، جيءَ کي جرڪايو ڇڏي.

هاڻي اچو ڪلهوڙن جي دور تي. شاهه لطيف ڪلهوڙن جي دور ۾ ڄائو. آدم شاهه ڪلهوڙو اڪبر جي زماني ۾ هئو. عبدالرحيم خان خانان، جيڪو شاعري ۾ ’راحمن‘ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن کي بيرم خان به چوندا آهن، اهو اڪبر جو سپهه سالار رهيو، ۽ سنڌ تي حملي ڪرڻ دوران هو جڏهن سکر ۾ آيو ته آدم شاهه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ ان کان دعا گهرايائين. پر ملتان جي گورنر آدم شاهه کي نه سٺو، ڇو ته آدم شاهه هڪ تحريڪ هلائي رهيو هيو ڌارين جي خلاف. انهي ڪري آدم شاهه کي شهيد ڪيو ويو.

آدم شاهه کان پوءِ آدم شاهه جو ڀائٽيو، ميان شاهل محمد ڪلهوڙو. ان کي به شهيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ ميان دين محمد تنهن کي اورنگزيب پڪڙي گواليار ۽ شايد دهليءَ ۾. ٻن هنڌن تي قيد ڪيو ۽ ويچاري جي سڄي عمر قيد ۾ ڳري ويئي. تنهن کان پوءِ ميان يارمحمد ڪلهوڙو. جنهن جي وقت ۾ شاهه لطيف ڄائو. اهو گوريلا جنگ ڪندو رهيو مغلن جي خلاف. ۽ گوريلا جنگ ڪندي جڏهن مغل صفا طاقت ڇڏي ويا. اورنگزيب جو پٽ معزالدين انهيءَ به سنڌ ۾ ڪلهوڙن کي گرفتار ڪرايو. ان کان پوءِ ٻيا چار پنج مغل بادشاهه ڇهن سالن ۾ ٿيا. آخر مرڪز جڏهن صفا ڪمزور ٿي ويو، تڏهن خدايار خان جي لقب سان ميان يار محمد سنڌ جي تخت تي ويٺو.

اهو دور آهي، اها تاريخ آهي جنهن جي پس منظر ۾ شاهه لطيف پيدا ٿيو. اهو انٽليڪچوئل ماحول آهي ڀڳتي تحريڪ، نرگن واد جي تحريڪ.

اُن وقت هڪ خاص تاريخي واقعو ٿيو. اهو هيو شاهه ولي الله جو ڄمڻ. شاهه ولي الله، جنهن کي محدث دهلوي ٿا چون، ان جڏهن مغل سلطنت جو زوال ٿيندي ڏٺو، هن جي نظر ۾ حڪومت جو زوال معنيٰ اسلام جو زوال. حڪومت به دهليءَ جي، مرڪز جي. هنن جي نظر ۾ سنڌ ۽ ٻيا حصا ۽ انهن جا عام ماڻهو، يا اُتان جون حڪومتون اهم نه هيون. بهرحال هن چيو ته ان مرڪز کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ هن پهريون قدم اهو کنيو جو’وحدت الوجود‘ ۽ ’وحدت الشهود‘ جي فلسفي، يعني محي الدين ابن العربي ۽ امام رباني، ٻنهي جي فڪر کي هڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيائين- ناڪام ان ڪري ٿو چوان جو اهي ٻئي نظريا، پرمار ڪندڙ ۽ پرمار ٿيندڙ. ڪڏهن به هڪ نه ٿي سگهيا آهن. البته مولانا عبيدالله سنڌيءَ شاهه ولي الله جي فڪر مان انقلابي ۽ سوشلسٽ عنصر تلاش ڪيا. پر اهي ٻه فلسفا الڳ الڳ ئي رهيا. هڪ قدامت پسند مُلن جو، ته ٻيو ترقي پسند، بي تعصب صوفين جو.

ٻي ڪوشش جا شاهه ولي الله ڪئي، اها هيءَ، ته احمد شاهه ابداليءَ کي خط لکي گهرايائين ته تون هتي اچي اسلام جي خدمت ڪر. ڇو ته هتي مغلن جي اسلامي حڪومت ڪمزور ٿي ويئي آهي. تون ايندين ته اسلام جي فتح ٿيندي. شاهه ولي الله، شاهه لطيف جي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ 1703ع ۾ ڄائو. ۽ هن شاهه لطيف جي وفات کان ٿورو پوءِ احمد شاهه ابدالي کي گُهرايو. بهرحال اهو لازمي آهي ته شاهه لطيف پنهنجي دور جي هن عالم جي فلسفي کان غير واقف هجي، جڏهن روايتون آهن ته شاهه لطيف جو بهترين دوست جنهن سان سندس روح رهاڻ هوندي هئي، مخدوم ٺارو- جنهن کي مخدوم معين ٺٽوي به چون ٿا، اهو شاهه ولي الله سان تعلق ۾ هئو.

ته شاهه لطيف جي زماني ۾ ٽي انٽليڪچوئل تحريڪون هيون- هڪ محي الدين ابن العربي جي وحدالوجود، ٻي شيخ احمد سرهندي امام رباني مجدد الف ثاني جي وحدت الشهود، ۽ ٽين شاهه ولي الله جي، جيڪا ٻنهي متضاد تحريڪن کي ملائڻ جي ڪوشش هئي. پر شاهه لطيف ان ’وحدت الوجودي‘ نظريي کي ئي ڦهلائيندو رهيو، جيڪو هن ڌرتيءَ جي مظلوم طبقن، محڪوم طبقن، پرمار ٿيل پيڙهيل طبقن جي لاءِ هئو، ان ۾ رواداري هئي، مذهبي تعصب کي ختم ڪرڻ لاءِ هئو، نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ هيو، مختلف طبقن ۾ پيار محبت وڌائڻ لاءِ هيو. اهو ئي شاهه لطيف جي شاعريءَ جو رول Role هئو، جيڪو هن پنهنجي دور ۾ ادا ڪيو، ۽ هن دور ۾ به اهو ساڳيو ئي رول ادا ڪندي ٿي اچي-

(شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئشن کي ڏنل ليڪچر)
 

بوند- لهرون- سمنڊ

 

]نارايڻ شيام جي شاعريءَ جو اُڀياس[

 

اسان جي دور جي شاعرن ۾، سنڌ توڙي هند ۾، نارايڻ شيام کي وڏي اهميت حاصل آهي.  هو اُنهن ٿورن شاعرن مان آهي، جيڪي اسان جي دور جي شاعريءَ جي وهڪري کان الڳ ٿلڳ، پنهنجي ذاتي اسلوب جي ڪري نرالا ۽ انوکا ٿا لڳن. نارايڻ شيام سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ، توڙي ترقي پسند شاعريءَ، جي بنياد وجهڻ وارن مان هڪ آهي. نه فقط هو انهن بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي، پر انهن سڀني مان اهم پڻ- ڇو ته هو شاعريءَ توڙي ترقي پسنديءَ جي قدرن کي اڄ تائين نه فقط پنهنجو ڪندو آيو آهي، پر اڃا تائين انهن کي سنوارڻ سينگارڻ ۽ انهن ۾ نيون راهون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي.

هو ڪشنچند ”بيوس“ جي اثر هيٺ آيل شاعرن مان آهي ۽ ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جي بنياد وجهندڙن ۽ سرگرم ڪارڪنن مان هڪ آهي. ان سان گڏو گڏ حاجي محمود ”خادم“ جهڙي عروض جي سخت گير شاعر، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جهڙي فارسي شاعريءَ جي ماهر، ۽ پرسرام ”ضيا“ جهڙي عوامي لهجي واري شاعر- ٽنهي کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما تسليم ٿو ڪري. ان نُڪتي کان ئي نارايڻ شيام جي انفراديت جي شروعات ٿئي ٿي.

هن جو شعر ڪشنچند بيوس جي شعر وانگر عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ته آهي، جنهن ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا ڌاريا لفظ گهٽ آهن، پر تنهن هوندي به شيام جي ٻولي نه دقيانوسي آهي، ۽ نه اُن جو لهجو توڙي اُچار ثقيل ۽ غير فصيح- هو اُچارن کي اجايو ڇڪي، زورائتو (Stressed) بنائي، وزن يا ماترائن ۾ پورو ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري، پر ائين لڳي ٿو ته سلاست توڙي فصاحت سان ڀريل مصراعون پنهنجو پاڻ ئي قالبن ۾ پيٽجيو وڃن، سواءِ ڪنهن اجائي دٻاءَ، زور زبردستيءَ يا وٺ پڪڙ جي.

شيام جي شاعري، اُن لحاظ کان، بيوس کان اڳتي وارو ارتقا جو ڏاڪو آهي.

سنڌي ترقي پسند شاعريءَ جي وجود ۾ اچڻ سان، بيوس کان پوءِ جي دور واريءَ شاعريءَ ۾ هڪ نئين ۽ اهم دور جي شروعات ٿي- ۽ اُها نارايڻ شيام جي شاعريءَ سان ٿي.

ڊي- جي سنڌ ڪاليج جي سنڌي سرڪل ۾، ورهاڱي کان ٿورو اڳ، نارايڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. هنن سنڌي شاعريءَ کي نين صنفن (آزاد ۽ سانيٽ) ۽ نون ردمن سان واقف ڪيو. هنن نوان تجربا ڪري، سنڌي شاعريءَ لاءِ نيون واٽون ٺاهيون. نارايڻ شيام اُن ۾ سڀ کان اڳرو هئو.

نارايڻ شيام سنڌيءَ جو اُهو نرالو شاعر آهي، جيڪو پنهنجي نرالي اسلوب، لهجي ۽ مزاج، فڪر، ٻوليءَ، موسيقيت ۽ ڪامياب تجربن سببان، سنڌي شاعريءَ جي موجوده دور جي وهڪري ۾ رهندي به، اُن وهڪري کان ڌار هڪ انوکي، نرالي ۽ دائمي حيثيت رکي ٿو.

نارايڻ شيام کي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ، فارسي ڪلاسيڪي شاعريءَ، ۽ جپاني هائيڪو شاعريءَ ۽ جديد مغربي شاعريءَ جو اونهو اُڀياس آهي. ان ڪري ئي سندس شعر ۾، سنڌي، فارسي، هندي، جديد مغربي ۽ جپاني ڌارائن جو سهڻو ميلاپ نظر اچي ٿو.

دوهو، سورٺو، بيت، وائي، گيت، نظم، رباعي، غزل، آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو- سڀني صنفن تي هو هڪجهڙيءَ قدرت ۽ سولائيءَ سان لکي سگهي ٿو. هن هر صنف جو، پوءِ اها مشرقي هجي يا مغربي، يا ماڳهين مقامي هجي، تمام اونهو اُڀياس ڪيو ٿو ڏسجي- جو تمام اونهي اڀياس کان سواءِ ايترين سارين صنفن ۾ ايڏيءَ ڪاميابيءَ سان لکي سگهڻ ناممڪن آهي.

عروض جي سختيءَ سان پابندي اڪثر شاعرن تي منفي (Negative) اثر ڇڏيندي آهي. هو وزن لاءِ لفظن کي چُٻي چٿي، ڇڪي تاڻي پورو ڪندا آهن ۽ اجايا ڀرتيءَ جا لفظ وجهندا آهن- پر شيام جي شاعريءَ تي عروض جي پابنديءَ مثبت (Positive) اثر ڇڏيو آهي. هن وٽ نه ڇڪيل تاڻيل، لهجي ۽ موسيقيت کي بگاڙيندڙ اُچار آهن، نه اجايا ۽ بي معنيٰ ڀرتيءَ جا لفظ. هن جي رباعين، غزلن، توڙي نظمن ۾ رواني، سنڌي لهجي ۽ اُچار جي اصليت، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موسيقيت نه فقط موجود آهي، پر معمول کان وڌيڪ نکريل- اها ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته محنتي ۽ سٺي ذوق واري شاعر لاءِ، ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ مشڪل نه آهي.

سنڌي اساسي شاعري، توڙي ڪلاسيڪي شاعري، تصوف ۽ ويدانت جو سهڻو سنگم آهي. هن صديءَ جي شروعات کان سنڌي شاعريءَ تي مغربي شاعريءَ جا اولڙا پوڻ شروع ٿيا. سنڌيءَ جي هر جديد شاعر لاءِ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري، ڪلاسيڪي فارسي شاعري، ۽ جديد مغربي شاعريءَ جو اُڀياس ضروري آهي. نارايڻ شيام ۽ شيخ اياز ئي اهڙا شاعر آهن جن جي شاعريءَ پڙهڻ بعد لڳي ٿو ته هنن اُنهن سڀني ٻولين جي اونهي اڀياس کان پوءِ پنهنجي لاءِ اهڙو منفرد اسلوب اختيار ڪيو آهي، جيڪو اُهي سڀ ضرورتون پوريون ٿو ڪري.

شيام جي شاعري، سنه 1953ع ۾ سندس ۽ هري دلگير جي شاعريءَ سان گڏ ڇپيل مجموعي ’ماڪ ڦڙا‘ سان شايع ٿي. ’ماڪ ڦڙا‘ ۾ سندس اوائلي ۽ تجرباتي شاعري آهي. اُن ۾ فڪر جي توڙي گهاڙيٽي جي نواڻ آهي، ۽ آزاد نظم، سانيٽ ۽ ترائيل جا ڪامياب تجربا آهن؛ گيتن ۾ انوکي نغمگي آهي- جيئن ”آس ۾ جيون راس“ آزاد نظمن ۾ اٿاهه رواني ۽ ردم آهي، توڙي جو اُهي شيام توڙي سنڌي شاعريءَ جا اوائلي آزاد نظم آهن. جيئن ”محبت“ ۾.

ٿڙڪي

ڦڙڪي

ڪنبي ڌڙڪي

کُلي ڇُلي

ڇُلي ڪِري

          ائين ڪري جيئن ندي ڇُلي

۽ اهڙيءَ ريت سڄو نظم روان ۽ مترنم آهي.

’ماڪ ڦڙا‘ ۾ ڪن نظمن جو موضوع سنڌي شاعريءَ لاءِ اُن وقت به انوکو هو ۽ اڄ پڻ انوکو آهي، جيئن ”تون نه وڃجانءِ ڇڏي“، ”مان وساريل ئي سهي“ ۽ ”سپردگي“.

هن مجموعي ۾ شيام ’مومل راڻي‘ ۽ ليلا چنيسر‘ جي لوڪ داستانن کي نظم جي گهاڙيٽي ۾ آندو آهي.

هي مجموعو شيام جي اوائلي شعرن تي مشتمل آهي، اُن ڪري اُن ۾ ڪٿي ڪٿي اردوءَ جي روايتي ترقي پسنديءَ ۽ نعري بازي جو اثر موجود آهي، جيئن ”اُٿ ڪجهه ڪريون“، ”طوفان جي نئين لهر“ ۽ ”جواني“- پر انهن نظمن سنڌي شاعريءَ جي فڪر ۽ نظريي جي واڳ موڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ’ماڪ ڦڙا‘ ۾ شيام جا تمام سهڻا عڪسي نظم پڻ آهن، جيئن ”پوياڙي“. ’ماڪ ڦڙا‘ جي ڪن جزوي غزلن ۽ نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي ڏکيا هندي سنسڪرت لفظ آندل آهن، پر عام طرح ٻولي سولي، عام فهم ۽ صاف آهي. شيام جي پهرئين مجموعي سان ئي هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل ۽ اهم مقام ملي ويو.

شيام جو ٻيو مجموعو آهي ’پنکڙيون‘، جيڪو 1953ع ۽ 1954ع ۾ لکيائين، ۽ 1955ع ۾ ڇپيو. هن مجموعي ۾ هڪ سؤ رباعيون، ۽ هڪ ڊگهو نظم ”روپ مايا“ شامل آهن. رباعي فارسي شاعري جي صنف آهي، جيڪا هڪ خاص بحر ’هزج‘ ۽ ان جي زحافن تي لکي سگهبي آهي، ۽ ان جي چئن سٽن ۾ خيال جي اونهائيءَ ۽ موضوع جي همه گيريءَ سان گڏو گڏ ڪنهن حد تائين چوٽ(Climax) جو عنصر ضروري آهي. شيام جي رباعين کي پڙهي، لڳي ٿو ته هن نه فقط فارسي شاعريءَ جي گهاڙيٽن (عروض) جو اُونهو اڀياس ڪيو آهي، پر هن صنف (رباعيءَ) جي لوازمن، فني ضرورتن، ۽ ٽيڪنيڪ کان به هو پوريءَ طرح واقف آهي. هِن ٺيٺ فارسي صنف کي عام فهم سنڌيءَ جو لهجو، اُچار ۽ ردم قائم رهي، ۽ ڪابه ڇڪتاڻ يا اُچارن ۽ لهجي جي deformity نه هجي، فقط شيام ئي ڪري سگهيو آهي:

گل پن مان وجهي واجهه پريشان ٿين ڇو؟

خورشيد مان شبنم مان  نمايان  ٿين  ڇو؟

 

ڇا لاءِ هِتان هتان ليئا پيو پائين؟
پنهان نه رهي سگهين ته پنهان ٿين ڇو؟
 

آهسته اُٿي، ٿي مون وٽان جئن نه وئي،
ڇا ٻانهن جِي سندريءَ مڙي لوڏ ڪئي،
ڪمري ۾ ويئي پکڙجي سپنن جي سُڳنڌ،
ٻوڪيل ول واءَ ۾ لڏي ’شيام‘ پئي.
 

رباعيءَ جهڙيءَ صنف ۾ شيام ’سسئيءَ‘ جي موضوع کي آڻي، ان صنف کي سنڌي ويس پهرايو آهي:

سپني ۾ هيس ٿي مان اڀاڳي ڀاڳي،
کوليم جو اکيون هيس اڀاڳي ساڳي،
جهڙو ٿيو سمهڻ سڀاڳ تهڙو جاڳڻ،
سسئيءَ جي سمهي، ته مون وڃايو جاڳي.
 

ساڳيءَ طرح ’ليلا چنيسر‘:

آداب شراب جِي او خالي مينا،
آداب چنيسر جي وڇوڙيل ليلا،
سو رنگ ڪٿي راڳ ڪٿي ناچ ڪٿي،
رونق نه رهي تنهنجي حياتي ۾ ڪا.
 

’پنکڙيون‘ جي رباعين مان ظاهر آهي ته شيام جي فارسي شاعريءَ جو اونهو اُڀياس ڪيو آهي، ته ان جي لمبي نظم ”روپ مايا“ مان لڳي ٿو ته شيام کي سنسڪرت ۽ هندي شاعريءَ، ديو مالا، ۽ ڪلچر جي پوري پروڙ آهي. نظم جو مرڪزي ڪردار وشتوامتر، بادشاهي تياڳ ڪري، جوڳي ٿي، جهنگ ٿو وڃي وسائي، جتي کيس ’مينڪا‘ نالي سونهن جو مرقعو نظر ٿو اچي، ۽ ان جي پيار ۾ تياڳ ۽ جوڳ وسري وڃيس ٿو- نظم جو مرڪزي خيال آهي عشق- جيڪو هر جذبي تي حاوي آهي.

هن نظم ۾ شيام جون ڪي سٽون لافاني آهن- جڏهن ’مينڪا‘ درياهه ۾ وهنجي ٿي:

ڪئن نه ترندڙ اسپرا جي نرم انگن کي لڳي،
نهر جون لهرون هٽي پٺتي چڙهي ڪجهه مٿڀرو،
ٿورڙو وَر کائي وسهر وانگي پاسيرو مڙي،
جسم کي ٻيهر ڇُهي نِڪري ويون ٿي اڳڀرو.

-

نهر مان ٻاهر اچي جئن لڱ سڪايائين پئي،
پنهنجو جوڀن پاڻ ڏسندي، شڪجي شرمائڻ لڳي،
روپ جي هڪ چال ڪئن ٻيءَ کي اُپما ٿي ڏئي،
مرڪ لڄ چمڪائي ٿي لڄ مرڪ ٻهڪائڻ لڳي.
 

- اهي نه فقط عڪس آهن، پر جيئرا جاڳندا، چرندڙ پرندڙ عڪس آهن.

۽ جڏهن وشوامتر ۽ مينڪا جو ميلاپ ٿو ٿئي:
 

چيلهه تي جئن ئي رکيس هن هٿ، وئي هيسائجي،
اِئن ڏڪيس ڇاتي ٿي جئن ڇيڙي ڪوئي هنڊول راڳ
پريم جي ڀاڪر ۾ ڪنبندڙ جسم ويو بس ويو سانت ٿي،
ڌيري ڌيري ڄڻ ويو خاموش ٿي هنڊول راڳ.
 

هن نظم ۾ شيام ڪٿي ڪٿي ڳرا هندي- سنسڪرت لفظ ڪتب آندا آهن. مثال طور:

’گنڌرون جون ڄڻ مڌر پرتکش تانون ٿي اڏيون‘ پر اهڙا مثال خال خال آهن. ڪن هنڌن تي گرامر صحيح نه آهي:

ها انهن جادو ڀريل متوالي نيڻن ڏي سدا- هئڻ گهرجي ”متوالن نيڻن ڏي“.

مجموعي طرح شيام جو هيءَ ننڍڙو مجموعو ’پنکڙيون‘ سندس وڏي شاعر هجڻ جي ثابتي آهي.

شيام جو ٽيون مجموعو ”رنگ رتي لهر“ سنه 1956ع ۾ پڌرو ٿيو. هن مجموعي ۾ رڳو غزل آهن. هن کان پوءِ وارا مجموعا- ’واريءَ ڀريو پلاند‘، ’آڇيندي لڄ مران‘، ۽ ’مُهڪي ويل صبح جي‘ به رڳو غزلن تي مشتمل آهن، ۽ باقي ٻن مجموعن ’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۽ ’روشن ڇانورو‘ ۾ به ڪافي انداز غزلن جو آهي. لڳي ٿو ته شيام اڳتي هلي غزل سان لونءُ لاتي آهي. ’روشن ڇانورو‘ ۾ دوها، سورٺا ۽ ترائيل به غزلن سان گڏ آهن، ۽ ’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۾ وايون ۽ هائيڪو (جن کي شيام ”تصويرون“ سڏيو آهي)؛ دوها، سورٺا، بيت، رباعيون ۽ نظم شامل آهن؛ پر شيام جي سموريءَ شاعريءَ تي غزل ڇانيل آهي. هونءَ ته شيام جنهن به صنف ۾ لکيو آهي، ان ۾ ماهر جي ئي انداز سان لکيو اٿائين، ۽ لڳي ٿو ته شيام کي هر صنف تي قدرت حاصل آهي، پر غزل شيام جي مرغوب صنف آهي. اُن ڪري هتي شيام جي سڀني مجموعن جي غزلن جو گڏيل جائزو ورتو ويندو.

شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، امداد حسيني، شمشيرالحيدري انهن جديد شاعرن مان آهن، جن غزل جهڙي ڌاريءَ صنف کي، سنڌي ماحول جو ويس پارايو، ۽ منجهس روايتي رومانوي موضوعن بدران جديد زندگيءَ جون پيچيدگيون ۽ انقلابي موضوع شامل ڪيا.

شيام جي غزلن ۾ (سواءِ ڪن اوائلي غزلن جي) صاف، سلوڻي، فصيح ۽ روز مرهه جي ٻولي آهي.

غزل جي زمين ڏاڍي ماريل آهي. فارسيءَ ۽ اردوءَ وارن ڪا وٿي نه ڇڏي آهي، جو اُن ۾ ڪا تخليق ڪري سگهجي. قافيا رديف کُٽائي ڇڏيا اٿن. تشبيهون استعارا، تلميحون توڙي انهن کي ادا ڪرڻ جا اسلوب ۽ ڍنگ سڀ پراڻا ٿي چڪا آهن. اردوءَ جي جديد غزل جي به ساڳي حالت ٿي ويئي آهي، ۽ هيءَ صنف هر معاملي کان ورجاءَ جو شڪار ٿي ويئي آهي. سنڌيءَ جي جديد غزل، خاص ڪري شيام جي غزلن جي اُڀياس کان پوءِ لڳي ٿو ته نه- اڃا غزل جي زمين ۾ ڪافي گنجائش آهي. اڃا ڪافي ڪنواري زمين پيل آهي جيڪا کيڙي نه ويئي آهي. شيام وٽ نه رڳو جذبن، عڪس، ۽ ٽاڻن (Situation) جي اُپٽار ۽ نگارش آهي، پر انهن جي کوجنا پڻ. اها کوجنا ئي شاعر کي سچو تخليق ڪار ۽ وڏو شاعر ٿي بنائي. رڳو اهلَ ۽ ورجاءُ وچولي درجي جي شاعرن جو ڪم آهي.

شيام، غزل کي سنڌي ماحول ۽ ٻوليءَ سان رڱي، ان ۾ تخليق جي وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي آهي- فارسيءَ ۽ اردوءَ جي گٺل ٻوليءَ، لفظن، تلميحن، اهڃاڻن، ۽ استعارن بدران نت نون جرڪندڙ لفظن ۽ محاورن سان غزل ۾ رنگ ڀريو ويو آهي ۽ تغزل جا نوان تجربا اڻ مئيءَ تازگيءَ سان ٽمٽار آهن:

شعر پئي سوچيم ڪوئي، آئينءَ جڏهن،
ڇا بڻيو ڇا بڻجي بگڙيو ڇا چوان!

*

تو جو پهريو هئو اڇو سادو لباس،
ڇا نه رنگينيون بَکيون پئي ان منجهان.

*

هَيئه صبح جو وار وٽڙيل اِهي ئي،
گهڻو شام جو کين تو پئي سنواريو.
 

مٿين سٽن ۾ نه فقط ٽاڻن (Situations) ۽ جذبن جي اُپٽار آهي، پر کوجنا پڻ- تنهن هوندي به تغزل ڀرپور نموني ۾ موجود آهي.

شيام جي غزلن ۾ ڪيترائي اهڙا شعر ملندا، جن ۾ کوجنا (Discovery) آهي، پوءِ اها کوجنا رومانوي عڪسن جي هجي يا جديد پيچيدهه زندگيءَ جي عڪسن جي. اِنهن سٽن کي پڙهڻ سان ائين ٿو لڳي ڄڻ اهڙي ڳالهه اڳ ٻُڌل نه آهي- حالانڪ اهي عڪس عام زندگيءَ جا آهن، جن ڏي ڪنهن جو ڌيان ئي نه ويندو آهي:

آئيني اڳيان ويهي سينگار ڪيائين پئي،
پر ڏيئي پٺي ڀي اک اُن مون ۾ ئي اٽڪائي.
 

معصوم اُبهم ٻار ۽ ماءُ جي هنج شيام جي پسند جا موضوع آهن، پر انهن جي ادائگي (Treatment) ڪيڏي نه سادي، رومانوي، ۽ حقيقت پسنداڻي آهي:

ٻار کي ڪنهن جي هنج مان وٺندي،
ڇا ته دلڪش هڳاءَ جو احساس!

*

تو گود ۾ ٻالڪ کي جئن ٿڃ ڏني ويئي،
معصوم اُگهاڙپ تي پاڪيزگي للچائي.

*

ٿڃ ڌائيندي جو مشڪيو ٻار پئي ڇا جي ڪري،
شيام وڌندي ڦول ڪئن ٿو ڦول ٿئي، سگهندين چئي!

*

لوڏي هندورو شاخ جو گلزار ۾ صبا،
غنچي ۾ آهي ڦول ڪه تنجڻ ۾ ٻار آهه.
 

مٿيان موضوع، غزل جي شاعريءَ لاءِ بلڪل ئي اوپرا آهن، پر شيام انهن ۾ غزل جي رمزيت ڀَري، فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪيا آهن.

رومانوي زندگيءَ ۾ بي انتها ٽاڻا (Situations) اچن ٿا- غزل جي شاعريءَ ۾، اُنهن مان ڪيترن ئي ٽاڻن جي اُپٽار ڪئي ويندي آهي. ڪن ٽاڻن کي ته شاعرن ورجائي ورجائي، ايترو گسائي ڇڏيو آهي، جيئن پراڻي سڪي جا گٺل اکر. شيام جي غزلن ۾ نت نوان اڻ ڇهيل ٽاڻا آهن- اهڙا ٽاڻا، جن ڏي ڪنهن غزل جي شاعر جو ڌيان ئي نه ويو آهي. شيام جو مشاهدو وسيع ۽ احساس اونهو آهي. هو معمولي منظرن مان شاعراڻو حظ ٿو حاصل ڪري ۽ ان کي لفظن جو لباس ٿو پارائي:

ڇپ ڇپ منهنجيون اکيون ڍڪيئه،
مون ته سڃاتئه هٿ رکندي ئي!

*

ڳالهائڻ ته اڇهرو آهي،
لفظ لفظ پر گهرو آهي.

*

ڀر ۾ ويٺي ته اک کڻي نه ڏٺئه،
ويندي ويندي مُڙي نهاريو تو.

*

مون توڏي نهاريو ۽ تو مسڪرايو،
اُنهي ڳالهه کي ڇا ته دنيا هُلايو.

*

شهر مان ٿي گهر ۾ آيس دير سان،
مسڪرايئه ڪين ڪجهه منهن سان چيئه.

رهنديون اکيون ته ڪين رئڻ کان سواءِ ڪڏهن،
پر لڙڪ روڪي صاف ڪي ڏسنديون نه ڇا ڪڏهن.

*

ڪلهه تو مون کي ڪيڏو ڇينڀيو،
آئيني کان اڄ لڄ آيئه.
*

اُٿي، ڇرڪي، بس ڪاوڙي، مسڪرائي،
لڪي ڪنهن ڪيس پير ۾ ڪتڪتائي.

*

عجب ڍنگ آهن اوهان جي ڏسڻ جا،
نه ڌاريا لڳو ۽ نه پنهنجو لکايو.
*

ڳل ڇهڻ ساڻ گل ٽڙيا گويا،
چرچي چرچي ۾ ائن بهار آئي.
*

اسان بيهي گڏ، گڏ هئاسين ڪٿي،
الائي ڇا سمجهيو ٿي دنيا پريان.

*

شيام صبح جو مشڪئين ائين پئي،
ڄڻ تو سُک جي رات گذاري.

*

هٿ آلا ۽ کارا اٿئي،
شايد ڳوڙها شيام اُگهيا تو.
    *      

واپس ڪيئه ڪتاب، جو اُن ۾ هي پنکڙيون!
ڪيڏو لڳين ٿِي شيام رُکو هونءَ سڀاو ۾.

*

منهنجي اوندهه ۾ ڏئو ٻاري ويو،
هي نه ٿيو کانئس کڻي نالو پُڇان.

*

هي ته ٿيا رومانوي ٽاڻا- پر رومال کان سواءِ به زندگي آهي. حياتيءَ ۾ ڪي ئي اهڙا پَل اچن ٿا، جن کي شاعراڻي لافانيت حاصل ٿيو وڃي- جيڪي ذهن تي اڻ مٽجندڙ نقش چٽي وڃن. پر انهن اڻ مٽجندڙ نقشن کي شيام جهڙو حساس شاعر ئي پرکي، پروڙي، محسوس ڪري، لفظن جو روپ ڏيئي، هميشہ لاءِ محفوظ ڪري ٿو ڇڏي- رومان، عشق کان سواءِ به آهي:

هئي نگاهه محبت نگاهه پهرين ئي،
نگاهه ٻي ٿي پئي شيام هڪ نگاهِ هوس.

*

آهٽون ٻُڌندي صبح به ٿي ويو،
در تي رات نه ٺڪ ٺڪ ٿي ڪا.

*

کولي دري مون پر نه هئو انتظار ڪو،
بس آئي هير پاڻ- مرادو گهڙي اتان.

*

ڪيڏي اُمنگ ۾ اچي مون گل ڇني کنيو،
دل ۾ جو آنڌ مانڌ ٿي ٽاري ٻُسي ڏسي.
*

ڦٽي ننڊ ڀَو کان ته ڪو در تي آهي،
۽ گهر ۾ هئي بس سُڃي هيڪلائي.

*

هردم راڳ هلي پيو، ليڪن،
ڪنهن ڪنهن مهل ٻُڌي ٿو ڪوڪو.

*

فقط واس چندن جو ڪمري ۾ هو،
ملڻ آءٌ آيو هيس شيام سان!

*

ڌوپ ٻاري پنهنجي گهر پاڙيسري،
منهنجو گهر ڀرجي وڃي سرهاڻ سان.

*

آرسيءَ ۾ عڪس پنهنجو ئي ڏسي،
شور جهرڪيءَ پئي ڪيو ڳچ دير کان.

*

پوپٽن بابت ته سوچيو ئي نه هوم،
مون ته گُل پوکيا ائين ئي شوق مان.

*

واقف ته پئي لڳو پر نالو نه ياد آيو،

کانئس نه مون پڇيو ۽ پاڻهي نه هن ٻڌايو.

*

الائي ڪم اهو نوريئڙن جو هئو ڪِه هوا جو!
مگر ڪريل هئا ڪيڏا نه ٻيرَ ٻير جي هيٺان!

*

گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو،
ته ڪو پاڻ جهڙو ملي ڪنهن گهٽيءَ ۾.

*

تون نه سڃاتو مون نه سڃاتئه،
ماٺ رهياسين ڄاڻي واڻي.

*

ڪي ئي ڀيرا پاڻ ئي پنهنجو در مون کڙڪايو،
مون پئي ڀانيو اندران ئي ايندو منهنجو آواز.

*

ويهه اوندهه ۾ نه موڳو ٿي، دري کولي ته ڏس،
ڪو کڻي مشعل متان گهر ٻاهران لنگهندو هجي.

*

پنهنجو رستو نه سگهيو شيام بڻائي جيڪو،
ڀيڙَ ۾ نيٺ ويو ڀيڙ جو حصو بڻجي.

 *

شهر ۾ هِت هُت شخص اُهي جي مورت جئن گنڀير لڳن،

پنهنجي اڱڻ ۾ سي ته ڪڏهن ها نچڻا ٽپڻا ٻار لُچا.

                                     

هي ته شيام جي غزلن مان اهي چونڊ شعر هئا، جن ۾ ڪانه ڪا نواڻ آهي- ڪنهن ٽاڻي، ڪنهن ماڳ، ڪنهن عڪس يا ڪنهن جذبي جي کوجنا آهي. پر شيام جي غزلن ۾ اهڙا شعر عام جام آهن، جن ۾ شيام جديد دور جي زندگيءَ جا عڪس چٽيا آهن، ۽ هن دور جي ڪيترين ئي وَٿن (Objects) کي اُهڃاڻ (Symbol) طور ڪتب آندو اٿس. غزل عام طرح روايتي ۽ دقيانوسي استعارن يا اُهڃاڻن سان ڀريل هوندو آهي، ۽ سنڌي غزل ۾ جديد زندگيءَ جا عڪس ٻين شاعرن وٽ به ملن ٿا، پر انهن عڪسن کي جنهن فنڪاريءَ سان شيام ڪتب آندو آهي، اهو سندس ئي ڪمال آهي. شيام جديد عڪسن ۾ تغزل قائم رکيو آهي، ۽ غزل جي اشاريت ۽ رمزيت کي برقرار رکيو آهي. ڪن ڪن هنڌن تي وٽس تغزل سان گڏ گهري طنز ۽ مزاح پڻ آهي:

هڏيون ٻه ڀي خطري جو چتاءُ،
هوڏِي سخت ڪتي جي ذات.

*

هردم موت جو هڪ احسان،
ائٽم يُگ ۾ شيام حيات.

*

جئن ئي بتيءَ جو سئچ ڪيو آف شيام مون،
ڪمري جي فرش تان وئي جهٽ کسڪي روشني.

*

ريل گاڏي جهنگ ۾ ويهي وئي،
هيٺ ماڻهو، جُهنڊ تارن جا مٿان.

*

مينهن ۽ هٿ ۾ پراڻو دستخط،
مان پُسڻ کان ڪئن بچايان پاڻ کي.

*

چنڊ تارن سان رات ڀر ڳالهيون،
روز اخبار سان ئي صبح ٿيو.

*

گهر ۾ بيشڪ اگربتيون ٻاريم،
گند گهر ٻاهران مگر هو پيو.

*

دوربينيءَ سان ڏٺم اُڀ ۾ نرنجن هئو ڪِٿي.
خوردبينيءَ سان مون جاچيو تن، مگر من هئو ڪٿي.

*

ڪئي وئي هئي ڪلهه رات هت برات جي دعوت،
غريب ٻار، ڪتا، ڪانوَ آيا صبح ٿيڻ سان.

*

ڪيو محفوظ قانونن، ڪيو محدود قانونن،

بنان قانون ٽوڙڻ جي وڌڻ لئه واهه ئي ڪهڙي؟

*

ملڪ جي حال تي ڳالهائيندي نيتا ڪنڌ جهڪايو،
ننگي ناري بيٺي لڄ کان منهن تي گهونگهٽ ڍاري.

*

رکي رکي پئي تو ته نهاريو مون ڏي ٽيڏين نظرن سان،
پر ويٺو ئي رهيس مان بس ۾ پاسيرو ٿي ڌارين جان.

*

پراڻن ڪتابن جي ڪيڏي سڙيل بو،
ڪٻاڙيءَ وٽان ته به کڄِي اک نه پِئي.

*

ڪمري ۾ هئي چپ چپات،
تنهنجي فوٽي ڇيڙي بات.

*

بجلي بتيون ٻريون ٿي سڙڪ جي ٻنهي طرف،
پاڇن ٿي هر قدم تي ڪيو مون لئه انڌڪار.

*

صبح شفق جي سرخي اُڀ تي،
دهلي دونهين کان ٿي ڪاري.
*

پڙهندي ڪهاڻي اوچتو بجلي هلي وئي،
ڪردار پنهنجي ڇا ته ڇڏي روشني ويا.

*

هن شهري زندگيءَ ۽ مشينن جي شور ۾،
اورڻ ته پنهنجو پاڻ سان ماڻهو سِکي ويا.

*

بس ۾ ڀرسان ڪو ويٺو،
جسم جي خوشبو جو احساس.

*

ائين هوا جو جهوٽو آيو در کُليو،
تنهنجو فوٽو پڻ ڪريو ديوار تان.

*

مان پريان هوس اوٽ ۾ بيٺو،
هوءِ بس جو انتظار ائين.
*

بس ۾ ڪي بس جي ڦيٿن سان ڦرندي گذري وقت،
هي گهر، دفتر، روڊ، نگر، پر منَ نه ڪٿي ٿِر ٿانءِ.

*

ٻاهر آهي پڪ طوفان،
ڇاکون ورنه لڏيو گلدان.

*

عڪس آواز جو ڏسجي ئي نه ٿو،
تنهنجي فوٽي ۾، او ڳائڻ وارا.

*

مٿين شعرن کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اِها شاعري اسان جي دور جي شاعري آهي. ويهين صديءَ جي شاعري آهي، ۽ شيام اسان جي دور جو، اسان جي جُڳ جو، ويهينءَ صديءَ جو شاعر آهي.

شيام هيءُ شعر لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته غزل جي صنف محدود نه آهي. اُها وشال آهي. اُن ۾ هر دور جي عڪسن، احساسن، جذبن توڙي پيچيدگين کي سهڻيءَ ريت سمائي سگهجي ٿو. رڳو ان لاءِ شيام جهڙي فنڪار جي ضرورت آهي.

هائيڪو شيام جي پسند جي صنف آهي. شيام سنڌيءَ ۾ بهترين هائيڪو چوندڙ شاعر آهي. غزل هجي، دوهو هجي، وائي هجي، بيت هجي، توڙي رباعي- شيام اُن ۾ ڪٿي ڪٿي هائيڪو جا اشارا (Touches) ڏيندو ٿو وڃي. اهي تصويرون، جن ۾ وٿن (Objects) کي وقت (Time) ۽ ماڳ (Space) ۾ معين ڪيو ويو آهي، شيام جي غزلن ۾ عام جام آهن. ائين ٿو لڳي ته شيام جي غزلن جا اهي شعر ”هائيڪو رنگ شعر“ آهن- چٽا عڪس. غزل ۾ توڙي ٻين صنفن ۾ اهو هائيڪو رنگ پيدا ڪرڻ رڳو شيام جي ئي وس ۾ آهي. هيٺيان شعر، گهاڙيٽي موجب ته غزل جا شعر آهن، پر موضوع ۽ Treatment جي لحاظ کان جهڙا هائيڪو:

ڇا ٿيو، پير ڀريا گپ ۾!
جهوليءَ پٻڻيون، هٿ هَڳاءُ.

*

ريل گاڏي جهنگ ۾ بيهي وئي،
هيٺ ماڻهو جُهنڊ تارن جا مٿان.

*

سرءُ جي مند ٻُسا وڻ پنن ڇڻڻ جي ڪري،
مگر لڳي ٿو ڪشادو وڌيڪ باغ اڃا.

*

پوپٽن بابت ته سوچيو ئي نه هوم،
مون ته گُل پوکيا ائين ئي شوق مان.

*

اوندهه، وڄ- وڄ کان پوءِ اوندهه،
جنهن به ڏٺو سو ڪي اڻپورو.

*

گهرَ جي آڳر ۾ نو ورني ويٺي وار سنواري،
ڀت تي ويهي ڪانءُ چهنب سان پنهنجا کنڀ لَساري.

*

جهلي ٻار کي ماءَ ڌمڪايو جئن پئي،
مون کي ٻار سان ڪئن نه ٿي ريس پئي.

*

وڻ ڇڏي اڳڀرو وڌي نه سگهيس،
ڪن پِئي پَئي رکي رکي ڪُو هُو.

*

سرد هوا ۾ وٽِي سٽِي پئي وڻ جي سکڻي ٽاري،
يا لوڏِي پئي ٻانهن مدد لئه ولهه ۾ ڪنهن ويچاري.

*

رات مندر جون وساڻيون جئن بتيون،
ڪيتري خوشبو مون کي ويڙهي وئي.

*

ساري رستي تي هئي هڪ ئي ڇّٽي،
زور سان ڪيڏي نه بارش پئي پئِي.

*

موم بتيءَ جي لاٽ وئي،
وٽ اڃا ڀي آهي لال.

*

شيام چرپر سُڪل پنن ۾ به ٿِي،
ڇا هوا صبح جي لڳي آهي.

*

مٿي ڏنل غزل جي شعرن مان لڳي ٿو. ته هائيڪو جو تاثر رڳو هائيڪو جي گهاڙيٽي ۾ نه، پر غزل ۾ پڻ پيدا ڪري سگهجي ٿو، (شيام ته اهو تاثر رباعين، واين ۽ بيتن ۾ پڻ پيدا ڪيو آهي.) شيام غزل ۽ ٻين صنفن ۾ هائيڪو جي ملاوٽ جو هڪ انوکو تجربو ڪيو آهي، جيڪو نه فقط سنڌي شاعريءَ لاءِ انوکو آهي، پر شاعريءَ جي دنيا لاءِ ئي انوکو آهي. پر شيام جو هي تجربو فقط تجربو نه پر هڪ ڪامياب تجربو آهي.

شيام ڪن جپاني هائيڪن جي مرڪزي خيال کي جهٽي، غزل جي شعرن جي صورت ۾ آندو آهي- اهڙيءَ ريت، جو لڳي ئي نه ٿو ته ڪو اصل ۾ اهي ورتل آهن:

ٻهاري ڏئِي هاڻ نوڪر مُڙيو،
پٺيانئس ڪريا پن ٻه ڪونڊيءَ منجهان.

*

سپ ته سرڪي گاهه تان ويندو رهيو،
پر اکيون ٻرنس اڃا ڀي گاهه تي.

*

شيام جي غزلن ۾، حقيقت نگاريءَ سان گڏو گڏ، انسان دوستي، بي تعصبي، امن، ۽ محبت جا اعليٰ قدر موجود آهن. هن وٽ جنگ کان نفرت جا جذبا تمام چٽا ۽ پڌرا آهن. هن وٽ مقدس گنگا به جي بستيون اُجاڙي ٿي ته اها پڻ مقدس نه آهي.

جا اُٿل کائي ڪري بستيون اجاڙ،

ڀل هجي گنگا جي ڌارا، ڇا ٿيو؟
 

هن وٽ مذهب جو مثبت ڪردار ساراهيل آهي، ته ان جي منفي ڪردار لاءِ ڌڪار:

دين ڪن لاءِ امن جو پيغام،
ڪن ڏنو جنگ کي ئي دين قرار.

*

خون ۾ ڪفنايل هيءُ لاش،
مذهب ۾ دفنائڻ ڪاڻ.

هن جو ”موت کان پوءِ حياتيءَ“ جي باري ۾ چٽو ۽ پختو رايو آهي- ۽ اهو حقيقت پسنديءَ وارو آهي:

سرڳ ۽ نرڳ مئن جي جاءِ،
دنيا هيءَ ئي جئرن لاءِ.

*

جئري سک جي گهڙي غنيمت ڄاڻ!
موت کان پوءِ اٽل خوشي ڇاهي!

هن وٽ ڀٽڪڻ جو به هڪ شاعراڻو تصور آهي:

ڪوئي سک جي خاطر ڀٽڪي،
۽ ڪو ڀٽڪڻ ۾ سُک ماڻي.

شيام غزل جي رمزيت ۽ اهڃاڻن کي ڪتب آڻيندي، مذهبي پيشوا جي باري ۾ ڪهڙيءَ نه سهڻيءَ ريت رايو ڏنو آهي:

واعظ جو عمامو خوب،
جوڳيءَ تي ڀي ڏس ته جڙاءُ!

هن وٽ ’ماڻهو‘ محبت لائق آهي، چاهي ڪٿان جو به هجي. هو بين الاقوامي ڀائپيءَ جو قائل آهي:

ڳوٺ ڳوٺ منهنجو ئي ڳوٺ،
ماڻهو ماڻهو منهنجو ڀاءُ.

ڏيئي جي اهڃاڻ ۽ مسجد ۽ مڙهيءَ جي اهڃاڻ کي ڪتب آڻي شيام ڪهڙو نه حقيقت پسنديءَ وارو ۽ سوز گذار سان ڀريل شعر چيو آهي:

ٻري مسجد ۾ ۽ مڙهيءَ ۾ ڏِيو،
پر نه ڌرمن جو انڌڪار ويو.

*

گرچه هي مسجدون مندر ٿيا آثار قديم،
نئين تعمير جي ڪا پيڙهه ٻَڌايو ته سهي.

شيام ان مسئلي تي سنڌ جي صوفين وارو ٿي فيصلو ڏئي ٿو:

آخري منزل آهي ڪفر،
پهريون ڏاڪو هو ايمان.

نرگن واد، ويدانت، تصوف ۽ سنڌي ڪلاسيڪي صوفياڻي شاعريءَ جي اُونهي اڀياس سبب، شيام جي شاعريءَ ۾ انهن سڀني ڌارائن جو سهڻو ۽ وڻندڙ ميلاپ آهي:

تو لئه ڳوليم پئي آڪاس،

ڀُنءِ مان آيو تنهنجو واس.

شيام ترقي پسند به آهي، ته حقيقت پسند به. ڪٿي ڪٿي سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻي رومانيت جهلڪي ٿي، پر تنهن هوندي به سندس شاعري سڀني مفروضن کان آجي، سائنسي حقيقتن جي ترجمان،۽ سماجي انصاف ۽ انقلاب جي آئينه دار آهي. شيام جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به سستي نعري بازي ۽ هلڪڙائپ نظر نه ايندي (سواءِ ’ماڪ ڦڙا‘ ۾ ايڪڙ- ٻيڪڙ اوائلي نظمن ۽ غزلن جي). انقلاب سان سندس ناتو اونهو، گنڀير ۽ مستقل آهي.

شيام جي غزلن ۾ خاص طور، ۽ سڄيءَ شاعريءَ ۾ عام طور، رواني ۽ سلاست موجود آهي، ۽ ان سان گڏ موسيقيت، نغمگي ۽ ردم توڙي اُچارن جي لئه جو هلڪو ۽ وڻندڙ تاثر ملي ٿو:

نچڻيون کنوڻيون سهڻيون پو به،
گهورڻ کيٽ اياڻي بات.
 

وارِي واري، چوڌاري واري، چوڌاري واري،
رڻ اُٿئو، ڪنهن ڊوڙي ڦان ٿي پاڻيءَ لاءِ پڪاريو.
 

شيام جي شاعريءَ ۾ توازن آهي. هن وٽ ردم اهڙو هلڪو آهي، جو ڪنن کي وڻي ٿو. هن جو ردم اهڙو زورائتو به نه آهي، جو پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ اکرن ۾ اَڙجي پوي، ۽ شعر جي معنوي اونهائيءَ تائين پهچي نه سگهي- ردم شاعريءَ جو زيور آهي، شاعريءَ جي سونهن وڌائڻ لاءِ، ان جي سونهن کي ڍڪڻ يا Over Shadow ڪرڻ لاءِ نه آهي.

اسان جي دور جا ڪيترائي شاعر، لفظي ردم جي لاءِ زورائتا ۽ ڦاٽندڙ ۽ گونجندڙ اُچار ڪتب آڻي، وقتي واهه واهه ته حاصل ڪن ٿا، پر ٻُڌندڙن ۽ پڙهندڙن جو ذهن اُن ڦاٽندڙ ۽ گونجندڙ ردم ۾ اٽڪي پوي ٿو، ۽ شعر جي اونهائيءَ (اهڙن شعرن ۾ اونهائي ٿئي به ڪانه، پر جي هجي تڏهن به) تائين پهچي نٿو سگهي. شاعريءَ جو اصل مقصد آهي ڪو نياپو، ڪو سنيهو، ڪو خيال، ڪو عڪس، ڪو جذبو پڙهندڙ جي ذهن ۾ منتقل ڪرڻ، نه اُن جي ذهن کي اُچارن جي ڪاڪ محل ۾ ڀٽڪائڻ يا لفظن جي جادوگريءَ ۾ منجهائڻ. شيام جي شاعريءَ ۾، سندس هر شعر ۾، ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ لاءِ هوندو آهي- جيڪو هو پڙهندڙن کي ڏاڍيءَ سولائيءَ ۽ سيبتائيءَ سان ڏيئي سگهندو آهي. هو نه پنهنجي ڏات جو غلط استعمال ٿو ڪري، نه پنهنجي ڏانوَ جو. هن وٽ ٻنهي جو خوبصورت ۽ وڻندڙ توازن آهي.

هڪ خط ۾ هو لکي ٿو: ”- ها اهو ٻڌائينم ته توکي تجنيس حرفيءَ (Alliteration) جو ايڏو خفت ڇو آهي؟ ان تجنيس جي ڪري شعر ۾ ميٺاج برابر وڌي ٿو، پر حد کان گهڻي ميٺاج جو ذائقو مٺو نه پر ڪؤڙو ٿيندو آهي، اها خبر اٿيئي.“

شيام جي لفظي ترنم مان ئي معنوي ترنم نسري ٿو- ائين جيئن ٻج مان سلو نسرندو آهي:

ٽاريءَ تي گل، گل تي شبنم، شبنم تي چانڊوڪي،

ياد ڪندس پيو عمر سموري  رات اها ڪالهوڪي.

پڙهڻ ۾ سليس، روان- جي بيهڪ جون نشانيون نه ڏجن، ته به شيام جو مٿيون شعر (۽ ذري گهٽ هر شعر) پڙهندڙ کي پاڻ ٻُڌائي ٿو ته پڙهڻ وقت ڪٿي ۽ ڪيتري ساهي کڻي:

جوڀن ۽ روپ ساڻ امنگ انگ انگ ۾،
من ۾ نچي امنگ نچي من امنگ ۾.

شيام، سچل سرمست جي ٽيڪنيڪ (جنهن موجب هُن غزل کي ڪافيءَ جي موسيقيت سان هم آهنگ ڪيو، ۽ ان کي پوءِ بيدل، نانڪ يوسف، خيرمحمد هيسباڻيءَ اڳتي وڌايو) تي هڪ لاجواب غزل لکيو آهي. اهو غزل گهاڙيٽي جي لحاظ کان غزل آهي، موسيقيت يا ردم جي لحاظ کان ڪافي:

هڪ ئي اشارو پائي، ڪل ڪائنات چمڪي،
نوري نگاهه پوندي کِن ۾ حيات چمڪي.
آواز رنگ لاتو، ورتي خيال صورت،
ڏاتر جي ڏات چمڪي، شاعر جي تات چمڪي.

شيام جي غزلن جي هڪ ٻي خوبي آهي تغزل. تغزل غزل جي خوبي نه، پر لوازمو يا صورت آهي. تغزل کان سواءِ غزل لکڻ اجايو آهي، جنهن غزل ۾ تغزل ناهي، اهو غزل نه آهي. تغزل لاءِ ئي هن صنف کي ايجاد ڪيو ويو آهي. پر تغزل ڇا آهي، ان جون ڪي ئي وصفون definitions گهڙيون ويون آهن. ڪنهن زندگيءَ (Life) جي وصف ڪندي اهو چيو هئو ته ”اسان سڀني کي خبر آهي ته زندگي ڇا آهي- جيستائين اسان اُن جي وصف ڪرڻ شروع ٿا ڪريون-“.

سو تغزل به ائين آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته تغزل ڇا آهي. پر جڏهن اُن جي وصف ڪرڻ شروع ٿا ڪريون ته ان مُنجهيل سٽ جا ڇيڙا هٿ ئي نٿا اچن.

مختصر طور، تغزل آهي ٿوري ۾ گهڻو چوڻ، جنهن ۾ ڪا رمز هجي، ڪو اُشارو هجي، ڪو اهڃاڻ هجي. شيام جي غزلن ۾ اهو تغزل هر جاءِ تي نظر ايندو. شايد ان تغزل جي ڪري ئي شيام غزل کي پنهنجي مرغوب صنف بنائي آهي. شيام جي غزلن ۾ ته تغزل آهي ئي، پر اُن تغزل کي هن ٻين صنفن ۾ به ڪتب آندو آهي. هتي رڳو سندس غزل ۾ تغزل جي نمونن جا مثال ڏبا:

ديد جون دعوتون ازل لاڪون،
پوءِ به اڄ تائين نيڻ نيرانا.

*

سورج مُکي بڻجي تو سونهري ڪيو هر ڏينهن،
۽ رات جي راڻي ٿي هر رات به مهڪائي.

*

ڀانءِ هڪ مرڪندڙ پريشاني،
هيءَ اسان جي حياتي ڀي ڇاهي.

*

مرڪي ڪنهن کڙڪي کولي،
شيام کُليو اڄ ڪنهن جو ڀاڳ.

*

راحت ڏئي نه هميشہ راحت،
ڪڏهين غم به ضرورت آهي.

*

زندگي مسئلا هزار مگر،
مُرڪ تنهنجي سڀن جو حل آهي.

*

ڪيڏي ڪومل مورت نڪتي،
پٿر جي دل ڪاڏي ويئي.
*

موت مفت ۾ ٿيو بدنام،
جنهن کي ماريو، ماريو حيات،

*

ڪوئل ڪاري ڪارا نيڻ،
نگہ نگہ ڄڻ مٺڙي لات.

*

ڪامل نه گناهن ۾ نه تقويٰ ۾ مڪمل،

افسوس ملي پشت نه شيطان نه خدا جي.
*

دل کي آهن دليل پنهنجا ئي،
عقل کي جن جي ڄاڻ ئي ناهي.
*

رستي تان نه کڻي ڪلهه ان کي شيام تراشين ها،
دنيا اڄ هئن ڪيئن ڪري ها پٿر جي پوڄا.

*

هيءَ دنيا جهڙي ڀي آهي،
پوءِ به جاءِ جئڻ جي آهي.

*

ڦولن سان سينگاريل نڪتين،
گهر ۾ واس اڃا ڀي آهي.

*

آئي آهي بهار جي موسم سوچين ويٺو اِئن ڇا ڇا،
ڪوئل لنوندي، انب جهليندا ٻور، اسان کان پُڇڻ سواءِ.

*

ڪوئي پروانو  رولاڪ بنجي نه ها،
جيڪڏهن شمع ٿئي ها نه ائن چلولي.

*

نقش تنهنجو ته نه هئن اُڀري ها،
دوست منهنجي پس منظر ڌاران.

*

ور ور سونهن لياڪا پاتا،
پيار ته هئو ڪنهن پور ۾ پورو.
*

شيام چوڳي ۾ ڪشش ڪيڏي نه آ،
سائي وڻ تان پڻ پکي آيو لهي.
*

دير تائين سمنڊ ڏسندي جئن ٿڪس، ٻوٽيم اکيون،
منهنجي اندر ۾ اُٿيون لهرون ڪٿان هي اڻ لکيون.

*

سُڌ نه آهي ڪير پاڙي ۾ اچي آهي رهيو،
صحن ۾ ڪونڊيون اٿس موتئي ۽ تلسيءَ جون رکيون.

*

ياد لڙڪن جو ڪِري هڪ هڪ ڦڙو،
ڪئن وساريان شيام ٽهڪن جو شمار.

*

روشنيءَ سان ٻُڪ مليو ڀرجي مون کي،
هٿ کڻي اُڀ ڏانهن ٻاڏائي ڏٺم.
*

رات ڪاٽي اسان ٻنهي جاڳي
نيٺ ڪنهن ڪنهن جي ننڊ چورائي!

*

مسڪرائڻ هي، موڪلائڻ وقت
ڀانءِ وڇڙڻ جي پڻ خوشي آهي.

*

منهنجي گهر به اهي ئي تارا،
منهنجو اڱڻ جن چمڪايو پئي.

*

لفظن ۾ نه هئو ڪو مطلب،
خاموشيءَ ڀي رمز رکي پئي.

*

تو ڇني ڦول ڪيو هئن پن پن،
اُن منجهان ڪهڙو ڀلا ڦل نڪتو.
*

ڀرم هيم ته وساري ڇڏيو اٿائين مون کي،
مليو ته پاڻ جيان کيس بيقرار ڏٺم.

*

غزل ڌاري صنف آهي. سنڌيءَ جي غزل جي اوائلي شاعرن اُن کي سنڌيءَ ۾ آڻي، ان کي سنڌي ماحول سان پيش ڪيو. گل، قاسم، فاضل تائين هيءَ صنف سنڌيءَ ۾ اوپري نه پئي لڳي. حافظ، حامد ۽ سانگيءَ تائين غزل صاف سٿرو رهيو. اڳتي هلي، هن صديءَ جي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ غزل ۾ ايراني ماحول، تشبيهون، تلميحون ۽ استعارا ٺونسيا ويا، ۽ هيءَ صنف سنڌ جي ماڻهن لاءِ اوپري ٿي پيئي. شيخ اياز، شيام، دلگير، نياز، گدائيءَ ۽ شيخ راز انهن اوائلي شاعرن مان آهن، جن هن صنف کي نه فقط موٽائي سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماحول ڏي آندو، پر ان کي جديد دور جي ضرورتن موجب بدلائي نئون موڙ ڏنو. ان ڏس ۾ شيخ اياز ڪيترائي عزل لکيا، جن کي هن پاڻ ”گيڙو ويس غزل“ سڏيو.

نارايڻ شيام جي هڪ به غزل ۾ اوپرو ماحول نه ٿو ملي. هن جي ذري گهٽ هر غزل جو ماحول سنڌي آهي. ڪٿي ڪٿي دهليءَ جي شهر جا نظارا آهن، جيڪو پڻ شيام جو پنهنجو مشاهدو آهي. پر شيام، غزل جهڙيءَ ڌاريءَ صنف ۾، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس اهڙيءَ ته فنڪاريءَ سان آندا آهن، جو غزل جو روايتي تغزل به نه ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام پنهنجو اظهار به ڪري ٿو وڃي- حالانڪ ان دور ۾، جڏهن شيام جي شاعري نسري هئي، ته سنڌي غزل جو رنگ ڍنگ ايراني هئو.

شيام، غزل کي سنڌي ماحول ڏي موٽائڻ، ۽ ان کي جديد تقاضائن جي لائق بنائڻ واري تجربي ۾ پنهنجي سڀني همعصرن کان اڳڀرو آهي. اُهو ان ڪري جو هن ان تجربي ۾ غزل جي سڀني فني لوازمن کي قائم رکيو آهي. نه فقط قائم رکيو آهي، پر انهن ۾ وڌيڪ سونهن پيدا ڪئي اٿائين. شيام جو اهو ڪمال رڳو غزل تائين محدود نه آهي. هائيڪو، ترائيل، سانيٽ، آزاد نظم، رباعي، جيڪا به صنف هجي، هن اُن جي سڀني فني لوازمن ۽ ضرورتن جو اونهو مطالعو ڪري، ان کي سنڌي ويس ڍڪائي، ان کي اُجاريو ۽ پنهنجو ڪيو آهي- اهڙيءَ طرح، جو هڪ طرف اُن ۾ ڪا به فني ڪوتاهي نه رهي، ته ٻئي طرف سنڌيءَ ۾ اها صنف اوپري نه لڳي.

شيام جي غزلن جي هيٺين شعرن ۾، سنڌ جي يادين جا عڪس آهن- چٽا صاف، ۽ جذبن سان ڀريل:

الا هي صاف اُڀ، اڌ رات جي خاموش چانڊوڪي،
جو ڏسندو هوس نوشهري ۾ هيءُ ئي ماهتاب آهي!

*

رسالو شاهه جو جئن شيام مان کڻي ويٺس،
ڪيو هو پهه ڪو پتنگن اچي ڪريا ٿي بتيءَ تان.

*

الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

*

ٿر جون ڀٽون پري، ۽ پري سنڌ جون ڀٽون،
اڄ پاڻ وٽ ڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.

 *

وطن ڇڏڻ وقت مون ٿي سمجهيو ڪندو نه ڀلجي ڪو ياد ليڪن،

اياز، احسان، راز پارا ڪي قرب وارا اڃا به آهن.

*

گنگا جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.

*

ننڍپڻ ۾ شيام گهاريم جي ڪلفٽن جي بِيچ تي،
اڄ به تئن پُرشور اوڀاريون ۽ لهواريون گهڙيون.

*

شيام، لڙاٽيل لهرن خاطر،
سنڌو تانگهي سمجهي ويئي.
 

هي ته هئا ڪجهه عڪس يادين جا، سنڌ جي يادين جا، جيڪي سدائين شيام جي لاشعور ۽ شعور ۾ روشن آهن. سنڌ جي نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻيون ۽ اُنهن جا سورما ۽ سورميون به شيام جي لاشعور ۾ سمايل آهن، ۽ هنڌين ماڳين سندس شاعريءَ ۾ اُٻڙڪو ڏيئي نڪرن ٿا- غزل هجي، هائيڪو هجي، نظم هجي- شيام اُن کي ضرور سنڌي ويس پهرائي ٿو- سنڌي نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻين جي ٽاڻن، ماڳن ۽ ڪردارن کي ضرور ان ۾ آڻي ٿو؛ انهن سڀني ڪهاڻين ۽ ڪردارن کي ضرور ان ۾ آڻي ٿو؛ انهن سڀني ڪهاڻين ۽ ڪردارن مان البت مومل راڻي سان شيام کي گهڻي رغبت آهي:

ڪاڪ ٻهڪِي ٿي، هئي جيسين ڪنواري مومل،
هيءَ راڻي جي وني ٿي، ته هو ويرانو ٿيو.

*

ڪاڪ جي ڪپَ تي ڪمل ڪومل، ڪمل بدني ڪنوار،
گُل ڪماڻا، لڱ وساڻا، آءٌ ته پرچون پاڻ ۾.

*

ڪاڪ جي ماڙي رات نه چمڪي،
مومل ويٺي شمعون ٻاري.

*

چانڊوڪيءَ کي ڀاڪر پائي،
سونهن سُتل هئي ڪاڪ ڪناري.

*

چهرو چنڊ، چڪور نگاهون،
مومل ور جي واٽ نهاري.

*

مومل مومل سُٽ منجهايو،
ڪو ڪو راڻو جنهن سمجهايو.

*

ڏاڪڻ ڪانه ڏسڻ ۾ آئي،
ماڙيءَ تي ڪنهن مومل ماڻي.
 

شيام، مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ جي ماڳن ۽ ٽاڻن مان اهي نُڪتا نروار ڪيا آهن، ۽ تغزل جا اهي نمونا پيش ڪيا آهن، جيڪي فارسيءَ ۽ اردوءَ جا شاعر ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، بهزاد ماني ۽ ٻين قصن مان آڻيندا هئا. شيام سنڌي تلميحن کي غزل ۾ اهڙيءَ ريت سجايو آهي، جو ائين پيو ڀانئجي ته غزل آهي ئي سنڌيءَ جي صنف.

مومل راڻي جي داستان کان سواءِ، شيام سسئي پنهون، سورٺ راءِ ڏياچ، عمر مارئيءَ، جي داستانن کي به ساڳيءَ ئي فنڪاريءَ سان غزل ۾ آندو آهي:

اُس جي قيمت پُڇ سسئيءَ کان،

جنهن کي رات رڻن ۾ پيئي.

*

قصو قديم آهي هي سهڻيءَ جو شيام پر،
ڄاڻي ٿي دل ته ڪوئي ٻڏو ڪئن ۽ ڪئن تريو.

*

نينهن ڪرائي ننڊ ابد جي،
سورٺ سُر ۾ ڏيئي لولي.

*

ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري، سنڌ جون ڀٽون،
اڄ پاڻ وٽ ڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.

*

پياس ٻُڏڻ سان ڪين ڪي لهندي،
سهڻيءَ کي ڪنهن سمجهايو پئي.
 

شيام جو هيٺيون سڄو غزل، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ماحول ۾ تغزل جو سهڻو مرقعو آهي:

حسن ته ڪوئل جادو آهي،
جادو تنهنجي ڪوُڪوُ آهي.
ڪنڌ مٿي نرگس نه کنيو ڇو،
 

پنهنجي اک جو جادو آهي.
چيٽ ٻپهري هير ڏکڻ جي،
ڦهلي سوني خوشبو آهي.
ويراني ڪنڊيءَ تي ڳيرو،
مان آهيان هوُ هوُ هوُ آهي.
ٻي ڪا آهي دل جي ٻولي،
هندي ناهه نه اردو آهي.
گنگا جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.


* ”ڪؤنج“- نارائڻ شيام نمبر- 10- 11 - 1966ع، بمبئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org