سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:18

ننڍپڻ ۾ شيام گهاريم جي ڪلفٽن جي بِيچ تي،
اڄ به تئن پُرشور اوڀاريون ۽ لهواريون گهڙيون.

*

شيام، لڙاٽيل لهرن خاطر،
سنڌو تانگهي سمجهي ويئي.

هي ته هئا ڪجهه عڪس يادين جا، سنڌ جي يادين جا، جيڪي سدائين شيام جي لاشعور ۽ شعور ۾ روشن آهن. سنڌ جي نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻيون ۽ اُنهن جا سورما ۽ سورميون به شيام جي لاشعور ۾ سمايل آهن، ۽ هنڌين ماڳين سندس شاعريءَ ۾ اُٻڙڪو ڏيئي نڪرن ٿا- غزل هجي، هائيڪو هجي، نظم هجي- شيام اُن کي ضرور سنڌي ويس پهرائي ٿو- سنڌي نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻين جي ٽاڻن، ماڳن ۽ ڪردارن کي ضرور ان ۾ آڻي ٿو؛ انهن سڀني ڪهاڻين ۽ ڪردارن کي ضرور ان ۾ آڻي ٿو؛ انهن سڀني ڪهاڻين ۽ ڪردارن مان البت مومل راڻي سان شيام کي گهڻي رغبت آهي:

ڪاڪ ٻهڪِي ٿي، هئي جيسين ڪنواري مومل،
هيءَ راڻي جي وني ٿي، ته هو ويرانو ٿيو.

*

ڪاڪ جي ڪپَ تي ڪمل ڪومل، ڪمل بدني ڪنوار،
گُل ڪماڻا، لڱ وساڻا، آءٌ ته پرچون پاڻ ۾.

*

ڪاڪ جي ماڙي رات نه چمڪي،
مومل ويٺي شمعون ٻاري.

*

چانڊوڪيءَ کي ڀاڪر پائي،
سونهن سُتل هئي ڪاڪ ڪناري.

*

چهرو چنڊ، چڪور نگاهون،
مومل ور جي واٽ نهاري.

*

مومل مومل سُٽ منجهايو،
ڪو ڪو راڻو جنهن سمجهايو.

*

ڏاڪڻ ڪانه ڏسڻ ۾ آئي،
ماڙيءَ تي ڪنهن مومل ماڻي.

شيام، مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ جي ماڳن ۽ ٽاڻن مان اهي نُڪتا نروار ڪيا آهن، ۽ تغزل جا اهي نمونا پيش ڪيا آهن، جيڪي فارسيءَ ۽ اردوءَ جا شاعر ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، بهزاد ماني ۽ ٻين قصن مان آڻيندا هئا. شيام سنڌي تلميحن کي غزل ۾ اهڙيءَ ريت سجايو آهي، جو ائين پيو ڀانئجي ته غزل آهي ئي سنڌيءَ جي صنف.

مومل راڻي جي داستان کان سواءِ، شيام سسئي پنهون، سورٺ راءِ ڏياچ، عمر مارئيءَ، جي داستانن کي به ساڳيءَ ئي فنڪاريءَ سان غزل ۾ آندو آهي:

اُس جي قيمت پُڇ سسئيءَ کان،

جنهن کي رات رڻن ۾ پيئي.

*

قصو قديم آهي هي سهڻيءَ جو شيام پر،
ڄاڻي ٿي دل ته ڪوئي ٻڏو ڪئن ۽ ڪئن تريو.

*

نينهن ڪرائي ننڊ ابد جي،
سورٺ سُر ۾ ڏيئي لولي.

*

ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري، سنڌ جون ڀٽون،
اڄ پاڻ وٽ ڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.

*

پياس ٻُڏڻ سان ڪين ڪي لهندي،
سهڻيءَ کي ڪنهن سمجهايو پئي.

شيام جو هيٺيون سڄو غزل، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ماحول ۾ تغزل جو سهڻو مرقعو آهي:

حسن ته ڪوئل جادو آهي،
جادو تنهنجي ڪوُڪوُ آهي.
ڪنڌ مٿي نرگس نه کنيو ڇو،
 

پنهنجي اک جو جادو آهي.
چيٽ ٻپهري هير ڏکڻ جي،
ڦهلي سوني خوشبو آهي.
ويراني ڪنڊيءَ تي ڳيرو،
مان آهيان هوُ هوُ هوُ آهي.
ٻي ڪا آهي دل جي ٻولي،
هندي ناهه نه اردو آهي.
گنگا جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.

     *

شيام هڪ خط ۾ لکي ٿو: ”اسان جي لوڪ پريه گيتن جي پس منظر ۾ اسان جون لوڪ پريه ڪهاڻيون ئي رهنديون. ٿورو ڌيان ڏيندين ته ڏسندين ته مسلمانن جي اٺن صدين جي حڪومت بعد به اسان جي لوڪ گيتن ۾ ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد جهڙيون آکاڻيون پنهنجي لاءِ قابل غور جڳهه وٺي نه سگهيون آهن. ساڳئي وقت رام ۽ ڪرشڻ جون ليلائون به ڪا جاءِ والاري نه سگهيون آهن.

شيام جي شاعريءَ جي گهاڙيٽن ۾، غزل گهڻا آهن- ۽ اهي غزل صاف سلوڻيءَ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. شيام هندستان ۾ رهندي، ٻين سنڌي شاعرن ۽ اديبن وانگر هنديءَ جو اثر قبول نه ڪيو آهي. سندس سنڌي اهڙي صاف آهي، جو سنڌ ۾ رهندڙ شاعر به نٿا لکن. هن جي غزل ۾ نواڻ آهي، کوجنا آهي، جديد پيچيده زندگيءَ جا عڪس آهن، هن صديءَ جا مسئلا آهن، سنڌي ماحول آهن. هن وٽ لفظي ردم آهي، پر هلڪو- اهڙو جو پڙهندڙ جو ذهن اُن ۾ اٽڪي نه پوي ۽ اصل خيال ڏي راغب ٿئي. هن جي غزلن ۾ نغمگيءَ ۽ فڪر جو توازن آهي.

شيام جا اڪثر غزل غير مردف آهن. هن فقط اوائلي دؤر جي غزلن ۾ رديف استعمال ڪيو آهي ۽ اڳتي هلي بنا رديف جي غزل لکيا اٿائين. ان ڪري، جو رديف خيال کي محدود ڪري شاعر کي لفاظيءَ ۽ قافيه پيمائيءَ تي مجبور ٿو ڪري. بنان رديف واري غزل ۾ شاعر کي نسبتاّ وڌيڪ آزادي ٿي ملي.

شيام جي غزلن جي، اڀياس مان لڳي ٿو ته شيام اسان جي دؤر جي غزل چوندڙ شاعرن جي صف اول جو شاعر آهي. هُن غزل جي سڀني فني ضرورتن ۽ لوازمن کي قائم رکندي، اُن جي ٻوليءَ، ماحول، تلميحن، تشبيهن ۽ استعارن کي مقامي رنگ ڏنو آهي ۽ اُهو به اهڙيءَ فنڪاريءَ سان، جو هن صنف جو اصلي روح به قائم رهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اها اوپري به محسوس نه ٿئي.

شيام جي ٽئين مجموعي ’روشن ڇانورو‘ ۾ دوها ۽ سورٺا آهن ته اُن ۾ دوهن ۽ سورٺن سان گڏ بيت پڻ آهن. دوهو ۽ سورٺو، ڪلاسيڪي هندي شاعريءَ جي ٻه- سٽي صنف آهي، ۽ بيت سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي. شيام وٽ اهي ٽيئي صنفون پنهنجي ڪلاسيڪي رچاءَ سان موجود آهن. انهن قديم صنفن ۾ پڻ شيام جديد دؤر جي تقاضائن کي شامل ڪيو آهي:

کيڏان اُسڙي ڇانوڙي! ڪير پينهندو جنڊ،
ڪير ٿڦيندو روٽلا، هي تارا يا چنڊ؟

*

چتيون لڳل رنگين ڪيڏيون اُن تي آس جون،
هيءَ دل آهي ڪِي ڪا گودڙي فقير جي!

*

جذبن جي کوجنا- ۽ نواڻ- انوکا عڪس شيام جي هر صنف ۾ موجود آهن:

سندر ڪونه وڌيڪ ڏسجي ڄڃ ۾ ڪنوار کان،
چنڊ ٻيج جو ليڪ ته به ڪو تارا مٽ پون!

*

مٺ ڀيڙي گهارڻ ڪُلي ڪنجوسن جي ڪار،
رنگ ماڻ، سرهاڻ ڏي، گُل ٿي، جڳ ۾ گهار!

 

’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۾، شيام هڪ انوکو تجربو ڪيو آهي. هن مسلسل دوها ۽ سورٺا لکيا آهن، جيڪي نظم جي صورت ۾ آهن. انهن نظمن ۾ موضوع ۽ مرڪزي خيال شروع کان آخر تائين ساڳيو آهي، ۽ ماترائن ۽ قافيي جي لحاظ کان دوها ۽ سورٺا آهن. شيام انهن نظمن کي عنوان به ڏنا آهن: رات، ڀيڃ ڀني، مرڪ ڀري مورت مٺي، وغيرهه.

شيام جا ڪي دوها، سورٺا، توڙي بيت هائيڪو رنگ آهن. انهن ۾ هائيڪو وانگر تصويرون آهن:

پٿر ڪرندي ڍنڍ ۾ جيئن ٿيو آواز،
ڀر تي بيٺل وڻ منجهان پکيءَ ڪيو پرواز.

*

ڀت تان چاپوڙا لٿل، در جا شيشا چور،
سج پَچائي پور، خالي هاڻ مڪان ۾.

*

گلي ملي طوفان ۾، ڊوڙي رکَ رَکَ ساڻ،
قبرستان مساڻ، مرڪيا پئي پاٻوهه مان.

*

او سنگيت سڄاڻَ ٻڌ، او سنگيت سڄاڻ،
ڏيڏر ڪوئل ساڻ، شرط رکي ڳائي پيو.

*

ايڏي ڦهلي روشني، اُس ٿي ايڏي سخت،
پنهنجي ڇانوَ درخت، ويو سميٽي پاڻ ۾.

ان دقيانوسي صنف ۾، شيام پيار ۽ بي تعصبيءَ سان ڀريل جذبا پيش ڪيا آهن، جيڪو موضوع شاعريءَ لاءِ ته پراڻو آهي، پر شيام وٽ نت نئون ٿو لڳي:

ڏسيو هزارن رهبرن، هڪ ئي راهگذار،
رستا هيئن هزارَ هڪڙيءَ گمراهيءَ ڪڍيا.

شيام جي شاعري گهڻي قدر تجرباتي آهي، هن هر صنف ۾ موضوعن جا تجربا ڪيا آهن. هو سنڌي شاعريءَ ۾ ’ترائيل‘ جو بنياد وجهندڙ آهي. شيام کان سواءِ هري دلگير ۽ هريڪانت به ڪامياب ترائيل لکيا آهن. اڄڪلهه سنڌ توڙي هند ۾، هيءُ فرانسيسي گهاڙيٽو نوجوان شاعرن جو مقبول گهاڙيٽو ٿي پيو آهي. اٺن سٽن جو هيءُ گهاڙيٽو وراڻيءَ جي ڪري مترنم ۽ اثرائتو ٿي پيو آهي. ’روشن ڇانوري‘ جو پهريون ئي ترائيل سنڌ جي محبت سان ڀريل آهي:

سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان،
سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هِتي سنڌ هُتي،
ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان،
سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان.
 

ترائيل جهڙي اوپري صنف به شيام وٽ ڄڻ مقامي آهي. ڪير چوندو ته هيٺيان ٻه ترائيل هن ماحول ۽ هن مٽيءَ جا نه آهن:

 

ڦاڳ آيو، ڳاءِ هوليون، رنگ سان هولي رچاءِ،

آهي هر موسم کلي پنهنجو راڳ ۽ پنهنجي ورنهن،
 

جئن، جڏهن، جيڪو ملي سو تئن، تڏهن موقعو مناءِ،
ڦاڳ آيو، ڳاءِ هوليون رنگ سان هولي رچاءِ.
 

مٿئين ترائيل ۾ ڦاڳ، هولي، رنگ فرانس سان دور جو واسطو به نه ٿا رکن. ڪهڙيءَ نه فنڪاريءَ سان شيام هن ڌاريءَ صنف کي سنڌيءَ ۾ ڦٻائي ويو آهي!

هڪ ٻيو ترائيل:

جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي،
ڏسندي مٿي تان ڪنهن جي رئو ئي ڪري پيو؛
نالو نکٽ نکٽ جو ٻڌي شوق مان تڪي،
جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي؛
اُڀ ڏانهن هيءُ ڏسي ۽ ڪو ڏانهس پيو ڏسي،
 

نظرن کي سڪ ۽ سونهن جو مرڪز ملي ويو؛
جهلمل ڪندڙ حسين ستارن جي ميڙ ڏي،
ڏسندي مٿي تان ڪنهن جي رئو ئي ڪري پيو.
 

مٿيون ترائيل سڄو ڏنو اٿم، جو اُن ۾ سڄو ڪمال پهرين ٻن سٽن ۾ آهي. مٿي تان رئو ڪرڻ رڳو مشرقي، خاص ڪري سنڌي سماج جي تصوير آهي. ۽ هن ترائيل ۾ شيام ’هائيڪو رنگ‘ ڀريو آهي. شيام وٽ تجربن، ۽ ڪامياب تجربن، جي کوٽ ڪانهي. فرانسيسي ترائيل جهڙي اُوپري ۽ سنڌيءَ ۾ تازي آيل گهاڙيٽي ۾ جپاني هائيڪو جو تاثر پيدا ڪرڻ، ۽ انهن ٻنهي فرانسيسي گهاڙيٽي ۽ جپاني تاثر کي نجي سنڌي عڪس، ”مٿي تان رئو ڪرڻ“، ۾ سمائڻ، منهنجي خيال ۾ ته شاعريءَ جي فن جو ڪمال آهي. شيام جي شاعراڻيءَ عظمت جي ثبوت لاءِ هڪڙو هيءَ ترائيل ئي ڪافي آهي، جنهن ۾ هن ٽن ملڪن جي شاعراڻين ڌارائن جو حسين سنگم پيش ڪيو آهي، ۽ اهو به اهڙيءَ طرح، جو ڌارين ڌارائن جي ڌارئي هجڻ جو احساس ئي نه ٿو ٿئي.

شيام جي شاعريءَ جي اُڀياس ڪندي لڳي ٿو ته غزل کان پوءِ شيام جو ٻيو نمبر مرغوب گهاڙيٽو ’هائيڪو‘ آهي. ڇو ته ’تصويرون‘ جي عنوان هيٺ، شيام جي لکيل هائيڪن کان سواءِ، شيام جي شاعريءَ جي ذري گهٽ هر گهاڙيٽي ۾ هائيڪو جو تصور ملي ٿو. بيت هجي، وائي هجي، غزل هجي، ترائيل هجي، دوهو ۽ سورٺو هجي- سڀني گهاڙيٽن ۾ شيام ڪٿي نه ڪٿي هائيڪو جا اشارا (Touches) ڏنا آهن.

’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۾ شيام پنهنجي هائيڪن کي ”تصويرون“ سڏيو آهي. هائيڪو آهن به تصويرون. جيڪي تانگ گهراڻي جي تصويرن وانگر ”خال کي ڀرڻ کان سواءِ ئي ڀرين ٿيون.“

هائيڪو شاعريءَ جي فن ۽ تاريخ تي مون ٻه مضمون لکيا آهن. اُن ڪري انهيءَ جي فني ضرورتن کي هتي نه ٿو ورجايان، پر اهو چوڻ ضروري ٿو سمجهان ته پهرين شيام ۽ پوءِ شيخ اياز اهڙا سنڌي شاعر آهن، جيڪي هن جپاني گهاڙيٽي جي اونهائيءَ تائين پهچي سگهيا آهن، سنڌيءَ ۾ اهڙا هائيڪو تخليق ڪيا اٿائون. جيڪي اُن جي اصلي روح کي قائم رکيو اچن. مختصر طور، هائيڪو هڪ عڪس آهي، جذبي سان ڀريل عڪس. اهو معروضي عڪس آهي، جيڪو ڪنهن ’وٿ‘ (Object) کي وقت ۽ ماڳ (Time and Space) ۾ متعين ٿو ڪري، ۽ ان ۾ موسم (Season) جو عنصر ضروري آهي. ان جو گهاڙيٽو آهي 5، 7، 5 اُچار، ۽ پهرينءَ ۽ پوئينءَ سٽ جو قافيو ساڳيا هوندو آهي.

شيام جا هائيڪو ڏسو، ۽ پڙهو:

 

تارا سهس هزار،

هو ماناري تي مکيون،

ٽپڪي روشن لار.

          *

ڏيئي ڪنڌ کي ٻانهن،

کٽ تي ليٽي پئي تڪيئه،

رات ستارن ڏانهن.

          *

موڪل واري ڏينهن

چانئٺ تي بيٺس اچي،

اڄ به اچي پيو مينهن.

          *

پوپٽڙا رنگين،

ٻار ته گڏجي ماءُ سان،

هاڻي هلندا ڪين.

          *

ساز رکيل ڀِت ساڻ،

بند اکيون چپ ڳائڻو،

راڳن ساڻ رهاڻ.

          *

سينور چڙهيل تلاءُ،

ڏيڏر ٽپ ڏنو مگر،

لهرن جو نه لکاءُ.

          *

هي ڇر، سَرَ ۽ ڪانهن،

ڪيئن ڇڪجي آيس هتي،

ويس پئي ڪيڏانهن.

          *

ماءُ ڏنس پئي مار،

پوءِ به چنبڙي ماءُ کي،

سڏڪيو پئي جو ٻار.

          *

ڍنڍ ڪنارين ڪنگ،

ڪاغذ تي اونڌا سنوان،

ٻار لکيا پئي انگ.

          *

گليءَ گليءَ ۾ شور،

اونهاري جون موڪلون،

ٻار لغڙ ۽ ڏور.

          *

در کڙڪايو واءُ،

کوليم پر ڪنهن کي کلي،

چوان ته اندر آءُ!

          *

پڪڙيم پئي پوپٽ،

سهڻي سهڻي ڦول کي

ائين لڳي ويو جهٽ.

          *

ڪانوَ جي ڪان ڪان،

نوريئڙو چچري وئي،

موٽرَ تيزيءَ سان.

          *

پَٽ تي ٿيو ڦهڪو،

ڇت تان هڪ ڪرڙي ڪري،

هانوَ اندر دهڪو.

          *

گندو نالو، بوءِ،

بيٺل پاڻيءَ ۾ بکي،

سج جي روشن روءِ.

          *

ساز رکيل ڀت ساڻ،

بند اکيون چپ ڳائڻو،

راڳن ساڻ رهاڻ.

          *

چوڏس چانڊاڻو،

اڳيان رسالو شاهه جو،

سر مومل راڻو.

          *

سَنجها جي ٽاڻي،

مرڪي پُڇڻ لڳي، ڀلا،

بتي رکان آڻي!

          *

هيڏا اُسريا گاهه،

راڻي ڌاران ڪاڪ جي

ڪير لتاڙي راهه.

          *

ريڊيو، سنڌي راڳ،

چاءِ پيالي چپن تي،

نيڻين ننڊ نه جاڳ.

          *

ڪوئل جي ڪونجار،

دونهون جيٽ جهاز جو،

هيءَ جمنا جي ڌار.

هنن هائيڪن ۾، سنڌي ماحول سمايل آهي، راڻي ۽ ڪاڪ جو ذڪر آهي، چانڊاڻ ۾ شاهه جو رسالو کُليو پيو آهي، ڪٿي جديد زندگيءَ جا عڪس آهن: جيٽ جهاز، ريڊيو تي سنڌي راڳ ۽ چپن تي چاءِ پيالي.

ڪن جپاني هائيڪن کي شيام اهڙيءَ فنڪاريءَ سان سنڌيءَ ۾ سمايو آهي، جو اُهي جپاني ئي نٿا لڳن، جيئن باشوءَ جو ’سينواريل تلاءُ‘ وارو هائيڪو. شيام جي هائيڪن کي پڙهي ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته ٻوليءَ لاءِ ڪابه صنف اوپري نه آهي- رڳو اُن کي شيام جهڙن شاعرن جي فنڪاراڻي ڇهاءَ جي ضرورت آهي. هائيڪو جي گهاڙيٽي ۾ به شيام جي تخليق ۽ کوجنا- مشاهدو- سڀ چوٽ تي آهن. مار کائيندڙ ٻار جو ماءُ کي چنبڙي سڏڪڻ، اونهاري جي موڪلن ۾ ٻارن جو لغڙن تي شور ڪرڻ، گندي نالي جي مٿاڇري تي سج جي روشن روءِ ظاهر ٿيڻ، موٽر جي نوريئڙي کي چچرڻ تي ڪانون جي ڪان ڪان، اهي سڀ ماڳ ۽ ٽاڻا شاعريءَ لاءِ انوکا، نوان ۽ جديد آهن.

وائيءَ جي ڪلاسيڪي صنف کي سنڌيءَ ۾ ٻيهر رائج ڪرڻ ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ بردي سنڌيءَ جون ڪوششون شامل آهن. شروعات شيخ اياز ڪئي، هو اڃا تائين وائيءَ سان نباهيندو اچي. نارائڻ شيام جون وايون اٿاهه ترنم ۽ روانيءَ جون حامل آهن. هَن وراڻيءَ واريءَ سٽ جي زورائتي اثر کان ڪم ورتو آهي، جيڪو وائيءَ جي گهاڙيٽي جي فن جو ٽيڪنيڪي راز آهي- ورجاءَ واري سٽ بار بار اچي مرڪزي خيال کي وڌيڪ اثرائتو ٿي بنائي. ڪافيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن وائيءَ کي وساري ڇڏيو. هن دور ۾ اياز، شيام ۽ بردي اُن کي ٻيهر جياريو ۽ اڄڪلهه اهو نوجوان شاعرن جو مقبول گهاڙيٽو ٿي پيو آهي.

نارائڻ شيام جون وايون جيڪي ’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۾ شامل آهن، اُهي روايتي سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل آهن، جيئن:

  نکري پيو آڪاس- راڻو آيو ڪاڪ تي.

پر اهڙين واين ۾ شيام، روايتي رنگ ۾ پڻ نواڻ پيدا ڪئي آهي:

مٺڙي مٺڙي مرڪ فضا جي،

          سرهو سرهو سواس-

          راڻو آيو ڪاڪ تي.

سج جون سونيون باکون جهلڪن،

          سون ورن احساس-

          راڻو آيو ڪاڪ تي.

هڪ ٻي وائي به مومل راڻي جي موضوع تي آهي. مومل راڻي جو موضوع شيام جي پسند جو موضوع آهي، ۽ هن پنهنجي گهاڙيٽي- غزل، بيت، رباعي، هائيڪو، وائيءَ ۽ نظم- ۾ شيام ان کي آندو آهي:

تنهنجو ناتو راڻا،

مومل لئه سمجهاڻي.

ڀونئر ڀنڀوليا جن تي،

سي ته ڪنور ڪوماڻا،

مومل لئه سمجهاڻي.

اهو ته ٿيو روايتي رنگ. هيءَ دقيانوسي ۽ آثار قديمه جي صنف، جنهن کي پوءِ ايندڙ ڪلاسيڪي شاعرن ماريل سمجهي ڇڏي ڏنو هئو، اُن ۾ شيام ڪيتريون نه کوجنائون ڪيون آهن ۽ ان ۾ ڪهڙا نه نوان تجربا ڪري نوان رنگ ڀريا اٿائين:

ڪوئل جي ڪونجار، مون نه جوانيءَ ۾ لّکي.

پوپٽ نچندا ئي رهيا،

رنگ رتي جهنڪار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي.

وڻج نِجو ئي نور جو،

تارن جي بازار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي.

هن وائيءَ ۾ ”رنگ رتي جهنڪار“ ۾ موسيقي ۽ رنگ رلمل آهن، ته ”تارن جي بازار“ ۾ نواڻ آهي، جيڪا وائيءَ جي گهاڙيٽي لاءِ نئين آهي.

هڪ ٻي وائي:

ٽانڊاڻي جي لاٽ- رات انڌاري پنڌ گهڻو.

هڪ وک کڻندي روشني، ٻي وک کڻندي ٻاٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ- رات انڌاري پنڌ گهڻو.

ڪنهن ڪنهن مهل هتان هتان، رکي رکي چمڪاٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ- رات انڌاري پنڌ گهڻو.

بوند بوند هيءَ روشني، اوندهه نجي اساٽ،

ٽانڊاڻي جي لاٽ- رات انڌاري پنڌ گهڻو.

هن وائيءَ کي پڙهي، لڳي ٿو ته شيام ”هائيڪو رنگ وائي“ لکي آهي. ”ڪنهن ڪنهن مهل هِتان هُتان، رَکي رَکي چمڪاٽ“ هائيڪو جو رنگ آهي، جيڪو شيام هن وائيءَ ۾ آندو آهي. پر اُن ”هائيڪو رنگ“ آڻڻ جي باوجود شيام وائيءَ جي ’گهاڙيٽي‘ ۽ ’مزاج‘ جون سڀ فني ضرورتون پوريون ڪيون آهن:

جرڪي پيئي جُوءِ، چيٽ جي سونيءَ اُس ۾.

سنڀران ڪونه ته اڳ ٽڙيا، مگرا ههڙيءَ روءِ،

چيٽ جي سونيءَ اُس ۾.

گونجي پريان مڙهيءَ منجهان، صاف سڱيءَ جي هوءِ،

چيٽ جي سونيءَ اُس ۾.

ان وائيءَ ۾ ”چيٽ جي سوني اُس“ ۽ ”مڙهيءَ منجهان سِڱيءَ جي هوءَ“ روايتي سنڌي شاعريءَ مان کنيل عڪس آهن. پر انهن کي آڻڻ جو انداز (Treatment) اهڙو اُستاداڻو (Masterly) آهي، جو اهي موضوع ۽ اهي عڪس نت نوان ٿا لڳن. جيئن فرينچ شاعر ڪاشوُ چيو آهي: ”ڪا عام شيءَ کڻو، ان کي چمڪائي، جرڪائي پيش ڪيو، اهائي شاعري آهي“- شيام سنڌي روايتن کي اهڙيءَ ئي طرح پر واقعي ڪيڏو نه چمڪايو ۽ جرڪايو آهي.

’پنکڙيون‘ کان پوءِ رباعيون رڳو شيام جي هن مجموعي (’ماڪ ڀنا رابيل‘) ۾ آهن. رباعيءَ جي ٺيٺ فارسي گهاڙيٽي ۾ بيت جي موضوع کي سمائڻ، اهو به ڪمال فن ڪاريءَ سان- اِهو شيام جهڙي شاعري جوئي ڪم آهي.

سپرين جو نيٺ هو اچڻ جو اقرار،
ڇا ماکيءَ ميٺ هو اچڻ جو اقرار،
آسرونديون اکيون تڪن ساري رات،
هِن تاري، هُن هيٺ، هو اچڻ جو اقرار.

هن رباعيءَ ۾، شاهه لطيف جي سر کنڀات واري بيت ”هِن تاري، هُن هيٺ، هت منهنجا سپرين“ جو ماحول آهي. پر ٺيٺ سنڌي بيت کي رباعيءَ ۾ آڻڻ شيام جو ئي فن آهي.

اهو ته ٿيو بيت رباعيءَ ۾- هاڻي رباعيءَ ۾ هائيڪو ڏسو:

خاموش فضا ۽ شام ڌنڌلي ڌنڌلي،
سُڌ ناهه ته ڪنهن مهل ويم ننڊ کڄي،
آڌيءَ وڳڙي اکيون کُليون جئن منهنجون

ڇانيل اڌ هنڌ تي هئي چانڊوڪي.

ائين چئبو ته هيءُ ’چئن سٽن جو هائيڪو‘ آهي. (اڄڪلهه جديد نقاد انجيل ۽ هيمنگويءَ ۾ به هائيڪو ڳولي ٿا لهن).

هي رباعيون پڙهو. رباعي فارسي گهاڙيٽو آهي. ان ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار ڪهڙيءَ نه فنڪاريءَ سان آندل آهن. جو ڀانئجي ٿو ته هي گهاڙيٽو فارسي نه پر سنڌي آهي:

اوٺي اوٺي هوريان هوريان اٺ ڪاهه،
هونگاريندي ڳالهه نه هيءَ دل تان لاهه،

*

تنهنجي اٺ تي ساهه سريکو سپرين،
منهنجي دل تي بار وڇوڙي جو آهه.

*

بڻجي هرڪا نار نه مومل پوندي،
هر موسم ۾ لات نه ڪوئل لَوندي،
 

راڻا پنهنجي هوڏ نه ڇڏ پر دنيا،
توکي ته صدين بعد به پاڳل چوندي.

*

سهڻي سهڻي هئي ته بس ميهر لئه،
هن جو دريا تي ٻُڏڻ ترڻ هو ور لئه،
ڪنهن جو هو چنڊ چاندني ڪنهن جي ٿي،
ڪارو ڪارو ڪلنڪ سهڻي گهر لئه.

مٿين رباعين ۾ شيام سنڌي ماحول آڻڻ سان نه فقط رباعيءَ جي گهاڙيٽي، پر اُن جي روح کي پڻ قائم رکيو آهي. هر رباعيءَ ۾، هڪ انوکو ۽ اونهو نڪتو آهي، Climax آهي، جيڪا هن گهاڙيٽي جي جان آهي.

هيٺين رباعين ۾، جذبن، عڪسن، ۽ ٽاڻن جون اهي کوجنائون آهن، جيڪي شيام جي شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين موجود آهن.

ليڙن ۾ جوانيءَ جي اچڻ تي ڦٿڪِي،
پوتيءَ جو پلئه سيني ڍڪڻ لاءِ ڇڪي،
جئن آهه ڀري ڦاٽي تهائين چولِي،
ڍڪجي ٿي غريبي نه جواني ٿي لِڪي.

هيءَ رباعي آهي گهاڙيٽي ۽ ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان، پر جديد ترقي پسند سوچ جو هڪ نادر نمونو آهي- عڪس آهي، چرندڙ پرندڙ عڪس آهي. هن ۾ انسان دوستي ۽ سماجي انصاف جي لاءِ پڪار آهي- دقيانوسي، روايتي ۽ اونداهي گهاڙيٽي ۾ وڄ جو چمڪاٽ آهي.

هيٺينءَ رباعيءَ ۾ ڪهڙو نه چٽو، سهڻو ۽ چرندڙ عڪس آهي، جيڪو رومانوي جذبي سان ڀريل آهي: اهو به رباعيءَ ۽ هائيڪو جو ميلاپ آهي. پر اُن ۾ مقامي ماحول آهي. رباعي فارسي، هائيڪو جپاني، ۽ ماحول هندستاني!

سانجهن ويلي گانءِ ڏڌي پئي راڌا،
روپا ڪرڻا ٿڻن منجهان پئي نِڪتا؛
چونئريءَ مان پيس هارجي سڀ چانڊوڪي،
ٻُڌندي ئي آلاپ مٺا مرليءَ جا.

هن رباعيءَ ۾ موسيقي جي تشبيهه ڏني ويئي آهي. اها تشبيهه اهو ئي ڏيئي سگهندو؛ جنهن کي موسيقيءَ جو سٺو ذوق هوندو، ۽ ڄاڻ هوندي:

مان ڪالهه ويس پور پچائيندو پئي،
سامهون تو سڏيو اوچتو اچي رستي تي،
ڦيرائي ڇڏيئه سلسلو ويچارن جو،
ڪو ڳائڻو جئن مينڍ ڏئي سر بدلي.

’پنکڙيون‘ کان وٺي، ’ماڪ ڀنا رابيل‘ تائين، نارائڻ شيام رباعين ۾ تجربا ڪري، ان کي فارسي ماحول ۽ لهجي کان بلڪل ٻاهر ڪڍي، اُن ۾ سنڌي لهجو ۽ ماحول سمايو آهي، ۽ پڻ ترقي پسند سوچ کي آندو آهي، ۽ ڪن ڪن رباعين ۾ هائيڪو جو عنصر پيدا ڪيو آهي.

’ماڪ ڀنا رابيل‘ جي نظمن واري حصي ۾ به اهڙا نظم ڏنل آهن، جيڪي تجرباتي آهن. ڪن نظمن جو گهاڙيٽو ماترائن موجب ائين ٿو لڳي ته سنڌي آهي، ته ان ۾ فارسي وزن فعلن فعلن فعلن- فعلن فعلن فعلن جو ردم به محسوس ٿئي ٿو. نظم ”خواب“ جو گهاڙيٽو سانيٽ (چوڏسيءَ) جو آهي، پر ان جي ٻولي، رواني ۽ موسيقيت ان گهاڙيٽي جي اُوپرائپ کي ڍڪي ڇڏيو آهي. نظم ”سک نه مليو سک پائي“ ترائيل آهي، جنهن جي موضوع، لهجو، ٻولي، موسيقيت ۽ ماحول، سڀني گڏجي اُن ۾ اهڙو مقامي رنگ ڀريو آهي، جو گهاڙيٽي جي اوپري هجڻ ڏي گمان ئي نه ٿو وڃي:

چنڊ لئه ٻار رڙي ٻانهون مٿي ڦهلائي،
آرسي ڏيئي چون کيس ته وٺ چنڊ اجهو،
هاءِ سنسار هتي سک نه مليو سک پائي،
نانءُ ٿيو اصل جو، هٿ آيو مگر عڪس رڳو.

فارسي عروض جو وزن، فرانسيسي شاعريءَ جو گهاڙيٽو ترائيل، ۽ ماحول، لهجو، ٻولي، ۽ موسيقيت خالص سنڌي.

نارايڻ شيام جي شاعريءَ جي اٺن ئي مجموعن جي اُڀياس مان لڳي ٿو ته پهرين ’ماڪ ڦڙا‘ ۾ شيام تجربا ڪيا آهن، ۽ آزاد نظم، سانيٽ، گيت، غزل لکيا آهن، اڳتي هلي ’روشن ڇانورو‘ ۽ ’ماڪ ڀنا رابيل‘ ۾ هن دوهن، سورٺن، واين، هائيڪو، ترائيل ۽ غزل ۾ قلم آزمايو آهي، ۽ نيٺ غزل سان لنئون لاتي اٿائين.

شيام جنهن به ڌاريءَ صنف کي اختيار ڪيو آهي، ته ان جي سمورين فني ضرورتن کي پروڙي، ان کي سنڌي ماحول مطابق پيش ڪيو اٿائين، ۽ ان جي اوپرائپ کي بلڪل ئي ختم ڪري ڇڏيو اٿائين. هن هر گهاڙيٽي ۾ اصليت، انفراديت ۽ تخليق کي قائم رکيو آهي. هن جي شاعريءَ جا ماڳ، احساس، ۽ ٽاڻا ورجايل نه، پر اصلي ۽ کوجنا ڪيل آهن. هن شاعريءَ ۾ ردم ۽ خيال ۾ توازن قائم رکيو آهي، ۽ لفظي ردم جي جادوگريءَ تي فڪر ۽ نياپي کي قربان نه ڪيو آهي.

هو سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم، چوڏسيءَ (Sonnet) ترائيل ۽ هائيڪو جي بنياد وجهندڙ شاعرن مان آهي، ۽ سنڌي بيت ۽ وائيءَ کي ٻيهر جيارڻ ۽ اُن کي جديد تقاضائن لائق بنائڻ ۾ شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ سان گڏ هن جو وڏو حصو آهي.

هن جي شاعري صحيح معنيٰ ۾ ’جديد‘ آهي، ڇو ته غزل، هائيڪو، نظم، بيت، دوهي- هر گهاڙيٽي- ۾ هن اڪثر ڪري جديد پيچيده زندگيءَ جا عڪس، مسئلا ۽ احساس پيش ڪيا آهن.

شيام صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسند ۽ محب وطن شاعر آهي. هن جي ترقي پسندي نعري بازي نه آهي (سواءِ ڪن اوائلي نظمن جي)، ۽ هن جي وطن دوستي سطحي نه آهي. هن جي شاعري نجي شاعري آهي، ۽ هو نجو شاعر (Pure and genuine Poet) آهي.

هن هندي سنسڪرت جي ڪلاسيڪي ڌارائن، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صوفياڻين روايتن، جپاني شاعريءَ جي گهاڙيٽي ۽ اُن جي فني خوبين، جديد مغربي شاعريءَ جي لاڙن، ۽ ترقي پسند ۽ وطن دوست سوچ جي ميلاپ سان، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي اسلوب کي تخليق ڪيو آهي، جيڪو فقط شيام جو ڪارنامو آهي. اُن اسلوب کي تخليق ڪرڻ لاءِ ايترين سارين ٻولين جي اونهي اُڀياس، ۽ ان سان گڏ نارايڻ شيام جي باذوق فطرت، درد مند ۽ وطن دوست دل جي ضرورت آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن شاعر لاءِ ناممڪن آهي، ان ڪري شيام اسان جي دؤر جو مها ڪوي آهي.

مون شيام جي ڇپيل اٺن ئي مجموعن کي آڏو رکي، هيءُ اڀياس لکيو آهي: ’ماڪ ڦڙا‘- 1953ع ، ’پنکڙيون‘- 1955ع، ’رنگ تي لهر‘- 1956ع، ’روشن ڇانورو‘- 1961ع، ’ماڪ ڀنا رابيل‘- 1964ع، ’واريءَ ڀريو پلاند‘- 1967ع، ’آڇيندي لڄ مران‘- 1982ع، ’مهڪي ويل صبح جي‘- 1983ع. هينئر شايع ٿيندڙ غزلن جي مجموعي، ’نڪور غزل‘ کي مون هن اڀياس ۾ شامل نه ڪيو آهي- ان ڪري، جو مان چاهيان ٿو ته سنڌي زبان جي شاعريءَ جا چاهيندڙ ۽ شائق، سنڌيءَ جي هن انوکي شاعر ۽”ڪوتا جي ڪاڪ ڌڻيءَ“ جو تازو ڪلام، پاڻ، بنان ڪنهن اڳواٽ مڙهيل رايي يا نتيجي جي، پڙهي، ان کي ماڻِن، ۽ ان مان لطف حاصل ڪن.

نارايڻ شيام جي هن مجموعي ۾ اهي غزل شامل آهن، جيڪي هن سنه 1973ع کان سنه 1976ع تائين لکيا. سنڌ ۾ انهن غزلن جو پڌرو ٿيڻ نيڪ فال آهي، جيڪو اسان جي هن درويش صفت شاعر جي سنڌ لاءِ اٿاهه محبت جي سنڌ طرفان موٽ آهي.

                                      (1 مارچ 1978ع)

 

هو ڏوٿي هو ڏينهن

 

پير حسام الدين راشدي، سنڌ جو فخر لائق تاريخ نويس ۽ تاريخ دان آهي. پر ڳالهه رڳو ايستائين ناهي، هو بذات خود سنڌ جي تاريخ پڻ آهي. هن جو سينو، تاريخ جي هڪ اهم دؤر جو ذخيرو آهي. تاريخ جا ماهر، ڪتابن جي ڪرَ کوٽي، حقيقت جون چڻنگون ڳولهي لهندا آهن، پر پير صاحب، سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باب جو اکين ڏٺو ۽ دلئيون محسوس ٿيل بيان ڪيو آهي.

هونءَ ته گذريل دؤر جون ڳالهيون تاريخ جي ڪتابن ۾ به ملنديون آهن ۽ تازي گذريل دور جو احوال وڏڙن ۽ وڏڙين کان به ٻُڌبو رهبو آهي، پر اِهي ڳالهيون، اهو شخص ڪري، جنهن کي تاريخ جي اونهي مطالعي جو پس منظر، وسيع نظر، پنهنجي دور جي اهم سياسي، ادبي، توڙي سماجي شخصيتن سان گهرا ۽ ويجها تعلقات، هڪ حساس،درد مند دل، وطن سان بي انتها پيار ۽ ان سان گڏ ڳالهه ڪرڻ جو وڻندڙ اسلوب هجي، ته اها ڳالهه ئي اور ٿيو پوي.


* . ”ڪونج“، نارائڻ شيام نمبر- بمبئي 1966ع صفحو 29.

* .”مهراڻ“ ٽماهي، 19861ع ۽ 1-2 / 1977ع

§ . هي سنگرام!

سامهون آ

نارائڻ شيام!

هن جا منهنجا

قول به ساڳيا

ٻول به ساڳيا

هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر

منهنجا رنگ - رتول به ساڳيا..... - ”اياز“.

(”وڄون وسڻ آئيون“، ص 37).

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org