سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:8

هڪ ليکڪ جي حيثيت سان تنوير ڪلهه به، اڄ به سنڌيءَ جو وڏو ليکڪ آهي، وڏو شاعر آهي، پر فقط ادبي حيثيت ئي نه، شخصي لحاظ کان به تنوير وڏو آهي. ٿي سگهي ٿو ته پڙهندڙ منهن جي لاءِ اها راءِ قائم ڪن ته مون رڳو تنوير جي ساراهه ڪئي آهي. پر مون جيڪي ڪجهه ڏٺو آهي، محسوس ڪيو آهي، ائين لکيو اٿم.

تنوير ادبي جهيڙن کان سدائين پري رهيو آهي، منهن جو مقصد اهو ڪونهي ته تنوير پاڻ کي نيوٽرل رکڻ ٿو چاهي. نه، هو کليو کلايو ترقي پسند شاعر ۽ ليکڪ آهي، پر هو چاهي ٿو ته ادبي جهيڙا نه ٿين، جنهن سان سنڌي ادب کي نقصان رسي، مون اهو به ڏٺو آهي ته تنوير جي اڳيان ڪنهن ليکڪ جي گلا ڪبي ته هو هن ليکڪ جو ڪو نه ڪو سٺو پهلو اوهان کي ٻڌائيندو. (ظفر حسن ۾ به مون اها خاصيت ڏٺي آهي)، دوستن ۾ ڪڏهن ڪو ادبي جهيڙو ٿيو ته، تنوير هڪ جو پاسو وٺي جهيڙو وڌائيندو ڪونه، ٻنهي کي سمجهائي جهيڙو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو.

72- 1973ع جي ڳالهه آهي. مدد علي سنڌي پنهنجي ڪتابي سلسلي ”اڳتي قدم“ ۾ مون تي ڪجهه بي بنياد الزام هنيا هئا. (مدد منهنجو شروع کان سٺو دوست آهي، پر نه ڄاڻ ڪنهن جي چوڻ ۾ اچي ائين ڪيو هئائين.)

مون کي شيخ اياز جهليو هو ته تون جواب نه ڏجانءِ ڇاڪاڻ ته اوهان ٻنهي جي جهيڙي مان سنڌي ادب کي نقصان رسندو، آءٌ ۽ ٻيا ليکڪ انهيءَ مسئلي تي توکي خط لکنداسين، تون اهي سهڻيءَ ۾ ڇپجان، قصو اتي ئي ختم ٿي ويندو.

انهن ڏينهن ۾ مان خيرپور ويو هوس. تنوير هاڻ پنهن جي نئين اسپتال ۽ گهر- سرمد  گهر ۾ اچي ويو هو. ڀاڀي قمر مون کي شروع کان ئي ڏاڍي عزت ڏيندي هئي ۽ ڀائيندي هئي، جڏهن به مان وٽن ويندو هوس، ڏاڍي خاطر تواضع ڪندي هئي.

تنوير سان اڳتي قدم واري جهيڙي جي ڳالهه نڪتي، جيتوڻيڪ مان تنوير جو پراڻو دوست هوس، ۽ مدد سنڌيءَ جي ملاقات ئي مون تنوير سان ڪرائي هئي، (مون کي اڄ به ياد آهي ته اها ملاقات اورينٽ هوٽل ۾ ٿي هئي، مدد پنهن جي ڪتابي سلسلي لاءِ تنوير کان شعر گهريو هو. تنوير چيس: ”ادا، شعر اڄڪلهه گهٽ لکندو آهيان. في الحال جيڪو شعر آندو اٿم، اهو طارق کي، سهڻيءَ لاءِ ڏيان ٿو، ايئن به تون پهريون پرچو ڪڍ، ڏسون، ڪهڙو پرچو ٿو ڪڍين، پوءِ ڏسبو.“

پوءِ جڏهن مان ۽ مدد هوٽل مان ٻاهر نڪتا هئاسين، ته  مدد مون کي چيو، ”ڀيڻسان، اهي وڏا اديب پاڻ کي نه ڄاڻ ڇا ٿا سمجهن.“

جهيڙي واري ڳالهه نڪتي ته تنوير چيو، ”مدد کي ائين لکڻ نه گهربو هئو. اهڙين ڳالهين مان سنڌي ادب کي فائدو نه، نقصان رسندو. پر طارق تنهن جو به ڏوهه آهي.“ منهن جو ڏوهه هو يا نه، پر تنوير رڳو منهن جو پاسو نه کنيو. پر مون سان گڏجي حيدرآباد آيو ۽ مدد سان ملي کيس سمجهايائين، گهڻن ڏينهن کان پوءِ مدد مون کي ٻڌايو ته، تنوير مون کي چيو ته ”سڄو ڏوهه تنهن جو آهي، اها ڳالهه يڪدم ختم ڪر.“

چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن دوستن ۾ ڪو جهيڙو ٿيو ته تنوير ٻنهي کي سمجهائي ٻُجهائي جهيڙو ٽاري ڇڏيندو.

۽ پوءِ تنوير تي هارٽ اٽيڪ ٿيو، مون وانگر ٻيا دوست به ڏاڍا پريشان ٿيا، پر خدا جي مهربانيءَ سان تنوير ٺيڪ ٿي ويو، ڪافي وقت آرام جي خيال سان تنوير حيدرآباد رهيل هو، (سول اسپتال جي ڀرسان سندس ڀاءُ جي سرڪاري بنگلي ۾.)

حيدرآباد ۾ جيترا ليکڪ ۽ سنڌي شاگرد اڳواڻ هئا، روز رات جو تنوير وٽ ايندا هئا. مان به اڪثر وٽس ويندو هوس، ڪڏهن ڪڏهن وٽس ٽيهن کان به وڌيڪ ماڻهو ويٺا هوندا هئا. چانهن ۽ شربت جو دور هلندو هو، ادبي ۽ سياسي بحث ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سنڌي شاگرد اڳواڻ پاڻ ۾ وڙهي، الڳ الڳ جماعتون ٺاهي ويٺا هئا، تنوير روز انهن جا جهيڙا نبيريندو هو، پر وريو ڪي به ڪين ڪي.

تنوير جي خيرپور وڃڻ کان پوءِ، تنوير مان ملاقاتن جو سلسلو گهٽجي ويو، نه ته حيدرآباد ۾ جڏهن تنوير هو، ساڻس روز ملاقات ٿيندي هئي، هاڻ ته جڏهن مان خيرپور وڃان، يا تنوير هتي اچي، تڏهن ئي ملاقات ٿيندي آهي.

1970ع واري اليڪشن ۾ جڏهن شيخ مجيب جي عوامي ليگ کٽيو ته شيخ اياز، عوامي ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو پوءِ تنوير ۽ رشيد ڀٽي به عوامي ليگ ۾ شامل ۾ ٿيا. جڏهن تنوير حيدرآباد آيو ته مون کانئس پڇيو ته: ”تون عوامي ليگ ۾ ڪهڙي خيال سان شامل ٿيو آهين، منهنجي ته خيال ۾ هڪ ليکڪ سياسي پارٽي کان الڳ رهي، پنهن جي نظرئي جي پٺڀرائيءَ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري سگهي ٿو، پر ڪنهن هڪ سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي، هو مخصوص پڙهندڙن تائين محدود ٿيو وڃي، ۽ هن کي پارٽيءَ جي پاليسيءَ مطابق ڪم ڪرڻو پوي ٿو. هن جي لکڻ جي آزادي ختم ٿيو وڃي.“

تنوير منهن جي ڳالهه سان متفق ٿيو ۽ چيائين، ”تنهن جي ڳالهه صحيح آهي. مان پاڻ به ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي خلاف آهيان، پر شيخ اياز جي اسرار تي شامل ٿيو آهيان.“

۽ پوءِ بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ عوامي ليگ جو وجود پاڪستان ۾ ختم ٿي ويو. نه اياز، نه تنوير پوءِ پارٽيءَ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪجهه ڪيو. ۽ انهي کانپوءِ تنوير اڄ تائين وري ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو آهي.

1975 ۾ سهڻيءَ تي پابندي پئي، مان ڊي. پي. آر تحت گرفتار ٿي ويس، اميءَ جا جيل ۾ خط ايندا هئا، ڪيترا ڀيرا اميءَ لکيو ته: تنوير اميءَ سان ملڻ آيو هو. هڪ ٻه ڀيرا ڀاڀي قمر به آئي هئي. (شروع ۾ تنوير ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ اميءَ کي ڏسڻ ايندو هو، پوءِ منهن جو تنوير سان ايترو رستو وڌي ويو، جو جڏهن به حيدرآباد ايندو هو، اميءَ سان به ملي ويندو هو.)

مان جڏهن جيل ۾ هوس ته تنوير نه صرف امي کي تسليون ڏيندو هو، بلڪ منهن جي پُٽ دانيال کي خرچي ڏيڻ جي بهاني سئو سئو رپيا ڏئي ويندو هو، (کيس خبر هئي ته طارق جيل ۾ آهي ۽ روزگار جو ٻيو ڪوبه وسيلو ڪونهي.)

جيل مان آزاد ٿيس ته تنوير ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ملڻ آيو، ۽ پوءِ جلدي منهن جي دوست ۽ سندس ننڍي ڀاءُ الطاف عباسيءَ جو ڪار ايڪسيڊنٽ ٿيو، ۽ هو گذاري ويو. مون کيس تعزيت جي تار ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ غلام نبي مغل سان گڏجي عذر خواهي ڪرڻ خيرپور ويس. تنوير ۽ ڀاپي قمر کي الطاف جو ڏاڍو ڏک هو، ڀاڀيءَ چيو، ”الطاف کي مون ڪڏهن به ڏير نه سمجهيو، مان کيس پنهنجو ننڍو ڀاءُ سمجهندي هيس، ۽ هو به ڀيڻ وانگر ڀائيندو هو.“

تنوير الطاف جو ذڪر ڪندي چيو، ”ڪهڙو به ڏک هجي، وقت انهيءَ ڏک کي ختم ڪيو ڇڏي. پر الطاف کي وفات ڪري ايترو وقت ٿي ويو آهي، مون کان ته الطاف جو ڏک وسري ئي نٿو.“

الطاف جو ڏک تنوير کي ئي نه، مون کي به آهي. اڄ به آهي ۽ سدائين رهندو.

اها رات مان ۽ مغل تنوير وٽ رهياسين. تنوير جي اسپتال ڏاڍي سٺي ٺهيل آهي. گهر به گڏ آهي. ڊرائنگ روم ڏاڍي نفاست سان سينگاريل آهي. صوفن جي گدين تي اوچي کيس جو ڪپڙو چڙهيل آهي. گهڻو وقت اڳ تنوير سان گڏ خيرپور کان حيدرآباد آيس پئي ته تنوير گمبٽ ۾ هلي، انهن کيسن جو آرڊر ڏنو هو.

ڊرائنگ روم جي سجاوٽ جو ڪريڊٽ ڀاڀي قمر کي وڃي ٿو. گيسٽ روم به ڏاڍو سهڻو آهي. هر سهولت منجهس موجود آهي. دراصل اهو ڪمرو سندس لائبريري آهي، جنهن کي تنوير گيسٽ روم به بنائي ڇڏيو آهي. مونکي عجب ٿيندو آهي ته تنوير لائبريريءَ کي گيسٽ روم ڪيئن بڻايو آهي يا گيسٽ روم کي لائبريري ڇو بڻايو اٿس، ڇاڪاڻ ته سندس دوستن جي اڪثريت ليکڪن جو آهي، ۽ ليکڪ پراين ڪتابن جا دشمن هوندا آهن، خدا تنوير جي ڪتابن کي ليکڪن جي بُري نظر کان بچائي.

تنوير وٽ خيرپور، الطاف جي وفات تي ويو هوس، الطاف سٺو شاعر هو، هن ۾ وڏيون اميدون هيون، پر حياتيءَ کيس موقعو نه ڏنو. انهيءَ کان پوءِ خيرپور ٻيو ڀيرو به هڪ ليکڪ جي وفات تي ويو هوس. ۽ اهو ليکڪ هو منهنجو پيارو دوست، سنڌيءَ جو تمام وڏو ڪهاڻيڪار نسيم کرل.

نسيم جي وفات تي مان، ظفر حسين ۽ ولي رام ولڀ خيرپور وياسين، اسان جي پهچڻ کان ٿورو اڳ ڪانڌي مقام مان موٽي آيا هئا. اسين وڃي تڏي تي ويٺاسين، تنوير به اچي اسان وٽ ويٺو، ۽ پوءِ نسيم جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. اُتان اٿياسين ته تنوير اسان کي پنهنجي گهر وٺي آيو، ۽ اها رات اسين سندس لائبرري (گيسٽ روم) ۾ رهياسين.

نسيم کرل جي وفات کانپوءِ مان خيرپور اڃا تائين نه ويو آهيان. جيتوڻيڪ مان ڪڏهن به نسيم وٽ نه رهيو هوس، پر نه ڄاڻ ڇو هاڻ خيرپور ويندي دل ئي نٿي ٿئي.

تنوير جڏهن به حيدرآباد ايندو آهي، گهڻي ڀاڱي مون سان ضرور ملندو آهي، ڪافي وقت کان تنوير حيدرآباد ۾ ايندو آهي ته حميد سنڌيءَ وٽ رهندو آهي. هڪ دفعي حيدرآباد آيو ته مون چيومانس: مغل وٽ سٺو گيسٽ روم آهي، ڪڏهن هتي به اچي رهندوڪر، ته جيئن اسان کي به نويڪلي ڪچهريءَ جو موقعو ملي، ڇاڪاڻ ته منهنجو گهر به اتي ئي آهي.

تنوير منهنجي اها ڳالهه مڃي ۽ هاڻ ڪڏهن ڪڏهن مغل وٽ به اچي ترسندو آهي.

تنوير ترقي پسند ليکڪ آهي، پر ترقي پسندن ۾ به ڪيترائي گروپ آهن ۽ تنوير سڀني سان نڀائيندو پيو اچي. هڪ دفعي سرڪاري سڏ تي اسلام آباد ”اهل قلم ڪانفرنس“ ۾ به شريڪ ٿيو، پر ٻئي دفعي اخبار ۾ اپيل ڪيائين ته ڪوبه سنڌي ليکڪ اهل قلم ڪانفرنس ۾ نه وڃي. ساڻس گڏ گڏ فتاح ملڪ ۽ مرحوم رشيد ڀٽيءَ به اهڙو اعلان ڪيو، پر ٻئي سال فتاح ۽ ڀٽي اهل قلم ڪانفرنس ۾ وڃي شامل ٿيا. پر تنوير انهن کي ننديو ڪونه. قوم پرست جلسا ڪري تنوير کي سڏائين ته تنوير اُتي به وڃي، جيئن ”سنڌ قومي اتحاد“ جي جلسي ۾ سن به ويو، پر انهيءَ کان اڳ سکر ۾ (جنرل) ضيا سڏايس ته اُتي به ويو. سچل جي ميلي ۾ سرڪاري تمغو مليو ته اهو به قبول ڪيائين (بقول سندس ته وٺڻ کان پوءِ مون اهو ٻئي کي ڏئي ڇڏيو.) جڏهن غوث علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن جي طرفداريءَ ۾ به وڏا بحث ڪندو هو ته: شاهه صاحب سنڌ جي حقن لاءِ وڙهي رهيو آهي.

حالانڪ اسان سڀني کي خبر آهي ته غوث علي شاهه سنڌ ۽ سڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، سنڌ تي ايم- ڪيو- ايم جي مصيبت به شاهه صاحب جي مهربانيءَ سان نازل ٿي، البت جڏهن ڏٺائين ته هاڻ نيڪالي ٿي ملي، ته وٺي سنڌ سنڌ ڪيائين.

فيبروري 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، انهيءَ جي هڪ سيشن جو خاص مهمان تنوير هو، اتي پهريون ڀيرو تنوير سنڌ جي حقن لاءِ هڪ جوشيلي تقرير ڪئي، انهيءَ رات غلام نبي مغل پنهنجي گهر تي ليکڪن جي مان ۾ مانيءَ جي دعوت رکي هئي، انهيءَ ۾ محمد ابراهيم جويو، آغا سليم، حميد سنڌي، محبوب شيخ، مان ۽ تنوير به شامل ٿيا هئاسين. اُتي غوث علي شاهه جي ڳالهه نڪتي ته تنوير عادت مطابق شاهه صاحب جي تعريف شروع ڪئي، جويو صاحب چڙي پيو چيائين، ”تون هن شخص جي تعريف ٿو ڪرين، انهيءَ کان وڌيڪ سنڌ جو دشمن ٻيو ڪير ٿيندو.“ ٻين به جويي صاحب جو پاسو کنيو، تنوير کي ماٺ ڪرڻي پئي. هڪ ڀيري تنوير مغل مغل وٽ ترسيل هو، مغل تنوير کي چيو ته: ”غوث علي شاهه تنهنجو دوست آهي، تون طارق کي سهڻيءَ جو ڊڪليريشن وٺرائي ڏي.“ تنوير چيو، ”هلي مون سان.“

ٻئي ڏينهن مان، تنوير ۽ مغل ڪراچي وياسين، تنوير مون کي چيف منسٽر هائوس وٺي هليو، پي اي تنوير کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو، پر کيس غوث علي شاهه سان ملڻ ڏنائين.

تنوير چيو سڀاڻي سنڌ اسيمبليءَ ۾ هلي ملنداسين، تون درخواست ٽائيپ ڪرائي کڻي هلجان. ٻئي ڏينهن مغل درخواست ٽائيپ ڪرائي مونکي ڏني، مان تنوير وٽ کڻي ويس، تنوير درخواست ڏسي چيو، ”يار، سهڻيءَ جي نالي ته ڊڪليريشن نه وٺو، اها نه ڪانٽرورشل ڳالهه آهي سهڻيءَ تي پابندي پيل آهي.“

مغل سهڻي ڪٽي ”مومل“ لکيو، مان تنوير سان گڏجي سنڌ اسيمبلي هال ويس، اسين ورانڊي ۾ بيٺا هئاسين، ته غوث علي شاهه آيو، تنوير کي ڏٺائين ته ڀاڪر پائي مليو، ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هليو. تنوير مون کي به ساڻ ڪمري ۾ وٺي هليو.

اندر ويٺاسين ته غوث علي شاهه تنوير کان پڇيو، ”اڳ ۾ ڪو ڪم هجي ته ٻڌايو، ڳالهيون پوءِ ڪنداسين.“

تنوير چيو، ”طارق اشرف منهنجو دوست آهي، گذريل حڪومت ۾ سندس مخزن سهڻيءَ تي پابندي پئجي ويئي هئي. توهان هن کي نئين رسالي جو ڊڪلريشن ڏيو.“

غوث علي شاهه مون کان درخواست ورتي، ۽ چيائين، ”ڊڪلريشن ڏبو، پر پروسيجر مڪمل ڪبو.“

مان شاهه صاحب جي هٿ مان درخواست وٺي ڇڏي، ۽ چيو، ”مون کي خبر آهي، پوءِ اهو ڊڪلريشن به نه مليو.“

شاهه صاحب مون کان وري درخواست ورتي ۽ سيڪريٽريءَ لاءِ آفيشل نوٽ هڻي مون کي ڏنائين ۽ انهي وقت سيڪريٽريءَ کي فون به ڪيائين.

اتان اُٿي اسين سيڪريٽري انفارميشن وٽ وياسين. هن مون کي ڊڪلريشن جا فارم ڏنا ۽ چيائين، اهي اوهين ڀري ڊي. سي حيدرآباد جي آفيس ۾ جمع ڪرايو.

مون فارم ورتا، ڀري جمع ڪونه ڪرايم. تنوير جڏهن به ملندو، اها ئي شڪايت ڪندو هو ته ڊڪلريشن فارم ڇو نه جمع ڪرايئي.

مون کي خبر ناهي ته مون کي ڊڪلريشن ملي ها يا نه. پر غوث علي شاهه وٽ وڃڻ واري ڳالهه مون کي بنهه نه وڻي، تنوير هلڻ لاءِ چيو هو، ۽ مغل اسرار ڪيو هو. مان مغل جي هر جائز ناجائز ڳالهه قبول ڪيو وٺان، تنهن ڪري هليو به ويس، پر مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ مان چوري ڪرڻ ويو هوس. يا ڪو ناجائز ڪم ڪرڻ ويو هوس، پر اڌ مان اراد ومٽائي هليو آيس.

تنوير ۽ مغل جو اسرار هو ته: ”هڪ سٺي مخزن جي سنڌي زبان کي سخت ضرورت آهي، توکي مخزن ڪڍڻ گهرجي.“

اها ڳالهه ئي مون کي ڇڪي غوث علي شاهه وٽ وٺي هلي هئي، پر جڏهن سوچيم اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن مارشل لا کي سپورٽ ڪئي. غير جماعتي اليڪشن جو ڍونگ ڪري، پنهنجي مخالف اميدوارن کي نامينيشن پيپر داخل ڪرڻ به نه ڏنائين، ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾ هزارين سنڌي ماڻهن جي ڪوس تي خاموش رهيو.

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سنڌي مظلومن کي سالن جا سال جيل ۾ ساڙڻ ۾ هن شخص جو وڏي ۾ وڏو هٿ رهيو آهي، ته دل اها ڳالهه قبول نه ڪئي ته مان هن کان مخزن لاءِ ڊڪلريشن جي بيک گهران.

اڄ ڏينهن تائين پاڻ کي ڏوهاري سمجهندو آهيان ته مان وٽس ڇو ويس.

 

اسين فرشتا ناهيون لوڪو!

 

انورفگار هڪڙو

هر هڪ ليکڪ جي سوچن ۽ لوچن جي لکا سندس لکڻين مان ئي پوندي آهي. دانشور ۽ ڏاها پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي حاصل ڪيل نتيجن سان ڪيتري قدر سهمت هوندا آهن يا ڪيتري قدر انهن جي پيروي ۽ پابندي ڪندا آهن؟ سا ڳالهه سندن ڪردار مان ئي محسوس ڪري سگهبي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هر هڪ ليکڪ جا پڙهندڙ اُن جي فني ۽ فڪري بيهڪ جي ڪري ئي ساڻس عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. انهن پڙهندڙن جي اها عقيدت اهڙي محبت جي پَد کي وڃي ڇُهندي آهي. جو گويا اِهي پنهنجي آئيڊيل جي لاءِ ڪوبه حرف اهڙو برداشت ڪري نه سگهندا آهن، جنهن مان ان جي نفي ٿئي. انهيءَ ڪري اهي مداح چاهيندا آهن ته سندن مڃيل فنڪار جي شخصيت، فن، فڪر ۽ ڪردار هڪ ٻئي جي متضاد نه هجن، جيتوڻيڪ هرهڪ ليکڪ جي سوچ، فڪر، شخصيت ۽ ڪردار جا ڪي منطقي لاڙا به ٿين ٿا، جن جي مام عام کي هوندي آهي. وقت ۽ حالتون ڏاهن جي پرک ۽ پروڙ جو هڪ ماپو نه هونديون آهن ۽ ڏاها پنهنجي سماج جي دل جي انهن شريانن وانگر هوندا هوندا آهن، جي دل کي متحرڪ رکڻ لاءِ رت جو ڪم ڪندا آهن. پر جي اهي پنهنجي مقصد ۽ مطلب کان ذرو به لڏي ويا ته سماج ان انسان وانگر متحرڪ رهي سگهندو، جنهن جي دل کي رت نه پهتو يا گهٽ پهتو هجي، مان سمجهان ٿو ته ادب ۽ سماج جو تعلق به ايڏو ئي ڳوڙهو آهي ۽ اديب به سماج لاءِ ايڏو ئي اهم آهي. اسان جي سماج جي منفي ۽ مثبت اُٿل پٿل ۾ انهن ڏاهن جو وڏو ڪردار آهي. اهڙن ڏاهن جي قطار ۾ محترم تنوير عباسي به ڳڻجي ٿو. جنهن پنهنجي فني ۽ فڪري ڀاڱي ڀائيواري ڪري سماج کي شعور جون واٽون ڏيکارڻ جا جتن ڪيا. اسان جي سماج جا ماڻهو سندس ان شعور جي ڀاڱي ڀائيواريءَ جي بنياد تي ساڻس محبتون ڪندي، سندس شخصيت ۽ ڪردار مان مثبت روين جي تقاضا ڪندا رهيا. هو انهن تي ڪيتري قدر پورو لٿو؟ اهو سندس تحريرن مان ئي پروڙي سگهبو. هن موقعي تي آءٌ محترم تنوير عباسيءَ جو هڪ اهو خط ظاهر ڪرڻ گهران ٿو. جو هن ”سهڻي“ رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف کي لکيو هو، جو ڪنهن سبب ڪري ڏانهس ترت موڪلي نه سگهيو هو ۽ اوچتو طارق اشرف هي جهان ڇڏي ويو.

مان جڏهن پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالي تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ رهنمائيءَ لاءِ وٽس ويندو هوس، تڏهن ڪي ٻيا علمي ادبي، تحقيقي ۽ سماجي موضوع اسان جي وچ ۾ بحث هيٺ ايندا رهندا هئا. هڪ موقعي تي مون کي سندس سمورين لکڻين کي يڪجا ڪرڻ جو وجهه مليو، جنهن ڪري سندس لائبريري ۾ ڪن رسالن، فائيلن ۽ ڪتاب جي اٿل پٿل ڪندو رهيس، اتفاق سان هڪ فائيل مان مذڪوره خط مون کي مليو، جنهن کي پڙهي مون ان جي اهميت کي محسوس ڪيو. مون کانئن خط حاصل ڪرڻ جي تقاضا ڪئي ۽ پاڻ هڪدم اهو منهنجي حوالي ڪندي، ان جي فوٽو ڪاپي ڏيڻ لاءِ چيائين اڄ ان خط جي هڪ طرف تاريخي اهميت ۽ حيثيت آهي ته ٻي طرف محترم تنوير عباسي متعلق ان وقت جي ڪن اختلاقي پهلوئن جي صفائي به پيش ڪيل آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته اهو خط جلد شايع ٿئي ۽ محترم تنوير عباسي جي فن، فڪر، شخصيت ۽ ڪردار تي ٿيندڙ تحقيق جي شاگردن لاءِ جيئن مفيد ثابت ٿي سگهي.

 

پيارا طارق اشرف،

شال سدا باغ بهار هجين.

’سهڻي‘ پڙهي ائين لڳو ته اهڙو پرچو نڪتو آهي، جنهن جي سنڌ جي اسان واريءَ توڙي نئين ٽهيءَ کي ضرورت آهي. ايڊيٽوريل ۾ مون کي ياد ڪيو اٿئي، ان لاءِ ٿورائتو آهيان. هونءَ به مان ايڏو اهم ته ناهيان، سنڌ جي مستقبل جي اڏاوت ۾ گاري ۾ پيل بُهه جي هڪ ڪک جي حيثيت ملي. ته به وڏو مان ڀائيندس. مون هميشه پاڻ کي پنهنجي ضمير، پنهنجي ايندڙ ٽهيءَ ۽ سنڌ جي تاريخ ڏانهن ذميوار پئي سمجهيو آهي ۽ سدائين ڪتيندو به رهيو آهيان، مان انهن مان ناهيان. جيڪي چوندا آهن ته ”ڪنبڻ واريون ڪوهه ڪتينديون.“ پر تڏهن به، مان پاڻ کي فرشتو نٿو سمجهان، انسان آهيان، مون کي فرشتن کان وڌيڪ انسان وڻندو آهي. ڇو ته آدم غلطي ڪرڻ، ۽ جنت مان نڪرڻ کان پوءِ به اشرف المخلوقات رهيو، ۽ ملائڪ معصوم هوندي به اشرف المخلوقات نه ٿي سگهيا. منهنجو ئي هڪ شعر آهي:

اسان فرشتا ناهيون،

اولوڪو- اولوڪــــو.

مون تي ٽي الزام آهن:

پهريون اهو ته مان ”اهل قلم ڪانفرنس“ ۾ باقائدگيءَ سان حاضري ڀريندو رهيو آهيان. مون فقط هڪ دفعو اهل قلم ڪانفرنس ۾ وڃڻ جو گناهه ڪيو. ان غلط فهميءَ يا خوش فهميءَ ۾، ته اُتي وڃي سنڌ لاءِ سڄي ملڪ جي ترقي پسند اديبن جي مدد سان ڪجهه ڪري سگهندس. (مون کي اها خبر هئي ته سڄي ملڪ جا ترقي پسند اديب به ان ڪانفرنس ۾ ايندا، جيئن مون رائيٽرس گلڊ جي ميٽنگ ۾ ڪيو هو. پر منهنجو اهو خيال غلط نڪتو. ان کان پوءِ ٻيءَ  اهل قلم ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ دعوت آئي. ڪراچيءَ، ملتان ۽ پنڊيءَ مان فون تي دڙڪا مليا ته ”جي نه ايندين ته ان جو نوٽ ورتو ويندو ۽ نتيجن لاءِ تون ذميوار رهندين.“ مان نه رڳو ان ڪانفرنس ۾ نه ويس، پر رشيد ڀٽيءَ، فتاح ملڪ ۽ مون هڪ پريس پڌرائي ڪڍي (جيڪا ڪراچيءَ کان اسلام آباد جي سڀني اخبارن ڇاپي.) ته ”اسان سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم جي ڪري ان ڪانفرنس ۾ نٿا وڃون.“

اسان جي تنقيد ڪرڻ وارن کي ضرور ان جي خبر هوندي، پر هو اُن ڳالهه کي ڇو ٿا لڪائين.

اها هئي منهنجي اهل قلم ڪانفرنس ۾ باقاعدي حاضري.

ٻيو الزام اهو آهي ته مان غوث علي شاهه سان سنگت رکندي گڏ گهمندو رهيس.

سنگتيءَ سان گڏ گهمڻ ڪو ڏوهه نه آهي. جي هو وڏو وزير ٿيو، ته مون هن کان ڪو ذاتي فائدو ورتو ڇا؟ سچل اڪيڊمي، سچل چيئر ڪو منهنجي ذاتي جاگير آهي ڇا؟ ڇا اُن دور ۾ قائم علي شاهه سان به مون ساڳيا تعلقات نه رکيا ڇا؟

سائين جي ايم سيد ۽ سيد ميران محمد شاهه مخالف قطب هئا، پرڇا سائين جي ايم سيد انهن سان ذاتي تعلقات سياست جي ڪري ختم ڪري ڇڏيا؟ سائين جي ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه ۽ علي محمد راشديءَ جي دوستي ته مثالي آهي.

جي منهنجا نقاد ڪو مثال ڏيئي ثابت ڪري سگهن ته مون غوث علي شاهه کان ڪو ذاتي فائدو ورتو، ته مان سندس ٿورائتو ٿيندس.

ٽيون الزام مون تي اهو آهي ته مان ڏينهن ڏٺي جو سکر شهر ۾ آمر ضياءَ سان مليس.

سٺو ٿيو جو ڏينهن ڏٺي جو مليس. ڏينهن ڏٺي جو ملڻ سان ئي ايڏا قصا ٺهيا آهن.

آمر ضياءَ سان ملي مون ڇا ڪيو؟ ان ملاقات کان پوءِ منهنجي لکڻين (تحرير) ۽ چوڻين (تقرير) ۾ ڪا تبديلي آئي؟ ڇا مون هن جي بيعت ڪئي؟

مون کي منهنجي لکڻين يا چوڻين مان هڪ جملو ڳولي ڏيکاريو. جيڪو مون پنهنجي مقصد ۽ مسلڪ کان هٽي لکيو هجي.

مون نه ضياءَ کي پنهنجي ذات لاءِ ڪا گذارش ڪئي، نه سندس بيعت ڪيم. مخالف ڌر وارا سياستدان به طاقتور ڌر سان ساڳي ميز تي ويهي ڳالهيون ڪندا آهن. مون ضياءَ کي فقط هڪ ڳالهه چئي (مان اڪيلو نه مليو هيس. منهنجي ان روايت جا ٻيا به گهڻا شاهد آهن.) اها هيءَ ته خيرپور ڪئمپس کي يونيورسٽي ڪريو. جي مون اهو غلط ڪم ڪيو ته ڀل سنڌ جي تاريخ مون کي سزا ڏئي. وري به مون جي پنهنجي خوش فهمين يا غلط فهمين جي ڪري ڪا غلطي ڪئي آهي، ته ان لاءِ سنڌ جي نئينءَ ٽهيءَ کان معافي ٿو وٺان ڇو ته:

اسان فرشتا ناهيو،

اولوڪواولوڪو.

تنهنجو ئي:

تنوير عباسي

ق ت:

پَر جي هيءَ سڀ اديب غدار آهن، جن سنڌين ۾ قوم هجڻ، جي احساس کي جياريو، ته پوءِ باقي بچيو ڪير، جنهن سنڌ کي نفسياتي طور تي قوم بنايو ۽ ان جي پالنا ڪئي؟

تنوير عباسي.

 

سنڌيءَ ۾ ترقي پسند ادب ۽ شاعري جو سرواڻ: تنوير عباسي

 

هدايت بلوچ

 

تڏهن مان ننڍو هوس. سٺ جي پهرين ڏهاڪي جي ڳالهه هوندي. مان پنهنجي ڳوٺ احمدپور جو اسڪول ڇڏي، ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ نائين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. ادا عنايت بلوچ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا.

قطعي جو بادشاهه اميد خيرپوري، خيرپور جي بچل شاهه پاڙي ۾ رهندو هو ۽ تنوير عباسي جو گهر ميرواهه جي پل سان لڳو لڳ هو. بچل شاهه جو پاڙو، ميرواهه ۽ تنوير عباسي جي گهر جي ڀرسان ئي آهي.

اميد خيرپوري، بابا غلام نبي ’اداسي‘ جو يار هو. مان ڇو ته اڪثر بابا سان گڏ هوندو هئس، تنهن ڪري مون سان به اميد ڀائٽين وانگر پيار ڪندو هو. اميد خيرپوري، بچل شاهه جي پاڙي ۾ اڪثر مشاعرا ڪرائيندو رهندو هو.  ڪڏهن سنڌي مشاعرا ته ڪڏهن سنڌي- اردو گڏيل مشاعرا، اتي تنوير عباسي اڪثر ايندو هو ۽ شعر پڙهندو هو. تنهن زماني ۾ استاد عطا محمد حامي به انهن مشاعرن ۾ هوندو هو. خادم رفيقي، نديم انصاري ۽ منير، سولنگي، بابا غلام نبي اداسي ۽ ادا عنايت بلوچ انهن مشاعرن ۾ شعر پڙهندا هئا، ٻيا به گهڻائي هوندا هئا. اتي مان به شعر پڙهندو هوس. ته سمجهو ته منهنجو تنوير سان واسطو سال 1962- 1963 کان ٿيو. جيڪو پوءِ وڌندو ئي رهيو، جيئن پوءِ تيئن اسان جي دوستي ۽ محبتن جا رشتا مضبوط ٿيندا ويا، منهنجي باقاعده شاعري جي شروعات ’سچل سرمست‘ جي مشاعرن کان ٿي. جتي هر سال رمضان شريف جي مهيني ۾ دولهه درازي حضرت سچل سرمست جو ميڙو درازن ۾ ٿيندو هو، جتي هندوستان جا سنڌي هندو به ايندا هئا. انهيءَ ميڙي ۾ هڪ زبردست ادبي ڪانفرنس به ٿيندي هئي ۽ مشاعرو به ٿيندو هو. انهيءَ مشاعري ۾ جيستائين بابا حال حيات هو ته بابا غلام نبي اداسي، ادا عنايت بلوچ ۽ مان به شعر پڙهندا هئاسين. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته سچل ادبي محفل ۽ مشاعرن جو سر موڙ تنوير عباسي هوندو هو. ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن ۽ شعرن کي هر سال سموهي ”سرمست“ رسالي ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ويندو هو، جيڪو وري ٻي سال جي مشاعري ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ ورهايو ويندو هو. اها روايت به تنوير عباسي جي شروع ڪيل هئي، جيڪا اڃا تائين به جاري آهي. توڙي جو هاڻي سچل جي ادبي محفلن ۾ اهو مزو نه رهيو آهي، جيڪو تنوير جي زماني ۾ هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه عرصي کان اسان به اُتي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. باقي جڏهن به پنهنجي گاڏين ۾ ادا عنايت ۽ منهنجو وڃڻ ٿيندو آهي ته رستي تي گاڏي روڪي ڀٽائي ۽ سچل جو سلام ڪبو آهي. “سرمست“ رسالي جي اشاعت ۾ تنوير جو ٻانهن ٻيلي محمد علي حداد هوندو هو، جيڪو وڏو اورچ ۽ محنتي هوندو هو. ۽ تنوير جو ڪڙايل هو.

اهو زمانو تنوير جي ادبي اوج جو زمانو هو، سکر ۾ شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي ۽ خيرپور ۾ تنوير عباسي. رشيد ڀٽي بنيادي طور شاعر نه هو. هو نثر نگار ۽ نقاد هو. تڏهن شيخ اياز سنڌ ۾ ڀٽائيءَ کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر ڳڻيو ويندو هو. ان کان پوءِ تنوير عباسيءَ جو نالو کنيو ويندو هو. ياد رهي ته مان فقط ترقي پسند اديبن جو نالو ٿو کڻان. سٺ واري ڏهاڪي ۾ ترقي پسند ادب سرجڻ ڪو سولو ڪم نه هوندو هو. جو شيخ اياز به اُن سبب جيل ڪاٽيا. تنوير بابا جو به دوست هو، تنهن سبب به ادا عنايت ۽ مان تنوير کي ويجها ٿياسين. بعد ۾ ادل سومرو ۽ اياز گل ۽ مختيار ملڪ نروار ٿيا، جيڪي به تنوير جي صحبت ۾ وڌي وڻ ٿيا.

تنوير جيڪو به ڪتاب لکندو هو، مون کي پنهنجو ڪتاب پنهنجن سهڻن هٿن اکرن سان لکي ڏيندو هو.

نثار منصور جڏهن مون کي ”پرک“ رسالي ۾ تنوير تي لکڻ جو چيو ته مون تنوير جا ڪتاب پنهنجي شيلف مان ڳولهي ڪڍيا، سندس سڀئي ڪتاب مون وٽ آهن، پر مون کي جيڪي ملي سگهيا اهي آهن.

• شاهه لطيف جي شاعري- ان تي لکي ڏنو هئائين:

گهڻيءَ سڪ مان هدايت بلوچ کي.

تنوير عباسي 11 آڪٽوبر 1977

• ڏوري ڏوري ڏيهه- ان تي لکي ڏنو هئائين:

گهڻيءَ سڪ مان هدايت بلوچ لاءِ.

تنوير عباسي 12 جنوري 1985

• ساجن سونهن سرت - ان تي لکي ڏنو هئائين:

تمام گهڻيءَ سڪ مان هدايت بلوچ لاءِ.

تنوير عباسي 11 فيبروري 1997ع

شاهه لطيف جي شاعري- تنوير جو تمام اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ شاهه جي بيتن جو ترقي پسند پهلو اُڀاريو ويو آهي ۽ ان کي روايت کان هٽي لکيو ويو آهي. اهو ڪتاب سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيئرمئن شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڇپرايو هو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو آهي. هو وڏو تعليم دان ۽ ڀٽائي جو پارکو هو ۽ سنڌ جو سچوپٽ هو. جنهن ناشر طرفان پيش لفظ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي:

”تنوير عباسي اسان جي اول درجي جي بهترين اديبن مان آهي. هن شاهه صاحب کي نئين نموني ۽ نظرياتي نقطئه نظر کان پيش ڪيو آهي. بک، محنت، جفا ڪشي، پروردگار تي توڪل ۾ پاڻ تي ڀاڙڻ، پيٽ ۽ آسائش سان گڏ معاشري سان محبت ۽ اُن تي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي جستجو هن ڪتاب جي مضمونن جو مقصد آهي. اسين ڏاڍو خوش ٿياسون جو تنوير صاحب روايتي انداز واري ادب کي ڇڏي هيءُ نئون ۽ تحقيقي ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. شاهه عبداللطيف سوسائٽي اهڙي قسم جا ڪتاب ڇپائڻ گهري ٿي، جيڪي نئين نموني ۾ مستقبل جي خيال کان لکيل هجن.“

اڄ کان تقريبن  پنجويهه سال اڳ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو تنوير بابت اهڙن خيالن جو اظهار ئي تنوير جي ادبي عظمت جو ثبوت آهي. اڄ به ڀٽائيءَ کي سمجهڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو وڏو مددگار ثابت ٿيندو.

شيخ عزيز جيڪو وڏو عرصو انگريزي اخبار ڊان سان لاڳاپيل رهيو، جنهن سنڌ جي فنڪارن ۽ ڳائيندڙن تي انگريزي اخبار ڊان ۾ شاهڪار فيچر لکيا ۽ هو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل آهي. هو سنڌي ادب جو پڻ وڏو پارکو ۽ نقاد آهي. هن پنهنجي ڪتاب History Of Sindhi Literature . جيڪو انگريزي ۾ لکيل آهي ۽ سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ڇاپيو آهي. تنهن جي صفحي 117 تي تنوير عباسي بابت لکيو آهي:

Tanveer Abbasi Was another big name in contemporary Sindhi Poetry. He had a Very Soft and Sublime, yet a magical expression. He had a clearperception and deep intellectual insight. HE used classic Symbols of his environs and made fuller use of his lyrical dictum. HE loved natural beauty, human, He Was Versatile in poem, free verse, ghazal and geet aspirations and crafts a composition feeling in utter poetcal subtleties. In some of Poems he was too expeessive in universalism. one of his early Poems.

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو

هرڪا دل هيرن جي کاڻ

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ

ڪنهن جي دل ۾ جهاتي پائي.

آهي ڏٺو ته ڪونه،

ٻاهر جيڪو ڪارو ڪوجهو

اندر سارو سون،

جو ڏک جي کوري ۾ کاڻو،

سوئي ساٿ ڌڻي سرواڻ.

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو

هرڪا دل هيرن جي کاڻ.

سندس جديد ۽ انقلابي شاعري جو هڪ نرالو نمونو ٻيو به پڙهيو ۽ محسوس ڪريو.

نين وارن جو انهيءَ ساڻ ڪو رستو ناهي،

سڀ چون ٿا انهيءَ جو ڪو ڇيڙو ناهي.

 

چنگ چوليءَ ۾ نه آهي جنهن کي سو پنهنجو ناهي،

مون سڃي واٽ جتي پير جو کڙڪو ناهي.

 

تنهنجي چائنٺ تي رسڻ لاءِ سڌون ڪير ڪري،

دار جي دور کان شيدائي جو گذريو ناهي.

 

هڪڙي پڃري ۾ سڀئي بند ڪيا ويا آهيون،

توڙي هر ڪوئي آهي قيد اڪيلو ناهي.

 

قطرو دريا نه ٿيو جيڪو سو قطرو ڪهڙو،

جيڪو ڀڙڪي نه ڀيڙ ٿيو اهو شعلو ناهي.

 

عشق ۾ تنهنجي هي ’تنوير‘ کي ڇا ٿي ويو آ،

جهڙو هوندو هو هاڻي رهيو اهڙو ناهي.

۽ آخر ۾ شاعري ۽ جديد شاعري بابت مان توهان کي تنوير جي پنهنجي لکڻي مان اهي ٽڪرا پيش ڪندس. جن سان شاعري جي صنف سمجهڻ ۾ مدد ملي. اهي ٽڪرا مون اياز گل جي شعري مجموعي ”دک جي نه پڄاڻي آ.“ تان ورتا آهن. جنهن ۾ اياز گل جي شاعري جو اڀياس ڪندي ”سج سڀاڻي جا ڪري“ ۾ تنوير تمام تفصيل سان لکيو آهي. ”پيار برابر هڪ آفاقي جذبو آهي، جيڪو زمان ۽ مڪان سان نه ٿو بدلجي. اهو قديم کان قديم ۽ جديد کان جديد زماني، توڙي اوڀر کان اولهه ۽ اُتر کان ڏکڻ ساڳيو آهي، جيستائين پيار جي بنيادي جذبي جو تعلق آهي ته اها ڳالهه صحيح آهي، پر جي ويچار ڪيو ته پيار جي ان آفاقي جذبي تي اظهار جا طريقا زمان ۽ مڪان آهر بدلبا ٿا رهن. سنڌ ۾ اُن جو اظهار اڄ کان هڪ صدي اڳ جيئن ٿيندو هو، تيئن اڄ به ٿئي ٿو. ساڳيءَ ريت اڄوڪي دور ۾ اهو ئي پيار جيئن انسان وٽ آهي. تيئن يورپ ۾، آمريڪا ۾، انهي آفريقا ۽ عرب ملڪن ۾ ته تهائين وڌيڪ بدليل آهي، ڇو ته پيار تي هر دور ۾ سماجي حالتن جا اولڙا پوندا رهن ٿا. لوڪ گيتن جي رومانوي شاعريءَ، ڪلاسيڪي (شاهه، سچل، ساميءَ) جي رومانوي شاعريءَ ۽ اڄ جي رومانوي شاعري ۾، پيار جي جذبي جو ۽ اظهار ۾ فرق آهي. اهو فرق نه فقط سنڌي شاعري ۾ آهي، پر هر اڳتي وڌندڙ قوم جي رومانوي شاعري ۾ نظر ايندو. اهڙي طرح اسان جي شاعري ۾ رومانوي اظهار جي اُڀياس ذريعي، اهو ڄاڻي سگهون ٿا ته ان قوم ۾ ڪيترو جلدي سماجي تبديليون آيون ۽ اها ڪيترو اڳتي وڌي.

هر سٺي شاعر لاءِ، پنهنجي ڪلاسيڪي ۽ روايتي قدرن جو نه فقط اڀياس ضروري آهي، پر انهن ۾ اونهي ٽٻي هڻي، ان تي مڪمل عبور حاصل ڪرڻ به لازمي آهي.

انهيءَ اونهي اڀياس کانسواءِ هو ٻولي جي شاعري جي مٿاڇري تي ئي رهندو ۽ ان ۾ ڪو رچاءُ نه پيدا ڪري سگهندو. پر ڳالهه اُتي پوري نه ٿي ٿئي ڪلاسيڪي روايتن تي ئي شاعري ختم نه ٿيڻ گهرجي، پر انهن کان اڳتي به وڌڻ گهرجي. ڇو ته هيءَ شاعري ڪلاسيڪي روايتن تائين ئي محدود رهجي وئي ته اڳتي وڌي نه سگهندي. ان ڪري سٺي شاعر لاءِ لازمي آهي ته هن کي ڪلاسيڪي شاعري جي روايتن جو اونهو اڀياس هجي، پر اُن اڀياس تي سهاري هو پنهنجي شاعرن کي اڳتي وٺي وڃي، پنهنجي دور تائين آڻي.“

تنوير عباسي ايذراپائونڊ (Ezra Pound) ۽ ٽي ايس ايليٽ(T.S Eliot) جي فن ۽ شاعري کان گهڻو متاثر هو. هو سندن جديديت کان متاثر هو. شاعري ۾ رديف قافيي جي تڪ بندين، محبوب جي ڳٽن ۽ زلفن جهڙي پراڻي شاعري جي موضوعن کان هٽي زندگي جي تلخ تجربن ۽ زميني حقيقتن تي لکڻ ئي جديديت آهي ۽ پراڻي فقط محبوب جي واکاڻ کان فرار به ان جو نالو آهي، پر ائين به ڪونهي ته جديديت جو مطلب آهي ته ان ۾ محبوب جو تصور ئي ناهي. غزل اڄ به جديد موضوع آهي ۽ غزل جو، مطلب ئي آهي ته محبوبن سان يا عورت سان ڳالهائڻ.

جيئن مون عرض ڪيو ته جهڙي طرح ٽي ايس ايليٽ ۽ ايذراپائونڊ سڄي دنيا جي جديد ليکڪن ۽ شاعرن کي متاثر ڪيو، اهڙيءَ طرح سنڌي جي ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن کي پڻ متاثر ڪيو. جن ۾ شيخ اياز ۽ تنوير عباسي بلند مقام تي بيٺل آهي.

يا ائين چئجي ته سنڌيءَ ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جديديت جا باني هئا.

تنوير جو ٻيو ڪارنامو آهي جپاني هائيڪوءَ کي سنڌي ۾ متعارف ڪرائڻ. ائين به ناهي تنوير کان اڳ سنڌ ۾ هائيڪو نه لکيو ويندو هو، پر تنوير هائيڪو جي فن کي هڪ پارکو وانگر ان تي خوب لکيو ۽ سنڌيءَ ۾ جاپاني هائيڪو کي تنوير مشهوري ڏني. هن انتهائي ڪامياب هائيڪا لکيا، هائيڪو ۽ نثري نظمن بابت تنوير جو ڪم تمام اهم آهي. هتي ڪجهه تنوير جا هائيڪا پڙهو.

مسجد ڏي پئي ويو

رستي ۾ گل ٽڙيل ڏسي.

اُتي ئي ترسي پيو،

*

مسجد ڏي پئي ويو

واٽ تي پکين لات ڪئي.

اُتي ئي ترسي پيو.

*

آئي پن ڇڻ

سڀن وڻن پن ڇاڻيا،

نرڄو کجيءَ جو وڻ.

*

کجين جهليا ڏنگ

اُڀ ۾ آ گجگوڙ ٿي

پڪڙيو ٻيڙين ونجهه

* * *

ماريندڙ ايڪانت

خالي گهر کائڻ اچي،

ٽيليفون به سانت.

تنوير عباسي هڪ گهڻ پڙهيو شخص هو. سندس گهر ۾ شيخ اياز وانگر هڪ وڏو ڪتب خانو هوندو هو. جنهن ۾ اڪثر هو مطالعي ۾ مشغول رهندو هو.

سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ هن جن ليکڪن جا حوالا ڏنا آهن، اهي پڙهو، مان سندس علميت کان متاثر ٿيس- يقيناً توهان به ٿيندا.

1.      ايڇ ٽي سارلي.. شاهه لطيف آف ڀٽ.

2.     دين محمد وفائي.. شاهه جي رسالي جو مطالعو.

3.     ٽي ايس ايليٽ. ان پوئٽري اينڊپوئٽس.

4.     آءِ آءِ قاضي. شاهه عبداللطيف اينڊ انٽروڊڪشن ٽوهز آرٽ.

5.     نقش لطيف... محڪمئه اطلاعات.

6.     مڊسينچري فرينچ پوئٽس- نيويارڪ.

7.     ڀيرومل آڏواڻي. لطيفي سير.

8.     جان ڪنئرڊ وٽئن- نيوجرسي.

9.     آءِ اي رچرڊس- پرنسپلز آف لٽرري ڪرٽيسزم- لنڊن.

10. جي آئزڪ- بئڪ گرائونڊ آف ماڊرن پوئٽري لنڊن.

11.  ريني ۽ آسسٽن- ٿيوري آف لٽريچر.

12. ايذراپائونڊ- لٽرري آيسسيز.

13. عبدالجبار جوڻيجو- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.

14. سئنڊرس- ڊسڪوري آف پوئٽري نيوجرسي.

15. آرچيبالڊ مئڪ ليش- پوئٽري اينڊ ايڪسپرنس مڊلسيڪس.

16. ٿيوري آف لٽريچر- ويلڪ اينڊ وارن لنڊن.

17. غلام محمد شاهاڻي- شاهه جو رسالو.

18. وليم ڪوهين- واڪ سيزنس ٽوڪيو.

19. پيٽرجونس- تعارف اميجسٽ پوئٽري مڊل سيڪس.

20.      چارلس بودليئر- فلاورس آف ايول لنڊن.

21. اسٽيفن اسپينڊر ۽ ڊوالنڊ هال- دي ڪنسائيز انسائيڪلو پيڊيا.

22.      آف انگلش ائنڊ آمريڪن پوئٽس. ائنڊ پوئٽري نيويارڪ.

23.      انسائيڪلو پيڊيا- برٽانيڪا.

24.      شيلي جوزف ٽي- ڊڪشنري آف ورلڊ لٽرري ٽرمس لنڊن.

25.ٽليارڊ اي ايم- پوئٽري ڊائريڪٽ اينڊ بليڪ لنڊن.

26.      انسائيڪلو پيڊيا آف سوشل سائنسز لينئگويج.

27.      هئزارڊ آڊمس- ڪنٽيڪٽس آف پوئٽري لنڊن.

28.      ٿامس ڪارلائيل. سارتريسارٽس نيويارڪ.

29.      ڊبليو بي ييٽس- ورڪس آف وليم بليڪ لنڊن.

30.      سوسن لينگر- فلاسافي ان نيوڪي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org