سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:14

سندس کاڌي جي ذوق تي هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي- مون کي منهنجي سنڍوءَ، بشير سومري، (جيڪو شڪارپور جو آهي) شڪارپور جو ٺهيل ”ڇُهارن جو آچار“ موڪليو- (چون ٿا ته شڪارپور جا سُرها ماڻهوءَ کان سواءِ هر شي جو آچار وجهندا آهن.) انهن ڏينهن ۾ مون وٽ پير صاحب آيل هيو- مون اهو آچار سندس حوالي ڪيو. ڪراچيءَ وڃي اهو آچار جي کاڌائين- ڏاڍو وڻيس- ان جي تعريف ۾ خط لکيائين ۽ ٻئي آچار جي فرمائش ڪيائين- مون پاڻ واري مائٽ بشير تي زور رکيو، پر اهو ڇُهارن جي آچار ٺاهڻ وارو يا ته لڏي ويو يا ته مري ويو- ٻيهر اهو آچار نه مليو- ۽ هر دفعي پير صاحب جي ميار تي ميار- چي ”تون فضول ماڻهو آهين- ڇُهارن جو آچار به نه ٿو پهچائين-“ لفظ فضول، پير صاحب جو خاص لفظ هئو، جيڪو پيار مان ڪاوڙڪندي ڪتب آڻيندو هيو.

پير صاحب کي ڪنهن غريب دوست قرب سان، ۽ فضيلت سان ماني کارائي، ته ان سان لنؤ لڳي ويندس، توڙي جو ماني سادي غريباڻي هجي- پر کارائي پيار، خلوص ۽ فضليت سان جيئن ٻيڙو فقير يا نياز همايوني کارائيندا هئا- هڪ دفعي سکر آيو- اسان جي هڪ لکاپتي دوست (ان زماني ۾ لکاپتي ڳوليا به نه لڀندا هئا) ٽفن ۾ ماني گهرائي، پنهنجي آفيس ۾ ميز تي رکائي، بيٺڙ کارائي- سڄي عمر اُن کي گاريون ڏيندو رهيو- ”چي هيءَ ڪا فضيلت آهي جو چڪلاين وانگر بيٺڙ ماني کارائجي-“ توڙي جو اها ماني ڏاڍي پُرتڪلف هئي.

جي ڪڏهن مون کان ڪو پڇي ته تو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪهڙا مهذب Cultured ماڻهو ڏٺا-؟ ته مان جيڪي ٻه نالا وٺان؛ هڪ پير حسام الدين راشدي، ۽ ٻيو ٻيڙو فقير. مهذب Cultured ٿيڻ، ۽ تعليم يافته هجڻ به ٻه الڳ شيون آهن- مون ڪيترن اعليٰ تعليم ورتلن کي غير مهذب، ناشائسته ۽ بدتميز ڏٺو، ۽ ڪيترن اڻ پڙهيلن، توڙي گهٽ پڙهيلن کي مهذب ۽ شائسته. ڪيترائي ولايت کان موٽيل ۽ اتي سالن جا سال رهيل اڻ گهڙيل ڪاٺ رهيا- ”خر عيسيٰ اگر به مڪه رود، چه بازآيد هنوز خرباشند“ وانگر.

پير صاحب به رواجي اصولن موجب گهٽ پڙهيل، هئو- ملان جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهي مدرسي کان موڪلايو هئائين، تنهن هوندي به ايترو ته علم حاصل ڪيائين جو کيس اعزازي پي. ايڇ. ڊي. جون ڊگريون مليون- پي ايڇ- ڊي وارن جو سونهون Guide ٿيو، پر ڪڏهن به پاڻکي ڊاڪٽر نه لکيائين. بين الاقوامي سيمينارن ۾ سڏ مليس- سندس لکڻيون ۽ تحقيق نه فقط ملڪ ۾ پر سڄي دنيا ۾ سَنَد ٿي ويون.

پير صاحب هر معاملي ۾ مهذب هئو، اٿڻي ويهڻي، کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ، لکڻ پڙهڻ- جيترو مهذب ۽ شائستو پاڻ هو، ٻين مان اوتري نه، ته به ڪنهن حد تائين مهذب هجڻ جي اميد رکندو هئو- پر جي سندس آڏو ڪو تهذيب يا شائستگيءَ جي حد اورنگهي ويندو هيو ته پاڻ باهه ٿي ويندو هئو، ۽ سندس، ”پيراڻي رڳ“ ڦڙڪي پوندي هئي- ان شخص جي پير صاحب جي شسته ۽ نفيس گارين سان تواضع ٿيندي هئي- گارين جي فن ۾ به ماشا الله يڪتا هئو- ڪي اهڙيون گاريون ايجاد ڪيائين جن جو تعلق ٻُڌڻ سان آهي- اهي اسان پارا خوش نصيب آهن، جن اهي ٻُڌيون، ڇو ته انهن جو عام فيض حاصل ڪرڻ لاءِ لکت ۾ اچڻ ممڪن نه آهي.

اردوءَ وارا پير صاحب جي علم ۽ فضل جي ڪري سندس آڳو پيڇو ڪندا هئا- ممتاز حسن، ڊاڪٽر شوڪت سبزواري، جميل الدين عالي، رئيس امروهوي- اردوءَ جو ڪهڙو مشهور اديب يا عالم نه هئو، جيڪو اسان پير صاحب وٽ نه ڏٺو- ڪنهن کي ڪو حوالو کپي، ڪنهن کي ڪنهن قلمي نسخي جي ڳولا، ته ڪو ڪچهريءَ خاطر- پير صاحب مهمان نوازيءَ جا سڀ فرض پورا ڪندي به کين سچ چئي ڏيندو هو- اهو به سَتَ سُرين جي نموني، ۽ هو ڦِڪي کِل لاجواب ٿي ويندا هئا.

هڪ دفعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٽي ويءَ وارن پاڪستاني ڪلچر، تي هڪ مذاڪرو ڪرايو- سڄي پاڪستان جا دانشور سڏيائون- مون کي به سڏ هيو- مون پنهنجي خيال ۾ ڏاڍي زوردار نموني ۾ چيو ”ته پاڪستاني ڪلچر هڪ نه پر گهڻا پاڪستاني ڪلچر آهن-“ پر پير صاحب وڄائي ڇڏيو- چي ”اهو ڪلچر، جنهن کي هند مسلم ڪلچر يا پاڪستاني ڪلچر ٿا چئو، اهو پيداوار آهي مغل دور جي- جڏهن مغل شهنشاهن هندو عورتن سان شاديون ڪيون، ڪن عالمن جي فتويٰ موجب هندو اهل ڪتاب نه آهي- ان ڪري انهن جو اولاد حرام جو اولاد آهي، ۽ اهو ڪلچر حرامي ڪلچر آهي.“

پيرصاحب لفظ اهي نه چيا، پر شائسته ٻوليءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه چئي ويو ۽ عجب جي ڳالهه اها، ته ان سيمينار ۾ اردوءَ جو شاعر رئيس امروهوي به موجود هئو ۽ ان پير صاحب جي شان ۾ ان سيمينار ۾ ويٺي في البديهه هڪ رباعي لکي پير صاحب کي ڏني.

پير صاحب هر لحاظ کان تڪميل پسند هئو- پوشاڪ هجي، گهر هجي، فرنيچر هجي، ڪتاب هجي، ڪنهن به شيءِ ۾ ڪو عيب يا خال نه ڇڏيندو هئو- پير صاحب جا ڪتاب ئي ڏسو- هر ڪتاب تي ايڏي محنت جو هڪ شخص نه، پر اداري جو ڪم پيو لڳي- مڪلي نامو ان جو مثال آهي- تذڪره امير خاني ان جو مثال آهي- جي خبر پيس ته ان موضوع تي هڪ سٽ جو حوالو ستن والايتن کان به پري آهي، تڏهن به اُهو هٿ ڪندو- ۽ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڏسڻي Index اها به پاڻ ٺاهيندو- ايڏو تڪميل پسند هيو پيرصاحب حسام الدين. ميرزا قليچ بيگ جي باري ۾ پڙهيو اٿائون ته هن جي ادبي ڪم ڪرڻ جو وقت مقرر هيو- هو روزانو باقاعدي اهو وقت ادبي ڪم کي ڏيندو هيو. پر مون پير حسام الدين راشديءَ کي اهڙيءَ ريت ڪم ڪندي ڏٺو- روز صبح جو تيار ٿي ٺهي ٺڪي، شيو ڪري، وهنجي سَهنجي، پنهنجي پسند جي ذوق وارا ڪپڙا پائي، اچي ڪرسيءَ تي ويهي ڪم شروع ڪندو هئو، جيئن مزدور روزانو ڏهاڙي کري ڪرڻ لاءِ ڪم تي چڙهندا آهن- مان ان جو اکين ڏٺو شاهد آهيان.

اسان لوفر ماڻهو. لوفر پائيءَ کان به نه مُڙون. پير صاحب سان سنگت ته نه هئي. نيازمندي هئي. ان ڪري جڏهن پير صاحب اسان وٽ ايندو هئو يا ٻاهر ڪٿ فنڪشن تي گڏ هوندا هئاسين، ته پير صاحب سان رات جو ڪچهري ڪندا هئاسين، ۽ جڏهن هو وڃي سمهندو هئو، ته مان، رباني، شوڪت جماڻي پنهنجي ”لوفر پائي“ شروع ڪندا هئاسين- هڪ ٻن دفعن کان پوءِ پير صاحب سمجهي ويو- اسان کيس چيو ”سائين. توهان جي ننڊ جو وقت ٿي ويو آهي. هاڻي توهان آرام ڪيو-“ ته ٺهه ڦهه چيائين ”توهان کي لوفر پائي، ڪرڻي آهي ته ڀلي منهنجي منهن تي ڪريو- مون کي توهان جي لوفر پائيءَ ۾ ڏاڍو مزو ٿو اچي.“

۽ پوءِ پير صاحب ۽ اسان جي وچ ۾ ”پيڙهي وڇوٽي“ ختم ٿي وئي- اسان لوفر پائي ڪندا رهياسين ته پيرصاحب اسان سان گڏ ويٺو هوندو هيو- اسان جيترو، اسان جهڙو اسان سان گڏ هيو- ۽ اسان جيترو پيرصاحب، سڄو جهان گُهميل هيو، شروع ۾ ڏکيا ڏينهن ڏٺائين، جنهن جو ذڪر ’هو ڏوٿي هو ڏينهن‘ ۾ ڪيو اٿائين، پر پوءِ ٿانيڪو ٿيڻ بعد هميشه آرام ۾ رهيو- پر تڏهن به ڪڏهن به مون هن کي ڪڏهن آرام پسند نه ڏٺو- هتي ايندو هئو- ته سکر جي وڏين هوٽلن بدران مون وٽ رهندو هئو- هن کي ”قرب“ آرام ۽ عيش کان وڌيڪ پسند هئو. منهنجي پراڻي مسواڙي جاءِ ڇا هئي؟ ننڍو 88 فٽن جو ڪمرو، جنهن ۾ هڪ کٽ هڪ ميز- سادو غسل خانو- نه فلش نه ايئرڪنڊيشن- پر تڏهن به رهندو مون وٽ هئو- جڏهن مون نئين جاءِ ٺهرائي ۽ پير صاحب هتي آيو ته پلنگ ڪڍرائي ڇڏيندو هئو ۽ واڻ جي کٽ رکرائي، ان تي سمهندو هئو.

اسان کان وڏيءَ عمر جي عالمن ۾ پير حسام الدين ئي هئو، جيڪو اسان سان گڏ فتوائن جو شڪار ٿيو- اهو ان ڪري جو هو منافقيءَ واري مذهب جي خلاف هئو- مذهب ۾ سياست ملائڻ وارن کان کيس سخت نفرت هئي، ۽ اُن جو اظهار هو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي ڪندو هئو، هو سچو سنڌ دوست هئو- اسان جي تحريڪ ۾ هو منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين گڏ رهيو، جڏهن نالي وارا اديب عالم فتوا لڳڻ ۽ سرڪار جي ناراضپي جي ڊپ کان اسان سان گڏ وهڻ کان ڇرڪندا هئا، تڏهن پير حسام الدين راشدي، نه فقط اسان جي همت وڌائيندو هئو، اسان کي صلاحون ڏيندو هو، پر اسان جي ميڙن ۾ به شريڪ ٿيندو هئو. ون يونٽ جي ٻُوساٽ ۽ ايوب خان جي آمراڻي دور ۾ (ڇو ته ان دور ۾ سياسي جلسا ممنوع هئا) پير صاحب اسان کي سنڌي سورمن جي شام ملهائڻ جي رٿا ڏني، جنهن موجب هوشوءِ، دودي، درياهه خان تي تقريرون ٿينديون هيون- پهريون اسان اها شام ڪراچيءَ ۾ ملهائي ۽ پوءِ  لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾- انهن جلسن ۾ پاڻ شريڪ ٿيو هئو ۽ تاريخي تقريرون ڪيائين.

مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، 1963ع ۾، ايوب خان جي زماني ۾ ”شريف ڪميشن رپورٽ“ کي نافذ ڪرڻ جا سانباها ٿيا- ان رپورٽ موجب سنڌي ٻولي فقط پرائمري سطح تائين (چوٿين درجي تائين) تعليم جو ذريعو ٿي رهي، اڳتي سڀ تعليم اردوءَ ۾ پئي ڏني ويئي- يعني سنڌيءَ ٻولي لاءِ اهو موت جو وارنٽ هئو. ايوب خان جو زمانو هئو، اُن وقت وڏا وڏا فولادي سياست دان ٻِرن ۾ لڪل هئا. نه سياست جي اجازت هئي، نه جلسي جلوس جي- اسان نوجوان، جن ۾ رباني، حميد سنڌي، شمشيرالحيدري، جمال رند، ناصر مورائي، مقبول ڀٽي، مصطفيٰ قريشي ۽ ٻين دوستن اُن خلاف هلچل هلائي- ايوب خان جي ڪنهن قدم جي، ملڪ جي تاريخ ۾ اها پهرين مخالفت هئي- ايڏو ڏهڪاءُ هئو، جو ماڻهو وائڙا ٿي ويا- اُن ۾ جيڪي بزرگ اسان سان شامل ٿيا، انهن مان پير صاحب ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اڳرا هئا- ان کانسوءِ مولانا گرامي، سردار علي شاهه، مخدوم امير احمد، ڊاڪٽر الانا ۽ ٻيا بزرگ به شامل هئا. اها تحريڪ هڪ ڌار مضمون لهڻي، پر هتي ڳالهه کُٽائڻي، ته ايوب خان جي حڪومت ان دليريءَ واري مخالفت کان گهٻرائجي وئي ۽ شريف خان فوراً ڳالهين ڪرڻ لاءِ هڪ ميٽنگ رکائي، جنهن ۾ سرڪار طرفان سائين غلام مصطفيٰ شاهه، جيڪو ان وقت لاهور ۾ تعليم جو ڊائريڪٽر هيو(اڄڪلهه تعليم جو وفائي وزير آهي) ۽ پير صاحب- (ٻئي اسان جا) ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل (جميعت الشعراء) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد حسين ترڪ (ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار) ۽ مان (پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي سنڌي شاخ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾) هياسين. محمد حسين ترڪ رڪارڊ ڳولهي ڦولهي کڻي آيو. بمبئي يونيورسٽيءَ جي زماني کان (سنڌ يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي تعليمي ادارن جا امتحان بمبئي يونيورسٽي وٺندي هئي.) سنڌي، مئٽرڪ بي اي، ۽ ايم اي ۾ تڏهن تعليمي ذريعو تسليم ٿي. اسان آخر ۾ جيڪو دستاويز تيار ڪيو، ان ۾ اهو سڀ ڄاڻايوسين- ۽ اهو به ڄاڻايوسين ته ابوالحسن ٺٽويءَ جي زماني (اٽڪل ٻه اڍائي سؤ سال اڳ) کان سنڌي تعليم جو ذريعو رهي آهي- بهرحال اهو تاريخي دستاويز هيو، جنهن تي سڀني صحيحيون ڪيون. پيرصاحب ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه سرڪاري ميمبرن هوندي به ائين رهيا، ڄڻ اسان مان هجن- رڳو هڪ صاحب صحيح ڪرڻ وقت چيو ته ”ٿورو ٻاهران ٿي ٿو اچان“- ۽ وري نه آيو.

مذهب جي باري ۾ پير صاحب وڏو فراخ دل هئو- بلڪ هن کي مذهب جي نالي کي غلط استعمال ڪندڙن کان انتهائي نفرت هئي- منهنجو ساڻس ويجهو تعلق رهيو- ساڻس هر مسئلي تي کليل دل سان بحث ڪيم. پر ائين به نه ٿو چئي سگهان ته هو مذهبي هئو. ۽ ائين به نه ٿو چئي سگهان ته لا مذهب هئو، پر ٽي ڳالهيون پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته هو سيڪيولر هئو، قوم پرست Nationalist هئو ۽ سماج وادي Socialist هئو.

هڪ ڏينهن سائين جي ايم سيد وٽ ويٺا هئاسين. مان، رباني، پير صاحب. اسلام جي تاريخ تي بحث پئي هليو. اهو ته ڪيئن مسلمانن جي تاريخ خون خرابي ۽ منافقيءَ سان ڀري پئي آهي- ۽ ايئن اوچتو شيخ عبدالمجيد سنڌي لڪڻ مان ٺڪاءُ ڪڍائيندو، ”السلام عليڪم“ چئي اچي وارد ٿيو- پير صاحب ڏانهنس ڏسي چيو ”شيخ، منهنجي ۽ سيد (جي ايم سيد) جي قسمت ئي خراب هئي جو ڄاواسين مسلمانن جي گهرن ۾، اهو به سيدن ۾، پر توکي ڪهڙي نانگ کاڌو جو پنهنجو مذهب ڇڏي مسلمان ٿئين.“ ۽ پوءِ اسان جا ٽهڪ هئا، ۽، شيخ صاحب جي ڦڪي کل.

1962ع ۾ نور محل سئنيما سامهون، ڦليليءَ تي هڪ ننڍي هڪ ڪمري واري اسپتال کولي هيم- اُتي پير صاحب ربانيءِ سان اچي ظاهر ٿيو- ڪٿي مان ڪٿي پير صاحب. جنهن جي لائبرري مان چورن وانگر ڏٺي. جنهن سان ملاقات ڪرائيندي سندس ڀاڻيجو ميرل ڪوء کائيندو هئو، اهو مون وٽ انهيءَ غريباڻيءَ ڪلينڪ ۾ هلي اچي.

ٻئي ڏينهن ڀٽ شاهه تي هلڻ لاءِ چيائين. ڀٽ شاهه جو اهو ڏينهن ۽ اها رات منهنجي حياتيءَ جي يادگار رات ۽ ڏينهن آهي، هونءَ به پير حسام الدين سان گهاريل هڪ هڪ گهڙي يادگار گهڙي آهي. پر ڀٽ شاهه ۾ گذريل اهو وقت، پير صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ ويڇي ۽ وڇوٽيءَ کي ختم ڪرڻ وارو وقت هئو. ان کانپوءِ، پير صاحب کي مان سدائين پنهنجي روح جي ڀرسان محسوس ڪيو. عقيدت، احترام، ادب پنهنجي جاءِ تي، پر مون انهن سڀني شين جي باوجود پير صاحب جي شخصيت جي شفقت، محبت، پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ جو ذائقو چکيو.

سيد ميران محمد شاهه ڀٽ شاهه تي هئو. پير صاحب ماني کائيندي کيس چيو ته ”شاهه. هاڻي تون نئون عشق ڪر ۽ شادي ڪر.“ ميران محمد شاهه اڳوڻو اسپيڪر، وزير، سفير، ۽ سڀ کان وڌ اديب ۽ ادب دوست هئو. هن ٺهه ڦهه چيو ”پير هاڻي مان ڪراڙو ٿي ويو آهي. شادي ته ڪيان پر ڪري ڪجهه به نه سگهندس.“

پير صاحب يڪدم چيو ”اُن جو تون فڪر نه ڪر- هيءُ نوجوان جو آهن (اسان ڏي اشارو ڪري) اِهي سڀ فرض ادا ڪندا-“ ۽ پوءِ ٽهڪن جو طوفان!

منهنجي ۽ قمر جي شاديءَ جو مسئلو، ربانيءَ جي ذريعي کيس معلوم ٿيو- پاڻ ان ۾ ائين مدد ڪيائين جو ڄڻ مان سندس ئي اولاد هجان- رحيم بخش سومري جي هٿان اُن معاملي کي ٿوري وقت ۾ ئي حل ڪرايائين.

مون مٿي لکيو آهي، ته پير حسام الدين راشدي وٽ پير جهڙي ڪا به شيءِ ڪانه هئي؛ نه مريد، نه خليفا. نه جبو، نه دستار. نه سڳو نه تعويذ. پر اها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن مون کي سندس عقيدت، احترام ۽ ادب ۾ واڳي رکيو.؟ مان پيريءَ مريديءَ ۾ يقين نه رکندو آهيان. پر الائي ڪهڙيءَ ريت، پير حسام الدين مون کي پنهنجو مريد ڪري ڇڏيو. شفقت سان، محبت سان. الائي ڪهڙي سڳي ڌاڳي سان.

مولانا گرامي

1952 جو زمانو هو. منهنجي عمر سترهن سال کن هئي. مرحوم شيخ عبدالله عبد، منهنجي شعرن مان ڪن جي اصلاح ڪري واپس ڏيندي چيو:

”مان توکي اهڙي ماڻهوءَ سان ٿو ملايان، جو هوند مان به ان کان ئي اصلاح وٺان. آئندهه تون پنهنجا شعر گرامي صاحب کي ڏيکاريندو ڪر.“

مون مٿي نهاريو. خوبصورت ڪاريءَ سونهاريءَ ۽ ڪارين شرعي تراشيل مڇن جي وچ مان، موتين جهڙا اڇا ۽ چمڪندڙ ڏند نمودار ٿيا. هڪ دلفريب مُرڪ، عينڪ مان اونهي اکين مون ڏي نهاريو، گهڙي پل لاءِ مون پنهنجي وجود مٿان، انهيءَ خوبصورت مرڪ کي هڪ هلڪي ۽ ٿڌي ڦوهاري جيان محسوس ڪيو. پوءِ مون گرامي صاحب جو جائزو ورتو. ڀريل بُت، سادو سنڌي لباس، سانورو رنگ ۽ مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي. مون گرامي صاحب کي چيو: ”اوهان منهنجا شعر ڏسندا؟“

ساڳي مُرڪ سان وراڻيائين: ”ضرور پر هتي مصروف آهيان، ڪو وقت ۽ جاءِ مقرر ڪيو، آچر مناسب ٿيندو.“

مون اُتاوليءَ مان پڇيو: ”منهنجي گهر ايندا؟“

مون کي اميد نه هئي ته گرامي صاحب ”ها“ چوندو، پر منهنجي اُميد خلاف چيائين: ”اچبو.“ ان رتيءَ جي رهاڻ اهڙو جيءُ اڙايو، جو اڃا تائين اڙيل آهي.

مون کان ائڊريس ورتائين، مون موڪلايو، پر پڪ نه هيم ته ڪو گرامي صاحب مونوٽ ايندو.

گرامي صاحب جو نالو اڳ ٻڌل هيم. ادبي حلقن ۾ گرامي صاحب ۽ خليل جي ادبي ڏي وٺ ان وقت. مشهور هئي.  اها به خبر هيم ته نه رڳو وڏو شاعر ۽ نقاد آهي، پر هو وڏو سڄاڻ عالم پڻ. ان ڪري اعتبار ئي نه آيو، ته مون پاري جيتامڙي شاعر جي گهر اهڙو مشهور عالم ايندو.

آچر جي ڏينهن سندس اچڻ جو پڪ نه هوندي به سخت انتظار ڪيم. حيرت جي حد نه رهي، جو مقرر وقت تي گرامي صاحب منهنجي جاءِ تي اچي ويو. مان کيس پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس، پنهنجا شعر ڏيکاريم. گرامي صاحب منڍ کان پڇاڙيءَ تائين شعر پڙهيا، تان جو منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿيو.

مون کيس دستوري صلاح ڪئي، پاڻ قبول ڪيائين. ان ڏينهن اسان جي گهر پلو چاڙهيو هئائون. مون وت آهر خدمت ڪئي. گرامي صاحب جي خوش خوراڪيءَ جو پهرئين ڏينهن ئي قائل ٿي ويس.

مانيءَ کانپوءِ مون سگريٽ جو پڇيو. ڀانيم ته مولوي ڇا سگريٽ پيئندو، پر ساڳيءَ دلفريب مرڪ سان ”ڪئنچي“ جي پاڪيٽ جي فرمائش ڪيائين. پاڪيٽ آيو، ۽ جڏهن سگريٽ دکايائين ته ان وقت ائين محسوس ٿيو، ته ننڍڙي ڪاري خوبصورت ڏاڙهي ۽ سگريٽ جو ميرانجهڙو دونهون، ٻئي ڪيڏا نه سهڻا لڳي رهيا هئا.

اوڀارين لهوارين ڳالهين، ادب، فلسفي، مذهب ۽ نفسيات تي بحث ۾ ئي شام ٿي وئي. گرامي صاحب فرمايو ته هاڻي هلي ڪراچي هوٽل تي ڪا چهر ڪجي. اُٿڻ کان اڳ ۾، ڪاغذ ۽ قلم گهريائين ۽ چيائين ته اڄوڪي  ملاقات جي ياد ۾ ڪا تحرير لکجي، ۽ پوءِ لکيائين:

”شعر جي مطالعي مان محسوس ٿو ٿئي ته هيءُ اڳتي هلي سنڌ جو تمام وڏو شاعر ٿيندو.“

منهنجي دل ٽڙي پئي. اها سند دل ۾ سانڍي اٿم، پر اڄ ڏک ٿو ٿئي ته اها سند فائيل ۾ ڇو نه رکيم. ان کانپوءِ ڪراچي هوٽل آياسين. ڏاکڻو ورانڊو گرامي صاحب جي مستقل بيٺڪ هئي. اتي اڌ رات تائين چانهه ۽ ڪباب جا دور هليا ۽ ڪچهري هلي، پوءِ موڪلايوسين.

منهنجو دلبر دوست رباني ۽ مان ان وقت فرسٽ ييئر سائنس ۾ هئاسين. انهن ڏينهن ۾ زولاجي پڙهندي، ٻئي تپرس ۾ پئجي ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪاڪروچ جي مرڪب اک Commpund Eye  اسان لاءِ عجب جو سبب هو، ته ڪڏهن ڊارون جي ارتقا جو نظريو. پڙهندي بحث ۾ پئجي ويندا هئاسين، پوءِ ڪورس ۽ ڪتاب ڇُٽا. فلسفو، مذهب ۽ نفسيات اسان جا موضوع ٿي ويندا هئا. جڏهن پاڻ ۾ نه ٺهندا هئاسين، ته پوءِ سڌا ايندا هئاسين گرامي صاحب جي ڪراچيءَ هوٽل واري ڪچهريءَ ۾. اُتي ويٺي ويٺي اسر ٿي ويندو هو، پر اهي ڦورا نه کلندا هئا. گرامي صاحب رات جو ڏهين کان صبح جي چئين تائين، هر موضوع ۽ مسئلي تي ڳالهائيندو هو. ڄڻ درياهه جوبند ڀڄي پوندو هو. ڄڻ ڪو آبشار وهي نڪرندو هو. اها ئي دلفريب مرڪ، اهو ئي ڪئنچيءَ جو سگريٽ. چانهه جا دورن تي دور، تان جو اچي صبح ٿيندو هو. اسان جوان ٿڪجي پوندا هئاسين، پر ڪڏهن به گرامي صاحب جي منهن تي ٿڪ جا نشان نه ڏٺاسين. اها ئي تازگي ۽ شگفته مُرڪ، سندس منهن تي صبح تائين موجود هوندي هئي.

انهن ڪچهرين ۾ اسان سان گڏ سرائي اميد علي (مرحوم)، سردار علي شاهه (جيڪو پڻ فوت ٿي ويو آهي)، يوسف (مرحوم) (جنهن مولانا عبدالله سنڌيءَ سان ڪم ڪيو، مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي) ۽ ٻيا علم جا پانڌيئڙا اسان جا واقف ٿي ويا. ڪڏهن ڪڏهن مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي، پنهنجي پُروقار شخصيت سان لڪڻ کڻي اچي اسان سان گڏ ويهندو هو. هوٽل جو مالڪ مرحوم عبدالرحيم عباسي به دخل ڇڏي اچي انهن بحثن ۾ شامل ٿي ويندو هو. اڳتي هلي اهي ڪچهريون اسان جو روزانو معمول ٿي ويون. رات جي ماني کائي سڌو ڪراچي هوٽل جي ورانڊي ۾ وڃبو هو. گرامي صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ايترو محو ٿي وڃبو هو، جو خبر ئي نه پوندي هئي، ته وقت ڪيئن ٿو گذري وڃي! جڏهن ڀر پاسي جي مسجد مان اذان جو آواز ايندو هو، ته معلوم ٿيندو هو، ته هاڻي صبوح ٿي ويو آهي، ڪچهري برخواست ٿيندي هئي.

منهنجي ۽ ربانيءَ جي حيرت جي حد نه هئي، ته هي سادو سٻاجهو، انگريزي نه ڄاڻندڙ عالم، آئن سٽائن جي اضافيت جي نظريي ۽ ڊارون جي ارتقا جي نظريي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندو هو. هو ارسطو ۽ افلاطون تي به ساڳئي طريقي سان ڳالهائيندو هو، جهڙي طرح غزالي ۽ فارابيءَ تي. ڪارل مارڪس، هيگل، برڪلي ۽ هيوم، تان جو برٽنارڊ رسل به سندس علم ۾ هئا. هڪڙو عربي ۽ فارسي خواندو مولوي، ۽ جديد فسلفي ۽ سائنس جو ايڏو اڀياس، اسان لاءِ عجب جهڙي ڳالهه هئي.

اُن وقت ۾ منهنجو ۽ ربانيءَ جو وڏو مسئلو هو ”ڪائنات جي تخليق.“ ور ور ڪري گرامي صاحب کان پڇندا هئاسين، ته ”ڪائنات جي تخليق جو مقصد ڇا آهي؟” ۽ گرامي صاحب سنجيدگيءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اسان جي اڻ گهڙيل سوالن ۽ دليلن کي ٻڌندو به هو، ته پنهنجا رايا ۽ دليل به ڏيندو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ منهنجو ’بزم خليل‘ سان واسطو ٿي ويو هو ۽ هو گرامي صاحب جا مخالف هئا، پر ان هوندي به نه ڪو گرامي صاحب جي شفقت ۽ قرب ۾ ڪمي آئي ۽ نه وري منهنجي ادب ۽ عقيدت ۾ فرق آيو.

ٽه ماهي ”مهراڻ“ نڪتو ته ڏينهن به ڪچهري، ۽ رات به ڪچهري. ميڊيڪل ڪاليج ويندي مهراڻ آفيس (جتي اڄڪلهه ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال آهي) ۾ ليئو پائي، گرامي صاحب جو سلام ڪبو هو. موٽندي پڻ ساڳي ريت سلام ڪبو هو. هاڻي شمشير به اُتي هو. ٿورن ڏينهن لاءِ سراج به. جي ڪاليج ويندي مهل ڪو دلچسپ موضوع ڇڙي ويندو هو، ته اُتي ويٺي ويٺي وقت گذري ويندو هو ۽ ائپرن ۽ ڪتاب کڻي، گرامي صاحب وٽان ئي واپس گهر هليو وڃبو هو.

”مهراڻ“ سان اسان جي ادبي تحريڪ اڳتي وڌي. نئين ادب سان چاهه هونءَ ئي هو، پر اُن جي همت افزائي ڪرڻ ۾ مهراڻ ۽ گراميءَ جو وڏو دخل هو. اسان کان اڳينءَ ٽهيءَ مان فقط حسام الدين راشدي، گرامي صاحب ۽ ڏيپلائي هئا، جيڪي اسان کي نه فقط همٿائيندا هئا، پر اسان سان گڏ فتوائن جو نشانو پڻ بڻيا هئا. (جويي صاحب ۽ چاچي گدائيءَ کي مان مُنڍ کان وٺي پنهنجي ٽهيءَ جو ڀائيندو آهيان، توڙي جو عمر جو فرق آهي). جڏهن ادبي تحريڪ زور ورتو، ته ٻيا سڀ پراڻا اسان جا مخالف ٿي بيٺا. اخبارن ۾ گاريون ڏنائون. سرڪاري ڪامورن وٽ چغليون هنيائون، مذهبي جنون جي ذريعي، اسان جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. اُتي ٻين ٿورن همدردن سان گڏ، گرامي صاحب اسان سان هر مرحلي ۾ گڏ هوندو هو. ادبي سنگت هجي، جشن روح رهاڻ هجي، سنڌي شام هجي، بزم صوفياءَ هجي يا ڪو ٻيو پليٽ فارم. گرامي صاحب جي تقرير شروع ٿي، ته ڄڻ وڏ ڦڙو وسيو. لفظ لفظ لڙيءَ ۾ پويل، جملو جملي سان جڙيل ۽ جڪڙيل، منطق، تاريخ، فلسفو، مذهب، ادب ۽ شعر سڀ علم سندس تقرير ۾. هر زاويي کان سنڌ جي تحريڪ جي لاءِ دليل هوندا هئا. سندس تقرير جو انداز شايد ئي ڪنهن کي حاصل ٿي سگهي. باوقار بيهڪ، آواز ۾ تمڪنت ۽ لفظن جي خوبصورت چونڊ، ٻوليءَ جو اڻ کٽ ڀنڊار، ڳالهائيندو هو، ڄڻ سانوڻيءَ جو درياهه اُٿلي پوندو هو.

مهراڻ جي آفيس ۾ جتي سنجيده گفتگو ٿيندي هئي، اتي کل ڀوڳ پڻ ٿيندو هو. گرامي صاحب اسان نوجوانن آڏو بناوٽي وقار يا شخصيت جو نقاب پائي نه ويهندو هو. اسان سان ائين رلمل ٿي ويندو هو، جو پيڙهيءَ جي وڇوٽي محسوس ئي نه ٿيندي هئي. ڪڏهن اسان سان چرچو ڪري وٺندو هو، ڪڏهن اسين ساڻس ڀوڳ ڪندا هئاسين. گرامي صاحب جي طبيعت جو ظريفانه پهلو غالب ۽ چرچل جي ظريفانه موضوع وانگر هڪ ڌار موضوع ٿي سگهي ٿو. گرامي صاحب ايڏا ته چرچا ڪيا ۽ ساڻس ايڏا چرچا ڪيا ويا، جو اهي سانڍڻ جهڙا آهن. ڪڏهن به چرچي تي چڙيو ڪونه، جي چرچو وڻندو هيس ته ان کي پسند ڪندي کلندو هو، ۽ جي چرچو اڃا به ڪجهه سخت هوندو هو، ته هلڪيون ننڍڙيون وڻندڙ گاريون به ڏيندو هو. هتي مثال طور هڪ چرچو لکان ٿو، جيئن گرامي صاحب جي خوش خلقيءَ جو يادگار رهي:

گرامي صاحب هاضمي جي خرابيءَ سببان اڪثر يوناني دوائون کائيندو هو. هڪ دفعي سندس آفيس ۾ ويس، ته آڏو ٽيبل تي سينڌي لوڻ جو ڳنڍو پيو هو، جيڪو شايد ڪنهن يوناني حڪيم جي مشوري موجب استعمال لاءِ خريد ڪيو هئائين. مون ان سينڌي لوڻ جي باري ۾ ٻڌايو، ته ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ اڪثر جانورن جي آڏو، اهو لوڻ پيو هوندو آهي. ان لطيفي تي ويٺل دوست وڏا ٽهڪ ڏئي کليا. گرامي صاحب به کلندي هڪ هلڪڙي گار مون کي ڏئي ڪڍي. ايتري ۾ ٻاهران ڏيپلائي صاحب آيو ۽ ٽهڪڙو ٻُڌي پڇيائين، ته ڇا تي ٿا کلو؟ گرامي صاحب پنهنجي آڏو سينڌي لوڻ جو ڳنڍو کڻي ڏيپلائي صاحب جي آڏو رکيو ۽ پوءِ مون کي چيائين، ته هاڻ ٻڌائينس ته ڇا تي کلياسين، ان تي منهنجي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي، سڀئي دوست ٻيهر ٽهڪ ڏيڻ لڳا، پر هن دفعي ٽهڪن جو نشانو گرامي صاحب نه هو، پر ڏيپلائي صاحب هو. ڏيپلائي صاحب اڃان وائڙو هو، ته هي ڇا تي ٿا کلن، پوءِ جڏهن مون ٻيهر جانورن جي باغ جي ڳالهه ٻڌائي ته ٽهڪن جو ٽيون دور شروع ٿيو.

مان خيرپور آيس، گرامي صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ مفاصلو ته وڌي ويو، پر قرب جو مفاصلو ڪڏهن به نه وڌيو. ڪڏهن مشاعرو، ڪڏهن محفل، هر بهاني سان ساڻس ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي هئي. درازن جي ادبي ڪانفرنس ۾، هر سال منهنجي سڏ تي اچي حاضر ٿيندو هو. 1974ع ۾ درازن کان موٽي، خيرپور جي ريسٽ هائوس ۾، اسر جي چئين وڳي تائين اسان جي ڪچهري هلي، ان وقت گرامي صاحب پنهنجي اندر جا حال اوريا. هيڏو وڏو عالم ۽ سندس پگهار ٿوري، جو ٻار ٻچا ته ڇا، پر پنهنجو به گذارو مشڪل ٿئيس! مٿان نوڪريءَ جون پابنديون، جيڪي هڪ عالم ۽ شاعر لاءِ روحاني اذيت جو باعث آهن. اسان جي سنڌي سماج گرامي صاحب کي ڇا ڏنو؟ هڪ اڻ پورو پگهار، هڪ ننڍي نوڪري، هڪ اڻپورو گهر ۽ عمر ڀر جون بُکون، پريشانيون، تڪليفون. هو بس ۾ سفر ڪندي ٿاٻڙجي ڪريو، منڊڪائيندو رهيو. سنڌ جو ادب منڊڪائيندو رهيو، اڃا به منڊڪائيندو ٿو رهي. سنڌ جي علم ادب ۽ فن کي ڪڏهن سڌو سنئون هلڻ نصيب ٿيندو؟ مرڻ کان پوءِ گراميءَ جي اولاد لاءِ وظيفا مليا ته چڱو، پر اسان جيئري جاڳندي گراميءَ جي ڪهڙي خدمت ڪئي، سندس ڪهڙو قدر ڪيو؟ کيس ڪهڙيون سازگار حالتون ڏنيون، جو هو لکي پڙهي ۽ سوچي سگهي. ۽ ڇا سنڌ جو علم ادب ابد تائين منڊڪائيندو رهندو؟

شوڪت جماڻيءَ چيو: ”يار هڪ بري خبر آهي، هاڻي الطاف شيخ جي فون آئي ته گرامي گذاري ويو.“

مون ان خبر کي ائين ٻڌو ڄڻ ڪوڙي خبر هجي. الطاف شيخ وٽ منجهند جي ماني کائڻ وياسين، ته هن ٻڌايو ته ”گرامي صاحب فوت ٿي ويو.“  خبر تي يقين آيو، پر گرامي صاحب جي ”مرڻ“ جي ڳالهه مون کي مشڪل لڳي. ڪراچيءَ پهتس، ته الطاف (منهنجي ڀاءُ) ٻڌايو ته گرامي فوت ٿي ويو. هن اهو به ٻڌايو ته هن کي جڏهن نياز همايونيءَ خبر ٻڌائي، ته ان تي اعتبار نه ڪيائين.

مون کي ايترن ماڻهن ٻڌايو آهي ته گرامي صاحب فوت ٿي ويو آهي، دل نه ٿي مڃي. دل ٿي چوي، ته سڀني کي چوان، ته عالم نه مرندا آهن، گرامي صاحب جيئرو آهي. اها اڇن موتيءَ جهڙن ڏندن واري مُرڪ جيئري آهي، جيڪا وجود تي، ٿڌي ڦوهاري جيانِ وسي هئي. ڏسو، گرامي صاحب جيئرو آهي، جي اعتبار نه ٿو اچيوَ ته منهنجو هي مضمون پڙهي ڏسو.

مقبول ڀٽي

سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تحريڪن ۾، اڪثر ڪيترائي اهڙا مڻيادار ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن جي محنت ۽ قربانيءَ سببان سندن دور کي اهم تاريخي موڙ نصيب ٿيا. پر هو ڪنهن کي ياد به نه رهيا. اڻ ڄاتا ۽ اڻ ڳاتا ئي رهجي ويا. مقبول ڀٽي به اهڙن مڻيادار ماڻهن مان هئو. مقبول ڀٽيءَ جي شخصيت گهڻ پاسائين Multi Dimensional هئي. هن جا مون سان تعلقات به گهڻ پاساوان هئا. ذاتي دوستي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن ۾ ساٿ، ليکڪ ۽ ناشر جو رشتو. اهي هئا اسان جي ساٿ جا مختلف پهلو. انهن سڀني ناتن جي ڪري، مقبول ڀٽيءَ جي گوناگون شخصيت کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو.

مقبول سان پهرين واقفيت ان دور ۾ ٿي جڏهن هو ٻارن جو رسالو ”گلستان“ ڪڍندو هئو. هڪ خوبصورت، ذوق سان سينگاريل، ٻارن جي ڏانوَ وارين تصويرن سان سينگاريل رسالو. کلڻو ملڻو، مضبوط هاٺيءَ وارو، بي تڪلف، روشن خيال، محنتي جوان. ائين لڳو مقبول.

اُن کان پوءِ، 1955ع ڌاري، جڏهن ون يونٽ جا سانباها پئي ٿيا، ته ”يوٿ فرنٽ“ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن جو صدر ذوالفقار علي ڀٽو هئو، ۽ ون يونٽ جي مخالفت ۾ عملي ساٿ ڏنائين. انهن ڏينهن ۾ هفتيوار اخبار ”وطن“ ڪڍيائين، جنهن ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ حب الوطني، ۽ ون يونٽ جي مخالفت جا جذبا جاڳائيندو رهيو. ان وقت جي هفتيوار اخبارن ۾ گيٽ اپ، مواد توڙي ٻوليءَ جي خيال کان، مقبول ڀٽيءَ جي ”وطن“، سڀني کان نمايان هئي. منهنجي خيال ۾ اهڙي هفتيوار اخبار اڃان تائين نه نڪتي آهي، جيڪا مقبول جي ”وطن“ جو مقابلو ڪري سگهي، سواءِ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ اخبارن جي. اها هفتيوار اخبار سنڌ جي ماڻهن ۾ ايتري ته مقبول ٿي، ۽ ايتري ته اثرائتي هئي، جو سنڌ سرڪار کي اُن کي بند ڪرڻو پيو.

ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد ۾ ته مقبول ڀٽي اڳي کان اڳرو هئو. جنهن ڏينهن حيدرآباد ۾ ون يونٽ جي فائدي ۾ سنڌ اسيمبلي اجلاس ڪري، ٺهراءُ پاس ڪرڻ واري هئي، ۽ کهڙي وزارت دٻڙ دونس سان اهو ٺهراءُ پئي پاس ڪرايو، اسان اُن ڏينهن اسيمبلي جي ٻاهران مظاهري ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. سنڌ ۾ تعليم ان وقت ايتري نه هئي، ڪاليج رڳو حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور ۽ سکر ۾ هئا. شاگرد گهڻا ڪراچيءَ توڙي حيدرآباد ۾ غير سنڌي. بهرحال مظاهري جو پروگرام ٺاهيو ويو. رات جو حيدرآباد جي ديوارن تي ”سنڌ يوٿ فرنٽ“ جا ڇپيل ”احتجاج“ جا پوسٽر هڻڻ شروع ڪياسين ۽ اڌ رات ڌاري، اهي پوسٽر هڻندي گرفتار ٿياسين. حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي بند رکيائون. مان، قمر صديقي، مظفر حسين شاهه، غلام سرور ڇڄڙو، سڄي سنڌ مان اٽڪل يارنهن شاگرد گرفتار ٿيا، اُهي به حيدرآباد ۾. (سنڌ ۾ ان وقت سجاڳي به گهٽ هئي ته تعليم به گهٽ.) صبوح جو سويل مقبول ڀٽي کي گرفتار ڪري آيا. مقبول ڀٽي سنڌ جي انهن ٿورن اوائلي، سڄاڻ ۽ بهادر سياسي ڪارڪنن مان هئو، جن ون يونٽ خلاف قيد قبوليو.

انهن ڏينهن ۾، 1956ع ڌاري، حيدرآباد ۾ ’سنڌي ادبي انجمن‘ نالي هڪ جماعت هئي، جيڪا ترقي پسند لاڙن جي ترجمان هئي. ان جماعت ۾ سرائي اميد علي، (سنڌيءَ جي اوائلي افسانه نگار، سنڌ جو اوائلي ائڪٽر (فلم پرديسيءَ ۾) ۽ مشهور اداڪار، اي. آر. بلوچ جو پيءُ) ڏيپلائي، ع. ق. شيخ ۽ سنڌيءَ جو سڄاڻ دانشور، محمد ابراهيم جويو، نوجوان ليکڪن جي ادبي تربيت ڪندا هئا. مقبول ڀٽي به ان ۾ شامل هئو. ساڳئي دور ۾، سنڌ جي، ڌار ڌار شهرن ۾ ”سنڌي ادبي سنگتون“ پڻ قائم ٿيون، جن جو مقصد پڻ ساڳيو ”سنڌي ادبي انجمن“ وارو هئو. مقبول ڀٽيءَ ”انجمن“ کي سنگت ۾ تبديل ڪيو، ۽ سنگت جي تنظيم لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. ڪي موقعا ته اهڙا به آيا، جو بسنت هال جي ٻاهران واري چبوتري ۾، (جتي سنگت جي ميٽنگ رکندا هئاسين،) رڳو ٻه يا ٽي ڄڻان، انتظار ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ويهي، موٽي ويندا هئاسين ۽ اهڙا موقعا لاڳيتا ۽ بار بار ايندا هئا، پر مقبول ڪڏهن به همت نه هاري. اسان مايوس ٿيندا هئاسين، پر مقبول اڳي کان اڳرو. چوندو هئو ”پرواهه ناهي، ٻئي هفتي محفل ضرور مچندي.“ ۽ مقبول جي اها محفل اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ متل آهي.

جڏهن سڄيءَ سنڌ جي ادبي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ جي ضرورت ٿي، ته ان ڏس ۾ پڻ مقبول ڀٽيءَ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

”ون يونٽ“ ۾، جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش سٽي ويئي ته اسان صحيحن جي مهم جي رٿا ٺاهي. لک کن ماڻهن کان صحيحون ورتيون ويون ته سنڌيءَ کي اولهه پاڪستان جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي. ان اسڪرول تي، شيخ مجيب الرحمان ۽ جوش مليح آباديءَ ۽ ٻين ڪيترن مشهور شخصيتن جون صحيحون هيون. ڪراچي هوٽل سامهون، سرائي اميد عليءَ جي بنا مسواڙ ڏنل سنگت آفيس هئي. مقبول، مان، شمشير، مصطفيٰ قريشي (مشهور فلم ائڪٽر)، ممتاز مرزا ۽ ٻيا دوست، نه رات نه ڏينهن، اوڌر تي مانيون کائي، اوڌر تي چانهيون پي پيا ڪم ڪندا هئاسين. مهم ان لحاظ کان ڪامياب ويئي ته سنڌ ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ پهرين سجاڳي پيدا ٿي. ان مهم جو اڳواڻ مقبول هئو. سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪيائين. ڪارڪن پيدا ڪيائين. انهن کي ڪم ڪرڻ جي تربيت ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ سڀ مايوس هئا. ون يونٽ دٻڙ دونس سان ٺاهي ويا. سنڌ جي ماڻهوءَ کي ڪا واٽ ئي نه پئي سُجهي. پر مقبول اهڙي لاٽ ٻاري جو روشن ٿي ويئي. شمشير جو نظم ”اي همسفرو“ ان دور جي تخليق آهي.

ان مهم دوران، مهم جي مقبوليت ڏسي، ڪيترائي سڌڙيا Oppertunist سياسي اڳواڻ، هزارين روپيا امداد لاءِ کڻي آيا، پر مقبول سڀني کي موٽائي ڇڏيو. ۽ اسان سان گڏ اوڌر جي چانهه ۽ مانيءَ تي گذارو ٿيندو رهيو. ان ڪري جو متان اهي سنگت کي سياسي طور استعمال ڪن.

مهم جي پوري ٿيڻ بعد، فارمن کي سارٽ Sort ڪري انگ اکر ڏيڻا هئا، ته گهڻن هارين، گهڻن مزدورن، گهڻن سياستدانن، گهڻن ڊاڪٽرن وغيره صحيحون ڏنيون آهن. اهو ڪم مقبول جي حيات ادب لئبرريءَ (دينوءَ جي پڙ ۾، سندس گهر هيٺان) ۾ ٿيندو هئو. ونگار جو ڀَتُ مقبول آڻيندو هئو ۽ اسان ڪم ڪندا هئاسين.

صحيحن وارو اهو اسڪرول، اڄ به انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ مقبول ڀٽيءَ، ٻين ڪارڪنن جي قربانيءَ، محنت، خلوص، سنڌ دوستيءَ، ۽ سنڌ ۾ ون يونٽ کان پوءِ ”پهرين سجاڳيءَ جي لهر“ جي يادگار طور رکيل آهي.

ان دور جو هڪ اهم واقعو، جيتوڻيڪ منهنجي ذات سان تعلق ٿو رکي، پر ان مان مقبول ڀٽيءَ جي همت، هوشياري، بردباري، توڙي قرباني ۽ دوستن سان محبت جي ثابتي ٿي ملي. ان ڪري ئي اهو واقعو هتي بيان ڪريان ٿو:

هي واقعو 1956ع جو آهي. تن ڏينهن ۾ مخدوم امير احمد اسان کي هير آباد واري اورئينٽل ڪاليج ۾ سنگت جي ڪچهرين ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. گرمي هجڻ سبب ٻاهر ڇٻر تي ٿي ويٺاسين. اندران پلگ مان تار ڇڪي، ٽيبل لئمپ ٻاهر لان تي رکيوسين، جيئن شعر يا افسانو پڙهڻ واري کي روشني ملي. ميٽنگ پوري ٿي ته مون ٽيبل لئمپ کي هٿ ۾ کنيو، جيئن ته ٻين سڀني ٽپڙ پئي سهيڙيا، مڄاڻ پلاسٽڪ واريءَ تار جي پلاسٽڪ ڪا ڏريل هئي، ان مان منهنجي ساڄي هٿ واريءَ چيچ کي ڪرنٽ اچي ويو. ائين ڀَانيم ته ان چيچ کان وٺي، پيرن جي ترين تائين، جهٽڪن جو ڪو سمنڊ آهي، جنهن جون لهرون منهنجي جسم مان ٿينديون زمين ۾ گهڙنديون ٿيون وڃن. ايترو هوش ئي نه هئو جو لئمپ ڦِٽي ڪريان. ڏٺم ته سڀ دوست چوڌاري گول ٺاهي بيٺا آهن. ڪي سئچ بند ڪرڻ لاءِ ڀڳا، پر سئچ اٽڪل اسي فوٽ کن پري هئو. مقبول ڀٽيءَ کي ڏٺم، تمام پري هليو ويو، پوءِ ڪنهن فاسٽ بالر وانگر ڊوڙ پاتائين، تيز رفتار سان ڊوڙيو، ۽ اچي مون سان ٽڪريو. ٽڪر لڳڻ سان ئي لئمپ هڪ پاسي، مان ٻئي پاسي، ۽ مقبول ٽئين پاسي. منهنجي ساهه کڄڻ جو انداز اهو هئو، جو عام طرح ساهه کڻڻ سان ڇاتي جيتري ڦنڊندي آهي ان کان ٻيڻي ٿي ڦنڊي، دل جي رفتار ٽيڻي. بچي ويس، پر ايترو ڪمزور جو هفتو کن هلي نه سگهان. ٻئي ڏينهن فرسٽ پروفيشنل جا امتحان هئا. (امتحانن جي دور ۾ به سنگت جو ڪم ۽ ڪچهريون نه ڇڏبيون هيون) فيل ٿيس- پر مقبول اها سياڻپ نه ڪري ها، اهو خطرو نه کڻي ها. ته نه رهي ها بانسر، نه وڄي ها بانسري. نه تنوير هجي ها، نه هيءُ مضمون لکي رهيو هجي ها، (ان وقت تائين اڃا منهنجو پهريون مجموعو به نه ڇپيو هئو.) شايد مقبول ڀٽي هجي ها، جيڪو تنوير جي موت تي تعزيتي مضمون لکي رهيو هجي ها.

درازن ۾ محفلن کي مچائڻ جي شروعات، سردار بهادر محمد بخش ڪوجهيءَ جي ڪوششن سان ٿي، پر عملي ڪم هادي بخش لاڙڪ ۽ مقبول ڀٽيءَ جو هئو. حيدرآباد مان اديب ۽ فنڪار، شاميانا وغيره درازن تائين پهچائڻ، محفل مچائڻ، انائونسمينٽ ڪرڻ مقبول جي بِلي هوندا هئا. ان وقت درازن ۾ نه ريسٽ هائوس هئو، نه آڊيٽوريم، نه بجلي، ۽ نه سرڪاري مدد. سردار بهادر محمد بخش، ۽ پوءِ فقير رحيم بخش هڙان خرچ ڪندا هئا، ته مقبول ڀٽي ۽ هادي بخش لاڙڪ وڙڪندا هئا.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ وڏو خال پئجي ويو. ليکڪ ته هئا، پر پبلشر ۽ پڙهندڙ گهٽ. مقبول ڀٽيءَ همت ڪري ”گلستان“ ڪڍيو. ان کان پوءِ سنڌيءَ جا اهم ڪتاب ”روح رهاڻ“ ۽ ”لطيفي سير“ ٻيهر ڇپارايائين. ان کان سواءِ جڳ مشهور ڪتاب ”الف ليليٰ“ جديد نموني ۾ تصويرن سان ڇپايائين. منهنجو پهريون مجموعو ”رڳون ٿيو رباب“ تمام خوبصورت نموني ۾ شايع ڪيائين. ان وقت چيو هيائين ته ”ايندڙ پنجويهن سالن تائين ههڙو خوبصورت ڪتاب نه ڇپبو“. مقبول جي اها دعويٰ توڙي اڳڪٿي بلڪل صحيح ثابت ٿي.

سنڌي ڪتابن جي اڻاٺ ڏسي هن حيدرآباد جي اهم جڳهه تي ”سنڌي ڪتاب گهر“ قائم ڪيو. ان ڪتاب گهر ۾ هن ڪوشش ڪري سڀ نوان پراڻا، هند ۽ سنڌ جا ڪتاب رکيا. سنڌيءَ جو ڪوبه ڪتاب جي سنڌي ڪتاب گهر ۾ نه هوندو، ته سمجهبو هئو ته اهو ڪٿي به نه ملندو. اهو فقط ڪتاب گهر نه هئو، پر اديبن جو مرڪز پڻ. هر آيو ويو اتي ضرور کن پل لاءِ ترسندو هئو. ڊاڪٽر خليل، ڏيپلائي، مظفر حسين جوش، منظور نقوي، سرور علي سرور، غلام محمد گرامي، عبدالله خواب جو ته دڪان ئي مٿان هئو، عبدالقيوم صائب. نوجوانن ۾ شمشيرالحيدري، نياز همايوني، ممتاز مرزا، مصطفيٰ قريشي. ڪو ٻاهر جو اديب دوست جي حيدرآباد ايندو، ته سنڌي ڪتاب گهر تي ضرور ايندو. ڪتاب به ملي ويندس ته اديب دوستن سان به عليڪ سليڪ ٿي ويندس.

سنڌي ادب ۾ خال کي ڀرڻ، ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب کي پڙهڻ جو شوق جا ڳائڻ ۾ ٽه ماهي مهراڻ (جيڪو ان وقت محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ نڪرندو هئو) ۽ ’سنڌي ڪتاب گهر‘ جو وڏو هٿ آهي.

مقبول ڀٽي سنڌ يونيورسٽي پريس جو مئنيجر ٿيو. سنڌيءَ ۾ پهرين مونوٽائيپ مشين هن قائم ڪئي. پرنٽر جي حيثيت ۾ هن سنڌي طباعت کي هڪ قدم اڳتي وڌايو. مقبول جي ڇاپيل ڪتابن مان هڪ هڪ اُن فن جو شاهڪار آهي. سهڻائي، صفائي، سٿرائي ۽ بيهڪ، اهڙي جو اڄ به جديد آفيسٽ جي سهوليتن هوندي به اهڙا سهڻا ڪتاب نه ٿا ڇپجن جهڙا مقبول ڀٽيءَ ڇا پيا.

پريس مئنيجريءَ دوران به اسان جي دوستي قائم رهي. تقريباً هر شام گڏ هوندا هئاسين. جڏهن امتحاني پيپر ڇپبا هئا، ته مقبول کي اها رات پريس ۾ گذارڻي پوندي هئي. ٻئي ڏينهن جڏهن امتحان هال ۾ پيپر ورهائبو هئو، تڏهن کيس ٻاهر ڪڍندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مان ميڊيڪل جو شاگرد هيس. منهنجا تقريبا سڀ پيپر مقبول ڇپيا. پر ڪهڙو نه سچائيءَ جو زمانو هيو. اسان ٻنهي کي اها ڳالهه خواب خيال ۾ به نه هئي، ته ڪو چڪر هلائجي. نه مون ان کي ممڪن ۽ صحيح سمجهيو ته مقبول کي ان ڳالهه لاءِ چوان، ۽ مان سمجهان ٿو ته مقبول به ائين محسوس ڪيو هوندو. ڪڏهن پاس ڪڏهن فيل. پر دوستي ساڳي قائم، اها ڳالهه ذهن ۾ ئي نه اچي، ته ڪو بي ايماني ڪجي.

مقبول ڀٽيءَ جي لائبرري، ”حيات ادب لئبرري“ سندس گهر جي هيٺان هئي. هر اخبار موجود. هر ڪتاب مهيا. سنڌي، اردو، انگريزي. ٽنهي ٻولين ۾ بهترين ڪتاب. سنڌيءَ جو ته وٽس ناياب ذخيرو هيو. ورهاڱي کان اڳ ڇپيل ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو. ورهاڱي کان اڳ ڇپيل اخبارن ۽ رسالن مان اڪثر اخبارن ۽ رسالن جا مڪمل فائيل. الائي ڇا ٿيو ان خزاني جو.

مقبول هڪ ماهر لائبريرين هئو. اُن وقت اڃا لائبرري سائنس جا ڪلاس شروع نه ٿيا هئا. پر مقبول جي لائبرريءَ جي سٽاءَ لاجواب هئي. ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي فائيلن جي ترتيب اهڙي هئي جو جيڪا شيءِ گهُر اها منٽ ۾ حاضر.

مقبول هڪ سٺو شاعر هئو. اها خبر ٿورن کي هوندي. هن ادبي سنگت ۾ ڪجهه شعر پڙهيا هئا. سندس تخلص ”دانش“ هيو. شعر سٺا، جذبات سان ڀريل، ۽ پختا هئا. هن هڪ ٻه افسانا به لکيا.

ريسرچ اسڪالر جي حيثيت ۾، مقبول ڀٽيءَ ڪافيءَ جي بادشاهه، مصري شاهه تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو يادگار آهي، اڃا تائين مصري شاهه تي ان کان بهتر ڪم ڪو ڪري نه سگهيو آهي. مصري شاهه جي ڪلام کي هٿ ڪرڻ ۾، مقبول ڀٽيءَ جيڪا محنت ڪئي، ۽ مصري شاهه جي سوانح کي جنهن طريقي سان هن محفوظ ڪيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار ڪارنامو آهي، جنهن کي اسان جا ادبي تاريخ نويس ۽ نقاد سدائين وساريندا آيا آهن.

مقبول ڀٽي، سنڌيءَ جي هڪ وساريل مگر اهم شاعر محمد موسيٰ ’راز‘ جو پٽ هئو، جنهن جو حيدرآباد جي قلعي تي لکيل نظم سنڌي ادب جو شاهڪار آهي. سنڌيءَ جو نماڻو، سٻاجهو ۽ استاد  شاعر، عبدالله خواب سندس چاچو هئو. جيڪو جميعت الشعراءَ جي غزل گو شاعرن ۾ گهڻن کان اڳرو هئو، پر پنهنجي نماڻائيءَ ۽ نهٺائيءَ ڪري اهو مرتبو ماڻي نه سگهيو، جنهن جو هو مستحق هئو.

جڏهن مان خيرپور آيس ته مقبول سان ملڻ جا موقعا گهٽبا ويا. ٻُڌم ته مقبول بيروزگاريءَ جي ڪري تڪليف ۾ آهي. پر پڪ اٿم ته ان تڪليف جي دور ۾ به مقبول اهو ئي کلڻو ملڻو هوندو.

پوءِ هن کي ’نئشنل بڪ ڪائونسل‘ ۾ نوڪري ملي. ان دوران ڪراچيءَ ۾ ساڻس آخري ملاقات ٿي. ساڳيو قرب ساڳيو پيار. ڀلا قرب کي مفاصلو يا وقت گهٽائي سگهي ٿو.

مقبول ڀٽي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هئو. محب وطن، اهو به انتها پسند. عوام دوست، اڻ ٿڪ ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن، ريسرچ اسڪالر، پرنٽر، پبلشر، بڪ سيلر، آرگنائيزر، ايڊيٽر، انائونسر، ڪمپيئر، شاعر، افسانه نگار، ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ پُرخلوص، پيارو دوست. مقبول ڀٽيءَ جي شخصيت تي سوچيندي، شاهه لطيف جي هڪ سٽ دل تي تري ٿي اچي.

جي ماسو جڙيئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.

مقبول کي ماسو نه، پر سير مليو.

رشيد ڀٽي

الائي مان ڳالهائي سگهان يا نه، الائي ڪيترو ڳالهائي سگهان. بهرحال، رشيد ۽ منهنجو ساٿُ، توهان سڀني کي خبر آهي 1954ع کان شروع ٿيو. 1954ع کان 1988ع تائين وڏو عرصو آهي. چوٿائي صديءَ کان به وڏو، ۽ اسان جو ساٿُ ڪو رواجي ساٿ نه هو. ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون گڏ رهياسون. مون کي پهريون ڏينهن ياد آهي، 54- 1955ع ۾ اسان ٽي دوست هياسين پاڻ ۾، ٽئي هڪٻئي کي ويجها. رباني، مرحوم حفيظ ۽ مان. انهيءَ زماني ۾ ون يونٽ ٺهڻ جا سانباها پئي ٿيا ۽ مان ان جي باري ۾ ٻه نظم لکيا ها، سسئيءَ ۽ مارئي تي. اهي ٻه نظم هڪڙي اخبار هوندي هئي ”الوحيد“ (جنهن کي پوءِکهڙي بند ڪري ڇڏيو هو)، ان ۾ ڇپيا ها. تنهن کانپوءِ هڪڙي ڏينهن رشيد ڀٽيءَ جو نظم انهيءَ اخبار ۾ پڙهيوسين، جيڪو اڄ هتي نياڻين پيش ڪيو ته:

”سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو!“ ته انهيءَ نظم پڙهڻ سان ئي اسان ٽنهي دوستن سوچيو ته اِنهيءَ ماڻهوءَ سان ملڻ گهرجي، اهو جيڪو مڙس ماڻهو آ. ۽  ائين، مدرسي جي هاسٽل ۾ رشيد رهندو هو. وڃي هن جو درکڙڪايوسين. معصوم، صفا معصوم! جهڙو اڄ ڄايو هجي. اهڙيون معصوم اکيون مان عمر ۾ نه ڏٺيون. مان جو ڀٽيءَ جي اکين ۾ نهاريو ته ائينءَ لڳيون ته اهي ايتريون شفاف آهن جو منهنجون نظرون انهن مان پار لهي ويون ۽ هن جي دل تائين پهچي ويون. تنهن کانپوءِ هن جو قرب... محبت... ۽ ٻيون جيڪي هن جون حاضر جوابيون ۽ ٽئين بي تڪلّفي. صبح جو هن سان ملياسين ۽ شام جو يارهين ٻارهين وڳي ائين ٿي وياسين ڄڻ جُڳن کان هڪٻئي جا دوست هئاسين. هڪڙي ڏينهن ۾ اسان جي ايڏي دوستي ٿي وئي ۽ تنهن کانپوءِ هو جيڪو چوندا آهن ته ”رتيءَ جي رهاڻ جيءُ اڙايم جت سين“ ته اها رتيءَ جي رهاڻ هئي. پوءِ اُن سفر ۾ اسان گڏ رهياسين. ساٿي ايندا ويا. مقبول ڀٽي مرحوم جنهن جو نالو ههڙن ميڙن ۾ نه کڻڻ وڏي نا انصافي آ. مقبول ڀٽي هو، جنهن سنڌي ادبي سنگت جي ٻيهر تنظيم شروع ڪئي، اسان سان انهيءَ ساٿ ۾ ساڻ رهيو. هن جي ”وطن“ اخبار نڪرندي هئي، جنهن کي پوءِ بند ڪيو ويو. ون يونٽ ٺهڻ کان ٿورو اڳ ۾، هو ڪافي مخالفت ڪندو هو ون يونٽ جي. تنهن کانپوءِ ٻيا دوست ايندا ويا. حميد آيو، ناصر آيو، جمال رند آيو، سليم خواجو آيو ۽ پوءِ ائينءَ اسان جو ميڙو مچندو ويو. ته رشيد ڀٽيءَ کي مان جيترو ويجهو ڏٺو ۽ جيترو هو وڌيڪ ويجهو ٿيندو ويو، اوترو هن سان وڌيڪ پيار ٿيندو ويو، اوترو مون کي وڌيڪ وڻندو هو. ڪي ماڻهو جيترا ويجها ايندا آهن ته انهن جون ڪمزوريون ۽ خاميون به آڏو اينديون آهن. پر خير فرشتو ته ڪونه هو، پر تنهن هوندي به هن ۾ ڪا محبوبيت هئي. اها محبوبيت هڪڙي ته هُئي هن جو خلوص. ايترو خلوص! ايترو خلوص!! جو ڪوبه دوست جي هن جي در تي هلي ويندو هو ته هن جي وت آهر نه، پر وت کان وڌيڪ (پئسو ته ايترو ڪونه هوندو هوس) خدمت ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو دوست نه ايندو هو هُن وٽ ته ڪاوڙجي ويندو هو ۽ گاريون ڏيندو هو.جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن پئجي ويندا هئا مون کي ۽ مان سکر نه ايندو هوس ته فون ڪندو هو ته ”تون ڇو نه ٿو اچين؟ مان اچان يا تون اَچُ“. ته ايڏو قرب هوندو هوس ۽ ٻي ڳالهه جيڪا مان توهان کي هن جي شخصيت جي خوبي ٻڌائي، اها هئي ته اندر ۽ ٻاهر هڪ جهڙو هو. هاڻي جيئن ته ون يونٽ ٿي ويو هو 1956ع ۾، ۽ مارشل لا لڳي 1958ع ۾. سياسي جلسن تي پابندي، سياسي جماعتون بند، اسيمبليون ختم. سنڌي ٻوليءَ تي اهڙو وقت اچي ويو جو شريف ڪميشن جي رپورٽ آئي 1963ع ۾ ته چوٿين درجي تائين سنڌي پڙهايو، تنهن کانپوءِ اردو پڙهائڻ شروع ڪيو. هاڻي اسان ڇا ڪيون؟ ڪيئن جدوجهد هلايون؟ ڪيئن وڙهئون؟ سياستدان جيڪي اسان جي سنڌ جا هئا، سڀ يا ته ٻِرن ۾ لڪي ويا يا ته پرمٽن يا پلاٽن جي پويان پاڻ کي وڪڻي ڇڏيئون ته رشيد ڀٽي هو يا اسان جا ٻيا سڄاڻ دوست هئا، ته اسان اهو طريقو شروع ڪيو ته لطيف جو ڏينهن ٿا ملهايون، سنڌي شام ٿا ملهايون يا جشن روح رهاڻ ٿا ملهايون. ته اها سڄي تحريڪ اسان ادبي پليٽ فارم تان هلائي، سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي.

ان وقت سنڌ ۾ پنج يا ڇهه ڪاليج هئا ۽ انهن ۾ به سنڌي اڌ کان گهٽ هوندا هئا. تنهن کانپوءِ آهستي آهستي اها تحريڪ اڳتي وڌي. ته بهرحال مون رشيد ۽ ان جي محبوبيت جي باري ۾ پئي ڳالهايو ته هڪڙي ڀيري مون کي ياد آ ته رشيد اسان سڀني دوستن سان اچي ڪاوڙيو، اسان ڪا حرڪت ڪئي هن سان ۽ مذاق به خطرناڪ حد تائين ڪئي سين. ڇهه، مهينا اسان هن کي منٿون ڪندا رهياسين. هتي گهر اچئونس، ايلازمنٿون ڪيئونس. بابا هاڻي پرچي وڃ. پر اصل نه! ڇهن مهينن کانپوءِ هڪڙي ڏينهن ڏسان ٿو ته پاڻ منهنجي آفيس ۾ لنگهي آيو، مان ٻين ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ در ڏياريو. پاڻ مون کي ڀاڪر پائي ۽ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ رشيد ڀٽيءَ جا ٽهڪ جن دوستن ٻُڌا هوندا ته انهن اهڙا ٽهڪ زندگيءَ ۾ نه ٻڌا هوندا. کلندو هو ته دل سان. ائين کلندو هو ڄڻ ته ڪو درياهه وهي پيو آ، ۽ هن جي ٽهڪن جو سلسلو هلندو هو ته بس بند نه ٿيندو هو. هڪڙو گيئر، ٻيو گيئر، ۽ پوءِ چوندا هئاسين ته ڀٽي هاڻي گيئرن ۾ ٿو کلي. ۽ وري جيئن اسان جي دوست ناصر ٻڌايو ته شل نه ڪو دوست ناراض ٿئيس ته پوءِ سڏڪندو، روئندو، عينڪ لاهي اکيون اگهندو ۽ پرچائيندو. هاڻي زيادتي به اسان جي ۽ پرچائيندو به وري اسان کي. تنهن کانپوءِ ٽئين ڳالهه رشيد ڀٽيءَ جي هئي. اصول پرستي. مرحوم حافظ عبدالحميد ڀٽي اسان ڏٺو. اسان کي سعادت حاصل آهي ان سان ٿورو گهڻو تعلق هجڻ جي. اصول پرست ماڻهو. سائين برڪت آزاد کي خبر هوندي ته ڪٽر خلافتي، ڪٽو وهابي ۽ ڪٽو ڪانگريسي هو. اصول پرست ۽ مذهبي طرح سان بلڪل پڪو يعني اندر ٻاهر هڪڙي. ڪڏهن به منافقت نه ڪيائين، چوندو ”مان هن ڳالهه ۾ يقين رکانٿو، هن ڳالهه ۾ يقين نه ٿو رکان.“ هاڻي رشيد ڀٽي جو هن جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ رشيد ڀٽيءَ کي ننڍي هوندي جڏهن ٿوري گهڻي ترقي پسنديءَ جي هوا لڳي ته رشيد کي ويهاريائين. ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾. هاڻي سائين، ڪاڏي رشيد ڀٽي، ڪاڏي ٺيڙهيءَ جو مدرسو. سائين ڇا ٿيو جو رشيد ٿوري گهڻي بغاوت ڪئي. ڇو ته رشيد ڀٽيءَ ۾ به اندر هڪڙي ۽ ٻاهر ٻي يا منافقي ڪونه هوندي هئي. پيءُ ۾ به ڪونه هئي، پُٽ ۾ به ڪونه هئي، ته ڀٽيءَ  پنهنجا خيال پيءُ کي صاف چئي ڏنا ته ”بابا مان انهن ڳالهين ۾ اعتبار ڪونه ڪندو آهيان.“ هاڻي هو به سخت اصول پرست ۽ هي به سخت اصول پرست. ٻنهي ۾ ٿي پيو ٽڪر. ته انهيءَ ٽڪر ۾ ڇا ٿيو جو مولوي صاحب رشيد تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين ته تون گهر ڇڏي وَڃُ. رشيد ڀٽي سئنيمائن جي اشتهارن جا جيڪي گاڏا ٿيندا آهن اهي هلائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو.  مون کي ياد آ ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن رشيد پڙهڻ آيو 55- 1954ع ۾ ۽ جڏهن ”نئين سنڌ“ ۾ سب ايڊيٽر هو ته مولوي صاحب رشيد تي ڪاوڙجي پيو ۽ پئسا موڪلڻ بند ڪري ڇڏيائينس، رشيد ڀٽيءَ جا اهي افسانا ”هڪ روپئي نوٽ“ ۽ ٻيا انهيءَ دور جي ياد آهن. ته اُتي اخبارن ۾ ڊبل شفٽ ۾ ڪم ڪري، پر ڪڏهن به پيءُ آڏو پيش نه پيو ته بابا تنهنجا خيال مان هاڻي قبول ٿو ڪيان ۽ نه مولوي صاحب ئي چيس ته بابا تون ٺيڪ آن. پر پيار ٻنهي ۾ هو. ٻنهي ۾ نظرياتي اختلاف، اصولي اختلاف ۽ ذهني اختلاف به هو، پر وري ٻنهي پيءُ پٽ جو پيار جيڪو اسان ڏٺو ان جا به عجيب ڪرشما ته پٽ پيءُ کانسواءِ پريشان ۽ پيءُ پٽ کانسواءِ وائڙو ۽ ويچارو. ۽ پوءِ وري ٻنهي جو ملڻ ۽ ٻنهي جو ٺاهه ٿئي...! ته رشيد بغاوت پنهنجي گهر کان شروع ڪئي. تنهن کان پوءِ هو بهترين ليکڪ. پر ليکڪ جيڪو چوندا آهن Entertainer يا وندرائيندڙ نه پر هن جو ادب اصول پرستيءَ سان هو، هن جو ادب ڪنهن نه ڪنهن افاديت وارو هو.

تنهن کانپوءِ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اڻٽر. مان هن کي ايڏو بهادر ڏٺو. جڏهن هن کي 1971ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ته مون کي نياپو پهتو ته هن کي 104 بخار ٿي ويو آهي، هن جي شگر وڌي وئي آهي، هن کي پرهيز جو کاڌو نٿو ملي ۽ جيل ۾ دوائون نٿيون ملنس، هتي ويچاري کي سول اسپتال سکر ۾ کڻي آيا. اُتي مان چوريءَ رات جو وڃي مليو مانس. ظاهري طرح ته ملڻ ڪونه ڏيندا هئا. مون کي خبر آ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ته بلڊ ۾ شگر وڌي وڃي ۽ 104 بخار هجي ۽ پرهيز جو کاڌو نه ملي ۽ دوائون نه ملن ته مريض جا ڇا حالت هوندي آ. مان سمجهو ته هو مايوس هوندو، پريشان هوندو، پر اُتي مان پريشان ۽ مايوس هجان، پر هو مون کي پيو سمجهائي ته ”يار ڊڄبو آ ڇا، يار ڀؤ ڪبو آ ڇا، اهي تڪليفون ته اينديون وينديون آهن، تون خيال نه ڪر، مان ٺيڪ آهيان.“ يعني مون کي پيو آٿت ڏي. جڏهن 1965ع جي جنگ ۾ هن کي جيل ۾ وڌائون ۽ جيل ۾ مان ۽ اياز هن سان ملڻ وياسين ته هن کي مان هميشه اڳي کان اڳرو ڏٺو. ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ مان هن جو دوست به هيس ته جڏهن به ڪا ڳڻتي تڪليف ٿيندي هيس ته مون کي فون ڪندو هو. هڪڙي دفعي آيس، تڏهن هن جي پير جي آڱوٺي ۾ انفيڪشن ٿي پيو هو. انهيءَ وقت هن سان اها حالت هئي ته تيز بخار تنهن کانپوءِ شگر وڌي ويئي. ته انهيءَ ڏينهن جڏهن مان هن سان مليس ته مان ائين محسوس ڪيو ته عزرائيل جو پاڇو هن جي مٿان آهي. مون هن کي چيو ته ڪراچيءَ وڃ. ڪراچيءَ وڃي آڱوٺو ڪٽايائين پَيرَ جو، موٽي آيو ۽ چيائين ”ڏس عزرائيل کي آڱوٺو ڏئي آيس سو به پير جو“ ته ايڏو بهادر هو. مان امر جليل کي ساڻ ڪري هن سان ملڻ آيس، هن جي وفات کان هفتو کن اڳ ۾، تڏهن حالت اها هئي جو هن جي دل صفا ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي وئي هئي ۽ ٻه قدم به پنڌ نه ڪري سگهندو هو، هڪڙي جاءِ تي ويٺو هوندو هو. مان ۽ جليل جڏهن اندر آياسين هن جي ڪمري ۾ ته انهيءَ وقت به هن ڪو ڪتاب ترجمو پئي ڪيو. انهيءَ حالت ۾ به هن چاهيو پئي ته زندگيءَ جي هڪڙي هڪڙي گهڙي مان سجائي ڪيان. منهنجي خيال ۾ رشيد ڀٽي هڪڙو ماڊل هئڻ گهرجي سنڌي اديب جي لاءِ ته ڪيئن پنهنجي ضمير کي قائم رکي ۽ ڪيئن مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي قوم کي ڏي، ڪنٽريبيوٽ ڪري. هن کي قوم ڇا ڏنو؟ جيل، مصيبتون، تڪليفون. پر رشيد پڇاڙيءَ تائين قوم کي ڏيندو رهيو، مون سنڌ جي هڪ وڏي آرٽسٽ کي چيو ته ”تون ڪم ڇو نه ٿو ڪرين؟ ڪجهه پينٽگون وغيره ٺاهه“. چيائين ”سنڌ اسان کي ڇا ڏيندي.“ ته اهو نه سوچيو ته سنڌ اسان کي ڇا ڏيندي، پر رشيد وانگر اهو سوچيو ته اسان سنڌ کي ڇا ڏنو آ. مون کي افسوس آ ته اڄ جو نوجوان جڏهن يونيورسٽيءَ مان نڪري تو ته چوي ٿو: ”مون کي سترهين گريڊ جي نوڪري کپي، سائين مون کي ڪسٽم ۾ نوڪري وٺائي ڏيو، سائين مون کي پوليس ۾ صوبيداري وٺرائي ڏيو.“ ائينءَ نه ته بابا اوهان ڀٽيءَ وانگر 55 سالن جي عمر تائين سنڌ کي ڏيندا رهو، جڏهن توهان هڪ دفعو ائين ڪيو ته توهان جي ايندڙ نسل کي سنڌ ڏيندي. توهان کي نه ڏيندي. اهو دور اسان جي حياتيءَ ۾ نه ايندو، جو سنڌ ڪجهه ڏئي سگهڻ جهڙي ٿي سگهي، ها البته جيڪڏهن هڪڙي اسان جي نسل پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪئي ته پوءِ ممڪن آ ته سنڌ اسان جي ايندڙ نسل کي ڏي. تنهن ڪري وقت نه وڃايو، رشيد ڀٽيءَ کان سبق سکو. رشيد کي سياسي ڪارڪن به هڪڙو ماڊل سمجهن. جيئن ته اسان انهيءَ چڪر ۾ 1954ع کان پياسين ته اهو زمانو اهڙو هو جو ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“ وادي مهراڻ سڏيندا ها سنڌ کي. ”حيدرآباد سنڌ“ لکڻ تي به اعتراض ڪندا هئا ته ”حيدرآباد سنڌ“ نه لکو، رڳو حيدرآباد لکو يا ”حيدرآباد پاڪ“. سنڌ ٿا لکو ته پليت ٿي پوندو. ته انهيءَ عرصي ۾ مختلف دوست هوندا هئا، مختلف خيال هوندا هئا. اسان جا ليفٽيسٽ دوست جن سان اسان جا ويجها رستا به هئا، پر سنڌ جي مسئلي تي ڪجهه گڙ ٻڙ ٿي ڪيائون، ڪو ٺهراءُ پاس ڪيئون ته مخالفت ڪن ته ”هاري مزدور ڪا چڪر چل جائي گا، لساني ڪشمڪش ٿي ويندي، هيئن ٿي ويندو هونءَ ٿي ويندو.“ ته رشيد انهن کي صاف، سڌو ۽ کليل لفظن ۾ چوندو هو”توهان چمچا آهيو، توهان بدمعاش آهيو، توهان منافق آهيو.“ ٻه ماڻهو هوندا ها سڄي سنڌ ۾ هڪڙو رشيد ڀٽي ۽ ٻيو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جيڪي انهيءَ مسئلي تي هڪڙو اصول ٺاهي ويٺا ته جيڪو سنڌ جو دشمن آ اهو ترقي پسند ٿي نٿو سگهي. ۽ ٻيو وري هي جيڪي اسان جا رجعت پسند مُلان فتوائون ڏيندا هئا ته رشيد انهن کي به چئي ڏيندو هو کُلم کلا. اسان هن کي چوندا هئاسون ته بابا ڪجهه خيال ڪر آخر رهڻو آ اسان کي انهن سان، ڀلا گاريون ته نه ڏين. جيڪي چوڻو آ اهو لڪائي چئو يا رومال ۾ ويڙهي هَڻُ. پر پاڻ چوندو هو ڳالهه ڪبي سڌي سنئين، نه ته ٿوروئي سڌرندا هي.“ اصل لکڻ ۾ به ائينءَ. جيڪو لکيائين ”سنڌي ادب ۾ مارشل لاءِ“ يا ”جديد سنڌي لغات“ ته: ”دُڪو دماغ، پاءُ مُڇان برابر سردار علي شاهه.“ اڙي بابا ائينءَ ته نه لک. هاڻي وري ڇا ٿيو آ ته انهيءَ سردار علي شاهه جي اخبار اسان کي روز گاريون ڏيندي هئي. ته ائينءَ هوندو هو ته ڪڏهن به رک رکاءُ نه ڪيائين، ٻيو وري هن جي طبيعت جو عجيب رجحان اوهان کي ٻڌايان. هي فوٽا ڇپيا آهن ”المينار“ ۾ رشيد جا ته هاڻي هڪڙي فوٽو ۾ ڏسو ته ڏاڙهي مڇون ٻئي چٽ، ٻي فوٽو ۾ ڏاڙهي چٽ مڇون اٿس، ۽ ٽئين فوٽو ۾ ڏاڙهي به اٿس، مڇون به اٿس ته اهي هن جا رنگ هوندا ها. چئونس ته اڙي بابا ائينءَ ڇو ٿو ڪرين. چوندو ته، اهو دشمن تي داغ آ جو ڏاڙهي رکيو ٿو گهمان. هتان جو لنگهندو آهيان ٽاور وٽان ۽ هيئن جو هٿ لاهيندو آهيان ڏاڙهيءَ کي ته فلاڻا فلاڻا سڙندا آهن.

مارشل لا لڳندي هئي ته وري ڏنڊي کڻندو هو. اڙي بابا هيءَ ڏنڊي ڇوکنئي اٿئي. چوندو ”هي دشمن تي داغ آ، هو ميجر ٻيجر کڻن ٿا باقي اسان نه کڻئون! اسان هنن کان گهٽ آهيون ڇا؟“ ته اها هئي شخصيت رشيد ڀٽيءَ جي. ته مان اوهان کي ٻڌايو ته مان رشيد ڀٽيءَ کي عزرائيل سانFace to face  (مُنهان منهن) ڏٺو. پر عزرائيل کي به جيڪو آڱوٺو ڏئي وڃي، اهو ڪيڏو نه بهادر هوندو.

منهنجي خيال ۾ اڄ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن، ته ڳالهه ڪرڻ چڱائيءَ جي، اهو به هڪڙو عمل آ. اسان جا ڪجهه دوست ان خيال جا آهن ته هتي ويهڻ سان ڪجهه به ڪونه ٿو ٿئي. ته ڳالهه ڪرڻ ڪنهن جون چڱايون ڳالهائڻ، انهن کي ڳائڻ ۽ انهن کي ٻُڌڻ اهو سڄو ثواب جو ڪم آ. مون کي ياد آ ته هڪڙي ڀيري علامه آءِ. آءِ قاضي پنهنجي تقرير پئي ڪئي انهيءَ وقت ٻانگ آئي ته يونيورسٽيءَ جا ڪجهه پروفيسر نماز لاءِ اُٿيا، اڃان اوستائين پهتائي نه ته علامه چيو: “Look at those fools, they are going for prayer, as if this is not prayer.?

(انهن بي وقوفن ڏانهن ڏسو، هو عبادت ڪرڻ ٿا وڃن. ڄڻ هيءَ عبادت ڪونهي.) ته، رشيد ڀٽي تي ڳالهائڻ، يا رشيد ڀٽيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ ۽ ٻُڌڻ عبادت آهي. منهنجي نوجوانن کي اها گذارش آهي ته هو رشيد ڀٽيءَ جي زندگيءَ مان اهو سبق سکن ته اسان سنڌ کي ڇا ڏنو آ، اهو نه ته اسان کي سنڌ ڇا ڏيئي. هڪڙو نسل اوهان جو اها قرباني ڏئي ته توهان جي سنڌ ايندڙ صدين تائين محفوظ ٿي ويندي، ڪوبه ڪالاباغ ڊئم نه ٺاهيندو، ڪي به بهاري نه ايندا، رڳو هڪڙو نسل توهان جو قرباني ڏئي. مان توهان کي پڪ ٿو ڏيان ۽ اها منهنجي ڳالهه لکي ڇڏيو ۽ جيڪڏهن هن تي اعتبار نه اچيو ته ڪري ڏيکاريو.

توهان جي وڏي مهرباني!

]رشيد ڀٽيءَ جي پهرينءَ ورسيءَ تي ڪيل تقرير[

نسيم احمد کرل

شڪل شبيهه، قد بت ۽ بيهڪ ۾ جهڙو ملهه، اصل شير مير بحر جو جُٽ ٿو لڳي، رڳو ڊگهن شهپرن جي ڪسر آهي. عادتن، اطوارن ۽ طور طريقن ۾ سنڌ جو وڏيرو. ڪير ڏسندس، ته ٻيو سڀ ڪجهه سمجهندس، پر اديب يا ڪهاڻيڪار ڏي ڪنهن جو به گمان نه ويندو. شڪل شبيهه ۽ قد بت جي ڪري هوند ٻار هن کان ڊڄي ڀڄي وڃن، پر جي ڪو ٻار هڪ دفعو ويجهو آيس، ته پيار سان اهڙو هيرائي وجهندس، جو وتندو: ”چاچا نسيم، چاچا نسيم ڪندو.“

کائڻ جو به مڙس ماڻهو ته کارائڻ جو به مڙس ماڻهو. ڪهڙي به دعوت هوندي ته ڍونگو اڳ ۾ سيري، پنهنجي پليٽ ۾ خالي ڪندو ۽ جي دعوت ڪندو، ته اهڙي جو کائڻ وارا ڏينهن تائين پيا سندس لذيذ ۽ نفيس کاڌي کي ياد ڪندا ۽ چسڪا وٺندا، پر ڪندو دعوت ڇٺي ڇماهيءَ.

نسيم ۽ نفاست اهو کوڙو لڳڻ ته نه کپي، مان پاڻ حيران ٿيس، جڏهن ڏٺم ته ٿلهي قد بت وارو نسيم، هر معاملي ۾ ايڏو نفاست پسند آهي، جو عجب وٺيو وڃي. سندس هڪ هڪ شئي چونڊ هوندي. ڇا فرنيچر، ڇا ڪپڙا، ڇا ڪراڪري، چانهه پيئندو ته ڪنهن سهڻي ۽ نفيس ڪوپ ۾ نه ته چانهه نه وڻندس. جي ڪتاب وٺندو ته اهڙي ريت رکندو، ڄڻ پڙهيو ئي ڪونه اٿس. مجال آهي جو ڪتاب تي داغ ٿئي، يا ڪٿان ڪو ڪتاب چُٻو ٿئي. مان پاڻ کي به ان معاملي ۾ گهڻو سمجهندو آهيان، پر هي يار مون کان به ٽپي ويو، شايد ان ڪري جو زمينداريءَ ۾ واندڪائي گهڻي اٿس.

ڪهاڻيون لکندو آهي، اهو گمان نه، پر پَڪ ڀانئجو، پهريائين مان به نسيم کي ڇوڪري سمجهندو هوس، پر ائين نه سمجهو ته ڪو سندس ڪهاڻيون پڙهي، ٻين اديبن وانگر ساڻس رومانوي لکپڙهه شروع ڪيم. ڀائيندو هوس ته ڇوڪري آهي ڀلي لکي. ڀلي ڇوڪرين ۾ اهو چاهه پيدا ٿئي.

جڏهن ”روح رهاڻ“ ۾ هن جو ”ادبي ٽوڪون“ پڙهيم، هر اديب تي طنز نه، پر اجائي طنز هئي، ويتر جو پڙهيم ته، ”توکي ڪهڙي اديبه وڻي؟“ ۽ مون ڏندڙا ڪڍي چيو، ”فلاڻي.“ ته باهه وٺي ويم. اهڙو هلڪڙو ليکڪ، وڌيڪ ڪاوڙ حميد تي آئي، جنهن اهو مضمون ڇپيو هو.

ان کان اڳ ۾ منهن جي دلبر دوست ربانيءَ ساڻ ادبي ڏي وٺ ٿي هيس. ادبي ڏي وٺ چڱي ڳالهه آهي، پر هن به ڳالهه کي ڪجهه ڪسائيءَ سان ڪيو ته ربانيءَ به ان کي دليئون ورتو، ٻئي هڪ ٻئي جي خلاف ٿي ويا. اها چڱي ڳالهه نه هئي. اڃان تائين ٻئي ڪجهه پاسيرا آهن، سال گذريا، پر ڳالهه آئي وئي نه ٿي. اوچتو سچل جي ميلي تي 1964ع ۾ هادي بخش لاڙڪ هن سان ملايو. ڏٺم ته ڇهه فٽو جانٺو جوان. سوچيم: ”مار! هن کي ڇوڪري پئي سمجهيم.“ چيائين ”ڏاڍي ڪم ۾ آهيون، وري ملئون ٿا.“ پوءِ جو گُم ٿيو ته وري نظر نه آيو. لاڙڪ مرڪي چيو: ”ڪم ڪار ڪوبه ڪونه ڪندو آهي، هيءُ رڳو رعب رکندو آهي.“ ٿيو به ائين، ادبي ڪانفرنس جو سڄو ڪم لاڙڪ ۽ ٻين دوستن پئي ڪيو، ۽ نسيم ڪانفرنس شروع ٿيڻ وقت ٺهي ٺڪي ائين اچي ويٺو، ڄڻ ته سمورو ڪم ڪار پاڻ ڪيو هجائين.

ڪراچيءَ ۾ پير حسام الدين راشديءَ وٽ ويٺو هوس. ادبي ڳالهه ٻولهه ڪندي، پير حسام الدين صاحب نسيم جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي تعريف ڪئي، ڀانيم: پير صاحب تاريخ نويس، شايد ڪهاڻيءَ جي پوري خبر نه اٿس، پر جڏهن خيرپور ۾ ادبي سنگت جون ڪچهريون متيون ۽ اتي نسيم پنهنجي ڪهاڻي ”ڪافر“ پڙهي ته ٺڪاءُ نڪري ويم. پير صاحب جي افسانه شناسي ۽ نسيم جي افسانه نويسي، هڪ وقت ٻنهي جو قائل ٿي ويس. ان کان پوءِ نسيم ڪهاڻيون آڻيندو ويو. هونءَ مهينن جا مهينا گم، دڳ پنڌ تي مليو ته خوش خير عافيت ڪبي. چئبو، ”ڏاڍي ڪم ۾ آهيون.“ پر جي اوچتو فون جي گهنٽي وڳي، ۽ هن پاسي نسيم ڳالهايو، ته پڪ سمجهندس ته ڪهاڻي لکي اٿائين. هر دفعي ائين ٿيو آهي. پوءِ هو ڪهاڻيءَ سوڌو جيپ ڪاهي، ايندو سڌو مون وٽ. چانهه به پيئندو، پر سٺي چانهه، ۽ نفيس ڪوپ ۾. هڪ وقت ٻه ڪوپ ۽ ڪهاڻي به ٻڌائيندو. هڪ ٻئي پٺيان چڱيءَ وقت جي وٿيءَ سان ڪي ئي ڪهاڻيون لکيائين.

سندس اباڻو ڳوٺ ڪچي ۾ آهي، جتي نئين تهذيب يافته سوسائٽيءَ جو پاڇو ئي ڪونهي، جتي جي ٻولي نج، ماڻهو نج، کير مکڻ نج، اُتي هن ٻوليءَ ۽ ڪردارن جو وڏو ڀنڊار هٿ ڪيو آهي. وڏيرا، صوبيدار، اوڏ، چور، اهي سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن.

انهن ڪردارن جي واتان ٻولي ۽ مڪالما اهڙا ته حقيقي ۽ جنسي ٿو چورائي، جو اڄ تائين سواءِ جمال ابڙي، رباني يا عبدالقادر جوڻيجي جي، ڪنهن به اهڙي فنڪاريءَ سان نه پيش ڪيا آهن.

تازي مجموعي ۾ ”پهرين مراد“ هن جي چوٽ جي ڪهاڻي آهي. چوراڻا اصطلاح، چوراڻيون روايتون، ريتون رسمون ۽ سندس پنهنجا Ethics. اها خبر سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي خير ڪا هوندي ته اهي مهانڊا پنهنجي ليکي پنهنجا قدر (Values) ٿا رکن ۽ انهن کان ڦري وڃڻ هنن ۾ نامناسب آهي ۽ بداخلاقي ٿي ليکي وڃي.

ڪي ڪهاڻيون، جديد سوسائٽيءَ جي پوري ۽ مصنوعي ماحول ٿي پڻ لکيون اٿائين. انهن ۾ وڏن ماڻهن جي مصنوعي حياتي، ۽ سندن اخلاقي پستيءَ جو سهڻو نقشو چٽيو اٿائين. نسيم هڪ پاسي ٻهراڙيءَ جي سماج جي اوڻاين تي وڃيو پهچي ته ٻئي پاسي وري ڪاموري شاهي (Beaurocracy) جي اندر ۾ ليئو پائي. ٻئي سماج هڪ ٻئي کان پري، پر تڏهن به ٻنهي جي ٺهڪندڙ تصوير چٽڻ ۾ هيءُ ڪمال ڪيو ڇڏي.

شايد وڏيري ڪلاس جو هيءُ پهريون ليکڪ آهي، جيڪو پنهنجي ڪلاس جي خامين ۽ ڪمزورين کان شعوري طور ۽ پوريءَ ريت واقف آهي، ۽ ان کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ کُلي طرح پيش ڪيو اٿائين.

عابده پروين

سنڌي موسيقي، هر موسيقيءَ وانگر، لوڪ گيتن سان شروع ٿي. لوڪ گيتن جي موسيقي، سادي ۽ سنئين سڌي آهي. ان ۾ ڪوبه تصنع يا ڪوبه سينگار ڪونه آهي. اها غار جي دور جي انسان جي تصوير وانگر آهي، جنهن ۾ رڳو خاڪا آهن، ۽ تفصيل آهي ئي ڪونه. سنڌي موسيقيءَ ۾، اڃا تائين لوڪ گيتن جون ڪي مصراعون ڳايون ٿيون وڃن، جن ۾ رڳو، ٻه، ٽي، يا چار سُر لڳن ٿا.

انهن بنيادن تي، سنڌي موسيقيءَ جي تعمير ٿي، ۽ ارتقا ڪندي اچي موجوده صورت ورتائين. هندوپاڪ جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي برعڪس، سنڌي موسيقيءَ کي، مذهبي ادارن، ۽ حڪومتن جي سرپرستي حاصل نه رهي. درٻاري موسيقار، سنڌ جي تاريخ ۾ ذري گهٽ اڻ لڀ آهن. هندوپاڪ جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ کي اُڀرڻ لاءِ درٻارن ۽ مندرن جو سهارو مليو، اُن ڪري ان جي ارتقا گهڻو ڪري وڏن شهرن ۾ ٿي. سنڌي موسيقي، درٻارن، مذهبي ادارن، ۽ وڏن شهرن کان پري، ٻهراڙين ۾ نپجندي رهي، اُن ڪري اها ٻهراڙيءَ جي ماحول وانگر خالص، سادي، غير متڪلف، ۽ سٻاجهي رهي. سنڌي موسيقي، پنهنجي فطرت ۾ سادي، ۽ پنهنجي آهنگ ۾ سهڻي آهي.

ان کان پوءِ وقت آيو، جو سنڌ جي عظيم صوفي شاعرن، موسيقيءَ کي خدا ۽ انسان جي وچ ۾ وسيلو سمجهيو، ۽ جهوڪ، بلڙي، ڀٽ شاهه، درازا، ۽ روهڙيءَ ۽ ٻين مرڪزن تي صوفياڻيءَ موسيقيءَ جا مڪتبهء فڪر شروع ٿيا، جن جو انداز گهڻو ڪري رندي ۽ ڪورس جو هو.

انهن سڀني مرڪزن تي، عورت شجر ممنوع هئي، سماجي ۽ مذهبي ماحول جي سببان، عورت کي اسان جي مردانين محفلن کان ٻاهر رکيو ويندو هو. تنهن هوندي به عورتون، موسيقيءَ جي اُڃ، شادين ۽ ٻين ڪاڄن تي ڳيچ ۽ سهرا ڳائي اُجهائينديون رهيون. اهڙن محفلن ۾ مردن کي اچڻ جي منع هئي.

اسان جي موسيقيءَ جي ارتقا جي شروعاتي دور ۾، مرد ۽ عورتن جون ٻه پورو ڇوٽ (Parallel) پٽڙيون هيو، جن جو ملڻ ناممڪن پئي لڳو. صوفياڻين محفل ۾ به عورت کي شامل نه ڪيو ويو، جيتوڻيڪ صوفي، وڌيڪ کليل دل جا هئا، ۽ قدامت پرستن جي تنقيد جو نشانو پڻ.

سچل سرمست وٽ، سنڌيءَ جي رندانه موسيقيءَ جي چوٽ ٿي. اها موسيقي، عرفان ۽ وجداني ڪيفيت جو والهانه اظهار هئي. سنڌي ڪافيءَ جي شروعات ٿي، ۽ ان ۾ پڻ سادگي برقرار رکي ويئي.

ساڳين ليڪن تي هلندي هلندي، سنڌي موسيقي يڪسانيت جو شڪار ٿيندي ويئي، ۽ ضروري ٿي پيو، ته ان ۾ نئون روح ڦوڪجي، جيئن اها بدلجندڙ سماج سان ساٿ ڏيئي سگهي، انهن ماڻهن جي لاءِ پسند جي شئي ٿي سگهي، جن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو رچاءُ ٻڌو هو.

اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيو، جڏهن ڪلاسيڪي گوالياري گائڪيءَ جو هڪڙو خاندان لڏي سنڌ ۾ آيو. شادي خان، گواليار اسڪول جو مشهور گويو، سنه 1830ع ۾ خيرپور ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو.

سندس پونئير مان، مراد علي خان ۽ بيبو خان ٿيا، جن ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان گڏ هن سر زمين تي مروج موسيقيءَ جو به اڀياس ڪيو ۽ ان جو اثر قبول ڪيو. هنن ڪافيءَ کي هڪ مختلف ۽ نئين انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. سچل سرمست جي دور کان وٺي، ڪافي جي گائڪي هڪ ڪَري ئي رهي. اسٿائيءَ کان پوءِ، هر انترو ساڳئي انداز ۾ ڳايو ويندو هو. هنن ٻن ماهر ڳائڻن هڪ نئون تجربو ڪيو، ۽ ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو امتزاج ڪيائون. ان تجربي سان، سنڌي ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ وڌيڪ وسعت آئي ۽ رچاءُ پيدا ٿيو.

استاد الهڏني نوناريءَ، استاد عاشق علي خان کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا حاصل ڪئي، ۽ ٻئي، شاگرد ۽ استاد ڪلاسيڪي رنگ ۾ سنڌي ڪافي ڳائڻ لڳا.

گائڪيءَ جو هيءُ انداز، تڏهن عروج تي پهتو، جڏهن استاد منظور علي خان اُن کي اختيار ڪيو. هن نه فقط اُن انداز کي قائم رکيو، پر ڪيترائي نوان تجربا ڪري، ان ۾ وڌيڪ ندرت ۽ نکار پيدا ڪيائين، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائي، ان کي عوام ۾ مقبول ڪيائين، ۽ ان جون پاڙون پختيون ڪيائين.

اهو پس منظر هو، جنهن مان عابده پروين اُڀري. جڏهن هن اکيون کوليون ته نه فقط هيءَ ڪلاسيڪي ڪافي رنگ جي امتزاج واري موسيقي فضائن ۾ هئي، پر ڀڳت ڪنور جي ڀڳتي انداز، ماسٽر چندر جي ان وقت جي ”پاپ ميوزڪ“، هلڪا توڙي نيم ڪلاسيڪي فلمي گانا، ۽ اردو غزل جو خاص ۽ منفرد انداز فضا ۾ گونجي رهيا هئا.

هن کي سُريلو ۽ سونهري آواز، قدرتي ڏات طور مليو. ۽ موسيقيءَ جو ماحول، گهر ۾ ئي موجود هيس. سندس والد ماسٽر غلام حيدر موسيقيءَ جو اسڪول هلائيندو هو، ۽ سندس والده، مائي ممتاز بيگم هڪ سٺي فنڪاره هئي. عابده پروين، لاڙڪاڻي ۾ سنه 1956ع ۾ ڄائي. خيرپور، مٽياري، ۽ سکر مان لڏيندي، آخر حيدرآباد ۾ مستقبل رهائش اختيار ڪيائين.

هن کي والدين جي طرفان، ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ جي سٺي تعليم ملي.

1973ع کان هن حيدرآباد ريڊيو تان ڳائڻ شروع ڪيو، ۽ ميدان ماري ورتائين. سندس پهريون مقبول نغمو هو مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو هيءُ ڪلام:

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،

زندان هزارين مان نه رڳو.
 

هن کان اڳ، اهو ڪلام، سنڌيءَ جي ذري گهٽ هر ڳائڻي ڳايو هو، پر عابده جو انداز نرالو هو. ٻڌندڙ دم بخود ٿي ويندا هئا. هن ان ڪلام کي وڌيڪ خوبصورت بنايو. اُن ۾ ڪلاسيڪي انداز جي ملاوٽ ڪيائين. اهي مصرعا، جيڪي هن کان اڳ سڌا سنوان ڳايا ويندا هئا، انهن ۾ مينڍن ۽ مرڪين جو ميلاپ ڪري، انهن ۾ ڪشش پيدا ڪيائين، آلاپ جي ڪري، ان ڪلام ۾ نکار ۽ وسعت پيدا ٿي وئي. ان ڪري ساڳي ڪلام جو تاثر ئي ٻيو ٿي ويو.

هوءَ ساڳي انداز ۾ ڳائيندي رهي، ۽هڪ ٻي مقبول عام ڪافي ڳايائين. اها هئي صاحب ڏني جي ڪافي:

من گهرئي مشتاق سان،

جيئري جدايون ڪيم ڪر.
 

هن انهن تجربن کي جاري رکندي شاهه لطيف، سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بلها شاهه ۽ ٻين جا ڪلام ڳايا ۽ ڏينهون ڏينهن مقبوليت حاصل ڪندي رهي.

هن سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي گهڻن ۽ مشهور شاعرن کي ڳايو آهي. هن انهن ڪلاسيڪي شاعرن کي به ڳايو آهي، جن جي ڪلام تي ڪنهن به مشهور ڳائڻي جي نظر نه پئي آهي. جيئن خليفو نبي بخش قاسم.

سندس ڪلام جي چونڊ عاليشان آهي. هن جي نظر ۾ ڪلام ۾ شاعراڻيون خوبيون هجڻ گهرجن، معنيٰ خيز ۽ اونهو هجي. هلڪو ۽ بازاري نه هجي. ڳائڻ وقت، هوءَ هر لفظ ۾ جان وجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ ادائگيءَ وقت، اُن لفظ جي مفهوم کي موسيقيءَ ۾ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. هوءَ شاعري جي جذبن کي سُرن جي رنگ ۾ آڻيندي آهي. هوءَ اڪيلي ڳائڻي آهي، جنهن لطيف، سچل، بلهي شاهه، فريد، نبي بخش قاسم، خيرمحمد هيسباڻي، شاهه نصير سانگي، ٻڍڙي فقير، ۽ ٻين گهڻن ئي ڪلاسيڪي شاعرن کي ڳايو آهي.

هوءَ اُچارن جي چٽي ۽ صحيح هجڻ تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندي آهي. ورلي ڪو اهڙو فنڪار هوندو، جنهن جا اُچار چٽا ۽ صحيح هوندا.

هن جي شادي، موسيقيءَ جي مشهور ماهر شيخ غلام حسين سان ٿي. شيخ غلام حسين جي ساٿ، سندس فن کي وڌيڪ جلا بخشي ۽ ان ۾ رچاءُ آندو.

عابده پروين سنڌي غزل ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي. هن سنڌي غزل کي سينگاري ۽ سنواري، ان کي لطافت ۽ نزاڪت بخشي آهي. هوءَ جديد توڙي ڪلاسيڪي شاعري، ساڳيءَ آسانيءَ سان ڳائي ٿي سگهي. هوءَ سڌي روايتي سازن، توڙي ڪمپوز ٿيل موسيقيءَ تي ساڳيءَ ئي مهارت سان ڳائي سگهندي آهي

هن گيت ڳائڻ تي طبع آزمائي آهي، پر منهنجي راءِ ۾ سندس انداز ۽ آواز گيت ۽ هلڪيءَ موسيقيءَ لاءِ نه آهن.

تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي، ته هوءَ بهترين انداز ۾ ٺمري به ڳائيندي آهي، پر اهو فقط محدود محفلن ۾.

اُستاد منظور علي خان کان پوءِ، هوءَ پهرين فنڪار آهي، جيڪا ڳائڻ دوران اهڙي ته وڻندڙ انداز ۾ سرگم ڪندي آهي، ۽ اهڙا ته خوبصورت پلٽا هڻندي آهي، جو ٻُڌندڙ داد ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.

راڻي، سورٺ، ۽ ڀيرويءَ ڳائڻ وقت، پيچيدهه ڪلاسيڪي گائڪيءَ سان هوءَ سادن سٻاجهن لوڪ موسيقيءَ جي انگن کي اهڙيءَ ته مهارت سان ملائيندي آهي، جو موسيقيءَ جا ٻه مختلف انداز، هڪ ئي تاڃي پيٽي ۾ خوبصورتيءَ سان اُڻيل لڳندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اسٽيج تي تجربا ڪندي آهي، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي. ڪڏهن ڪڏهن، عوام جي فرمائش تي، هوءَ اهڙا ڪلام به ڳائيندي آهي، جيڪي شاعراڻي معيار جا نه هوندا آهن. پر اڄڪلهه هن ايئن ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

عابده پروين جي مقبوليت جو راز آهي مسلسل تخليقي عمل. مون هن کي، هڪ هڪ ڪلام تي هفتا محنت ڪندي ڏٺو آهي. اُن کي هوءَ مختلف طريقن سان ڳائيندي. ان جي هڪ هڪ باريڪ تفصيل کي ڌار ڌار انداز ۾ ڳائي ڏسندي، انهن مان هر مختلف انداز تي غور ڪندي. مشورو ڪندي ۽ جڏهن ڪو انگ پوريءَ ريت کپي ويو ته ان کي اختيار ڪندي. اها ڳالهه هر ڪلام جي ڌن (سر) مينڍ، مرڪيءَ ۽ آلاپ سان لاڳو آهي.

تازو، هن منهنجي آڏو مفتون همايونيءَ ۽ صاحب ڏني جا ڪلام ڳايا، جيڪي پندرهن سال اڳ ڳايا هيائين. پر هن دفعي ڳالهه ئي ٻي هئي. انهن ڪلامن ۾ هن ايتريون ته ندرتون آنديون آهن، جو انهن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ رچاءُ اچي ويو آهي. منهنجي خيال ۾ هڪ عظيم فنڪار لاءِ هر بلندي ڪنهن ٻيءَ بلنديءَ تي پهچڻ لاءِ ڏاڪو آهي. اها سخت محنت، ۽ اها تخليقي قوت عابده پروين کي اڃا به بُلندين تي پهچائيندي.

هوءَ تنقيد جو نه فقط مُرڪندي آدرڀاءُ ڪندي آهي، پر ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي فن کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندي آهي.

عام فنڪارن وٽ اها ڳالهه آهي ئي ڪونه. پر اها ڳالهه پڻ فن جي بلندين تائين پهچڻ لاءِ ضروري آهي.

عابده پروين موسيقيءَ جي اونهاين ۾ ويندي آهي. سندس فن، نقاشيءَ وانگر ٻه- پاسائون (Tow Dimensional) نه آهي، پر سنگتراشيءَ وانگر ٽه- پاسائون (Three dimensioal) آهي. مصوريءَ ۾ رڳو هڪ زاويو ئي نظر ايندو آهي، پر سنگتراشيءَ جي فن جي خوبصورتي، هر زاويي کان ماڻي سگهجي ٿي. عابده، سنگتراشيءَ وانگر سُرن جا مختلف پهلو ڏيکاريندي آهي.

ڀيروي، جنهن کي ڳائڻ تمام آسان آهي، اها عابده پروين وٽ اچي صفا مختلف ٿيو وڃي. هوءَ، اُن راڳ کي هر مختلف زاويي کان ڇيڙيندي آهي ۽ ان جي رنگن جا ڌار ڌار شيڊ (Shade) ڏيکاريندي آهي. مٿان کان هيٺ، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي، ۽ مٿاڇري کان عميق اونهاين ۾.

عابده پروين جي فن کي ڏسندي ٻه شعر دل تي تريو اچن، انهن مان هڪ ورڊس ورٿ جو آهي:

Blit he new comer, I have heard

I hear thee and rejoice

O Cuckoo shall I call thee bird,

Or but a wandering Voice.

ٻيو شعر شاهه لطيف جو آهي:

رُڃن ۾ رڙ ٿي، ته ڪر ڪوول جي ڪوڪ،

ولوڙو ۽ وُوڪ، ايءُ تان آهي عشق جو.   

     

سي ڏينهن هيا

هونءَ هر انسان ماضيءَ جي جوڙ آهي، پر ميڊيڪل ڪاليج جو ماضي، جيئرو جاڳندو ماضي آهي. ڀيڻ نسرين جي خط، ان ماضيءَ کي جاڳائي ڇڏيو. جي لکڻ تي اچجي، ته هڪ هڪ ڏينهن، هڪ هڪ گهڙيءَ جو احوال لکبو وڃجي. اُتي گذاريل هر پل پيارو ۽ قيمتي آهي. هر گهڙيءَ جي ياد هڪ گهاءُ آهي.

اُتي بي فڪريءَ جا ٽهڪ به هئا، اڻ ڏٺي مستقبل جا وسوسا به، جرئت ۽ همت به هئي، ته اٿاهه مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جون گهڙيون به گذريون. انتهائي هراس ۽ دٻاءَ جي وقت مان به گذرياسين، ته وڏي آواز سان بغاوت جا نعرا به هنياسين. محبتون به هيون، ته نفرتون به. پر نفرتون وقتي ۽ محبتون ازلي. سهڻا چهرا به هئا، جيڪي سدا ٻهڪندڙ هئا، ته ڪومايل ۽ مرجهايل ڪوجها منهن به- مسخرا به هئا ته انتهائي سنجيدهه به! ڪتابن جا ڪيڙا به هئا ته ملنگ موالي به. ڀونئر جان هر گُل تي ڦيرا ڏيندڙ به هئا، ته پتنگ جيان مچ ۾ ٽپڻ وارا به.

اهي سڀ يادون آهن، جيڪي ان ايم- بي- بي- ايس جي ڊگريءَ کان وڌيڪ قيمتي ۽ پياريون آهن، جيڪا مون اُن ڪاليج مان آندي آهي. 32 ابن سينا هال جي ڪمري سان جيترو لڳاءُ آهي، اهو هن سينگاريل گهر سان به نه آهي. مان ماضيءَ جي پيدائش آهيان، منهنجو مستقبل به منهنجي ماضيءَ مان ئي ٺهندو. هي آهن ڪجهه ماضيءَ جا واقعا، جيڪي مرڻ گهڙيءَ تائين نه وسرندا.

مردي جي چماٽ

نوان نوان ڪاليج ۾ داخل ٿياسين. ڊسيڪشن هال ۾ اڃا ڪن ڇوڪرن کي ڊپ پئي ٿيو. اسان جنهن مردي جي ڊسيڪشن ٿي ڪئي، ان کي Rigor Mortis هئي، ان جي ڪري ان جي ٻانهن مٿي ٿي وئي هئي، سهوليت لاءِ پٽيءَ سان مردي جي ٻانهن ڇڪي ٽيبل جي ٽنگ سان ٻڌي وئي هئي. تريءَ (Palm) جي ڊسيڪشن تي هڪ ڊڄڻو ڪاٺياواڙي هو. اسان پير جي تريءَ جي ڊسيڪشن پئي ڪئي، اوچتو مون کي شرارت جو خيال آيو ۽ جيئن اهو ڊڄڻو ڪاٺياواڙي تريءَ تي جهڪي ڊسيڪشن ڪري رهيو هو، ته مون اها پٽي ڪٽي ڇڏي جيڪا ان مردي جي هٿ کي ٽيبل سان ڇڪي جهلي بيٺي هئي ۽ اوچتو مردي جو هٿ ٺڪاءُ وڃي ڪاٺياواڙيءَ جي منهن کي لڳو. هو دانهن ڪندي وٺي ڀڳو. چئي:

'' مارتا ہے مردا مارتا ہے-''

اسان کلي کلي بس ڪئي ۽ پوءِ هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي واپس اندر وياسين، پر تڏهن به هو قسم کڻي ويو ته مردي مون کي چماٽ هنئي آهي. هفتو کن پوءِ به هو ڊڄي ڊڄي ڊسيڪشن ڪندو هو.

Do not Confuse

هڪ ڇوڪرو هو الف. نالو نه وٺبو، ڇو ته هاڻي وڏو ماڻهو آهي. ان جي اها حالت هئي ته ڪانه ڪا بدافعالائي هوندي هيس. جي ڪپڙا سٺا هوندا هئس ته شِيو نه ڪندو هو، جي شيو ڪندو ته بوٽ پالش ٿيل نه هوندس، جي ٻيو سڀ ٺيڪ هوندو ته وارن کي ڦڻي ڏنل نه هوندس. مطلب ته ڪانه ڪا ڪسر رهيل هوندي هيس. الف کي طوطي جيان رٽڻ جي عادت هئي. اصل سڀ ڪتاب برزبان ياد، ڪتاب توهان کي هٿ ۾ ڏئي پڙهندو ويندو، مجال جو اکر هيٺ مٿي ٿئي. هڪ دفعي امتحان ۾ ان کان پروفيسر پڇيو ته Pectineal tigament ڇا آهي؟ هن شروع ڪيو:

“Do not confuse your self with Pectineal Ligament and pectineal Part of inguinal Ligament”

امتحان وٺڻ وارو ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو- چي:

“What do you think you fool. Iwill Confuse myself?

ڀلا ويچارو الف ڇا ڪري، ڪننگهام جي ڊسڪيٽر ۾ ائين لکيل هو، جيڪو هن رٽيو ۽ ٻڌايو هئائين، ته اسٽيج ٽيسٽ ۾ اهو ٻڌائيندو هو ته:

“Now the dissectors of head and neek Should join with dissetors of upper limb.”

هو سلائيڊس (Slides) کي چوندو هو Slice. چئي: ”هلو ته سيلائيز ڏسي اچون.“

جرنل مون تو پاري کي چانهه پياري ٺهرائيندو هو.

Toxic Efficts

’ب‘ ويچارو ڏاڍو سادو هو. هن سان ايتريون ته حالتون ٿيون جو آخر هو ميڊيڪل ڪاليج ڇڏي ويو، اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ ايندو آهي ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيندو آهيانس. هن جون ڳالهيون به گهڻيون آهن پر هڪڙي لکان ٿو.

هن غريب جا وار ڇڻندا هئا، گنجي ٿيڻ جو سخت خطرو هئس. عشق به هليس پئي، جي گنجو ٿئي ها ته عشق ۾ گهاري پئجي وڃيس ها. اسان جي چونڪڙيءَ صلاح ڪئي ته همراهه جي وارن جي صفائي ڪجي. پوءِ سڀني هڪ رٿ ٺاهي ۽ هن کي وٺي خيروي (آفتاب خيروي) جي ڪمري ۾ آياسين، رٿا موجب هيٺيون ڊرامو ٿيو، علوي: (آفتاب کي) يار خيروي اڳي تنهنجا وار ڇڻندا هئا، هاڻي وري نڪري آيا آهن.

خيروي: ها يار مان به صفا گنجو ٿي وڃان ها، پر بچي ويس.

ب: (اتاولوٿي) بچي وئين، ڪيئن بچين يار!

خيروي: بس يار، هڪ دوست لنڊن مان هڪ ڪريم موڪلي، اها نئين ڊسڪوري آهي، اڃان پاڪستان ۾ نه آئي آهي، ان کي استعمال ڪرڻ سان وار وري ڄمي آيا.

ب: يار اها مون کي به گهرائي ڏي.

علوي: ها يار، پنهنجو دوست آهي، هن جو ڪم ضروري ڪر.

مان: ها خيروي اها ڪريم لنڊن مان ضرور گهراءِ.

خيروي: اها بچيل ڪريم پئي هوندي، پر الائي ڪٿي رکي اٿم. ڳوليان ٿو، جي لڌي ته ڏيندو مانس.

پوءِ مان ۽ علوي ٻئي خيرويءَ کي منٿون ڪرڻ لڳاسين: ٻيلي نالو ٿي خدا جو جلدي ڳول.

پوءِ روز ’ب‘ اسان کي چوندو هو ته ”يار خيرويءَ کي چئو ته ڪريم ڏئي نه.“

آخر ڪجهه ڏينهن پڪائي ڪري، خيروي هڪ شيشيءَ ۾ رموونگ ڪريم وجهي کڻي آيو.

چيائين: ڏاڍي ڳولها کان پوءِ لڌي اٿم شايد Date Expire ٿي وئي اٿس، جي toxic effect ٿين ته مون تي نه اٿو.

پوءِ اهو ڏينهن ڏاڍو عجيب هو، جنهن ڏينهن ’ب‘ اها ڪريم استعمال ڪئي.

اسان سڀ وڃي غسلخاني جي ٻاهران بيٺاسين، گهڙيءَ کانپوءِ آواز آيو. ”ابول- هاڻي ڇا ٿيندو؟“

مرحوم ڀٽيءَ پاسي واري باٿ روم مان مٿي چڙهي ڏٺو، ته ’ب‘ صاحب جا وار هيٺ فرش تي پيا آهن، هو انهن کي انتهائي ڏک مان هٿ ۾ کڻي، مٿي تي رکي چوي پيو ته ”ابول هاڻي ڇا ٿيندو.“

پر ان شخص جي ڪمال جي سادگي ڏسو، جڏهن ماڻهن چيس ته توکي هنن بيوقوف بنايو آهي، ته هن چيو ته توهان اسان کي ويڙهايو ٿا. ڪريم جي Date Expire ٿي وئي هئي ۽ ان جا Toxic effects ٿيا هئا. هڪ ٻيو واقعو ’ب‘ جو ٻڌي ڇڏيو.

پرائي ٽاءِ.

هڪ فنڪشن تي’ب‘ سٺي ٽاءِ پائي آيو. ٻئي ڏينهن منوهر چيس، ”يار نثار واري ٽاءِ توکي ڏاڍي ٺهي پئي.“

همراهه باهه ٿي ويو ”نثار واري ٽاءِ. پڻس جي ٽاءِ. اها ته منهنجي هئي.“

وري ٻيو ڪو ملندس، اهو به ساڳي ڳالهه ڪندس. اهڙيءَ طرح جڏهن اٺ ڏهه ڄڻا رٿيل پروگرام موجب ائين چوندس، ته مان چوندو مانس، ”يار ڇو ٿو بدنامي کڻين. موٽائي ڏئينس اها ٽاءِ.“ هو قسم به کڻندو ته ٽاءِ منهنجي آهي، پر چوندومانس: ’عزت ٽاءِ کان مٿي آهي؟‘ ۽ ’هو ماڻهن کي چوندو ٿو وتي ته مان هن جي ٽاءِ کائي ويو آهيان ته وٺي پنهنجي ٽاءِ.‘ پوءِ اها ٽاءِ نثار جي ٿي ويندي. ڪڏهن ڪڏهن پئسن لاءِ به ائين ڪبو هو ته: ’يار فلاڻي جا ويهه روپيا ڇو نه ٿو موٽائين.‘ ’ويهه روپيا. مون ڪڏهن ورتا اٿمانس؟‘ وري ٻيو ساڳي ڳالهه ڪندس. رامجي ۽ ٽن ٺڳن وانگر جڏهن هن کي ته ’يار عزت جو سوال آهي، ويهه روپيا عزت کان مٿي ناهن.‘ ته هو ويهه رپيا کڻي وڃي ان جي منهن تي هڻندو، چئي: ’وٺ پنهنجا ويهه رپيا. سڄي ڪاليج ۾ بدنام ڪيو اٿئي.‘ پوءِ انهن ويهه رپين مان خوب لئه ڪبي هئي.

جانورن کي ڇيڙڻ

هڪ ٿلهو ڊگهو ڪسرتي جوان هو ۽ گهُنڊي وار هئس ۽ داداگير به هو. ان کان سڀ ڊڄندا هئا ۽ مان به ڊڄندو هئس، پر منهنجو دوست به هو. اونهاري ۾ نيري نيڪر پائي، ڪمري جو در کولي گاز ڊور(Gause Door) بولٽ ڪري، بتي ٻاري، ويهي پڙهندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ Zoo ۾ ڪو جانور- نه گنجي، نه سٿڻ، نيري نيڪر، ٿلهو متارو ۽ گاز مان صاف نظر ايندو هو. امتحان ويجها هئا، اسان هن وٽ ڪچهريءَ لاءِ ويندا هئاسين ته گاز ڊورنه کوليندو ۽ چوندو هو: ’هلو هلو مون کي پڙهڻو آهي.‘ اسان گهڻو ئي چئونس ته در کول ته ڪجهه ويهي ڪچهري ڪريون يا ٻاهر گهمڻ هلون. پر هو گاريون ڏئي موٽائي ڇڏيندو هو. مون ڇا ڪيو جو هڪ ڪاغذ تي ٿلهن اکرن ۾ لکيم: ’جانورون ڪو ڇيڙنا منع هي.‘ ان کي کونئر لڳائي هن جي در تي هڻي آيس. جيڪو به هن جي ڪمري وٽان لنگهي، اهو پهرين اهو نوٽس ڏسي هن کي ڏسي ۽ پوءِ ڏند ڪڍيو هليو وڃي. هڪ- ٻه- ٽي- آخر گهڻن ڄڻن کي کلندو ڏسي، هن کان رهيو نه ٿيو. هنن کي سڏي چيائين:

’اڙي اهي ڏندڙا ڇا تي ٿا ڪڍو؟ مون کي ٻڌايو ته مان به کلان.‘ هن غريب سمجهيو هو ته ڪو شايد نئون لطيفو ٿيو آهي. جڏهن هنن کيس پنهنجي کلڻ جو سبب ٻڌايو ته هن کي کلڻ بدران رئڻ اچي ويو. اهو نوٽس لاهي سڌو آيو مونوٽ (هو رازداريءَ جون ڳالهيون مون سان ڪندو هو) مان اندر ۾ پئي ڏڪيس. هن همراهه جي گار جي رئي پئي پئي، چي: ’ڳولي ڏي جنهن هي ڪم ڪيو آهي.‘

مون انجام ڪيو ته ٽن ڏينهن اندر ڏوهي پيدا ڪندس، پوءِ هو همراهه ويو. روز پُڇا ٿيندي هئي ته ڏوهيءَ جو پتو پيو؟ روز مان چوندو هيس ته اڃا هٿ نه ٿو اچي. آخر هڪ ڏينهن چيم: ’همراهه هٿ آيو آهي، توکان ساهه ٿو نڪريس. آهي به پنهنجو دوست، چوي ٿو ته مون کي معافي ڏي.‘

’اڙي ڪير آ، لغاري؟‘

’نه هن کي اها جرئت ڪيئن ٿيندي.‘

’ته ٻيو ڪير آ، فلاڻو....؟‘

’نه يار، ان کي ايترو عقل ئي ڪونهي.‘

’ته ٻڌاءِ ٻيو ڪير آ؟‘

’بس، معافي ڏئينس ته ٻڌايانءِ.‘

’چڱو يار معاف ڪيومانس، چوين به ٿو پنهنجو دوست آهي، وڃي ڌوڙ پائي.‘

۽ پوءِ کيس ڊڄندي ڊڄندي ٻڌايم ته اهو منهنجو ڪارنامو هو. چيائين، ’مان به چوان ته ٻيو ڪنهن کي اهڙي همت ٿيندي جو مون سان چرچو ڪري.‘

پوءِ سچ پچ هن مون کي بخشي ڇڏيو.

نئون رڪارڊ

ابن سينا هال اڃا سمورو نه ٺهيو هو. ڪجهه ڪمرا ٺهيا هئا، جن جو اسان ڏهن ٻارنهن ڇوڪرن افتتاح ڪيو ۽ اچي ڪمرا والاريا. (سرڪاري طرح گهڻو پوءِ وزير صحت خان داد خان ڪيو) ڄامشوري ۾ سڄي سُڃ هئي. رڳو پٺاڻ مزور جيڪي هاسٽلن تي ڪم ڪندا هئا، انهن لاءِ جهوپڙا ٽائيپ هوٽلون هيون، اتي فلمي رڪارڊ وڄندا هئا ۽ اسان به اُتي چانهه پيئندا هئاسين. رڪارڊ ڏاڏي آدم جي زماني جا ۽ گٺل هوندا هئا. اسان ان هوٽل جي پٺاڻ مالڪ کي چيو ته نوان رڪارڊ آڻ، هن انجام ڪيو ته، ”خو ڪل تمڪو نيا رڪارڊ سنائيگا.“

ٻئي ڏينهن چانهه پيئڻ وياسين ته رڪارڊ اڳي کان به پراڻو هو. هن کي چيوسين ته ”لالا‘ هيءُ ڇاهي. نئون رڪارڊ ڪٿي آهي؟“ هن چيو، ”خو خدا ڪي قسم، يه آج هي دڪان سي لايا هون.“ هن ليکي نئون رڪارڊ معنيٰ نئين فلم جو نه، پر نئون خريد ڪيل رڪارڊ.

سٺو انتظام

شاگردن ۾ ڪي شاگرد اهڙا به هئا، جيڪي ڪاليج ۾ فقط اليڪشن، فنڪشن، اسٽرائيڪ يا امتحان جي وقت ڏسبا هئا، نه ته سڄو سال پڙهائيءَ کان گسائي ڪئنٽين يا اي- ون هوٽل تي ويٺا هوندا هئا، ’ت‘ انهن مان هڪ هو.

هڪ ڀيري لغاري مون وٽ آيو، چيائين، ”هل، هل، جلدي ڪر، ’ت‘ جو ڪمرو ته هلي ڏس. هن اهڙو ته سينگاريو آهي، جو هن کي بهترين ڪمري جو انعام مليو آهي.“

مان ڀڄندو ڀڄندو لغاريءَ سان ويس، ڏسان ته همراهه جو بوٽ کٽ تي آهي، ڪتاب پٽ تي، پئنٽ ڪرسيءَ تي ته جوراب ٽيبل تي.

ڪئنٽين

اسان جو هڪ پرنسيپال هو، جيڪو وات چُٻو ڪري گول مول انگريزي اُچار ڪڍندو هو، ان کي ڏسي ڪري ڪي شاگرد به ان وانگر ڳالهائڻ ۾ فخر سمجهندا هئا، فضل به انهن مان هڪ هو، امتحان ويجها هوندا هئا ته هاسٽل ۾ سڀ شاگرد دير تائين پڙهندا هئا. ڪئنٽين وارو به چانهه رات جو دير تائين ڏيندو هو.

هيءُ فضل چانهه لاءِ مٿان بيهي، دريءَ مان سڏ ڪندو هو، پرنسپال وانگر وات چُٻو ڪري، گول آواز ۾ چوندو هو ”ڪئنٽين.“ هن جي ان رڙ جي ڪري پڙهڻ وارن جو پڙهڻ ڊسٽرب ٿيندو هو ۽ سمهڻ وارن جي ننڊ. گهڻيئي دفعا هن کي سمجهايوسين ته هيٺ لهي وڃي ڪئنٽين واري کي آرڊر ڏئي اچ، پر هن جي اهائي ڪار.

آخر اسان هڪ اٽڪل ڪئي.

جڏهن فضل پڙهي گهري ننڊ ۾ سمهي پيو ته هڪ ڄڻي مٿي وڃي، ساڳي ئي گول مول آواز ۾ پڪاريو، ’ڪئنٽين.‘ ڪئنٽين وارو ان آواز تي هريل هو، ان چانهه جي ٽري تيار ڪري وڃي فضل جو در کڙڪايو. فضل ننڊ مان اکيون مهٽي اُٿيو ۽ هن کي گاريون ڏئي چيائين، کس نے منگائی تھی چائے، خوامخواہ نیند خراب کرتے ہو ۔

ان کانپوءِ نه هن ڪئنٽين واري کي رڙيون ڪري سڏ ڪيو، نه اسان ڊسٽرب ٿياسين، جند ئي ڇٽي پئي.

حاضري

ڪلاس ۾ حاضري مهل نمبر پڪاريو ويندو هو. جيڪو ڪلاس ۾ نه ايندو هو، دوست يار کي چئي ڇڏيندو هو ته منهنجي نمبر تي Yes Sir چئي ڇڏجاءِ. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن غير حاضر شاگرد جا گهڻا همدرد دوست هوندا هئا ۽ ان جي نمبر پڪارڻ تي سڀني کان هڪ وقت Yes Sir نڪري ويندو هو، ۽ پروفيسر سمجهي ويندو هو ته Proxy  پيا ڪن ۽ ان شاگرد کي غير حاضر ڪري ڇڏيندو هو.

شاگردن هڪ اٽڪل ڪئي جو جڏهن ’الف‘ جو نمبر پڪاريو ويندو هو ته هن جي Yes Sir چوڻ سان گڏ ٻه ٽي ڄڻا Yes Sir چوندا هئا، پروفيسر ان کي Proxy سمجهي کيس غير حاضر ڪري ڇڏيندو هو. ڪلاس مان ٻاهر نڪرڻ تي اسان جي مٿان گارين جو وسڪارو لائي ڏيندو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن سمجهو ته روز روز غير حاضر ٿيڻ ڪري امتحان جو فارم نه موڪليو ويندو، ان ڪري هن کي هر پروفيسر سان ملي وضاحت ڪرڻي پئي ته در اصل هوڪلاس ۾ موجود هوندو آهي ۽ شاگرد ساڻس چرچو ڪندا آهن. ان کانپوءِ جڏهن هن جي حاضريءَ جو نمبر ايندو هو ۽ ڇوڪرا ڪورس ۾ Yes Sir چوندا هئا ته هو اٿي بيهي دانهون ڪندو هو ۽ ته ڏسو مان حاضر آهيان ۽ پروفيسرن کي به کل اچي ويندي هئي.

هاڻي اچو استاد تي.

جورس جو پيپر

هڪ جورس جو پروفيسر هوندو هو، گنجو، ڊينڊو ۽ عينڪي، پهريائين پيپر آئوٽ ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ يونيورسٽيءَ دٻنامون لکيس ته پڪو ٿي ويو. اسان زور ڪيس ته پيپر نه ٿو ٻڌائين ته پوءِ سڀني کي پاس ڪر. هن چيو ته ”سڀني کي پاس ڪندس ته يونيورسٽي ڇا چوندي، توهان ميٽنگ ڪري فيصلو ڪيو ۽ هڪ والنٽيئر نڪري ته ان کي فيل ڪريان.“ ان کان پيپر ڪڍڻ جو ٻيو طريقو ڪڍيوسين، هن کي چوندا هئاسين، ”سائين فلاڻو Copper Sulphate Poisoning ٿو پڙهي، اجايو وقت ٿو وڃائي.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org