سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:3

قربان منگيءَ چيو ته ”خيرپور جي ادبي ادارن جي ترقي لاءِ ڊاڪٽر تنوير جيترو ڪم ڪيو، اوترو ڪنهن به نه ڪيو. هو نوجوان اديبن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هو. هن چيو ته اسين ڊاڪٽر تنوير جي سمورن دوستن کي يادگار ڪاميٽي ۾ شامل ڪري سندس فڪر ڦهلائينداسين.“

قائداعظم يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ چيو ته ”تنوير جو فڪر پڙهيو اٿم. هن سان ذاتي لاڳاپو گهٽ، پر فڪري واسطو وڌيڪ هو.“ حزب الله سومري چيو ته ”تنوير هڪ گلدان وانگر هو، جنهن ۾ اعليٰ خوبيون هيون. هو نظرياتي اديب ۽ شاعر ۽ سيڪيولر ماڻهو هو.“

امجد درانيءَ چيو ته ”تنوير سنڌ جي دل جو ٽڪرو هو. اڄ اهو آسمان ڏانهن هليو ويو آهي.“

ڊاڪٽر غضنفر مهديءَ چيو ته ”تنوير صوفي ماڻهو هو ۽ مُلن جي خلاف هو. ملتان ۾ اسان 1964ع ۾ سرائڪي ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير چيو هو ته سرائڪي ڳالهائڻ وارا سنڌين جو حصو آهن.“

دوست:

دنيا ۾، اڪثر ماڻهو منهن تي نقاب وجهي هلن ٿا. سندن اصلي چهرو ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر، تنوير کي اها ديدَ هئي، جا ٻئي جي دل جي گهراين ۾ به گهڙي ويندي هئي. سو، هو ماڻهن جي پرکَ ۾ ماهر هو.  سندس دوستن ۾ هونءَ ته گهڻائي آبدار موتي آهن، پر شوڪت جماڻي کيس وڌيڪ ويجهو هو. تنوير ئي مون کي ساڻس پنهنجي قرب جو اهڙو تاثر ڏنو هو.

شوڪت جي شخصيت جي خصوصيت، سندس غير معمولي ذهانت آهي. هو بزنيس بدران سياست ۾ پير پائي ها ته سنڌ جي چيف منسٽري هن لاءِ وڏي ڳالهه ڪانه هئي. اسان جي اکين اڳيان ڪيترائي نالائق ماڻهو منسٽر ٿيا. هڪ دفعي روزنامہ ’نوائي سنڌ‘ اهڙن ڪن احمقن جي وزير ۽ منسٽر ٿيڻ تي، پهرئين صفحي تي پيج- هيڊنگ ڏني ته، ”الله جو شانُ. اڄ گڏهن به گَجَ پاتا.“

قدرت ڪن ڪن انسانن کي نعمتن سان نوازيندي آهي. شوڪت اهڙو ئي قدرت جو نوازيل آهي. جيڏو ذهين، اوڏو زنده دل ۽ خوش مزاج! خدا جي فصل سان هاڻي سکيو ستابو آهي، پر شروع شروع ۾، جڏهن تنوير جي سنگت ۾ آيو هو، تڏهن پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ جدو جهد (STRUGLE) ڪري رهيو هو. هڪ دفعي، مون سان پاڻ ئي ڳالهه ڪيائين، ته ”ڪو زمانو تنوير جي گهر ۾، سندس ٻين ڀاتين وانگر، گڏجي دال ماني کائيندا هئاسين. کل ڀوڳ ڪندا هئاسين. ڏينهن گذري ويا، پر اهي ڳالهيون وسرن ئي نٿيون.“

شوڪت مون کي تڏهن ويجهو آيو، جڏهن حيدرآباد ۾ لساني جهڳڙن جي ڪري، ڪرفيو لڳل هو. لطيف آباد ۾ گهر ورتو هئائين. شام جو ڪلاڪ ٻن لاءِ ڪرفيو لهندو هو، ته ڪار کڻي، پکيءَ وانگر اُڏامندو ايندو هو. چاءِ جو ڪوپ ته ٺهيو، پاڻيءَ جو گلاس به ڪونه پيئندو هو. خير خيريت جو حال احوال ڏيندو وٺندو هو. پنهنجي گهر وانگر، منهنجي لاءِ به بصر پٽاٽا وٺي ايندو هو. ڪرفيو شروع ٿيڻ کان ويهه پنجويهه منٽ اڳ اُٿندو هو، ۽ باز وانگر اُڏامندو پنهنجي گهر ويندو هو.

هاڻي ڪراچيءَ ۾ گهر جوڙايو اٿس. ڪجهه ڏينهن اُتي، ڪجهه ڏينهن لنڊن ۾، ته ڪي ڏهاڙا خيرپور ۾ گذاريندو آهي. سيد غوث علي شاهه سان گهڻي اٿس. تازو، جڏهن شاهه صاحب پاور ۾ هو، ته مون شوڪت کي زماني جي ڪو ڪم چيو. پر، اُن ۾ الائي ڇو دلچسپي ڪانه ورتائين. تنوير سان ڳالهه ڪيم، ته کلي چيائين ته، ”هو مون سان ئي گشا هڻي ٿو وڃي. تون دل ۾ ڇو ٿو ڪرين؟“ مون کڻي ماٺ ڪئي. اهو به احساس ٿيم، ته شوڪت تي ڪهڙي ميار؟ وقت گذرڻ سان هر انسانُ بدلجي ٿو. اسان پاڻ خبر ناهي ته ڪيترن دوستن جي معيار تي پورا ڪونه ايندا هونداسين. کين اسان تي الائي ته ڪيتريون ميارون هونديون. شوڪت ته وري به لحاظ (GRACE) رکي ٿو. سندس قرب ڪيئن وسرندا؟

ڪجهه عرصو اڳ، منهنجي گهر واري بيمار ٿي پيئي. سندس علاج لياقت نئشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ ٿيندو هو. شوڪت ڪراچيءَ مان سٺي ايئرڪنڊيشنڊ ڪار موڪليندو هو، جنهن ۾ منهنجا ٻارڙا، ماءُ کي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ڏيکاري ايندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾، اسان کي گهر ڊنر تي سڏيائين. ڀاڄائي ناهيدَ، کاڌي جي ميز تي طرح طرح جا طعام رکايا. ديسي به، ولائتي به. پر، جڏهن اسان ماني کائي، ڍَؤ ڪيو ۽ کاڌي جي ميز تان اُٿڻ وارا هئاسين، ته شوڪت جي اندر ۾ ستل”سنڌي“ ننڊ مان ڪر موڙي اُٿيو. سو، بورچيءَ کي چيائين ته ”هاڻي، اسان کي بُسري پچائي ڏي.“

سنڌ ۾ بُسري سياري ۾ صبح جو کائيندا آهن. ان مهل رات جا ٻارهن پئي وڳا. مون ويهه ورهيه اڳي بسري کاڌي هئي. ايڏيءَ ڳوريءَ ڊنر جي مٿان، بسري ۽ ڀُگَلَ سَيُون تيار ڪرايائين. آمريڪا مان امپورٽ ڪيل خصوصي کجور کارايائين، لنڊن مان آندل ڪي اعليٰ درجي جا بسڪوٽ ۽ سعودي عرب مان گهرايل نجو کير پياريائين، جيڪو FAT- FREE هو. کارائڻ پيارڻ جو اهو پروگرام جيڪر هو اسر تائين جاري رکي ها، پر اڳيئي اڌ رات ٿي ويئي هئي. سو، مون گهرواريءَ جي ڪمزور صحت ڪري، کانئس اجازت ورتي.

اسان جي انهيءَ ڪچهريءَ ۾ تنوير جو نالو پنجن- پندرهن منٽن کان پوءِ وري وري زبان تي ايندو رهيو. جڏهن به مون ڪنهن ڳالهه ۾ تنوير جو ڪجهه تفصيل سان ذڪر ڪيو، ته شوڪت اُداس اکين سان آسمان ۾ گهوريندو رهيو، ڄڻ ته کيس چنڊَ ۽ تارن ۾ ڳوليندو هجي. انهيءَ ئي موقعي تي، يا ڪنهن ٻئي تي، پَرَ، ڏاڍي ڏک مان چيائين: ”ٽي ڄڻا هڪٻئي کي ’مائٽ‘ ڪوٺيندا هئاسين. هڪڙو هن جهان مان هليو ويو. باقي ٻه بچيا آهيون.“

تنوير اسلام آباد ۾ بيمار ٿيو، ته مائٽ شوڪت ئي سڀ کان اول مون کي اهو اطلاع ڏنو. پوءِ جيئن ڪنهن VVIP جي باري ۾ ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ بليٽن جاري ٿيندي رهي، تيئن هو مون کي سندس حال احوال کان مسلسل واقف ڪندو رهيو. آخر، ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ فون ڪيائين: ”سانجهيءَ جو اسلام آباد ۾ تنوير جي جنازي نماز ٿيندي. جهاز جون ٻه ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون اٿم. ڪراچيءَ پهچُ. مان ايئرپورٽ تي تنهنجي انتظار ۾ اڳيئي بيٺو هوندس.“ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. اکين جي ڳوڙهن وانگر، اکر به سندس گلي ۾ اٽڪي پيا. اسلام آباد ۾، تنوير جي مُنهنَ ڏسڻ مهلَ، مون کيس اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو. دوستن ۾ قرب جو ايڏو جذبو ڪو معمولي ماڻهو ته جاڳائي نٿو سگهي- تنوير غير معمولي ماڻهو هو.

تنوير جو شوڪت کان به اڳ پيارو دوست رشيد ڀٽي هو. بلڪ، ٻنهي ۾ اوليت جو شرفُ ڀَٽيءَ کي آهي. هونئن ته تنوير جو عام ماڻهن ڏانهن رويو به سندس هن شعر مان ظاهر آهي:

هرڪو ماڻهو، موتيءَ داڻو

هرڪا دل، هيرن جي کاڻ

اهڙو شخص ته دنيا ۾ رڳا دوست ٺاهيندو، تاهم، حقيقت اها ڪانهي. حقيقت اها آهي ته نڪي ته هرماڻهو موتيءَ جو داڻو آهي ۽ نه وري هر دل هيرن جي کاڻ. حضرت امام حسين کي ڪربلا ۾ شهيدُ ڪندڙَ شخص موتين جا داڻا ڪونه هئا، ۽ نه وري حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي نِيَڻَ وارن جون دليون هيرن جون کاڻيون هيون. حقيقت اها ئي آهي، جيڪا شاهه سائينءَ پنهنجي لافاني ڪلام ۾ بيان ڪئي آهي ته: ”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“

تنوير هڪ ڏينهن مون سان ڪچهري ڪندي، پنهنجن ڪن دوستن جي شڪايت ڪئي ته ڪيئن هنن سندس ڪنهن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾، ڄاڻي واڻي، ورهين جا ورهيه رنڊڪون وڌيون هيون. ائين ڳالهيون ڪندي، هڪ عجيب OBSERVATION ڪيائين، جنهن مان پڌرو هو، ته عام ماڻهن ڏانهن محبت وارو عمومي رويو رکڻ جي باوجود، کيس به دوستن ڪيڏو نه مايوس ڪيو هو! پر، ڪي دوست پڇاڙيءَ تائين ساڻس سچا رهيا. انهن مڙني ۾ رشيد ڀٽي سرِفهرست هو.

ڀَٽي به اسان واريءَ ٽهيءَ ۾ هو. سنه 52-1953ع ۾، ڪراچيءَ جي سنڌ مسلم ڪاليج ۾ آرٽس ۾ داخلا ورتي هئائين. رهندو سنڌ مدرسي واري هاسٽل ۾ هو. مان ڪراچيءَ آيس ته ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي هفتيوار ڪچهرين ۾ اُتي ويندو هئس، جن جو انتظار مرحوم احسان بدوي ڪندو هو، جو ايس. ايم. ڪاليج ۾ ليڪچرر هوندو هو ۽ رهندو سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ هو.

رشيد ڀٽيءَ سان منهنجو تعارف اُتي ۽ ائين ٿيو. ملڻ سان تاثر اهو ويٺو ته معصوم آهي. ستت، اسان جي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي. تنوير ڪراچيءَ آيو ته مون سندن ملاقات ڪرائي. ستت، ٻيئي ڄڻا گهرا دوست ٿي ويا.

ڀٽيءَ جي والد صاحب کي ’مولوي صاحب‘ ڪوٺيندا هئا. ڀٽيءَ جو ڪو سوٽ ماسات، ماستر هوندو هو، جنهن جا ڏند اڇاترا هوندا هئا، سو نياز همايوني کيس ”ٽيٿر“ (TEETHER) ڪوٺيندو هو. هڪ ڏينهن ماستر صاحب سَڙان کامان ڪندو، اچي ڪراچيءَ نڪتو. چيائين ته مولوي صاحب ڀٽيءَ تي اهڙو ڪاوڙيو آهي، جو ملڪيت مان ’ري دعوا‘ ڪندس. سو، ڀٽي، هينئر جو هينئر، سکر هلي. انهيءَ امرجنسيءَ ۾ ڀٽي سکر هليو ويو. تعليم ڪيئن ۽ ڪٿي پوري ڪيائين ۽ وڪالت ڪڏهن شروع ڪيائين، سو، پوريءَ طرح ياد ڪونهيم.

البت، ايترو ياد اٿم، ته پاڻ ڪنهن زماني ۾ مقبول صديقيءَ سان گڏ سکر ميونسپالٽيءَ ۾ ڪلارڪ هوندو هو. ٻنهي جون شيخ عبدالرزاق ”راز“ تي باهيون هونديون هيون، جو انهن ڏينهن ۾ ميونسپالٽيءَ جو چيف آفيسر هوندو هو. کين ٻين شڪايتن سان گڏ، ساڻس هڪ شڪايت اها به هئي ته سخت ڪنجوس آهي، سو کيس شائلاڪ (نمبر 2) جو لقب ڏنو هئائون. شائلاڪ (نمبر 1) شيخ اياز کي ڪوٺيندا هئا.

مان ته جڏهن به سکر ويندو هئس ته شيخ عبدالرزاق پُرتڪلف دعوت ڪندو هو، جنهن ۾ تنوير، رشيد ڀٽي، مقبول صديقي، ۽ ٻيا ٻه- ٽي دوست مدعو هوندا هئا. ساڳيءَ طرح، اياز به منهنجي ۽ سائين جويي صاحب جي ته تمام وڏي خدمت ڪندو هو. گهر ۾ ٽڪائيندو هو. سيارو هوندو هو، ته بعضي، صبح سان، ڊگهيءَ ڏاڪڻ تان، گرم پاڻيءَ جي بالٽي پاڻ مٿي کڻي ايندو هو. کاڌي پيتي جو اهڙو اهتمام ڪندو هو، جنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اهو اياز ئي ٻيو هو.

البت، رشيد ڀٽيءَ کي ساڻس شڪايت لاءِ واجبي سبب هو. هڪ دفعي مان سکر ويس ۽ اياز وٽ ٽڪيس. سانجهيءَ جو سندس آفيس مان ٻاهر نڪتاسين، اياز، ڀٽي، ۽ مان ڪار ۾ ويٺاسين. جڏهن ڪار ڪلب وٽ پهتي، ته اياز ڀٽيءَ کي چيو:

O.K, Bhatti. Shalwar Qameez not allowed.

ڀٽيءَ کي ان مهل شلوار قميص پيل هئي. مون کي خبر ڪانهي ته شلوار قميص ۾ ماڻهو ڪلب ۾ وڃي سگهندو هو، يا سوٽ ڪوٽ ضروري هو. ڀٽي خار کائي، ڪار مان لٿو. مون کي به ڏاڍو ڏک ٿيو. مانيءَ جي گرهه يا شربت جي گلاس ڪري ماڻهو سنگت ساٿ کان محروم رهي، ان ۾ ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه آهي: پر، ڪُڇي ڪونه سگهيس. البت، اهو سمجهه ۾ آيو، ته ڀٽيءَ ۽ مقبول صديقيءَ، اياز کي شائلاڪ نمبر 1 جو لقب ڇو ڏنو هو.

تنوير ۽ ڀٽيءَ جي سنگت ساٿ ۾ مون کي هڪ به اهڙو واقعو ڪونه ٿو سُجهي، جو هو هڪٻئي کان رنج ٿيا هجن. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن سندن قرب وڌندو ويو. تنوير ڪيترا دفعا، مون سان پرپٺ، ڀٽيءَ جي اخلاق جي ڏاڍي نيڪي ڪئي. هڪ سکر رهندو هو ۽ ٻيو خيرپور. پر ملندا روز هئا. ڀٽي سکر ۾ جاگيراڻي محلي ۾ رهندو هو. ڳالهه ڪيائين ته هڪ ڏينهن ڪورٽ پئي ويس، ته هڪ مائيءَ چڙ سان اچي چيو ته ”ادا ڀٽي، اهو ڪير آ، جو روزانو اڃا شام مس ٿئي ٿي، ته اڇا لٽا پائي، موٽري کنيو، پَمپَ وڄائيندو، سڌو تو وٽ ٿو اچي.“

تنوير ڳالهه ٻڌي، کلي ڏنو. پمپ واريءَ ڳالهه تي ڀٽيءَ ۽ مون کي ٻڌايائين ته ”هڪ دفعي نولکي واهه جي ڪڙ ڏئي ويس. گرميءَ جي مُند هئي. مينهون پاڻيءَ ۾ تڙڳي تڙڳي سِنجهين جي ٿڌيءَ گهاٽيءَ ڇانو ۾، ڪئنال پاٿ تي اچي ويٺيون هيون. سو، اڳتي لنگهڻ جو رستو ئي ڪونه هو. ميهار هڪ ڇوڪرو هو، جنهن کي چيم ته ”اٿارين ته مان اڳتي وڃان.“ هن گهڻيئي ڪوشش ڪئي. پر، مينهون اٿن ڇو ٿيون! انهيءَ صورت حال ۾، ميهار ڇوڪري کي اوچتو هڪ Brillient idea آيو. کيس هارن لفظ ته ڪونه پئي سُجهيو، سو، ڪار ڏي اشارو ڪري چيائين ته، ”سائين، دانهن ڪرائينس. دانهن ڪرائينس، ته مينهون ڇرڪ ڀري اُٿنديون.“

تنوير ۽ ڀٽيءَ ۾ گهڻيون ڳالهيون هڪجهڙيون هيون: ٻيئي محب وطن هئا، ٻيئي غريبن جا همدرد هئا، ٻيئي خيالن ۾ Progressive هئا، ڀٽي، تنوير کان وڌيڪ Leftist هو. ٻنهي کي مُلن واريءَ مذهبي تنگ نظريءَ توڙي ترقي پسند ڪامريڊن واريءَ پاڻ کي ’عقل ڪل‘ سمجهڻ واريءَ ذهنيت کان بُڇان ايندي هئي. هونئن ٻيئي ڄڻا، ٻئي جي عزت ڪرڻ وارا، انتهائي اشراف، يار ويس، مهمان نواز ۽ دل جا کليل هئا، اندر ۾ هڪڙي ته ٻاهر ۾ ٻي يعني منافقت واريءَ پاليسيءَ کي رڳو زباني طرح نه پر عملي طرح ننديندا هئا. ڀٽي دشمن کي معاف ڪرڻ وارو نه هو، پر، تنوير دشمن کي به درگذر ڪندو هو. تنوير ڀٽي کي بَگَنُ ڪوٺيندو هو. اهو ڀٽيءَ جي گهر جو Nick- Name هو.

ڀٽي ذيابيطس جو مريض هو. اهڙي ماڻهوءَ کي مٺيءَ شيءِ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. پر، ڀٽي ماکي به کائيندو هو. مون وٽ ڳوٺان خالص ماکي ايندي هئي. ڀٽي وڏي شوق سان سکر کڻي ويندو هو. تنوير ٽوڪيندو هئس. ”مرندين! مرندين!“ پر، ڀٽي ڪونه مُڙندو هو. چوندوَ هو ته تنوير جي تڙي ماکيءَ کان به مٺي آهي.

مينهن وسڻ کان پوءِ هوا مان مٽيءَ جي عَجَبُ خوشبوءِ ايندي آهي. صندل جي سرهاڻ به مشهور آهي. رات جي راڻيءَ جي مهڪ ته ڇا چئجي! مُشڪَ ته خير مُشِڪَ آهي، پر انسان جي اخلاص کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪابه سرهاڻ ڪانهي. هِتِ اخلاص مان منهنجي مُراد ’لحاظُ‘ (GRACE) آهي. مان ورهين جا ورهيه علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي قدمن ۾ ويٺو آهيان. هن ئي مون کي اهو سبق ڏنو هو ته انساني تهذيب ۽ تمدن جو روج آهي ”لحاظ“: (GRACE). الله سائينءَ، تنوير ۽ ڀٽيءَ، ٻنهي کي انهيءَ نعمت سان نوازيو هو. منجهن ڪو لحاظ هو: پاءُ ۽ سير نه، مڻن جا مَڻَ!

سُندريءَ به اها ڳالهه نوٽ ڪئي. سنه 1963ع ۾، هندستان مان ٻه سنڌي اديب، اُتم ۽ سندس گهر واري، سُندري، سنڌ گهمڻ آيا. اياز، تنوير، ڀٽيءَ، جمال رند، حميد سنڌيءَ ۽ مون ساڻن چڱو وقت گڏ گذاريو. ڪراچيءَ ۾ حسين شاهه کين پنهنجي والد پير علي محمد راشديءَ جي بنگلي تي ٽڪايو ۽ حيدرآباد ۾ حميد سنڌيءَ، بيگم زينت چنا جي رهائشگاهه تي. سکر ۾ ٻئي ڄڻا، اياز جي ڪُئينس روڊ واري گهر ۾ ٽڪيا. هر هنڌ سندن مانَ ۾ دعوتون ٿيون.

جڏهن سُنڌ جو دورو پورو ڪري، واپس وڃي رهيا هئا، تڏهن سنڌي اديبن جو چڱو هجوم، کين روهڙي ريلوائي اسٽيشن تي الوداع چوڻ ويو. هو اتان لاهور وڃڻا هئا. سنڌ ۾ رهائش دوران ٻئي ڄڻا مون سان حجائتا ٿي ويا هئا. سندريءَ جو ڪوبه ڪم هوندو هو، ته بنا حجاب جي چوندي هئي. روهڙي پليٽ فارم تي اسان ڏهه پندرهن منٽ بيٺاسين، ته گاڏيءَ به پري کان منهن ڪڍيو. ڌڌڪا ڪندي، پليٽ فارم تي پهتي. قُلين سامان کنيو، ته سندري مون کي ٻانهن کان جهلي، هجوم کان ڪجهه پرڀرو وٺي وئي، ۽ آهستي چيائين:

”رباني، ڪي ماڻهو ننڍا آرٽسٽ پر وڏا انسان هوندا آهن.

۽ ڪي ماڻهو وڏا آرٽسٽ، پر ننڍا انسان هوندا آهن.“

سندريءَ جو پيغام پڌرو پيو هو. مون دل ئي دل ۾ کيس سندس ذهانت تي دادُ ڏنو. اسان ڪل پنج ست ڄڻا مس هونداسين، جيڪي سنڌ ۾ سندن ميزبان هئاسين. هن موڪلائڻ مهل جن دوستن کي تحسين ڏني، تن ۾ تنوير ۽ ڀٽي ٻئي شامل هئا.

ڀٽيءَ ۽ شوڪت وانگر؛ تنوير جو مون سان به وڏو قرب هو. هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. هڪ دفعي، حيدرآباد ۾ گڙدي جي تڪليف ٿيم. ڊاڪٽر ڪريم عباسي، لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ دل جو ماهر آهي. منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي. ميمڻ اسپتال ۾ داخل ڪيائين ۽ علاج ڪيائين. ٺيڪ ٿيس. گهر آيس، ته وري تڪليف ٿي. تنوير کي خيرپور فون ڪيم. ان مهل، رات جا ٽي وڄي رهيا هئا. چيائين ته ’صبح جو يارهين بجي تو وٽ پهچي ويندس.‘ بعد ۾ خيرپور ۾ سندس اسپتال جي آيا ٻڌايم ته ’ابا تنهنجي فون آيس ته اکين مان ننڊ اُڏامي ويس. چوڻ لڳو ته ’ماسي دعا ڪر. منهنجو ڀاءُ چاق ڪونهي. وڏيءَ فجر جو توڏي آيو.‘

مون کي ياد آهي ته ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ ٽڪيو پيو هو. سڄو ڏينهن ته ڪاڏي ڪونه ويندو هو. پر، رات جو به جيسين مون کي ننڊ اچي، تيسين پاسي ۾ ڪرسي وجهي ويٺو هوندو هو. اسلام آباد ۾ به اهڙو ڪو صحت جو مسئلو ٿيو، ته اتي به پهتو. چاق ٿيس، ته بيماريءَ جي ڪري، ڪجهه ڏينهن ضعيف هئس، سو، ٻانهن کان وٺي، مون کي پنڌ ڪرائيندو هو.

مون کي ڪهڙي خبر ته مان اسلام آباد مان موٽي سنڌ ۾ ايندس، ته پاڻ سنڌ ڇڏي، اسلام آباد ويندو، ۽ اتي هميشہ لاءِ قبر جي لحد ۾ ليٽي پوندو!

ھمہ  یاران بہشت:

دراصل، تنوير حقيقي خوشي ۽ لُطِفُ سنگت ساٿ ۾ محسوس ڪندو هو. يارُ باشُ ماڻهو هو. مجلسي مزاج جو هو. فقط هڪ. مثال ڏيان ٿو.

مان ’پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس‘ ۾ ملازم هئس. هڪ نه ٻئي سال ملڪ جي مڙني ٻولين جي اديبن جو وَفدُ چين جي دوري تي موڪليندو هئس. لاهور جو هڪ نامور اردو اديب آهي، جنهن جو نالو ٻُڌي، ڪي سنڌي اديب بيهوش ٿي ويندا آهن. مٿن سندس اڌوگابري عِلمَ جي اهڙي ڪا دهشت طاري آهي، جا فقط ’صوراسرافيل‘ ٻڌڻ سان ختم ٿيندي. مون سان واقفيت هئس، سو، هڪ سال منهنجا ڪَنَ کائي ويو، ته ڪيئن به ڪري، مون کي چين گهمڻ موڪليو. مون کيس گهڻو ئي سمجهايو، ته هي وفد ٻن ملڪن جي وچ ۾ هڪ سرڪاري معاهدي موجب وڃي ٿو. وفد اڳيئي ٺهي ويو آهي. مٿان وفاقي حڪومت وٽان منظور ٿي آيو آهي. چيني سفارتخاني پڻ وفد جا نالا پنهنجيءَ سرڪار کي موڪلي ڇڏيا آهن. ٻئي سال وفد ۾ اوهان جو نالو شامل ڪندس. پر، مٿس ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. ڀَٽَ فقيرَ وانگر، صبح  شام، منهنجي در تي بيٺو هو. جڏهن ڏاڍو ڪڪ ٿيس، ته لاچار چيني ڪلچرل قانصلر وٽ لنگهي ويس. مسٽر يانگ ينگلن سٺو دوست هو ۽ مڙس ماڻهو هو. چيائين ته، ”حاضر، تنهنجو حڪم اکين تي. ليٽر موڪل، مان سڄو بندوبست ڪريان ٿو.“ نامور اردو اديبُ اجهو ائين چين گهمي آيو. جڏهن واپس موٽي آيو، ته پوءِ مون کي ڪو ٿورو گهڻو مَسَ سڃاڻندو هو!

ٻئي دفعي ادبي وفد چين وڃڻ وارو هو، ته تنوير اسلام آباد ۾، مون وٽ آفيس ۾ ويٺو هو. مون کي چيائين ته، ”ڇڏ انهيءَ فائيل کي. اُٿ ته ڪنهن دوست سان ملي اچون.“ مون چيو ته ”بس، پنج منٽ ترس. هي فائيل هينئر ئي ڪڍڻو اٿم. اديبن جو وفد چينِ وڃي رهيو آهي. ان باري ۾ صلاح سباب به ڏي. مون هن ٻُوليءَ مان هي اديب شاعر چونڊيو آهي. سنڌي اديبن شاعرن مان تنهنجو نالو لکان؟“

چيائين ته، ”تون هلندين؟“

مون چيو ته، ”تنوير، مان ٻه دفعا چين گهمي آيو آهيان. هڪ دفعو پاڪستان سرڪار پاڻ چونڊيو هو. ٻيو دفعو سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي وفد جي اڳواڻي ڪرڻي هئي، پر قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر سرڪار تي بي اعتماديءَ جي رٿ آڻي رهي هئي، سو وزيراعظم کيس موڪل ڪانه ڏني. سائينءَ وري مون تي بار رکيو، ته ’تون منهنجي پاران وڃي وفد کي چين گهمائي اچ.‘ هن صورت ۾، هاڻي منهنجو ٽيون ڀيرو به وڃڻ ٺهي نٿو. چين ڏسڻ وٽان آهي. تون وڃي ڏسي اچ.“

چيائين ته، ”نه. شرط آهي، ته تون به هلندي. نه ته مان اڪيلو وڃي ڇا ڪندس؟“

مون کيس گهڻيئي سمجهايو ته من ”هائو“ ڪري. پر، سندس ”نه“ کي نوَ ڪوٽ هئا. هاڻي ڀانيان ٿو، ته هڪ طرح سان هو صحيح هو. ماڻهو سنگت ساٿ سان گڏ جيڪو سير سفر ڪري ٿو، تنهن ۾ ڏاڍو لطف اچي ٿو. نوان نوان هنڌ، ماڳَ، ۽ شَهرَ ڏسڻ ۾ هونئن به فرحت ايندي آهي. نوان نوان ملڪ ڏسڻ ته وڏي خوشنصيبي آهي. پر، انسان جي دل کي جيڪا حقيقي خوشي ۽ راحت اچي ٿي، سا ٻئي انسان جي ساٿ سَنگتَ ۽ قرب مان- - تنوير کي انهيءَ حقيقت جو پورو پورو احساس هو. اها به خبر هئس ته  ڏاهن ائين ڇو چيو آهي ته،

"ھمہ یاراں بہشت"

ون يونٽ وارو دؤر:

ون يونٽ جي خلاف مهم هلائڻ مذاق ڪانه هئي. پر، انهيءَ مهم ۾ توڙي اُن کان ڪجهه سال پهرين سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ واريءَ تحريڪ ۾، تنوير جو رول صحيح معنيٰ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي.

جويو صاحب ته خير اسان جو مير ڪاروان هو، پر شيخ اياز، تنوير، رشيد ڀٽيءَ ۽ منهنجون دليون گڏ ڌڙڪنديون هيون. هونءَ ٻيون به ڪيتريون ئي متبرڪ شخصيتون ۽ معتبر ساٿي هئا، جن اِنهيءَ جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. اُنهن ۾ سرفهرست پير سائين حسام الدين شاهه راشدي ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا نالا آهن. ان کان پوءِ عبدالڪريم گدائيءَ، ع.ق. شيخ، ابن حيات پنهور، مقبول ڀٽيءَ، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، غلام محمد گراميءَ، شيخ علي محمد، عبدالله چنا، بيگم چنا، حفيظ قريشيءَ، رسول بخش پليجي، زرينه بلوچ، حميد سنڌيءَ، ناصر مورائيءَ، خواجه سليم، اشفاق قاضيءَ، جمال رند، نياز همايونيءَ، امداد حسينيءَ، شمشيرالحيدريءَ، نفيس احمد ناشاد، فتاح ملڪ، سرويچ سجاوليءَ، ابراهيم منشيءَ، پٿر سنڌيءَ، بردي سنڌيءَ، تاج صحرائيءَ، نورالدين سرڪيءَ، تاج بلوچ، نعيم دريشاڻيءَ ۽ پرواني ڀٽيءَ جا نالا هن وقت ياد اچن ٿا.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن ۾ محمد عمر ميمڻ، ڊاڪٽر الانا، محمد حسن ڀٽو ۽ شاگرد اڳواڻن ۾ يوسف لغاريءَ، محمد يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادي، مسعود نورانيءَ، ڄام ساقيءَ، لالا قادر، ڪامل راڄپر، اعجاز قريشيءَ ۽ اقبال ترين جا نالا سونهري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن.

دراصل، اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ ڪارڪنن جا نالا ايترا ته گهڻا آهن، جو تفصيل سان لکبا، ته انهن جو خود ڪتاب ٺهي ويندو. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا مان هِت ڄاڻي ٻجهي ڪونه ٿو کڻان، جو اها الڳ دنيا آهي.

ون يونٽ جو دور گذري ويو. سنڌي اديبن، دانشورن تعليمدانن ۽ شاگردن کي ٻنهي محاذن تي ڪاميابي ٿي. سنڌ جي جديد تاريخ جو اهو هڪ عَجَبُ داستانُ آهي. تازو تنوير مون وٽ مهمان هو. ان دؤر جون ڳالهيون نڪتيون ته چيائين ته، ”تون اِهو سڄو داستانُ لِکُ.“ پر، هِنَ هُنَ ڪم ڪري، مون کان لکيو ڪونه ٿيو. هڪ ته اهو سبب هو. ٻيو سبب اهو به هو ته تنوير وانگر مون به ائين محسوس ڪيو ته سنڌ جي تاريخ ’ابتو پاسو‘ ورائي چڪي آهي. گهڻائي ٻَگهَه پکَي نقلي پَرَ پائي، هَنجَ بنجي ويا آهن. سو، وقت جو انتظار ڪجي. ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هوندو:

اَڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،

ايندي لڄ مرن، تنهن سَرَ مٿي هنجڙا.

سنڌ جو سير سفر:

ون يونٽ واري ئي زماني ۾ خبر ناهي ته ڪنهن چيو، ته اسان رات ڏينهن ’سنڌُ، ’سِنڌُ‘ پيا ڪيون، پر سنڌ گُهمِي ڏسون ته سَهي.- - ائين سنڌ گهمڻ جو پروگرام ٺهيو.

سول ڪورٽن کي اونهاري ۾ وئڪيشن ملندي هئي. اياز ۽ ڀٽي وڪالت ڪندا هئا، سي وئڪيشن ۾ سکر مان ايندا هئا. تنوير خيرپور مان. حيدرآباد مان جويو صاحب ۽ مان. جمال ابڙو جتي به هوندو هو، اُتي اسان سان ڄڻ ته گڏ هوندو هو، اسان ڄڻ ته هڪ ڪٽنب جا ڀاتي هوندا هئاسون.

هڪ نئون ساٿي به پاڻمرادو اچي اسان سان شريڪ ٿيو: ارباب نور محمد پليجو. اسان کي جاتيءَ جي پاسي گهمائڻ وٺي ويو. رستي تي مومل جي پيءُ، راجا نَندَ جي ’نند ڪوٽ‘ جا آثار ڏٺاسين. واپسيءَ تي ٺٽي وٽان درياهه ٽپي، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي اچي منزل انداز ٿياسين. اتي هڪ عاليشان ريسٽ هائوس ۾ رات رهياسين. اها رات عمر ڀر ياد رهندي. ارباب نور محمد هڪ ڳائڻو هٿ ڪري آيو، جنهن ڪافيون ٻڌايون. هڪڙيءَ جا ٻه ٽي ٻول ڪڏهن ڪونه وسرندا:

لڏي ويا، ڇڏي ويا،

ڪينجهر جـــــا ڪنـــــارا،

پـــــکـــــيـــــئـــــڙا ويـــــچـــــارا،

پــــــکـــــيــــئــــڙا ويـــــچـــــارا.

خبر ناهي ته ڪيڏيءَ مهل اُٿياسين ۽ ڪيڏيءَ مهل سُتاسين. اسر مهل منهنجي اک کلي. ٿڌي هوا پئي لڳي. ڪينجهر جي ڇولين جو سٽڪو هو. ڏٺم ته اياز اهو ئي آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. سُتو ئي ڪونه هو. -- صبح سان پنهنجو نئون نئون ٺاهيل شعر ٻڌايائين:

نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا،

اَسارا اَسارا، ڪِينجهر  جا  ڪنارا.

ٻئي سفر جو بندوبست جمال ابڙي ڪيو. اُهي هنڌ ڏيکارڻ وٺي هليو، جتي سنڌو درياءُ ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملن ٿا. پهرين محفل گهوڙاٻاريءَ ۾ ٿي. اياز جام مٿان جام پيئندو ۽ مستيءَ ۾ اسان کي پنهنجو نئون ڪلام ٻڌائيندو رهيو. اسان سڀني ڏاڍو Enjoy ڪيو ۽ کيس دل کولي دادُ ڏنو.

جڏهن مانيءَ جي ميز تي وڃي ويٺاسين، ته جمال جي دوست ۽ اسان جي ميزبانَ، خاطر تواضح جو مظاهرو ڪندي، اياز ڏي سڄو پَڪَلُ ڪَڪَڙُ وڌائيندي چيو:

Take it full. You have spent Your energy.

ڀٽي اها ڳالهه ٻڌي، اچي ٽهڪن ۾ ڇُٽڪيو! اياز، پَڪَلُ ڪڪڙ ته موٽائي ميز تي رکيو، اول ڀٽيءَ ڏانهن شوڪي نهاريو. پوءِ زهر جو ڍُڪُ پي، مانيءَ جو گِرههُ، کنئي نه کنئي جهڙو وات ۾ وجهي، اُٿي کڙو ٿيو.

انهيءَ سفر ۾ کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر ڏٺوسون. کاري ڇاڻ ۾ رات رهياسون. صبح جو سوير هيڏي هوڏي پيادل گُهمڻ ڦرڻ پنهنجي منهن نڪري وياسين. مان اوطاق ڏي موٽيس، ته مصري شاهه جي سِٽ جهونگاري رهيو هئس:

ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾،

جوڳي جيڪس ويا جبروت.

اياز مليو ته حيرت مان چيائين ته، ”اهو بيت تنهنجي چپن تي ڪيئن آيو؟“

مون چيو ته، ”بس مون ائين محسوس ڪيو.“

اياز چيو ته، ”حيرت آهي. مان ساڳيو بيت هينئر جهونگاريندو آيو آهيان.“ - اها ڳالهه، هو ڪڏهن به وساري نه سگهيو. ورهين کان پوءِ به مون کي ياد ڏياريندو رهيو.

ڪيٽي بندر ۾ اسان سيٺ نور محمد وٽ ٽڪياسين. سندس اوطاق سادي سودي، بلڪ ڊٺل هئي. چيائين ته اوهان کان اڳ رڳو هڪ ڄڻو مون وٽ وٽ ٽِڪي ويو آهي- پير علي محمد راشدي. سياست جي سانگي سان آيو هو. غالباً، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نالو به کنيائين، ته لوڪ ادب جي تلاش ۾ آيو هو.

ڪيٽي بندر ۾ سمنڊ جي بيِچِ (BEACH) ڏاڍي سهڻي آهي. شام جي مهلَ هئي. اولهه طرف سڄو آسمان شفق جي ڪڪرن سان ڍڪيل هو، سج لهڻ وارو هو ۽ سونيءَ ٿالهيءَ وانگر، سمنڊ جي ڇولين کي ڇُهي رهيو هو.

تنوير ۽ مان، چڱيءَ دير تائين، اهو عجب منظر ڏسندا رهياسين.-- عَدَمَ ۽ وُجُودَ جو سَنگمُ.

ٽئين دفعي تنوير اسان کي دادو ضلعو گهمائڻ وٺي هليو. ادا عبدالنبي، سندس وڏو ڀاءُ، اُتي انجنيئر هو. اسان جي سير سفر جو سڄو بندوبست ’پرفيڪٽ‘ رکيائين. انهيءَ سفر ۾ اسان پهريون نظارو بوبڪن وٽ ڏٺو. بوبڪن ۾ ڀنگ پُوکيندا آهن. رستي جي پاسي سان، بيشمار طوطا وڻن جي هيٺان ڪرِيا پيا هئا. ڀايونسون ته مُئل آهن. چيائون ته، ”نه، نشي ۾ آهن. جاڳندا، ته اُڏامي وڻن تي  وڃي وهندا. بُکَ لَڳندَنِ ته هيٺ لهي ايندا ۽ ڀنَگَ چُڳندا، پوءِ وري وڻن تي وڃي وهندا. نشو جو چڙهندن، ته ٻَٽڪو ڏئي اچي پٽَ تي ڪرِندا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين ئي پيا هوندا، جيئن هينئر ڏسو ٿا.“

اهو ٻُڌي، مون سنڌ جي تاريخ تي نگاهه وڌي: ڏٺم ته منهنجيءَ مٺيءَ سنڌ جا مٺا ماڻهو، صدين کان وٺي، بوبڪن جي طوطن وانگر، ڀنگ جي نشي ۾ ٻُٽيا پيا آهن. ڪي ميرن جي اوطاقن تي ڏنڊن ڪونڊن جي گهرڙ- گهوٽ ۾ مست آهن، ته ڪي پِيرن جي پيرن ۾ پيا لتاڙجن، ڪي وري ڀوتارن جي چنبن ۾ چوکنڀا قابو آهي.

انهيءَ ئي سفر ۾، اسان نئينگ وياسين. اتي سائين صالح شاهه پنهنجيءَ اوطاق تي قربائتي ڪچهري ڪئي. نئينگ جي خصوصيت هڪ قدرتي چشمو آهي. اسان سڀ ان ۾ وهنتاسين. الطاف، نئينگ جي چشمي ۾ وهجندي تنوير جي تصوير ڪڍي.

نئينگَ جي باغات، وڻڪارَ، سونهن ۽ ساوڪ انهيءَ چشمي جي ڪري ئي آهي. الائي ته ڪيتري زماني کان اهو علائقو انهيءَ چشمي جي ڪري آباد آهي، ايتريقدر جو اُتي آثارِ قديمه به آهن. اسان انهن ۾ رڳو لاکي لکمير جي ماڙي ڏسي سگهياسين، ٻيو سندس نياڻيءَ جو ديدار ڪيوسون، جيڪا ايامن کان پنڊ پاهڻ ٿي بيٺي آهي.‘ ڇو ته منع جي باوجود ڪنڌ پوئتي ورائي ڏٺو هئائين. سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ اها روايت عام آهي ته، ”ڪنڌُ پوئتي ورائي ڏسندين، ته پنڊ پاهڻ ٿي ويندين.“ سنڌ جي ڏاهن ڪنڌ پوئتي ورائي نهارڻ کي معيوب ليکيو آهي. شايد، سندن خيال اهو هو ته ”ماضيءَ تي ماتم نه ڪجي، مستقبل تي نگاهه رکجي.“ ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته:

آسماں ڈوبے ہوئے تارو کا ماتم کب تک

منڇر جو ديدار به انهيءَ ئي سفر ۾ ٿيو. چون ٿا ته سنڌ ۾ انساني تهذيبي سفر جو آغازُ جن آڳاٽن هنڌن ماڳن مان ٿيو هو، تن ۾ منڇر سڀني کان اهم آهي. سو، اها ڳالهه من ۾ رکي، اسان شاهه حسن واري بنگلي ۾ منزل انداز ٿياسين. البت، کيرٿر جبل ۾ نئن هاجَ واري بنگلي تي وياسين، جتي ٻڌايائون ته ون يونٽ جي گورنر، نواب ڪالا باغ جي حڪومت ۾، بلوچستان ۾ ڏاڍو ڪو ظلم ٿيو. سو، مينگل قبيلي جا ماڻهو غصي ۾ انهيءَ بنگلي تائين ڪاهي آيا هئا ۽ ڦر ڪري ويا هئا.

ادا عبدالنبيءَ، انهيءَ بنگلي تي به اسان جي ضيافَتَ جو وڏو اهتمام ڪيو هو: قِسمِ قِسمِ جا طعامَ، ۽ پهاڙي پَڪَلَ ڇيلا تيار ڪرايا هئائين. پاڻ اسان سان ملاقات دادوءَ ۾ پنهنجي گهر ڪيائين. عجب انسان آهي. نهايت ماٺيڻو، نهايت سچو، صحيح معنيٰ ۾ مهذب انسانُ. جڏهن پنهنجن ۽ پراون جي دغا ۽ ٺڳيءَ ڪري، ماڻهوءَ جو زندگيءَ مان ايمانُ کڄي وڃي ٿو، ته اهڙن نيڪ انسانن جو اخلاق ۽ اخلاص ڏسي، وري تازو ٿي وڃي ٿو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org