دل خراب، سچل چيئر تان هٽڻ بعد ٿي هئس، مون کي خبر
ناهي ته ڇا ٿيو، نه اهڙي سچل چيئر جي بورڊ کان ڪا
صلاح ئي ورتي وئي هئي. صرف ايترو ٻڌم ته تنوير
وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مليو ته
پڇيومانس ”قصو ڇا آهي؟“
مرڪي چيائين، ”ايئن ئي ٿيندو آهي.“ پڇيم،“ ڇا
ٿيندو آهي؟“ ڳالهه بدلائي چيائين، ”آيو آهين ته
سٺيون ڳالهيون ڪر. ٻين ڳالهين لاءِ وقت پيو آهي،“
اهو وقت ڪڏهن ڪونه آيو، هميشه مرڪي لنوائي ويندو
هو، سندس مُرڪ ته عجيب هئي، سندس ٽهڪ ڊگها ۽ بي
ساختا هوندا هئا، جن جي پُڄاڻي کنگهه تي ٿيندي
هئي، کنگهي ٿڪبو هو ته ٽهڪ وري به اُتان ئي شروع
ڪندو هو، جتان سلسلو ٽٽند هوس، ڳالهه ڳالهه تي
کلندو، ٻار جيان، ننڍپڻ ۽ بي ڪار ڳالهين تي ٽهڪن
جا آبشار وهائي ڇڏيندو هو، چوندو هو. ”ها
پوءِ......؟“
ظريف ايترو جو ترت جواب ڏئي اڳلي کي حيران ڪري
ڇڏيندو هو. هڪ دفعي سنڌي ٻولي هلچل لاءِ ويٺي ڪم
ڪيوسين، اوچتو رشيد ڀٽي قلم ڦٽو ڪري تنوير کي
مخاطب ٿي، اياز جي شعر جي پيروڊي ڪندي چيو ’اڙي
چٻ، اڙي چٻ، پرين توته ڏٺو ناهه سندس چپ، سندس
چاپ، ائين آهه جيئن تون!‘ تنوير هڪ منٽ جي دير
کانسوءِ جواب ڏنس: ’اڙي ڏاند، اڙي ڏاند، پرين تو
ته ڏٺو ناهه سندس ساهه، سندس گاهه، ائين جيئن
تون!‘ نمرتا ايتري، جو ننڍي کان ننڍي ليکڪ کي به
مان ڏيندي ڪو نه ڪيٻائيندو هو. مون کيس ڪيئي ڀيرا
غير معروف ليکڪن کي آفرين ۽ شاباس ڏيندي ڏٺو، هڪ
ڀيري مشهور مزاج نگار نور عباسي چيس، ”ماڻهو اڪثر
مون کي ڀُل ۾ تنهنجي شاعريءَ جو داد ڏيندا آهن.“
وراڻيائين، ”سڪي پيو آهيان ته ڪڏهن ماڻهو ڀلجي
تنهنجي مزاح جو داد مون کي ڏين!“
يارن جو يار، هڪل تي حاضر، سڀني جو گهڻگهرو، ڪنهن
کي نه رنجائڻ وارو، سنڌي ادب ۾ نئين موڙ آڻڻ وارو
تنوير خبر ناهي ڪهڙيءَ دل سان خيرپور ڇڏي اسلام
آباد ويو هوندو. ٻيهر نه موٽڻ لاءِ. ڪڏهن ته ڪمي
ائين محسوس ٿيندي آهي. جيئن گهر ڀاتين کي گهر
ڌڻيءَ جي ٿيندي آهي، پهريان رشيد، پوءِ اياز ۽
هاڻي تنوير، هڪ هڪ ٿي ويندا رهيا، هن دور جا سڀ
اهڃاڻ مٽجندا ٿا وڃن. يادون باقي آهن. سندن
تخليقون زنده رهنديون، ڳالهيون ۽ ٽهڪ ماحول
گرمائيندا رهندا. جڏهن به محفلون مچنديون، يا دوست
گڏ ٿيندا، علم ۽ ادب تي بحث ڇڙندا، تڏهن ائين
لڳندو، ڄڻ ڀرواري سيٽ تان ڪو اجهو هينئر اُٿي ويو
آهي.
ڪالهه شام تنوير جو ٽيجهو سندس ڀاءُ جي گهر تي
ڊفينس ۾ ٿي گذريو. ايترا غمگين چهرا مون هڪ هنڌ
شايد ئي گڏ ڏٺا هجن، اڳوڻي گاگن مل ۽ هاڻوڪي جي
ايم قريشي چيو ”منهنجي تنوير سان پهرين ملاقات
گهڻو اڳ نوابشاهه تڏهن ٿي، جڏهن سندس والد ضلعي جو
ڊپٽي ڪمشنر هو، منهنجي سامهون ننڍڙي تنوير ڪنهن
ڳالهه تي پيءُ کي انگريزيءَ ۾ چيو، ”توهان بيورو
ڪريٽ آخر پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا؟ خدا؟“
ڪهاڻيڪار رشيد آخوند چيو، ”هيترا ماڻهو صرف هڪ شخص
جي محبت ۾ ئي گڏ ٿي سگهن ٿا.“
شاعر تاج بلوچ چيو، ”تنوير جي مقبوليت جو ڪارڻ اهو
ئي هو ته هن سڄي مجموعي ۾ ڪوبه هڪ شخص اهڙو نه
هوندو، جو چوي ته مونکي تنوير سان اختلاف آهي.“
دانشور نورالدين سرڪيءَ چيو، ”اياز جي پورهئي
پٺيان جي شخصيتن جو هٿ هو، تنوير انهن سڀني کان
اڳرو هو.“
ڪوتا مارڳ- پٿون پير
اُمداد حسيني
ڪوتا- مارڳ تي پٿون پيرن سان هلندي، رندن مٿي رت
هاڻا پيرا ڇڏيندي، تنوير ڳچ دڳ لتاڙي آيو آهي.
”جوت جلندي رهي“ (شعر) کان ”اڃا به جاڳندا رهو“
تائين، انهيءَ اونداهيءَ کان روشنيءَ ڏانهن واري
سفر ۾، جڏهن ته تنوير جا ڪيترائي ساٿاري يا ته
موٽي ويا آهن يا ماڳهين دڳ ئي ڀُلجي ويا آهن، تڏهن
تنوير نه رڳو اڃا ٿڪو ناهي، پر وک وڌائي رکڻ وارو
اُتساهه ڀريو لهجو کڻي آيو آهي ۽ اها اُتساهڪ ڌارا
”رڳون ٿيون رباب“ ۽ ”شعر“ کان ويندي ”سج تريءَ
هيٺان“ تائين ڦهلي پيئي آهي. انهيءَ کان ورجاءُ
مقصد مور ڪونهي، ڇاڪاڻ ته نئين لوڪ ڪلاسيڪل يَگ ۾
اها ئي اتساهڪ ڌارا ڌوڪيندي وهي رهي آهي. تنوير
روايتي ورجاءُ کان پاڻ وانجهيل رکيو آهي. تنوير جي
شاعري انهيءَ بند ڪمري جي شاعري ناهي، جنهن ۾
ڪوريئڙن پنهنجا ڄار اُڻي ڇڏيا آهن ۽ ڪنهن موضوع جي
مک جهٽڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. تنوير جي شاعري کليل
ميدانن جي شاعري آهي، نيارن پنڌ ۽ پيچرن جي شاعري
آهي، لتاڙيل رستن تي پير ڌرڻ جو هو ڪڏهن به قائل
ناهي رهيو:
جن تي ڪوئي پير ناهي سي ئي منهنجا چارا آهن
(ص 95)
رائي کي رت سان رڱي کنهبي ڪرڻ جو ساهس اڃا منجهس
وساڻو ناهي:
اُڃ کڻي اڳتي هلبو
رُڃ ڀلي پئي ڏئي دلبو
هلڻو آهي هيڪاندو
رڻَ ۾ ڪهڙو مانجهاندو.
(ص 67)
تنوير جي شاعري ”ٻيلاين“ سان اهو ٻول آهي، جنهن کي
پارڻ ڪارڻ سمورا ڊپ، وهم ۽ وسوسا ڀور ڀور آهن.
اعليٰ مقصد کي ماڻڻ لاءِ هو ڪنهن سان به، ڪٿي به،
ڪڏهن به ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڏاڍ ۽ ڏهڪاوَ جي
هن دؤر ۾ جڏهن ته ٻوٿن تي ٻوٿاڙا چڙهيل آهن، تڏهن
تنوير قلم جو سيل ۽ ست قائم رکندو آيو آهي، ۽ اهو
ڪو معمولي ڪارنامو ڪونهي: هو. ڪنهن مصلحت خاطر قلم
کي ميز جي خاني ۾ بند ڪري، اُن کي تالو ڏيئي،
ڪُنجي سمونڊ ۾ نٿو اڇلي، پر هو قلم کي عَلم بڻائي،
سڀني ڦريل ۽ دٻڙاٽيل ماڻهن جي سرن جي مٿان تاڻي ٿو
ڇڏي:
علم آهي جنهن هيٺ هيسيل دٻايل
ڌتاريل ڌڪاريل اچي نيٺ مڙندا
انهن جي اُميدن جا گل نيٺ ٽڙندا.
اسان کي قلم جو قسم آ
اسان جو قلم محترم آ
اسان جو قلم هڪ عل (ص73)
تنوير
Sadist
ناهي. نه ئي هو
Selfimposed
پيڙائون پڙهندڙن تي مڙهي ٿو، نه ئي هو ڇڙوڇڙ
هجومن جي وات ۾ کوکلي نعري بازيءَ جي اوت ٿو گهتي.
تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي. تنوير جي
اندر مان شعر ائين ڦُٽي ٿو نڪري، جيئن ٿڻن مان ٿڃ
جو گوهو اڇو اجرو ۽ مقدس:
ڄڻ ته ڏينهون ڪو کُليو
ڄڻ ڦٽيءَ ڪنهن منهن ڪڍيو.
تنوير سُرن، ۽ رنگن جو ڪوري آهي. هن جا سُرِ ڌيما
ضرور آهن، پر ٽٽل ڪٿي به ناهن. تنوير جا سُر سٽ جي
سَريءَ ۾ پوتل آهن، ۽ انهن ۾ اجهل رواني آهي:
اڌ اونداهي اڌ سوجهرو
ڌيما ڌيما ساز
اڌ چپ اڌ آواز.
تنوير وٽ پوپٽن جي پَرن جا رنگ آهن:
شعر لکان ٿو
ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو.
تنوير جي شاعريءَ ۾ هئڊو رنگ (اُداسي) ضرور آهي،
پر ڪارو (نراسائي) رنگ هُن وٽ ڪٿي به ڪونهي. (
ڪيڏاري ۾ به نه.) وٽس گهور انڌيرن ۾ به وڄ جا
وراڪا آهن:
جرڪيو اهڙيءَ ريت
اوندهه ۾ ڄڻ ڪا کِنوِڻ
منهنجو روشن گيت.
تنوير جا چارا ٻٻر جي ٻور سان ڇانيل ضرور آهن، پر
اها ’ماڳ‘ ڏانهن ويندڙ واٽ ئي ته آهي:
ڇڻيو ٻٻر جو ٻور
چارو پيلو ٿي ويو
وڃڻو پوءِ به دور
(ص 76)
ڏينهن رات جي وچ تي هڪ ليڪ آهي: شام هروڀرو به من
۾ اُداسي ڀري ويندڙ. ص 19 جي رچنا ’عڪس ۾ به شام
جي تاري جو اُڀرڻ، اداسيءَ کي جهڪو ڪريو ڇڏي ۽
سمورو ڌيان ڳوٺاڻي شام جي مڌر رنگ عڪس ڏانهن ڇڪجي
ٿو وڃي:
ڳاڙهاڻ وڻن تي ڇانئي آ
هو شام جو تارو نڪتو آ
۽ ٻارن راند ڦٽائي آ.
ان رچنا ۾ تنوير ڪاريگريءَ ۽ مهارت سان ’مڌر رنگ
جوت‘ عڪسن کي جهٽيو آهي. شفق رنگ دز، ڌنارن جي
جهونگار، ٽلين جو سنگيت، سڀ الڳ الڳ هوندي به پاڻ
۾ رلمل ٿا ڀاسن، ۽ رنگ، سر ۽ روشنيءَ جي اُڻت جي
تسلسل سان، تاثر
جي وحدت قائم ٿيندي وڃي.:
ڪَانڊِيُون ڪاٺِيون چُلههِ مَنجهه ٻَرَنِ
۽ تَئو اِنهيءَ تِي کِلي پيو،
ڪي ڪومل هٿ گهڙن ماني،
۽ چوڙيون ڇڻڪن ڇن ڇن ڇن.
هتي هڪ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏيان ته تنوير کي سُريلي
شاعر
Lyrical Poet
سڏڻ مان سڳن آهوجا جي اها مراد بنهه ڪينهي، ته ڪو
تنوير جي شاعريءَ ۾ سُر معنا تي ڇانئجي ويا آهن، ۽
معنا پس منظر ۾ هلي ويئي آهي.
نئين
شاعريءَ جي ست رنگي سُر ريکا ۾ تنوير جو ڪهڙو ۽
ڪيترو رنگ آهي، اهو ته هڪ الڳ موضوع ٿي سگهي ٿو،
پر سڳن آهوجا، تنوير جي شاعريءَ جي هڪ اهم ڳُڻ
ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو
آهي، دراصل اهو سنڌي ٻوليءَ جو ڳڻ آهي، ۽ اهو ڳڻ
آهي ٻوليءَ جي سُر لتا:
مڌر مڌر هئي سانت ائين، ڄڻ ڪيئي ساز ڇڙيا
تو سان نينهن ٿيا
تنوير ڏاڍيءَ ساڃاهه سان سنگيت ميه لفظن کي لڙيءَ
۾ پوتو آهي. پر اهي مکيل چکيل يا
Ready made
هرگز ناهن. نه ئي تنوير انهن کي ٺهيل ٺڪيل گهاڙيٽن
(Forms)
۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
يا ڪنهن واچوڙي کي
پنهنجي مٺ ۾ بند ڪريان ٿو
شعر لکان ٿو.
تنوير کي پڙهڻ سان اهو ويساهه ٿو جاڳي ته ’لفظ‘ کي
جيڪڏهن من جي سچائين سان ڇُهجي ته اهو سُر بڻجي
سگهي ٿو:
وقت جي لهرن تي هر جُڳ ۾
لڙهندي آهي لات
اسان لئه موت نه آهي مات
ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون منهنجي ڳوڙهن ساڻ
ڳڙيون
اکڙيون ڪيئن اڙيون.
هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ۾، ٻوليءَ جي انهيءَ ڳڻ سان
تنوير جي ڄاڻ سڃاڻ تمام تمام گهري ۽ پراڻي آهي، پر
هو اُن کي هڪ هٿيار طور ڪتب آڻي ٿو، چلڪندڙ کوکلن
لفظن جي ميڙ ڪٺي ڪرڻ ۾ هن جو ڪوبه چاهه ناهي.
تنوير وٽ ٻوليءَ جي اهميت صرف هڪ واٽ، هڪ وسيلي
واري آهي ۽ بس. ۽ ان جي ڪارائتي ۽ بامقصد واهپي جي
اهميت کان تنوير پوريءَ ريت باخبر آهي:
جتي گهڙون اُت آهي گهيڙ
جتان وڃون اُت آهي واٽ
جتي ٻرون اُت آهي لاٽ
هر ڪنهن بن ۾ پنهنجي بوءِ
ڇلي پوي ٿي ڇپرين ڇاٽ.
تنوير جي شاعريءَ ۾ سُر ۽ معنا هڪٻئي ۾ لين ٿي ٿا
وڃن. لوڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي گهري اُڀياس، ڪلا جي
بنيادي ڪاريه سان سچي رهڻ، ۽ تجربي جي لڳاتار جوکم
کڻڻ سان ئي اهو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو:
ڏسي مٽيءَ جو مان فلڪ حيران ٿيو
تارازيءَ جي هڪڙي پڙ ۾ وجهجن ٻئي جهان،
ڳرو انسان ٿيو.
تنوير کي اسين انساني عظمتن جو شاعر چئي سگهون ٿا.
هن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ چاهه جو اٿاهه ساگر
آهي:
پاڻ ته پيار ونڊيندا آهيون
هو وقت جي لهر تي لڙهندڙ ڪک پن نه آهي، پر هو وقت
جي لهر تي هڪ امرلات پرواهه ڪرڻ ٿو چاهي. ائين هُن
هر جُڳ ۾ ڪيو آهي. ڪالهه به هن ائين ئي ڪيو هو، ۽
اڄ به هو ساڳئي اُتساهه سان، انهيءَ امر لات سرجڻ
جا جتن ڪندي، سڀاڻي جي نراڙ تي ڪا امر ريک اُڪيرڻ
ٿو چاهي:
مستقبل جو ڪاتب آهيان
منهنجي هٿ ۾ لوح و قلم آ
پر ڪالهه ۽ اڄ ۾ فرق آهي. ڪالهه ’لکيو منجهه للاٽ‘
هو. اڄ جو مسيح، اڄ جو سقراط پنهنجو مقدر پنهنجي
هٿ سان لکي رهيو آهي. سچ جي مان رکڻ لاءِ ڪالهه هو
منصور جي روپ ۾ سوريءَ چڙهيو هو. عيسيٰ بڻجي صليب
تي لڙڪيو هو. سقراط جي حصي ۾وهه وٽو آيو هو.
هوشوءَ ڇاتيءَ تي گولي کاڌي هئي. پر اها ڪالهه جي
ڪٿا آهي ۽ اڄ:
مون هٿ ۾ بندوق کنئي آ
منهنجو جهوليءَ ۾ هي بم آ
*
هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي.
آسماني صحيفن جو نزول هاڻي ناهي ٿيڻو. نه ئي ملائڪ
هيٺ لهندا. ڪوبه نبي نه ايندو. انسان کي پاڻ
پنهنجو مسيحا ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجي دُکن جو دارون
ڪرڻو پوندو. انهيءَ سچ ۾ اٽل ايمان هوندي، تنوير
جڏهن ماڻهوءَ کي ايڏو نٻل ۽ ويساهه وسوڙل، وهمن ۽
وسوسن جي ڄار ۾ چوکنڀو ٻڌل ڏسي ٿو، تڏهن هڪ خالق
جو پنهنجي تخليق لاءِ ڏک جاڳي ٿو پوي:
مون توکي هٿ ڏنا
اُن لاءِ ته ڪم ڪرين
۽ تون انهن هٿن کي
گهڙيءَ گهڙيءَ ۽ هر ويلي
دعا جي لاءِ کڻين.
جنگ، انسان جو انسان هٿان وڏي پئماني قتل عام جو
ٻيو نالو. پوءِ چاهي اها ڪهڙي به مقدس نالي ۾ لڙي
ويئي هجي. انسان، جيڪو خلقڻهار جي سڀ کان اعليٰ
تخليق آهي ص 109- 110 واري رچنا، ان جي موت جو
آفاقي نوحو آهي:
مات ٿياسين تون ۽ مان
مات ٿي انسانيت
سر جهڪائي شرم کان
بيٺي آ رحمانيت.
ڪيڏارو
ڪيڏاري جي رت ريکا کي تنوير هاڻوڪي يگ تائين کڻي
آيو آهي. ’شعر‘ ۾ ڇپيل ڪيڏارو ’4 مارچ جي جوڌن‘ کي
سلام هو. ’سج تريءَ هيٺان‘ ۾ ڇپيل ڪيڏاري جو
داستان ٽيون سنڌالاجيءَ جي سڙڻ واري سانحي بابت
آهي:
رسالو سڙندو ڏسي، مُرڪيو ڀٽَ
جو گهوٽ
سڙي نه سگهندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ
ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ، جنهن لئه سر صدقي ڪندا.
انهيءَ سانحي کان پوءِ سڄي سنڌ جاڳي پيئي هئي. ۽
ان سجاڳيءَ سنڌي قوم ۾ پنهنجي علم ۽ ادب، ٻوليءَ ۽
سڀيتا جي بچاءُ لاءِ پاڻ ارپڻ وارو جذبو پيدا ڪيو:
شعلا شعلا چوطرف
روشن ٿي وئي راهه،
مچ ٻري ۽ مرڪي سنڌ
4 مارچ جي يُڌ وانگر سنڌالاجيءَ جو سانحو به، اسان
جي اکين آڏو ٿي گذريو آهي. اِهي اتهاس جون ٻه اهم
ڪڙيون زنجير نه بڻجي سگهيون ته اها هڪ الڳ ڳالهه
آهي. ڪيڏاري جو داستان چوٿون
’شهيد
عبدالرزاق سومري‘
جي عقيدت ۾ چيل آهي، جنهن جو خون لئي مٽي ڪيو ويو،
پر اُن شهيد جي ريٽي رت سڳنڌ امر آهي:
سر گهوريو جنهن سنڌ تان، مري نه سگهندو سو.
بند ڪمري جي گهٽ ٻُوسٽ ۾، (جنهن ۾ ٻاهر متحرڪ ڏيک،
اولهائين شيشي مان ڏسي ته سگهجن ٿا، سواءِ سج
اُڀرڻ جي، ۽ ٻاهر رنگ آهن بنا خوشبوءِ جي، ٽارين
تي ٽپ ٽپ ڪندڙ پکيئڙن جي لات شيشي کي اورانگهي نٿي
سگهي). تنوير کي پڙهندي، ائين ڀاسيو ڄڻ هوا جو
سڳنڌت تازو جهوٽو تاڙيون طاق ڀڃي تن من مهڪائي ويو
هجي:
اوچتو ڪنهن حرڪتي ڇوڪر
کڻي پٿر هنيو:
شيشو ڀڄي پيو،
خوشبو اندر ڌوڪي وئي.
•
]’سج
تريءَ هيٺان‘ جي پهرينءَ ڇاپي جو مهاڳ[
تنوير عباسيءَ جي پنهنجي اصل ڏانهن
مراجعت
وڏو وهڪرو- 1
ڊاڪٽر سحر امداد
جيئن اها ڳالهه طيءِ آهي، ته سنڌو سدائين نيري
گهري سمونڊ ڏانهن ڊوڙي ٿي. جيئن اها ڳالهه طيءِ
آهي ته وڻ جي پاڙ سدائين ڌرتيءَ ۾ وڃي ٿي. تيئن
اها ڳالهه به طيءِ آهي ته شاعريءَ جو چشمو به
سدائين ڌرتيءَ مان ئي ڦٽي نڪرندو آهي. تنوير
عباسيءَ جي شاعري به سنڌ ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتل صاف
شفاف ٿڌي مٺي چشمي وانگر آهي.
جيئن سنڌو پنهنجا وهڪرا مٽائي ٿي، تيئن ”تنوير“ جي
شاعري به ”رڳون ٿيون رباب“ کان اڳ ۾ ۽ ”هيءَ ڌرتي“
کان پوءِ تائين مختلف مرحلا طيءِ ڪري، نت نون رنگن
روپن سان اسان جي آڏو اچي ٿي. تنوير جي شاعريءَ جي
انهن مختلف مرحلن ۽ نت نون رنگن روپن جو اُڀياس
ڏاڍو دلچسپ آهي. هونئن مختلف مجموعن ۽ رسالن ۾
ٽڙيل پکڙيل شاعري، خاص ڪري پهرئين مجموعي ”رڳون
ٿيو رباب“ کان اڳ واري سندس شاعري هٿ ڪرڻ هڪ ڪٺن
ڪم ٿئي ها، پر ”تنوير چئي“ ۾ تنوير عباسيءَ جي
سموري شاعريءَ کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري، ان اهنجي ڪم کي
سَهنجو بڻايو ويو آهي.
تنوير عباسي موجوده دور جو هڪ اهم۽ سرموڙ شاعر
آهي. تنوير جي اهميت جو اندازو اُن مان لڳائي
سگهجي ٿو، ته سڳن آهوجا، نارائڻ شيام جي شعري
مجموعي ”روشن- ڇانورو“ جي مهاڳ ۾ لطيف، شيام ۽
اياز کان پوءِ جيڪو نالو کنيو آهي، اهو تنوير جو
نالو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ تنوير جي انهيءَ
اهميت ۾ جيئن پوءِ تيئن واڌارو ئي ٿيندو ويندو. ان
مهاڳ ۾ سڳن آهوجا جا لفظ هئا ته:
اهي شاعر جن جي لفظن جي جڙت ۽ جملن جي
ترتيب مان بي ساختگيءَ جو اهاءُ ته ملندو، پر ان
سان
گڏوگڏ هلڪي موسيقيءَ جو حِظ به. اڄ اسان وٽ اهڙا
رڳو ٻه شاعر آهن، جن کي خاص طرح لريڪل شاعر چئي
سگهجي ٿو: شيخ اياز کان پوءِ تنوير عباسي.“
تنوير عباسيءَ جي شاعري ٽن دورن تي محيط آهي:
1-
روايتي دور (شروعاتي دور)
2-
ترقي پسند دور (وچون دور)
3-
جديد دور (هلندڙ دور)
اهي ٽيئي دور 1950ع کان 1990 تائين چئن ڏهاڪن تي
پکڙيل آهن. مان هتي تنوير جي شاعريءَ جي ”شروعاتي
دَور“ يعني ”روايتي دَور“ تائين ئي پاڻ کي محدود
رکڻ چاهيان ٿي. پر ڪٿي ڪٿي جيڪڏهن ”رڳون ٿيون
رباب“ يا ان کان پوءِ واري تنوير جي شاعريءَ مان،
يا اُن بابت ڪو حوالو ڏيڻو پئجي وڃي، ته ائين ڪنهن
اڻٽر ڪارڻ ڪري ئي هوندو.
شروعاتي (روايتي) دور ۾ تنوير جي شاعري گهڻي ڀاڱي
غزل تي مشتمل آهي. جيڪا انهيءَ دَور جي نمائنده
صنف ليکي ٿي وئي. تنوير جي شاعريءَ جي انهيءَ
شروعاتي دَور ۾ ئي اسان کي هڪ ”وڏي وهڪري“ جا چٽا
پٽا اهڃاڻ ملن ٿا، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ٿيندو.
يقيناً اها هڪ وڏي تبديلي هئي ۽ ان تبديليءَ کي
سنڌي شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن آڏو اجاگر ڪرڻ ئي
هن ليک جو بنيادي ڪارج آهي.
روايتي دَور ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ اهي ئي تشبيهون،
ترڪيبون، لفظ ۽ موضوع ملندا، جيڪي روايتي غزل لاءِ
مخصوص، بلڪ لازم آهن. ”رڳون ٿيون رباب کان اڳ ۾،“
جي ستيتاليهن صفحن تي پکڙيل شاعريءَ ۾ توهان کي جا
بجا ساغرو مينا، ساقي وميڪده، دستِ جنون، عزم عمل،
عالم و خرد، چاڪ دامان، چاڪ گريبان، چرخ نيلگون،
گردش ڪهن، مئي گلگون، ڪوءِ يار، جبين آستان، اشڪِ
خون، جلوه گري، بزمِ جهان، زلفِ پيچان، ديدهء شوق،
جراتِ سجده، دل و نظر، بزم رفيقان، خونِ عاشق،
تابش انوار، زلف يار، ضبط مسلسل، رونقِ محفل، دامن
ساحل، ذوق سفر، سِر منزل، چشم تر، سوز پنهان،
جهانِ دل، ذوق جستجو، دشت پيمائي، وعدهء فردا،
فڪَر روزگار، غم دنيا، بزمِ سُخن، طرزِ ستم، طرزِ
تڪلم، طرزِ فغان، درد دل، در و دَيوار، حياتِ
جاودان، بار عصيان، پيڪرِ مشتِ غبار.... جهڙا
روايتي لفظي جوڙ ملندا:
هي اشڪ هائي مسلسل، هي داغ هائي جگر
گذشته دَور جا آهن هي يادگار اڃا
*
ملائڪ خود ٿيا حيران انهي جي جرمِ جرات تي
کڻي سو بارِ عصيان پيڪرِ مشت غبار آيو
تنوير جي ابتدائي دَور جي شاعريءَ ۾ روايتي
شاعريءَ جا سمورا لوازمات موجود آهن. انهيءَ ۾ زير
اضافت، همزهء اضافت، وارو عطفي، سان گڏوگڏ ٺهيل
ٺڪيل قافئي ۽ رديف جو استعمال به شامل آهن.
مدد اي دستِ جنون آهي ننگِ وحشت هيءَ
جو آهي رهجي وئي دامن ۾ هَڪڙي تار اڃا
*
روان نه آهي اڃا شعر تنهنجو اي ’تنوير‘
چڱو اٿئي ته ڪر استاد ڪارگر جي تلاش
شاعر جي اها تلاش ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ واري
تلاش نه هئي، جيڪا سسئيءَ کي پنهون لاءِ هئي، بلڪ
اها تلاش محض مخصوص ”جميعت الشعراءِ ٽائيپ“ تلاش
هئي. جنهن ۾ قافئي ۽ رديف جي پختگي، مصرع طرح کي
نڀائڻ، دقيق ٻولي ۽ بحروزن جي سخت پابندي لازمي
هئي. تنوير پاڻ به انهيءَ مروج صورتحال جو تجزيو
هن ريت ڪيو آهي:
”اسان جي شروعاتي دور ۾ جيڪو شعر لکيو ويندو هو يا
جيڪو عام رواج هوندو هيو، اهو فارسي بحر وزن تي
هيو. انهيءَ (وقت) ۾ ”جميعت الشعراءِ“ سنڌ جو وڏو
اوج هو ۽ ان جي ڏاڍي مقبوليت هئي.“
(5)
اها ورهاڱي کان پوءِ واري صورتحال هئي. توڙي جو
ورهاڱي کان ڪجهه اڳي ۽ پوءِ ڪشچند ”بيوس“، حيدر
بخش جتوئي ۽ هوندراج ”دکايل“ جهڙا شاعر موجود هئا،
پر علمي ۽ ادبي دنيا تي اهي ئي روايتي شاعر مسلط
هئا. جيڪي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي ”جهنگلي شاعري“ قرار
ڏئي چڪا هئا. انهن جي آڏو ”فارسيت زدگي“ ئي
شاعريءَ جي معيار جو پهريون ۽ آخري پيمانو هو:
”ماڻهو عربي ۽ فارسيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هيا.
اهو سمجهيو ويندو هئو، ته جيڪو شاعر پنهنجي
شاعريءَ ۾ وڌيڪ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ ڪم آڻيندو
آهي. اهو وڌيڪ معتبر ۽ وڌيڪ سٺو يا پڙهيل آهي. يا
ٻي جيڪا ڳالهه آهي ته شعر ۾ فن ۽ فني پختگيءَ کي
اهميت ڏني ويندي هئي، مثلاً شعر وزن بحر ۾ صحيح
هجي يا قافيو رديف صحيح هجي ۽ ان ۾ فڪر نه هجي، ان
۾ ٻولي ڏکي هجي، ته چوندا هئا ته: واهه واهه ڏاڍو
سٺو آهي.“
ويس ٿي ايترو مشڪل پسند اڄ مشڪلن ۾ جو
اچي ٿو لطف هر آسمان کي مشڪل بنائڻ ۾.
سو تنوير جي اها ”استادِ ڪارگر“ جي تلاش ڊاڪٽر
محمد ابراهيم ”خليل“ آڏو ”زانوئَي تلمذ تهه“ ڪرڻ
تي اچي پوري ٿئي ٿي. جنهن کي هو اُن دور جي وڏن
شاعرن مان ليکي ٿو:
”ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“ ان وقت جي وڏن شاعرن مان هو
۽ اهو جميعت الشعراءِ جو صدر هيو. مان ان جي
شاگرديءَ ۾ آيس ۽ ان کان علم عروض باقاعدگيءَ سان
سکيم.“
”جمعيت الشعراء سنڌ“ جي باري ۾ خود ڊاڪٽر
ابراهيم ”خليل“ پنهنجي ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ ۾ لکي
ٿو:
1946ع ۾ ئي سنڌ ۾ ”جميعت الشعراءَ“ جو بنياد پيو
جنهن جو پهريون صدر خاڪسار کي مقرر ڪيو ويو.
”جميعت الشعراءِ“ جنهن شعور کان ڪم ورتو، ان جا
فائيل اديب سنڌ رسالي جي ڏسڻ سان خبر پئجي سگهي ٿي
ته سنڌي اديبن ۾ تنقيدي شعور ڪيترو نه پيدا ٿي چڪو
هو.“
”علم عروض“ جي ان باقائدي سکيا تنوير ۾ نظم پيدا
ڪيو. جيڪو اڳتي هلي شاعريءَ جي ٽڪنيڪي تجربن ۾ هن
جو معاون ۽ مدد گار ثابت ٿيو.
تنوير جي شروعاتي شاعريءَ تي هڪ مڙهيل ”مغموميت“
حاوي آهي:
وڃي ٿي غرق غم دو جهان ۾ اي دوست
جهانِ غم ۾ اٿم اهڙي چشم تر جي تلاش
اها ”مغموميت“ سندس تخلص ”مغموم“ جي حوالي سان
آهي! ته انهيءَ سلسلي ۾ رڳو ايترو ئي چئي سگهجي
ٿو، ته اها ”مغموميت“ به انهيءَ دور جي شاعريءَ جو
هڪ معيار هو:
جڏهن مان زندگانيءَ کان ويس ٿي تنگ دنيا ۾
تڏهن اي موت تنهنجي اهميت تي اعتبار آيو.
*
غم ڏيڻ آهي تنهنجي ئي وس ۾
اشڪ هارڻ ته منهنجو ڪم آهي.
جيتوڻيڪ اتي ”اشڪ“ جي جاءِ تي ”لُڙڪ“ اچي سگهي ٿو.
ڇو ته ٻنهي جو وزن ”فاع“ آهي. پر انهي دور ۾ ”اشڪ“
کي ”لُڙڪ“ تي ترجيح انڪري به هئي، ته اشڪ کي لڙڪ
جي ڀيٽ ۾ مهذب ڪري ڄاتو ٿي ويو ۽ اهو هڪ ريڊي ميڊ
معيار هو:
”جيڪي ٺهيل ٺڪيل يا ريڊي ميڊ لفظ هوندا هئا. جي
”بهار“ آ ته پوءِ ان سان ”خزان“ هوندو ”بلبل“
هوندي ته ”چمن“ هوندو. ته اهي لفظ ڦيرائي ڦيرائي
استعمال ڪري لکيا ويندا هئا. حالت اها هوندي هئي،
ته پنجاهه ديوان پڙهو، غزل ساڳي معنيٰ وارا هوندا
هئا.“
اها ”ساڳيائپ“ اسان کي تنوير جي شروعاتي روايتي
غزلن ۾ ”فراوانيءَ“ سان ملندي.
ڇڏي نه پنهنجي نشيمن کي آه سان ساڙي
خزان جي وقت نه بلبل ڪڏهن چمن ۾ هجي.
ان ”ساڳيائپ“ جو بنيادي ڪارڻ پنهنجي مزاج، ماحول،
ٻولي، مسئلن ۽ احساسن کان بيگانگي ۽ فطرت کان ڪٽيل
هجڻ ئي هو. ڇو ته ان وقت ”فطرت“ کي ڇڏي ”مصنوعيت“
اختيار ڪرڻ ۾ ئي شان، رعب ۽ وڏائي هئي. ان صورتحال
کي خود تنوير پنهنجي مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ ۾
مشاهدي بدران مطالعي جي اثر هيٺ شاعري ڪرڻ چيو
آهي:
”... جيڪو سندن تخليقي قوتن، مشاهدي جي ڪميءَ ۽
احساس جي ڪند هجڻ جو ظاهر ظهور ثبوت هو، ۽ منجهن
تخليقي قوتن جي ناپيد هجڻ جو دليل پڻ.“
۽ اهو ئي سبب هو جو تنوير اُن مهل تائين جو ڪجهه
به حاصل ڪري چڪو هو، تنهن مان هو مطمئن نه هو. اها
فارسيءَ جي انڌي تقليد، محاورن جو ورجاءُ، ٺهيل
ٺڪيل موضوع، سانچن ۾ لفظ ٺهڪائڻ، تنوير ڄاتو ٿي ته
ائين.:
”ڪو ڪارنامو ته ڪو نه ٿيندو؟“
اهو احساس تنوير کي تڏهن به هو. جڏهن هو خود اها
روايتي/ تقليدي شاعري ڪري رهيو هو. ڪنهن نئين
معيار ۽ نئين فڪر پيدا ڪرڻ جي خواهش تنوير جي اندر
ڪَر موڙي رهي هئي ۽ هن تڏهن به ”نئون شعر“ چوڻ ٿي
چاهيو:
وري بزمِ سخن ۾ ڪو نئون معيار پيدا ڪر
نوان افڪار پيدا ڪر، نوان اشعار پيدا ڪر
۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو تنوير جي روايتي شاعريءَ جي
ڄمار صرف چار سال آهي. 1950 کان 1954 تائين. انهن
چئن سالن ۾ تنوير نه رڳو بحر وزن سکيو آهي، انهيءَ
کي ڪاميابيءَ سان ورتايو آهي، بلڪ انهيءَ عرصي ۾
”تنوير“ تي ڪيتريون ئي حقيقتون به منڪشف ٿيون آهن:
”طرحي مشاعره ٿيندا هئا، جن ۾ طرح ڏيندا هئا، ٿيو
ائين جو انهن مشاعرن ۾ لکندي لکندي ۽ انهن شريڪ
ٿيندي ٿيندي مون کي محسوس ٿيو، ته اها شاعري رڳو
ورجاءُ آهي.“
انهيءَ ورجاءُ، فڪر کان وانجهيل شاعري، بي مقصد ۽
بي معنيٰ انڌي تقليد جو احساس جڏهن ”تنوير“ جي
اندر ۾ جاڳي ٿو، تڏهن هو ڄاڻي ٿو وٺي:
”ساهتيه جي هر شاخ ۾ تجربو- هڪ مسلسل عمل آهي، ۽
جتي اِئن ناهي، اُتي ساهتيه هڪ بيٺل پاڻيءَ جو دٻو
ٿي رهجي ويو آهي (ممڪن آهي اُن تي چڙهيل سينوريل
آب مان ڪن کي خوشبوءِ ايندي هجي) ڪوبه تجربو اگر
تجربي خاطر آهي ته هو اُتي ئي دٻجي ٿو وڃي، جتان
اُڀري ٿو- اگر تَجربي جي گهرائي ۽ گيرائي وسيع
آهي- جتي
content
۽
Form
جو پورو تال ميل آهي، ته پوءِ اها رچنا هڪ مثال ٿي
پوي ٿي. جتان ٻيون شاخون ڀي ڦٽن ٿيون.“
۽ تنوير تجربي جو جوکم کڻي ٿو. پنهنجي ڌرتي ۽
پنهنجي ماڻهن ڏانهن رجوع ڪري ٿو ۽ پهريون ڀيرو هن
جي شاعريءَ ۾ ”سنڌ“ لفظ داخل ٿئي ٿو:
سنڌ، جيڪو به مِٽائڻ ٿو گهري تُنهنجو وجود
اهڙي ڪم ظرف ۽ نادان کي ڏسي رهنداسين.
هاڻي هن جي ”دل جي شڪسته تار“ ”نغمه انقلاب“ ڇيڙڻ
لاءِ آتي آهي ۽ روايتي دور جي ”اوپرن آوازن“ ۾ به
هن جي روح تائين وطن جو آواز پهچي ٿو وڃي:
شايد پڪاري آ رهيو منهنجو وطن مون کي
---
روز هڪڙي نئين جفا آهي
روز هڪڙو نئون ستم آهي
سنڌ ۾ نيٺ انقلاب ايندو
منهنجي هٿ ۾ اڃا قلم آهي
”تنوير“ تي جڏهن ”قلم جي سگهه“ اُجاگر ٿئي ٿي ته
هن، اڳتي هلي ان سان ”زماني جي ناسور لاءِ نشتر“
وارو ڪم وٺندي ”سج تريءَ هيٺان“ ۾ لکيو:
اسان جو قلم محترم آ
اسان جو قلم هڪ علم آ
اسان کي قلم جو قسم آ
ائين ”تنوير“ ”تقليد“ کان ”تخليق“ ڏانهن، ”اوندهه“
کان ”سهائي“ ڏانهن اچي ٿو ۽ ”تنوير“ جي ”چشم نم“
انهيءَ ماڪ ڀنل صبح (مستقبل) جا ڌنڌلا اُهڃاڻ بنجي
ٿي، جيڪو صدين جي ڊگهي- انڌي انڌاري رات (حال) جي
اوسيئڙي کان پوءِ طلوع ٿيڻ وارو آهي ۽ سندس ڪن پري
کان ايندڙ ”ڏوهيڙي“ جو سريلو ۽ مانوس آواز (ماضي)
جهٽي ٿو وٺي:
صبح جو وقت! ماڪ ڪوهيڙو
دور ڪوئي ڏئي ٿو ڏوهيڙو
چشم نم هاڻي ٿي ڏسي ڌنڌلو
جنهن ڪڍيو ساري رات اوسيڙو
انهيءَ موڙ تي پهچي ”تنوير“ جي ٻوليءَ، ورتاءُ،
لاڙي، لهجي، گهاڙيٽي ۽ ردم ۾ هڪ نمايان تبديليءَ
جو ڏس ملي ٿو ۽ هو غزل جهڙي روايتي صنف کي به سنڌي
رڱ ۾ رڱي ٿو ڇڏي:
نينهن جو مينهن ڪو وَساءِ پرين
باهه دل جي اچي وساءِ پرين
ساهه کي منهنجي جيڪَو سيبائي
گيت اهڙو اچي ٻڌاءِ پرين
”تنوير“ پهريون ڀيرو سنڌي شاعريءَ جي بيحد اهم لوڪ
صنف ”گيت“ کي پارس- صفت هٿ جي ڇهاءُ سان سون ڪري
ٿو ڇڏي:
آ گيت پريت جا ڳايون
نغمن ۾ هستيءَ کي وڃائي هوا تي اڄ لهرايون
جهرڻن مان ڪي سر چورائي مٺڙا ساز وڄايون
پاڻ سان گڏ هن جڳ کي ڀي گيتن جي لئي ۾ وڃايون
آ گيت پريت جا ڳايون
هاڻي ”تنوير“ جي لهجي ۾ ميٺاڄ ۽ رس اوتجي ٿو اچي.
هن جي سٽ سٽ مان ”مٽيءَ جي سڳنڌ“ ٿي ڇلڪي ۽ هو:
نينهن جو مينهن، رهاڻيون، چانڊوڪيون، پرين، مٺڙا،
سرڪ، گيت، چنڊ، چڪور، سيبائي، گلڙن، مکڙين، لهرون،
هنج، اُڀ، سرت، آس، پياس، هيراڪ، هير، پرڀات،
ڀونر، ڳلن، لنو، ساهه، ويساهه ...... جهڙا ٺيٺ
سنڌي لفظ ڪتب آڻي ٿو.
”تنوير“ پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخي ڪردارن جي
حوالي سان وهه- وهاٽيل لهجي ۾ ڀرپور انداز سان چٿر
ڪري ٿو:
دودي کي اڄ گهر ڏي اماڻي
شاهه چنيسر کي ئي بنايو
ڀل لٽجي مارئيءَ جي عصمت
گيت عمر جا زور سان ڳايو
انهيءَ اهم موڙ کان پوءِ جنهن کي مون ”وڏو وهڪرو“
چيو آهي. ”تنوير“ جي شاعريءَ جو ٻيو دؤر يعني ترقي
پسند دَور (وچون دَور) جو آغاز ٿئي ٿو- 1958ع ۾
”رڳون ٿيون رباب“ ڇپجڻ سان. تنوير خود ”رڳون ٿيون
رباب“ جي باري ۾ لکي ٿو:
”منهنجي شعر“ خاص ڪري منهنجي تازن غزلن، گيتن ۽
نظمن ۾ ٻولي ۽ موضوع ڪجهه ”اوپرا“ پيا ڀانئبا.
|