نِما شام جو سِجُ!
نياز
همايوني
تنوير عباسي اسان سڀني جو دل گهريو دوست هو. قد
ڪاٺ ۾ هلڪي هئڻ سبب ’هر ڪنهن هن کي ’ننڍو ڀاءُ‘
ڪري ٿي سمجهيو، ليڪن ادبي رتبي جي لحاظ کان هو
قداور شخصيت جو مالڪ هو.
اوائل ۾ منهنجي ساڻس ڪا خاص ڏيٺ ويٺ ڪانه هئي، پر
هڪ لڱا هيءُ يار منهنجي پرپُٺ شڪارپور ۾ بشير
مورياڻيءَ وٽ ويو، ته هن کيس منهنجي باري ۾ ايترو
ڪجهه ٻڌايو، جو پاڻ جڏهن حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليج
۾ اچي داخلا ورتائين ته اُمالڪ گرامي صاحب جي
روبرو ڪراچي هوٽل ۾ هن سان ملاقات ٿي ويئي، جنهن
کان پوءِ اسان جي گهرائي وڌندي ويئي. اسان جي سنگت
اڳتي هلي ”چوياري“ جو روپ ورتو، جنهن ۾ رباني
صاحب، رشيد ڀٽي، مان ۽ تنوير شامل هئاسين. اسان
پير صاحب حسام الدين راشديءَ چواڻي، ”عجيب مخلوق“
ليکيا ٿي وياسين. اسان جا چرچا ۽ ٽوٽڪا، جن تي
رشيد ڀٽي جا ”ٻِٽا ٽهڪ“ رنگ لائيندا ٿي رهيا، اوسي
پاسي مشهور ٿيندا ويا.
تنوير ڊاڪٽري پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ پرئڪٽس
ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي خيرپور ميرس جا وڃي وڻ
وسايائين، جنهن ۾ هر ڪنهن جي راءِ موجب اُتي هن جي
وڌيڪ ضرورت هئي. اسان ڪنهن نه ڪنهن سانگي اُتي
پهچي ساڻس ملندا هئاسين، يا پاڻ ڪڏهن حيدرآباد اچي
اسان کي منهن ڏيکاريندو هو. اهي ويڇا واندڪائي
گهٽجڻ ڪري هوريان ڏاڍيان وَيا وڌندا، تڏهن به ائين
پئي ڀانيوسين ته هڪ ٻئي کان پري نه آهيون. شاهه
سائين چواڻي: ”ڪي ڏُور به اوڏا سپرين.“
ادب جي ميدان ۾ اسان جيڪا راهه رمي چڪا هئاسين،
اُن جي منزل هڪ ئي هئي. انهيءَ ماڳ تائين پهچڻ
لاءِ اسان جيڪي ڪشالا ڪيا ۽ جيترا سور سٺا، تن ۾
برابر جا شريڪ ۽ شامل رهندا آياسين. ان ۾ گهرائي
به ٿيندي رهي ته گهاري به پوندي ويئي، تنهن هوندي
به، نرا سائي نه ٿي. اوچتو اسان جو يار رشيد ڀٽي
اسان کان وڇڙي ويو، جنهن جي غم اسان کي جهوري
ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪٻئي جو خير گهرندي، اچانڪ
تنوير موڪلاڻي ڪئي. اهي ٻيئي وڇوڙا ڏاڍا ڏکيا لڳا،
پر ماٺ کان سواءِ ڪو چارو نه هو.
اسان ڪڏهن ته چٺين چپاٽين وسيلي هڪ ٻئي جي سار
سنڀال لهندا پئي آياسين، پر پوءِ ان جي به ضرورت
ڪانه رهي، ڇو ته اخبارن مان هڪ ٻئي جا حال احوال
پڙهي دلجاءِ ٿي ويندي هئي ته هرڪو پنهنجي ڪم سان
لڳو پيو آهي.
تنوير جي حياتيءَ ۾ هڪ نوجوان خير سان مون وٽ ڪَهي
آيو، ۽ سندس لاءِ تاثرات لکڻ بابت چيائين. مون کي
اها خبر پئجي چڪي هئي ته پاڻ پنهنجي پياري پُٽ
سرمد جي ولايت مان واپس اچڻ ۽ اسلام آباد ۾ ملازمت
ملڻ ڪري خيرپور کي ’الوداع‘ چئي اوڏانهن وڃڻ وارو
آهي، سو تاثرات جي شروعات ڪندي هي شعر لکيم:
نما شام جا سج لهڻ جي نه ڪر،
تون ڏاڍو وڻين ٿو وڃڻ جي نه ڪر.
اِجها لڙڪ جي ماڪَ آئي ڳلن تي،
تون اُس وانگ جُهڙَ ۾ لڪڻ جي نه ڪر.
منهنجو خيال هو ته تنوير کي هيترا سال ادبي خدمتون
۽ محنتون ڪندي وڏي کوٽ جي پورائي کان پوءِ خيرپور
ڇڏي ٻئي هنڌ وڃڻ نه کپي، پر اها ڳالهه سندس وس ۾
ڪانه هئي. آخرڪار هتان ويو ته ماڳهين دُنيا مان به
ويندو رهيو! هاڻ ته سندس ڳالهيون رهجي ويون آهن،
جيڪي وسارڻ سان به نٿيون وسرن. هو پاڻ ته ڏاڍو مٺو
ماڻهو هو، پر سندس پويان به ماکيءَ ۽ مصريءَ کان
گهٽ ڪين آهن. اسان جي ڀاڀي قمر هجي، ارشاد نبي
هجي، پارس، مارئي توڙي سرمد هجي- سڀ تنوير وانگي
سيبائتا آهن.
هڪ دفعي ڊاڪٽر نواز علي شوق گڏ ميلي جي موقعي تي
سچل ادبي ڪانفرنس ۾، خيرپور ۾ وڃڻ ٿيو، جنهن جو
انتظام خود تنوير جي حوالي هو. ٻئي ڏينهن ساڻس ملڻ
لاءِ سرمد جي گهر وياسين ته ڀاڀي قمر ورهين کان
پوءِ به اسان جي اها خاطر تواضع ڪئي، جيڪا اڳ ڪندي
ٿي رهي. کيس اولاد کان پري اڪيلائيءَ ۾ ڏسي، اسان
کي ٿوري گهڻي ڪمي محسوس ٿي، جا فطري هئي ته جيجل
ماءُ کي اولاد جي جهوري آهي. سال ڏيڍ کان پوءِ
منهنجو اسلام آباد وڃڻ جو پروگرام ٿيو. اُتي تنوير
جي وڏي نياڻي پارس جي دعوت تي سندس گهر ويس ته اها
مون کي بلڪل ڀاڀي قمر جي روپ ۾ نظر آئي. ساڳيو
مان، ساڳي عزت، ساڳي مهرباني ڏسي، دل مان دعائون
نڪرڻ لڳيون. اها ڳالهه جڏهن واپس اچڻ تي تنوير سان
ڪيم ته ڏاڍو سُرهو ٿيو. مون دل ۾ چيو، ”بيشڪ، خدا
اولاد ڏئي ته اهڙي ڏئي، جيڪا پيءُ ماءُ وانگي
لاکيڻي هجي.“
تنوير ديس ڇڏي پرديس ويو، اُتي لاڏاڻو ڪيائين.
اسان ڏاڍا اُٻاڻڪا ٿياسين. دل ۾ اها ئي حسرت رهي
ته- اَلا، اسان پنهنجي پياري دوست جي مُنهن ڏسڻ
کان به وياسين--! پڇاڙي اندر مان اِها آهه نڪتي
ته:
زندگي ۾ جو کٽڻهارن جئان کِڙندو رهي
هاءِ سو تنوير عباسي هتان ويندو رهيو!
تنوير جي وئي کان پوءِ ڏاڍو وڏو خال پيو سُجهي،
جيڪو شايد ڀرجي سگهي-!
تنوير جي ادبي خدمتن کان سواءِ هي مضمون اڌورو
رهجي ويندو. اُن تي به ڪجهه لکجي ها، پر طبيعت
ناساز هئڻ جي ڪري هٿ نه پيا هلن، ان ڪري سندس ڪتاب
”رڳون ٿيون رباب“ (ٻيو ڇاپو) تي هن کان اڳ لکيل هڪ
مضمون هتي ڏيئي اها ڪمي پوري ڪجي ٿي:
تنوير جي شاعري:
افادي شاعريءَ جي واکاڻ اها آهي ته اَن ۾ سچ
۽ سونهن جا اُهي اهڃاڻ انڊلٺ جي ريکائن جئان
اُجاگر ٿيل هجن، جن جو انسان جي نجي توڙي سماجي
زندگيءَ سان گهرو لاڳاپو رهي ٿو. شاعر نجي طرح
جيڪي مشاهدا ڪري ٿو، تن جو اظهار تڏهن ئي وزنائتو
ٿي سگهندو، جڏهن کيس سماجي حالتون به ڌيان ۾
رکڻيون پونديون. اهڙي شاعر کي جتي به ڪا چڱائي نظر
اچي ٿي ته ان کي سچ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي ساراهي ٿو
۽ جڏهن به ڪا اوڻائي ڏسي ٿو ته اُن کي نفرت مان
نندڻ لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح هيءَ زندگيءَ جي
بهترين قدرن کي برقرار رکڻ جو خواهشمند رهي ٿو.
مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ تنوير جي شاعري توجهه سان
پڙهي ۽ سندس زباني پڻ ڪيئي ڀيرا کانئس ٻڌي چڪو
آهيان. مون کي سندس شاعريءَ ۾ اُهي سڀيئي خوبيون
نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ شانائتي شاعريءَ ۾
جهلڪنديون آهن. ساڳئي وقت دوستيءَ جي ناتي هئڻ ڪري
تنوير جي شخصيت به منهنجي لاءِ ان ڪتاب جئان آهي،
جنهن کي ڪيئي دفعا چاهه سان پڙهيو ويو هجي. مان هن
يار جي خوشين ڀري زندگيءَ کي ڏسندي بعضي اهو
سوچيندو آهيان ته هي شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي
نه آهي، سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس
ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي، جو ٻين جي غم تي
ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو. چاهي؟
پر ستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀڪجهه ان ڏات
جو ڦل آهي، جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي
ٿي، جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي
پنهنجي خوشي تصور ڪئي ويندي آهي.
هي مجموعو تنوير جي ابتدائي شاعريءَ تائين محدود
آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين تجرباتي شاعري چئي
سگهجي ٿو. هن ۾ جيتوڻيڪ گهٽ وڌايون موجود آهن،
تنهن هوندي به هيءَ شاعري نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه
آهي، ان لاءِ جو منجهس سچائيءَ جي ساک نروار نظر
اچي ٿي. اها سچائي جنهن جو اظهار زندگيءَ جي سونهن
سنوارڻ لاءِ ضروري آهي. انهيءَ سچائيءَ ۾ هلڪي طنز
کان وٺي ڀرپور وار جو تاثر به ملي ٿو ته اُميد ۽
مايوسيءَ جون اونداهيون ۽ روشنيون پڻ ذهن ۾ تري
اچن ٿيون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تنوير جيڪي
تجربا ڪيا آهن، سي سندس مشاهدن تي مدار رکن ٿا ۽
انهن جي اظهار جون ڪڙيون وڃي سماجي سلسلي سان
ڳنڍجن ٿيون. مثال طور:
اي دوست، زندگيءَ کي نه ايڏو قريب وڃ،
ڪٿ زندگي ئي توکان گريزان نه ٿي وڃي.
جئن ڪرڻن جي تيرن جي وسڪاري ۾ مرڪن ٿا گل،
موت جي منهن ۾ تئن اسان ڀي کلندا کلندا هلنداسين.
تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي جو،
ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو.
پياسين منجهي ڪاڪ ۾ ايترو اڄ،
جو مومل کي دل تان وساري ڇڏيوسين.
بدلائي ڇڏيندي هيءَ دنيا او پرين توکي
جي تو ڪري همت هن دنيا کي نه بدلايو.
هي بهار آهي يا ارمانن جو آهي قتل عام،
خون جي بو آ مليل گلڙن سندي سرهاڻ ۾.
جنهن نه لڪن ۾ لوڏا کاڌا،
تنهن به پنهل سان پيچ نه پاتو.
جن هٿن ٽڪرايا ساغر ساڻ ساغر عمر ڀر،
ڪيئن اهي تلوار سان تلوار ٽڪرائي سگهن.
اوهان ٿا ڪُهو جن کي ابتي ڇريءَ سان،
اُهي ڪجهه ته لُڇندا اُهي ڪجهه ته ڪُڇندا.
آزادي يا موت ٻنهي مان هڪڙو ماڳ اسان جو آهه،
جنهن به ڏنو آواز انهيءَ ڏي کلندا ڪڏندا هلنداسون.
دوست اچ اڄ ته وٺون سمجهي مزاج عالم،
يار جي زلف پريشان کي ڏسي وٺنداسين.
روز تارن تان ترڪندي ٿي رهي،
هي نظر چنڊ لاءِ آهه چري.
هي تنوير جي مختلف غزلن جا چونڊ شعر هئا، جن مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شاعري مختلف مشاهدن
۽ تجربن جي آڌار تي ڪيتري قدر ڪاميابيءَ جا مرحلا
طيء ڪندي رهي آهي.
هن مجموعي ۾ تنوير جا گيت ۽ ڪي نظم به شامل آهن،
جن جا رنگ روپ غزل جي انداز کان الڳ هوندي به
زندگيءَ جي پيار ۽ انسانيت جي دک درد سان سنمک
ٿيندا اچن ٿا:
ڪو نه ٻڌائي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون،
هوريان ڏاڍيان رڙهندي رڙهندي،
ڪرندي ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي.
ڳولي لهبي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون.
اهڙيءَ طرح سندس نظم ”جوڳي“ جو هڪ بند آهي:
مان به زماني جي دردن کي دل تان هٽائڻ.چاهيان ٿو
زهريلن جي زور کي ماري زور گهٽائڻ چاهيان ٿو.
جن کان حياتي هانوَ ٿي هاري تن کي مڃائڻ چاهيان
ٿو.
پيار سان هر ڪنهن کي مان پنهنجي وس ۾ آڻڻ چاهيان
ٿو.
وقت جي وهه ۾ محنت جو ميٺاڄ ملائڻ چاهيان ٿو.
تو جان مان او جوڳي! مَن جي مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو.
تنهنجو من ڀي روڳي آهي، منهنجو من ڀي روڳي.
او
مرليءَ وارا جوڳي!
تنوير جي اڄوڪي شاعريءَ کي ڏسندي سندس ابتدائي
شاعريءَ جي مختلف تجربن جو احساس ٿئي ٿو، جنهن جي
روشنيءَ ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي شروعاتي
دور ۾ جيڪي ٻوٽا پوکيا، تن جي سرهاڻ مارئي ۽ ملير
جي چارن ۽ ويچارن ۾ سدائين سچ ۽ سونهن جي ساڃاهه
جا سوجهرا اُپائيندي رهندي- (1989ع)
تنوير عباسي ۽ ورڊس ورٿ
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو ڳچ سارو شعر اهڙو
آهي، جو زبان، روانيءَ جمالياتي ۽ فطري مشاهدي جي
خيال کان جديد دور جي ٻين سنڌي جي شاعرنءَ کان
نرالو آهي. تنوير جي اهڙي شعر جون چند خصويتون هي
آهن:
1. تنوير فطرت يا ماحول، جو مطالعو فطرت جهڙيءَ ئي
صاف ۽ شفاف دل سان ٿو ڪري، ان ڪري هن جو مشاهدو
پاڪ ۽ خالص جذبات سان ڀرپور آهي. پاڻ چوي ٿو:
شاعر جي دل صاف سدا،
هيري کي ڪيئن لڳندي ڪَٽ.
2- تنوير سنڌ جي سماجي ۽ عوامي زندگيءَ جو شاعر
آهي، ان ڪري هن جا شعر عوامي زندگيءَ جي جهلڪين جا
حامل آهن.
3- عوامي زندگيءَ کي پيش ڪرڻ لاءِ هن جا ٻول
استعمال ڪئي آهي، سا به عوامي سنڌي آهي.
4. فطرت جي هن مشاهدي مان هن ”خود“ انسان کي جدا
ڪري ٻاهر رکيو آهي، پر انسان کي فطرت جو حسين ترين
مظهر ڪري ورتو آهي. ان ڪري سنڌي ادب ۾ اختصار سان
سکڻ واري کي اهي لفظ ضرور لکڻا پوندا ته تنوير
ماڻهن جو شاعر آهي، اياز انهن ماڻهن جي زمين جو، ۽
نياز ان زمين جي تاريخ ۽ ثقافت جو. تنوير جي ههڙي
شعر جي مطالعي ڪرڻ مان ائين معلوم پيو ٿئي ته
تنوير بنيادي طور تي هن باب ۾ ”ورڊس ورٿ“ کان
متاثر ٿيو آهي. ٿي سگهي ته ڪو صاحب چوي ته تنوير
جو ورڊس ورٿ سان ڪلهو هڻڻ محض هڪ اتفاق آهي. عرض
آهي ته اهو هڪ عجيب اتفاق به ٿي ٿو سگهي، پر هت
اتفاق ته ٿي سگهيو آهي. مون وٽ هيءَ ڳالهه ثابت
ڪرڻ لاءِ ٻه دليل به موجود آهن.
1- تنوير ورڊس ورٿ جي گيتن جي مجموعي، ”سريلا گيت“
Lyrical Ballads
جي مهاڳ جو ترجمو ڪيو آهي.
2- تنوير جي اوائلي شاعري به ورڊس ورٿ جيان گيتن
سان شروع ٿي آهي. ڏسجي ”رڳون ٿيون رباب“. هت هيءَ
ڳالهه لکڻ به مناسب ٿيندي ته تنوير جو آڳاٽو شعر
غزلن ۾ آهي، پر اهو هن يا ته خود ناس ڪري ڇڏيو آهي
يا ڇپائڻ جهڙو سمجهيو ئي نه آهي. سندس شعر جو
انتخاب جيڪو ڇپيو آهي، ان جي ترتيب لاءِ ذميوار
غلام رباني آهي.
اسين جڏهن تنوير جي چيل ڪلام، يعني، (رڳون ٿيون
رباب) وٽان شروع ٿا ڪريون ته ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ڄڻ
ورڊس ورٿ ويٺو سنڌيءَ ۾ ڳائي. ان ڪري هن مضمون ۾
مون ورڊس ورٿ جي متعلق به چند ڳالهيون ڏيکارڻ
ضروري سمجهيو آهي ته جيئن تنوير جو اُڀياس بهتر
طريقي سان ٿي سگهي.
هنن گيتن يا نظمن ۾ جا زبان لکي وئي آهي، اها اهڙي
آهي، جهڙيءَ زبان جي وڪالت ورڊس ورٿ پنهنجي ان
”مهاڳ“ ۾ ڪئي آهي. جنهن جو تنوير ترجمو ڪيو آهي.
تنوير هڪ ”ڦريل“ يا
Convert
آهي، جيئن هن پاڻ ”سنگت هڪ تحريڪ“ جي پيغام ۾
ڄاڻايو آهي ته هو اڳينءَ شاعريءَ کان بيزار ٿي
نئين موڙ ڏانهن مُڙيو آهي. ڪهڙو عجب آهي. جو جن
ڳالهين کيس روايتي شاعريءَ جو دستور ڇڏايو آهي،
انهن مان هڪ ورڊس ورٿ جو مطالعو به هجي. هاڻي اچون
ٿا ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۽ ٻوليءَ تي. ”سريلا گيت“
Lyrical Ballads
لکڻ سان ورڊس ورٿ جو مطلب آهي ته جو ڪجهه به عام ۽
اکين آڏو آهي، ان کي شاعراڻو روپ ڏجي.
To make the Familiar Poetic
پر ان جي خلاف، هن جي دوست ساٿي ۽ عظيم شاعر ڪولرج
جو خيال هو ته جيڪو عام ۽ اکين آڏو ناهي، يا جيڪي
خيالي يا
Abstract
آهي، اُن کي عام ڪجي. ورڊس ورٿ پنهنجي هن نظرئي جي
حمايت سڀ کان اڳ ۾ شاعراڻن عروضي لفظن
Poetic diction
جي مطابقت سان ڪئي آهي، ۽ خاص طور تي ملٽن ۽ جانسن
جي زباني جهڙي زبان يا
Grand Style
تي وار ڪيا اٿس.
جيئن هن پاڻ چيو آهي، هن پنهنجي شاعريءَ جا موضوع
انسان ۽ فطرت جي عام واقعات مان ورتا آهن. اهڙيءَ
حالت ۾ اهو ضروري هو ته اهڙن واقعن کي سمجهائڻ ۽
اثرائتي بڻائڻ لاءِ زبان به اها لکجي، جا عام
زندگيءَ ۽ عام ماڻهن جي واتان ڳالهائي ويندي هجي.
ڪن ماڻهن شايد ائين سمجهيو هجي ته ورڊس ورٿ ۾
شاعراڻو تخيل
Imagination
ڪولرج کان گهٽ هو، ان ڪري جڏهن هو ڪولرج سان گڏ
لکڻ لڳو ته هن جي بلنديءَ کي ڏسي ڦِڪو ٿيو، ۽ پوءِ
هو ڪولرج وارو رستو ئي ڇڏي هٽي بيهي رهيو. وري ڪن
شايد ائين سمجهيو هجي ته ورڊس ورٿ پنهنجي زندگيءَ
جو ڳچ حصو سير سفر ۽ فطرت جي مناظر ڏسڻ ۾ گذاريو،
اُن ڪري ان جي زبان ان سڌريل ۽ شاعراڻيءَ زبان
جهڙي ٿي نه سگهي، جا ان وقت لنڊن جي ادبي ڪچهرين ۾
ڳالهائي ويندي هئي. منهنجو خيال آهي ته اهي
ڳالهيون صحيح نه آهن. حقيقت اها آهي ته ورڊس ورٿ
کي اهڙي ٻوليءَ جي ضرورت رڳو هن ڪري پئي جو
شاعريءَ جو اهو نظريو، جنهن جو هو مبلغ هو، تنهن
جي تقاضا ئي اها هئي ته ٻولي سليس ۽ عام فهم لکڻ
گهرجي.
شاعري ’ورڊس ورٿ‘ جي خيال ۾ گرم جذبات ۽ احساسات
جي اها اٿل يا پرٽ آهي، جيڪا اٿلي پوڻ ۽ پرٽجڻ
لاءِ مجبور هجي. ههڙي شاعريءَ جا محرڪ تيز احساسات
۽ گرم جذبات هوندا آهن، جن سان گهرو ۽ اونهو
مشاهدو به شامل رهندو آهي. جڏهن جذبن ۽ احساسن کي
تحريڪ ايندو آهي، تڏهن اهي پنهنجو پاڻ ۽ فطري
طريقي سان اظهار ۾ زبان جي سليقي منديءَ يا
هنرمنديءَ يا فن کي گهٽ دخل هوندو آهي. پاڻ اهڙي
بڻايل ۽ سڌاريل زبان ههڙي اظهار جي رستي ۾ روڪ
ثابت ٿي پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ورڊس ورٿ وٽ
نظم ۽ نثر جي زبان ۾ ڪو بنيادي فرق نه آهي. ورڊس
ورٿ وٽ اهڙي شاعريءَ جو مقصد آهي ريجهائڻ ۽
پرچائڻ، اورڻ ۽ دل ٺارڻ، ان ڪري، هن جي نظر ۾ شاعر
هڪ اهڙو فيلسوف ۽ مبلغ آهي، جنهن جو ڪم آهي ماڻهن
جي روح کي راحت پهچائڻ.
ايتري ڪئي پڄاڻان، آءٌ ڀانيان ٿو ته انهيءَ ڳالهه
تي وڌيڪ لکڻو نه پوندو ته ورڊس ورٿ تنوير کي ڇا
ڏنو آهي، يا ڏيئي سگهيو آهي. تنوير جي نيچرل
شاعريءَ جي باب ۾ جيڪي چار ڳالهيون مٿي لکيون اٿم،
انهن ۾ هت هن ڳالهه جو اضافو ڪرڻون آهي ته تنوير
به ورڊس ورٿ جيان پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي شاعريءَ
جو پرچارڪ يا مبلغ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن
”سريلا گيت“ جي مهاڳ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
تنوير پنهنجي ٻوليءَ جو پرچار هن طرح ٿو ڪري: مهٽي
صاف ڪئي ”تنوير“، ٻوليءَ تان سڀ ڌاري ڪَٽ، وڌيڪ هن
جاءِ تي هيترو لکڻ به ضروري ٿو ڄاڻجي ته تنوير ۽
ورڊس ورٿ جي باب ۾ ٻه ڳالهيون اهڙيون به آهن، جن
جي ڪري هو هڪٻئي کان گهڻو پري آهن.
1- تنوير ۽ ورڊس ورٿ، ٻئي پنهنجي پنهنجي رستي تي
هلندي هڪ خاص منزل وٽان رستو مَٽي، ٻئي چاري تي
هلڻ لڳا آهن (تنوير اڳ ۾ روايتي غزل لکندو هو،
پوءِ ڇڏي ڏنائين، ۽ ورڊس ورٿ اڳ ۾ ڪولرج جي نظريات
جو حامي هو)؛ پر ٻنهي جي ڦيري جا سبب هڪجهڙا نه
آهن. تنوير کي هيءَ تبديل پوئتي وٺي ويئي، ۽ ورڊس
ورٿ کي اڳتي وٺي آئي. تنوير سنڌي ڪلاسڪس (پراڻ) جو
قائل ٿي پيو، ۽ ورڊس ورٿ هڪ نئون تجربو شروع ڪيو،
تنوير جي لاءِ ههڙي تبديليءَ جو سبب هي آهي سنڌي
(پراڻ) يعني سيدنا ڀٽائيءَ جو شعر سون سالن پڄاڻان
به پنهنجي عظمت قائم رکي سگهيو هو ۽ جدت جي پوري
صلاحيت ان جومٽ پيدا ڪري نه سگهي هئي، ان ڪري
تنوير ڀٽائيءَ کي زبان جي خيال کان مثال بڻائي ٿي
سگهيو. پر ورڊس ورٿ جي حالت ۾ اها تبديل اهڙي هئي،
جو کيس پنهنجو رستو ئي جدا ٺاهڻو پيو، ڇو ته هن جي
اڳيان سندس نظريات ۽ ٻوليءَ جو ڪو نمونو ڪونه هو.
تنوير کي ته خود ورڊس ورٿ جي دليلن به مدد ڏني
آهي.
2- ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف جي ٻي ڳالهه آهي صوفياڻو
يا عرفاني مشاهدو، ورڊس ورٿ وٽ جيڪو رومانوي آهي،
سو يقيناً عرفاني آهي. پر تنوير وٽ جيڪو رومانوي
آهي، سو ئي حقيقي آهي. ان ڪري تنوير عينيت جو قائل
آهي. هو هن زندگيءَ ۽ هن دنيا کي هڪ حقيقت تسليم
ٿو ڪري، ۽ ان ڪري هن وٽ صوفياڻو مشاهدو ڪا حقيقت
نٿو رکي.
عجيب ڳالهه آهي جو سڀئي وڏا رومانوي شاعر پنهنجي
اوج واري دور ۾ عرفاني ۽ صوفي ٿي پيا آهن. پر چئي
نٿو سگهجي ته تنوير اڳتي هلي ڇا ٿيندو. عرفاني
شاعرن وٽ جڏهن ”ڪک جي هيٺان لک“
(Awareness of Spiritual Significance in Common
Objects
جو نعرو ٿو لڳي، تڏهن معلوم ائين پيو ٿئي، ڄڻ ڪک
ڪا شيءِ نه آهي؛ اهو لک آهي ۽ جنهن پاڻ کي ڪک ۾
ظاهر ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت، هر شيءِ جا ٻه روپ ٿيو
پون، هڪ حقيقي ۽ ٻيو باطني يا ظاهري (هيءَ ڳالهه
گهڻو ڪري رومانويت جي به هڪ خصوصيت ٿي رهي آهي. سو
هن طرح جو رومانوي شاعر پنهنجي غم ۽ اوندهه جي اوج
واري ٽاڻي ۾ جذبات کي رڳو تخيل ۽ تصور مان بيان
ڪندا آهن، ۽ نه زندگيءَ جي ظاهري ۽ خارجي حقيقتن
مان. هن قسم جي تنقيد رومانوي شاعرن تي عام طور تي
ٿيندي رهي آهي.) ورڊس ورٿ هن زندگيءَ جي پويان هڪ
ٻي زندگي به ڏسي رهيو آهي، ان ڪري هر روپ ۾ هو ٻي
زندگي به ڏسي رهيو آهي، اُن ڪري هر روپ ۾ هو ڪانه
ڪا، ”حقيقت“ ڳولي رهيو آهي. جا ظاهريت کان جدا
آهي. اُن ڪري هن کي اوهان ۾ ڪتاب ٿا ڏسڻ ۾ اچن ۽
پٿرن ۾ خطبا ٿا ٻُڌڻ ۾ اچن. |