سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:19

هيءُ ڪتاب، هونءَ ته لکيل ڪتاب آهي، پر پير صاحب جي اسلوب مان ’ڳالهايل ڪتاب‘ ٿو لڳي. پير صاحب، وطن کان دور، پرديس ۾ موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا، وطن جي يادگيرين کي سميٽي لکندو ٿو رهي. اهڙي انداز ۾ ڄڻ سندس آڏو ڪو ويٺو آهي، جنهن سان رهاڻ ڪري رهيو آهي. قصو سنڌيءَ جي چيدي شاعر، نواز علي ’نياز‘ جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو ۽ اڳتي هلي، ان دؤر جي سڄيءَ سنڌ جي ادبي، سماجي، ثقافتي، سياسي توڙي اقتصادي حالتن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ٿو ڇڏي، ۽ فڪر هلندي، وچ ۾ بار بار، نواز علي ’نياز‘ جو ذڪر ائين ٿو ورجائجي، ڄڻ ڪنهن ڪافيءَ جي مصرعي کان پوءِ ٿل ورجائبو آهي. ان ٽيڪنيڪ ڪتاب ۾ معنوي ردم پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ڪو ڪافي ڳائيندڙ، هر مصرعي کان پوءِ ٿل ورجائيندو آهي، ۽ ڪافيءَ جي پُڄاڻي به ٿل جي ورجائڻ سان ڪندو آهي، تيئن پير صاحب ڪتاب جي پُڄاڻي به نواز علي ’نياز‘ جي ذڪر سان ڪئي آهي. ڪتاب ختم ڪرڻ وقت ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڪنهن سُريلي ڳائيڻي مترنم ڪافي ڳائي ختم ڪئي هجي.

وچ ۾ ادبي محفلن جو ذڪر، سياسي ٺاهه ڊاهه جا قصا، زميندارن جا رعب تاب ۽ انگريز جي آڏو ليلڙاٽيون، هارين جي ابتر حالت، مطلبي مولوين جي وعظن جا احوال، آفيسرن جا بيان، صحافت جون خبرون، بازارين جون بهاريون، عشقبازن جا اُڌما، هاج ۽ ان جي چاهيندڙن جا حال ۽ اهي به گدا شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾، قسمين قسمين ڪردار، طرح طرح جو ماحول، ائين ٿو لڳي ڄڻ هن ڪتاب جو ڪئنواس ڪنهن ميورل تصوير جان وسيع آهي. ڄڻ ڪنهن ماهر موسيقار، آلاپ ڪري، موسيقيءَ جي ٻولن کي سرجي هر جاءِ کي هر رنگ ۾ ڳايو آهي.

پير صاحب هن ڪتاب ۾ چند لاڙڪاڻي جي ٻولي استعمال ڪئي آهي. لکت ۾ اهو ئي لهجو، قائم رکيو اٿائين. ان ڪري به مون هن ڪتاب کي ’ڳالهايل ڪتاب‘ (Spoken Book) سڏيو آهي. لاڙڪاڻي وارا جمع ٺاهڻ وقت ’ي‘ کي حذف ڪيو ڇڏين.

مثال طور ڀت جو جمع ڀتين بدران ڪن ڀتن. پير صاحب جي هن ڪتاب، لاڙڪاڻي واري لهجي کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هونءَ به ٿورا سال بعد، ڪوبه لهجو اصلي صورت ۾ سلامت نه رهندو. اچ وڃ جي سهولت، ريڊيو ۽ ٽي وي، ڪتاب ۽ تعليم جو عام ٿيڻ، معياري لهجي کي ئي رائج ڪندا. ان ڪري هڪ لهجي جو هن ڪتاب ذريعي محفوظ سمجهي وڃڻ به هڪ اهم ضرورت جو پورو ٿيڻ آهي.

پير صاحب جي ادبي ڪئريئر جي شروعات افساني لکڻ سان ٿي، اها خبر ٿورن ماڻهن کي هوندي. پير صاحب جي هن ڪتاب کي پڙهي حيرت ٿي، ته خشڪ، مغزڦاڙ ريسرچ اسڪالر، نه فقط هڪ زنده دل انسان آهي، پر هڪ زنده دل ليکڪ پڻ. اهو ته پير صاحب جي ويجهن دوستن ۽ مداحن کي معلوم آهي، ته پير صاحب، ذهين، خوش طبع، ۽ حد کان وڌيڪ باذوق انسان آهي، پر لکت ۾ پيرصاحب ايڏو شگفته، رنگين، ظريف ۽ نفيس ڪڏهن به نه رهيو آهي، جيڏو هن ڪتاب ۾. هن ڪتاب ۾ پير صاحب جو فن افسانه نگاريءَ جي هڪ اهم جز ڪردارنگاريءَ جو ڪمال ڏيکاريو آهي. ڪيترا گوناگون ڪردار آهن، جن ۾ هڪ ٻئي جو ضد، ڪي مغرور وڏيرا، ڪي خان وڏي جهڙا سچا سٻاجها دوست، ڪي مطلبي مولوي، ته ڪي مولانا چستيءَ جهڙا صاف سٿرا ماڻهو ڪي ڪرڙا ڪامورا ته ڪي عيساڻيءَ جهڙا دلبر فيلسوف ٽائيپ آفيسر، ڪي مولانا ظفر علي خان جهڙا جوشيلا، پر هوش کان خالي ليڊر، ته ڪي سنجيده سياسي رهنما. مطلب ته هيءَ ان دور جي سنڌ جي ماڻهن جي هڪ Cross Section جو هڪ اونهو نفسياتي ۽ سماجي اڀياس آهي.

’مجلس محققين‘ جيڪا گانڌي گارڊن جي ’زو‘ جو هڪ حصو هئي ۽ مدي خارج، رٽائر ٿيل ڪامورن تي مشتمل هئي، هڪ مڪمل افسانو آهي، ته ٻئي طرف سنڌي ڪامورن جي ان طبقي جي هڪ مڪمل اسٽڊي پڻ.

هن ڪتاب ذريعي ڪيترن ئي آزاديءَ جي نام نهاد سورمن جي اصليت ظاهر ٿي ٿئي، ته ڪيترا مخلص، خاموش سياسي ورڪر پڻ اُڀري ٿا اچن، جيڪي هونءَ اڻ ڄاتا ۽ اڻ ڳاتا دفن ٿي وڃن ها. هڪ پاسي انگريز جي حڪومت پنهنجي پوري دٻدٻي سان ڪامورا شاهيءَ جي سهاري هلي رهي هئي، ته ٻئي پاسي آزاديءَ جون تحريڪون اُسري رهيو هيون. هڪ طرف هندو مسلم اتحاد جا نعرا لڳي رهيا هئا، ته ٻئي پاسي شڪ شبها ۽ نفرتون جنم وٺڻ لڳيون. هڪ طرف چانڊوڪين راتين ۾، کليل ميدانن ۾، ڪافيءَ جون محفلون پئي ٿيون ته ٻئي طرف مشاعرا شروع ٿيا، جن جو رنگ ڍنگ نشست برخواست، موضوع ۽ مضمون اوپرو هيو. هڪ پاسي زميندارن جي گهوڙن مصرين جا پاڻي ٿي پيتا، ته ٻئي طرف انسان بُک بيماريءَ ۽ بي عمليءَ جو شڪار ٿي رهيا.

هن ڪتاب ۾ پير صاحب ڪيترين ئي حقيقتن کي بي نقاب ڪيو آهي. انهن مان ٻه ادبي حقيقتون سنڌي ادب جي تاريخ جون اهم ڪڙيون آهن، جي پيرصاحب جي ڪتاب ذريعي اها حقيقت پڌري نه ٿئي ها، ته سنڌيءَ ۾ ’اردو رنگ‘ واري غزل جي شروعات اڻ سمجهيل رهجي وڃي ها. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اردو فارسي نموني جي غزل جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن اسان جا ٽالپر حڪمران قيدي ٿي، ’مٽيا برج‘ ۾ اوڌ جي آخري حڪمران ۽ اردوءُ جي Decadent ڪلچر جي وارث واجد علي شاهه سان گڏ رهيا، جيڪو پڻ اهڙي قسم جي شاعري ڪندو هو.

واجد علي شاهه جي صحبت جي اثر هيٺ ئي، سنڌ جي جي ٽالپر حڪمرانن اهڙي قسم جي شاعري شروع ڪئي، ۽ پوءِ سنڌ ۾ ان کي همٿايو، ۽ گدا شاهه کان پوءِ سنڌي غزل تي به اهڙو رنگ چڙهي ويو.

ٻي اهم حقيقت، جيڪا اسان جي ادبي تاريخ جي اهم ڪڙي آهي، ۽ پيرصاحب جي ڪتاب ذريعي اسان تائين پهتي آهي، اها آهي شاعري جي آداب جي شروعات جي باري ۾. پيرصاحب جي لکڻ موجب سنڌي مشاعرا اڳ به ٿيندا هئا، پر انهن ۾ ’عرض ڪيو اٿم‘ ’ارشاد‘ ’سبحان الله‘ وغيره وارا آداب تڏهن داخل ٿيا، جڏهن اردوءَ جي مشهور شاعر اڪبر الهه آباديءَ جو شاگرد عبدالمجيد صديقي، لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ اُتان جي مشاعرن ۾ اهي آداب شروع ڪرايائين ۽ عروض جي گرفت به وڌيڪ مظبوط ٿيندي وئي.

پير صاحب جي ڪردارنگاريءَ جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. پيرصاحب جي بيان ڪيل ڪن ڪردارن سان منهنجي ڏيٺ ويٺ رهي آهي، پر ٻن ڪردارن کي ته مون تمام قريب کان ڏٺو آهي، جو اهي ٻئي منهنجي ناناڻن مان هئا، اهي هئا، مرحوم امام الدين ضامن ۽ رئيس نجم الدين نجم. پيرصاحب سندن جيڪو قلمي نقشو ڪڍيو آهي، اهو هوبهو منهنجي يادگيرين سان ملي ٿو اچي. ان مان ثابت آهي ته پير صاحب کي نه فقط ڪردار نگاريءَ جي فن جو ڏانءَ ۽ ڏات آهي، پر هو پنهنجي لکڻيءَ ۾ انتهائي Accurate ۽ ايماندار اهي.

ڪراچيءَ جي ٿيئٽريڪل ڪمپنين جي شروعات هجي، خلافت تحريڪ هجي، مولوين جا وعظ ۽ وعظن تي جهيڙا هجن، اخبارن کي ڪڍڻ ۽ هلائڻ جو ذڪر هجي، خان وڏو هجي، مرحوم عيساڻي هجي، آغا نظر علي هجي، ملان ٽلو هجي، ملان ڪهاڙو هجي، سڀ ڪردار پنهنجي اصلوڪي رنگ ۾ پنهنجي مڙني خوبين ۽ خامين سميت پيرصاحب جي ڪتاب ۾ موجود آهن. ايتريقدر جو ويجهن دوستن جي غلطين ۽ اوڻاين کي به پيار، خلوص ۽ محبت سان پيش ڪيو اٿائين. مولائي شيدائي جو پيءُ فوت ٿئي، ان رات ئي مولائي کيس فلم تي وٺي ٿو وڃي. انهن سڀني واقعن ۽ ڪردارن کي بيان ڪرڻ ۾ پيرصاحب ايمانداريءَ کان ڪم ورتو آهي. پر هڪڙي ڳالهه، جيڪا هن ڪتاب کي هڪ وڏو ڪتاب ۽ هن ڪتاب جي ليکڪ کي هڪ عظيم ليکڪ ٿي بنائي، اها هيءَ آهي، ته ڪنهن به ڪردار جي اوڻائي يا ڪمزوريءَ جو ذڪر ان نموني ۾ نه ڪيل آهي، جو ان ڪردار سان نفرت ٿئي. پيرصاحب چندي باز ۽ چندي خور مولوين جو ذڪر به هلڪي ڀوڳ Light Humor جي انداز ۾ ڪيو آهي.

پيرصاحب انهن ليکڪن مان آهي، جن جو انسان جي بنيادي چڱائيءَ ۾ ايمان آهي، جن جي نظر ۾ انسان ’احسن تقويم‘ آهي ۽ ان جي خراب ڪرڻ ۾ سماج جو ڏوهه آهي. پيرصاحب جا بيان ڪيل سڀ ڪردار اهڙا آهن، جن جون ڪمزوريون ۽ خاميون چيڙائيندڙ نه پر وڻندڙ ۽ کلائيندڙ ٿيون لڳن.

هن ڪتاب جي ٻي وڏي خوبي هيءَ آهي، ته هي ڪتاب ان دؤر جي هر طبقي جي زندگيءَ جو نقشو پيش ٿو ڪري، جتي ان جي وڏيري جو ذڪر آهي، جنهن جا ڪپڙا به ولايت مان سبجي ايندا هئا، ته اُتي ان ٺيڙهيءَ جي مدرسي مان ڀڄي آيل، چيڙاڪ ۽ بد مزاج بورچيءَ جو به بيان آهي، جيڪو راشدي صاحب کي ’مريڙي‘ جي ڀاڄي ٺاهي ڏيندو هو.

پيرصاحب هي ڪتاب منيلا ۾ لکيو، جڏهن پاڻ موت ۽ حياتيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا هو. ظاهر آهي ته مصنف پنهنجي داخلي ڪيفيتن جو اظهار ئي ڪيو هوندو. هونءَ به چوندا آهن ته موت کي آڏو ڏسندڙ جو بيان صحيح هوندو آهي. هيءُ به پيرصاحب جي Dying Declearation آهي، جنهن جي سٽ سٽ ۾ ايمانداري ۽ لفظ لفظ ۾ حقيقت آهي، پوءِ اها راشدي صاحب جي داخلي ڪيفيت جو نتيجو ڇو نه هجي.

اهڙي ڳالهه جيڪا پيرصاحب جي داخلي ڪيفيت جو اظهار آهي، سا آهي سندس ماضيءَ سان بي انتها پيار. پيرصاحب سنڌي عورت جي مساڳ لڳل چپن، اڻ ڪٽيل وارن ۽ ڪجل جي تعريف ٿو ڪري. هن کي جديد فئشن نه ٿو آئڙي. ساڳي طرح ڪافين ۽ بيتن جي محفلن تائين ئي محدود رهڻ ٿو چاهي، پر ثقافت جي پاڻيءَ جان هڪ جاءِ تي بيهي رهي ته ڌپ ڪري وڃي، ثقافت (Dynamic) متحرڪ آهي، نه ڪي جامد.

تاريخ سدائين تبديل ٿيندي آهي، اڳتي وڌندي آهي، اها ڳالهه اسان جي فخر لائق تاريخ نويس کي نه آئڙي. آخر اڻ ڪٽيل وڏن، جوئن سان ڀريل وارن کان ڪٽيل، شئمپو ٿيل خوشبو لڳل وار ڪهڙي صورت ۾ گهٽ آهن؟

هن ڪتاب مان سنڌ جا نوجوان ليکڪ، هڪ اهم سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. اهو هيءُ، ته پنهنجي يادگيرين کي محفوظ ڪيو. اها ئي اسان جي دور جي صحيح تاريخ ٿيندي. جيڪي ڪجهه ڏسو وائسو، محسوس ڪريو ۽ سوچيو، ان کي رڪارڊ ڪندا رهو. ڇپڻ جي تڪڙ ناهي. جي پنجاهه سال پوءِ به اهو محفوظ ٿيل يادين جو ذخيرو ڇپيو ته ڪيتريون ئي حقيقتون بي نقاب ٿي پونديون.

بهرحال پيرصاحب جو هيءُ ڪتاب، سنڌ جي دؤر جي جيئري جاڳندي تاريخ آهي، جنهن کي پڙهي ائين لڳو، ڄڻ پيرصاحب ماضيءَ جي کاڻ مان هيرا آڻي اسان کي آڇيا آهن. پيرصاحب جيڪا سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪئي آهي، اها نه فقط سنڌ، پر سڄيءَ دنيا تسليم ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب ان سڄي تحقيق تي حاوي آهي، ڇو ته هن ڪتاب ۾ لئبررين جي قبرن مان کوٽيل ڪتابن مان پڙهيل ڳالهيون نه، پر حساس دل، روشن اکين جا تجربا، مشاهدا ۽ احساس بيان ٿيل آهن.                           

قاضي قادن جو ڪلام

مؤلف: هيرو ٺڪر.

پوڄا پبليڪيشن، 16313 / 8- C، لارينس روڊ، دهلي 110035

قيمت: رواجي 00/12، پڪو جلد 00/ 15

مهاڳ جئرم داس دولترام دعائون: رام پنجواڻي.

صفحا: مقدمه: 83 متن 60.

قاضي قادن جا وڌيڪ بيت هٿ اچڻ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ ۽ تحقيق لاءِ نوان باب کوليا آهن. اهو اسان جي ادب لاءِ هڪ نيڪ فال آهي ۽ اسان جي ادبي روايتن جي قدامت جو وڏو ثبوت پڻ.

شري هيري ٺڪر، هڪ مٺ (مڙهيءَ) مان هن ڪلام کي هٿ ڪري اُن جون پڙهڻيون قائم ڪري، ان کي ڇپايو آهي، جنهن لاءِ کيس داڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا محقق ۽ عالم به مبارڪون ڏئي چڪا آهن.

قاضي قادن جو ڪلام، ڀارت جي هرياڻا صوبي ۾ راڻيلا نالي ڳوٺ مان هٿ آيو آهي، جتي هڪ پستڪ ۾ ڪبير، سورداس، دادو ديال، شاهه حسين ۽ ٻين جي ڪلام سان گڏ ارڙهين صديءَ ۾ لکيو ويو هو.

هن واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو، ته سنڌيءَ جو وڏو ادبي ذخيرو ديوناگري لپيءَ ۾ موجود آهي. ڪجهه سال اڳ سراج پڻ برٽش ميوزم لئبرريءَ مان، ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل سنڌي بيت (جيڪي شاهه صاحب کان به اڳ جا هئا) ڳولي ڪڍيا ۽ انهن جي باري ۾ نئين زندگيءَ ۾ هڪ مضمون لکيو.

ان حقيقت کي آڏو رکي اهو لازمي ٿيو پوي، ته سنڌي قديم ادب تي کوجنا ڪرڻ لاءِ اسان جي عالمن ۽ محققن کي ديوناگري لپي سکڻ کپي ۽ ان ۾ لکيل پراڻن ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي.

ٻي ڳالهه، جيڪا هن واقعي مان واضع ٿي ٿئي، هندن جي پوتر جاين تي مسلمانن شاعرن جو ڪلام، هندن جي مذهبي توڙي ادبي شخصيتن سان گڏو گڏ رکيو ويو آهي.

اِها ان دور جي بي تعصب سماج جي خوبي آهي.

جتي سورداس، ميران ٻائي ۽ گرونانڪ آهن ته اُتي شيخ فريد، شاهه حسين ۽ قاضي قادن پڻ آهن.

قاضي قادن جي ڪلام کي هرياڻا توڙي برهانپور تائين مشهوري ملي. ان زماني ۾ سنڌ جو علم فضل ڪيڏو نه ڦهليو، اِها ڳالهه به خوشيءَ جهڙي آهي.

قاضي قادن

قاضي قادن تي هيري ٺڪر جي ڪتاب ڇپجڻ سان ئي ادبي ماحول ۾ چرپر آئي. سنڌ جي مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس مبارڪون ڏنيون. هو صاحب تفصيلي تبصرو ڪجهه وقت کانپوءِ لکندو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ’قاضي قادن‘ ۽ ’قاضي قاضن‘ نالي جي صحت تي بحث ڪيو آهي ۽ ڀڳت گرڌاري لال لکيو آهي ته: اِهو ڪلام جيڪو هيري ٺڪر ڇپايو آهي، سو ماڳهين ميان مير جو آهي، نه قاضي قادن جو.

انهن سڀني مسئلن جي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ لاءِ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تفصيلي محققانه تبصري جو انتظار رهندو. جنهن جي باري ۾ هن صاحب’هلال پاڪستان‘ واري ڇپيل خط ۾ اظهار ڪيو آهي بهرحال انهن مسئلن تي ٿوري ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته بهتر آهي.

قاضي قاضن يا قاضي قادن

اول اول، سڀني تاريخن ۾ ’قاضي قادن‘ يا ’قاضن‘ لکيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ۾ ’قاضي قادن‘ لکيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکڻ موجب بنا دليل ۽ بنا سَند جي آهي. ڊاڪٽر عبدالمجيد مختلف قديم ڪتابن جي حوالن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اصل نالو ”قاضن“ آهي. هيري ٺڪر جي باري ۾ هن صاحب لکيو آهي ته هن ’قاضي قادن‘ ڊاڪٽر بلوچ جي تقليد ۾ استعمال ڪيو آهي. حالانڪ هيري ٺڪر صاف لکيو آهي ته اصل هٿ آيل قلمي نسخي ۾ ’ڪاجي ڪاجن‘ لکيل آهي. اهو قلمي نسخو جيڪو راڻيلا جي مٺ ۾ موجود آهي، قديم آهي ان ڪري ان جي لکجڻ جو وقت به قاضي قادن کي سڀ کان ويجهو آهي، ان ڪري ان جي روايت کي ئي تسليم ڪرڻ گهرجي.

ميان مير جو مسئلو

ڀڳت گرڌاري لال انهن شعرن کي قاضي قادن جا تسليم نه ٿو ڪري، ۽ لکي ٿو اهي سندس ڀاڻيجي ’ميان مير سنڌيءَ‘ جا آهن، جيڪي اڃا تائين ڀڳت ميان مير جي نالي ڳائيندا ٿا رهن. هو صاحب لکي ٿو ته پاڻ ڀڳت هريداس جو چيلو آهي، هن صاحب اهو به لکيو آهي ته ميان مير سنڌي، قاضي قادن کان ملڪي مسئلن جي اختلاف تان ڪاوڙجي، پنجاب هليو ويو هو.

پهرين ڳالهه، ته داراشڪوهه جو مرشد ميان مير سنڌي، قاضي قادن جو ڀاڻيجو نه، پر سندس ڏهٽو هو ۽ هو قاضي قادن جي وفات وقت هڪ سال جو هو. ان ڪري هن جو قاضي قادن سان ملڪي مسئلن تي ڪاوڙجي پنجاب لڏي وڃڻ ممڪن ئي ناهي. ٻيو ميان مير سنڌيءَ جو دور قاضي قادن کان پوءِ جودؤر آهي ۽ ان وقت جي سنڌي ٻولي، جيڪا اسان کي ملي ٿي، قاضي قادن جي ڪلام کان پوءِ جي ٿي لڳي. قاضي قادن جي هٿ آيل بيتن جي زبان مان ئي لڳي ٿو ته اها قديم آهي. ان ڪري بنا ڪنهن سَند جي ۽ تاريخي حوالي جي، انهن بيتن کي ميان مير سنڌيءَ جي نالي منسوب ڪرڻ زيادتي آهي.

قاضي قادن جو سياسي ڪردار

قاضي قادن جي شخصيت سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري رهي آهي. هو سمن ۽ ارغونن جي دؤرن ۾ رهيو، سيد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو، شاهه بيگ جي لشڪر جي ڦرلٽ ۾ سندس ٻار ٻچا قيد ٿيا ۽ هو چرين وانگر کين ڳوليندو وتيو. نيٺ ڪوشش ڪري اها ڦرلٽ بند ڪرايائين. سيد حيدر سنائيءَ کي سندس مرشد قتل جي فتوا ڏني، ۽ پاڻ خاص صلاحڪارن مان هو.

قاضي قادن جي شاعري ۽ سندس سياسي ڪردار ٻه متضاد شيون آهن، پر اهڙا مثال ٻيا به آهن جو ڪي بلند پايي جا شاعر سياسي طور تي بلڪل ئي اُبتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. غالب جو مثال آهي، اقبال برطانيه جي شهنشاهه جو قصيدو لکيو، ۽ هڪ دفعي جليانه والا باغ ۾ ڪوس ڪرائيندڙ مائيڪل اوڊائر جي سڏايل جلسي ۾ انگريزن جي حڪومت جي تعريف ۾ شعر پڙهيو. ۽ خود اسان جي دور ۾ به مثال ملي سگهن ٿا.

 

قاضي قادن جي شاعري

قاضي قادن جي شاعريءَ جي اُڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو ننڍي کنڊ جي شاعراڻين روايتن کان پوريءَ طرح واقف هو، ۽ اُن جو اُونهو اڀياس ڪيو هئائين. هو، هو ته شريعت جو صاحب، پر تڏهن به صوفين وانگر ڪتابن جي علم کي ننديو اٿائين:

زيران زبران آيتان، ڪتيبان جي پڙهئه،

 

ايهه سبائي سک، جان جان پريان نه مڙءِ.

 

پڙهندو پئي ويو ڪوڙين لک قراڻ،

 

لکي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ.

 

قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ ڪيترا اهڙا موضوع آهن، جن جي روايت هن وٽان ئي شروع ٿي آهي، ۽ اهي موضوع اڳتي هلي سنڌي شاعرن جا پسنديده موضوع ٿي پيا. شاهه لطيف ۽ شاهه عنات ته اُنهن موضوعن تي سڄا سُر لکيا. ’ڪارايل‘ جي هنج جي اوائلي صورت قاضي قادن وٽ اجها هيءَ آهي:

در پورا سي گهران، حقيقتا هنجهه،
ڪوڙين هنڌان ڪڻ چڳن، سر پاڻيءَ جي منجهه.

 

ڪلياڻ جي ’ويد ۽ واڍوڙ‘ جي ابتدائي شڪل به قاضي قادن وٽ ملي ٿي:

انهان اندر ماهه، ٻاهر ڌڪ نه پڌرا،
ويد ڪريندو دانهه، پسان سي واڍوڙيا.

 

قاضي قادن هن بيت ۾ سسئيءَ جو نالو ته نه کنيو آهي، پر اُن جو پس منظر سسئيءَ پنهون جو داستان ٿو ڀانئجي:

لڳي وڃان پير، دانهان ڪندي ڏونگر،

سوئي سڄڻ ميڙ، جنهين هئون ڏکڻي.

ساڳي طرح بيت 34، 35 ۾ رامڪلي جوڳين ۽ بيت 60، 61 ۾’ملان‘ ۽ بيت 72 ۾ ’ڏهيسر‘ جو ذڪر آهي. انهن موضوعن ۽ مضمونن، جن جي قاضي قادن شروعات ڪئي، اِهي صدين تائين سنڌي شاعريءَ تي اثرانداز رهيا. ائين ٿو لڳي ته سسئي، ڪلياڻ، ڪارايل، رامڪلي، سورٺ ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جا ٻيا سر قاضي قادن جي شاعريءَ کان متاثر ٿيل آهن.

قاضي قادن جي شعر جو گهاڙيٽو

دوهي ۽ سورٺي مان بيت جي ارتقا جا ابتدائي اُهڃاڻ پڻ قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ لڀن ٿا. دوها چند به قاضي قادن وٽ آهي، جيئن:

جتي سنسار سچ سان سه جا سائين ساڻ هوءِ،
تو پڌر هي ٻيڙا تري، جه ٿانءَ نير نه ڪوءِ.

 

سورٺا ڇند جا مثال پڻ ملن ٿا، جن ۾ قافيو ٻنهي مصراعن جي وچ ۾ ٿو اچي:

سيڻا هنڌو سگيو، پپيهو آيو،
لَکي لوڪ نه سگهيو، اسان ڳالهايو.

 

دوها سورٺا ميل جا مثال پڻ آهن:

سچي سائينءَ سان تون م ڪر ڪوڙي ڪوڙيان،
جي ٿو منجهه هيان، وو سڀ ڪلي پرکڻو.

 

ٻن سٽن وارا بيت گهڻا آهن، پر قاضي قادن وٽ ٻن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارن بيتن جا مثال پڻ موجود آهن:

سچ پيارا سائينيان، سائينءَ سچ سهاءِ،
 

سچي منگل نه دهئه، سچي سرپ نه کاءِ،
سچ سمنڊان سر چڙهئه، ڪوڙ ڪکائين باهه،
جڏهون ڪڏهن ڪوڙ کي ڏيندو سچ سزاءِ.
 

تون آڌار سڌار تون، تون اڏائون اڏ،
تون اکڙين مون، تون ئي اندر هڏ،
ڳل لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجت سڏ.
 

ٻن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارن بيتن ۾ قافيو سڀني سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ٿو اچي. قاضي قادن جي هٿ آيل بيتن مان، هيٺين بيتن ۾ سندس مشاهدي جي قوت، اصليت ۽ فڪر جي باريڪين جا اُهڃاڻ ملن ٿا:

جي سالورو سڌ لهي، ڪنولان سندي ڪاءِ،
تو پيو پاتال ۾، هوند نه مٽي کاءِ.

 

روز محشر ڏينهڙي، ستر سج تپن،
سڀوئي جر ڀانئيان، جي مون پرين مڙن.
 

ماوَ مصلو ويرُ هائي ويئي وساريون،
عيد ڪريندو ڪير، ماکي سڄڻ گڏيو.
جيئن ڦڦڙ ماهه ۾، ايئن روزا عيد نماز،
اڃا آهي ڪاءِ ٻي، الله دي حاج.

شري هيري ٺڪر هن بيت جي معنيٰ ٺيڪ نه ڪئي آهي. چوندا آهن ”ڦڦڙ نه گوشت“ معنيٰ ماس ۾ ڦڦڙ کي گهٽ اهميت حاصل آهي، تيئن روزن ۽ عيد نماز کي ’ٻي حاج‘ کان گهٽ ڀانئجي. هن جو مفهوم شاهه لطيف جي بيت ”ايءُ پڻ چڱو ڪم“ سان ملي ٿو اچي.

ڏيهه لٿا سنجها پئي، اڳون آئي رات،
کڙا پڪاري پاتلي، ٻيڙا ڪر وات.
 

پريان سندي ڳالهڙي مر منجهن لئي هوءِ،
ٻڌائين ٻين کي، ڪيهو ڪاجَ سريوءِ.

ڪڏهن ٻيريءَ پور، ڪڏهن ڦل نه هڪڙو،
ڪڏهن پريان جا پور، ڪڏهن سڪان سڏ کي.

جي سائين سون سچ، تو ڀوَ ڪوڙا ستڙي،
اُڀي ٿي ڪرنچ، توڙي اڱرڙا پلئه.
 

مٿي ڏنل بيتن جي اُڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي شاعري قاضي قادن جي دور ۾ ايتري رچيل ۽ ترقي يافته هئي، جو اُن ۾ ڳوڙها ۽ پيچيده خيال، ڀانت ڀانت جا موضوع، مشاهدي ۽ مطالع جا نتيجا اچي ٿي سگهيا ۽ فيلسوفيانه توڙي صوفيانه، ڀڳتي توڙي ويدانت جا مضمون سمائجي ٿي سگهيا.

شاهه لطيف تي قاضي قادن جو اثر                      

هر شاعر تي پنهنجي اُبتدائي دور ۾ کانئس اڳ جي مشهور شاعرن جو اثر پوندو آهي. ڪي ادبي روايتون هونديون آهن، جن جو بنياد ڪي شاعر وجهندا آهن ته ٻيا وري انهن روايتن کي سنواري، سينگاري، ڇلي گهڙي، فن جي بلندين تائين پهچائيندا آهن. قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه عنات جي روايتن کي شاهه لطيف پنهنجي فن سان سوڌي سنواري، ڇلي گهڙي چوٽ تي پهچايو. قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ اِهي اهڃاڻ ملن ٿا، جن روايتن تي هلي، سنڌي شاعري اڳتي وڌي ۽ شاهه لطيف وٽ پنهنجي انتهائي بلنديءَ تي پهتي. قاضي قادن کوٽائي ڪري پيڙهه ٻڌي، شاهه ڪريم ۽ شاهه عنات ان تي اوساري ڪري ڍانچو تيار ڪيو ۽ شاهه لطيف ان کي رنگ روپ هڻي سينگاري، سنواري اُن کي هڪ خوبصورت عمارت بنايو.

قاضي قادن جا بيت آهن:

لائي لام الف سان ڪاتب لکين جيئن،

مون هينئڙو پرين سان لڳو آهي تيئن.
 

ڪايا مهه ڏيئي، پيٺا جي درياهه ۾،
پسندا سيئي، ماڻڪ اکڙين سين.
ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور ئي ولها،
هوئي جر سالور، لڌي نه ڪنولان نهه ڪر.
 

عين قصر دردک، ڪوڙين سهسين کڙڪيان،
جان ئي ڪرين پرک، تان ئي سڄڻ سامهان.

پتو ڦٿو پيٽ ۾، وڍي ملان ماهه،
ڏوئين ڏٺي ڌوڙ ۾ الله اوري آءُ.

ستو سڄي رات، مهه ڍڪي مئن جيئن،
نه تو سنبل تات، نه جهوري تو آهه ڪا.
                     

هنن بيتن ۾ ليڪ ڏنل محاورا شاهه لطيف وٽ به ملن ٿا، ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته قاضي قادن جو اثر شاهه لطيف جي دور تائين به رهيو. شري هيري ٺڪر جي لکڻ موجب ”ساهتڪ کيتر ۾ ڪرامتون نه ٿينديون آهن.“ (ص 23)

هر شاعر ڪنهن ماحول ۽ پس منظر جي پيداوار هوندو. قاضي قادن تي پنهنجي همعصرن ۽ اڳ وارن شاعرن ڪبير، سورداس، شيخ فريد، گرونانڪ ۽ ميران ٻائيءَ جو اثر آهي (ص 29).

ڪي بيت گرو گرنٿ ۾ پڻ ’دادو ديال‘ جي نالي آهن (ص 43)، جن جي ٻولي سنڌي آهي، هيري ٺڪر وٽ جيڪي ’دادو ديال‘ جا بيت آهن، تن مان هو صاحب اِهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اِهي بيت هن قاضي قادن کان متاثر ٿي چيا آهن. اِهي سڀ ڳالهيون شري هيري ٺڪر جي ڳالهه ته ’اَدبي کيتر ۾ ڪرامتون نه ٿينديون آهن.‘ جي ثابتي آهن. قاضي قادن پاڻ کان اڳ شاعرن تان اثر ورتو ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ شاعرن تي اثر وڌائين.

هيري ٺڪر جي هيءَ ادبي کوجنا، سنڌي ادب تي هڪ احسان آهي. بهتر هو ته اصل نسخي جا فوٽو پڻ ڏنا وڃن ها. ان تصنيف سنڌي عالمن ۽ ماهرن لاءِ نيون راهون کوليون آهن. هن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، شري موتي لعل جوتواڻي، شري منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻين ماهرن کي قلم کڻڻ گهرجي ۽ پنهنجا رايا ڏيڻ گهرجن.

 

ڳاڙها هٿ پيلا چهرا

 

مون هڪ هنڌ اڳي به چيو آهي، ته جڏهن اسان جي ڪٽنب ۾ ٻار ڄمندو آهي ته اسان سهرا ڳائي، جهمر پائي خوشيون ڪندا آهيون. اسان جي ليکڪن جي ڪٽنب ۾، ڪتاب جو شايع ٿيڻ به اهڙي ئي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، اسان کي اها خوشي ڀرپور نموني ملهائڻ کپي.

مهاڪوي ٽئگور لکيو آهي: ’ته هر نئون ڄاول ٻار اهو نياپو ٿو آڻي، ته خدا اڃا انسان کان مايوس نه ٿيو آهي.‘ ساڳي طرح سنڌي ادب ۾، هر نئون شايع ٿيل ڪتاب اِهو نياپو ٿو آڻي، ته سنڌي ٻولي ۽ ادب کان مايوس ٿيڻ ڪفر آهي.

آخر هن ٻوسٽ ۾، تخليق کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي. هتي مون کي فرينچ نوبل پرائيز کڻندڙ شاعر ’سينٽ جان پرس‘ جون سٽون ياد ٿيون اچن:

Fautil crier faulil c`reer?

Quidone nous cre`e en cet instant?

Et contre la morte elle- me` me

ne `stil que de cre `er?

ماتم ڪجي يا تخليق ڪجي؟ اسان مان ڪير آهي، جو هن پل تخليق ٿو ڪري؟ ۽ موت (آهي به ڇا؟ جي آڏو- تخليق ڪرڻ کانسواءِ ٻيو؟)

ته موت جو جواب تخليق آهي. موت مري ته نه ٿو سگهي، پر تخليق ذريعي زندگي ته قائم رهي سگهي ٿي.

هڪ دفعي پڪاسو کان پڇيائون ته ’نئين نسل جا ڪهڙا فنڪار آهن؟‘ هن جواب ڏنو ته ’مان‘- مان به جيڪر ساڳيو جواب ڏيان، الائي نئين ٽهيءَ وارا مون کي قبول ڪن يا نه. پر منهنجي راءِ ۾ فنڪار کي سدا بهار رهڻ کپي. منهنجو هڪ دوست، جيڪو تازو آمريڪا مان ٿي آيو آهي ۽ تعليم سان واسطو اٿس، ان ٻڌايو ته اُتي، اعليٰ تعليم ۾ هر پروفيسر کي وڌ ۾ وڌ پنج- ڇهه شاگرد آهن، جن تي هو محنت ڪري کين ماهر ٿو بنائي ۽ پروفيسر پنهنجي ڪاميابي اُن ۾ ٿو سمجهي، جو شاگرد کانئس به وڌيڪ مهارت حاصل ڪن، سو منهنجي وجود جي ڪاميابي اِها ٿيندي، جو ذوالفقار سيال، اياز گل، تاج جويو، نصير مرزا، مختيار ملڪ ۽ ٻيا نوجوان- مون کان بهتر شعر لکي سگهن.

ائين نسل درنسل ارتقا ٿيندي رهي، وري به هڪ جديد فرينچ شاعر جو حوالو ڏيندس، اُهو آهي ’جوليس سپرويل‘. هو چوي ٿو ته:

Tout senle est la Terre

et pourtant et pourtant

Iu faut bien que chaeum la frorte

sur le dos

Et meme quand it dort encore ce far deau

Que Le fait soupirer au fond de sa sommeil,

Sous une charge saus pareille!

plus lourde que jamais La Terre

en temps de gnerre

Nous I` entendons ge` mirsur

nos e`paules Less es

Poursau el` horrible eris

Qui de`vorent I`espase

Mais il faut La Porter to jouss

Un Peu Plus Loin

Pour La Fair Passer d`ojourdhui

A`demain.

ڌرتي ڏاڍي ڳوري آهي.

هر ماڻهوءَ کي پنهنجو بار پنهنجي پٺيءَ تي آهي.

-

ڌرتي ڏاڍي اڪيلي آهي- پر تڏهن به - پر تڏهن به-

۽ اسان مان هرهڪ کي اها پُٺن تي کڻڻي آهي

۽ ننڊ ڪندي به اهو بار اسان کي پيڙي ٿو.

جنگ جي وقت، هيءَ ڌرتي هميشہ کان به

وڌيڪ ڳوري آهي-

اسان پنهنجي ٿڪل ڪلهن جو ڪنجهڻ ٻڌون ٿا،

۽ انهن جون دردناڪ رڙيون پڻ.

جيڪي خلا ۾ گونجن ٿيون.

پر تڏهن به، اسان کي هميشہ اهو بار کڻي

اڳتي وڌڻو آهي.

جيئن ڌرتيءَ کي اڄ کان اڳتي وڌائي،

’سڀاڻي‘ تائين پهچايون.

ته اسان جو فرض آهي، ته اسان پنهنجي سماج کي

سڀاڻي ڏانهن وٺي هلون.

جنهن لاءِ لطيف چيو آهي:

’سج سڀاڻي جا ڪري، سائي ساميءَ روءِ.‘

هاڻي اچو ته ڏسو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون.

تازو آمريڪي دانشور ايلون ٽوفلر جو هڪ مضمون ڇپيو آهي، ان مضمون جو عنوان آهي ٽئين لهر (Third wave). هن جي خيال موجب، انسان ذات جي تاريخ ۾، پهرين لهر اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ آئي، جڏهن زراعت ايجاد ٿي.

ٻي لهر صنعتي انقلاب هئي، جڏهن سماج ۾ اجتماعيت (Massification) جو رجحان پيدا ٿيو، جمهوريت، آزادي ۽ ٻيا قدر نروار ٿيا. هن جي خيال ۾ ٽئين لهر ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪس توڙي مواصلات جي تڪڙي ترقيءَ جي ڪري شروع ٿي آهي. هاڻي ڏسون ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟

اسان وٽ اڃا زرعي سماج آهي، صنعتي انقلاب جي ٻي لهر اڃا شروع ئي مس ٿي آهي. اسان وٽ اڃا سماج جي اجتماعجڻ جو عمل شروع ئي نه ٿيو آهي. انفرادي سوچ آهي، پر اجتماعي قدر نه آهن. جمهوري سيڪيولر توڙي حقيقت پسنداڻي سوچ ۽ عمل اڃا اجتماعي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا آهن. اسان اڃا صديون پوئتي آهيون. جيئن وڻ، ڪوڏ ۽ هڏا پنڊ پهڻ ٿيندا آهن، Fossilize ٿيندا آهن، تيئن ثقافتون، قومون، ۽ زبانون جيڪي تاريخ کان پوئتي رهجي وينديون آهن، اهي به فاسلائيز ٿي وينديون آهن. ڇا عبراني، لاطيني توڙي سنسڪرت زبانون فاسلائيز نه ٿي ويون آهن؟ ڇا قديم مصري، قديم يوناني توڙي موهن جي دڙي جون ثقاقتون فاسلائيز نه ٿيون آهن؟ مغل تهذيب جنهن جو اڊمبر ۽ شان ننڍي کنڊ تي صديون هليو، اُها فاسلائيز نه ٿي وئي آهي ڇا؟

ته پوءِ سوال آهي ته سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي به فاسل ٿي، ميوزم جي زينت بڻجي ويندي ڇا؟

ان جو جواب اسان کي ڏيڻو آهي- اسان جيڪي سڄاڻ، ڏاها ۽ ليکڪ سڏايون ٿا.

جي اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو، ته سنڌ تاريخ جي وهڪري سان اڳتي وڌندي رهندي ۽ جي نه، ته پوءِ يقيناً سنڌ فاسلائيز ٿي ويندي.

ادب بدلجندڙ سماج جو بئرو ميٽر آهي. اهو درست آهي ته اسان وٽ اڃا ٻي لهر شروع ئي مس ٿي آهي، ته اسان جو ادب هينئر انهن روشن رستن کي ڪيئن سڃاڻي سگهندو، جن تي يورپ ۽ آمريڪا هلي رهيا آهن.

ادب سماج کي به بدلائيندو آهي، قدرن کي موڙيندو آهي، رهبري ڪندو آهي. اهو سڀ اسان کي ڪرڻو آهي. اسان کي سچ، سونهن، بي تعصبي، حقيقت پسندي ۽ جمهوري قدر، انهن سڀني ڳالهين ڏانهن عوام کي لاڙڻو آهي، پر اسان اڪيلي ائين ڪيو ته ڳالهه هوا ۾ رهجي ويندي، اُن سان گڏ جي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت اڳتي نه وڌي ته اهو سماج پيدا نه ٿيندو، جيڪو اسان جي تاريخ کي اڳتي وٺي هلي. اسان کي اُن لاءِ به پاڻ پتوڙڻو پوندو، ڇو ته سائنسي ۽ صنعتي ماحول کانسوءِ وهمن، وسوسن ۽ بي بنياد مفروضن (Dosmas) جي ماحول ۾ سچ سونهن، حقيقت پسندي ۽ سيڪيولرزم رڳو عڪس هوندا، اصلي تصوير نه هوندا.

ته اسان جو اهوئي فرض آهي جيڪو ’جوليس سپروائيل‘ جي نظم ۾ ’اڄ کان اڳتي هلي سڀاڻي تائين پهچڻ‘ بيان ڪيو ويو آهي. اسان اُن کان وڌيڪ ڪابه چڱي ڳالهه ڪري نه ٿا سگهون، جو اسان جو نئون نسل، اسان کان بهتر زندگي گذاري سگهي. هي سڀ ڳالهيون ان ڪري چيم جو مون کي خبر هئي ته منهنجي آڏو نوان نوجوان هوندا، ڇو ته جنهن جي مجموعي جي مهورت جو شرف مون کي بخشيو ويو آهي، اهو پڻ نوجوان آهي.

هاڻي اچو ذوالفقار سيال تي.

هن پياري شاعر، وڻندڙ مهانڊن ۽ دلفريب طبيعت واري نوجوان ۾ سُٺي شاعر ٿيڻ جا سڀ جيوڙا موجود آهن. سندس هي مجموعو جنهن تي اڄ بحث ٿي رهيو آهي، اهو مون کي ٽي ڏينهن اڳ مليو آهي. ٽي ڏينهن، ڪنهن شاعر کي پڙهڻ، سمجهڻ، ماڻڻ ۽ ان جي فن تي راءِ ڏيڻ لاءِ تمام ٿورو عرصو آهي. ان ڪري منهنجي راءِ ۾ ڪا گهٽ وڌ ڳالهه هجي ته اها ذوالفقار سيال جي ڳچيءَ ۾ آهي. پر ايترو ضرور آهي جو جنهن ’تخليق‘ جو مون اڳي ذڪر ڪيو آهي، اها سندس شاعريءَ ۾ موجود آهي ۽ کيس ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي، رڳو ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. سولن لفظن ۾ ’تخليق‘ معنيٰ اها شاعراڻي ڪوشش جيڪا اڳي ڪنهن نه ڪئي هجي، پوءِ اهو استعارو هجي، تشبيهه هجي، انداز بيان هجي يا گهاڙيٽو.

ذوالفقار جا هي شعر سندس تخليقي اصليت (Creative Originality) جا شاهد آهن:

ڏسڪي ساري ڏات پئي آ ڪاراٽيو جيون

سڀڪو آهي صليب تي

اتي جيون جي ڪاراٽجڻ جي ترڪيب نئين نڪور آهي.

جنهن ويلي تنهنجو عڪس ٽٽو،

مون ميڙي شيشو جوڙيو هو.

نهنڊ ڏئي ڪنهن ڇوڏو اکيليو ڦٽ ڪري پيو آهي

الا! هي جيءُ جهري پيو آهي.

ڌرتتي آ ۽ واري چوڌاري،
ڇا ڪندو شيشي جو اهو سايو.

ذوالفقار جو انهيءَ شعر ۾ عڪسيت اهڃاڻي شاعريءَ توڙي بيان جو ڪمال آهي.

’شيشي جي پاڇي‘ جو تصور ڪرڻ ۽ اُن جو اِن ريت اظهار ڪرڻ ڪنهن معمولي شاعر جو ڪم ناهي، اهو شعر اهڙو شعر آهي، جنهن تي هوند مان به فخر ڪيان.

ذوالفقار جي سرسري اُڀياس مان مون کي ائين لڳو ته هيءُ شاعر بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي. هونءَ ته هن وايون، گيت ۽ آزاد نظم پڻ لکيا آهن، پر هن غزل گيتن جي حصي ۾ شامل ڪيا آهن. جيئن:

ياد تنهنجي تري آئي من تي وري.

ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙن ٿا، ڪونجون ڪڻڪي گيت چون.

پر ذوالفقار سيال شاعريءَ جي غزل جي صنف تي قبضو ڪيو آهي، جنهن شيءِ کي ’تغزل‘ چوندا آهن، اها سندس شاعريءَ ۾ عام جام آهي. منهنجي خيال ۾ هتي ويٺل دوستن کي تغزل جي معنيٰ سمجهائڻ جي ضرورت ناهي، پر تڏهن به اهو ڪافي ٿيندو ته ’تعزل‘ معنيٰ آهي اشاري ۾ وڏي ڳالهه چئي وڃڻ، بوند جو ذڪر ڪري سمنڊ جو تصور ڏيڻ.

ذوالفقار سيال جو تغزل ڏسو:

هرڪو چهرو تو جهڙو آ
ڀُلجي اڪثر آءٌ پوان ٿو.
تو بن تنها هيڪل وياڪل
ڏينهن نه پڇ ڪيئن گهاريو مون.
 

اسان ته اڳيئي گنهگار آهيون،
فرشتا به مرڪي تون ٿيڙي ويو آن.
 

ڪو تعلق نه آ گفتگو نه سهي،
نيڻ مرڪي کڻي بس بهاري ڇڏيو.

مٿين ٻنهي شعرن ۾ ته ۽ نه جو ڇڪجڻ سٺو نه ٿو لڳي. ڪي ٻيا تغزل جا شعر:

ڪوئي ايندو اڱڻ تنهنجي شايد تڏهن
 وار پنهنجا ڦٽل تون سنوارين پيو.
 

لوڪ توکي سڃاڻي ٿو ليڪن
توسان منهنجو جڏهن حوالو آ.
 

شيخ زاهد پارسا ۽ دل سڙيا
مئڪدي ۾ رات سڀڪو ئي گڏيو.
 

هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ پٿر
آيو ڪو ديوانو هوندو.
 

پنهنجي ٽٽي جي دل ته ڪائي ڳالهه ناهي پر،
ان ۾ هو تنهنجو عڪس ٿيو چور دوستو.
 

تو جي سامهون اچي دلربائي ڪئي
مون نئين درد جي رونمائي ڪئي.

ذوالفقار جا اهي شعر ڌيان سان پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته تغزل ڇا هي.

ذوالفقار وٽ سهڻا عڪس به آهن، پر اهڙا عڪس جن ۾ اصليت آهي، جيڪي سندس ذاتي مشاهدي جي سبب تخليق ٿيا آهن:

چيڙهالن اڻڀن وارن ۾ ڳتي آئي ڳاڙها گُل

سپنا روح ۾ رهنڊ وجهن ٿا

چانڊوڪيءَ مان وهنجي آئي باکن جهڙا ڳاڙها ڳل

سپنا روح ۾ رهنڊا وجهن ٿا.

هنن سٽن ۾ ’چيڙهالا اَڻڀا وار‘ ۽ انهن ۾ ڳتيل ’ڳاڙها ڳاڙها گل‘ ۽ ’روح ۾ رهنڊ‘ عڪس ته آهن، پر ذوالفقار جا انفرادي عڪس آهن. ان کانسواءِ ’ڳتي‘ ’ڳاڙها‘ ۽ ’ڳل‘ جي تجنيس حرفي ان شعر کي ڪيڏي نه موسيقي بخشي آهي.

شاعري پنهنجي دور جي حالتن جو عڪس هوندي آهي. اسان ڪهڙي دور ۾ رهون ٿا، اِهو به ذوالفقار پنهنجي شاعراڻي لهجي ۾ رڪارڊ ڪيو آهي. هر شاعر کي پنهنجي آڏو گذرندڙ حالتن جو اظهار شاعراڻي انداز سان ڪرڻ گهرجي. سياستدانن جو پنهنجو طريقو آهي ۽ شاعرن جو پنهنجو. ذوالفقار جو شاعراڻو طريقو ڏسو:

    ڪين ٿيو آ درد جو درمان تنهنجي شهر ۾

اهو سڄو غزل توڙي روايتي آهي، پر هن دؤر جي سڄي تصوير اکين اڳيان آڻي ٿو، يا هي شعر پڙهو:

وقت جي وير ۾ حالتن جي هٿان،
روز ويٺا ٺهون روز ويٺا ڊهون.
 

رستي هجوم آهي، ڪنهن کي ٽنگيو ويو آ
پنهنجي هٿان وري ڪو شايد ڏنگيو ويو آ.

اهو شعر اسان سنڌين جي نفسيات جي پوري ترجماني ڪري ٿو. سندس هڪ غزل سڄو ئي حال جو قال آهي:

ساٿ سلامت سارو آهي
ڪات اُڀو ٿيو يارو آهي
ڏاهپ جو انعام انوکو
پٿرن جو وسڪارو آهي.
 

چنڊ کڻي اچ گڏجي ڳولهيون
رات جو وحشي ڪارو آهي.
 

ان شعر ۾ ٻيا بند ته سٺا آهن، پر چنڊ کڻي، ڪاري وحشيءَ کي ڳولڻ جو عڪس ڪنهن معمولي شاعر جو ڪم ناهي.

ذوالفقار نئين ٽهيءَ جو شاعر آهي Angry young man آهي، پر سندس انقلابي اظهار جذباتي، سطحي ۽ نعري بازيءَ وارو نه، پر شاعراڻو آهي:

انصاف نه خيراتي آهي
زنجير ڪڏهن کَڙڪاياسين.
 

شيشي جي ديوارن آڏو
پٿر ڪوئي ماري ڇڏجان.
 

زلف قلم جو چاقو پڪڙي
تاريخن کي جهير ڏيان ٿو.

ذوالفقار جا آزاد نظم چڱا آهن. سقراط جو پويون سڏ تاريخي آهي. ’ارتقا‘ حقيقت پسندي آهي. ’ڇتا ڪتا‘ اُهڃاڻي شاعريءَ جو سٺو مثال آهي ۽ ’اشرف المخلوقات‘ سڄو ورجائڻ جهڙو آهي:

دنيا جي سارن دردن
انسان کي ايترو
نقصان نه ڏٺو آهي
جيڏو هن ڌرتيءَ تي
ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي
ڪنهن نه ڪنهن بَهاني  ڏنو آهي-

ذوالفقار ڪٿي ڪٿي روايتي به ٿي وڃي ٿو. اهي ئي ڳالهيون، اهي ئي اسلوب، اهي ئي تشبيهون ورجائي ٿو، جيڪي هن دور جا گٺل رڪارڊ آهن. ان کان پاسو ڪرڻ گهرجيس، جيئن:

- ڦولن ۾ رت منهنجو آهي-
- در در تي لاشا آهن-
- بهارون صليب ٺاهي آيون-

 

۽ ٻيا اهڙا ڪيئي اصطلاح، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا. ذوالفقار ۾ سُٺي شاعر بڻجڻ جون سڀئي صلاحيتون آهن. مان چاهيان ٿو ته هو اڳتي، گهڻو اڳتي ۽ اڃا به اڳتي وڌي وڃي.

 

سفرنامو

 

تنوير جي هن سفر نامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سفر نامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.

- طارق اشرف

                    (ڏوري ڏوري ڏيهه جي مهاڳ مان ورتل)

 

چنڊ ٻه ٽڪر

(سفر نامو)

ڪسٽم مان نڪري ٻاهر آياسين ته سامهون موتي پرڪاش ٻانهون کولي بيٺو هو، مون سامان جي ٽراليءَ کي زور سان پري ڌڪو ڏنو ۽ اڇلايو، ٻانهون کولي موتيءَ ڏانهن ڊوڙيس، اسان ٻنهي جا سينا ملي ويا. هڪ ٻئي جي ٻکَ ۾، هڪ ٻئي جي دل جي ڌڙڪڻ ۽ ساهه جي اچ وڃ سمائجي ويئي. ائين لڳو ڄڻ ٻن سالن کانپوءِ منهنجو روح ڳوڙهن سان وضو ڪري اڇو اُجرو ۽ پاڪ ٿي پيو هجي. اهو ڀاڪر اهڙو هو جو دل نه پئي چاهيو ته ختم ٿئي. مون آلين اکين ۽ ڌنڌلي ٿيل نظر سان موتيءَ جي پٺيان هڪ سٻاجهو، نماڻو، سانورو ۽ سنهو شخص بيٺل ڏٺو، جنهن جي اکين ۾ اُڪير هئي. مون کي پڪ ٿي ته هو نارايڻ شيام آهي. نارايڻ شيام- اسان جي دور جو مها ڪوي، مون کي لڳو ته هو به مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻڻ لاءِ بيتاب آهي. پر موتيءَ کي ٻانهن مان ڪيئن ڪڍان ۽ موتيءَ جي ڀاڪر مان ڪيئن نڪران. وري سوچيم: شيام کي ڀاڪر ۾ ڪيئن وٺان. حياتيءَ ۾ پهريون دفعو مون پاڻ کي اڻ پورو محسوس ڪيو، ائين ڀانيم ته جيڪر مون کي چار ٻانهون ۽ ٻه جسم هجن ها، ته مان موتيءَ ۽ شيام- ٻنهي کي هڪ ئي وقت ڀاڪر ۾ آڻي سگهان ها.

موتيءَ ڀاڪر ۾ سڏڪا ڀريا. منهنجيون اکيون وڌيڪ آليون ٿي ويون. شيام جي تصوير ڌنڌلي ٿي ويئي. اُتي مون کي شيام جو ئي هڪ شعر ياد آيو:

رهنديون اکيون ته ڪين روئڻ کان سوا ڪڏهن،
پر لڙڪ روڪي صاف به ڏسنديون نه ڇا ڪڏهن.

الائي ڪيتريءَ دير کان پوءِ، نه چاهڻ جي باوجود به اهو ڊگهو ڀاڪر ختم ٿيو.

يڪدم شيام ٻانهون کوليون، مون پڇيو، ”نارايڻ شيام؟“ ۽ شيام جواب ڏيڻ کان اڳ ۽ مان سندس جواب جي انتظار ڪرڻ کان سواءِ هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ اچي وياسين. منهنجي بيوقوفيءَ واري سوال جو جواب شيام جو ڀڪوڙيل ڀاڪر هو. ڄڻ چئي رهيو هجي: ’ها تنوير، مان شيام آهيان، نه ته ٻيو ڀلا ڪير توکي ايڏي قرب مان ڀاڪر پائيندو.‘

ڳوڙها، سڏڪا، ڳراٽڙيون، سڀ رلمل. ايئن لڳو ڄڻ منهنجو ئي وڇڙيل حصو مون سان مليو هجي. ڄڻ ٻه ٽڪر ٿيل چند جا ٽڪرا هڪ وار ملي ويا هجن، ۽ پورنماسيءَ جو چنڊ چمڪي اُٿيو هجي. ان ڀاڪر ۾ سڪون هو ۽ ان روئڻ ۾ آنند. جي مون کان ڪو پُڇي ته ڪڏهن روئڻ ۾ آنند مليو اٿئي ته مان چوندس ته ها. وڇڙيل پيارن کي ياد ڪري، يا انهن سان ملڻ وقت روئڻ ۾ آنند ملندو آهي. الطاف کي ياد ڪندي، يا شيام، موتيءَ ۽ ڪلا سان ملڻ يا موڪلائڻ وقت ۾ آنند ملندو آهي.

چاليهن سالن جو وڇوڙو- ڪاش هيءُ ڀاڪر به چاليهه سال هلي ها. پر دبئيءَ لاءِ رڳو هفتي جي ويزا هئي. اهو ٻيو ڊگهو ڀاڪر به نه چاهيندي به ختم ڪرڻو پيو. ڀاڪر ختم ڪري مون شيام جا پير ڇُهيا ۽ هٿ چميو. اهو هٿ جنهن سان هن پاڪ، معصوم، پيارا ۽ سهڻا شعر لکيا آهن.

جڏهن موتي ۽ موهن گيهاڻي پهريون دفعو ڪراچيءَ ۾ مليا هئا ته کين چيو هيم ته ”منهنجي پاران نارايڻ شيام جا هٿ چمجو.“ اها منهنجي تمنا هئي ته مان سندس هٿ چمان. ۽ اڄ دبئيءَ ۾ منهنجو اهو سپنو. ساڀيان ٿيو هو. منهنجي پنهنجي ئي شعر وانگر:

سڀڪو  سپنا  ماڻي

ساڀيا ماڻي ڪوڪو.

اهو سپنو نه هو پر ساڀيا هئي، ته دبئي ايئر پورٽ تي موتي پرڪاش ۽ نارايڻ شيام منهنجي ڀاڪر ۾ هئا. اها ساڀيا سپني کان به وڌيڪ حسين هئي.

قمر ڏي ڏٺم، ان جي ڳلن تي ڳوڙها پئي ٽمڪيا. سندس چپ لُڏي رهيا هئا ۽ کاڏي ڏڪي رهي هئي. سندس ڳوڙهن ۾ خلوص ۽ پيار جي جوت هئي.

موتيءَ آيل دوستن سان واقفيت شروع ڪرائي.

”موهن گيهاڻي.“

موتيءَ سان گڏ 1984ع ۾ ڪراچيءَ آيو هو، سڃاتو مانس حقيقت پسند، قربائتو، سنڌ جو عاشق.

”گوپ ڪمل.“

هوشيار اکيون، سٻاجهي صورت، نرم لهجو، ڀريل بُت.

”گورڌن شرما.“ سانورو، پورو پنو بت، نماڻو، نهٺو.

”عطا سنڌي.“ ڊگهو،سنهڙو، قربائتو. سنڌ ۾ اڳي به هڪ دفعو ملاقات ٿيل هئي.

سڀني وٽ اُڪير جا انبار هئا. هڪ هڪ جي دل پيار سان ٽمٽار هئي. هڪ هڪ جي ڀاڪر ۾ الڳ احساس هو. جيئن مختلف گلن جي رنگن ۽ سرهاڻ ۾ ڌار ڌار لطف هوندو آهي، تيئن هنن دوستن مان هرهڪ جي ڀاڪر ۾ اُڪير جو الڳ لهجو هو. پر هر هڪ جي ڀاڪر ۾ مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ سندس دل، سندس سيني مان نڪري اچي منهنجي دل کي ڇهيو آهي.

مون اکيون کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو. سج لهي چڪو هو. ميرانجهيءَ سانجهيءَ ۾ دبئيءَ جون عمارتون پاڇولن جان لڳي رهيون هيون، جن ۾ بتين جون روشنيون ڌڙڪي رهيون هيون. بهار جي ٿڌڙي هوا جا جهوٽا لڳي رهيا هئا. اها پهرين مارچ 1986ع جي شام هئي. دبئيءَ تي بهار آيو هو. مون ڪار ۾ ويهندي موتيءَ ۽ شيام کي چيو، ”هونءَ بهار ۾ گل ٽڙندا آهن. هن بهار ۾ اسان جون دليون ٽڙيون آهن.“

ڪار اسٽارٽ ٿي. مون دريءَ مان ٻاهر نهاريو، سانجهيءَ جي روشنيءَ ۾ ايئر پورٽ جي سامهون هڪ وڏيءَ جديد طرز تعمير تي ٺهيل شاندار مسجد جو پاڇولو Sighnitte نظر آيو. ڪار اڳتي وڌي، پاڇولو پوئتي وڃڻ لڳو. اسان اڳتي وڌندا وياسين.

هوٽل جي لفٽ ۾ مون شيام جي سڳنڌ محسوس ڪئي. مون کي سندس ئي هڪ شعر ياد اچي ويو، جيڪو مون سڀني کي ٻڌايو:

فقط واس چندن جو ڪمري ۾ هو
ملڻ آءٌ آيو هيس ’شيام‘ سان.


(1)  ڏيڏر

(2)  منهنجو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org