باب ڇهون
شڪارپور
اَحمدآباد مان ٿورن ڏينهن لاءِ ديوان ڏيارام
حيدرآباد آيو. اُن وقت شڪارپور جو ڊسٽرڪٽ جج مسٽر
ٺڪر مري ويو. ديوان ڏيارام کي ججي ملي. تن ڏينهن ۾
سيشن ڪورٽ شڪارپور ۾ هئي ۽ ديوان ڏيارام جو اتي ٻه
ڀيرا اچڻ ٿيو. پهريون دفعا 26 جولاءِ 1889ع کان
وٺي 21 اپريل 1892ع تائين ۽ ٻيو دفعا 1 مارچ 1894ع
کان وٺي 24 جولاءِ 1897ع تائين سيشن جج ٿي اچي
رهيو. اهڙيءَ طرح ديوان ڏيارام ڪل ست ورهيه
شڪارپور ۾ گذاريا. انهيءَ عرصي ۾ هن ڪيترائي مشهور
مقدما فيصل ڪيا جن مان ٻن مقدمن سڄيءَ سنڌ ۾ گهڻي
سنسني پيدا ڪئي. هڪڙو ڪيس هو شڪارپور جي هڪ وڏي
سيٺ ميولداس جو، جنهن هڪ ڪنيا سان زبردستي ڪئي
هئي. هو وڏو شاهوڪار هو تنهنڪري ڪيترن جي مرضي هئي
ته هن جي ڍڪ پڙدي ۾ رهجي اچي، پر اڳيان انصاف ڪرڻ
وارو به ديوان ڏيارام هو. تنهنڪري سيٺ جهجهو ڌن
خرچي انورائٽيءَ کي پنهنجو وڪيل ڪري گهرايو. سيٺ
کي ڇٽائڻ لاءِ انورائٽيءَ گهڻائي ٺٽ پٽن سان هنيان
پر ڏوهه هو پڌرو، سو ديوان گهڙي رکيس. سجھا سارا
ست ورهيه ٽيپ ڏيئي ڇڏيائينس. انهيءَ ڪري شڪارپور ۾
ڪيترن کي ڏاڍو ڏکه ٿيو ۽ سيٺ ميولداس بابت ڪي
ڪافيون به جڙيون. هڪڙيءَ ڪافيءَ جو منڍ هو:-
ميول
موٽي آءُ- ساريئي سنگهل ماءُ،
گهوريو
وڇوڙو- ميول موٽي آءُ.
ٻيو
نامور مقدمو جو ديوان ڏيارام فيصل ڪيو سو هو
حضوريءَ جو ڪيس، جنهن بابت هڪ چؤنپڙي به ڇپجي تيار
ظاهر ٿي هئي. انهيءَ مقدمي ۾ هڪ درويش تي خون جي
تهمت هئي. هنجو بچاءُ اهو هو ته مونکي الهام ٿيو
ته وڃي فلاڻي جو خون ڪر، تنهنڪري مون خون ڪيو.
الله سائينءَ جي پاران الهام ٿئي ۽ انموجب ڪي به
ڪجي ته ڏوهه نه آهي، تنهنڪري آءٌ بي ڏوهي آهيان.
ديوان ڏيارام جنم ٽيپ ڏيئي ڇڏيس.
اهو شايد
ايشوري نيم آهي ته گهڻيون سختيون اينديون ئي راست
بازن ۽ ست پرشن تي آهن. سال 1894ع جي ڊسمبر جي 28
تاريخ ڏيارام جو مربي ڀاءُ ديوان ميٺارام صاحب 56
ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ چلي رهيو، جنهنڪري ديوان
ڏيارام جي دل تي وڏو صدمو رسيو. پنهنجي پتا ماتا
ٻن ڀينرن جي وڃائڻ جا ڌڪ هو صبر سان سهي ويو هو،
پر هن ڌڪ سندس دل کي گهڻو ڏلائمان ڪيو. ديوان
ميٺارام هنکي ڪڏهن به جنجال ۾ پوڻ نه ڏيندو هو پر
هينئر سندس ڪم جو سمورو بوجو هنجي مٿان جهلي آيو،
تنهن ڳالهه هيڪاري منجهايس.
ديوان
ميٺارام ستن ماڻهن جو ڪم ڪندو هو، زمينداري،
واپاري، هنڊي پانڊي جو ڪم. ڌرمائو ڪم، وڪالت، ۽
جاين جڳهين جو ڪم، اهي سڀ ڪم يڪي سر سنڀاليندو
هو.ڀاڻس ديوان چئنراءِ کي ته فقط شاسترن مان مزو
ايندو هو ۽ هو دنيوي جنجالن کان پاسو ڪندو هو.
سندس ڀائٽيو شيرومل اڃا ڪاليج ۾ انٽر ڪلاس ۾
پڙهندو هو. تنهنڪري ديوان ميٺارام جا سڀ ڪم اچي
ديوان ڏيارام تي پيا. هو اڳيئي ٽن ججن جيترو ڪم
ڪندو هو. تنهن کانسواءِ سندس سڄي دل ڪتابن سان
هئي، ۽ پڙهندو به ايترو هو جو ٻه شاگرد به نه پڙهي
سگهن؛ سو هاڻي ته ٻارهن ماڻهن جو ڪم اچي مٿانئس
پيو. لکه سي مليس، پر مايا کي هو جنجل سمجهندو هو
۽ چوندو هو ته جيترو ئي مان لڪشميءَ جو ترسڪار ٿو
ڪريان اوتروئي هوءَ منهنجي پٺيان ٿي پوي. چوندو هو
ته سچ هئن آهي ته ”جب ڇاڏي تو پاڳي لاڳي.“
Kick Laxmi
and she kisses you,
Kiss her
and she kicks you.
”مايا کي
لت هڻ ته پيش پونديءِ ۽ پيش پوينس ته لت هڻنديءِ.“
ديوان
ميٺارام جي قضئي ڪري ديوان ڏيارام ٽن مهينن جي
موڪل لاءِ درخواست ڪئي. موڪل منظور ٿيڻ تائين رهيل
ڪم پورا ڪري جنوري 1895ع ۾ حيدرآباد ويو ۽ پنهنجي
ڀائٽئي ديوان شيرومل کي ٻنين تي ساڻ نيائين. اُتي
هنکي ڪم ڪار کان واقف ڪري، هارين نارين سان هيري
ميري اڍائي مهينا ڪاٽي حيدرآباد موٽي آيو ۽ پندرهن
ڏينهن کان پوءِ نوڪريءَ تي چڙهيو.
ديوان
ميٺارام جي قضيئي جو ڌڪ اڃا چيٺيائين پئي ته ڏيڍ
سال کن کان پوءِ سندس ٻيو ڀاءُ ديوان چئنراءِ
بيمار ٿيو. هي وري شڪارپور مان موڪل وٺي پياري
ڀاءُ جي خذمت ڪرڻ آيو، پر هو گهڻو نه تڳيو ۽
جولاءِ 1896ع ۾ گذاري ويو. ديوان چئنراءِ جو اولاد
ننڍو هو. سندس وڏو پٽ شيرومل اڃا ڪاليج ۾ جونيئر
بي.اي. پڙهندو هو ۽ ننڍو پٽ ڀوپت راءِ اسڪول ۾
ڇهون درجو پڙهندو هو. کيس ٽي ڪنئاريون ڪنيائون پڻ
هيون جي عمر جون اڃا ننڍيون هيون. انهيءَ ڪچڙيءَ
ڪانڀ کي سنڀالڻ جو بار به هينئر ديوان ڏيارام جي
مٿان پيو. وڏي ڀائٽئي کي ته مئٽرڪ پاس ٿيڻ
کانپوءِ اڳتي پاڙهڻ جو بار پاڻ تي کنيائين، جو
ديوان چئنراءِ کي چيو هوائين ته منهنجي آخوند ميان
نور محمد کي اوهين پنهنجي ڪمائيءَ مان ٻه رپيه
مهينو ڏيندا هئا، جيتوڻيڪ منهنجو پتا مونکي پاڙهي
سگهيو ٿي. اهڙيءَ طرح اوهين به پنهنجي فرزند کي
پاڙهي سگهو ٿا پر ڇڏيو ته مان به ٿورو لاهيان. هن
جي حب ڀريءَ حجت کي ديوان چئنراءِ ڪين موٽايو
انهيءَ طرح شيرومل جي تعليم جو خرچ بي. اي.، ايل.
ايل. بي. تائين ڏيارام پاڻ تي کنيو. نه رڳو ايترو
پر وئڪيشن ۾ جڏهن وقت ملندو هوس تڏهن شيرومل کي
پنهنجي سر ساهتيه
(Literature)
به پاڙهيندو هو. ساهتيه لاءِ جيڪو پيار ۽ شوق هن
جي دل ۾ پيدا ڪيائين سو پڇاڙي تائين منجهس قائم
رهيو. سڄي حياتي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ ۾ ئي صرف ڪيائين.
ديوان
ڏيارام پنهنجي ٻئي ڀائٽئي ڀوپت راءِ کي ولايت ۾
آءِ. سي. ايس. پڙهائڻ لاءِ موڪلڻ جو ارادو ڪيو هو.
پر هو ضعيف هو ۽ سلهه جي بيماري ٿي پيس. جنهن تي
ڏيارام وري موڪل وٺي هنکي ڪوئٽا هوا بدلائڻ لاءِ
وٺي ويو. اتي ديوان صاحب جو ڀائي مولچند ڪوئٽا
واري سان رستو ٿيو. ڀوپت راءِ کي ڪوئٽا ۾ به فائدو
ڪونه پيو، سو حيدرآباد ۾ موٽي وٺي آيس. گوڏي جي
سنڌ ۾ سلهه جي جيوڙن اچي گهر ڪيو هو، سو ٽي مهينا
ڪاٺ جون پٽيون ٻڌي ڇڏيائونس. ڏيارام هنکي خوش رکڻ
لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون بلڪ چرچا به ڪري
وندرائيندو هو. خذمت به گهڻي ڪيائينس پر جولاءِ
1901ع ۾ هو راهه رباني وٺي روانو ٿيو.
ديوان
ڏيارام جي ڀاڻيجي ويچاري ننڍڙيئي وڌوا ٿي هئي.
ماءُ به ننڍڙيئي مري ويئي هيس. تنهنڪري ديوان
ڏيارام هنجي هر طرح مرضي رکندو هو، جئن مائٽن جي
لکه نه پويس. سال 1897ع ڌاري جڏهن ديوان کي
ڪيولرام ڄائو تڏهن هيءَ ويچاري اچي بيمار پيئي.
اُنجي به خذمت خوب ڪيائين. کيس ڇٽائڻ لاءِ نه رڳو
ڪئين ڊاڪٽر گهرايائين پر پاڻ به هوميوپٿيءَ جا
ڪتاب پڙهيائين، انهيءَ لاءِ ته ڪيئن به ڪري هنکي
ڇٽائجي. هيءَ مائي به سلهه جو شڪار ٿي. ڏيارام
جيتوڻيڪ گيانوان هو ته به مٽن مائٽن ۾ موهه گهڻو
هوس ۽ پنهنجن مائٽن جو موت هڪٻئي پٺيان ٿيندو ڏسي
ڏاڍو دلگير ٿيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به چوندو هو
ته:-
“I am
afraid our family shall all die
Leaving not
a rack behind.”
هن مڙس
جو هيءُ لڇڻ ڏسو جو پنهنجن دکن مان سنسار کي سک
ڏيڻ جو سبق پرايائين. سندس ڪٽنب ۾ جو ماڻهو سلهه
جا شڪار ٿيا تنهنڪري ڌرمپور ۾ سلهه جي سئنيٽوريم
ٺهرائڻ لاءِ هن ست پرش گهڻي ڪوشش ڪئي ته من ٻين جا
مائٽ بچي پون.
شڪارپور
۾ ديوان ڏيارام هميشه وانگر ڪورٽ جي ڪم کانسواءِ
سنسڪرت اڀياس ۽ ساڌ سنگت ۽ پر اُپڪار جي ڪمن ۾
مشغول رهندو هو. شڪارپور جي ودوان ولب مشر کان
سنسڪرت ۾ گيتا، سانکيه ۽ يوگيه درشن جو اڀياس ڪندو
هو. ڀائي موهن ديو جو پنهنجي نوڪري ڇڏي اچي پر
اُپڪار جي ڪم ۾ لڳو هو تنهن سان به سنگت هوندي
هيس. سانجهيءَ جو ڳاڙهي بنگلي کان اڪيلي رستي تي
ٻنهي کي ڪيترا دفعا گڏ گهمندو ڏسبو هو. ديوان
ڏيارام چڱن ڪمن ڪندڙن کي هميشه ڳجهيءَ طرح مدد
ڪندو هو. سندس حساب جي ڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي ته
اهڙيءَ طرح ڀائي موهن ديو کي به ماهوار مدد ڪندو
هو.
ساديءَ
رهڻيءَ ۽ اوچن آدرشن جي سڌانت جو ته ديوان ڏيارام
جيئرو جاڳندو مثال هو. پاڻ تي خرچ ڪندو هو ٿوري ۾
ٿورو ۽ بچائيندو هو گهڻي ۾ گهڻو جيئن ٻين کي مدد
ڪري سگهي. سندس سادگيءَ بابت ديوان جڳتراءِ
ايسرداس هڪ تمام سندر مثال پيش ڪيو. چيائين ته هڪ
وقت مان ديوان ڏيارام وٽ شڪارپور ۾ رهيو پيو هوس.
سنان کانپوءِ آرسيءَ جي ضرورت پيم. پٽيوالي کان
پڇيم ته ديوان آرسي ڪهڙي ڪم آڻيندو آهي. چيائين
اجهو پٽڪو ٻڌندو ته خبر پونديو. ڏٺم ته پٽڪو دريءَ
جي شيشي ۾ نهاري ٿي ٻڌائين. پٽيوالي چيم سائين اها
اٿو ديوان جي آرسي. ڪپڙا به پائيندو هو چڪ جا يا
اڇا، ديسي ۽ سادا. ويچار وڏا، من جي موج، ڀڳتيءَ
جو ڀنڊار، پريت ۽ پر اُپڪار اهي هئا سندس سچو
سينگار، باقي رهڻيءَ ۽ ويس ۾ ته سادگي ۽ صفائي بس
هيس.
ديوان
بهادر مرليڌر جو ته ساڻس گرو شش جو سنٻنڌ ٿي ويو،
جو آخر تائين هلندو آيو. هميشہ پنهنجي آتمڪ
اُنتيءَ لاءِ ڏيارام کان اُپديش ۽ پرٻوڌ وٺندو
رهيو. دان پڃ جي ڪمن ۾ سندس آگيا انوسار هلندو
رهيو. سندس خطن مان ظاهر آهي ته ڪيتري نه وياڪلتا
ديوان مرليڌر کي ٿي، جڏهن بندورا مان ساليانن خطن
اچڻ تي به دير ٿيڻ لڳي. هن ست پرش جي حياتيءَ ۽
اُپديش جو اثر گهڻين حياتين تي ٿيو.
ديوان
ڏيارام وڪيلن سان جيتوڻيڪ رلمل ڪندو هو، ته به
ڪيترا کانئس ڪن هڻندا هئا سندس ڪورٽ ۾ سنڀالي
سنڀالي حجتون ۽ دليل پيش ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو
بيهوديون حجتون اٿاريندو هو ته هي منڍ ۾ ئي رسو
ڪپي ڇڏيندو هوس. هڪ لڱا ڪنهن وڪيل کي پوريءَ طرح
بحث هلائڻ نه آيو ته ترش منهن ڪري چيائينس ”بي.
اي. ايل. ايل. بي. جيڪا پاس ڪئي اٿو، تنهن کي
لڄايو ٿا. بهتر آهي ته ويهي رهو.“ مطلب ته ڪورٽ ۾
ڪنهنجو واقف ئي ڪونه هو. باقي ٻاهر نهايت رلڻو
ملڻو ۽ خلق جو خير خواهه هو. شڪارپور جي پنگتي
حالت ۾ ڪي اوڻايون ڏٺائين ته اتي جي ڪن معزز ماڻهن
۾ غيرت جاڳائي اُهي لهرائي ڇڏيائين. سنه
1894-1895ع ۾ سنڌ جو هاڪارو سرڳواسي وڪيل مسٽر
گوپالداس جهمٽمل تازو مئٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪري
وٽس شڪارپور جي ڪورٽ ۾ اچي ڪاپيئسٽ ٿي رهيو هو.
اُنوقت مسٽر ديوان ڏيارام مٿس هٿ رکيو. صلاح
ڏنائينس ته وڪالت جو امتحان ڏي ۽ امتحان لاءِ جيڪي
به ڪتاب کپندا هئس سي کيس پنهنجا ڏنائين. نه رڳو
ڪتابن جي مدد ڪيائينس پر قاعدي جون ڪي ڳالهيون جي
گوپالداس پاڻمرادو سمجهي نه سگهندو هو سي به هيءُ
سمجهائيندو هوس. مسٽر گوپالداس وڪالت اجهو ائين
پاس ڪئي.
شڪارپور
۾ هر آرتوار تي ديوان ڏيارام گيتا ڪلاس هلائيندو
هو جتي وڪيل ۽ ڌرم پريمي اچي ڪٺا ٿيندا هئا. انهن
۾ اوچ ڀاءُ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڏيارام جو
خيال هوندو هو ته انهن وڪيلن ۾ اهڙو ڀاءُ جاڳي
جئَن هو غريبن ۽ ودوائن جا انصاف ۽ حق تي ٻڌل ڪيس
مفت کڻن. انهيءَ طرح جَڳَتَ هِتَ لاءِ سندس ڪوشش
هلندي رهندي هئي.
باب ستون
هندستان
جو سفر
ديوان
ڏيارام ٻيو دفعو شڪارپور آيو تنهن کان اڳه يعني
اپريل 1892ع کان اپريل 1893ع تائين فرلو ورتو
هئائين؛ ان موڪل مان ڪجهه حصو هندستان جي سير ۾
صرف ڪيائين. سندس سير جو احوال سندس انهن ليکن مان
ٿو ملي، جي هن انهن ڏينهن ۾ مسٽر ملباريءَ جي
سپيڪٽيٽر اخبار ۾ وڌا هئا.
انهن
ليکن مان خبر ٿي پوي ته تاريخه 8- ڊسمبر 1892ع
ڌاري ديوان ڏيارام، ملتان ڏسڻ ويو هو. ملتان شهر
تي نالو ڪيئن پيو، تنهن بابت ليکه لکيو اٿس. پنجاب
جي ڪورٽن ۾ پڇا مان فيصلي تي آيو آهي ته پنجاب ۾
نڪته چيني ڪرڻ جي آزادگي ڪانهي. ٻيو لکيو اٿس ته
کتري ۽ اروڙ نه فقط هڪ ٻئي مان ڪين پرڻجن پر کترين
جون جدا جدا نياتيون به هڪ ٻئي مان شادي ڪين ڪن.
تنهنڪري ڇوڪرين جو ملڻ مشڪل آهي. ڇوڪرين وٺڻ لاءِ
مردن کي گهڻا پيسا ڏيڻا پوندا آهن؛ تنهنڪري زالن
جي عزت به گهٽ آهي. ملتان جي هنرن ۽ واپار جي ذڪر
ڪندي لکيو اٿس ته تنهن وقت ملتان ۾ اڌ ڊزن ڪپهه جا
ڪارخانا هئا. نير جي واپار لاءِ ملتان مشهور هو.
اُن جو واپار به چڱو هو. هندن مسلمانن جي وچ ۾
سلوڪ جي ساکه ڪئي اٿس؛ جيتوڻيڪ ٻه ورهيه هن کان
اڳه ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڏاڍو تڪرار ٿيو هو. هن مان
ڏسڻ ۾ ايندو ته ڏيارام سير ڪهڙي غؤر سان ڪندو هو ۽
ڪيتري خبر چار هر هڪ شهر ۾ لهندو هو.
اُتان
11- ڊسمبر 1892ع جي لاهور ۾ پهتو. کترين جي ننڍين
نياتين بابت خبر پيس ته اڍائي گهر، چار گهر،
ٻارنهن گهر ۽ ٻاونجاهه گهرواريون شاخون آهن. انهن
مان اڍائي گهرا پاڻ کي سڀ کان سرس ٿا سمجهن. اُهي
چار گهر وارن مان ڌيون وٺن پر ڏين ڪينڪي ۽ اهڙيءَ
طرح ٻيا. هڪڙو بيساکيرام اُنهن رسمن جو ستايل کتري
ته پاڻ نائن ۽ حجامن جو ويس ڪري پرچار ڪرڻ لڳو ته
اوهين اڳتي ڇوڪريون ڀل پنهنجي نيات ۾ ڏيو نه ته
تڪليف ٿي ٿئي.
لاهور ۾
ڏيارام ڪيترن چڱن ماڻهن سان مليو. هڪ مسٽر لعلچند
سان، جو ديانند ڪاليج جو پريزيڊنٽ هو، ٻيو مهاتما
هنسراج سان، جو بنا پگهار پرنسيپال هو ۽ ٽيون سندس
ڀاءُ ملڪراج سان، جو برهمچريه پرچارڪ سڀا جو
هلائيندڙ هو ۽ جنهن جي ڪوشش اها هئي ته ننڍپڻ جون
شاديون بند ٿين. ديوان ڏيارام، ديانند ڪاليج جو
بيان لکيو آهي. پنجاب جي تعليم جو سرشتو ۽ هندي ۽
سنسڪرت ڪتاب جي پاڙهيا ويندا هئا تن جو ذڪر ڪيو
اٿس. هندي ۽ سنسڪرت کان سواءِ پنجاب جي ڪاليج جا
شاگرد بمبئيءَ جي شاگردن کان هن کي گهٽ هوشيار ڏسڻ
۾ آيا.
آريه
سماج جي هلچل هر هنڌ سناتن ڌرم سڀائون به جاڳايون
هيون. لاهور ۾ به سناتن ڌرم سڀا، سناتن ڌرم منڊل
جي پاران هئي. پنجاب سناتن ڌرم منڊل جي مٿان پنڊت
گوپي ناٿ هو. آريه سماجين جهڙو اتساهه ۽ قربانيءَ
جو انگه سناتن ڌرم وارن ۾ ڪين هو. آريه سماجن کي
تن ڏينهن ۾ هڪڙو آٽا فنڊ هو. هر هڪ آريه گهر ۾ هو
ٿانءُ رکي ايندا هئا، جنهن ۾ اَٽي لپ هر روز گهر
وارا وجهندا هئا. اُهو اَٽو وڪڻي هو ديانند ڪاليج
کي پيسا ڏيندا هئا.
لاهور ۾
ديوان ڏيارام، سنگهه سڀا به ڏٺي ۽ لکيو اٿس ته
سندن ويچار هو ته خالصا ڪاليج ڪڍجي جو هنن آخر
ڪڍيو. سکن ۾ ننڍيءَ عمر جي شادي ڳوٺن ۾ ڪانه هئي
پر شهرن ۾ هئي ۽ گهٽ ڏيتي ليتيءَ جي سٺي رسم به
شهرن ۾ ڪمزور ٿيندي ٿي ويئي.
لاهور
بابت لکندي ڪايسٿ سڀا جو ذڪر ديوان ڏيارام ڪيو آهي
۽ لکيو اٿس ته ڪيئن ڪالي پرشاد هڪ لکه روپيه ڏيئي
ڪايسٿ ڪاليج اللهه آباد ۾ ڪڍايو ۽ ڀاڻس ساري عمر
ڏيتي ليتي گهٽائڻ جو پرچار ۽ ننڍپڻ جي شادين بند
ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ گذاري. ڪايسٿ گهڻو ڪري ڪنواريتن
کي پيسا ڏيئي ٻانهن وٺندا هئا. انگليڊ وڃڻ ڪري ڪو
نيات مان لاٿو ڪونه ويندو هو ۽ پرچار جي ڪري شادين
وقت شراب پيئڻ ۽ ناچ ڪرائڻ جو دستور لهي ويو هو.
ديو سماج
بابت ذڪر ڪيو اٿس؛ شري اگنيهوتري، ديو سماج جي
بانيڪار کي هو ڪونه ڏسي سگهيو، پر ديو سماج جي ڪن
پرچارڪن سان مليو. ديو سماج جو متو آهي ڌرم کي
دليلن ۽ سمجهه تي بيهارڻ. هو چون ٿا ته دماغ، دل ۽
اِڇا، ٽنهي کي وڌائڻ کپي. انهيءَ وقت پنڊت گرڌر
راءِ بشواسي، جو اصل پنڊت اگنيهوتري جو چيلو هو،
تنهن هڪڙو الزامي ڳٽڪو سندس برخلاف لکيو هو. ڊاڪٽر
پريمي ديوي، لالا بيني پرشاد جي ڌيءَ ننڍي هوندي
کان ديو سماج جي اثر ۾ آئي ۽ پرچارڪ ٿي آهي ۽ پيءُ
وٽ نه پر گروءَ وٽ رهندي آهي. شايد سڄي عمر
سنياسڻي ٿي گذاري. پر انهيءَ ڳالهه چوپچو ڪري ڇڏي
آهي ۽ ماڻهو ڇوڪرين کي پڙهائڻ کان ٽهن ٿا.
ديوان
ڏيارام، برهمو مندر ۾ به ويو ۽ سردار ديال سنگهه
کي ڏٺائين؛ پنگتي سڌار سڀا جي هڪ ڪاميٽيءَ جي
ميٽنگه ۾ به حاضر ٿيو.
ٽي ڏينهن
لاهور رهي ڏيارام، راولپنڊيءَ روانو ٿيو. اُتي
ککراڻي کترين جي جاري ڪيل سکدائڪ سڀا ڏٺائين. لکي
ٿو ته هن سڀا ٻه ورهيه کن چڱو ڪم ڪيو. ڏوئا ۽
اگهاڙو سنان ڪرڻ ۽ ڇاتي ڪٽي سياپو ڪرڻ اهڙيون
رسمون بند ڪيائون. هڪڙي مشن اسڪول مان ڇوڪريون
اُٿاريائون پر پنهنجو ڪو ٻيو اسڪول قائم نه
ڪيائون. اُتي سردار سجانسنگهه ٺيڪيدار جو به گهر
ڏٺائين، جنهن پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي يادگيريءَ ۾
پٽ جي نالي تي هردت هال جوڙايو هو. منجهس هر قسم
جون عجيب غريب شيون آهن. اهڙو محلات ڪن راجائن کي
به ڪونه هوندو. لکي ٿو ته راولپنڊيءَ تي نالو هن
ڪري پيو جو راول ذات جي ڪن فقيرن هتي پنڊي يعني
ننڍڙو ڳوٺ وسايو هو. راولپنڊيءَ ۾ ڪنووَٽيءَ جي
رسم ڏٺائين، جنهنڪري ٻڍن جون ننڍين سان شاديون ٿي
ٿيون.
ديوان
ڏيارام، پشاور ويو ته ڏٺائين ته اتي ڌرم سڀا ۽
آريه سماج جا معاملا ۽ مقدما پي هليا. ديوان
ڏيارام جي دل کي درد ٿيو ته ڪو اهڙو نٿو جاڳي جو
هنن ڌرمي سنسٿائن جو پرچاءُ ڪري ڇڏي. تڪرار سڄو
لڳو هو نيوڳه جي ڳالهه تان. ڌرم سڀائن لکيو ته
نيوڳه جو اصول ويچار پکيڙيندو. ڪورٽن به فيصلو ڪيو
ته انجي دارشنڪ (فيلسوفي) معنيٰ کڻي ڇا به هجي پر
ساڌارڻ معنيٰ ته ماڻهو ائين سمجهندا. پر ڏيارام
افسوس ظاهر ڪيو ته نيوڳه فقط وقيي ودوا وواهه آهي
سنتان اُتپتيءَ لاءِ، ۽ اُهو به تمام کليل طرح
وواهه سنسڪار ڪري پوءِ ڪرڻ گهرجي. سوامي ديانند جو
نيوڳه جو متو سندس سموري سکيا سان شامل ڪري سمجهڻ
گهرجي. هو برهمچريه جو زبردست پرچارڪ هو ۽ ڇوڪرين
کي 16 ورهين کان ۽ ڇوڪرن کي 25 ورهين کان اڳه شادي
ڪرڻ کان روڪيائين ٿي. جيڪڏهن ڪا زال برهمچريه نه
پالي سگهي ته ظاهرا ظهور سنتان اُتپتيءَ لاءِ وقتي
شادي ڪري ٿي سگهجي. وڀچار جي ته هو بلڪل برخلاف هو
۽ هي اُپاءَ وڀچار گهٽائڻ لاءِ هن ڌرمي ڪتابن مان
ڳولي ڪڍيا، نه وڀچار وڌائڻ لاءِ، جيئن مسلمان
مئجسٽريٽ فيصلو ڪيو هو.
ڏيارام
لکيو آهي ته پشاور ۾ زالن جو مڙسن تي ڏاڍو تاب
آهي، تنهنڪري ڏوئن ۽ سياپي جي رسم دور ڪانه ٿي
آهي. ٻيو پشاور ۾ هندو به جهرڪيون ۽ ڪانءَ کائيندا
آهن؛ ڪوهياري ڪانءُ عام کاڄ آهي. ديوان لکي ٿو ته
ڪابل ۽ ڪشمير جا هندو مسلمانن کان عام طرح پاڻي
ڀرائيندا آهن. پر وڌيڪ عجب جي ڳالهه اها ته ٻڌن
جهڙا اَهنسائي به لدخ ۾ مئل جانورن جو گوشت کائين؛
چون ته خدا جو ماريل جانور انسان جي ماريل جانور
کان بهتر آهي.
مطلب ته
ساڳئي ڌرم ۾ جدا جدا جاين تي رواج ڪيترا نه جدا
جدا آهن. ڏيارام، پشاور کان پوءِ جمرود جوقلعو ڏٺو
۽ اُتان بگهياري ڪُلا، بگهڙ جو وات به ڏٺائين،
جتان خيبر جي دڙي جو لنگهه آهي. لکي ٿو ته غريب
آفريدين ۾ ننڍپڻ جي شادي ڪانهي، پر شاهوڪارن ۾
شروع ٿيڻ لڳي آهي. شاهوڪار چاهين ٿا ته ٻارن کي
ننڍي هوندي شادي ڪرائي ڇڏيون ته چڱو.
پشاور
کان ديوان ويو ڄمونءَ ۽ ڪشمير جي رياست ڏانهن.
سانجهيءَ جو ٽاوي نديءَ تان هماليه جي برف سان
ڇانيل چوٽين ۽ ساوڪ سان ڍڪيل لاهن جو نظارو کيس
تمام وڻيو. هتي به ذاتين ۽ پنگتي حالتن جي جاچ
ڪيائين. خبر پيس ته لدخ ۾ جيڪي ٻڌ آهن، تن ۾
جيتوڻيڪ ڪا زالن جي ڪمتي ڪانهي ته به غريبيءَ ڪري
۽ جدا رهڻ ڪري گهڻن مڙسن ڪرڻ جي رسم چالو آهي. فقط
وڏو ڀاءُ پرڻجي ۽ جي ٻه ٽي ڀائر هجن ته اُهي سڀ
ڀتار، ۽ ٻار سڀني کي پيءُ ڳڻين. ڇڙو چَون وڏو
پيءُ، ننڍو پيءُ، اَلبت وڏي ڀاءُ جو عهدو گهر ۾
وڏو. پر هن رسم ڪري ڪو وير وروڌ ڪونه اٿن ۽ آرام ۾
پيا رهن. ڪشمير جا هندو توڙي مسلمان ڪڙمي اصل گجر،
جاٽ ۽ راجپوت ذات جا آهن.
ڪشمير جا
اصلوڪا رهاڪو هندو هئا. هنن ٽڪرن ۾ جيڪي برهمڻ
رهندا هئا سي ڊوگرا ڪري ڪوٺبا هئا. هاڻوڪا مهراج
به ڊوگرا کتري آهن ۽ معلوم ٿئي ٿو ته اهي ڊوگرا
اصل آريه هئا. جڏهن ٻڌ ڌرم جي راجا رتنجا ڪشمير جي
هندو راجائن اديان ۽ ديو کان تخت کسيو ۽ سندس راڻي
ڪٽراڻي سان شادي ڪئي، تڏهن هن چيو ته هندو ٿيان،
پر هندو پنڊتن هن کي قبول نه ڪيو. اُن وقت هڪڙو
مسلمان پير بلال شاهه اُتي آيو، تنهن جو اثر رتنجا
تي ٿي ويو ۽ هن هن کي اسلامي مذهب سيکاريو ۽ سندس
نالو ريڇا شاهه ڪري رکيو. پوءِ ته زوريءَمسلماني
مذهب پکڙڻ لڳو. هڪ صديءَ اندر ڊوگرن ٻانڀڻن جو
ايترو ڪوس ٿيو جو فقط يارهن ڪٽنب وڃي بچيا. پوءِ
ته وري سلطان پنڊتن تي مهربان ٿيا ۽ جيڪي پنڊت
سرڪاري ڪم ڪار ڪندا هئا سي ٿيا ڪارڪن، ۽ ٻين ڪوٺيو
پاڻ کي بچاڀٽ. اهي ڪريا ڪرم وغيره ڪرائيندا هئا.
پر ٻنهي قسمن جا برهمڻ مسلمانن کان پاڻي ڀرائي پين
۽ ڇوت ڪانه سمجهن.
ڄمونءَ ۾
ڏيارام، رگهوناٿ جو مندر ڏٺو جتي سري رام، سيتا ۽
لڇمڻ جون سنگمرمر جون ڇهه فوٽ اوچيون مورتيون آهن.
اهڙن مندرن جا چار جهڳٽا آهن؛ هڪ هڪ جهڳٽي ۾ ٽي ٽي
مندر آهن ۽ هڪ هڪ جهڳٽي تي هڪ هڪ ويد جو نالو آهي.
اُتي اُنهيءَ ويد جو ۽ ٻين ويدن جو پاٺ ٿيندو آهي.
مندر سان ساڻ ڌرم شالائون آهن. انهن کان سواءِ
ڏيارام لکيو آهي ته راڻين کي وري پنهنجا مندر ۽
ڌرم شالائون آهن. مطلب ته مهاراجا کي ملڪ سٺو، پر
سندس ڌن مندر کايو وڃن. تعليم جو بندوبست ڪري ته
ماڻهو هوند ڏاڍو سڌري پون.
ڄمونءَ
مان ديوان ڏيارام 19- ڊسمبر امرتسر ويو. اُتي مسٽر
شانتارام چيلا رام شڪارپوريءَ جي سنسڪرت پستڪاليه
ڏٺائين، جنهن ۾ سنسڪرت، هندي ۽ گرمکي پستڪ 25000
رپين جا هئا. لئبرري ۾ پنڊت ڪيشوانند ۽ رام پرڪاش
جون تصويرون ٽنگيلون هيون؛ اُنهن پستڪاليه ٺاهيو
هو. مسٽر شانتارام کي هڪڙو ساڌن لاءِ باغ هو. اُتي
هي ٻئي رهيا پيا هئا. هنن سان ديوان ڏيارام گيان
مارگه۽ برهمچريه ۽ گائتري منتر تي چڱو بحث ڪيو.
هنن قبول ڪيو ته برهمچريه ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنهي
لاءِ ضروري آهي. ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ گهرجي، پر
اهڙي جو سندن سڀاويڪ حياتيءَ ۾ خرابي نه ٿئي. اُتي
راءِ بوٽامل جج سان به مليو. هن صاحب پنگتي سڌاري
ڏانهن رخ ڏيکاريو ۽ چيائين ته هڪڙي چڱي ڇوڪرين جي
اسڪول جي ضرورت آهي؛ ڇاڪاڻ ته وڏ گهراڻيون ڇوڪريون
عام ڇوڪرين سان پڙهڻ نٿيون گهرن. سونهري درٻار به
ڏٺائين. ۽ لکي ٿو ته خوب ڪٿائون ٿي ٿيون. اٽڪل
سورهن هنڌن تي ڪٿي گورواڻيءَ مان، ڪٿي گيتا مان.
ڪٿي يوگه وسشٽ مان، ڪٿي مهاڀارت ۽ رامائڻ مان،
فقيرن هن ڀيري ايترو ڪونه ستايس، جهڙو اڳئين ڀيري.
ديوان
ڏيارام، اَمرتسر ۾ هندو سڀا زور ڏٺي.اُنهن کي
25000 رپين جا خريد ڪيل دڪان هئا. هنن جو مطلب هو
ته اُنهن جي مسواڙ مان ڇوڪرين جو اسڪول هلائين.
هنن ڪجهه قدر ڏوئن ۽ سياپي جي رسم بند ڪئي هئي. پر
اتي ٻيون ٻه رسمون هيون کرلي ۽ ڏنڊي جون. کُرلي
معنيٰ آهي آهُرُ. مطلب آهي ته ڪنواريتا خوب مٺاين
جو ڍڳه گهوٽيتن لاءِ رکندا آهن ۽ گهوٽيتا ان مان
تمام ٿورو کائيندا آهن، باقي وڃي حجامن ڏانهن.
پوءِ ويندي وقت وري مٺائي ڏنڊي جي روپ ۾ ٺهيل
اڳيان رکندا آهن. يعني جئن ڏنڊن سان ڍڳن کي هڪالبو
آهي تئن گهوٽيتن کي هڪالبو آهي. انهيءَ تي 400-500
روپيه خرچ اچي ويندو آهي اها رسم بند ڪرڻ جوڳي
آهي. اَمرتسر ۾ اڃا ننڍپڻ جون شاديون هيون.
اَمرتسر ۾ سنگهه سڀا ۽ آريه سماج گڏجي خوب ڪوشش ٿي
ڪئي ته اَٻوجهن کي ڪرستان ٿيڻ کان بچائين، ڇاڪاڻ
ته سوني درٻار جي ڀرسان ڪرستانن جي ڏاڍي ڪوشش
هلندڙ هئي ته ماڻهن کي ڪرستان ڪجي.
اَمرتسر
۾ ڏيارام، سنت ڪئٿرائين اسپتال ۾ اَنڌن جو اسڪول
ڏٺو. انگريزي ڪرستان استرين جيڪا استري جاتيءَ جي
شيوا ٿي ڪئي ۽ داين کي ٿي سيکاريو ۽ انڌن کي ٿي
تعليم ڏني تنهن جي ساراهه ڪئي اٿس. اَمرتسر ۾ ست
سنگه سڀا به هئي، جيڪي واري وٽيءَ گڏجي هڪ ٻئي جي
گهرن ۾ گڏجي گورواڻي پڙهندا هئا. ڀائي سردول سنگهه
ڪيرتن ڪندو هو ۽ ڊاڪٽر سندر سنگهه ويا کياڻ ڏيندو
هو. ڊاڪٽر سندر سنگهه اُنهن ڏينهن ۾ ننڍپڻ جي
شاديءَ جي برخلاف زبردست وياکياڻ ڏنو.
امرتسر
کانپوءِ ديوان ڏيارام جلندر ويو. پيرين پنڌ شهر
گهمي ڏٺائين. لکي ٿو ته منجهس ڪا عجب جي ڳالهه
ڪانه ڏسڻ ۾ آئي؛ سواءِ هن جي ته وڪيلن ۽ ويشوائن
جا گهر هڪٻئي جي ويجهو هئا. هتي تن ڏينهن ۾ آريه
سماج جو خيال هو ته ڪنيا ودياليه ٺاهجي. لالا
منشيرام خوب سماج کي زور وٺائي رهيو هو. لالا
هرڀڄراءِ، سناتن ڌرم سڀا جو پرڌان پنگتي سڌاري جي
فائدي ۾ هو؛ پر برادرين ۾ ڏاڍو ڀروسو هوس؛ جيتوڻيڪ
صاف آهي ته انگريزي پڙهيل ڪٺو ٿي ڪم ڪرڻ ڪين سکيا
آهن. جلندر ۾ شنڪرناٿ نالي هڪ شخص ڏٺائين جو
برهمچريه پرچارڻي سڀا جو اُپديشڪ هو. انهيءَ جو
اعتقاد اقرارن صحيح ڪرائڻ تي ڏاڍو هو. ڏيارام هڪ
جين ستي پرچارڪا به ڏٺي، جنهن سان جين ڌرم بابت
گفتگو ڪيائين. هن ٻڌايس ته جين ڌرم ۾ به ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين کي ننڍپڻ جي شاديءَ جي منع آهي. پر ننڍي
هوندي جون شاديون ته انهن ۾ به ٿيون ٿي. اَمرتسر
جي شهر ۾ پنڊت شورنارائڻ جي گهر ۾ هڪ ڪاميٽي ويٺي
ته پنگتي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪجي.
جلندر
کان ڏيارام، آگري آيو. اُتي تاج محل، قلع ۽ سڪندرو
ڏٺائين. اَبجد موجب ممتاز محل جي قبر مان معلوم
ڪيائين ته هوءَ 1040 هجريءَ ۾ ۽ شاهه جهان 1076
هجريءَ ۾ وفات ڪري ويا ۽ تاج محل 1097 هجري ۾ ٺهي
راس ٿيو. تاج محل جي ڀرسان ڏيارام، شٽوئرٽ صاحب جي
نالي تي هلايل چم جو ڪارخانو ڏٺو. لکي ٿو ته هيءُ
ڪارخانو کيس تاج محل کان به وڌيڪ وڻيو. هي ڪارخانو
ٻن برهمڻ ڀائرن پنڊت موهن ڪشن ۽ سندس ڀاءُ ذات پات
جو خيال نه ڪري شٽوئرٽ صاحب کان ڪم سکي ڪڍيو آهي ۽
سَون کي پيو پالي. اهو به لکيو اٿس ته ڪيئن آگرا
ڪاليج جيڪو دهلي ڪاليج ۽ بريلي ڪاليج وانگر سرڪار
بند ڪرڻ ٿي چاهيو سو بابو انباش چندر بئنرجيءَ جي
ڪوشش ڪري بند ٿيڻ کان بچايو ويو. ماڻهن پاڻ ۾ هڪ
لکه روپيه چندو ڪيو ۽ 8000 روپيه ساليانو
ميونسپالٽيءَ ڏيڻو ڪيو ۽ 25000 روپيه شاستريءَ جي
وصيعت موجب مليا ٿي. تنهنڪري ڪاليج قائم رهيو.
ڀارگو نيات وارن، برهمڻن جا لاڳا اڌ ڪري باقي اڌ
بچائي هڪڙو ڳوٺ خريد ڪيو، جنهن مان سندن نيات جو
بورڊنگه هائوس ٿو هلي. اگنوتن به پنهنجو بورڊنگه
هائوس ٺاهيو آهي ۽ راجپوت به ٺاهڻ وارا آهن. آگري
۾ کتري سڀا اُنهن ڏينهن ۾ کتري هتڪاري اخبار
هلائيندي هئي. انهن ڏوئا بند ڪيا آهن. هڪڙي آئرلنڊ
جي رهاڪوءَ، جو پوليس جو سپرنٽينڊنٽ هو، تنهن چيو
ته ڏوئن ۾ عام کُليون گاريون آهن. هن ٻيون به ڪي
بد رسمون، جيئن ننڍپڻ جون شاديون وغيرهه ديوان کي
ٻڌايون. انهن ڏينهن ۾ سيرين کتري ڪانفرنس ۽ اگروال
ڪانفرنس پنگتي سڌاري تي ٿي رهيون هيون. آگري ۾
ڏيارام، راءِ سالگرام سان مليو جو پوسٽ ماسٽر جنرل
هو ۽ جنهن پنهنجي گروءَ راڌا سواميءَ جي نالي پنٿ
هلايو آهي. سندس رهڻيءَ جي تعريف ڪئي اٿس ته ڪيئن
هو ايشور جي ڳولا ۾ اوم جو جاپ ڪرڻ لڳو ۽ ڪيئن
سندس گروءَ هنکي رستو سيکاريو، جنهن موجب هو ايشور
پراپتيءَ جو مارگه ٻين کي پيو سيکاري.
اللهه
آباد ۾ ڏيارام31- ڊسمبر جي پنگتي ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيو. اتي هن ايلن پاش جي تقرير زناني تعليم جي
ضرورت تي ٻڌي. هوءَ آمريڪا جي زالن جي سوسائٽيءَ
پاران آئي هئي. هن ٿي چيو ته ويهه ورهيه اڳي ولائت
۾ به زناني تعليم پٺتي هئي. پوءِ اُتي سڌارڪن هڪڙي
گڏيل پونجيءَ جي ڪمپني ٺاهي ڇوڪرين لاءِ هاءِ
اسڪول کوليا. پهريائين انهيءَ ڪمپنيءَ جا فقط پنج
حصا پنجين پنجين پائونڊين جا مس وڪڻا. هاڻي ته اها
ڏيڍ لک پائونڊ جي ڪمپني آهي ۽ 33 اسڪول کوليا اٿس.
مس پاش کانپوءِ مسز هرديوي روشن لعل به ڳالهايو.
ديوان ڏيارام اُتي ترويڻيءَ جو درشن ڪيو ۽ پرياڳ
تي نالو ڪيئن پيو، اها پڇا ڪيائين. ترويڻيءَ جي
ٻئي پاسي هڪ ٽڪري آهي جنهن ۾ غفائون آهن ۽ انهن ۾
۽ اُنهن جي ڀرسان جهوسيءَ ۾ ڪيترا مهاتمائون ساڌو
سنت رهندا آهن. اهي وڃي ڏٺائين. هن هندو سماج جو
به ذڪر ڪيو آهي جا پنگتي سڌاري لاءِ ڪجهه وقت چست
هئي پر ٿڌي ٿي ويئي هئي. انهيءَ سماج جو خيال هو
شادين جا خرچ گهٽائڻ، ننڍي هوندي جون شاديون بند
ڪرڻ ۽ استري سکيا ڏيڻ. ڏيارام جي خيال ۾ به اهيئي
سڌارا ٿي ڦُريا.
اللهه
آباد مان ڏيارام، بنارس ويو. ورن ۽ آسا اهي ٻئي
نديون گنگا ماتا سان وڃي ٿيون گڏجن ۽ اُنهن ٽن
ندين جي وچ ۾ بنارس جو پوتر آسٿان آهي. ڏيارام جي
دل هڪ طرف قدرتي نظارو ڏسي گد گد ٿي ته ٻئي طرف
پنڊتن ۽ برهمن جو لوڀ ڏسي رنج به رهي. لکيو اٿس ته
بنارس جي هندو پنڊتن کان ته ڪن مغرب جي دارشنڪن
هندو ڌرم کي وڌيڪ سمجهيو آهي. گنگاجيءَ جي 40
گهاٽن جا نالا لکندي ڄاڻايو اٿس ته ٻه گهاٽ آهن
سيتلا ماتا جا ۽ ٻه مساڻن جا. مطلب ته ماڻهن کي
بيماري، ٻڍاپو ۽ موت تيرٿن تي به خوب ستائي رهيا
آهن. هتي ديوان ڏيارام جو مهنت ڪيشوداس سان ملڻ
ٿيو. مهنت ڪيشوداس نشي جي برخلاف ايترو ته زبردست
پرچار ڪيو جو سرڪار جي شراب مان 37000 رپيه ڍل
گهٽجي ويئي. ڏيارام لکي ٿو ته ملڻ وقت وٽس 3 ڪتاب
هئا- تلسي رامائڻ، انجيل ۽ قرآن. ڏيارام کيس
برهمچريه جي پرچار لاءِ چيو. هن اها ڳالهه قبول
ڪئي.
پنڊتن ۾
وڏا پنڊت انهيءَ وقت هئا ڀاسڪر آنند ۽ وشڌانند.
اُنهن مان پنڊت ڀاسڪرآنند پرمهنس کي ڏيارام گڏيو.
سندس باغ ۾ هڪڙي راجا سندس بوتو رکيو آهي جنهن تي
پوڄاري روز گلن جي ورکا ڪندا آهن ۽ هار چاڙهيندا
آهن سندس علميت ۽ سادگيءَ جي ديوان ساراهه ڪئي
آهي.
ڏيارام
بنارس ۾ جئه نارائڻ ڪاليج بابت ٻڌو ته هڪڙي
هندوءَ،ڪرستان پادريءَ کي هن ڪاليج کولڻ لاءِ پيسا
ڏنا آهن. هيءَ ڪرستاني سنسٿا آهي، پر نالو انهيءَ
هندوءَ جو اٿس. بنارس ڪاليج جو۽ منجهس جيڪو
مهاراجا اَشوڪ جو ٿنڀو آهي تنهن جو بيان ڪيو اٿس!
پڻ ڪاليج جي پرنسيپال گرفٿ صاحب جو، جنهن رامائڻ
انگريزيءَ بيتن ۾ لکيو آهي. ڪاليج ۾ انگريزي ۽
سنسڪرت ٻئي چڱي طرح سيکاريا ويندا آهن.
ديوان
ڏيارام، بنارس ۾ پروفيسر ڊائسن، جرمنيءَ جي مشهور
ويدانتيءَ سان مليو ۽ هن سان ويدانت بابت گفتگو
ڪيائين. ڊائسن صاحب، شنڪر آچاريه جي ادويت مت جو
آهي؛ جنهن موجب هر هڪ ۾ پرماتما آهي ۽ ان کي سهي
سمجهڻ لاءِ گهرجي انڀؤ ، انتر ڌيان، نشڪامتا، چڱا
ڪم، قرب ۽ قرباني.
بنارس مان ڏيارام بانڪيپور ويو، جا بهار جي راڄ
ڌاني چئي ٿي سگهجي. بانڪيپور مان پاٽنا ڏي ٽرين
وڃي ٿي، جنهنڪري ٻئي شهر ڄڻ گڏيا پيا آهن.
بانڪيپور ۾ ڏسڻ وٽان آهي گول گهر ۽ وڏو گنبذ، جو
گارسٽين صاحب 18 صديءَ ۾ اَن رکڻ لاءِ ٺاهيو هو.
انهيءَ گنبذ جو عجب اهو آهي جو جيڪي به چئو تنهن
جو پرلاءُ اهڙو صاف ٻڌڻ ۾ ايندو جو سمجهندؤ ته ڪو
ڀوت ٿو ڳالهائي. 138 ڏاڪا چڙهي انهيءَ گنبذ جي
مٿان پهچندؤ ته بانڪيپور ۽ پاٽنا جو نظارو خوب
ڏسندؤ. هتي به شون ۽ گنداڪي نديون اچي ٿيون گنگا
نديءَ سان گڏجن. بهار جي هن ترويڻيءَ تي به هريهر
جو ميلو لڳندو آهي. |