سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو  جيون چرتر

باب: پندرهون

صفحو : 27

اهڙيءَ طرح ٽن ورهين جا ايڪويهه ڀاڱا ۽ هڪ هڪ ڀاڱي ۾ ستن قسمن جي سامگري ڀريل آهي؛ ڀڳتي ڀاوَ وارن لاءِ ستوتر ۽ پرارٿنائون، گيان پريمين لاءِ گرواڻي ويچار، وگيان ويچار، اتهاس ويچار ۽ ڪرم مارگه وارن لاءِ انڀؤ ۽ سکيا.

هڪ هڪ ورهيه جي جلد لاءِ وري پرستاونا پڙهڻ مان ڪجهه ليکڪ جو مول مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ سندس اندرين منشا جي سڌ پوي ٿي. ٻئي جلد جي پرستاونا پڙهڻ سان چابڪ لفظ جي مطلب جي خبر ٿي پوي. لکيو اٿس:-

چپي چپي، هڻ من کي چابڪ،

تن وِڻ مشڪل رهڻ صادق:

جنمن جا ڀاري وڪار ٻلوان،

نهوڙي ويندءِ، نه رهين ساوڌان.

پريڪشائن ۾، جو فتح مند،

سو وڏ ڀاڳي، سوئي ارجمند:

رام نام جو ڪره بيچار،

سي ڌنونت گني سنسار.

2- کاڻيون کوٽيم گهڻيون گهڻيون،

کاڻيون عاشقن ڀڪتن تڻيون:

رجايم ڪڇ، جيڪي لڌم،

مان نه اتم، مان ته اڌم.

3- اگم نه مليم جي ديهه ڇڏڻ تي،

ملندم تڏهن جن کي ڌيائيم

اشارا جن جا ٿيا سڦلا،

خيال جن جا سمرٿ آئيم.

هت سنگه جن جو، دل جنين سان،

موت پڄاڻان تن سماگم:

ست سنگين نالا لکيم هن ليءِ،

ڀائر پڙهي ڳولن پرماتم.

يقينو منکي، انڀؤ گهڻو،

غائب پرگهٽ، دور نزديڪ:

روح ورتن ائين ٻين جي روحن،

ڏاهن جي وات ثابت ٺيڪ.

ملاقات تن هاڻي ادرشٽ،

آهن ڄڻ ته مور اشرير:

پر ڄاڻ بنا هن داس جي،

واپرن قلم مشڪ حرير.

4- جاڳرت ننڊ جو هيءَ جهان،

جيئن ماتا پيٽ ننڊ اسٿان:

موت در کولي ڪندم سجان،

ڏسندس جيوت انوسنڌان.

هت منهنجا سنگي لهندم سار،

اهڙو سنگه جنهن ۾ ڪونه ڀنگه.

5- شل هي پستڪ ٿي ست سنگه،

اهڙو سنگه جنهن ۾ ڪونه ڀنگه.

پرڀ سان لارائي رنگه،

سچي عشق جو شل ٿي چنگه:

آتم وديا جو شل ٿي انگه،

ڪڍي سڀ تعصب زنگه.

نواري مذهبي جنگه،

دل ڪنهنجي نه ڪري تنگه:

پيدا ڪري اسٿر اُمنگه.

دنيا نشو لڳي سکيو،

پرڀ حاضر سمجهڻ ڏکيو.

6- شڪرانا هر گروءَ جا،      ٻيو سال خير سان پورو

شڪرانا هر گروءَ جا، نه اجـــــــايو نـــــــــسورو.

شڪرانا هر گروءَ جا، جنهن روز لکارايو.

شڪرانا هر گروءَ جا،  جنهن روز ڌيــــــارايو.

شڪرانا هر گروءَ جا، جنهن تندرست رکــــــيو.

شڪرانا هر گروءَ جا، جنهن ڀرايو هي بکيو.

شڪرانا هر گروءَ جا، جنهن ڪار ڪمارائي.

شڪرانا هر گروءَ جا،  جنهن سکيا ڄمارائي.

7- اوَر ناهين ري ڪوئي،    اَن ناهي ناهي ري.

سروَ وياپڪ سائين، نه ساين کان به پري.

آفتاب لامڪاني، جلوو تنهنجو بيڪران.

آفتاب لامڪاني، سچا صاحب قرآن.

جسم سڀني عالمن، انتر جسم تنهنجي جان.

آستان توشهه راستي، سر نمايان ڀڳوان.

پردي ٻاهر پاڇا پاڇا، پردي ٻاهر پڻ پرلاءُ،

پردي اندر عشق نظارا، پردي اندر عشق صداءُ.

ڏيارام کي ايشور هر هنڌ نظر پيو ايندو هو ۽ عجيب هئي سندس حب الوطني! پرستاونا ۾ سنڌ کي هن طرح آسيس ڏني اٿائين:-

8- سنڌ غريبڙيءَ ۾ ستگرو،

ڏياريءَ پنهنجيءَ جو ڏيئو ٻارج.

سنڌ غريبڙيءَ ۾ ستگرو،

مٺائيءَ پنهنجيءَ جو، ڀاڳه وراهج.

سنڌ غريبڙيءَ ۾ ستگرو،

ڀڪتيءَ سچيءَ جو پايو پارج.

ٽارڻ هار، ديال، ستگرو،

سهرد شرڌالو، پراُپڪاري تارج.

ڀاڱي 9 جي پنجاهينءَ داخلا ۾ سنڌڙي سنڌڙي بابت خوب پنهنجا اُمنگه ظاهر ڪيا اٿس.

جلد ٻئي جا به ست ڀاڱا آهن؛ پهرئين جو نالو آهي ائڪيه مندر جي ضروري پؤڙي، مستقيم يقينو مطلق ۾. اُن جي منڍ ۾ سندر پرارٿنا آهي:-

نئون سال اُديم جو، پرڀو پيارا،

ڪجه برهم گياني، ڪرتا ڏاتارا.

جي توکي ڄاڻن سي پراُپڪاري،

جي توکي ڄاڻن سي آگيا ڪاري.

جي توکي ڄاڻن تن نرمل جڳت،

جي توکي ڄاڻن تن نرمل منت.

ڏي اهڙي ڄاڻ پرڀو سنيهي،

اُجار ڪارڻ، سوکم، ديهي.

ڏي اروگيه سٿول سرير،

من ٻڌ ڀر سچيءَ اڪير.

ٻئي ڀاڱي جو نالو آهي ”سهيلي پريم جوت“؛ ۽ منڍ ۾ سندر پرارٿنائون، ڀرنام سان من، ۽ انت ۾ وچن آهن:-

ڪهڙي نه سهيلي جوت، ڏني تو اڄ پران پتي.

ڌنيه ڌنيه تون ڪنت پيارا،

بخشيندين نيٺ سنجوڳه ستي.

ڀاڱي ٽئين جو نالو رکيو اٿس ”اوڙاھ“؛ منڍ ۾ آهي سندر پرارٿنا:-

هـــــــــي حـــــبيب هي قريب،

سيکار مونکي عاشقن جي ٻولي.

من ائين رتــــل ٿئي،

منهنجي سوکيم ديهه جي چولي.

سيــــــــکار سائـــــــــين محبت،

جنهن جو، پيارا، تون ئي لائق.

بخش مونکــــي سا غنيمت،

جا رکيم تنهنجي درسن شايق.

پڇاڙيءَ ۾ لکيو اٿس:-

چابڪن جو نيٺ ٿئڙو اثر،

داس هڪ کڻ اوڙاھ ميسر.

چوٿين ڀاڱي جو نالو آهي ”سوريه درشن“؛ منڍ ۾ آهي سهڻو پرٻوڌ، سمجهه پاڻ کي نيچ کان نيچ.

ڏس سڀ ۾ هڪ سائين،

ڪر تنهنکي پنهنجي ارداس.

اُهو نيٺ اونائيندو، رهه تون سڀ جو داس.

نيچ کان نيچ ملي اوچ کان اوچ،

اهڙي سگهه آهه اهمتا جي ڪوچ.

سمندر نه ٻوڙي غريب ٻوچ.

۽ انت ۾، انتر سوريه، جي انڀوَ بابت ڪوتا آهي:-

هڪ ڀڄنيڪ ٿيو کڻ بي هوش:

اَمرت ويلا، ورتُئن نروڌ.

انتر ڀِرُن وِچ سوريه پرڪاش،

بي هوشيءَ مان، جڏهن سجاڳه.

اهڙو پرڪاش، اڳه ڪڏهن نه ڏٺل،

کڙيو سج هيڪر، وري جلد ٻهر.

پوءِ ڀرن وچ، ساڌارن حالت،

پر جوت وڪاس، ڪيئن کِڻ به اسٿت

انتر جي نه سج، ته ڪيئن پرگ گهٽ،

ڪهڙي به شرير نياري حالت.

پنجين ڀاڱي جو نالو رکيو اٿس، سيتل نهچل جوت انوپ؛ ۽ منڍ ۾ ئي سروَ وياپڪ سيتل نهچل جوت بابت بيت لکيا اٿس.

آدتيه ورنا، تيج سُپرنا،

تون ساگر جوت، اسين ته جهرڻا؛

ڪرمن پرماڻ اچن آورڻا،

من بادلن مان به درسن ڪرڻا.

جيوت، وديا، لِيء اناتم اگيان:

آباد ٿيندو نيٺ بيابان.

تعليم سا شڌ جا ڏي پتجاءُ،

حاضران حضور تون سڀ جاءِ.

انت ۾ لکيو اٿس ته ”آديس تسيء آديس، آد، انيل، اناد، اناهت، جڳه جڳه ايڪو ويس.“

ڇهين ڀاڱي جو نالو آهي ”انتر سمشٽ جو پتيجاءُ“.

منڍ ۾ ايشور کي استاد سان مشابهت ڏنل آهي.

استاد ودياوان نيڪ خصلت،

شاگردن پنهنجن ۾ وجهي طاقت.

تيئن، پرڀو دياوان، نيڪ مصلحت،

پنهنجي ڀڪتن کي ڏي تقويت.

۽ انت ۾ سمشٽ کي سمٻوڌن ڪري ان جي شرن ورتي اٿس.

آد جڳاد ديال تو، ٺاڪر تيري سَرَڻا.

پر تصور کان اعليٰ، سرو حدن کان اعليٰ.

سمشٽ کان گهڻ ايڪتا، هر هڪ ويڪتي سمشٽتا.

سمشٽ اناد اننت، نرمل سدا تنهنجو منت.

سمشٽ هست ۽ سار، سمشٽ سدا نمسڪار.

تنهنجو اڄ پتجاءُ انتر، جڏهن ڀاري طوفان ٻاهر.

هنن چابڪن لاءِ وري لکيو اٿس:-

ننڊ ۾ ڏنائين خيال،

جن جهڙا نه اچن حال.

قلم پيارا تنهنجي هٿ،

تون ئي آهين منهنجي وَٿ.

سڀ تو مان ئي مولود،

سڀ توکان ئي پالود.

جلوو تنهنجو اڄ آيو،

هڪ کڻ جنهن آپ مٽايو.

شال اهڙيون کڻون وڌن،

شال ٽٽن سڀ ٻنڌن.

ستين ڀاڱي جو نالو رکيل آهي ”اوَر ناهي ري ڪوئي.“ منڍ ۾ الهام بابت ڪوتا لکي اٿس ۽ لکيو اٿس ته کيس انگريزي شاعر ڪئَڊمن وانگر الهام آيو آهي.

 

ڳائڻ وڄائڻ کان جو ڀڄندو هو،

تنهنکـــــي مـــــــليو الـــــــهام.

انــــــگريزي شــــــــاعر، پهريون ٿيو،

ڌڻ سنڀال جنهن ڪــــــام:

حڪم ٿيس، هڪ رات سپني ۾،

ڊڄ نـــــــه، هـــــــرگڻ ڳـــــاءِ.

اچي کنوَڻ کنوي، سندس من ۾،

ڏات تـــــنهنجي هَــــــــــرِ راءِ.

ڇهين صديءَ ۾ سنت پرگهٽيو،

ڌنـــــــــار تـــــــي ٿي ڪــــــــرپا.

مون مسڪين تي به، تو ڪرپا ڪئي،

ديــــــــال مـــــــــــاتا بـــــــــــــاپا.

۽ آخر ۾ بيت آهن، جن جو سرو آهي ”اَور ناهي ري ڪوئي.“

اندرين آڪــــاشِ، اڏند کـــــــٽولي،

چڙهي وري لهي، پتا ڪر سا اڏولي.

ٻن ورهين جو ٻالڪ ٻولي ماتا سان،

تيئن مــــــــان توسان ٻولـــيان.

پتا ماتا منهنجا، سدا ڪرپالو،

هـــــــردي دريــــــــون کولـــــــــيان.

جو تُڌُ ڀاويء ســــــو پروانا،

سؤکه سَهَجُه مَـــــــن سوئـــــــي،

ڪــــرڻ ڪـــــارڻ سمرٿ اپـــــارا،

اوَر نـــــــاهي ري ڪــــــوئي.

ڏسبو ته ٻئي سال جي چابڪن ۾ ڀڳتي ڀاو پرڌان آهي ۽ انتر جوت جو پرڪاش وڌيل آهي.

هاڻي جاچيون ڪجهه احوال ٽئين سال جي چابڪن جو، پرستاونا مان وري به ساڳيو سر پيو آلاپجي. لکيو اٿس:-

ڌنار ٻچڙي، دين وانگي، شاخون پڻ گڏ ڪيم.

ڏاتار، ديا ڪندو آيو، ساڪشي ديا، وري ڀريم.

2. سنڌڙيءَ شل سڌ پوي، ڪهڙا نه وڏا جهان علم،

مات ٿي منجهس تعصب، مٽن سڀ سندس ڀرم.

3. مون مسڪين جو سڀن کي عرض،

جهان سمجهڻ، اسان جو فرض:

تنهن سمجهه لاءِ ڪيم محنتون،

شل ڀائرن، ٿين ڪمائتيون.

هن مان صاف آهي ته ڪيئن ڏيارام اندرئين ۽ ٻاهرئين گيان جو جيڪو ڀنڊار ڪٺو ڪيو سو چابڪن جي وسيلي، پنهنجي ٻاهريان وڇڙيلن، پر اندر ۾ ياد رهندڙ، ڀائرن لاءِ پئي هر روز لکيو.

وگنان جا عجب، ويدانت جا عجب، جهان سمجهڻ ۽ جيو آتما ۽ پرماتما سمجهڻ، اها هئي سندس ڪوشش ۽ انجو نتيجو هو چابڪ. جيڪي موتي هٿ لڳا هئس سي ٻين کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪيائين. شل ان مان سڀيئي لاڀ وٺن، وت ۽ وقت آهر. ٽئين سال جي پهرئين ڀاڱي جو نالو رکيل آهي ”جي تيور ڌيان، ته تيوَر جيوتي.“ منڍ ۾ پرارٿنا آهي:-

سنيم ڪر سد آنند،

 

سنيم ڪر سد آنند.

سنيم ڪر پرمانند،

 

سنيم ڪر سد اکنڊ.

اوَر ڪو ناهي ري،

 

اوَر ڪو ناهي ري.

تو ۾ به تيج ري،

 

جو ڪنهن کان نه پري.

تيجسوي تيجسوي،

 

جو سڀ آباد ڪري.

۽ انت ۾ جيڪي اشارا ڏنل آهن تن مان هڪڙو آهي:-

امرت ويلا ايڪانت شانت،

 

امرت ويل رَتَن سان راچُ.

راچ راچ رتن سان،

 

جيئڙا، گر پرساد، پائين ساچ.

تيوَر ويراڳه وڏي ڪيميا،

 

لائي سا پريمي ڌيان.

اننت، نرنجن، جوت سروپ،

ڏيندءِ نيٺ پرتئڪش گيان.

ڌيان ڌريان، پرگهٽ ٿئي جوت،

ستگرو، گهٽ گهٽ ڪر، تنهنجي اوت پوت.

ٻئي ڀاڱي جو نالو آهي ”وروڌن هوندي به ايڪو.“ منڍ ۾ آهي مڌر اوت پوت جي ساراھ.

ٻاهر پساه جو اسين ڪڍون ٿا

تنهنجو اثر آھ بلڪل زهري.

نباتي عالم، سج جوت مدد سان،

بنائي سو اناجي شڪري.

مايا جي وکه مان، اناتم جي وکه مان،

آتما ڪڍي، ايئين، جيوت جوت.

جيئه، ڌياءِ گر منتر پوتر،

تو ۾ به ٿيندي مَڌُر اوت پوت.

۽ پوئين بيت جو سرو آهي، ”وروڌن هوندي به ايڪو.“

متنترن وروڌن، هوندي به تون ايڪو،

وروڌن به سرود، ساهُرو گهر پيڪو.

تون ئي تون، ديال، دينن لاءِ ٽيڪو،

ڀاوي جيڪي توکي، سو داس لِيء نيڪو.

لهرئين کي ڀِنّتا، ساگَرَ ايڪتا،

پرتبنبن ڀنتا، بنب کي ايڪتا.

نرگڻ اڪال، ۽ ساگر ۽ بنب،

کنڊ برهمند، موجؤن پرتبنب.

ٽئين ڀاڱي جو نالو آهي ”مطرب جي تار“ منڍ ۾ آهن ويچار، ”تون منهنجو بڻ“.

نه چوي هوا ساھ نه کڻ،

نه چوي جوت منکي نه چُڻ.

ڪير آھ مون ۾ ساھ کڻي ٿو،

ڪير آھ مون ۾ جوت چُڻي ٿو.

اوت پوت سڀ ڪير اُڻي ٿو،

ڪير ٻيجي ٿو، ڪير لڻي ٿو؟

مان هڪڙو وڻ، تون منهنجو بُڻ،

مون ۾ اوگڻ، ڪرين تون گڻ.

۽ آخر ۾ هڪ انڀؤ ڏانهن اشارو ڪيو اٿس ۽ ايشور کي مطرب ۽ پاڻ کي ان جي تار ٿيڻ لاءِ آراڌنا ڪئي اٿس.

هـــــي مــــطرب پـــــيار،

 

ڪريـنم پـــنهنجي تـار.

هـــــي رزق داتـــــــــار،

 

ڏيــــنم خَمــــيرُ خُـــــمار.

هـــــي گــــــڻن داتــــــــار،

 

آڻ ڀَلــــــــــن قــــــــــطار.

هـــــي مــڪتي داتــــــار،

 

ڪر هؤمِيء ”زيرو زار“.

هـــــي سونـــــها ســردار،

 

وٺ مــــــنهنجي مـــــهار.

جـــيئن مــغز نــغز کـي،

 

چــنگـــــه ۽ تـــــارون،

جـــــهان، هــــي مـــطرب،

 

تــــــو چــــنگه تارون.

مـــــطربـــا، دل ربـــــــا،

 

خـــــوش نـــــوا، خـــــــالق.

مــــــــــــاهه، مـــــــــــهر،

 

سپهر جا اعظم مالڪ.

آڱـــــر رکه پــــــنهنجي،

 

مــنهنجي مسڪين تارَ.

آڱـــــر رکـــي پــنهنجي،

 

مُـــــــــــئُل جــــــــــيئارِ.

هن ورهيه جي داخلائن جي چوٿين ۽ پنجين ڀاڱي مان جلد چوٿون ڇاپيو اٿن، پر سلسلو ساڳيو ئي هلندو اچي.

چوٿين ڀاڱي جو نالو، ”مطرب جي سٽ.“

انقلاب زور، هن سرشٽ:

جتي لائين، اونهي درشٽ

مڇيءَ مغز، مَنُکه لڪيل،

اوِدِيا ۾، وِديا ٽڪيل.

منکه ۾ به، جيڪي نِهت،

هڪ ڏينهن، ٿيندو پرورت.

غريبي سا بادشاهي،

ونِيءَ ۾ ڏس پاڻ اِلاهي.

۽ آخر ۾ لکيو اٿس ”سچ کنڊ اکنڊ“ بابت، ته اهو هتي به حاضر.

سچ کنڊ اکنڊ: آهي نه ڪنهن هنڌ؛

سچ کنڊ اکنڊ: گهرجي ڪانه ٻَنڌِ.

سچ کنڊ اکنڊ: آهي سڀڪنهن هنڌ؛

سچ کنڊ اکنڊ: پاڻهي پنهنجي ٻَنڌِ.

سچ کنڊ اکنڊ: آهي ناهي ڪو سنڌ؛

سچ کنڊ اکنڊ: پوي ڪرڻو نه پنڌ.

جي ستگر ڪڍي، داسَ ڌنڌُ انڌ.

پنجين ڀاڱي جو نالو رکيو اٿس ”جُزوَن ۾ شعلا آڌري“. پهريائين ڪئي اٿس پرارٿنا، پاڇي واريءَ جوت کان پار پهچائڻ لاءِ:-

تار، تار، الکه نارائڻ،

آد جڳاد، نرنڪارا،

 

پار پار دکڻ – اترائڻ

آدجڳــــــــاد ايـــڪنڪارا.

نينَ جت، سچ جوت اڪارا،

نه ماٽي جا پتا ماتا،

 

نه چابڪ نه مارڻ هارا.

نه ڏاڙهڻ هار ڪتا.

آخر ۾ انوڀو ڏنو اٿس:-

ننڊ بڻيل گيت، جاگرتُ نه ياد،

وري ٻهرِنندَ، آيو تَنهنجو ناد.

جاگرت، اُهو به، وري گم ٿيو:

کوه اندر کوه، تنهن اندر ٻيو.

پکيئڙا، پکيئڙا، ڇو اڄ مٺڙا تنهن جا ٻول،

اچن ٿا منهنجي ڪَنِ ويٺي ويٺي نامَ تول؟

معشوق تو دوارا، ڏي اَلست شراب،

معشوق تو دوارا، ڏي سوال جواب.

هر هر ذري دوارا تنهنجي ناظري،

ڏٺم پاڻ ۾ به تنهنجا، شُعلا آذري.

ڇهين ڀاڱي جو نالو آهي ”انوار ۽ آثار“. هن سال ۾ ڏسجي ٿو ته شمس تبريز ۽ مثنويءَ جو خاص اڀياس ديوان ڏيارام پي ڪيو آهي. پويان ٻه ڀاڱا هن سال جا فارسي لفظن سان پُر آهن، جيئن پهرئين سال جا ڀاڱا هندي ڀاشا جي لفظن سان.

ڇهون ڀاڱو شروع اٿس، ”خود انڪار مهه اقرار“، جي بيتن سان:-

ضربخاني مان نڪرن ڪئين سِڪا

چئي سگهجن سڀ راجا جا ڪڪا:

هرڪو سڪو، هزار ڪم ڪري،

چئي سگهجي، راجا کان پري؛

چئي سگهي، وري، راجا حاضر،

شڪل سنديس، سڀ ڪڇ جي ناظر.

هڪ پائي، به ائين، راجا راڻي،

جتان سڪِتي، ات نيٺ سماڻي.

آخر ۾ انوار ۽ آثار تي بيت لکيا اٿس، ڪجهه ڏجن ٿا:-

هڪ گوهر کان، انيڪ انوار؛

انيڪ انوار: انيڪ آثارَ؛

انوار، آثار: تن سڀني هڪ آثار؛

پرسپر سنٻنڌ، مهه ڪُل اپارَ،

هڪ وقت هئين عالم اَنوار،

ڪِري آئين، هت عالم آثار.

محنت ڪرڻ سان، وڃي سگهين پار

محنت آڻيندي، مءهرڦ سَچيارَ.

محنت سڀاڳه، لاراهيندءُ ڀار،

ملائيندءُ نيٺ، هي روحَ، منٺارُ.

وري لکي ٿو:-

ٽيون ورهيه، ٽيون ورهيه، جلد ئي ٿيڻو پورو

ڪهڙو نه ليکه، ڪهڙو نه ليکه، پرتو ستو ۾ سمورو.

مون نه سُڌ، مون نه سُڌ، ڪهڙو پائيندم پرڀ چوڙو

اِياڻي ٿيءُ سياڻي، منڌ، منگه نه اُجورو.

منڌ منگه نه اُجورو، ڪڏهن ٿيڻو نه ڪجوڙو

هردي اُدار ڏاتار، ستوَ پرتو، سد، سدورو.

منڌ ويڳاڻيءَ، گهر پَتِ مسافر:

اهڙو آنند، کڻ هردي ٿيو حاضر.

انوار آثار: آثار انوار-

سڀ روپ انوپ، هڪ يارَ غارَ.

جو سمجهون مسافر، سدا باقرار-

جو سمجهون مسافر، سدا گهر ٻار،

ايڪو نام ڌياءِ تون، سکه پاوهه ميري ڀائي-

هؤ مئي دوجا دور ڪر، وڏي وڏيائي.

ٽئين ورهيه جي ستين ڀاڱي جو نالو به عجيب، هماچل شکر ۽ رات جو سج، يعني هماليه جي چوٽي ۽ رات جو اُجالو. پهريان بيت اٿس پرتو تي، وري به الهام جي اتهاس کي ٿو ياد ڪري:-

چوٽيهه مهنا روز روز، پرتو کان مَتو سَتا

چوٽيهه مهنا، روز روز، سَتو کان رج، تم رتا.

چوٽيهه مهنا روز روز، پوتل، پرڀ جا پتا

چوٽيهه مهنا، روز روز، پاتل پرڀ جي عطا.

پوئينءَ باقي ستوتر آهي، هماچل شکر ۽ رات جو سج:-

پوءِ پنهنجي تار ۾، شاههَ راههَ غيبي عالم-

ڏسجي نه منهنجي عيبن، سروڌڻي، نرليپ نرالم.

بيچون تون درون بيرو، دل غفا اچ يار غار

سيتل هماچل، شکر، شانت ايڪانت اُت اَپار.

اکه لڳي ويئي، نام جپيندي،

جاڳيس رات، سج آڪاش چڙهيو

انتر آڪاش، چڙهيو سورج،

تارن اڇن، فرش عرش، مڙهيو.

وڌندي ويئي، تيزي بارش،

وڌي پڻ ڌُن، نام جي به، اُرو.

مينهن ڪرپا جو، وسيو هردي-

انوڀو جو اُگيو نئون تَرو.

ستگر لائق، ڪيا پنهنجا،

پرڀ وٽ ڪيو، نماڻو سرخرو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org