سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو  جيون چرتر

باب: چوڏهون

صفحو : 17

ديوان ٺاڪرداس ڏانهن خط

 

پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺيءَ کي جيڪي پرٻوڌ ڀريا خط ديوان ڏيارام لکيا هئا تن جو ذڪر به ينگ بلڊر ۾ جولاءِ 1928ع کان سپٽمبر 1928ع وارن پرچن ۾ ٿيل آهي. انهن مان به ديوان ڏيارام جي سکيا ۽ ويچارن جو پتو پوي ٿو. تندرستي بچايو؛ هوميوپٿي سکو ته رنج ڪنجهه ۾ پنهنجو علاج پاڻ ڪري سگهو؛ طبيبن تات نه پئو؛ سدا پرارٿنا ڪندا رهو ۽ ايشور جي شيوا سان گڏ انسانن جي ٽهل به ضرور ڪندا رهو؛ ايشور پنهنجن پيارن کي سويلئي سڏ ڪندو آهي؛ موت وڌيڪ وشال حياتيءَ ڏانهن نيندڙ دروازو آهي وغيره. انهن پرٻوڌن سان گڏ هڪڙا ٻه خاص پرٻوڌ هندو مسلم ايڪتا لاءِ ڪم ڪرڻ جا ۽ عالمن جي پنگتي حالتن سڌارڻ جا خطن ۾ لکي موڪليا اٿس، جن جو ڪجهه وستار سان تات پرج ڏيڻ پڻ ڪمائتو ٿيندو. سندس ناٺي ديوان ٺاڪرداس، ڄمون ڪاليج ۾ وديارٿي هاسٽيل مٿان سپرنٽينڊنٽ هو. هندو مسلم ايڪتا آڻڻ لاءِ کيس 2-سيپٽمبر 1927ع جي خط ۾ هيٺينءَ طرح صلاحون لکي موڪليائين؛-

پهريائين ته صبوح جو ايشور ڌيان ۽ اپاسنا ڪندي پنهنجو پاڻ ايشور جي شيوا ۾ ارپڻ ڪندو رهه ۽ سندس رهنمائيءَ لاءِ پرارٿنا ڪندو رهه. ائين ڪرڻ سان جيڪو تنهنجي ويجهو ايندو، تنهن تي تنهنجي اُهاءَ ۽ تيجسوي چڪر جو اثر پوندو ۽ اهو دل ۾ سمجهندو ته هو مرد خدا جي ڀرسان آيو آهي.

ٻيو ته ڪٽر مذهبين ۽ تعصبين ۾ به ايشور جي تصوير ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو رهه، ۽ انهن سان به دويش نه رک. اسلام ۾ خدا لاءِ گهڻي کان گهڻا ڀيرا چيل آهي ته هو رحمان رحيم آهي؛ تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جي دل ۾ ديا ڪانهي ته ان جي حالت سچ پچ رحم جوڳي آهي، نه ڌڪار جوڳي. ويچارن جو تمس ۽ رجس کين رولي رهيو آهي ۽ پاڻيهي پنهنجي چوڪن جو نتيجو ڀوڳي ستو تي پهچندا. انهن ۾ به ساتوڪ حصو آهي، جو ساتوڪ ورتاو سان جاڳائڻو آهي. تڏهن ته مان هوميوپٿيءَ جي اڀياس تي ايترو زور ڏيندو آهيان، جنهن موجب خبر ٿي پوي ته هر هڪ زهر ۾ به امبرت لڪل آهي، جو ڪم ۾ آڻڻ گهرجي. جيئن ايشور شڪتيون، آڪاش، وايو، تيج پاڻي ۽ ڌرتي، پنهنجو فيض هرهڪ کي پهچائين پيون، تيئن اسان کي به هر هڪ سان، ڇا هندو ڇا مسلمان اڀيد ڀاوء سان ڀلائي ڪرڻ گهرجي.

3- هاسٽيل ۾ رهندڙ هر هڪ هندو، مسلمان شاگرد کي جدا جدا جاچڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ۽ پوءِ هر هڪ جي گهرج موجب کين ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن ۽ ڪهڙيون ڪلائون سکڻ گهرجن تن جي صلاح ڏي. هاسٽل ۾ سهڻيو مورتون، شانتيءَ ۽ خوشيءَ ڀريون هنڌ هنڌ ٽنگائي ڇڏ. سندر ڀڄن ۽ ڪيرتن ٿيندا رهن. اوچ ڌارمڪ پستڪن جو پستڪاليه هجي ۽ هر هڪ کي همٿاءِ ته پنهنجي جيوت لاءِ ڪو اوچي کان اوچو آدرش سامهون رکي.

4- واري وٽيءَ هڪ ڏينهن هڪ مسلم شاگرد ۽ ٻئي ڏينهن هندو شاگرد کي پاڻ سان گڏ گهمڻ لاءِ وٺي ويندو ڪر ۽ جي ٿي سگهئي ته کيس گهر اچي گڏ ميوو وغيرهه کارائي پاڻ سان هيري ميري ڇڏ. ڀل ته پنهنجا اهنج آزاد طرح توکي اچي ٻڌائي سگهن. انهن کي ڌيان پچائڻ جي عادت ٺاهڻ ۾ همٿاءِ. انساني ڀراتري ڀاوء وڌائڻ جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏين. سندن نالا الف بي وار ڪتاب ۾ داخل ڪر ۽ هر هڪ لاءِ سندن گهرج آهر دعا ڪندو رهه ۽ دوا جي گهرج هجين ته هوميوپٿيءَ موجب سندن ساهتا ڪرڻ جي ڪوشش ڪر.

5- مسلمانن تي اثر ڄمائڻ لاءِ قرآن شريف مان واقف ٿيڻ گهرجيئي ۽ انهن جي اوچ سکيا مان انهن کي ڪجهه ڪجهه ٻڌائيندو رهه. قليج بيگ اهڙا سکيا ڀريا وچن قرآن شريف مان چونڊي ڪڍيا آهن جي ڪمائتا ٿيندءِ. ساڳيءَ ريت جيڪي گلستان ۾ سعدي چيو آهي سو ويچار ۽ پرچار ڪرڻ جوڳو آهيِ:-

بني آدم اعضائي يک ديگراند

که در آفرنيش زيک جوهراند

آدمي سڀيئي هڪ ٻئي جا عضوا آهن، يعنيٰ عضون وانگر ڳنڍيل آهن، ڇاڪاڻ ته سندن پيداش هڪ ئي جوهر مان آهي. بوستان ۾ آکاڻي آهي ته ڪيئن حضرت ابراهيم کي تنبيه ملي جڏهن هن يهودي مهمان جي مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو مسلمانن وانگر کائڻ کان اڳ خدا جي شڪر گذاري ڪرڻ تي هريل نه هو. تيئن ئي مثنويءَ ۾ چيل آهي ته خدا، موسيٰ کي ڇنڀيو، ڇاڪاڻ ته هن هڪڙي ٻڪرار کي ڪافر سمجهيو، ڇو جو هن ايشور جي پوڄا پنهنجي دهقاني نموني ٿي ڪئي. صوفي متي ۾ ته ايڪتا جا اصول ڀريل آهن ۽ اهي تمام ڪمائتا آهن. ڪيترائي انسان ايڪتا ۽ ڀراتري ڀاوء سان ڀرپور آهن. اهڙن کي شاگردن اڳيان وٺي اچڻ گهرجي. سندن درشن مان ئي ماڻهوءَ جي دل سڌرندي.

6- آئرلنڊ ۾ به پراٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿلڪ هئا.

پارنيل جي حياتي پڙهي ڏسو ته ڪيئن هن انهنجا مذهبي تڪرار دور ڪرڻ ۽ انهن ۾ ايڪتا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. گرو نانڪ صاحب پڻ اسلامي اصولن جو روحاني تت سمجهايو آهي. هندن کي سمجهايو ته سندن گيتا ۽ اُپنشدن موجب هنن کي هر هڪ انسان ۾ ايشور ۽ حق موجود ڏسڻو آهي. مسلمانن ۾ به ساڳيو رام ۽ رحيم رمي رهيو آهي؛ انهن ۾ به ايشور پسن. تنهنڪري هندو مسلمان هڪ ٻئي سان ڌيرج ڌرين ۽ کميا ڪن ۽ ڪو به ساڙ نه سانڍين. وير وٺڻ کان کميا صدبار بهتر آهي، بهادري ۽ ويرتا به انهيءَ ۾ آهي ته هڪ ٻئي کي معاف ڪجي ۽ ماڻهپو ڏيکارجي.

عاملن لاءِ ديوان ڏيارام لکيو آهي ته جڏهن ڪنهن به پنگت جا ماڻهو سوارٿ ۾ اچي فقط پنهنجو ئي خيال ٿا ڪن ۽ عام خير جو خيال ڇڏي ٿا ڏين، تڏهن پنهنجي پنگت جي سونهن سڄي چٽ ڪري ٿا ڇڏين. جڏهن ڪنهن نيات جو هر هڪ آدمي فقط اهو خيال ٿو ڪري ته مان اڳڀرو ٿيان، پويان وڃي پست ٿين ته اُن ۾ منهنجو ڇا؟ ته انهيءَ نيات تي ايشور جو ڪوپ ٿو اچي. ايشور وٽ ته خودياوريءَ ۽ قربانيءَ جو قدر آهي ۽ پرائي جيوت تي جيئڻ لاءِ سزا آهي. سرڪاري نوڪري عامن لاءِ هڪ پِٽَ ثابت ٿي آهي جو هو رشوت خور ٿي پيا آهن. هر هڪ نيات کي ياد ڪرڻ گهرجي ته جيڪي پوکبو سوئي لڻبو. جيڪو ماڻهو خود غرضيءَ ۾ خوش رهي پنهنجي ڌيءَ اُڪلائڻ لاءِ 25000 هزار رپيا ڏاج ۾ ٿو ڏئي سو جيڪڏهن اوترو ئي پيسو پنهنجي نيات جي سڌاري جي ڪم ۾ لڳائي ته سوَن جو سک ڪري ڇڏي ۽ پاڻ به چٽيءَ کان بچي پوي. پر اڃا عاملن کي اها ٻوجهه ڪانه پيئي آهي. ڏسو سڌار سڀا جو ڪهڙو حال ٿيو.

چڱن ۽ سچن ماڻهن جي فهرست ٺاهيو؛ انهن کان پڇو ته ڪيترو وقت يا ڌن سڌاري لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهن؟ انهنجي هڪ برادري ٺاهيو ۽ اهي مثال ٿي ڏيکارين ته ڪيئن بدن جون گهرجون گهٽائجن ۽ آتما جي اُنتي ڪجي، سادو رهجي پر اوچو ويچار ڪجي ۽ آدرش رکجي. اهي پاڻ مان هڪڙو کڻي پگهار تي رکن جو سارو وقت نيات جي پٺتي پيل ڪٽنبن کي جاچي ۽ انهن کي مدد ڪري. جيئن بورا هڪ ٻئي کي روزگار ۾ لائڻ ۾ مدد ڪندا آهن، تيئن هر هڪ نيات کي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن انتظام هجي ته سڀ درد دور ڪري ٿا سگهجن، گندا شهر صفا ڪري ٿا سگهجن، بيماري، بک ۽ بيروزگاري دور ڪري ٿي سگهجي. گهرج آهي ايڪتا ۽ انتظام جي. چڱن ماڻهن جي برادري ٺاهي، قرباني ڪري، وقت ۽ ڌن کي انهن سڌاري جي ڪمن ۾ لڳائڻ کپي. پوءِ سڀ سُک گهر گهر پهچائي ٿو سگهجي.

ڊاڪٽر هرنامداس ڏانهن خط

ديوان ڏيارام کي چڱن ماڻهن جو ڏاڍو قدر هو ۽ انهن کي ڀائن وانگر هلائيندو هو. ڊاڪٽر هرنامداس کي ساري عمر چڱن ڪمن ڪرڻ لاءِ هن پاڻ وٽ رکيو. جتي به ڪا آپدا ايندي هئي، پوءِ ڏڪار هوندو هو، توڻي ڪا بيماري، ته ڊاڪٽر هرنامداس کي مدد لاءِ اتي موڪليندو هو ۽ هنکي خرچ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي مدد ڪرڻ جي پوري اختياري ڏيئي ڇڏيندو هو. ڌرمپور ۾ سهائتا جي ڪم لاءِ، سنڌ ۾ صحت سڌار جي پرچار لاءِ، ڏڪار ۾ سهائتا لاءِ، وبا وغيره ۾ مدد ڪرڻ لاءِ، شانتي آشرم کولڻ لاءِ، مطلب ته هر طرح چڱن ڪمن ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر هرنامداس کي ديوان ڪم ۾ لڳائيندو هو. ڊاڪٽر هرنامداس سان سندس خط پٽ به پر اُپڪار ۽ پاڻ سڌار جي بنسبت آهن. سنه 1903ع کان 1927ع تائين سندس خطن جا فائيل جاچي منجهائن ڪجهه اپيوڳي خيال هيٺ ڏجن ٿا.

جنوري 1907ع ۾ سورت مان لکيل خط ۾ ڊاڪٽر هرنامداس کي ديوان اشارو ڪيو آهي ته ڪو قرباني ڪندڙ ودوان لهه، جو خود فقير ٿيڻ کان نه ڊڄي ۽ فقير ٿي فقيرن ۽ ساڌن ۾ رهي انهن کي سڌاري. هندستان ۾ چڱن قرباني ڪندڙن ماڻهن جي ڪوتاهي آهي.

ٻئي خط ۾ لکيو اٿس ته مون کي رمتُو راڳيندڙن سان ڏاڍي دل آهي. اهي چارڻ اڳين ڏينهن ۾ تمام چڱو ڪم ڪندا هئا. اڃا انهن مان ڪي شايد هٿ لڳي سگهن جي ڳائيندڙ اپديشڪ ٿي ڪم ڪن ته ڏاڍو چڱو. اهڙن کي ڳوليندو رهج. سنڌ جي غريب شيوڪن واسطي هڪ ڳٽڪو لکه. اُنهيءَ سان شيوڪن کي همت ايندي ۽ ڀلو ٿيندو. 26 مارچ 1910ع ۾ احمدآباد جي لکيل خط مان معلوم ٿو ٿئي ته ديوان ڏيارام کي خوشي ٿي جڏهن ٻڌائين ته ڊاڪٽر ريوبن به ڊاڪٽر هرنامداس سان گڏ اچي ماڻهن جي شيوا لاءِ شامل ٿيو آهي ته جيئن ڊاڪٽر هرنامداس سندن بدني بيماريون ڇٽائي ته هو ڀڄن ڀاوء سان سندن اندر ٺاري.

اپريل 1912ع ۾ لکيس ٿو ته مان Eugenics سنٿتي سڌار تي ڪتاب ويٺو پڙهان، جيئن اسان کي ڪوڙهين لاءِ جدا آشرم آهي تيئن بي سمجهه يا گهٽ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ به جدا آشرم هئڻ گهرجي؛ نه ته اهي چريا ۽ بي سمجهه شادي ڪري وري چريائي پکيڙيندا. انهيءَ لاءِ حقيقتون ڪٺيون ڪريو. ڪهڙو نه ديوان جو هر هڪ طرف ڀلائيءَ جو ويچار هو!

10-سيپٽمبر 1911ع تي بلو بنگلو بئندورا مان لکيس ٿو ته ڀلائيءَ جا ڪم ڪندڙ سيکاري تيار ڪري ڏي. ڪيولرام جي اندر ۾ عام خير جا جذبا جاڳائيندو رهه، جيئن هو ٻالڪ پڻي کان وٺي چڱائي ڪرڻ ۾ چت لڳائي ۽ پاڻ ڀلائي ڪندو رهي. زالن کي سيکاري تيار ڪرڻ ڪجهه مشڪل آهي، پر مردن کي سيکاري تيار ڪرڻ لاءِ ڪوشش پيو ڪريان جيئن هڪ ٽولي ٺهي جنهن جو نالو رکجي غريبن جا ڀائر. وري ٻئي خط ۾ لکيس ٿو ته ڀائي ڏيئلداس کي يتيم خاني جي ڪم هلائڻ جو ارادو آهي، کيس انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪج. مطلب ته ”آهي ڪا لاچاري؟ ته رهج حاضر شيواڌاري.“

سنه 1913ع ۾ ڊاڪٽر  هرنامداس، ديوان ڏيارام کان آتمڪ صحت جي سڌانتن بابت پڇندو رهيو ۽ جواب ۾ ديوان ڏيارام لکيس ته افلاطون جا ڪتاب ۽ اُپنشد پڙهه. پتنجليءَ جي يوگه سوترن ۽ شنڪر جي ويدانت سوترن جو اڀياس ڪر. ڪار لائيل جو سارٽر رزارٽس ۽ ايمرسن جا مضمون ۽ برائوننگه، ٽينيسن ۽ رسڪن جا چونڊيل ليک ۽ سنت فرانسز جا ڪتاب ويهي ويچار سان ڏس.

ڪيترن خطن ۾ ديوان ڏيارام جو اهو اشارو ڏنل آهي ته جتي وڃين، اُتي جا چڱا آدمي وڃي پڇ ۽ اُنهن سان وڃي سنگت ڪر ۽ اُنهنجي جيون چرتر ۽ چڱن ڪمن جو احوال مونکي لکندو ڪر. ڪنهن به سچي سنت ۽ سچي ڀڳت جو پتو پويئي ته لکي موڪليندو ڪر.

وري ڪيترن خطن ۾ هوميوپٿيءَ جي پرچار بابت لکيل اٿس. هوميوپٿي موجب هرهڪ زهر اندر امرت لڪل آهي. ايشور وڏي ۾ وڏو هوميوپٿي هلائيندڙ آهي. هي لڙايون، برايون، ڏک، درد سندس ننڍي ۾ ننڍي دوا جا وزن آهن ماڻهن جي اندرين بيمارين ڇٽائڻ لاءِ.

22- اپريل 1924ع تي ديوان ڏيارام ڊاڪٽر ڏانهن هيٺينءَ طرح لکيو آهي:- ويجهن عزيزن ۽ پيارن جي موت ڪري ڪو اسان کي چڱن ڪمن ڪرڻ کان ڪنارو ڪين ڪرڻ گهرجي؛ مگر آتم موڪش ۽ جڳت هِت لاءِ سدائين پوري پوري ڪوشش ڪندو اچجي. انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ تمام گهرو سنٻنڌ آهي. ايشور اسان جي اندر آهي ۽ ڪڪرمن ۾ به ڪڪرمن کان ڇٽڻ جو ذرو رکيو اٿس؛ تنهنڪري جڳت هِت جيترو ٿئي اوترو ڪندو رهجي. غم نه ڪجي پر غريبن، بيمارن ۽ دکين جي دُک دور ڪرڻ لاءِ ڪم هميشه ڪندو رهجي.

7- مئي 1924ع جو ديوان ڏيارام، ڊاڪٽر هرنامداس ڏانهن هڪڙو تمام سٺو خط لکيو آهي جنهن ۾ ڏيکاريو اٿس ته سنسار کان ڪنارو ڪري سانت ايڪانت ۽ ڌيان يوگه ۾ وڃڻ جو اڌڪاري ڪير آهي؟ ڪرم جو مارگه ڇڏي گيان، ڌيان، سانت ۽ ايڪانت جي منزل اختيار ڪرڻ کان اڳه ۾ ماڻهوءَ کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته:-

1. منهنجي دل سچ پچ پاڪ آهي ۽ تنهنڪري منهنجي طاقت ڏهن ماڻهن جي طاقت جي برابر ٿي چڪي آهي يا نه؟

2. منهنجي دل سموري ايشور طرف ڇڪيل آهي يا نه؟

3. ايشور جي مهر ۽ ديا جي نظر مونتي آهي ۽ مونکي ڪنهن به دنيوي حسن جي پريم کان وڌيڪ ٺاري ٿي ڪين نه؟

4. اندر جو ۽ ايشور جو آنند هر هر دل هلائي ٿو يا نه؟

5. ويساهه ۽ اَرداس سان منهنجو اندر اُجالو ٿو رهي يا نه؟ منهنجي دل ڪم ۾ ۽ ارادي ۾ ستيءَ جهڙي پوتر آهي يا نه؟

6. جوت منهنجي اڳيان ٻرندي نظر اچي ٿي يا نه؟ اونده کان اونده ۾ به اُها جوت ايشور جو اُجالو پکيڙيندي ٿي رهي يا نه؟

7. اندر ۾ ڪي نرم نرم آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ اندر ئي اندر ڪي سوريه آڪاش منڊل جا سر، انهد باج ۽ ڪرتار جي ڪنگري اندرئين آڪاش ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا يا نه؟

8. ڪي برڪتي درشن پراپت ٿين ٿا، سورڳي نظارا نظر اچن ٿا يا نه؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org