سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو  جيون چرتر

باب:چوڏهون

صفحو : 16

گدومل سنسڪرت پاٺشالا حيدرآباد سنڌ

گدومل سنسڪرت پاٺشالا

هيءَ سنسٿا اصل ديوان صاحب جي پيءُ منشي گدومل جي شروع ڪيل هئي. سنه 1870ع ڌاري منشي گدومل کي ويراڳه ورتي اُتپن ٿي. هو هردوار تيرٿن تي ويو ۽ اتي ڪيدارناٿ نالي پنڊت وٽ وڃي 8 سال اڀياس ڪيائين. اتان موٽڻ بعد منشي گدومل دنيا جو ڪم ڪار پنهنجن صالح پٽن، ديوان ميٺارام ۽ ديوان چئنراءِ جي هٿن ۾ ڇڏي، پنهنجا سمورا ڏينهن پڙهڻ ۽ پاڙهڻ ۾ گذاريا. ڏٺائين ته انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد شهر ۾ هڪڙو سنسڪرت جو ودوان برهمڻ ڪونه هو؛ تنهنڪري برهمن کي سنسڪرت پڙهائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيائين. جيڪي برهمن وٽس پڙهڻ ايندا هئا انهن کي کاڌو ڪپڙو به ڏيندو رهيو. کاڌي ڪپڙي جون چٺيون پنهنجي پٽ ديوان ميٺارام تي لکندو هو ۽ هو اهي سڀيئي برچشم ڪندو هو. پڇاڙيءَ جي وقت پنهنجي پٽن کي چئي ويو ته اهو سنسڪرت وديا جو ڪم اوهين هلائيندا اچجو؛ اها منهنجي آراڌنا اٿوَ. پنهنجي حياتيءَ ۾ منشي گدومل اهو ڪم پاڻ اوطاق ۾ هلائيندو هو؛ پوءِ اهو ڪم مکڪي گهٽيءَ ۾ رکيو ويو ۽ ديوان گدومل جي سيکاريلن مان سريِشٽ برهمڻ چونڊي اهو ڪم جاري رکيو ويو، پوءِ ديوان ڏيارام انهيءَ پاٺشالا لاءِ ميونسپالٽيءَ کان پٽ ورتو ۽ سنه 1900ع ۾ انهيءَ پاٺشالا جي هاڻوڪي عمارت ليڊي ڊفرن اسپتال جي سامهون جوڙائي ويئي، جتي اڃا چالو آهي. انهيءَ سنسڪرت پاٺشالا ۾ ڏسڻ وقت 100 کن وديارٿي هئا ۽ انهيءَ ڪم جا ٽي وڀاڳه هئا؛ هڪڙو ڇوڪرن جو وڀاڳه، ٻيو ڪنيا وڀاڳه، ۽ ٽيون راتري شالا.

پهريون وڀاڳ- وديارٿي ڪلڪته جي سنسڪرت پرويشڪا وياڪرڻ ۽ ساهتيه ۽ مديما ويا ڪرڻ ۽ ساهتيه لاءِ تيار ڪيا وڃن ٿا. هيل تائين ڪيترائي وديارٿي اهو امتحان ڏيئي آيا آهن. جيئن ته 1932ع ۾ 9 وديارٿي موڪليا ويا، جن مان 8 پاس ٿيا: 7 فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ هڪ سيڪنڊ ڪلاس ۾. انهيءَ سنسڪرت پاٺشالا تي ساليانو خرچ اٽڪل 4500 رپيه ٿيندو رهندو آهي. انهيءَ پاٺشالا ۾ ڌارمڪ ۽ ٻين سنسڪرت گرنٿن جي هڪ تمام سٺي لئبرري آهي، ۽ چيو وڃي ٿو ته بمبئي کاتي ۾ جيڪي سنسڪرت پستڪاليه آهن، تن مان هڪ سٺو پستڪاليه هيءُ آهي.

هيءَ پاٺشالا ڏسڻ سان تمام آنند آيو. پنڊت ڪاشيناٿ جن ويٺي ڪن اڌياپڪن کي پڙهايو. پاٺشالا ۾ ڪل 18 اڌياپڪ ۽ اڌياپڪائون هيون. ڪلاس ۾ سڀيئي اڳئين نموني پٽ تي وهن ۽ ننڍيون چؤنڪيون لکڻ لاءِ اڳتان رکن. ههڙين سنسڪرت ۽ هندي پاٺشالائن، پستڪالين، واچنالين، ڌارمڪ گائن آلين ۽ سنگيت آشرمن جو هنڌ ضرور آهي، خاص طرح وڏن شهرن ۾. ڪنيا پاٺشالا ڏسي دل خوش ٿي. ڪنيا پاٺشالا جدا هيٺ رکيل آهي. ڪنيائون هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي سکي رهيون هيون.

حيدرآباد شهر ۾ علم گهڻو آهي. ڪي ڪنيائون جيڪڏهن هنديءَ ۽ سنسڪرت ۾ ودوان ٿيون ته تمام چڱي ڳالهه ٿيندي. رات جو گائناليه به جاري رهندو هو، جتي وشنو ڊگمبر جو شش مسٽر جوشي واديه ۽ گائن وديا سيکاريندو هو. هاڻي باجي بدران ستار وغيرهه سيکاريندا آهن. هيٺ هندي ۽ سنسڪرت واچناليه آهي، جتي سٺيون سٺيون اخبارون رکيل آهن. مطلب ته تمام تحسين جوڳو ڪم ٿي رهيو آهي. هڪ هڪ شهر ۾ ڪي وديا جون سنسٿائون اهڙيون ضرور هئڻ گهرجن، جي هندي ۽ سنسڪرت وديا جي شاخ به هري ڀري رکن ۽ ڪجهه نرالي قسم جي وديا پرائڻ جو وجهه ماڻهن کي ڏيئي سگهن.

ساڌو آشرم ڦليلي

ڦليليءَ جي ڪناري تي هڪڙو سندر آسٿان ايڪانت ۾ رهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اُتي جيڪي به ودوان ساڌو اچي رهن تن جي کاڌي پيتي جو بندوبست به آهي ۽ سنسڪرت پاٺشالا جي پستڪاليه مان ڪتاب پڙهڻ لاءِ به اُنهن کي ملي سگهن ٿا. جيئن ته ساڌن جي رهائڻ ۽ انهن جي کارائڻ پيئارڻ جو ڪم ڀائي ڪوٽومل خوبچند خاص طرح پنهنجي باغ ۾ ڪندو رهندو هو، تنهنڪري هيءُ آشرم به سندس صلاح مصلحت سان هلايو ويندو هو ۽ انهيءَ آشرم هلائڻ تي 600 روپيه ورهيه جو خرچ مقرر ڪيل آهي. ديوان ڏيارام صاحب کي ايڪانت ۾ ويهي اڀياس ڪرڻ گهڻو وڻندو هو. ڌرمي پستڪن جو ايڪانت ۾ اڀياس ڪرڻ ۽ ٻين کي اندر جي شانتي پراپت ڪرائڻ، اهو ڪم کيس تمام اُتم لڳندو هو. هيءَ سنسٿا به اها ڳالهه ڏيکاري رهي آهي. ان ئي ساڳي آدرش، پڙهڻ پڙهائڻ، ايڪانت ۾ اڀياس ڪرڻ، اندر جو آرام پائڻ ۽ انهيءَ شانتيءَ جي خزاني کي وراهي ڏيڻ لاءِ، هن نئين سنسٿا، جا کولي، سا هئي شانتي آشرم جي.

گدومل سنسڪرت پاٺشالا، گائن ۽ چترڪاري سڪول

شانتي آشرم لئبرري:- ديوان ڏيارام صاحب جو، ڌارمڪ ڀاو جي ضرورت ۽ ايشور استتيءَ جي اپيوڳتا ۾ تمام گهڻو وشواس هو. سيوا سدن جي استرين کي شيوا ۾ درڍ ڪرڻ لاءِ هن جيڪي به پستڪ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن، تن مان، ۽ سندس سڀني ڌارمڪ گرنٿن مان اهو معلوم ٿو ٿئي ته ديوان صاحب ڌرم کي هڪ دل جي حالت، آتما جي اوسٿا ڪري مڃيندو هو، ۽ وشواس هوس ته سڀيئي ڌرم انهيءَ حالت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ٿا ڪن؛ تنهنڪري سڀني ڌرمن جا پاڪ پستڪ ۽ گرنٿ ويهي سانت ۽ ايڪانت ۾ پڙهجن ته ڌارمڪ گهرج ڪجهه قدر پوري ٿيندي. انڪري سندس خيال ٿي ٿيو ته هنڌ هنڌ اهڙا شانتي آشرم کولجن، جتي شانت ۽ ايڪانت ۾ ماڻهو ڌارمڪ گرنٿ ۽ ڌرمي نيتائن جا جيون چرتر اچي پڙهن ۽ انهن تي ويچار ڪن. انهيءَ ويچار کي پوري ڪرڻ لاءِ جيئن ذڪر ڪيو اٿئون، 1925ع ديوان صاحب ڊاڪٽر هرنامداس کي لکيو ته امرتسر ۾ شانتي آشرم لئبرري قائم ڪري. مٿين بيانن مان ظاهر ٿيندو ته ديوان ڏيارام صاحب هر ڪنهن قسم جي انساني گهرجن کي پوري ڪرڻ لاءِ دائمي ۽ نيمن موجب هلندڙ سنسٿائن اسٿاپن ڪرڻ ۾ هر طرح ڪوشش ڪئي. قادر جي قدرت جي ويچار سان ۽ ايشور جي اپاسنا سان، خالق جي خذمت جو هڪ سچو رستو خلق جي خذمت ٿي سمجهيائين، ۽ مالڪ سان ملڻ جو هڪ اعليٰ رستو، ملڪ جي خذمت ٿي سمجهيائين. هن جي حياتيءَ جو متو هو Be not weary of well-doing چڱن ڪمن ڪرڻ کان ڪين ورچ؛ آخر تائين گيان يگيه ۽ ايشور اُپاسنا ۽ منشيه شيوا ۾ لڳو رهيو. سڀني انسانن ۾ ڀراتري ڀاءُ پئدا ڪرڻ جي به سندس اندر ۾ اهڙي زبردست خواهش هئي جهڙي سندن دُک دور ڪرڻ جي. هو سمجهندو هو ته اندروني طرح انسان هڪ آهن، جيتوڻيڪ پنٿن ۾ کڻي جدا جدا هجن، سمجهندو هو ته حياتي هڪ امانت آهي جا ماڻهن جي خذمت ۾ صرف ڪرڻ گهرجي. در حقيقت هو انهن ساپرسن مان هڪڙو هو جن لاءِ ساميءَ پنهنجن سلوڪن ۾ چيو آهيِ:-

ڪيڏي وڏائي ڪريان ساپرسن جي،

سم درسي، سيتل سدا، سڀ جا سکدائي،

ممتا ميل اندر ۾ رکن نه رائي،

سامي سدائين ڪن اپڪار اَچاه ٿي.

باب چوڏهون

ڏيارام جا خط

ديوان ڏيارام جي هڪڙي سٺي عادت اها هوندي هئي ته هو خطن جا جواب ترت ڏيندو هو؛ سندس لکپڙهه گهڻن ماڻهن سان هوندي هئي. سندس خطن ۾ بعضي بعضي تمام سٺا ويچار درج ٿيل آهن. سندس خطن مان چونڊيل خط ينگ بلڊر ماهوار انگريزي اخبار ۾ به ڇپيا ويا هئا. جڏهن سڀ ڇپجي رهندا تڏهن اُنهنجو جي جدا ڳٽڪو ٿيندو ته تمام ڪمائتو ٿيندو.

سندس پٽ ديوان ڪيولرام ۽ سندس ناٺيءَ ديوان ٺاڪرداس جي مهربانيءَ سان سندس خطن جا ڪيترائي فائيل مون کي ڏسڻ لاءِ مليا؛ خاص طرح جيڪي خط هن پنهنجي پٽ ڏانهن وقت به وقت پئي لکيا ۽ جيڪي خط ڊاڪٽر هرنامداس ڏانهن لکندو هو. ديوان بهادر مرليڌر سان به جيڪا لکپڙهه هلندي هيس تنهن مان ڪي چونڊيل خط ديوان بهادر مونکي مهرباني ڪري ڏنا آهن. انهن سڀني مان به هن مهاپرش جي اوچ رهڻي ۽ اوچ آدرشن جي گهڻي قدر خبر اسان کي پئجي سگهي ٿي.

پنهنجي پٽ ڏانهن جيڪي خط لکندو رهيو، تنهن ۾ ڪيتري قدر کيس تندرستي، من درستي، دل درستي، ڪار درستيءَ لاءِ ويچار ڏيندو رهيو آهي؛ جيئن ته هڪ خط ۾ لکيل آهي ”تندرستيءَ جي خبرداري ڪر، ڏند صاف رکندو ڪر، عادتون وقتائتي رهڻيءَ ۽ صفائيءَ جون ٺاهه، چڱا پنڌ ۽ چڱا ڪم ڪندو ڪر، صبح سانجهيءَ پرارٿنا ڪندو رهج، ايشور جو ٻالڪ ٿيءُ. وري ٻين خطن ۾ جدا جدا ماڻهن جي ساراهه لکيل آهي ته ڪنهن تي ڪيترو وشواس ڪر. جيئن ته ڀائي مولچند واسطي لکيل آهي ته هيءُ سچو سنت اٿيئي؛ ديوان تاراچند لاءِ ته، هن جي دل سوني اٿيئي، ڊاڪٽر هانامداس لاءِ، ته منجهس شيوا جو ڀاءُ آهي؛ ۽ انهن جي صلاح تي هلندو ڪر. جڏهن ديوان ڏيارام ڪجهه وقت خط لکڻ گهٽايا، تڏهن به ڪمن هلائڻ لاءِ ديوان ڪيولرام ۽ ديوان تاراچند ڏانهن لکندو رهندو هو. هڪڙي خط ۾ لکيو اٿس ته منهنجي صلاح سڀني کي اها آهي ته پنهنجي وقت جو سٺي کان سٺو اُپيوڳ ڪريو. پنهنجو وقت پرارٿنا ۽ چڱن ڪمن ۾ گذاريو. وري ٻئي خط ۾ لکيو اٿس ته سنڌيا سک. هڪڙو خط 17- سيپٽمبر 1915ع جو ڊگهو صلاحن جو پنهنجي پٽ ڏانهن لکيو اٿس. سڀ کان سٺي جنم جي سوکڙي اٿيئي. هيءَ منهنجي صلاح ۽ سکيا.

سرڳواسي راءِ بهادر ديوان تاراچند شوقيرام

انهيءَ خط ۾ کيس لکيو اٿس ته منهنجا پٽ، پرميشور جو پهلوان ٿيءُ. ٻيو لکيو اٿس ته اڄ رات مون ويچار ٿي ڪيو ڪرمن جو. ڪرم اسان جا ٽن قسمن جا آهن؛ هڪڙا سنچت يعني ڪٺا ٿيل- ٻيا پرارٻڌ يعني پڪل ڪرم، جن جو ڦل هن جنم ۾ ڀوڳڻو آهي، ٽيان ڪريئمان يعنيٰ جيڪي نوان ڪرم هاڻي ڄاڻي ٻجهي پيا ڪريون. پرارٻڌ ۽ پڪل ڪرم به ٽن درجن جا آهن هڪڙا تيور يعنيٰ تمام تکا پرارٻڌ ڪرم، جن کان ڇٽي نه سگهون. ٻيا مڌيم ۽ ٽيان ڪنشٽ يعنيٰ هلڪا. مڌيم ۽ ڪنشٽ کي اسين ٽاري سگهون ٿا، پر تيور پرارٻڌ ڪرمن جو ڦل ٽاري نٿا سگهون.  انهن سان برن ڪرمن جو ڦل منش کي ضرور ڀوڳڻو پوندو. پر سنتن جو چوڻ آهي ته ست گر شيوا، ست سنگ، حاضران حضور کي اندر ٻاهر حاضر ڄاڻڻ، جيوت ۽ ملڪيت کي امانت سمجهڻ ۽ پاڻ کي پوتر ڪرڻ سان آدمي پنهنجي ڪرمن جو ڦل ست ڪري سانت سان ساکي ٿي ڀوڳي سگهي ٿو. هر هڪ ماڻهوءَ کي جيون مڪت ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هيءَ جيوت آهي جيل؛ ايشور آهي رحمدل جيلر؛ جيڪڏهن اسين جيئڻ ۽ مرڻ سان نه پيار رکون ۽ انهن کان ڀؤ؛ ڪنهن کي به نه ڌڪاريون ۽ نه ڪنهن سان دويش رکون؛ نه ڪنهن دنيوي وشيءَ ۽ ڪم سان موه يا اندريون انو راڳ يا چاه جو ٻنڌن رکون؛ نه ممتا، اهنڪار يا تڪبر ۽ خود غرضي رکون؛ هر قسم جي اوديا کان آجا ٿيون ته جيون مڪت ٿي سگهون ٿا. آخر ۾ کيس ڏاڏي وانگر ٿيڻ جو اپديش ٿو ڪري ۽ جپ صاحب جي پوئينءَ پؤڙيءَ تي ويچار ڪرڻ جو ۽ انهيءَ طرح پرماتما جي پهلوان ٿيڻ جو ڪهڙو نه اوچو ۽ سندر اپديش! هر هر سندس سمجهاڻي آهي ته ڪيئن پڙهجي، ڪيئن رهجي. ”مل ساڌ سنگت، ڀڄ ڪيول نام“؛ پنهنجي من کي قادر جي قدرت ۽ ايشور جي انوپ مهما سان ڀرپور ڪندو رهه. وقت چڱي ڪم لاءِ بچاءِ، گهڻو نه پڙهه؛ پرچيده ۽ چونڊيل ڪتاب غور سان پڙهه. جيڪي پڙهين تنهنجي تت اکري رکه؛ نئون گيان اڳ ڄاتل گيان سان چڱيءَ پرمن ۾ ملائي ڇڏ. وري وري هدايت ڪئي اٿس ته هوميوپٿي نموني سان پنهنجو علاج ڪر ۽ هوميوپٿي طريقي جو ٻين ۾ پرچار ڪر. هر هر هرنام جي مهمان خواهه ڀڄن ڪيرتن ۽ ست سنگه جي مهما لاءِ سندس خطن ۾ اشارا آهن: گرواڻي پڙهڻ لاءِ اشارا، پريت سان رهڻ لاءِ اشارا، هر هرڪا مت قيمت جهڙي روز اندر کي ڏيڻ لاءِ اشارا وغيره. 10- جولاءِ 1924ع جي خط ۾ کيس لکيو اٿس ته جولاءِ 1923ع کان وٺي منهنجي جيئندي جاڳندي ست گرو ناڪ ديو، جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي سار لهي رهيو آهي، تنهن مون تي ڪرپا ڪئي آهي ته ڌرمي ۽ روحاني ويچار ڪوتا ۾ لکي سگهان. انهيءَ کان وٺي اڳتي ديوان ڏيارام هر روز روحاني ويچار سنڌي ڪوتا ۾ لکي سانڍيندو ويو. هاڻي انهن مان ڪي ويچار ”من جا چابُڪ ۽ رهاڻ“ جي نالي سان پرڪاشت ٿيل آهن ۽ ڪي پيا ٿين.

انهيءَ پستڪ لاءِ 27- آگسٽ جي خط ۾ ڪيولرام کي لکيو اٿس ته چابُڪ کي پرڪاش ڪرڻ جو منهنجو اهو مطلب نه هو ته اوسرن موجب جدا جدا حصن ۾ وراهجي وڃي، پر منهنجو مطلب هو ته ست گر جي اثر هيٺ جيئن روز روز انتر جوت پيدا ٿيندي وڃي، تيئن ظاهر ڪندو رهان. هر هڪ حصه جي سري جا لفظ اندر جي وڪاس جون منزلون ظاهر ڪن ٿا. اهو مطلب سڌ ڪين ٿي سگهندو، جيڪڏهن چابُڪ مان ننڍن لاءِ جدا حصا يا بيت چونڊجن ۽ وڏن لاءِ جدا. پر ٻئي ڪنهن کي آزمائش مان جيڪي بيت ننڍن لاءِ سٺا ڏسڻ ۾ اچن سي بيشڪ چونڊي. 11- آڪٽوبر 1925ع واري خط ۾ پنهنجي جنم بابت ساکي ڏني اٿس، ته ڪهڙي حالت ۾ سندس جنم ٿيو. اهي حالتون پهرئين باب ۾ ڄاڻايون اٿئون. 31- ڊسمبر 1925ع تي پٽ کي لکيو اٿس ته بنڌو آشرم ۾ ماڻهن کي ست سنگ جو لاڀ ڏيڻ جي ڪوشش ڪر. انهيءَ کي هڪڙو ننڍي نموني جو رشي آشرم بڻانءِ. چڱن کان چڱن ماڻهن کي نينڍ ڏيئي حيدرآباد ۾ ليڪچر ڪرڻ لاءِ گهراءِ. ماڻهن کي سندن ست سنگه جو فائدو پهچاءِ. 23-جولاءِ 1926ع جي خط ۾ کيس لکيو اٿس ته جي بمبئيءَ جي طرف موٽين ته ڪجهه وقت مون وٽ اچي رهه. پريمل کي تنهنجي ڏسڻ جي گهڻي سڪ آهي. ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته ڪنهن اڳلي جنم ۾ هن جو توسان سنٻنڌ هو؛ هو تنهنجي لاءِ پيو واجهائي. پنهنجي سفر ۾ مهرباني ڪري اهڙن اوچ پرشن ۽ استرين جي جاچ ڪندو رهج، جن پنهنجي بدن جون گهرجون گهٽائي ٿوري ۾ ٿوريون ڪيون آهن ۽ تمام گهٽ خرچ تي رهندي به تندرست ۽ طاقتور هجن ۽ ڪم ۾ به ڪوتاهي ڪندڙ نه هجن.

منهنجي دل آهي ته پنهنجو خرچ گهٽائي فقط ٻه ٽي روپيه ماهوار رکان، پر اڃا ائين ڪري نٿو سگهان. اميد ته تون دينڪ وهي رکندو هوندين. پاڻ کي پل پل ۾ پليندو رهج؛ من جي مٿان چوکي نظرداري رکج. اسان مان هر ڪو پنهنجي دنيا پاڻ پيو ٺاهي. ديوان ڏيارام جي خطن ۾ اهڙي قسم جا پرٻوڌ گهڻا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org