باب ٻيو
وديا پرائڻ
اُنهن ڏينهن ۾ اڃا سنڌي اسڪول جاري ڪين ٿيا هئا.
آخوند مڪتب هلائيندا هئا ۽ فارسي پاڙهيندا هئا.
خاص زور هوندو هو فارسي پاڙهڻ تي. ڏيارام کي به
انهيءَ طرح هڪڙي هوشيار آخوند وٽ وهاريو ويو،
جنهنجو نالو هو آخوند نور محمد. هو حافظ علي محمد
جو ڀاءُ هو. سندس مڪتب 1880ع کان وٺي 1890ع تائين
هلندو رهيو.
آخوند نور محمد پنهنجو مڪتب اچي ديوان گدومل جي
جاين ۾ ڪڍيو؛ ۽ اُتي ڏيارام ۽ ٻين کي پاڙهيندو هو.
ڏهن ورهين جي ڄمار تائين ڏيارام فارسي خوب پڙهي ۽
گلستان، بوستان وغيره پڙهي پورا ڪيائين.
سنه 1867ع ۾ ڏيارام انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو.
ڏيارام کي پڻس خاص طرح ماستر وسڻ مل صاحب جي سپرد
ڪيو ۽ هو ڪجهه وقت هنجي سنگت ۽ حفاظت ۾ رهيو.
ماستر وسڻ مل سندس چاهه پڙهڻ ۾ خوب وڌايو.
ڏيارام نهايت ذهين ۽ تيز فهم هو ۽ رڳو سٺي صحبت ۽
آزمودگارن جي اشارن جي ضرورت هيس. هاڻي ته رهبري
به سٺي مليس. پنهنجي ڪلاس ۾ هو پهريون نمبر ايندو
رهيو؛ ۽ سڀ انعام کٽڻ لڳو. ديوان تاراچند شوقيرام
جو سندس اُستاد هو“ سو اڄ ڏينهن تائين حيات آهي، ۽
سندس هوشياريءَ جي ساکه ڪندي نٿو ڍاپي. ڪيترائي
ڪتاب انعام مليس جي اڄ ڏينهن تائين ديوان شيرومل
جي لئبرريءَ ۾ موجود آهن. سندن ڪٽنب ۾ جيڪڏهن ڪو
فقط هڪ ٻه ڪتاب انعام کٽي آڻيندو هو، ته هنکي
چوندا هئا ته ” ڏيارام ته ڍڳ ڪتاب ٿو آڻي. اوهان
کي ته هڪ ٻه آڻڻ به وڏي ڳالهه ٿي لڳي.“
هن کي هاءِ اسڪول ۾ جانسن جون
Lives of Poets
مئڪالي جا مضمون، مئڪالي جي مشهور هسٽري ۽ ٻيا
اهڙا ڪتاب انعام طور مليا. هو ڪتابن پڙهڻ جو ڪوڏيو
هو، سڀ انعامي ڪتاب ته پڙهندو هو، پر ٻيا به ڪئين
ڪتاب جتان به ملندا هئس، سي سڀ مطالع ڪندو هو.
ننڍڙيئي سندس هوشياريءَ جي گهڻي ساکه هئي، ديوان
تاراچند صاحب چوي ٿو ته اُنهن ڏينهن ۾ به هو
ڪراچيءَ جي اخبارن منجهه نازڪ پنگتي مسئلن بابت
انگريزيءَ ۾ ليکه لکندو هو؛ ۽ اُهي مضمون سٺا
سمجيا ويندا هئا. سندس مضمون تمام اثرائتا هوندا
هئا.
تن ڏينهن ۾ سندس اسڪول جو هيڊ ماسٽر ڪيشؤراءِ
هوندو هو، جو به سندس هوشياريءَ جي تعريف ڪندو هو.
وڏي هوندي ڏيارام پاڻ ڪيشؤراءِ جي ساکن جا ڍڪ
ڀريندو هو. چوندو هو ته ”هن جهڙو ماستر ڪو ورلي
لڀندو.“
ديوان تاراچند صاحب، جهڙي ڏيارام جي هوشياريءَ جي
ساکه ٿو ڪري، تهڙي سندس اَدب، حب ۽ همدرديءَ جي.
چي ماسترن توڙي وڏن جو حد ادب ڪندو هو ۽ سنگتين
سان حب ۽ همدردي گهڻي هيس. ڪيترن شاگردن کي خوشيءَ
سان پڙهڻ ۾ مدد ڪندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ مئٽرڪ جو
امتحان بمبئيءَ ۾ ٿيندو هو پر بمبئيءَ ڏانهن وڃڻ
به هڪ وڏي ڳالهه هوندي هئي. چئن ڏينهن ۾ مس
بمبئيءَ پهچبو هو. ڏيارام جي مائٽن جي هنکي موڪل
ڏيڻ تي دل نٿي ٿي، پر مشڪل سان ماسترن جي چوڻ تي
مڃتا ڏنائون. سانگي سان سندن هڪڙو عزيز مسٽر
هاسارام به بمبئيءَ وڃڻ وارو هو،سو ديوان ميٺارام
جي دل هرکائي ويئي، جنهن وري پنهنجي پيءُ کي مڃايو
جو ڏيارام کي بمبئيءَ وڃڻ جي موڪل ملي. بمبئيءَ ۾
ديوان ڏيارام سنه 1884ع ۾ وڃي مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيو ۽ پوءِ اُتي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
باب ٽيون
ايلفنسٽن ڪاليج
ديوان ڏيارام جي وقت ۾ ايلفنسٽن ڪاليج جا پروفيسر
نهايت محنتي ۽ هر طرح لائق هوندا هئا، جن جي ساکه
اڄ تائين پيئي ڳائجي. مثلاً انگريزي پاڙهيندو هو
پروفيسر ورڊ سوَرٿ، مشهور ڪوي ورڊ سورٿ جو پوٽو،
فارسي پاڙهيندو هو ميرزا حيرت ۽ حسابن جو پروفيسر
هو ناميارو هاٿار نٽوينٽ.
ڏيارام پنهنجي هوشياريءَ، محنت ۽ نيڪ خصلتن جي
ڪري، پنهنجن پروفيسرن جو پيار جلد حاصل ڪيو،
انگريزيءَ ۾ هوشياريءَ ڪري پروفيسر ورڊ سورٿ جو ۽
فارسيءَ ۾ هوشياريءَ ڪري ميرزا حيرت جو.
ديوان ڏيارام گدومل 1874ع
ميرزا حيرت، سچ پچ حيرت جهڙو هو، نه فقط فارسيءَ ۾
گوهر هو، پر انگريزي وديا ۽ وگيان مان به چڱي طرح
واقف هو. ڏيارام کي ميرزا حيرت لاءِ تمام گهڻي عزت
هئي؛ ۽ ميرزا حيرت کي به ڏيارام لاءِ حب هئي.
پروفيسر دستور، سندس تن ڏينهن جو سنگتي هو. ٻئي گڏ
پڙهندا هئا. ميرزا حيرت به سندس دل وٺندو هو، ۽
ڪڏهن ڪڏهن ڪا اُداسائي ڏيارام کي ٿيندي هئي ته دل
خوش ڪندو هوس. پاڻ ۾ چڱي محبت هين ۽ هڪٻئي کي رايا
به ٻڌائيندا هئا. جئن ته ميرزا حيرت چوندو هو ته
مردن کي پورڻ کان ساڙڻ چڱو آهي. مردا پوربا ته
ڪينئن جو کاڄ ٿيندا، جا ڳالهه کيس نه وڻندي هئي ۽
چوندو هو ته مان ته چاهيان ته جيڪر مونکي مرڻ
کانپوءِ ساڙين ته چڱو.
حسابن جي پروفيسر هاٿارنٽوينٽ، ڏيارام کي حسابن
کان ٿورو ٽهائي ڇڏيو. هڪ دفع ڏيارام پڇيس ته ڇو
اسين اهي ٿيئريون پڪيون ڪيون؟ هن سبب سمجهائڻ
بدران، کيس ڇينڀيو، جنهن ڪري سندس دل کٽي ٿي پيئي؛
اها اوُڻائي جا هن ۾ رهجي ويئي، تنهن جي پورائي
ڪرڻ جي ضرورت کيس وڏي هوندي معلوم ٿي؛ ۽ پوءِ هن
حساب سکڻ وري شروع ڪيا؛ ۽ گهڻيءَ محنت کان پوءِ
حسابن ۾ وري پاڻ کي پختو ڪيائين.
اُستادن کي خبر نه پوندي آهي ته ڪڪ ٿي سببن نه
سمجهائڻ ڪري، هو شاگردن جي دل کي ڪيترا دفع ڊاهي
وجهندا آهن ۽ سکڻ ۽ سيکارڻ جو وجهه سندن هٿان هليو
ويندو آهي. جيئن ڪيٽو کي يوناني ٻولي وري ٻڍاپي ۾
سکڻي پيئي، ڇو جو جوانيءَ ۾ دل ڏيئي نه سکيو هو
تيئن ديوان کي حساب.
انهن ڏينهن ۾ بي. اي. پڙهڻ لاءِ ٽي ورهيه پڙهڻو
پوندو هو. امتحان به ٻه هوندا هئا. هڪڙو ”لٽل گو“
۽ ٻيو بي. اي. اهي ٽيئي ورهيه ڏيارام چڱي چاهه سان
پڙهيو. سندس ڪاليج وارا ڪتاب ۽ نوٽبڪ اڃا تائين
موجود آهن. سندس نوٽبڪن ۾ نهايت خبرداريءَ سان نوٽ
لکيل آهن. سندس انهيءَ محنت جو هڪ نتيجو هيءُ نڪتو
جو ڪاليج جي امتحانن ۾ يونيورسٽيءَ مان انعام
کٽيائين. ”لٽل گو“ جي امتحان ۾ هنکي انگريزيءَ ۾
پهريون نمبر اچڻ تي انعام مليو- بڪلس هسٽري آف
سوليزيشن ۽ برڪ جا ليکه.
هن بي. اي. ۾ هسٽري ۽ ايڪانامڪس (ارٿ شاستر) خاص
اڀياس لاءِ چونڊيا؛ ڇاڪاڻ ته پنهنجي پرنسيپال ورڊ
سورٿ سان دل هوندي هيس ۽ اهي مضمون هو پاڙهيندو
هو.
هن
کي بي. اي ۾ ٽيلر پرائيز وارو، اَرٿ شاستر ۽
هسٽريءَ ۾ انعام مليو. کيس ويبسٽر جي ڊڪشنري ۽
سٽوري صاحب جو قاعدن جي ڀيٽ جو ڪتاب مليو.
سنه 1877ع ۾ بي. اي. جي امتحان لاءِ هال ۾ ويٺو هو
ته کيس پنهنجي پوج ۽ پياري پتا جي ديهانت جي
دکدائي خبر ملي، انهيءَ ڪري سندس دل کي چوٽ اچي
ويئي؛ پر ڪيئن به امتحان پورو ڪرڻو هوس. هون شايد
فرسٽ ڪلاس ۾ فرسٽ نمبر اچي ها، سو اچي ڪين سگهيو
پر تڏهن به امتحان ۾ تمام مٿي آيو ۽ انعام
کٽيائين. |