پر اهي وچن، ويچار ۽ اُمنگه، سچ پچ امولڪ ماڻڪ
آهن، جيڪي ڏيارام جي آتمڪ اڀياس ۽ اُنتيءَ جو ڏس
ٿا ڏين؛ جيئن ته 4 ڊسمبر 1927ع ۾ لکيل آهي ته گندڪ
وانگر بدبوءِ دار ٿيڻ به ته قرباني آهي؛ قدرت کي
اهي شيون به ته کپن.
13 ڊسمبر 1927ع ۾ لکيل آهي ته ڪارو ۽ بدشڪل ٿي رهڻ
۽ جلائڻ واسطي پاڻ ارپڻ ڪرڻ، اها به ته ڪوئلي جي
قرباني آهي. پر انهيءَ ڪري انعام به وڏو مليو اٿس،
جو شڪتيءَ جي شيوا ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي؛ ڪٿي
ته منجهانئس ڪمائتا پدارٿ ٺهيا آهن ۽ ڪٿي ته هيرو
به ٿي ٿو سگهي. وري ڏسو ته ڪهڙا نه اوچ اُمنگه
ڏيارام جي دل ۾ اُڀرندا هئا! 19 نومبر 1927ع ۾
داخلا آهي ته هي مٺڙا! مون کي سيکار ته اونداهيون
حياتيون چمڪايان، بيمانن کي سنمان سيکاريان، طوفان
۾ آيل دلين لاءِ شانتي ميء اُس جهڙو ٿيان، ۽ پريم
جي گلن سان ماڻهن جا ڏوهه ۽ سندن مورکتا ڍڪي
ڇڏيان! يا وري 29 آڪٽوبر 1927ع ۾ داخلا ڪئي اٿس،
ته هي ديالو! مون کي شڪتي ڏي ته مان هن نماڻيءَ
جيوت مان ڪي اهڙا اثر پکيڙيان، جيڪي گهڻو نه، ته
به ڪجهه ته چڱو اثر تنهن جي پرجاتي ڪن. مطلب ته
انهيءَ دينڪ وهيءَ ۾ جيڪي به ڏيارام کي پڙهڻ، ڏسڻ،
ٻڌڻ ۾، لکڻ جهڙو لڳندو هو، يا جيڪو به اُتساه، يا
اُمنگه يا ويچار انهيءَ مان يا ڌيان مان اندر پيدا
ٿيندو هوس، سو لکي ڇڏيندو هو.
Young Builder
جي 1929ع جي جنوري انڪ کان وٺي دينڪ وهيءَ جا
پڇاڙيءَ تائين کانوٺي ٽڪر لکڻ جي بدران، ٽئين
سلسلي جي دينڪ وهين جي شروعات ڪئي ويئي آهي. اهو
ٽيون سلسلو 18 سيپٽمبر 1919ع کان شروع ٿو ٿئي، ۽
اُن ۾ پهرين داخلا اها آهي، ته مان ڀانيان ٿو ته
مان حاضران حضور جي حضوري ڪجهه قدر پاڻ ۾ انڀو ڪئي
آهي. هن دنيا جي رنگه برنگي بت خاني ۾ ايشور جي
عجب قدرت آهي ته جيڪي شيون زهر ٿيون اُپائين، اُهي
اندر ئي اندر امرت به ٿيون اُپائين. هن دنيا ۾
سرڳه جو سواد به ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ملي ٿو ۽ نرڳه
جا نظارا به موجود آهن. منهن جي آتما، مڪتيءَ جي
چاهنا به ڇڏي ڏي، سڀ ڇڏي ڏي؛ سڀ انهيءَ هڪ تي رکه،
ڪرم ۾ به هن هڪ کي ڏس. اها به شايد سندس ليلا آهي.
ڏيارام جي دينڪ وهين جي پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي، ته
هيءُ سندس ويچار ساگر آهي؛ انهيءَ ۾ جيڪي به هر
روز کيس سجهي آيو يا جنهن به گهٽنا مٿس اثر ڪيو،
يا ويچار اتپن ڪيو، سو هو داخل ڪندو رهيو آهي.
انهيءَ ويچار ساگر ۾ موتي ماڻڪ به مئوُ آهن ۽
رواجي ويچارن جي به وهڪ آهي.
جيڪو به انهيءَ کي گهريءَ طرح صبر سان پڙهي ڏسندو،
ته اُن کي جدا جدا ڳالهين بابت ڏيارام جا خيال
معلوم ٿي سگهندا ۽ خبر پونديس ته ڪيتري نه ڏيارام
۾ ڀڳتي، ڌارمڪ اُتساه، جڳت هت لاءِ جوش، ڪشاده
دلي، سوکشيم درشٽي، قدرت ۽ ڪاريگريءَ جي ڪتاب مان
ڪاريگر ۽ قادر کي پسڻ، ڏٺي مان اڻ ڏٺي جو ويچار
ڪرڻ، ۽ انهيءَ سان هڪ ٿيڻ جي سدائين اڀلاشا موجود
هئي؛ جيڪو اهي پڙهي ڏسندو سو موج ماڻيندو.
چابڪ (من لاءِ) ۽ رهاڻ
ڏٺو اٿئون ته 27 جولائي 1923ع کان وٺي ڏيارام
پنهنجو آتمڪ انڀؤ سنڌي شعر ۾ به هر روز لکندو رهيو
۽ انهيءَ آتمڪ وهيءَ جا ٻه جلد پنهنجي جيئري چابڪ
من لاءِ ۽ رهاڻ جي نالي سان ڇپائي چڪو ۽ باقي ٻيا
به 3 جلد ڇپجي تيار ٿيا آهن. تخمينو آهي ته ڪل ئي
ست جلد ٿيندا. نالي جي هيٺان لکيل آهي ته اهي دينڪ
داخلائون آهن ويچار، پرارٿنائون، ستوتر ۽ انڀؤ، هڪ
نماڻي جا، گرو گرنٿ صاحب کي ارپيل. لکيو اٿس ته
”چار ورهيه اڳي اصل پوري تاريخ ڏبي ته 27 جولاءِ
1923ع کان وٺي اوچتو ئي اوچتو مون تي اچي گروءَ جي
ٻاجهه ٿي، سچ پچ مان اچي بيتن ۾ ڇٽڪيس ۽ صبح جو
جهنجهڪري ۾ ۽ ٻين وقتن تي به جيڪي بيت خود بخود
اندر ۾ ايندا رهيا سي لکڻ شروع ڪيم. مان اونده ۾
ئي پينسل سان لکندو ويندو هوس ۽ پوءِ ڏينهن جو اهي
پڙهي صفا ڪري لکندو هوس. مون ۾ ڄڻڪ ڪا نئين آتما
اچي ڪم ڪرڻ لڳي. اهي بيت ۽ گيت جڏهن ڪجهه ڏينهن
کان پوءِ پڙهي ڏسندو هوس، ته مونکي ائين ڪين لڳندا
هئا ته اهي ڪي منهنجا لکيل آهن. مون کي گرنٿ صاحب
لاءِ جو اتي پريم هو، تنهن مونکي اها ڏات ڏني ۽
مان تنهنڪري اوهانکي به عرض ڪندس ته هاڻي هنديءَ ۾
جو گرنٿ صاحب مؤجود اٿو، ان مان مون وانگر ڪجهه
حصو پڙهندا رهو. مون ته تمام گهڻا ڀيرا ڏٺو آهي ته
منهنجن مشڪلاتن جو جواب ان منجهان عجب طرح نڪري
ايندو آهي“. منهنجي گروءَ مونکي ڇا سيکاريو آهي؟
گرو جن زور ڏنو آهي انهيءَ ڳالهه تي، ته مان هؤ
ميء يا اهنڪار پاڻ مان ڪڍي ڇڏيان. فرمايو اٿن ته
ڪنهن کي ”برو نه ڪوٺ“. يوگه سوتر جيڪي مون گهريءَ
طرح اڀياس ڪيا آهن ۽ جن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو
اٿم، تن مون اڳيان اهنسا جو تمام اوچو آدرش رکيو
آهي. ٻڌ ڀڳوان مون کي سيکاريو آهي، ته مان پنهنجو
ئي وارث آهيان ۽ جيڪڏهن سڀ ڪجهه سمجهي سگهان، ته
سڀ کي معاف ڪريان. تنهن کان پوءِ وري هوميوپٿيءَ
جي اڀياس، جو ڄڻڪ ايشور جي اتي تُڇن جي اڀياس جي
سلسلي ۾ هڪ اڳتي قدم آهي، تنهن مونکي ”پاڻ بدلائڻ“
جي راز سان سنمک ڪيو آهي. انهن مان خبر ٿي پويم،
ته جڏهن ڪنهن خراب کان خراب زهر جو به سٿول، سوکشم
۽ ڪارڻ شرير جو ڍڪ لاهي ٿو ڇڏجي ۽ انهن جي به هڪ
ڀاڱي هڪ لک ٻڙين واريءَ پتي تي پهچجي، ته انهن جي
آتما تائين پهچي ٿو سگهجي ۽ اتي سندن اندر جو
امبرت آهي. اهي حقيقتون تنهنجو عجب اسرار ٿيون
ڏيکارين، تنهن ڪري مون کي به پنهنجو آتمڪ جوهر
ظاهر ڪرڻو آهي، ته مونکي به ٻاهريان پردا، سٿول،
سوکشم ۽ ڪارڻ شرير جا هٽائي، پنهنجي من کي ماري
مهين ڪري، ڪجهه نه ٿي، پنهنجي جوهر جي طاقت ظاهر
ڪرڻي آهي. پاڻ بدلائي آتما جو پرڪاش ڪرڻو آهي“.
اهو ڪرڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مونکي شيوا ڪرڻ
گهرجي ۽ ننڍو سورج ٿي شيوا ڪرڻ گهرجي جي سورج جو
سدا ڌيان ڌرڻ گهرجي، جيڪو منهنجي گروءَ جي معرفت
مونکي هلائيندو رهيو آهي.
مٿئين ترجمي ڪيل ٽڪري مان خبر پوندي ته چابڪ (من
لاءِ) ۽ رهاڻ جا ويچار، پرارٿنائون، ستوتر ۽ انڀوَ
ڪهڙيءَ طرح لکيا ويا ۽ ڪهڙن ويچارن پرنالين ۽ چڪرن
جو اثر خاص طرح ڏيارام جي دل ۽ دماغ تي ٿيل هو.
هيءَ شاهدي سندس پاڻ ئي بيان ڪيل آهي. تنهنڪري
سندس جيوت سمجهڻ لاءِ تمام پختي ۽ ڪمائتي آهي،
تيئن ئي ڏيارام جو آتمڪ چِترُ جن کي به چڱيءَ طرح
سمجهڻو هجي تن کي هن چابڪ ۽ رهاڻ کي وري وري ويچار
سان پڙهڻ کپي، ته کين سندس دل، دماغ ۽ حياتيءَ جي
انڀوَن جي وڌيڪ چڱيءَ طرح خبر پئجي سگهندي.
ڏيارام کي هيءَ اندرئين الهام ۽ انڀؤ کي سنڌي بيتن
۾ لکڻ جي ڏات 27 جولاءِ 1923ع کان گروءَ بخشي.
سندس ديهانت 7 ڊسمبر 1927ع جي ٿيو يعنيٰ ڪل ساڍا
چار ورهيه هيءَ ڏات کانئس الهام ۽ انڀؤ لکائيندي
رهي. انهيءَ مان 26 جولاءِ 1926ع تائين لکيل
ويچار، پرارٿنائون ستوتر انڀوُ پنجن جلدن ۾ چابڪ
(من لاءِ) ۽ رهاڻ جي نالي ڇپجي چڪا آهن، يعني ٽن
ورهين جون داخلائون ڇپيل روپ ۾ موجود آهن.
هر هڪ جون داخلائون ستن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن، يعني
ڪل 21 ڀاڱا ڇپجي چڪا آهن جن جا سرا جدا جدا ڏنل
آهن. پهرئين ورهيه جا ست ڀاڱا پهرئين جلد ۾ ڇپيل
آهن ۽ ان ۾ 328 صفحا آهن. ٻئي ورھ جا ست ڀاڱا 27
جولاءِ 1924ع کان 26 جولاءِ 1925ع تائين، ٻئي جلد
۾ ڇپيل آهن ۽ منجهس 413 صفحا آهن يعنيٰ واڻيءَ جي
وهڪ وڌندي وئي.
ٽئين ورهيه جي واڻي – ٽن جلدن ۾ ڇپايل آهي ۽ 528
صفحا ٿي والاري. انهيءَ کان اڳتي جي اڃا مون کي
خبر نه آهي. پهرئين جلد جي پرستاونا ۾ هيٺيان لفظ
لکيل آهن جن مان ڏيارام جي انتر ڀاوء جو ڪجهه پتو
پئجي ٿو سگهي:-
”ستگرو تو ڪرائي هيءَ سيوا،
ارپي به توکي، هي الکه اڀيوا.
پرتي به توکي، پران پيارا،
سرن تنهنجي مان جيءَ جيارا.
مارينس بچائينس وستو آهي تنهنجي،
مون ۾ نه سگهه سڦل ڪرڻ جي.
چرڻ تنهنجا شل سدا اُر ڌاريان،
امرت نام شل سدا اچاريان.
ڀارت کنڊ شل ٿئي ڀڄن کنڊ،
پوُڄي سد هڪ اڪال اکنڊ.
سنڌڙي به وٺي ان ۾ ڀاڳه،
ماڻي شال سد سچو سهاڳه.“
هن پرستاونا مان سندس نماڻائي، ايشور ارپڻ، امرت
نام اچارڻ لاءِ اتساهه، اهي سڀ ظاهر آهن. ڇا آهي
سندس سد ڀاوء ڀارت لاءِ، ڇا حب سنڌڙيءَ لاءِ.
انهيءَ جلد جا جيڪي ست ڀاڱا آهن انهن جي نالن مان
به سندس امنگ ۽ اِڇا جي خبر پوي ٿي.
پهرئين ڀاڱي جو نالو آهي ”ٻج مندر مان نج مندر“
انهيءَ نالي مان ئي سندس ايشور ايڪتا لاءِ، پرٻل
اڇا ظاهر آهي؛ مطلب ته هن نِورتي مارگه جي ياتريءَ
هاڻي وطن ڏانهن رخ رکيو هو ۽ سموري ڪوشش انهيءَ ڏس
ڏانهن هيس. ڀاڱي ٻئي جو سرو آهي ”نام جپڻ سا ان
جيوتسنا، جهڙي چنڊ جي پاڻيءَ تي.“ انت ۾ لکيل آهي،
نام جپڻ سان ڀرڪا جوت، جدا جدا روپي.
ڀاڱي ٽئين جو سرو آهي ”گڻ ٿا ورتن گڻن سان“؛ ۽
پهرين داخلا آهي:-
اندرين اکه ڪڏهن پٽيندين، اندرين اکه ڪڏهن
پٽيندين؟
اندرينءَ اکه بنا انڌارو.
اندرين اکه نج گهر درشن، اندرين اکه نج گهر پرشن.
ڪڏهن تون پردا لاهيندين،
جيوتي سر مون ڪڏهن پائيندين؟
ڀاڱي چوٿين جو نالو رکيو اٿس ”وراٽ درشٽي“. اُن جي
منڍ ۾ پرارٿنا آهي اسٿر شرڌا جي راس لاءِ ۽ آخر ۾
لکيل آهي:-
لڌم لڪل، ڙي، لڌم لڪل،
گهٽ گهٽ جوت جنهنجي نرمل.
لڌم لڪل، ڙي، لڌم لڪل،
هاڻي ڇا ڪندو مون کي اجل؟
هاڻي چت منهنجو اُتي سيتل-
هاڻي انڀؤ به اچل.
ڀاڱي پنجين جو نالو آهي ”جيئهَ وڏو سانگه“. منڍ ۾
داخلا آهي ”سورج ينتر شرير ۾“، ۽ انت ۾، ”اڌ ياس
اترڻ ۽ وراث درشٽي“، جنهن مان ڪجهه وچن هيٺيان
آهن:-
انيڪ سُر، تون هڪ راڳي؛
تون سنساري، تون ويراڳي.
تون پاڻ پوين پنهنجي شرن؛
تون پاڻ لڳين پنهنجي چرن.
پاڻ ڄاڻي ته اهمتا کنڊن،
پاڻ ڄاڻي ته ٽٽن ٻنڌن.
اننت روپ اننت نام،
”ڀڳت جنان ڪي من بسرام.“
ڀاڱو ڇهون ڪوٺيل آهي ”گروءَ جي تصوير اندر ۾.“ اهو
شروع ٿو ٿئي پرارٿنا سان ”تار تارڻ هار“، ”پنچ ڌات
رچنا نوار“، ”نام پنهنجو ڏي ڏاتار.، آخر ۾ ڏنل
آهي:- ”ستوتر، ستگرو تصوير جو“.
منهنجا ستگرو پاتشاهه، ڪهڙي ڪريان تنهنجي ساراھ؟
تصوير تنهنجي نڪتي اندر، سوڀيا تنهن مان من مندر.
شل ڪدي نه تون وسرين، شل سڀ ۾ نظر ڀرين.
شل وڌ نرمل ڪرين، شل جيءُ پاڻ سان جڙين.
منهنجو ستگرو پاتشاهه، ڪهڙي ڪريان تنهنجي ساراه.
ڀاڱي ستين جو نالو آهي انتر جوت درسن، پر انڀؤ نه
پورو. منڍ ۾ آهي سندر گرواڻي ويچار، آکڻ اؤکا ساچا
ناءُ، ڪٺن من کي آڻڻ ٿاءِ،
ڪٺن هردي پريم ڌارڻ، ڪٺن تنهنڪري نام اُچارڻ.
۽ آخر ۾ لکيو اٿس، جنهن مان ڪجهه بيت ڏجن ٿا:-
اپديش ڏيڻ جو، مون نه اڌڪار؛
انڀؤ نه پورو گهٽ گهٽ نه منٺار.
شبد اناهت، نه اڃا مان سڻان؛
انتر جوت درسن، پر پرڀ نه پسان.
دير ۾ درستي، کيس ڀاوي سو ڀلو؛
ڪرپا ڪري پنهنجي ڪندو جنم سڦلو.
اپديش ڏيڻ جو، مون نه اڌڪار؛
پر اُديم اِتهاس به گروءَ جي ڪار.
مان هڪ واٽهڙو، ڪريان واٽ بيان؛
ستگروءَ مدد، جا ڏيان نيشان.
ساڪشي ڀريان، ته جيئرو جاڳندو،
ستگرو منهنجو، شرڌا پريم بندو.
ساڪشي ڀريان، ته عاشقي پنٿ ايڪ،
مجازي مذهب، جيتوڻيڪ انيڪ.
گرو گرنٿ صاحب، جيڪي سيکاريم،
اُپنشدن، مثنوي به ٻڌايم؛
يورپي سنتن جو، به اهڙو ئي مت،
سار سڀ هڪڙو ۽ هڪڙو ئي تت.
شاهديون انيڪ، سائينءَ جي وحدت؛
شاهديون انيڪ، پريم جي ڪرامت.
جيڪي هن داس کي، من مارڻ ڪم آيو؛
سو ڀائرن شال ٿئي سجايو.
ڏيارام جي چت جي چٽسالي جنهن کي چڱيءَ طرح سمجهڻي
هجي ان کي هيءُ چابڪ من لاءِ ۽ رهاڻ ڌيان سان سانت
۽ ايڪانت ۾ پڙهڻ گهرجن. سڄي عمر جي اڌَييِن، ڌيان
۽ اڀياس مان جيڪي سٺي کان سٺو هن کي هٿ آيو سو هن
۾ درج ڪيل آهي. آهي الهام، پر آهي سندس اندر جو
آئينو، جو ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ بيتن ۾ ظاهر ٿيل
آهي. جيڪڏهن هن گيان روپي خزاني مان جدا جدا رتن ۽
ماڻڪ ۽ موتي جدا جدا ڳنڍي پوئي رکجن، ته جدا جدا
قسمن جي ماڻهن ۽ جدا جدا عمر وارن شاگردن کي
منجهانئس آنند ايندو.
يڪمشت نمونيء خروار. سندس پهرئين جلد جي پهرئين
ڀاڱي کي ڪو وسترٿ جاچي ڏسي، ته خبر پونديس ته
منجهس 220 داخلائون آهن، پر اهي جدا جدا قسمن جون
آهن. ڪيترا ته آهن منجهس استوتر، اٽڪل 34 کن، پر
ڪهڙو نه عجب رس! سندن نالائي وٺجن ته دل ٺاريندڙ:-
سڀ تون ئي تون، ست سري اڪال، اڻ ڏٺو پريتم، تنهن
جون مٺڙا اڌ ڀوت، ڪير چئي توکي دور، ڌيان ڀڀوت،
سروَ جو ڪير آڌار؟ واهه تنهن جو يگيه! نرگڻ مان
سگڻ ٿي آئين، اڪال مان سڪال ويس ڌاريُءِ، آد انت
جو تونئَين آڌار، ڪير ڪري تنهنجي ڏات جو بيان؟ بي
رنگه مان بارنگ ٿئين، پاڻ ڪيئن الٽائين؟ وس ۾
امبرت ڪيئن ٿو ڏئين؟
65-66-67-68 داخلائن ۾ ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته ڄڻڪ
پنهنجي آتم انڀؤ پيو لکي، پنهنجي رام ڪهاڻي پيو
ٻڌائي. اهي داخلائون هيٺ ڏجن ٿيون:-
(65)
تنهن جي نام تان ٿيان قرباني،
سهڻا انوپ اگوچر جاني،
جا لوڪ چون تنهنجي نامهرباني،
سا مون پسي سچي مهرباني.
لوڪ چون مون پت گوائي،
پت ويل جي تو پئجه رکائي.
پت وڃڻ سان سمجهه من آئي،
نڪري ويئي بدنام بلائي.
شترن جي دوستي تو ائين بتائي،
دور ٿئي سڀ تات پرائي.
(66)
سو تڪ اکين کان هڪ هو آجو،
پر نيٺ ٿيو اڀمان جو کاڄو.
اڀمان آيس ته مان اڪامي،
ڪام نهوڙئس آيس بدنامي.
بدنامي ڪئس سچو اڪامي،
هؤميءنواري، تون ٿيئڙس حامي.
(67)
ڪروڌ اگن کان هڪ هو آجو،
پر نيٺ ٿيو اڀمان جو کاڄو.
اڀمان آيس ته مان اڪروڌي،
ڪروڌ پتوڙيس، چهٽيس لوڌي.
بدناميءَ ڪئس سچو اڪروڌي،
هؤ مِيء نواري تون ٿيئڙس سنٻوڌي.
(68)
جي ڪيرائن سي چڙهائن،
جي مارين سي جيئارن.
ڪيميا تنهن جي سو پڇاڻي،
جو هؤمِيء جو رت ڇاڻي.
دويشي آهي دوست جو روپ
وکه آهي امرت انوپ.
تنهن جا پيارا سمجهن دُکهَ ڪَلَ،
دکه انهن ليء ناهه خلل. |