ڏيارام جا ٻيا انگريزي ڳٽڪا
ڏٺو اٿئون ته ڏيارام جا ليک ٻن قسمن جا هئا. هڪڙا
ايشور پرارٿنا ۽ پراپتي لاءِ، ٻيا جڳت هت ۽ منوشيه
شيوا لاءِ. ايشور پرارٿنا ۽ پراپتيءَ لاءِ ٻه هڪڙا
ٻيا به ڳٽڪا سندس لکيل ڇاپي ۾ موجود آهن:- هڪ جو
نالو آهي آتمڪ پشپ اپهارSoul,s
Poesy
۽ ٻئي جو ڪجهه نئون تنهن جي پوڄڻ لاءِ
Three with Something new to worship آتمڪ پشپ اپهار، پانني آفيس الهه آباد ۾ 1922ع ۾ ڇپيل
آهي ۽ پويون ڳٽڪو حيدرآباد ۾ سٽئڊرڊ پرنٽنگ ورڪس
وارن آڏواڻي ڪمپني 1922ع ۾ ڇپايو آهي. آتمڪ پشپن ۾
پهرئين داخلا آهي ته مورتي پوجڪ، سورج اپاسڪ،
درياھ جا پوڄاري، ايشور کي پتا ماتا روپ ۾ پوڄڻ
وارا، اهو آتمڪ اتساهه ۽ امنگه نه ٿا ماڻي سگهن،
جهڙوڪ ايشور کي پتي يا پتني روپ ۾ پسڻ وارو
پوڄاري. جيڪي آتمائون پاڻ کي جاڙن وانگي جوڙو ڪري
ٿيون سمجهن، اهي جڏهن هڪ ٻئي ۾ ٿيون توکي پسن، ته
ڄڻڪ هڪ ٻئي ۾ پريم دواران تنهن جو پرم پريم ٿيون
ماڻين. اي منهنجي آتما! ايرشا ڀريءَ استريءَ مان،
هي سبق سکه ته ايشور کي ڪيترو پيار ڪرڻ گهرجيئي.
جيئن هوءَ استري اهو به نه سهي سگهندي آهي ته ٻئي
ڪنهن کي سندس پتي پياري ڪري پڪاري، تيئن ايشور کي
ئي پرم پيارو بڻائي ان کي ئي ڌياءِ؛ اُن سان هڪ
ٿيءُ.
آتمڪ پشپن ۾ به امولڪ پرارٿنائون سمجهاڻيون آهن؛
جيئن ته هڪ هنڌ لکيل آهي پنهنجن سڀني ساکين کي
اکيون بخشيندڙ، منهنجا گرن جا گرو، مونکي به تو
روحاني بلور بخشيو آهي، ويراڳه ڏنو اٿيئي تصويرن
ڪڍڻ جي اونداهي صندوق يعني ڪئميرا جي مثل ۽ منجهس
شيشي جي نلي رکي اٿيئي اڀياس جي، ته پري اوري جون
تصويرون جاءِ سر ڪري چٽيءَ طرح ڏسي سگهان، پر انهن
لاءِ ته تو ڏانهن اچڻ ضرور اٿم.
پريم ميء پتا! پنهنجي ٻالڪ کي مدد ڪر؛ تنهن جي
سهائتا بنا ڪابه شڪتي پاڻ ۾ نٿو پسان.
وري هڪ هنڌ لکيو اٿس ته سائين ٿو چويم ته مان
تنهنجي پتنيءَ ۾ حاضر هوس ۽ تو مونکي هن ۾ ڏٺو ٿي،
پر تيستائين، جيستائين هن جو من تنهن جي من موجب
ٿي هليو. مان هاڻي حاضر آهيان انهيءَ ٻار ۾، جيڪو
هوءَ تولاءِ ڇڏي ويئي آهي ۽ تون مون کي هن ۾ پسڻ
جي ڪوشش ٿو ڪرين، جنهن مهل هن جو من توکان ٻئي طرح
به آهي تڏهن به؛ پر هر هر انهيءَ ۾ ناڪامياب ٿو
ٿين. انهيءَ طرح ويراڳه جو راز ڪين سکي سگهندين.
توکي شانتي ميء پريم جو انڀؤ آهي، تو منهنجي ڪيترا
ورهيه خذمت ڪئي آهي، پنهنجي ٻالڪ ۾ مون کي پسي. تو
مون کي دوستن جي روپ ۾ ڄاتو آهي. پنهنجي وپنيءَ ۾
به تو منهنجو درشن ڪيو ۽ پنهنجي ٻالڪ ۾ به مون کي
پسڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. ڪيترائي پل مٺي پريم جا ان
ريت پيو ماڻين؛ پر هر هر مونکي پسڻ کان ٿو گسين.
جڏهين ٻاهرينءَ وڏيءَ دنيا ۾ يا ويجهي گهرو سنسار
تنهنجي من موجب ڪم نٿا ٿين، جڏهين توکي ڪو ستائي
ٿو، يا تڪليف ٿو ڏئي، تڏهن وري وري مون کي انڀؤ
ڪرڻ ۽ انهن ۾ پسڻ کان پيو گسين. ماڻهو آڏو اچني،
نقصان رسيئي، دکه پهچيئي، ستائجين، تڪليف ڏسين، ته
به انهن ۾ تون مون کي ڏس، انڌو ٿي وڃين، ته به تون
مون کي ڏس، ٻوڙو ٿي وڃين ته به مون کي ٻڌ، گونگو
ٿي وڃين ته به مون سان ڳالهاءِ، دکه دارون ۽ سکه
روڳه اٿيئي.
مون سان سوداگري نه ڪر، پنهنجو پريم ڇوٽ ڏينم، نه
عيوضو گهر نه انعام. ڪين چيو ٿي مانئن ته مان فقط
انهن جو آهيان جن کي ماڻ پاڻ چونڊيان ۽ چونڊيندو
آهيان اُنهن کي جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن.
پوڄا لاءِ ڪا نئين شيء واري ڳٽڪي ۾ منڍ ۾ ئي سورجن
جي سورج کي، گرن جي گروءَ، سچي ستگر کي پرارٿنا
ڪئي اٿس ته آتم ديس ۾ واسو ڪراءِ، هن دوندن ڀرئي
سنسار مان مڪت ڪر، وترڪ ۽ ويچار کان مڪت ڪر. هي
پرماتما! تنهنجي شڪتيءَ هي سنسار جوڙيو، تنهنجي
شڪتي هر هنڌ آهي اُها پسان. اها هر هڪ ٻاهر جي
لرزه ۾ ۽ هر هڪ اندر جي لرزه ۾ آهي؛ پر سڀ کان
وڌيڪ ايڪانت ۽ سانت ۾. تنهن ڪري منهنجي آتما! تون
به گهريءَ سانت ۾ داخل ٿيءُ ۽ ايشور لولي ڏيئي ننڊ
ڪرائيندءِ ته هن سنسار جي شين ڏانهن ننڊ اچي وڃيئي
ته آتم لوڪ ڏانهن سجاڳه ٿين. هن جي لوليءَ کان
وڌيڪ مٺي ڪا ٻي لولي ٿي نٿي سگهي. هن ڪتاب ۾ به
وگيان مان ويدانت جا ويچار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس؛
نئڙت منجهان نهال ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. ساديءَ
رهڻيءَ منجهان اوچن آدرشن کي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي
اٿس ۽ انت ۾ سندر پرارٿنا ڪئي اٿس ته هي ايشور!
مدد ڪر، جيئن پنهنجا آتمڪ وڪار سڀ دور ڪريان، ڪروپ
سڀ ڪڍي ڇڏيان، آتما کي پوتر ۽ تنهنجي پريم لاءِ
تيار رکان. تنهنجي وڏائي ۽ تنهنجو پريم ئي منهنجي
اندر کي پوتر ڪري سگهندا، گهرن ۾ شانت آڻي سگهندا،
چت ۾ سنتوشي ۽ دل ۾ دياوان ڪري سگهندا. دل ته چويم
ٿي ته پريتم توسان اهڙو پيار ڪريان جو موت سان به
مسخري ڪري سگهان. پنهنجي حياتيءَ جي هر هڪ لهر
تنهنجي لهر ٺاهيان؛ سچي نئڙت ۽ نماڻائيءَ پنهنجي
داس کي بخش ۽ نت نئون سج سنئون ڪو پنهنجي پوجن جو
رستو ڏيکار، نمسڪار ٿو ڪريان مان توکي، سورجن جا
سورج، گرن جا گرو.
ڏيارام جا سکيا سڌارڻ لاءِ ڳٽڪا.
سکيا جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ديوان ڏيارام کي سڄي
عمر شوق رهيو. گيان يگنيه لاءِ خاص پريم هوس.
ايترن اسڪولن، ڪاليجن، پاٺشالائن، ۽ پستڪالين سان
تنهنڪري سندس سنٻنڌ هو. پنهنجي پينشن مان به پئسا
بچائي سرجڳديش چندر بوس کي ماهوار موڪليندو رهيو ۽
هميشہ ڪجهه نه ڪجهه ماهوار ملندو رهين، انجو
بندوبست ڪري ويو. انگريزيءَ ۾ ٻه ٽي ننڍا ڳٽڪا
انهيءَ وشيءَ تي لکي ويو آهي. هڪ جو نالو آهي
“Our Educational System” اسانجي سکيا پرنالي يا تعليمي سرشتو.
انهيءَ ۾ ٽي ليکه آهن. هڪڙي جو سرو آهي ته شاگردن
جو وقت ۽ وت بچايو ۽ وديا جو ڪم جدا جدا نمونن ۾
ڪٺو ڪري هلايو. ابتدائي تعليم توڙي انگريزي تعليم
۾ ڇونه هر هڪ کي پنهنجي قدرتي طاقتن ۽ لاڙي موجب
جدا جدا وشين سکڻ جي ڇوٽ اختياري ڏيو. جيئن ايم –
اي ۾ ڪي فقط ساهتيه پڙهندا آهن، ڪي فقط درشن، ڪي
وگيان، تيئن ڇونه مئٽرڪيوليشن ۾ به شاگرد پنهنجي
مرضيءَ موجب وشيون کڻن؟ هر هڪ کي ضروري گيان،
ماتري ڀاشا جي وسيلي ڏيو. سکيا جي سڄي سرشتي کي
سولو ڪريو جيئن ڇوڪريون ۽ غريبن جا ٻار به ڪجهه نه
ڪجهه پنهنجي ضرورت آهر ٿوري وقت ۾ سکي سگهن.
يونيورسٽي ڪاليج ڇونه گڏجي پنهنجا وياگيان ريڊيو
جي وسيلي هڪ هنڌائتي گهر گهر يا گهڻن هنڌ ٻڌائين؟
سئنيما سکيا لاءِ ڪم آڻيو.
ٻئي ليک جو سرو آهي لڪشمي ڪين سرسوتي. انهيءَ ۾
مسٽر ويلس جيڪا هڪڙي اُتم اسڪول ماستر مسٽر
سانڊرسن جي آکاڻي لکي آهي ان مان ڪي چونڊيل ٽڪرا
ڏنل آهن. انهيءَ ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن تعليم
جو سڌارو مسٽر سانڊرسن پنهنجي اونڊل شهر جي اسڪول
۾ ڪيو ۽ ڪيئن سندس متو هو ته نه فقط زمين، آسمان،
جبلن، ندين، سمنڊن، وڻن، حيوانن، ماڻهن يعني قدرت
جي ڪتاب جي وسيلي ايشور جي مهما ماڻهن جي دلين ۾
پيدا ڪريو، پر ڪاريگريءَ ۽ ڪلن جي وسيلي به ايشور
جا عجب انسانن اڳيان ظاهر ڪريو. دنيا ۾ سوارٿ ۽
چڙت بدران همدردي ۽ سهڪاريه آڻيو. سنسار سڌارڻو
اٿو ته اسڪول سڌاريو.
دنيا ته ڪلن ۽ بجليءَ جي ترقيءَ ڪري نئين ٿي پيئي
آهي، پر اسڪولن ۾ اڃا انهن ڳالهين جي ٻوجهه آئي ئي
ڪانه آهي. نئين دنيا ۾ رهڻ جي لائق ڪرڻ لاءِ
نئينءَ وديا ۽ نون اسڪولن جي ضرورت آهي. هر هڪ
انسان جي اندرين جيوني جوت جاڳايو، ايجاد ڪرڻ،
اُپائڻ ۽ ٺاهڻ واري شڪتي جاڳايو، ته پوءِ هن مان
نيچتا ۽ سوارٿ، ڪروڌ ۽ وروڌ، کسڻ ۽ لوڀ نڪري
ويندا؛ هو ڪجهه اُپائيندو ۽ ٺاهيندو ۽ انهيءَ ۾
خوشي حاصل ڪندو.
ٽئين ليک ۾ سڀني وسوارن ۽ وديا سان لاڳاپو رکندڙن
کي خاص طرح اپيل ڪئي اٿس ته شاگردن جو وقت نه
وڃايو، سندن وت ۽ وڻت آهر سوليءَ سڌيءَ ۽ سکدائيءَ
طرح وديا ڏيون ۽ مرضيءَ موجب ڪمن چونڊڻ جو وجهه
ڏيون.
ٻئي ڳٽڪي جو نالو آهي
Suggestions for Research يعني کوجنا لاءِ اشارا ۽ ڏيکاريو اٿس ته کوجنا ڪري لکين رپيا
ملڪ جا بچي پوندا ۽ بک ، بي روزگاري ۽ دُک دور ٿي
ويندا. ڪيئن پرم اڻن جي وسيلي هوميوپٿيءَ سڌ ڪيو
آهي ته دُک دور ٿا ڪري سگهجن. ڇو نه ديسي دوائن جا
اثر پاڻ تي پريکيا ڪري ڏسجن ۽ اُنهن جا پرم اڻون
انهن دردن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم آڻجن. انهيءَ طرح
University Reform
وشو وديالن جي سڌاري لاءِ به سندس اشارا آهن، جيئن
سکيا جو سڌارو ۽ واڌارو ٿي سگهي.
صحت سکيا تي ڪتاب ۽ ڳٽڪا
سکيا کان ٻئي نمبر ۾ صحت سکيا ۽ صحت سڌار جو خيال
ڏيارام کي هوندو هو. صحت سڌار منڊلي، ڳوٺن ۾ ڦرندڙ
سيلاني خيرياتي دواخانو، ڌرمپور جو سلهه گهر، اهي
سڀيئي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن. ساڌو هيرانند کان
هوميوپٿيءَ لاءِ شوق هن ۾ پيدا ٿيو. اهو شوق ويو
وڌندو، تانجو آخر ۾ هوميوپٿيءَ جو پرچار به ڏيارام
لاءِ هڪ دلپسند ڪم ٿي پيو. ڪيترائي دفعا هن پنهنجي
پٽ ديوان ڪيولرام ڏانهن ۽ ٻين عزيزن ڏانهن خط لکيا
ته هر ڪو گهر ۾ هوميوپٿيءَ جو استعمال ڪري ته
طبيبن تات گهٽ ۾ گهٽ پوي ۽ لکيائين ته هنڌ هنڌ
هوميوپٿيءَ جي لئبرري ڪڍڻ تمام سڪرت جو ڪم آهي.
هوميوپٿيءَ جي هلائڻ تي ڏيارام هڪ ڪتاب ۽ ٻه ڳٽڪا
لکيا آهن. ڪتاب جو نالو آهي
The Practice Homeopathy
يعني هوميوپٿي جو استعمال. انهيءَ ڪتاب جي پهرئين
باب ۾ لکيل آهي ته ڪهڙن ڪتابن جي گهرج آهي. پهرئين
جملي ۾ لکيل آهي ته ڪو به ماڻهو جو پنهنجي مرض جي
تشخيص ڊاڪٽرن جي مدد سان ڪرائي پنهنجو علاج پاڻ
ڪرڻ گهري، سو ٻن ڪتابن يعني ڪلارڪ جي نسخن جي ڪتاب
۽ بورڪ جي مٽيريا ميڊيا جي مدد سان اهو ڪم ڪري ٿو
سگهي. پر هندستان ۾ ته گهڻو ڪري ماڻهو مانس آهاري
نه آهن، تنهن ڪري کين ٽيهن جي
Potency
يعني سوَ جي ٽيهينءَ سگهه واري نفيس يا سوکشم ٿيل
دوا چڱو ٿي اثر ڪري. گهٽ سوکشم گهول تمام سخت اٿن.
پوءِ وري انهيءَ کان وڏي فهرست ڏنل آهي. ان بعد هر
هڪ وشيء تي خاص ڪتاب ڏنل آهن. مطلب جيڪي ڪتاب
ڏيارام پاڻ پڙهيا ۽ ڏٺا هئا تنجو ذڪر آهي. بئندورا
۾ سندس شخصي پستڪاليه ڏٺم ته خبر پيم ته ڪيتري نه
شوق سان ديوان ڏيارام هوميوپٿيءَ جا ڪتاب پڙهندو
رهندو هو. ٻئي باب ۾ هوميوپٿيءَ جي ٽن مکيه
وشيشتائن بابت ذڪر آهي. هڪڙو ته بيماريءَ جا سبب
ايتري قدر ٻاهريان نه آهن، جيتري قدر جيوني شڪتي ۾
اندريان خلل. ٻيو ته دوائن جي اڻن ۽ پرم اڻن جو
اثر اهي بيماريون ڇٽائي ٿو، جيڪي بيماريون اهي ئي
دوائون اسٿول روپ ۾ ۽ وڏي انداز ۾ وٺڻ سان ماڻهن ۾
پيدا ٿيون ڪن. هر هڪ وک يا زهر ۾، انهيءَ طرح وک
جي اثرن کي دور ڪرڻ جو امبرت به موجود آهي. ٽيون
ته دوائون فقط بيماريءَ موجب نه ڏيڻ گهرجن، پر
بيمار جي شخصي طبيعت ۽ مزاج موجب.
باب ٽئين ۾ لکيل آهي ته هوميوپٿيءَ مان خبر ٿي پوي
ته وکن ۾ به امبرت لڪل آهي؛ تنهنڪري پاپ ۽ دک به
ايشور انسان جي سڌاري لاءِ خلقيا آهن؛ پرم اَڻن جي
اثرن تي ويچار ڪري پرماتما جي بي انت شڪتيءَ ڏانهن
ڌيان وڃي ٿو.
باب چوٿين جو سرو آهي پرارمڀڪ اصول ۽ اهي آهن ٻه.
هڪ ته دل جو اثر جيوت تي آهي، جهڙو پريم اهڙي
جيوت. پريم ۾ خلل پيو ته طبيعت ۾ خلل پيو. ٻيو ته
جهڙو من تهڙو شرير، يعني من جو اثر تن تي تمام
گهڻو آهي، تنهنڪري دل ۽ من جو خلل جاچڻ ضروري آهي،
تن جي خلل کي سمجهائڻ لاءِ ۽ ڇُٽائڻ لاءِ.
باب پنجين ۾ ڪنهن مرضن جو علاج ڪيئن ڪجي تنهن لاءِ
هئنيمن جي متي کي ٽيڪو ڏنل آهي. پهريائين ته هر هڪ
مريض جي گهريءَ ۾ گهريءَ اندرينءَ خرابيءَ جو قسم
جاچجي. اهو ڇٽائڻ بعد دوائون هن جي ٻاهرين ۽
مٿاڇرين علامتن تي اثر ڪري سگهنديون. ڪنهين
بيمارين ۾ اول ته ٽن قسمن جي اندرين خرابين مان،
بنيادي ڪهنين مرضن مان هڪ نه ٻي خرابي جا موجود
هجي اها هٽائڻ گهرجي؛ پوءِ ٻاهرين علامتن جو علاج
ڪري سگهبو.
هن ڪتاب جي پڙهڻ مان خبر پوندي ته ڏيارام جو
هوميوپٿيءَ سان ڪيترو نه شوق هو ۽ ڪهڙو نه گهرو
اڀياس ۽ خوض ڪيل هوس. دوا ڪهڙي سوکشتما ۾ ڪم آڻجي
۽ ڪيئن ساڳي ئي دوا جيڪڏهن هڪ سوکشمتا ۾ عجب اسرار
جهڙو ڪم ڪري ٿي سگهي، اهو اصول خوب سمجهايو اٿس.
اهڙا ٻيا به اصول ڌارمڪ ۽ دارشنڪ ويچارن سان ڳنڍي
ويو آهي. ٻن ننڍڙن ڳٽڪن ۾
Mind and its cure
من جي بيمارين جو هوميوپٿيءَ
موجب علاج ڏيکاريو اٿس. ڏيکاريو اٿس ته اها
هوميوپٿيءَ جي خصوصيت آهي ته من ۽ اخلاق جي
بيمارين کي به اؤشڌين جي سوکشم پرم اڻن سان ڇٽائي
ٿو سگهجي. پڇيو اٿس ته ٻئي ڪهڙي ڊاڪٽري نموني ۾
اهڙا سرار ڀريا علاج آهن.
ٻئي ڳٽڪي ۾
Infinitesimals
پرم اڻن جي مهما لکي اٿس ۽
لکيو اٿس ته پرم اڻن جي پٺيان پرم آتما آهي.
پرماڻن تي ڌيان ڪرڻ سان پرماتما جو درشن لاڀ ڪري
سگهجي ٿو.
ديوان ڏيارام جون دينڪ وهيون
سٺن ليکڪن جي هدايت آهي ته هر روز هڪ جملو ته گهٽ
۾ گهٽ لکندا رهو. ڏيارام جو به اهو اڀياس هوندو
هو. 12 آڪٽوبر 1903ع کان وٺي پنهنجي ديهانت تائين
روز روز جا اڀياس ۽ ويچار انگريزيءَ ۾ پنهنجي دينڪ
وهيءَ ۾ داخل ڪندو رهيو. جولاءِ 1923ع کان ته
پنهنجي آتمڪ وهي سنڌي ڪوتا ۾ به هر روز لکندو رهيو
۽ ان جا پهريان ٻه جلد من لاءِ چابُڪ جي نالي سان
پاڻ ڇپايائين ۽ ٽي جلد سندس پرلوڪ پڌارڻ بعد ڇپجي
پڌرا ٿيا آهن. انگريزيءَ ۾ سندس دينڪ وهي 24 ورهيه
هلي. اها ٽن سلسلن ۾ ورهايل آهي، ٿلهي ليکي اٺن
اٺن ورهين جي هڪ هڪ حصو: پهريون حصو 1912ع تائين،
ٻيو 1920ع تائين، ٽيون 1927ع تائين. 12 آڪٽوبر
1903ع ۾ پهرين داخلا آهي ۽ ان ۾ لکيل آهي جيڪب
صاحب مون کان چارج ورتي؛ ڪلفٽن ويس. 19 آڪٽوبر
1903ع تائين داخلائون آهن ته ساڌو هيرانند جي جيون
چرتر لکڻ ۾ اهي ڏينهن متصرف ڪيائين. پهريائين دينڪ
وهيءَ ۾ معمولي داخلائون آهن پر پوءِ دينڪ وهي
سندس ويچار ساگر ٿي پيئي، ويچارن جو خزانو ٿي
پيئي؛ جنهن ۾ جيڪي سبق هر روز ايشور سامهون ٿي
آندس، دينڪ اڀياس مان جيڪي سٺو ٿي لڳس، جيڪي اندر
۾ اُمنگه ٿي آيس، سي داخل ٿي ڪيائين. اسين ڏسي چڪا
آهيون ته انهيءَ مان وچان حصا هڪ ”هندو ڀڳت جي
دينڪ وهيءَ مان ورق“ ۽ ”پتت جي دينڪ وهي“ جي نالي
سان جدا جدا ڪتابن جي روپ ۾ ڇپيل آهن. سندس پوئين
پوئين داخلا انگريزي وهيءَ ۾ آهي. 6 ڊسمبر 1927ع
جي، ته هي ايشور جڏهن آد، مڌيه ۽ انت تون آهين ته
مان وري ڇا آهيان؟ مطلب ته مان ڪجهه ڪين آهيان.
سندس آخرين داخلائون 24 آگسٽ 1927ع کان 6 ڊسمبر
1927ع تائين ”ينگ بلڊر“ ماسڪ پتر ۾ سندس پٽ ديوان
ڪيولرام ڏيندو رهيو آهي. انهن کي پڙهڻ مان خبر
پوندي ته پڇاڙيءَ ۾ دينڪ وهيءَ ۾ تمام ننڍيون
داخلائون هيون. هر روز گهڻو ڪري هڪ وچن گرو گرنٿ
صاحب منجهان، هڪ شخصي ويچار يا امنگ.
ساڌو واسواڻي |