سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

مهاڳ

صفحو :2

ڏسڻ ۾ ايندو ته هن پستڪ جا ٿلهي ليکي ٻه ڀاڱا ڪيل آهن. پهرئين ڀاڱي ۾ باب ٻارهين صفحي 180 تائين گهڻي قدر راج رشيءَ جي حياتيءَ جون ٻاهريون حقيقتون ڏنل آهن. پوئين ڀاڱي ۾ سندس حياتيءَ جو اندريون احوال ڏنو ويو آهي، جو سندس جاري ڪيل سنسٿائن، عزيزن ۽ دوستن ڏانهن لکيل خطن ۽ تصنيف ڪيل ڪتابن مان ظاهر آهي، ڪنهن به مهاپرش جو جيون چرتر سمجهڻ لاءِ، سندس حياتيءَ جي ٻاهرين حقيقتن کان به وڌيڪ ضروري آهي سندس حياتيءَ جو اندريون احوال سمجهڻ، سندس آتمڪ اُمنگه ۽ اشارا جهٽڻ. جيڪي پاٺڪ هن مهاپرش جي جيوت جو رس سچيءَ طرح چکڻ ۽ ماڻڻ چاهين، تنکي وينتي آهي ته پويون ڀاڱو پهرئين ڀاڱي کان به وڌيڪ غور سان پڙهن ۽ چاه وڌائي راج رشيءَ جا اصلي ليکه ۽ پستڪ خاص طرح من لاءِ چابڪ ۽ رهاڻ پاڻ پڙهي ڏسن، ته پنهنجو پاڻ سمجهي سگهندا، ته هن مها پرش جي حياتيءَ جي سچي هٻڪار ڪهڙي هئي.

مان آخر ۾ ٿورائتو آهيان، پنهنجي معزز متر، سڪ ڀرئي سڀاو جي مورتيءَ، راءِ بهادر ديوان تاراچند شوقيرام جو، جنهن وٽ هر هڪ ايندڙ لاءِ مٺا ٻول ۽ مٺا ٽول هر وقت مؤجود آهن. منجهانئس اسانجي اصلوڪي سڀيتا جي صبر ۽ شڪر، ادب ۽ آدر جي سڪ پيئي لهي. ديوان تاراچند صاحب پنهنجي حب ۽ قرب سان مونکي موهي وڌو آهي ۽ وڏيءَ دل سان مهرباني ڪري هن پستڪ جي ڇپائڻ جو سمورو بندوبست پاڻ تي هموار ڪيو آهي. سندس سهائتا کان سواءِ هنن هٿ ڪيلن حقيقتن ۽ راج رشي ديوان ڏيارام جي اوچ آدرشن تي ويچارن جو فائدو، پاٺڪن کي پراپت ڪين ٿي سگهي ها. شڪرانا آهن ايشور جا جنهن جي ڪرپا سان هي يگيه هن ريت پورو ٿي سگهيو.

 

ديوان چوهڙ سنگهه

جو بنگلو

 

شيوارام نرسنگهداس

ڦيرواڻي

حيدرآباد سنڌ

22 جولاءِ 1938

----------


 

شهاڻي گهراڻي بابت نوٽ

 

پروفيسر ڀيرومل وٽان معلوم ٿيو اٿم، ته حيدرآباد ۾ جيڪي هاڪارن عاملن جون آڪهيون آهن، تن مان شاهاڻين جي آڪهه به آهي. سنڌ جون گهڻو ڪري، سڀيئي آڪهيون پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏجن ٿيون؛ پر هن آڪهه جي حالت ۾ ائين نه آهي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ شاه بهارو چانڊوڪي پرڳڻي ضلع لاڙڪاڻي جو حاڪم هو، جنهنجي تربت اڄ تائين لاڙڪاڻي ۾ آهي. جيڪي ديوان وٽس نوڪري ڪندا هئا، سي سندس نالي پٺيان پاڻکي شهاڻي سڏائڻ لڳا.

انهن ديوانن مان ڪي حيدرآباد آيا ۽ ڪي اصل لاءِ لاڙڪاڻي طرف رهيا؛ جنهنڪري شهاڻي ٻنهي هنڌ موجود آهن. تنهن کانسواءِ شاه بهاري ۽ سندس عملي کي جيڪي مودي سيڌو پاڌو پهچائيندا هئا، سي به پاڻکي شهاڻي سڏائڻ لڳا ۽ انهن جي اولاد مان ڪي اڄ تائين ساهتي پرڳڻي، خاص ڪري ٺارو شاهه ۾ آهن.

حيدرآباد ۾ شهاڻين جا ڪيترا گهر آهن، پر سڀني ۾ ٻن گهرن جو نالو برکه آهي؛ هڪڙو منشي گدومل جي آڪهه جو ۽ ٻيو ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي سرڳواسي پرنسيپال شهاڻيءَ جي آڪهه جو. اهي ٻئي گهر ٻين ڪيترن عاملن جيان گروءَ جا سک هئا ۽ اصل ڪيس (وڏا وار) رکيل هئن. پر منشي گدومل جي آڪهه جو اُڏيري لال ۾ به يقينو هو.

اڳي منشين جو عهدو ديوانن کان به وڏو هوندو هو. ديوان هوندا هئا ڍلون اڳاريندڙن جا عملدار ۽ منشي هوندا هئا وزيرن وانگر هر هڪ ضروري ڪم ۾ ميرن کي صلاح مصلحت ڏيندڙ عملدار.

منشي گدومل کي چار پٽ ۽ ٽي ڌييون هيون. پهريون پٽ هوس ديوان ميٺارام، تنهن کانپوءِ ٿيس نياڻي، جا ديوان چانڊومل دفتردار جي ڀاءُ سان پرڻيل هئي. ان کان ننڍيءَ نياڻيءَ جي ديوان مهتابسنگهه سان شادي ڪيل هئي. جنهن جو پٽ هو ديوان آوتسنگهه. منشي گدومل جي ٻئي پٽ جو نالو هو ديوان چئنراءِ، جنهن جو وڏو پٽ هو ديوان شيرومل. تنهن کانپوءِ هو ٽيون پٽ، جنهنجو نالو هو گوبندرام، جو ويچارو سورهن ورهين جي ڄمار ۾ اتفاق سان مري ويو. پوءِ هئي هڪ نياڻي جا ديوان مينگهراج سان پرڻيل هئي، جنهنجو پٽ هو ڊاڪٽر خوبچند ڪراچيءَ وارو. منشي گدومل جو پويون پويون پٽ هو ديوان ڏيارام، جو سندس ويراڳه ورتيءَ جي زماني ۾ کيس ڄائو ۽ آسيس مان حاصل ڪيل اولاد هو، جنهنجو جيون چرتر هن پستڪ ۾ ڏنو ويو آهي.

ديوان گدومل ۽ ديوان ڏيارام

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org