ميرزان قليچ
بيگ
پروفيسر
ديوٽيا کان خاص طرح پڇيو ويو ته ڏيارام ڪو يوگه جو
آسن ڪري ويهي سانت اڀياس ڪندو هو ڇا؟ معلوم ٿيو ته
ديوان فقط ايڪانت ۾ وهندو هو ۽ اتي ڌرمي ڪتابن جو
ويچار ڪرڻ، ڊائرين لکڻ ۽ ٻي لکپڙهه ڪرڻ ۾ سندس وقت
گذرندو هو. سندس خصلتن بابت پروفيسر ديوٽيا ۽ سندس
ڌرمپتني سشيلا ديويءَ جو رايو هو ته ديوان جي
حياتيءَ ۾ خاص طرح نيم پوروڪ رهڻي ڏسڻ ۾ ايندي
هئي. هر هڪ ڪم مقرر وقت تي ڪندو هو. سڄو ڏينهن ڪم
۾ مشغول رهندو هو. سچ لاءِ حد درجي جو پيار هوس.
منجهس سادگي به حد درجي جي هئي. هر روز نه فقط
پنهنجي وقت جو حساب رکندو هو، پر خرچ جو به حساب
رکندو هو. اها حساب رکڻ جي عادت ڪاليج وارن ڏينهن
کان هيس. ايترو جو لمليٽ پيتو اٿس ته اُن جي به
داخلا آهي. ٻيو ته اڪيلو گهڻي پنڌ ڪرڻ تي به هريل
هو. اها به سڄي عمر جي عادت هيس. هو گهمڻ لاءِ
ايڪانت وارن هنڌن، جهڙوڪ جهنگلن يا سمنڊ ڏي ويندو
هو. 1913ع کان ايڪانت ۾ وڌيڪ گذارڻ لڳو ۽ ڪنهن سان
به ورلي ملندو هو. ڪن ٿورن ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ
کان انڪار ڪين ڪري سگهندو هو. ديوان ڪؤڙو مل هڪ
دفع ڏسڻ آيس، اُن کي ڏٺائين. ويرومل بيگراج ٻن پٽن
سان گڏجي کيس ڏسڻ آيو؛ ٻه چار منٽ ڳالهه ٻولهه
ڪيائين ۽ چيائين ته مون سنڌ کي وساريو نه آهي.
سردار جوڳيندر سنگهه به ٻه دفعا وٽس ويو. ميجر
باسو پڻ ٻه دفعا آيو هوس. مرزا قليچ بيگ گهمندي
مليو هوس. هڪڙي دفع مهاتما گانڌي، مسز سرلا چوڌري،
مسٽر ۽ مسز موٽواڻي ۽ ابوالڪلام آزاد گڏجي ڏسڻ
آيس. ديوان انهن ڏينهن ۾ ڪنهن کي ڪونه ڏسندو هو ۽
اُنهن کي به، جيئن مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون، لکي
موڪليائين ته مهرباني ڪري معاف ڪجو؛ مون ايڪانت جو
ورت ڌارن ڪيو آهي. اُنهي واقع کان پوءِ ديوان ٻين
کي به ڏسڻ اصل بند ڪري ڇڏيو. هڪڙو ٻيو ماڻهو جو
کيس ملڻ ايندو هو سو هو اوناش چندر مجموعدار جنهن
جي ديهانت ٿيڻ تي پنهنجي ڪتاب چابڪ ۾ ديوان
هيٺينءَ طرح لکيو آهي:-
هڪ
متر 29-12-25
ڪالهه آيو
پتر، ديهه کان ٿئَن ڌار،
ڀائي اوناش
چندر مجموعدار.
هئين
بينگالي، ٿئَين پنجابي،
تنهنجي
پريمي دل، گرواڻيءَ جوابي.
جپ صاحب
ارٿ، جو تنهنجو بينگالي،
هٿ آيو
ودوان، ونتا پريم والي،
ڪيو تنهن
گجراتي، انجو ڀاشا نتر،
سڦل تنهنجي
محنت، ٻن علائقن اندر،
لاهور ۾
ياد، تنهنجا هندي ڀاشن،
تنهنجون ڦرن
دوائون، اثر واريون، ساجن.
ڌرمپور ۾
ياد، سلهه روڳئن سيوا،
آشرم
بڻايُءِ، ڪندو هئَن دوا.
صبح جو
سوير، تو ڀڄن نئم،
وڪار نه تو
۾، طبيعت سلم.
ڏنءِ سٺي
سکيا، استريءَ ۽ ڌيءَ،
مک، تنهنجي
ٽهلئن گهڻو ڪري، ”جيءُ“
تنهنجي پتري
هيمپرڀا شل پائي سچي پرڀا،
تون پاڻ
سونهندين، خود سنتن جي سڀا.
پر اُنهن
ورلي ايندڙ آدمين کان سواءِ ڪنهن سان ڪين ملندو
هو. البت غريب مريضن کي دوا درمل لاءِ صلاح ڏيڻ
واسطي ملڻ ٿئي ته واهه، نه ته صلاح به لکپڙهه جي
رستي ڏيندو هو.
سندس سس
سهري کان پڇيو ويو ته اوهانجي غير حاضريءَ ۾ جو
ديوان ڏيارام اوهان جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، تنهن
لاءِ اوهان کي دل ۾ ٿيو ڇا؟ چيائون ته هن خط ۾ سڀ
سمجهاڻي ڏني. اسان جي ڌيءَ هئي 26 ورهين جي، سو
پنهنجي مرضيءَ جي مالڪياڻي هئي؛ اسان جي دل ۾ ڪو
رنج ڪونه ٿيو. مطلب ته سمورو وقت اهي سڀئي هڪ گڏ
ڪٽنب جي ڀاتين وانگر کير کنڊ ٿي رهيا. پوءِ ته
سڀيئي پريمل جي پالڻ ۾ شامل رهيا. حقيقت حاصل ڪرڻ
لاءِ جڏهن بمبئي ويو هوس ته مون پريمل کي ڏٺو. هن
ميڪئَنو سان راند ٿي ڪئي ۽ تمام وڏي فريٽ ورڪ جي
پل ٺاهي هئائين. هاڻي ستين درجي تائين وڃي پهتو هو
۽ ساٿين سان خوش ٿي گذاريائين. پر گهڻا ورهيه نه
جيئرو رهيو ۽ گذاري وڃي پتا جي گود ۾ ويٺو.
ديوان
ڏيارام پاڻ تي گهٽ ۾ گهٽ خرچ ڪندو هو؛ بلڪل ساديءَ
طرح هلندو هو. ڪپڙا ڪهڙا به هجنس تنهن جي پرواهه
ڪانه ڪندو هو. جڏهن ليڊي منٽو، سيوا سدن ڏسڻ لاءِ
آئي هئي، تنهن ڏينهن به پروفيسر ديوٽيا ٿو چئي ته
زور سان مس کيس جهڙا تهڙا ڪپڙا ڪرائي سگهياسون.
پينشن جي ڏينهن ۾ هو ڦاٽلن ٽٽلن ڪپڙن ۾ ٽالسٽاءِ
وانگر رهندو هو. بلڪ ڪيترا دفع ته شرط پڄائيندو هو
ته ڏسان ڪنهن وٽ جهوني کان جهونو ڪوٽ يا گهڻي چتين
وارو ڪپڙو آهي؟ پوين سالن ۾ ته درزيءَ کان به ڪپڙا
ڪين سبائيندو هو. گهر ۾ سشيلا ديويءَ کي چوندو هو
ته سبي ڏينم؛ ۽ جهڙا به سبي ڏيندي هيس تن تي ڏاڍو
خوش ٿيندو هو ۽ پنهنجي سس کي چوندو هو ته پريمل کي
غريب ماڻهوءَ جي ٻالڪ وانگر پال. چاهيندو هو ته
سڀڪجهه سڪرت جي ڪمن لاءِ بچايان. شڪارپور ۾ جڏهن
جج هو تڏهن جيڪي سندس هٿ جا لکيل حساب آهن، جن مان
ڏيکاري چڪا آهيون ته خبر ٿي پوي ته هزار ٻارنهن سؤ
رپيا درماهي پگهار مان، پاڻ تي ۽ پنهنجي ڪٽنب تي
ڏيڍ سؤ کن رپيا مس خرچيندو هو ۽ باقي سڀ دان بلي
ڏيندو هو. پنهنجي جيوت ۽ ملڪيت کي امانت ڪري
سمجهندو هو. بئندورا ۾ ايترن ورهين ۾ گاڏي ڪڏهن
ڪين ڪم آندائين. هميشہ پنڌ ويندو هو. چوندو هو ته
پنڌ ڪرڻ ۾ فائدو آهي.
ڏيارام جي
اهڙي پوتر آتما ايڪانت ۾ ايشور سان ميلاپ جي ڪوشش
۾ عمر جا پويان ورهيه گذارڻ لڳي. سندس ڌني ڌيان ۾
مگهن رهڻ لڳي. سندس روحاني رغبت ۽ اڀياس جي سڌ
سندس روحاني دينڪ وهيءَ مان پوي ٿي. سنه 1904ع کان
وٺي هر روز پنهنجي دينڪ وهي لکندو رهيو. ڏسڻ ۾ اچي
ٿو ته اهو اُمنگه، ساڌو هيرانند جي جيون چرتر
لکندي، سندس حياتيءَ مان حاصل ڪيائين. پهريون
ڊائريون جي سندس رکيل آهن، سي معمولي آهن. جهڙوڪ
فلاڻا ڪتاب پڙهياسين، فلاڻن سان ملياسين وغيرهه.
پوءِ ته هر روز سماڌيءَ جي وقت جيڪي خيال ايندا
هئس، سي لکندو ويندو هو. انهيءَ طرح روحاني خيالن
جو سچو پچو خزانو ڇڏي ويو آهي. 11- آڪٽوبر 1927ع
جي خط ۾ ڪيولرام ڏانهن لکيائين ته مهاتما گانڌيءَ
وانگر آءٌ پڻ سچ جي کوجنا جا تجربا ڪندو رهيو
آهيان؛ منهنجون ڊائريون آهن اهي تجربا. تنهن ڪري
سندس نالو لکو سچ جا تجربا يا حقيقت جا آزمودا.
ديوان ڏيارام لکيوآهي ته مونکي مئي 1923ع کان
ايشور وٽان شاعراني ڏات به عطا ٿي ۽ اُنهيءَ تاريخ
کان وٺي دينڪ وهي، نه فقط هميشه وانگر انگريزيءَ ۾
لکندو رهيو، پر سنڌي شعر ۾ به لکڻ شروع ڪيائين، جا
پوئين ڏينهن تائين لکندو رهيو. انهيءَ ڊائريءَ جو
نالو رکيائين چابُڪ (من لاءِ) ۽ رهاڻ من کي جيتڻ ۽
وس ڪرڻ لاءِ اڀياس.
16- مئي
1927ع جي خط ۾ ڪيولرام کي لکيو اٿس ته هيءَ حقيقت
ٻڌي عجب لڳندءِ ته چابُڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو ڪيئن
لکيو اٿم. سمهڻيءَ پئي هنڌ ۾ جيڪي به خيال اچن،
اهي پينسل ۾ انهيءَ ئي مهل ويندو هوس لکندو؛ يا
پوئين صبوح جو اونداهيءَ ۾ جيڪي خيال ايشور موڪلي
يا دل ۾ اچن، سي هنڌ تي ويهي درج ڪندو وڃان، وري
اهي ڏينهن جو صفا ڪري لکي ڇڏيان.“
سندس اندروني آزمودا انهيءَ من لاءِ چابُڪ ۾ ڏنل
آهن. ڪهڙو نه وگياني ويچار، ڪهڙو نه گرواڻيءَ سان
پيار، منجهانئن پيو جهلڪي! هڪ لکا مون ديوان
ڏيارام صاحب ڏانهن لکيو ته جيئن اسين اسڪول ۾ ٻارن
کي ٻاهرين وديا ٿا ڏيون، تيئن اندرين جوت انهن جي
ڪيئن جاڳايون، تنهن لاءِ ڪو سولو سلسلو ڏسيو. تنهن
تي پاڻ مون لاءِ چابُڪ جو پهريون ڀاڱو ڏياري
موڪليائين ۽ لکيائين ته انهيءَ منجهان اشارا ملي
سگهندا. مون لکيومانس ته انهيءَ ۾ درجي وار خيال
ڪين آهن؛ ڪي خيال ته اهڙا آهن جو ٻار به سمجهن، پر
ڪي ته اهڙا جي هوشيار کان هوشيار ماڻهوءَ کي به
منجهائي ڇڏين. تنهن تي جواب ڏنائين ته چونڊ ڪري
درجيوار ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي؛ مون کي ته جيئن خيال
پئي آيا آهن، تيئن پئي لکيا اٿم. خير، انهيءَ
ايڪانت جي سمي ۾ به ديوان ڏيارام لکپڙهه سان آتمڪ
اُنتيءَ ۾ پنهنجن پريمين کي مدد ڏيندو رهندو هو.
اهڙا ڪيترائي خط ديوان مرليڌر ۽ ٻين پريمين ڏانهن
موڪليا هئائين، جن جو ذڪر سندس خطن جي باب ۾ ڪيو
ويندو.
ديوان
ڏيارام گدومل نومبر 1927ع
پنهنجي سنڌ
پرڳڻي، بلڪ سڄي ڀارت کي آسيس به شعر ۾ ڪئي اٿس.
پنهنجي چابُڪ ۽ رهاڻ جي منڍ ئي منڍ ۾ لکيو اٿس؛-
ڀارت کنڊ شل
ٿئي ڀڄن کنڊ،
پوڄي شل هڪ
اڪال اکنڊ؛
سنڌڙي به
وٺي اُن ۾ ڀاڳه،
ماڻي شال
سچو سهاڳه.
اِنهيءَ کان
سواءِ وقت به وقت پنهنجا اتساهه پيدا ڪندڙ بيت
سنڌيءَ ۾ لکندو رهيو. هيٺين بيتن مان خبر پوندي ته
ڏيارام جو ڀڄن ڪيرتن ۾ ڪيترو نه ويساهه هو. سندس
ويچار هو ته هنڌ هنڌ مڪتي فؤج جي ماڻهن وانگر
ڪيرتن فؤج جون پرڀات ڦيريون نڪرن. ڪيرتن فؤج بابت
سندن سندر خيال هيٺئين شعر مان ظاهر آهن:-
ڪيرتن فؤج
ڀائيو ڇونه
ڪڍو، هڪ ڪيرتن فؤج.
ڪري اهڙا
سڪرت، ڏئي گر مرشد اؤج.
ڀائيو ڇو نه
ڪڍو، اهڙي ڪيرتن فؤج.
پرڀات پرڀر
ساراهي، ڪرائي پريم چوج،
ڀائيو ڇونه
ڪڍو هڪ ڪيرتن فؤج.
ڳائن ويراڳه
شب، ڪرائي وڇڙيلن روڄ،
جاڳو ڪريو
سچي ڪار، لڳو پر اُپڪار:
جڳه هتڪارين
تان، لوڪ سدا ٻلهار، [رهاءُ].
مسڪين سمجهو
روپ پرڀ، پرڀ پيار بتايو،
پونجي ملي
توهانکي، تنهنجو ليکو پتايو.
ڪيرتن، هري
ڪٿا ۽ سوال جواب،
ناٽڪ، گيت،
واڄا، جن مان سکيا صواب.
سکيا ست
وهنوار، سکيا يمن ۽ نيمن،
پنيه، دان،
بندگي، وقت سجائي ڪرڻ،
سهوليتون هر
قسم، پاڻ سڌارڻ اجارڻ،
ڀائپي ڀاءُ
سهائتا، ڀوجل کان تارڻ،
اهڙا سڪرت
رستا، همٿ ڌاري هلايو،
ڪيرتن فؤج،
مڪت فؤج، امرت فؤج وجهو پايو.
اَمرت ويلي
اُٿي، گهٽ گهٽ ڌن لايو،
پوءِ گهٽيءَ
گهٽيءَ، سندر ڀڄن ڳايو:
سڻي سي،
هٽائي به، جوٺ پاپ نه ورتندا،
نه کانُ
پانُ بگاڙيندا، ماپ تور پوري ڏيندا،
نه ڪامورا
لالچ کائيندا، حق حلال هلائيندا،
دشٽ، نشئَي،
عئشي، عبرت پذير ٿيندا،
استرين
ٻالڪن تان، ظلم ڏک اُترندا.
هٿ ٺاريو،
ڀائرو، ڪمر ڪشي مرداني،
جيوت نه
ڪريو گدلي، ڪريوس گلابداني.
ائين ايڪانت
۾ ايشور سان ايڪتا، اندر ۾ آرام ۽ انسانن جي شيوا
جا خيال ڪندي، ڏيارام جيوت جا پويان ڏينهن گذاريا.
پنهنجي مرتيوءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، پنهنجي هڪڙي
منشيءَ کي لکيائين، ”منهنجي اندر کي بلڪل آرام
آهي. مون کي گرواڻي ايتري ياد آهي جو صبح کان
سانجهيءَ تائين هنڌ ۾ سمهئي پئي به اُچاريندو رهان
ته به ختم نه ٿئي؛ تنهنڪري سڄو ڏينهن پيو ست سنگه
ماڻيان. منهنجي لاءِ ڪا به ڳڻتي ڪانه ڪريو؛ مان
سائينءَ جي سلامت هٿن ۾ آهيان.“
ائين هلندي
7-ڊسمبر 1927ع جي اڍائي بجي منجهند جو ڏيارام جي
آتما دياميءَ جي گود ۾ وڃي ويٺي.
پروفيسر
ديوَٽيا سان پرچاڻيءَ لاءِ چڱي ۾ چڱا آدمي اچي ڪٺا
ٿيا. مسٽر نٽراجن تمام سٺي تقرير ڪئي ۽ انت ۾
پروفيسر ديوَٽيا هيٺيون پنهنجو گجراتيءَ ۾ ٺاهيل
ڀڄن اُچاريو:-
سر ڀيروي
منگل مندر
تهارون، دياميء،
مــــــــنگل مـــندر تـــــــهارون.
سنت ڀڳت جن
ڪارج نرنتر،
دوار
رهـــــــــيج اُگــــــــهارون.
دين ڀڳت جو
اوڀو آجي، پوڇي پد همارون؟
دياميء منگل
مندر تهارون.
جيون موڪيون
دور دور تي، ني جووي مکه ڦري آون،
نوجيون مان،
اَمر ڀومي مان، پريه جن وندن تهارون.
دياميء منگل
مندر تهارون.
تجهه پريمل
سپريت شڌ سنان مان
انوپم سکه
ڪهين پاوون،
لي ستڪاري
سُت ني سنيهي، پرارٿنا ايج اوچارون.
دياميء منگل
مندر تهارون.
هن گجراتي
ڀڄن جو مختصر مطلب آهي ته هي دياميء، تنهن مندر
ڪلياڻڪاري آهي. انهيءَ مندر جو در سنتن ۽ ڀڳتن جي
ڪمن لاءِ سدا کليل آهي. هيءُ دين ڀڳت جو در تي
بيٺو آهي سو پنهنجو پد پڇي رهيو آهي. جيوت جو چولو
پري ڇڏي آيو آهي ۽ ڏسي ٿو ته وري ته نه اچڻون اٿم.
امر ڀوميءَ جي نئين جيوت ۾، پيرا، توکي نمسڪار ٿا
ڪريون. تنهنجي پريمل جي پوتر پيار ۾ شل ڪو سکه
اسين پايون. اسانجي اهائي پرارٿنا آهي ته هن پياري
پتر جو ستڪار ڪج، هي دياميء! |