سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ديوان ڏيارام بدومل جو جيون چرتر

باب چوٿون

صفحو :5

باب چوٿون

ڪراچي

 

ماهه آگسٽ 1879ع کان جون 1887ع تائين.

بي. اي جو امتحان ڏيئي، پتا جي قضيه سبب، ڏيارام يڪدم حيدرآباد ۾ آيو. ديوان ميٺارام کي پنهنجي پيءُ جو گورو گنگاجيءَ کڻي وڃڻو هو. ٽن ڏينهن ۾ گنگاجيءَ وڃڻ ڪو اهڙو سولو نه هو. جهڙو اڄ ڪلهه آهي. سو ديوان ميٺارام پهريائين چاهيو ته ڪجهه قدر پنهنجو  ڪم ڏيارام کي سپرد ڪري، پوءِ گورو وجهڻ وڃان.

ديوان ميٺارام زميندار هو. سندس ٻنيون تلهار جي ڀرسان چانڊڻيءَ ۾ هيون. هن ڏيارام کي ٻنين مان واقف ڪيو، ۽ هڪ هڪ مهيني ۾ ڇا ڇا ڪرڻو پوندو آهي، تنهن جو تفصيل هن کي لکايائين. اُهڙو ئي تفصيل وري ڏيارام پاڻ پنهنجي ڀائٽئي ديوان شيرومل کي لکائي ڇڏيو جڏهن ٻنين جو ڪم ٽرسٽ ڪيائين. ديوان ميٺارام اهڙيءَ طرح، ٻنين جو ڪم ڏيارام کي سپرد ڪري، پاڻ پنهنجي پيءُ جو گورو گنگاجيءَ کڻي ويو.

اُنهن ڏينهن ۾ حيدرآباد کان سکر تائين بلڪ ملتان تائين ريل ڪانه هئي. هتان جهاز ۾ ويندا هئا، پوءِ ريل ۾ به وقت لڳندو هو ٽي مهينا کن. اِنهيءَ ڪري ڇهه مهينا کن ڏيارام کي زمينداريءَ جي نگهباني ڪرڻي پئي. هو زمينداريءَ جو ڪم به ڪندو رهيو ۽ قاعده به پڙهندو رهيو.

تن ڏينهن ۾ سرڪاري عهدن تي هئڻ جي ڏاڍي سڌ هوندي هئي. ديوان ميٺارام چاهيو ته پنهنجي ڀاءُ کي به سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ڪجي ته چڱو. صدر ڪورٽ جو جج مسٽر برڊوُڊ صاحب سندس واقف هو، اُن وٽ هيءُ پنهنجي ڀاءُ ڏيارام کي وٺي ويو، جنهن ڏيارام جي لياقت ڪري ۽ سندس هاڪ سبب، هن کي يڪدم 1- آگسٽ 1879ع کان پنهنجي آفيس ۾ سيڪنڊ ڪلارڪي سٺ رپئي مهني پگهار تي ڏني.

 ديوان ميٺارام گدومل

 

برڊوُڊ صاحب ڏيارام کي پٽن وانگر ڀائيندو هو، ڇو جو هو علم جو شائق هو. وري ڏيارام به هو پروفيسر ورڊسورٿ جو لاڏلو شاگرد، اِنهيءَ ڳالهه جو برڊوُڊ وٽ گهڻو قدر هو. برڊوُڊ، ڏيارام کي گهر جي ڀاتيءَ وانگر ڏسندو هو، ۽ ساڻس خانگي ڳالهيون ڪندو هو.

هڪڙي ڀيري، ڏيارام، برڊوُڊ صاحب کان پڇيو ته ايتري پگهار هوندي به وئڪيشن تي ولايت نٿا وڃو، سو ڇو؟ چيائين پگهار وڏو ته خرچ به وڏا. ٻه پٽ ولايت ۾ ٿو پاڙهيان. تنهن ڪري ڪجهه نه ٿو بچي.

سال کن سيڪنڊ ڪلارڪيءَ ڪرڻ بعد ڏيارام کي سرشتيداريءَ جو عهدو مليو. انهيءَ وچ ۾ هن ايل- ايل- بي به پاس ڪري ورتي. ايل -ايل- بي- پاس ڪيائين ته ڀاڻس جو خيال ٿيو ته نوڪري ڇڏي وڪالت ڪري، جو اِهو سندس ٻين ڀائرن جو ڌنڌو به هو ۽ وڪيلن کي ڪمائي به جام هئي. ويتر جو نامياري ديوان ڏيارام ڄيٺمل وڏو نالو ڪڍيو هو ۽ گهڻو پيسو ڪمايوهئائين، سو سڀني ٿي چيو ته هيءُ به ڏيارام جهڙو بختاور ٿيندو ۽ هن جهڙو نالو ڪڍندو. ديوان ڏيارام ڄيٺمل خود به اها صلاح ڏنيس، تنهن ڪري ڏيارام نوڪري ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيو.

اُنهن ڏينهن ۾، لارڊ لٽن صاحب هندستان جوگورنر جنرل هو ۽ افغانن سان لڙائي پئي هلي، جنهنڪري خرچ بچائڻ لاءِ سرڪار خيال ڪيو ته ڏيهي ماڻهن مان چونڊ ڪري سٌٽَئچوُٽري سول سروس ٺاهجي ۽ اُنهن کي امپيريل سول سروس وارن انگريزن جو 2/3 پتيون پگهار ڏجي. جڏهن ڏيارام، برڊوُڊ وٽ استعيفا کڻي ويو، تڏهن هن ترسايس. چيائينس ته مون وٽ ڪجهه وقت رهندين ته ان ۾ تنهنجو ڀلو آهي. ديوان ميٺارام جي به ائين صلاح ٿي، ۽ هو ترسيو.

سگهوئي لارڊري بمبئي جو گورنر صاحب، ڪراچيءَ آيو. برڊوڊ صاحب ڪورٽ پوري ٿيڻ کان پوءِ ڏيارام کي چيو ته هز ايڪسيلنسي لارڊري صاحب بهادر اوهانکي ڏسڻ ٿو چاهي. ڏيارام، پوءِ سندس نالو سٽئچوُٽري سول سروس ۾ داخل ڪيو ويو، ۽ انهيءَ ڳالهه جي پڌرائي سرڪاري گزيٽ ۾ ڪئي ويئي.

بمبئيءَ مان ڪل چار ماڻهو چونڊيا هوائون: هڪڙو  مسٽر ديشمکه، ٻيو مسٽر ٽپنس، ٽيون مسٽر ديوٽيا ۽ چوٿون مسٽر ڏيارام.

سڀئي هاڪارا گرئجوئيٽ هئا ۽ پرنسيپال ورڊ سورٿ جا خاص لاڏلا شاگرد هئا. ڏيارام کي سرشتيداريءَ کان پوءِ يڪدم سمال ڪاز ڪورٽ جو جج ڪيو ويو، جا جاءِ هونئن فقط بئريسٽرن کي ڏيندا هئا.

 

سنڌ جو سئر

ڏيارام سنڌ جي سئر جو ڪوڏيو هو. 20-آڪٽوبر 1881ع کان 9-ڊسمبر 1881ع تائين موڪل ئي شايد سنڌ جي سئر لاءِ ورتائين.

سئر ۾ جيڪي قابل ديد هو سو ڏيارام اخبارن ۾ لکندو هو. پوءِ ته هڪ ننڍڙو ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيائين جنهن ۾ پنهنجي نالي ڄاڻائڻ بدران گمنام نالو ”سگما“ ڄاڻايائين. ”سگما“ يوناني ٻوليءَ ۾ ”س“ واسطي پهريون اکر آهي جو سندس نالي شاهاڻي جو به پهريون اکر آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ هن سنڌ جي مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اُڏيري لعل ۽ سکر ۽ سيوهڻ جو بيان لکيو آهي جو تازو وري ڇپايو ويو آهي. انهيءَ 1882ع واري لکيل ڳٽڪي مان سندس قابليت جي پوريءَ طرح پروڙ پوي ٿي. ڇا آهي سندس ڄاڻ انگريزي ساهتيه جي، ۽ ڇا آهي سندس سوکم نظر قدرتي نظارن جي سونهن لاءِ ۽ ڇا آهي سندس آکاڻين ۽ تواريخي ڳالهين لاءِ شؤق.

 

ڪراچيءَ جا ڪم

لارڊ رپن جي ڪشادهه دليءَ ۽ نيڪ نيت ۽ ادار نيتيءَ تعليم يافتن جي دلين ۾ ڏاڍو اُتساهه پيدا ڪيو هو ۽ سنڌ جي خوش نصيبي هئي جو ڪمشنر به مسٽر ارسڪن هو، جو بلڪل دورانديش ۽ انصاف پسند عملدار هو.

سرڪار تي ڪابه نڪته چيني ٿيندي هئي ته اُن تي ڪاوڙبو ڪين هو، پر منجهس جيڪي به سچ هوندو هو تنهن جو فائدو وٺڻ چاهيندو هو، تنهنڪري هو سنڌ سڀا کي ڪا مخالف راڄنيتڪ سڀا ڪري ڪين ليکيندو هو، پر سمجهو ماڻهن جي سڀا ڪري ليکيندو هو ۽ سندن عريضن تي جوڳو ڌيان ڏيندو هو.

اُنهن ڏينهن ۾ سڀا جو پريزيڊنٽ سيٺ آتمارام ڀوڄواڻي هو ۽ سندس روح ۽ جان هئا، ديوان ڏيارام ڄيٺمل ۽ اسانجو ديوان ڏيارام.

ديوان ڏيارام، اندروني سڄو ڪم سڀا جي لکپڙهه وغيره جو ڪندو هو. تعليم کاتي وارن پنهنجي اخبار سنڌ سڌار (جنهن ۾ کوٽ هئي) هن کي سؤنپي ڏني.

ديوان ڏيارام ڄيٺمل سان شامل، ڪيترا پارسي ۽ مسلمان دوست به هئا. اُنهن مان مسٽر پوچاجي ۽ دورابجي ٻئي سنڌ ٽائيمس جا مالڪ هئا. اُنهن کي ديوان ڏيارام ڄيٺمل سمجهايوته اُهي سنڌ سڌار به وٺڻ قبول ڪن، ۽ سنڌ سڀا اُنهن کي هڪڙو ايڊيٽر چونڊي ڏيندي، جيڪو ٻئي اخبارون هلائيندو. پهريون ايڊيٽر، جو ڏيارام جي بندوبست ۽ صلاح سان چونڊيو ويو، سو هو ساڌو هيرانند.

ديوان ڏيارام گدومل 1884ع

ساڌو هيرانند جي خطن مان صاف ظاهر آهي ته ڪم جو گهڻو حصو ڏيارام ڪندو هو. اِها ڳالهه ساڌو هيرانند کي پسند نه آئي ۽ ڪلڪتي مان مستر گپتا کي گهرائي ورتائون، جنهن انگريزي اخبار جوبوجهو پاڻ تي کنيون.

 

ميونسپل ائڪٽ جو سڌارو

آڪٽوبر 1884ع ۾ ميونسپل ائڪٽ جو سڌارو ٿيو. سنڌ سڀا، اُنهن بلن تي جيڪو بحث مباحثو ڪيو هو،تنهن ۾ ڏيارام گهڻو بهرو ورتو هو. عريضيون جيڪي سرڪار کي ڪيون ويئون، تنهن ۾ به سندس هٿ هو.

سنڌ سڀا تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته چڱا ماڻهو چونڊجن. پر هاڻي ته گاڏرن ۽ ويشائن کي به ووٽ مليا هئا. ووٽن وٺڻ لاءِ مجلسون ۽ ناچ ڪرايا ويا، ۽ ناچ ساري رات هلندا رهيا ته صبوح جو ووٽرن کي گاڏيءَ ۾ چاڙهي،سلامتيءَ سان سندن ووٽ ڏياريو وڃي.

گاڏرن ۽ ويشائن سمجهيو، ته سرڪار جو عقل چٽ ٿيو آهي، جو کين ووٽ مليا آهن، پر ٿي ته کين موج پيئي. قاعدي ۾ ووٽن خريد ڪرڻ ۽ ووٽرن جي خوشامد ڪرڻ جي برخلاف بندش ڪانه هئي، تنهن ڪري ڏاڍيون خرابيون نڪتيون، جي سنڌ سڀا وارن بنا للي چپيءَ جي اخبارن ۾ ظاهر ڪيون.

آخر چونڊ جو نتيجو 11- ڊسمبر 1884ع واري گزٽ ۾ ظاهر ٿيو، خير سان وري به چڱا ماڻهو چونڊيا ويا. انهن چونڊن ۾ چڱن ماڻهن جي چونڊجڻ لاءِ، ڏيارام ۽ ساڌو هيرانند تمام گهڻي ڪوشش ڪئي جنهنڪري جس لهڻيسائون.

 

لارڊ رپن کي مانپتر

آڪٽوبر 1884ع ۾ هڪڙي پبلڪ ميٽنگ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي ويئي، جتي ٺهراءُ ڪيو ويو ته لارڊ رپن کي مانپتر ڏجي. سنڌ سڀا اهو به فيصلو ڪيو ته ماڻهن ۾ عام جام پرچار ڪري، لارڊ رپن جي مهربانين لاءِ شناخت پيدا ڪجي.

لارڊ رپن جي واهه واهه ساري هندستان ۾ پئجي وئي هئي. سندس آجيان ڪاتر هزار کن مانپتر جدا جدا ڀاڱن مان تيار ٿيا ۽ سنڌ سڀا ۾ به اها رٿ آئي ته سنڌيءَ ۾ انگريزيءَ ۾ کيس مانپتر ڏجي. خانبهادر حسن علي خان افنديءَ رٿ ڏني ته مانپتر ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، فقط خط لکي موڪلجيس ته بس آهي. ڏيارام انهيءَ جي مخالفت سخت لفظن ۾ ڪئي.چيائين ته جڏهن هندستان جي هر هڪ ڀاڱي مان کيس مانپتر ملي رهيا آهن تڏهن جي سنڌ مانپتر نه ڏنو ته سنڌ تي لعنت آهي. انهيءَ تي خان بهادر حسن علي صاحب کي تمام چڙ لڳي؛ ۽ لعنت، لعنت، چوندو سڀا مان نڪري ويو، ۽ وڃي مسلمانن جي جدا انجمن ٺاهيائين، جنهن جي تحرڪ سان مدرسو برپا ٿيو.

ڏيارام صاحب کي سخت اَفسوس ٿيو؛ ۽ ساري عمر چوندو هو ته زبان مان لفظ تمام سنڀالي ڪڍڻ گهرجن، جو ڏسو ته هڪڙي لفظ ”لعنت“ مان ڪيترو ڦيٽارو پئجي ويو.

خير، لارڊ رپن کي مانپتر ڏيڻ جو فيصلو ته سنڌ سڀا آخر ڪيو. مانپتر تي سڄي سنڌ مان هزارن ۾ صحيحون ورتيون ويون ۽ اُهو مانپتر تمام خوبصورت،چمڪدوز ۽ زيڪ جي پوٽڙيءَ ۾ ڏنو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪنڍيءَ جوڪم تمام سٺو ٿيندو هو ۽ اها به هڪ قسم جي سوکڙي هئي.

هتان ڪجهه ڄڻن جي سفارت، مانپتر سنڌ جي پاران لارڊ رپن کي ڏيڻ لاءِ بمبئي کڻي ويئي. اِنهيءَ سفارت ۾ هيٺيان ماڻهو موڪليا ويا: 1- ديوان ڏيارام 2- ساڌو هيرانند 3- مسٽر فتح علي، مستر بدرالدين طبيجي جومائٽ 4- ڀائي هيرانند مسند شڪارپوري 5- لاڙڪاڻي جي وڏي ۾ وڏي زميندار سرائي ٺاري خان لاهوري جو وڏو پٽ.

انهيءَ سفارت، بمبئي سرڪار سان، مسٽر بدرالدين طبيجيءَ جي معرفت لکپڙهه ڪئي، ۽ بمبئي جي ٽائون هال ۾، جتي هزارن ۾، ٻين ملڪن مان به مانپتر، لارڊ رپن کي ڏيڻ لاءِ آيا هئا، اُتي وڃي حاضر ٿيا.

جڏهن ديوان ڏيارام انهيءَ موقعي تي ويو، تڏهن سندس سڃاڻپ مسٽر بهرامجي ملباريءَ سان ٿي، جا سڄيءَ عمر تائين قائم رهي، جنهن مان پنگتي سڌاري جي ڪم لاءِ ديوان جي دل ۾ جوش جاڳيو.سن 1888ع ڌاري ديوان ڏيارام سندس حياتيءَ جو احوال لکيو، جنهن مان معلوم آهي ته سندس يکن ۽ حياتيءَ ديوان ڏيارام جي حياتيءَ تي ڪيترو نه اَثر ڪيو.

 

سنڌ ڪاليج ڪراچي

سنڌ سڀا کي زور وٺائڻ، سنڌ سڌار ۽ سنڌ ٽائيمس اخبارن کي هلائڻ جي بندوبست ڪرڻ کان سواءِ، ٻيو وڏو ڪم جو ديوان ڏيارام، ڪراچيءَ ۾ رهي ڪيو، سو هو سنڌ ڪاليج جي کولڻ ۾ مدد ڪرڻ. سندس ڪاغذن مان خبر ٿي پوي، ته انهيءَ ڳالهه لاءِ ڪيترو نه هن پاڻ پتوڙيو! سنه 1884ع ۾ لارڊ رپن هڪڙي تعليمي ڪميشن مقرر ڪئي، ۽ انهيءَ ڪميشن جي اڳيان خيال پيش ڪيا ويا ته سنڌ بمبئي کان پري هئڻ ڪري سنڌ جي نوجوانن کي، اوچ تعليم وٺڻ ۾ ڏاکڙا ٿا پيش اچن، تنهنڪري سنڌ ۾ جدا ڪاليج هئڻ کپي.

هيڏانهن وري سنڌ ۾ اسان جي ڏيارام، اها ڪوشش ڪئي ته ڪي بيٺل آدمي هن ڪم ۾ هٿ وجهن، سو ديوان ڏيارام ڄيٺمل کي وڃي لڳو. اُن وقت ديوان ڏيارام ڄيٺمل ڪائونسل جوميمبر هو. هنکي پهريائين اها ڳالهه نه پئي آئڙي. ڏيارام کانئس ننڍو هو، تنهنڪري چيائين ته ڪاليج پيسا گهرندو؛ تنهن کانسواءِ سنڌ مان گهڻي ۾ گهڻو ڏهاڪو ڇوڪر مس آهن، جي بمبئيءَ ۾ ٿا پڙهن؛ جهڙوڪ منهنجو پٽ بولچند ۽ ديوان اُڌارام جو پٽ واڌو مل، لعل چند هاسومل، وريل سنگهه وغيره. شاگردن جو تعداد ڪو گهڻو هجي ته پوءِ ڪاليج کولڻ جوڪشالو ڪجي.

پر اسانجو ڏيارام به سولو هٽڻ وارو ڪونه هو. چيائينس پئسن کان توهين ڇٽا؛ مان دادي ميٺارام جي مدد وٺندس.لکپڙهه کان به توهين ڇٽا، اها به مون پاڻ تي کنئين.رڳو اسان سان ٻٽ ٿي بيهجو. آءٌ ته آهيان ڇوڪرو پر اوهان وڏن جي مدد ۽ آسيس کپي. انهيءَ تي ديوان ڏيارام ڄيٺمل کلي چيس ته ”چڱو ڀلا.“ پوءِ ته ڏيارام وڃي پنهنجي دادي ديوان ميٺارام کي لڳو ته مونکي ڪاليج برپا ڪرڻ ۾ مدد ڏيو.

ديوان ميٺارام چيس ته جيڪا مدد گهرجيئي سا ڏيانءِ. ڏيارام چيس ته توهان جون ٻانهون ڊگهيون آهن، مونکي عاملن مان لک کن ڪڍي ڏيو. ديوان ميٺارام چيس ته ايڏي رقم هٿ ڪرڻ آهي ته مشڪل پر ڪوشش ڪندس.

ڏيارام پوءِ هڪڙي اپيل ڪڍي ته سنڌ کي ڪاليج جي ڪيتري نه ضرورت آهي ۽ ديوان ميٺارام جي مدد سان ماڻهن کان چندا چاڙهايائين. سندس هٿان چندي چاڙهيل لسٽ اڃا موجود آهي، جنهن ۾ 24000 رپيا چندو چاڙهيل آهي.تنهن کان سواءِ سنه 1885ع ۾ هن هڪڙي ٻي زبردست اپيل ڪڍي ۽ ديوان ميٺارام رسيدن جا فارم ڇپايا. پوءِ ته ڪراچيءَ وارا دوست نڪري پيا ڪراچيءَ جي شهر ۾، ۽ حيدرآباد وارا حيدرآباد ۾. ديوان ميٺارام جهڙو رساڪار ۽ هلنديءَوارو ماڻهو، شهر ۾ ههڙي ڪم لاءِ نڪري پيو، ۽ چيائين ته سڀڪو عامل مهيني مهيني جو پگهار ڏئي، ڇو ته هونئن چندي چاڙهڻ ۾ ٿئي ها کٽ پٽ. شاباس آهي چڱن مڙسن کي، جوهن ڪم ۾ لڳي پيا ۽ ٻي شاباس آهي عاملن کي، جن اِها مهيني جي پگهار ڏيڻ جي رٿ قبول ڪئي. جيمس صاحب ڪمشنر، ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج جي نئين بلڊنگه کولڻ وقت عاملن کي اِها شاباس ڏني ۽ چيائين ته ههڙو پيار، وديا جي وٺڻ لاءِ تاريخ ۾ ڇڊو لڀندو.

وري به سنه 1885ع ۾ ڏيارام ٻي هڪڙي زبردست اَپيل ڪڍي پڌري ڪئي، جنهن ۾ هن مخالفن جي اُٿاريلن اَعتراضن جو جوڳو جواب ڏنو، ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ ۾ ڪاليج جي هئڻ جي ڪيتري نه ضرورت آهي. اِنهيءَ لاءِ هن هڪڙو پنجاهه صفحن جو ڳٽڪو به ڇاپايو، جنهنجو نالو هو ڪاليجن جي سکيا ۽ بمبئي، مدراس ۽ بنگال کاتي ۾ اُنجو اَثر، ۽ سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج وجهڻ لاءِ اَپيل. انهيءَ ۾ ڏيارام ڏيکاريو ته اهو غلط آهي ته ڪاليجن جي سکيا جوانن کي، ڌرم جي برخلاف، يا سرڪار سان بي وفا، ٿي ڪري. بلڪ ڌرمن ۾ جيڪو به سچو حصو آهي تنهنکي اوچ سکيا مان تقويت ٿي ملي ۽ انڌيءَ وفاداريءَ بدران سمجهو وفاداري ماڻهن ۾ پيدا ٿي ٿئي. سندس چوڻ هو ته سرڪار سوچ سکيا بابت ڪل ٽن قسمن جون نيتيون اختيار ڪري ٿي سگهي. (1) علم اصل نه ڏجي، انهيءَ ڪري سڌارو به اصل نه ٿيندو؛ (2) علم ٿورو ڏجي، پر اُن مان خطرو آهي، ڇو جو چيو اٿن ته ”نيم طبيب خطره جان- نيم ملان خطره ايمان“؛(3) ته جهجهو علم ڏجي، جوئي سڀ کان سٺو رستو آهي.

وڏن وڏن انگريزي مدبرن ۽ ٽنهي کاتن جي ڪاليجن جي پرنسيپالن جي شاهدين مان ثابت ڪيو اٿس ته ڪاليجن جي وسيلي، انگريزيءَ ۾ اوچ وديا ڏيڻ ڪري نه فقط انگريز سرڪار ۽ رعيت جي وچ ۾ بهتر سلوڪ ٿيندو ۽ ڏوهه گهٽبا پر سرڪار کي معتبر ۽ هوشيار عملدار ملندا، ڏيهي ٻولين ۾ نوان نوان ڪتاب نڪرندا، اسڪول جاري ٿيندا ۽ ماڻهو به اوچ ٿيندائي علم جي وسيلي، سچا پچا لعل وڌندائي علم جي وسيلي، يورپ جون ڪلون ۽ اوزار ڪتب اچي سگهندا ئي علم جي وسيلي، هندستان جي مفلسي دور ٿيندي ئي علم جي وسيلي ۽ پنگتي سڌارو ٿيندو ئي اوچ تعليم جي وسيلي.

آخر ۾ ديوان ڏيارام زبرست اَپيل ڪئي ته ڪورٽن جو اصول آهي ته قاعدي جي اَڻڄاڻپ جو عذر ڪو به واري نٿو سگهي؛ پر انصاف جي تقاضا آهي ته اڻڄاڻپ لاءِ سزا ڏيڻ کان اڳ ماڻهن ۾ عام ڄاڻ ته پيدا ڪجي؛ جيئن هو پنهنجي ذمه وارين کان واقف ٿي سگهن.

هن ڏيکاريو آهي ته ڪل 10- گريجوئيٽ سنڌ ۾ ٿي سگهيا آهن؛ پر سنڌ کي گهرج آهي سوَن، هزارن گريجوئيٽن جي.

ڪاليج لاءِ، سنڌ جي ميونسپالٽين کان  10600 روپيا ساليانو چندو چاڙهايو اٿئون ۽ ماڻهن کان 45000 رپيا چندو چاڙهايو ويو آهي ۽ انجام ٿا ڪريون ته 75000 هزار روپياه چندو ڪنداسون. هاڻي سرڪار کي پنهنجي طرفان مدد ڏيڻ گهرجي ۽ همٿائڻ گهرجي ۽ انهيءَ ڪري سنڌ تي اهڙو احسان ڪندا جو سنڌ جا ماڻهو ڪڏهين ڪين وساريندا.

انهيءَ ڳٽڪي جو اثر ٿيو ۽ سنڌ ڪاليج ٺٽئي ڪمپائونڊ ۾ هڪڙي بنگلي ۾ سنه 1886ع ۾ کوليو ويو. نالو ڪاليج جو اڃا سنڌ آرٽس ڪاليج هو. هنکي هنري ڪاليج سمجهي ڊاڪٽر وامسلي پرنسيپال ٿي آيو ۽ وائيس پرنسيپال ٿيو بِي.جي. پادشاه جو فقير تن هو، گاڏيءَ تي به ڪين چڙهندو هو ۽ چم جي جتي به ڪين پائيندو هو. قابل وري اهڙو هو جو پاڻ جيتوڻيڪ هو بي.اي. ته به امتحان وٺندو هو ايم.اي. جو. پروفيسر پادشاه منطق، تواريخ ۽ فيلسوفي پاڙهڻ لڳو. ٻيو پروفيسر هو ڀيم ڀائي جيون جي نائڪ جو حسابن جو پروفيسر هو، ٽيون پروفيسر راجواڙي هو، جو سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. چوٿون ميرزا مخلص علي خان جو پرشن ۽ عربيءَ جو پروفيسر هو.

منڍ ۾ وديارٿي ڪل ڏهه ويهه مس هئا. 17 جنوري 1887ع ۾ لارڊريءَ ڪاليج جي کولڻ جو مهورت ڪيو ته ان وقت به ڪل 28 شاگرد داخل هئا.

ڊاڪٽر وامسلي ڏٺو ته هي هنري ڪاليج نه آهي پر لٽرري يعني ساهتيه جو ڪاليج آهي، تڏهن چيائين ته مان هت ايترو ڪمائتو ڪين ٿيندس پاڻ جيتوڻيڪ سائنس ۾ ڊِي.ايس.سي. هو ۽ تمام ڀڙ هو؛ ۽ سائنس سيکاريندو به تمام چڱيءَ طرح هو ته به هنجي لنوَ هنرن سان هئي تنهنڪري چيائين ته آءٌ وڃان ٿو ۽ ڊاڪٽر جئڪسن جنهن جهڙو قابل ڊِي.ايسِ.سي. ڪو جزوي آهي تنهنکي گهرائي وٺو. هو گهرايو ويو. ڇوڪرا به وڌڻ لڳا. جاءِ به ٿي سوڙهي، سو ايڊلجي ڊينشا جو بنگلو جو بندرروڊ تي آهي جنهن ۾ گهڻو وقت ڪلب رهي آهي، اُهو ڀاڙي ڪيو ويو.

ڊاڪٽر جئَسڪن جهڙو هو قابل، اهڙو هو انتظام رکڻ ۾ برجستو. پروفيسر پادشاه ته ڪاليج جو روح هو. اُنهن گڏجي ڪاليج کي اوج تي رسايو. هيڏانهن پئسن جي ڪٺي ڪرڻ لاءِ به برجستا ماڻهو هئا. ديوان ميٺارام همت ڪيو بيٺو هو. ڪاليج لاءِ جدا جاءِ جوڙائڻ جو پرٻنڌ ٿيو. سال 1891ع ۾ ڪاليج واري عمارت جڙي راس ٿي. جڏهن ڪاليج نئينءَ عمارت ۾ ٿيو، تڏهن به ڇوڪرن جو تعداد 60 کان وڌيڪ نه هو، هاڻي ته شاگردن جو تعداد 600 کان به وڌي ويو آهي.

حيدرآباد ۾ سرويرن جي واسطي، هڪڙو ڪلاس اُنهيءَ جاءِ ۾ هو جنهن ۾ هاڻي ٽريننگه ڪاليج آهي. اُنهيءَ ۾ پهريائين هري وشنو ۽ پوءِ نارو پنٿ ۽ پوءِ پرڀاڪر ايل. سي. اي. سرويرن کي اُتي پاڙهيندا هئا. اِهو ڪلاس حيدرآباد مان ڪڍي ڪاليج ۾ آندائون. ڪاليج جو نالو ڏيارام اُڌارام پوَڻون هو، پر ديوان ڏيارام ڄيٺمل جي مرڻ بعد، ديوان اُڌارام ڪن سببن ڪري نالي واسطي اَڌ پئسن جو نه ڏنو ۽ ديوان دولترام ڄيٺمل ۽ ديوان بولچند ڏيارام 25000 روپيا ڪاليج لاءِ ڏنا، ۽ نالو سنڌ آرٽس ڪاليج مان ڦري ڊي. جي. سنڌ ڪاليج (D.J. Sind College) ٿيو.

ميٺارام هاسٽل- سال 1893ع ۾ جڏهن ديوان شيرومل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن پروفيسر پادشاه اَچي کيس لڳو ته ڪاليج جي وقت کان پوءِ تون مون کي پاڻ سان وٺي هلجانءِ پنهنجي چاچي ديوان ميٺارام وٽ، جنهن سان تون ٽڪندو آهين. کڙڪ اڳيئي ديوان ڏيارام کي ڏيئي ڇڏي هئائين، پر ديوان شيرومل کي ڪونه چيائين ته ڪهڙي ڪم لاءِ ٿو هلان.

پروفيسر پادشاه، ديوان ميٺارام سان گڏيو ۽ چيائينس ته اوهان جي ڀائٽئي اڃا في ڪانه ڏني آهي سا ڏيو. چيائينس ته هو في پهرئين ڏينهن ڏيندو آهي، تنهن هوندي به في جهجهي. هن پڇس ته ڪيتري جهجهي؟ چي جيڪي گهرندؤ. ديوان ميٺارام اِهو وڏيءَ دل سان جواب هن ڪري ڏنس جو کيس پروفيسر پادشاهه لاءِ گهڻي عزت هئي.سندس قابليت، ڌرم ورتيءَ ۽ فقير تنيءَ جي گهڻن کي سڌ هئي. ويتر پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽئي کان هنجي حد ساراهه ٻڌي هوائين، سو پروفيسر لاءِ چڱو ئي اثردل تي ويٺل هوس. پروفيسر پادشاه کي سڌ هئي ته ديوان ميٺارام پنهنجي ڀائٽئي کي پٽ سمان ڪري ليکيندو آهي ۽ وقتي گينيون خرچي ڏيندو اٿس. هينئر جو ديوان ميٺارام چيس ته في جيڪا گهرندا سا ڏيندس، تنهن تي مرڪي چيائينس ته في وٺندس سوني. هن به چيس ته بلاشڪ. اتي پروفيسر پادشاه پنهنجي دل جو مطلب کولي ٻڌايس ۽ چيائينس ته هڪ هزار گنيون هاسٽل لاءِ ڏيو، جو هاسٽل جي ٺهرائڻ جي ضرورت آهي. ديوان ميٺارام صاحب اوڏيءَ مهل ئي رقم چاڙهي ڏني. هاسٽل ٺهرائي ويئي. ديوان ميٺارام جي چالاڻي کان پوءِ هاسٽل تي نالو ئي سندس پيو. انهن سڀني ڳالهين ۾ اندرين مدد ديوان ڏيارام جي هوندي هئي؛ ۽ هو ڪم راس ڪري پوءِ اشارو ڪندو هو. شاباس آهي انهيءَ ساري ڪٽنب کي، جن ايتر درياهه دليءَ سان، انهيءَ ڪاليج ۽ هاسٽل جي ڪم ۾ مدد ڪئي ۽ اڄ تائين پاڻ ملهائيندا پيا اچن. ويجهڙائيءَ ۾ ڏٺائون ته اها هڪ هاسٽل پوري نٿي پوي ته ٻي هاسٽل جوڙائي اٿن. خبر اٿوَ اُها ڪهڙي هنڌ تي آهي؟ رامباغ گاڏي کاتي ۾ انهيءَ ساڳئي آسٿان تي، جتي ڪراچيءَ ۾ ديوان ميٺارام، ديوان ڏيارام، ديوان ڪؤڙمل، ساڌو هيرانند ۽ مسٽر گپتا رهندا هئا. اڄ اُها سيوا ڪنجه نالي سان مشهور آهي. ان ۾ هرطرح جو بندوبست رکيل آهي. اها هاسٽل ديوان ڏيارام جي فرزند ۽ ديوان ميٺارام ڌر مائو ٽرسٽ جي ٽرسٽيءَ ٺهرائي آهي. اِئين سڪرت جي ڪم جو سلسلو هلندو ٿو اچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org