باب پندرهون
ڏيارام جا ليک
ديوان ڏيارام جو پهريون پستڪ جو منهنجي نظر مان
نڪتو آهي، تنهن جو نالو آهي
Something about Sindh
ڪجهه سنڌڙيءَ بابت. اهو پستڪ هن سگما يوناني س اکر
جي صحيح سان لکيو آهي. انهيءَ ليکه ۾ سنڌ جي شهرن،
نظارن ۽ ڪوين جو بيان ٿيل آهي. تمام اعليٰ
انگريزيءَ ۾ لکيل آهي ۽ ديوان جي ودوتا ۽ ساهتيه
سان پيار منجهانئس خوب ظاهر آهي. انهيءَ ۾ شاه
عبداللطيف بابت به چڱو چوکو ذڪر اچي ٿو. پهرئين
باب ۾ شاهه صاحب جي ڏاڏي عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽
شاهه صاحب جي جنگ و جدل جي زماني جو ذڪر آهي. باب
ٻئي ۾ شاهه لطيف جي دل جو داستان ڏنل آهي ته ڪيئن
مرزا مغل بيگ جي ڌيءُ سان دل ٿيس ۽ اهو عشق اهڙو
اهنجو ٿيو جو ڏُک وچان مغلن کي سُراپ ڏيئي شاهه
لطيف سير تي هليو ويو. جڏهن مغلن جا گهڻو ڪري سڀ
ڀاتي ناس ٿي ويا؛ تڏهن مغل بيگ جي نياڻيءَ ڀل
بخشائي سُراپ هٽايو ۽ هن سان شادي ڪئي.
باب ٽئين ۾ شاهه جي عشق حقيقيءَ جو داستان آهي.
سندس ويدانت ۽ صوفي متن جي سهڻي ۽ سليس سمجهاڻي،
سندس ڪافين ۽ رهڻيءَ جو ذڪر آهي.
چوٿين باب ۾ اُڏيري لال جي وارتا ڏنل آهي ته ڪيئن
هن هندن کي مسلمان ٿيڻ کان بچايو ۽ ٻنهي هندن ۽
مسلمانن کي پنهنجو پُوڄاري ۽ مريد ڪيائين. تنهنکان
پوءِ ڪجهه سکر شهر بابت چيل آهي. معصوم شاهه جي
مناري، ساڌ ٻيلي، ستين، خواجه خضر ۽ چئن يارن
ڏانهن اشارو ڏنل آهي.
پوئين باب ۾ سيوهڻ جو ذڪر ڪيل آهي. ڪافر قلع، سوا
لک پير، شاهه قلندر لعل شهباز، ڀڳو ٺوڙهو، سهڻيءَ
سنڌوءَ، ريل جي آتشي گجندڙ لوهه جي گهوڙي ۽
ڪرستانن جي قبرستان، انهن سڀني جو سهڻو بيان ڪيل
آهي. مطلب ته واهه جو سيلاني ۽ مؤجي ديوان ڏيارام
جي دل ۽ دماغ هئا.
سندس ٻيو ليک آهي ڪاليجي تعليم بابت
Collegiate Education
هن ۾ ديوان اوچ سکيا جي ضرورت ڏيکاري آهي ۽ سنڌ
آرٽس ڪاليج لاءِ اپيل ڪئي اٿس. اهو 27 جون 1885ع ۾
لکيل آهي ۽ سنڌ جي ڪمشنر هارٽ ڊيوس صاحب کي ارپڻ
ٿيل آهي. انهيءَ ۾ پهريائين ڏيارام ڄاڻايو آهي ته
ڪيترن عملدارن ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته اوچي وديا
آڻڻ سان ماڻهو ڌرم سان ۽ سرڪار سان بي وفا ٿي
پوندا؛ انهن وهمن ڪري نون ڪاليجن کولڻ جي رٿ جي
برخلاف ڳجهي مخالفت ڪندا آهن. انهيءَ ڪري پنهنجي
ڳٽڪي جا ٽن حصن مان ٻه حصا هن وڏن تعليم يافتن ۽
ججن جي شاهديءَ سان ڀري ڇڏيا آهن ۽ آخر انهيءَ
نتيجي تي پهتو آهي ته اوچي سکيا نه ڏيڻ معنيٰ
ترقيءَ کي ٻنجو ڏيڻ. ٿوريءَ سکيا ۾ آهي خوف؛ جيئن
چيو اٿن ته ”نيم طبيب، خطره جان“ تنهنڪري سلامتي
آهي گهڻيءَ وديا ڏيڻ ۾. ڏيکاريو اٿس ته اوچ تعليم
جي ڪري ئي سرڪار کي ايماندار ۽ هوشيار ماڻهو سڀني
ڪمن هلائڻ لاءِ ملي سگهيا آهن ۽ ڪاليجن جي سکيا
ڪري مادري زبانن جي ساهتيه ۾ به سڌارو ۽ واڌارو
آيو آهي، جو اوچ سکيا پرائيندڙن ئي پنهنجي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ نوان پستڪ لکيا آهن. ٽيون اثر اوچ وديا
جو اهو ٿيو آهي جو وديا ۽ پنگتي سڌاري لاءِ
ڪيتريون سڀائون ۽ منڊليون برپا ٿيون آهن. ڪاليج
مان پڙهيلن جو چريتر به ڪيترين ڳالهين ۾ سڌرجي ويو
آهي. هندستان کي اوچ تعليم ڏيندؤ ته باقاعدي ۽
قانوني طرح حقن گهرڻ جي هلچل ڪندا، نه ته هو ڪنهن
ڏينهن انهيءَ جي بدلي 1857ع جهڙو بلوو ڪندا.
چوٿون اوچ تعليم پهرايئين البت ڪجهه خرچ ڪرائي ٿي
پر پوءِ انهيءَ ڪري ڏوهه گهٽ ٿا ٿين؛ پوليس ۽ فوج
گهٽ ٿي رکڻي پوي؛ تنهنڪري ڏيارام سرڪار کي اپيل
ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڪاليج کوليو. سنڌو نديءَ تي پل
ٺاهڻ مان جيترو فائدو ٿيندو انهيءَ کان به وڌيڪ
فائدو اهو ڪاليج آخر ۾ ڏيندو، انهيءَ ڪري هاءِ
اسڪول کلي سگهندوَ ۽ انگريزي سڀيتا کي وڌيڪ
سولائيءَ سان ماڻهو سمجهندا ۽ اوهان جون نيون نڪتل
شيون ماڻهو وٺندا؛ هندستان جي دولت به وڌندي ۽
پنگتي سڌاري کي به مدد ملندي.
انهيءَ زبردست ليک سان گڏ شخصي ڪوشش ۽ قربانيءَ جي
وسيلي چندو ڪٺو ڪرڻ جي ڪري ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج
برپا ٿيو. انهن ئي سالن ۾ ڏيارام هڪڙو ٻيو وڏو
ڪتاب لکيو، جنهن ۾ پنهنجي ڪوشش، اورچائي ۽ علميت
خوب ڏيکاريائين. انهيءَ ڪتاب جو نالو هو
History of Alienations in the Province of Sind
يعني سنڌ ۾ جاگير ڏنلن زمينن جي تواريخ. ٺاهيل
ڪمشنر جي آفيس ۾ جاگيرن وغيرہ جي رکيلن دفترن مان،
سرڪار جي ٺهراوَ نمبر 12 2 جنوري 1878ع موجب ڇپيل
ڪمشنر جي پريس ۾ سنه 1886ع ۾. انهيءَ ڪتاب جا ٻه
ٿلها جلد آهن. جلد پهرئين ۾ 447 صفحا آهن، جنهن ۾
تواريخ ڏنل آهي، پشت به پشت جاگيردارن جي،
خيراتدارن جي، پٽيدارن جي ۽ حصيدارن جي. جنهن ۾
سورهن پهرئين درجي جي جاگيردارن جا موروثي شجره پڻ
آهن. پهرئين جلد جي مهاڳ ۾ مسٽر پولن اسسٽنٽ ڪمشنر
لکيو آهي ته اهو ڪم اصل مسٽر ارسڪن صاحب ڪمشنر،
اسسٽنٽ ڪمشنر کي سپرد ڪيو؛ پر روز مرهه جو ڪم
ايترو گهڻو هو، جو هن ڪم ۾ ڪو به قدم ڪونه کنيو
هو؛ جيستائين ڪ مسٽر ڏيارام گدومل سي. ايس – ايل –
ايل. بي. کي هن ڪم سان شامل نه ڪيو ويو. مسٽر
ڏيارام هن ڪم ۾ نه رڳو تحسين جوڳي قابليت ڏيکاري،
پر اڻ ٿڪندڙ محنت ۽ اورچائيءَ جو به ثبوت ڏنو ۽
گهڻو ڪري سندس ئي ڪوشش جو نتيجو آهي جو هيءُ ڪتاب
پورو ٿي چڪو آهي.
ديوان ڏيارام نه فقط سنڌ جي جاگيرن جي منجهس
سربستي تواريخ ڏني آهي پر هر هڪ مکيه جاگيردار جي
شخصي تواريخ ۽ ان جي زمينداريءَ جو سربستو احوال
پڻ ڏنو آهي. ٻيو جلد جنهن ۾ هر هڪ جاگيردار جي
زمين جو سربستو احوال ڏنو ويندو سو اُميد آهي ته
تمام ڪمائتو ثابت ٿيندو. اهو ٻيو جلد سنه 1888ع ۾
تيار ٿيو. انهيءَ جي مهاڳه ۾ هي لفظ لکيل آهن ته
انهيءَ جلد کي لکڻ جي آفرين سموري ديوان ڏيارام
گدومل سي –ايس، ايل- ايل- بي – لهڻي؛ جو هن انهيءَ تواريخ کي هر طرح مڪمل
ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي تڪليف وٺڻ کان ڪنڌ نه
ڪڍايو ۽ خوشيءَ سان محنت ۽ اورچائي ڪري تمام پوري
پوري تواريخ جوڙي تيار ڪئي آهي.
اهو مٿيون ڪتاب اڃا پورو ئي مس ٿيو ته ديوان
ڏيارام ٻيو هڪڙو تمام سٺو ڪتاب مسٽر بهرامجي
ملباريءَ جي حياتيءَ ۽ ڪم بابت تيار ڪري ڇپايو.
انهيءَ ۾ نه رڳو سندس توڙ تاءِ وفادار دوست
ملباريءَ جو جيون چرتر آهي؛ پر سندس زبردست ليک ،
جي پنگتي ظلمن، گهٽتاين ۽ سڌاري لاءِ لکيل آهن، سي
به ڏنل آهن. مسٽر ملباريءَ جو هردو اسان جي پنگتي
ظلمن لاءِ ڏاڍو ڪرڪندو هو ۽ خاص طرح جيڪي ظلم هندو
پنهنجن نياڻين، استرين ۽ وڌوائن سان ۽ اڇُوت ذات
جي ماڻهن سان ڪري رهيا آهن، تن ظالمن جي برخلاف
مسٽر بهرامجي پنهنجو زبردست آواز جو اٿاريو هو سو
هن چرتر جي رستي هنڌ هنڌ پهچايو ويو.
انهيءَ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيل آهي ته هن ڪتاب جي
وڪري مان جيڪا به پيدائش ٿيندي سا ڪنهن به پنگتي
سڌار سڀا کي ڏني ويندي جا تعليم يافته هندو برپا
ڪندا. اهو افسوس ظاهر ڪيو ويو آهي ته پنگتي سڌاري
لاءِ پوين ٽن سالن ۾ ايترين ڳالهين ڪندي به ڪا
اهڙي منڊلي برپا نه ٿي آهي جا سچ پچ سڌارا ڪري.
اهڙيءَ منڊليءَ قائم ڪرڻ لاءِ گهرجي قرباني؛ سچي
سکيا جي سچي نشاني به آهي قرباني. ديوان ڏيارام
اُتي اميد ڏيکاري آهي ته تعليم يافته جوان ضرور ڪا
اهڙي سڀا ساري هندستان لاءِ قائم ڪندا، جنهن ۾
ليڊي ڊفرن سڀا کان به وڌيڪ چندو ڪٺو ڪندا، جا سڄي
هندستان ۾ پنگتي سڌاري جو ڪم شروع ڪندي؛ پر ائين
ٿيو ڪين؛ ساري هندستان لاءِ ڪا به يڪي سڀا ڪانه
ٺهي. هنڌ سنڌ ۾ بيشڪ ڪي سڌار سڀائون ٺهيون؛ جن جو
مکيه ڪم آخر ۾ وڃي زناني تعليم لاءِ اسڪول ڪڍڻ
رهيو آهي.
جپ صاحب 1891ع
26- جولائي 1889ع کان وٺي 23 نومبر 1891ع تائين
ديوان ڏيارام شڪارپور جو سيشن جج ٿي رهيو. اُنهن
ڏينهن ۾ سندس خيال سنڌيءَ ۾ ڌارمڪ گرنٿن جي
سمجهاڻي ڏيڻ ڏنهن خاص طرح ويو، مٿي ڏيکاري چڪا
آهيون ته شڪارپور ۾ گيتا ڪلاس هلندو هو، جتي وڪيل،
تعليم يافته ۽ ٻيا سمجهو ماڻهو ايندا هئا ۽ انهن
ڏينهن ۾ ديوان ڏيارام پهريون ڌارمڪ گرنٿ سري جپ
صاحب سنڌيءَ ۾ تيار ڪري ڇپايو.
پهرئين ڇاپي جي منڍ مان معلوم ٿو ٿئي ته ساڌو
هيرانند جي چوڻ تي ايڪڊميءَ جي ڇوڪرن لاءِ ديوان
ڏيارام، اڳيان ويدانتي ارٿ گومل سنتداس، ڀائي
مولچند گياني، منشي آوتراءِ صاحب ۽ ٽرمپ صاحب جا
پڙهي پنهنجي اَنڀؤ موجب ارٿ سمجهائيندو رهيو ۽
سڀني جي لاڀ لاءِ انهيءَ مان آخر هيءُ ڪتاب
ٺاهيائين. جپ صاحب جي ٺاهڻ جا سبب ۽ تواريخ ديوان
ڏيارام انهيءَ پهرئين ڇاپي جي منڍ ۾ هن طرح لکي
آهي. لکيو اٿس ته ”موڪل جي ڏينهن ۾ مون جپ صاحب ۽
سري ڀڳوت گيتا جي سنڌيءَ ۾ ٽيڪا لکي هئي. انهيءَ
مان جپ صاحب هاڻي ڇپجي تيار ٿيو آهي ۽ سري ڀڳوت
گيتا هن کان پوءِ ڇپبي.“ .جپ صاحب مون کي ورهين
کان برزبان هو ۽ جپيندي جپيندي تمام گهڻو فائدو
پهتو آهي. ننڍڙن ڇوڪرن کي اڄ ڏينهن تائين مائرون
چونديون آهن ته جيڪڏهن رات جو ڪٿان هيڪلا اچو ۽ جن
ڀوت جو ڊپ ٿئيوَ ته پهريئن پؤڙي ڪري پڙهجو ته جن
ڀوت اوهان جي آڏو نه ايندو. پر رات جي ڀوتن کان به
وڏا ڏينهن جا ڀوت پيا آهن، جي سدائين اسان کي پيا
ڀٽڪائين. سوين هزارين بڇڙا خيال ماڻهوءَ جي دل ۾
اچن ٿا ۽ ڏاهن چيو آهي ته سٺن سوڌن ڪمن ڪرڻ کان به
پنهنجو اندر اُجارڻ وڌيڪ مشڪل آهي. جپ صاحب ۽ سري
ڀڳوت گيتا اندر اُجارڻ لاءِ، وڏي ٻل وارا آهن.
بڇڙن خيالن کي من مان ڪڍڻ جو سڀني کان سولو اپاءُ
هيءَ آهي جو يڪدم چڱن خيالن جو لشڪر مٿن بڇجي؛ جپ
صاحب ۽ ڀڳوت گيتا ۾ اهڙن چڱن خيالن جا وڏا لشڪر
آهن. هيءَ ڳالهه مان پنهنجي آزمودي مان چوان ٿو ۽
منهنجي ٻين کي به وينتي آهي ته آزمائي ڏسن.“
”سنڌ ۾ هزارين ماڻهو آهن جنکي جپ صاحب ياد آهي ۽
اهڙا ماڻهو هن جو پورو مطلب ضرور ڄاڻڻ گهرندا
هوندا. پوري مطلب ڄاڻڻ لاءِ سولو رستو هيءُ آهي ته
سڀني ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏجي ۽ سِٽَ سِٽَ جو لفظي
ارٿ وياڪرڻ جي قانون موجب ڪجي ۽ گروجن جي ٻيءَ
ٻاڻيءَ جي مدد وٺجي. وري ڪيترائي ڳوڙها خيال آهن
جي سري ڀڳوت گيتا ۽ سري ڀاڳوت جي 11 سڪنڊ ۽
اُپنشدن ۽ وڏن سنتن ۽ پيغمبرن جي ڪتابن پڙهڻ
کانسواءِ سمجهڻ ۾ نٿا اچن، تنهنڪري اُنهنجي به
سهائتا کپي. مون اهو رستو ورتو آهي ۽ سِٽَ سِٽَ جو
گهڻي ويچار پڄاڻا ارٿ ڪيو آهي ۽ سڀڪنهن پؤڙيءَ جو
تات پرج ڏنو آهي جنهن مان پؤڙين جي سار ۽ سنٻنڌ جي
سڌ پئجي سگهندي.“
”ننڍي هوندي کان مان پنهنجي ماتا پتا کي هيءَ ٻاڻي
جپيندو ڏسندو هوس ۽ اُنهنجي هن ۾ ڏاڍي شرڏا هئي.
ٽيڪا لکڻ وقت مون پنهنجي دل ۾ ٺهراءُ ڪيو ته جپ
صاحب جو ترجمو ۽ ارٿ پنهنجي ماتا کي ارپڻ ڪندس ۽
سري ڀڳوت گيتا جو ترجمو ۽ ارٿ پنهنجي پتا کي.
انهيءَ سنڪلپ موجب مان هيءُ پستڪ پنهنجي ماتا کي
ارپڻ ڪريان ٿو. هيءُ به هڪڙي قسم جو شراڌ آهي. شال
سڦل ٿئي!“
ڇهه ورهيه پوءِ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو درست ڪري
سڌاري ڇپايو ويو ۽ اُن ۾ ڀيٽ لاءِ ساميءَ جا سلوڪ
به ڏنا ويا. وري سوا ڇهن ورهين کانپوءِ ٽيون ڇاپو
10 جنوري 1904ع ۾ ڇپايو ويو. انهيءَ ۾ پؤڙين جي
سنٻنڌ پوريءَ طرح ڏيکارڻ لاءِ تات پرج تي وڌيڪ
محنت ڪئي اٿس. ٻارهن ورهين کانپوءِ 1916ع ۾ چوٿون
ڇاپو ڇپايو ويو. انهيءَ ۾ ڪبير صاحب جا وچن به ڀيٽ
لاءِ ڏنا ويا. وري 1924ع ۾ مئڪالف صاحب ۽ ٻين ڇاپن
جي ارٿن سان ارٿ ڀيٽي سڌارا ڪيائين ۽ پڻ روميءَ جي
ٻاڻي ڀيٽ لاءِ ڏنائين ۽ ڪتاب تمام وڌائي سندر ڪيو
ويو، جو هاڻي 400 صفحن جو آهي ۽ ڀڳتيءَ ۽ ايشور جي
پراپتيءَ جي گيان جو هڪ ڀنڊار ٿي پيو آهي. |