22 مئي 1913ع جي خط ۾ لکيو اٿس ته ”مونکان جيترو ڀڄندو، تيترو
هنسا کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندس. اوهان سڀني کي شانتي
ملي، انهيءَ لاءِ پرارٿنا پيو ڪريان. شل ايشور
اوهان کي من جي شانتي بخشي ۽ پنهنجي جوتي پردان
ڪري، باقي غريبڙي بئنڪ لاءِ ڊپازٽرن (امانتن وارن)
ڏانهن اطلاع موڪليو ته پيسا وٺي وڃن.“ وچ ۾ وري
ڪجهه گهرو معاملن بابت خط آهن ۽ هڪ وڏو نصيحت جو
خط پنهنجي فرزند ڏانهن لکيو اٿس. وري تاريخ 2-
آگسٽ جي لکيو اٿس ته ڌين ڀينرن کي چئو ته ڊسمبر
1913ع تائين مون ڏانهن نه لکن. جنوري 1914ع ۾ شايد
چئي سگهندس ته مان ڇاٿو ڪرڻ چاهيان؛ تيستائين سڀني
کي چئي ڃڏيو ته منهنجي ڌيءُ کي چئجو ته جي مون ۾
وشواس اٿس ته ڊسمبر 1913ع تائين ماٺ ڪري ۽ جيڪڏهن
مون ۾ ويساهه ڪونهيس ته منهنجي چپ جي به پرواهه
نه ڪري. سڀني عزين لاءِ منهنجي اها صلاح آهي ته
پنهنجو سمورو وقت پرارٿنا ۽ چڱا ڪم ڪري سڦلو ڪن.
مان ڊسمبر 1913ع کان پوءِ ڇا ڪندس، تنهن جو انجام
نٿو ڪريان، پر اهو فيصلو جنوري 1914ع ۾ ڪندس.
اُنهن ڏينهن
۾ مهيني ماس هڪ خط پنهنجي پٽ ڏانهن لکندو هو، جنهن
۾ کيس نيڪ صلاحون ڏيندو هو. آڪٽوبر 1928ع ينگه
بلڊر اخبار ۾ اهڙن خطن جا اختصار ڏنل آهن. پٽ کي
تندرستي، وديا ۽ گڻن وڌائڻ لاءِ صلاحون موڪليندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مهيني کان به پوءِ ڪي ٻه ٽي سٽون
مس لکندو هو. جئن 18- سپٽمبر 1913ع واري ڪارڊ تي
لکيل آهي ”مان خوش آهيان ۽ اُميد ٿو ڪريان ته
اوهين به سڀ خوش و خورم هوندؤ.“
22- آڪٽوبر
واري خط ۾ لکيو اٿس ته مون محدود مؤن ڌاري ٿي رهڻ
جو ورت رکيو آهي، ۽ فقط تو ڏانهن ۽ ديوان تاراچند
ڏانهن لکندو آهيان. هاڻي جلد مئٽرڪ ۾ چڙهندين؛
سنسڪرت سکڻ جي ڪوشش ڪر، سنڌيا سکه، ٻين سان ڀلائي
ڪندو رهه؛ پر نَئرت سان ۽ نماءَ ۽ ڏيکاءَ کان
سواءِ. صبح سانجهيءَ گهمڻ ويندو ڪر؛ کير پيئندو
ڪر. پرارٿنا لاءِ مقرر وقت رکجه، ڏند صفا رکجه. ڪي
سوليون هوميوپٿيءَ جون دوائون وٺڻ لاءِ به هنکي
لکيو اٿس.
25- نومبر
1913ع جي خط ۾ لکيل آهي ته وقت کان اڳه ۾ ٻار پئدا
ٿيو آهي (ديوان جو ٻيو پٽ). سندس نالو رکيو ويو
آهي پريم ڪمار.
3- تاريخ
ڊسمبر 1913ع واري خط ۾ لکيل آهي ته ٻالڪ ته ڪابه
تڪليف ڪونه ٿو ڏئي، پر ماڻس بيمار ٿي رهي؛ ڇاڪاڻ
جو ٻار ڄڻائڻ مهل جيڪو آپريشن ڪيو ويو آهي، تنهن
جو زخم اڃا ڇٽو ڪونهي.
11- تاريخ
واري خط ۾ ڪيولرام ڏانهن لکيل آهي ته ديوان
تاراچند کي پنهنجي چاچي وانگر ڪري ڏسندو ڪر، سندس
دل اصل سوني اٿيئي. ڊاڪٽر اڃا پيا پريمل جي ماءُ
ڏسڻ اچن، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن ٻن ڊاڪٽرن کي ٿو گهرائڻو
پوي.
18- ڊسمبر
جي خط ۾ لکيل آهي ته پريم جي ماتا جو ديهانت ٿيو؛
ڪالهه 30-4 بجي. سندس ماءُ ۽ ڀيڻ ٻالڪ کي پيار سان
پيئون پالين.
ڏسڻ ۾ اچي
ٿو ته ديوان ڏيارام پنهنجي ڌرم پتنيءَ جي ڪريا ڪرم
ڪرڻ لاءِ امرتسر ويو؛ اها ڳالهه سندس 28- ڊسمبر
1913ع جي لکيل خط مان معلوم ٿئي ٿي، جو امرتسر مان
ڀائي سر دول سنگهه جي بابا اٽل جي ڀر واري گهر مان
لکيل آهي. اُن ۾ لکيل آهي ته 14- جنوري 1914ع
تائين شايد بئندورا ڪين موٽندس.
عجب آهن
رنگه ايشور جا، پورن ويراڳه پئدا ڪرڻ لاءِ ڪيئن
پيارن جو وڇوڙو ٿو ڏئي. ديوان ڏيارام يوگه
ڪانکيءَ، شادي ڪئي هئي، تنهن کان ڇهه مهينا کن
پوءِ چوندا آهن ته ڪوئيٽا واري ڀائي مولچند چيو هو
ته اڃا سندس ڌرم پتنيءَ جو ديهانت ڪونه ٿيو آهي
ڇا؟ اُنهيءَ سنت جو چوڻ هو ته اهڙين حالتن ۾ ايشور
ويوڳه به جلد ئي ڏيکاريندو آهي. ڏيارام پاڻ به
فيصلو جنوري 1914ع ۾ ڪرڻو ڪيو هو ۽ فيصلو اهو ڪرڻو
پيس ته وڌيڪ ايڪانت ۽ وڌيڪ وقت ايشور ڌيان ۾ لڳو
رهي ۽ آشيرواد سان اُپڪار جي ڪمن ۾ پريان پريان
حصو وٺي.
ڊاڪٽر
هرنامداس جو چوڻ آهي ته شاديءَ ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن
اڳ ۾ ديوان ڏيارام کيس اچانڪ هڪ خط لکيو ته توهين
اخبارن ۾ جلد منهنجي لاءِ گهڻيون شڪايتون پڙهندؤ،
ڇاڪاڻ ته مان دنيا ۾ ڪي نيون سچايون ڳولڻ ٿو
چاهيان، پر مان سمورو وقت انهيءَ پاسي لڳائي نٿو
سگهان جو ماڻهو مونکي ڇڏين نٿا. ماڻهن کان پاڻ
ڇڏائڻ لاءِ مون اهو رستو ڳوليو آهي ته جيئن انهن
کي مون وٽ ايندي لڄ اچي.
انوقت ڌاري
ديوان خانچند پرتابراءِ پرنسيپال هيرانند ايڪڊمي
جي کي به لکيو هوائين ته ”ماڻهو ساکه ٿا ڪن ته
اندر ۾ اڀمان جاڳي ٿو. اڀمان کي روڪڻ ڏکي ڳالهه
آهي؛ پر مون هڪ ڪم ڪيو آهي جنهن مان دل گهريو مطلب
نڪرندو.“ ديوان خانچند اهو مضمون اول سمجهي نٿي
سگهيو پر پوءِ جڏهن ديوان صاحب جي شاديءَ جي ڳالهه
هنڌين ماڳين هُلي ويئي تڏهن ديوان جي خط جو مطلب
سمجهائين.
شايد اصل
ديوان ڏيارام جو پاڻ به ايڪانت حاصل ڪرڻ جو ارادو
هو. باقي به هن ونجوڳه، منجهس حد درجي جي ايڪانت ۽
ويراڳه پيدا ڪيو.
اُنهن ٻن
ورهين کي، يعني 1913-1914ع وارن کي، عام طرح ديوان
ڏيارام
Social death
پنگتي موت يعني پنگتي لاڳاپن لاهڻ جو زمانو ليکيو
ويندو آهي. انهيءَ ايڪانت ۾ ديوان وڌيڪ گهري روح
رهاڻ ڪندو رهيو ۽ گيان يگيه ۾ محو رهيو.
سندس سس جو
چوڻ آهي ته 1914ع ۾ ديوان جو ارادو ٿيو ته وڃي
ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهان؛ پر مون چيس ته هن ٻالڪ
پريمل کي اوهان جي مدد سان مس ٿا پالي سگهون؛ سو
اوهين اهو قدم نه کڻو؛ تنهن تي مڙيو. پوءِ
هوميوپٿيءَ جو اڀياس گهر ۾ شروع ڪيائين. سمورو وقت
پريمل جي سنڀال، گيان جي واڌاري ۽ ايڪانت رهاڻ ۾
ديوان ڏيارام لڳو رهيو. 1915ع ۾ گيتا جو ٻيو ڇاپو
ڪڍيائين. 1916ع ۾ جپ صاحب جو سڌريل ڇاپو
1917-1918ع ۾
The Leasts of God
”ايشور جا نماڻا يا قادر جا ڪمترين“ نالي هڪ تمام
گنڀير پستڪ ڇاپي پڌرو ڪيائين. اُن منجهان معلوم ٿو
ٿئي ته ڪيڏو نه هر هڪ علم جو شوق ديوان ڏيارام کي
هو. 1918ع کان پوءِ جڏهن بمبئي يونيورسٽي لئبرريءَ
۾ لئبريرين ٿيس تڏهن ديوان صاحب جا ڪارڊ ايندا هئا
ته سٺي کان سٺا ڪتاب يوڳه تي، گڻت وديا تي ۽
فيلسوفيءَ تي کيس موڪليا وڃن. اهي ڪتاب سندس سهرو
۽ سالي وٺي ويندا هئا. اُهي جڏهن ديوان پورا ڪري
رهندو هو، تڏهن کيس وري ٻيا موڪليندو هوس. هڪ دفعي
کيس ڏسڻ لاءِ عرض ڪيو ويو، پر ملڻ جي موڪل نه ملي،
جو سندس چوڻ هو ته اهي معمولي چٺيون ئي گڏجاڻي
آهن.
ايڪانت ۾
ديوان ڏيارام پنهنجي پٽ جي پالنا ۾ بهرو وٺندو
رهيو؛ ساڳئي بنگلي ۾ سس، سهري ۽ ساليءَ سان رهندو
آيو. سندس سمورو وقت پڙهڻ، لکڻ، پوڄا ڪرڻ، ڌيان
لڳائڻ، گهمڻ وغيرهه ۾ ويندو هو. جڏهن سندس سس
ميڊيڪل ڪاليج ۾ وڃي سکيا وٺڻ کان باز کيس آندو،
تڏهن هن سڄو چاهه هوميو پٿيءَ سکڻ ۾ لاتو. سندس
سهري جو چوڻ آهي ته 1916ع ۾ آءٌ خود تمام بيمار ٿي
پيس ۽ پاس ٿيلن ڊاڪٽرن منهنجي جيئڻ جي اُميد به
لاهي ڇڏي هئي، تڏهن ديوان ڏيارام هوميوپٿيءَ سان
مونکي جلد ڇٽايو. ڪن ڪن غريب پاڙيسرين جي به دوا
ڪندو هو. خطن جي وسيلي دوستن کي به دوائن جا نالا
لکندو هو، جي سندس سمجهه موجب کين فائديمند ٿي
سگهن. قاعدي قانون جو اَڀياس به پنهنجو قائم رکندو
آيو. جيڪي کانئس صلاح وٺندا هئا، اُنهن کي ڏيندو
هو؛ پر سندس مکيه ڌيان هو آتمڪ اُنَتيءَ ڏانهن.
گيتا، جپ صاحب، آتمڪ دينڪ وهي، وديا جو واڌارو ۽
سڌارو ۽ هوميوپٿي، انهن ڏانهن سندس خاص لاڙو هو.
پنهنجي ٻئي پٽ پريمل کي پاڻ پاڙهڻ جي ڪوشش ڪندو
رهيو ۽ ٻاراڻي سکيا لاءِ جي سٺا ڪتاب آهن ۽ عام
گيان لاءِ جي سچتر ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهن،سي
گهرائيندو هو، ۽ اُنهنجي ساکه ڪندو هو.
يونيورسٽيءَ
جي تعليم جي سڌاري لاءِ هن ڪجهه ليکه لکيا. هڪڙي
وڏي ودوان سانڊرسن آو اونڊل جي جيون چرتر پڙهڻ
لاءِ هو دوستن کي سفارش ڪندو هو؛ مون ڏانهن به
سفارش لکي هئائين. ٻيو وڏو خط مون ڏانهن ۽ ديوان
مرليڌر ڏانهن به لکيو هئائين ته ڇو نه ٻئي صلاح
ڪري هڪڙو نئين قسم جو اسڪول شاهي باغ ۾ کوليو؛
اسڪول هئڻ گهرجن باغ ۾. اسڪول آهن انساني باغيچا،
جن ۾ انسانيت چڱيءَ طرح اُسرائي سگهبي آهي. ديوان
ڏيارام کي علم جي سڌاري جو تمام گهڻو اونو رهندو
هو، جيئن ته هڪ خط ۾ لکيو اٿس:-
پڪارن
ٻالڪڙا – روئن زار زار؛
هي خلق خدا
جي – ڪريو ڪو ويچار.
مڪتب هاڻوڪا
– اسان لاءِ آزار؛
وقت ناس
گهڻو – ڪو ڪريو اُپڪار.
وشوَ ڀارتي
آهي – توهان لاءِ تمثيلک
هٿ کوليو
پنهنجا – رهو نه بخيل.
شڀ ڪرمن حڪم
– ست گر جو مڃيو؛
سڌار سکيا
کان – نه رکو ديس سڃو.
سڪرت ڪو کٽو
– سنڌ جا نر ناريو؛
ڇوڪرن
ڇوڪرين ليء – ٿيو سچا آريو.
هڪ سندر
نمونو – هاڻ سڀن اڳيان؛
وٽيو سنڌ
ليء به – سڌار سڳ سان.
ست گر هردي
گيت – ڪر ديال پرگهٽ؛
سٽ ڀليون
مڪتبي – وئرٿ ٻنڌن ڪٽ.
سڄڻو ڪريو
همٿ – وشو اهڙي ڪڍو؛
پايو وجهي
پڪوئي – پر لوڪي اڍو.
ٿي شانتي
نڪيتن – ڪرائي شڀ ڪرم؛
ٿي شارڌا پيارو – پرڀ پريم آشرم.
اهڙيءَ طرح ديوان ڏيارام جو ڌيان هميشهه گيان
دواران سچي پراُپڪار ڪرڻ ۾ هو. پنهنجي پينشن مان
به هميشهه رابيندر ناٿ ٽئگور جي شانتي نڪيتن وشو
ڀارتيءَ کي ۽ سر جڳديش چندر بوس جي ڪاليج کي مدد
موڪليندو رهيو. بلڪ پنهنجي ڌرمپتنيءَ اُرملا
ديويءَ جي نمت ٻئي دان، گيان يگيه جي روپ ۾ ڪيا
اٿس. هڪڙو دان انهن مان آهي شانتي آشرم لئَبرري،
امرتسر ۾، ۽ ٻيو دان سرڪار وٽ 8800 رپيا رکيل آهن،
انهيءَ لاءِ ته هميشه بوس انسٽيٽيوٽ ڪلڪٽي وارن کي
جيون شاستر جي کوجنا لاءِ ماهوار مدد ملندي رهي.
اهو دان سرڪار جي خزانچيءَ وٽ رکيل آهي ۽ 14 -
سيپٽمبر 1927ع جي تعليمي ٺهراءُ نمبر 4091 ۾
ڄاڻايل آهي.
سرڳواسي
ڊاڪٽر هرنامداس
شانتي آشرم
لئَبرري
ڊاڪٽر
هرنامداس ڳالهه ٿي ڪئي ته سنه 1925ع ۾ ديوان
ڏيارام لکيس ته ”مان شانتي آشرم لئبرري، امرتسر ۾
قائم ڪرڻ ٿو چاهيان. تنهن لاءِ مون وصيعت به ڪري
ڇڏي آهي ۽ رپيا به گڏ ٿيا پيا آهن. پر مون کي ڪو
چڱو ماڻهو هن جي هلائڻ وارو هٿ نٿو لڳي. تنهنڪري
جيڪر تون پاڻ ههڙي چڱي ڪم کي هٿ ۾ کڻي وڃي، امرتسر
۾ ويهي رهه.“ تنهن تي مون لکيو مان ته مان وڏي
خوشيءَ سان هيءُ ڪم ڪريان؛ پر اوهان کي خبر آهي ۽
مون کي جوتشين جو به چوڻ آهي ته مون کي هڪ هنڌ
ٽڪاءُ ڪين ايندو آهي. پر تنهن هوندي به اوهان جي
حڪم موجب مان امرتسر ۾ ڪجهه وقت ويهي لئبرري چالو
ڪري ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو ڪم ڏيکاري، انهيءَ جي ذمي
ڇڏي ايندس. مون ڊسمبر 1925ع ۾ وڃي اُن جي کولڻ جو
بندوبست ڪيو. شانتي آشرم لئبرري جو خاص مقصد هو هو
ته هن ۾ اهڙا پستڪ ۽ مخزن پتر رکجن ۽ رسالا
گهرائجن، جن جي پڙهڻ ۽ سڻڻ سان ماڻهن جي من کي
شانتي حاصل ٿئي. تنهن لاءِ اول ته سڀني ڌرمن ۽
مذهبن جي گرنٿن ۽ پاڪ ڪتابن جا هر ڪنهن مروج
ٻوليءَ ۾ ترجما گهرائي رکجن ۽ اُنهن ڌرمن جي
مڃيندڙن جي صلاح موجب سٺي کان سٺيون تشريحون ۽
ٽيڪائون پڻ انهن ڌرمي پستڪن جون موجود رکجن؛ جئن
عام ماڻهو اُهي سمجهي سگهن. ٽيون ته سڀ ڪنهن مذهب
۽ ملڪ جي بانيڪارن ۽ بزرگن جا جيون چرتر به مروج
ٻولين ۾ رکجن ۽ اهي ڪتاب سڀ ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ مفت
ڏجن ۽ انهيءَ لئبرري ۾ اهڙو ڪو به ڪتاب يا ڪا
اخبار نه اچي، جنهن ۾ هڪٻئي جي ڌرم جي برخلاف ڪا
نندا يا شڪايت هجي. انهيءَ سان گڏ ڪا اهڙي جاءِ به
هجي، جنهن ۾ ڪو ساڌو سنت اچي ٽڪڻ گهري ته هنکي ٽڪڻ
ڏجي ۽ پڙهڻ لاءِ پستڪ ڏجن، پر خوراڪ جو بندوبست
آشرم جي پاران ڪونه ڪيو وڃي؛ بلڪ ساڌو اهڙا ٽڪائجن
جي پينو به نه هجن، پر ڪنهن نه ڪنهن قسم جي پورهئي
يا خذمت ڪرڻ سان پنهنجو پيٽ پاليندا هجن. انهن
ٻنهي رستن کان سواءِ هيءَ به تجويز ڪئي ويئي ته
هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو، ڪونه ڪو، ڪنهن نه ڪنهن پنٿ جو،
اهڙو شخص اُپديش ڪرڻ لاءِ آندو وڃي، جنهن تي سندس
پنٿ جي ماڻهن جي شرڌا هجي ۽ جو پنهنجي پنٿ جون
خوبيون ٻڌائي؛ پر شانتي آشرم جي آدرشن موافق
اُپديش ڪري يعني ٻين ڌرمن جي گلا نه ڪري. ٻي رٿ
اها به هئي ته ڪونه ڪو پريمي راڳي اچي راڳه ٻڌائي
۽ ڀڄن ڀاءُ ڪري ۽ ماڻهن ۾ ڀڳتي ڀاءُ پکيڙي. ڊاڪٽر
هرنامداس چيو ته .مون ساڃا يارهن مهينا اهو آشرم
اهڙيءَ طرح هلايو. ٻه ٽي سوسائٽيون اُن جو
پراسپيڪٽس پڙهي اسان کان لئبرريءَ جي چارج گهرڻ
لڳيون؛ پر ديوان صاحب جي مرضيءَ موجب مون شرومڻي
گورد وارا پرٻنڌڪ ڪاميٽيءَ جي لوڪل ڪاميٽيءَ کي،
جا امرتسر ۾ درٻار صاحب ۽ ٻين سکن جي مندرن جي
خبرداري ڪندي آهي، تنهنجي حوالي سڄي لئبرري ۽ اُن
جو سامان ۽ 4500 رپيا نقد ڏنا، جو هو مقرر شرطن
موجب لئبرري هلائيندا رهندا. جيڪڏهن هو انهن شرطن
موجب لئبرري ۽ آشرم هلائڻ مناسب نه سمجهندا يا
هلائي نه سگهندا ته سڀ ڪجهه ٽرسٽين کي واپس ڪري
ڏيندا. هيءُ ٽرسٽ شريومتي اُرملا ديويءَ جي نالي
تي آهن. اِها لئبرري هاڻي درٻار صاحب ڪاميٽيءَ جي
طرفان چالو آهي، پر انهيءَ جو نالو انهن ڦيرائي
گرو رامداس لئَبرري ڪري ڇڏيو آهي. اها درٻار صاحب
جي باغيچي ۾ قائم آهي، جتي سڀ، هندو، مسلمان،
ڪرستان، بلڪ نيچه ذاتين وارا به وڃي اُن جو فائدو
وٺي سگهن ٿا.
هن لئبرريءَ
۾ مٿين ٽن آدرشن کان سواءِ ڪي ٻئي نموني جا ڪتاب
به اچي ويا هئا، جيئن ته راڄنيتڪ رهبرن جا جيون
چرتر وغيرهه. انهيءَ تي ڊاڪٽر هرنامداس چيو ته
”مون اعتراض آندو ته هي ڪتاب شانتي لئبرري جي مدعا
کان ٻاهر آهن. ديوان صاحب مون کي لکيو ته بيشڪ
ٻاهر آهن، پر مدعا جي برخلاف نه آهن؛ ماڻهن کي رڳو
مذهبي تعليم نه گهرجي، پر سڀني يوگيه پرشن جي
حياتين مان واقف ٿيڻ گهرجي، تنهنڪري انهيءَ ۾
اعتراض نه اٿڻ گهرجي.“
ديوان
ڏيارام جي ڪاغذ پٽن مان معلوم ٿيو اٿم ته ڪيئن
ديوان ڪتابن چونڊڻ ۾، ۽ جدا جدا هنڌن تان سُٺا
ڪتاب آڻڻ ۾ خود ڪوشش ڪئي. ڪتابن ۽ مسواڙ جو سمورو
خرچ ڏيارام پنهنجي پينشن مان ڪندو رهيو. ديوان
شيرومل، ڊاڪٽر هرنامداس کي ٻه ٽي دفعا آڇ ڪئي ته
ڌرمادا ٽرسٽ مان ڪجهه رپيا انهيءَ لاءِ وٺي؛ پر
جڏهن ڊاڪٽر هرنامداس، ديوان ڏيارام کان پڇيو ته هن
منع لکي ۽ سمورو خرچ پاڻ ڀريندو رهيو. ديوان
ڏيارام جي ڏاڍي مرضي هئي ته شانتي آشرم جهڙيون
لئبرريون ٻين هنڌن تي به ٺهن؛ گويا مثال طور اها
امرتسر ۾ برپا ڪرائي هئائون.
روز مرهه جي
حياتي
مٿين ڳالهين
مان ظاهر آهي ته ديوان ڏيارام جو شوق سدائين گيان
يگيه دواران پر اُپڪار ڪرڻ ۾ رهندو آيو؛ ۽ گيانن ۾
گيان هن کي وڻندو هو ڌارمڪ گيان، وگيانڪ گيان ۽
هوميوپٿيءَ جو گيان. قاعدي ۽ ساهتيه ۾ ماهر هو؛
مگر پرچار مٿين گيانن ۾ ڪندو هو. اسڪول، ڪاليج،
پستڪاليه، آشرم، سيواسدن ۽ نيم پوروڪ پراُپڪار جا
اَنيڪ رستا ۽ اُپاءَ کيس وڻندا هئا. بئندورا ۾
سندس حياتي ڏاڍي ايڪانت ۾ گذرندي هئي. سندس سس
سهري مان خبر پئي ٿي ته صبوح جو نت نيم ٻه ڪلاڪ
گرنٿ صاحب جو ويهي سٺي سر سان پاٺ ڪندو هو؛ پوءِ
گهمڻ ويندو هو. تنهن کان پوءِ پهريان ٻه ورهيه
سيواسدن ۾ چار پنجه ڪلاڪ ويندو هو. اُنهن ٻن ورهين
۾ سانجهيءَ جو پليٽوز ڊائلاگس يعني افلاطون جي
سموادن جو ڪتاب پڙهندو هو. شام جو به سمنڊ جي طرف
گهمڻ ويندو هو. سمورو وقت ايڪانت، پڙهڻ، لکڻ، گهمڻ
۾ گذاريندو هو. ڪجهه وقت پريمل جي خبرداريءَ ۽
اُنکي پڙهائڻ لاءِ به ڪم آڻيندو هو. ڪلاڪ اڌ
هوميوپٿي پڙهندو هو. سندس لئبرريءَ ۾ خاص
هوميوپٿيءَ جا ڪتاب ۽ ڌارمڪ ڪتاب آهن ۽ انهن ۾
جيڪي نشان ٿيل آهن، تن مان معلوم ٿو ٿئي ته ديوان
ڏيارام اهي ڏاڍي غور سان ويهي پڙهيا آهن. |