سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

باب: پهريون

صفحو :3

اوم

راج رشي ديوان ڏيارام گدومل

جو

جيون چرتر

 

 

باب پهريون

اصل، نسل ۽ جنم

 

اُڏيري لال جو ميلو آهي، ٻه وياڪل جاتري پنهنجي دکايل دل کي شانتي ڏيڻ لاءِ اُتي ويا آهن. ”شل ڄمي ڪنهن جا نه مرن، وڌي ڪنهن جا نه کرن.“ سندن ڪوُنڌر پٽ، سورهن ورهين جو، اِتفاق سان بتيءَ ٻاريندي ٺري ٻري ويو هو ۽ کين هميشه لاءِ جدائيءَ جو جل ڏيئي ويو هو. گوبند سندس نالو هو. گوبند جي اَڻ مندائتي ۽ اِتفاقي موت، سندس پيءُ ماءُ کي ويراڳه ڏيئي ڇڏيو هو. پنهنجي دکي دل کي شانت ڏيڻ لاءِ اهي ٻئي (منشي گدومل ۽ سندس ڌرم پتني) پوءِ اُڏيري لال تي ويا ۽ اُتي جي ٻائي صاحب کي پنهنجي درد جو داستان ٻڌايائون. ٻائو گرپت صاحب به پهتل شخص هو، هنن کي دلداري ڏنائين ۽ چيائين ته فڪر نه ڪريو، اوهان کي آسيس ٿو ڪريان ته هن پٽ جي بجاءِ پترسنتان وري ٿيندؤ؛ پر اُهو منهنجي شيوا ۾ ارپڻ ڪجو. سنت جي آسيس لڳي، جو اُنهيءَ ورهيه سنه 1857ع ۾، منشي گدومل جي گهر ۾ اسانجي پياري ڏيارام جنم ورتو.“

ديوان ڏيارام 1857ع ۾ ڄائو هو تنهنڪري پاڻ هڪ هنڌ چيو اٿس ته ”منهنجو جنم بلوي واري سال ۾ ٿيو، شايد انهيءَ لاءِ ته پنهنجي ملين من جي بر خلاف بلوو ڪريان!“

منشي گدومل سنسڪرت ۽ فارسيءَ جو هڪ وڏو ودوان هو. سندس پتا منشي مينگهراج جاگيرات جو منشي هو ۽ پاڻ به مير منشي هو. مير منشين جو عهدو ديوانن کان به وڏو هو. ديوان ڪوٺبو هو اُنهنکي، جيڪي ڍلون اُڳاڙيندا هئا ۽ مير منشي هوندا هئا وزيرن جي مثل، جي ميرن کي حڪومت جي مشڪل سوالن حل ڪرڻ ۾ صلاح مصلحت ڏيندا هئا.

منشي گدومل ساڌ سنگت جو ڪوڏيو هو، ۽ وڏو ودوان هو. پنهنجي حياتيءَ جي پوئين عرصي ۾ جڏهن سندس وڏو پٽ ميٺارام صالح ٿيو، تڏهن هو گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندو هو، ۽ سمورو وقت ڌيان، گيان ۽ وديادان ۾ سڦل ڪندو هو. غريب برهمڻن کي گهرائي اُنهن کي کارائيندو ۽ سنسڪرت به سيکاريندو هو؛ انهيءَ ڪري سندس سپاتر پٽ ديوان ڏيارام پنهنجي پتا جي نالي تي ”گدومل سنسڪرت پاٺشالا“ قائم ڪئي. جتي اَڄ تائين سنسڪرت وديا جو پرچار هلندو رهي ٿو.

منشي گدومل گياني هو ۽ داني به هڪڙوئي هو. ڪوبه سوالي وٽانئس خالي نه ويو. جنهنجي گهرج پاڻ پوري ڪري نه سگهندو هو، تنهنکي وري پنهنجي فرزند ديوان ميٺارام ڏي چٺي لکي ڏيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ اَدب قاعدو تمام گهڻو هوندو هو. ديوان ميٺارام ڏانهن ماڻهو ويندو هو ته سڀ ڪم ڇڏي اچي پتا جي خذمت ۾ حاضر ٿيندو هو؛ ۽ ٻئي هٿ ٻڌي پندرهن ويهه فوٽ پري اچي چپ ڪري ويهي رهندو هو، جيسين سندس پتا ڌيان مان اکيون مٿي کڻي نهاري. پڻس ڏسندو هوس ته چوندو هوس ”ميٺو آهين؟“ چي ”هائو قبلا.“ پوءِ چوندو هوس ته فلاڻي جي گهرج وڄي پوري ڪر ته چوندو هو ”بچشم قبلا.“ ديوان ميٺارام وٽ وقت تي پورو پئسو موجود نه هوندو هو ته اُڌارو وٺي به پيءُ جو حڪم بجا آڻيندو هو.

ديوان ميٺارام وڪالت ڪندو هو. ڪمائيندو به خوب هو، ته به خرچ ۽ دان جي ڇڪ ايتري هيس، جو هڪ وقت پنجاهه هزار کن ٻاهرين اوڌر ڏيڻي هيس. پر دان جي ڪم ۾ جو هو پيءُ جو چيو نه موٽائيندو هو، تنهنڪري پڻس آسيس ڪندو هوس ۽ اُنهيءَ آسيس اَڏي ڇڏيس. هڪ لڱا روهڙيءَ واري پير محراب شاه جو ڪيس مليس. پير صاحب تي خون جي تهمت هئي، جنهنڪري کيس ڦاسيءَ جي سزا جو ڊپ هو، پر ديوان ميٺارام اَڇي ڪڇي ڇڏائي آيس. انهيءَ تي پير صاحب اهڙو گد گد ٿيو جو کيس هڪ لک رپيا فيءَ طور ڏنائين! سندس شاهوڪاريءَ جو بنياد اجهو ائين پيو.

ڏيارام جي جنم کانپوءِ جلد ئي ديوان ميٺارام جي ٻالڪ جو چالاڻو ٿيو. ديوان ميٺارام جي گهر واريءَ جي دل ٺارڻ لاءِ سسڻس ڏيارام کي کڻي سندس گود ۾ وڌو؛ جنهنڪري منڍ کان وٺي ئي ديوان ڏيارام کي گويا ٻن مائن جو پيار نصيب ٿيو. سندس گهر جي ڀرسان ٻائي گرپت صاحب جو ٽڪاڻو اڄ تائين آهي. اهو ٻائو وڏيءَ ڪلا وارو هو. انهيءَ پهتل شخص جي آسيس به ديوان ڏيارام کي منڍ کان وٺي نصيب ٿي. هو گود ۾ وهاريندو هوس. ديوان صاحب لکي ٿو ته ٻائي گرپت صاحب جي ويجهو ويهڻ سان ئي سندن روحاني طاقت ۽ شانتيءَ جو اَثر مٿس ٿيندو رهندو هو. پيار وچان هو پنهنجون ململ جون ٽوپيون به هن ٻالڪ جي پائڻ واسطي موڪليندو هو.

ڪنگريءَ جو پير               ديوان ميٺارام گدومل

اهڙيءَ طرح ننڍي هوندي کان ئي وٺي ديوان ڏيارام پوتر اثرن ۾ پليو. هڪڙيون ڀڳتيءَ ڀريل ماتائون، جن کي صدمن سچو ويراڳه ڏيئي ڇڏيو هو ۽ جن ۾ ڌرم ورتي جاگرت ٿيل هئي ۽ پوتر، داني ۽ ودوان پتا ۽ ويتر ٻائي گرپت صاحب جهڙي پهتل شخص جي آسيس ۽ ڪرپا! انهن سڀني ڳالهين جو لاڀ هن سنڌ جي لعل کي منڍ کان ئي وٺي پراپت ٿيو. ڌرم ورتيءَ جو ٻج سندس دل ۾ ٻچپڻ کان ئي ڇٽجي ويو ۽ انهيءَ سندس جيوت ۾ سندر ڦل پيدا ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org