سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو  جيون چرتر

باب: ڏهون

صفحو : 11

 سرڳواسي ڀائي مولچند مينگهراج

ديوان ڏيارام نه فقط حيدرآباد ۾ هن ڪم ۾ مدد ڪئي، پر شڪارپور ۽ سکر ۾ ماڻهن کي اُتساهه ڏنو ۽ ڪيترا چڱا ماڻهو تيار ڪيا، جن پليگه کي روڪڻ ۽ ٻاهران آيلن مريضن جي دوا درمل ۾ مدد ڪئي. سندس مثال، اُپديش، سنگت ۽ سنگهنن شڪتيءَ جو فائدو شڪارپور ۽ سکر کي به مليو.

ڇپني ۾ يعني ڇاونجاهه سنبت ۾ ڪڇ ۽ ٿر ۾ سخت ڏڪار پيو. اُتهون جا ماڻهو اتي دکي هئا. سرڪار انهن کي پورهئي ڏيڻ لاءِ بند ٺهرائڻ شروع ڪيا؛ پر ويچارا ڏڪار جا ستايل ماڻهو ڪم نه ٿي ڪري سگهيا. ڀائي مولچند جو چوڻ آهي ته ديوان ڏيارام  جي هٿ ۾ ڏيڻ، پئسن ۽ صلاح سان انهيءَ ڏڪر ۾ غريبن جي سهائتا ڪئي ويئي.کين اوزار ڏنا ويا ۽ نيون کوهنيون کوٽايون ٿي ويئون ۽ سستا اَناج جا دڪان کولايا ويا. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ٻاجهري 6 رپئين مڻ هئي. اُنهيءَ سهائتا ۾ ڀائي مولچند صاحب جو اٽڪل 36000 رپيا خرچ آيو. ديوان ڏيارام به ڏهن ٻارهن هزارن جي سهائتا ڪئي. مطلب ته ڏيارام داني ته هڪڙوئي هو.سندس هٿ رکيل وهيون ڏيکارين ٿيون ته هنن سالن ۾ کيس 1120 رپيا کن ماهوار پگهار ملندو هو؛ جنهن مان ڏيڍ سؤ کن پاڻ تي ۽ پنهنجي پريوار تي خرچ ڪندو هو؛ باقي سمورو ڌن اٽڪل 900 کن رپيا، هر مهيني پراُپڪار جي ڪمن ۾ ورڇيل هئس.سندس پراُپڪار جا ڪم ساريءَ سنڌ ۾ هلندڙ هئا. اهو سندس وهين مان معلوم ٿو ٿئي. اُنهن وهين ۾ چار کاتا پيل آهن:- (الف) ڪراچيءَ ۾ سهائتا جا ڪم؛ کاتو (ب) حيدرآباد ۾ سهائتا جا ڪم؛ کاتو (ث) شڪارپور ۾ سهائتا جا ڪم؛ ۽ کاتو (د) سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سهائتا. هِن مهاپرش پنهنجو شرير ۽ پدارٿ ٻئي پراُپڪار لاءِ اَمانت ڪري سمجهيا هئا.

------------

باب يارهون

خانديش، سورت ۽ احمدآباد

2- نومبر 1900ع ۾ ڏيارام سنڌ جا وڻ ڇڏي خانديش بدلي ٿي ويو. 24- اپريل 1902ع تائين اُتي هو ۽ ڪجهه وقت پوليس ڪميشن جو ميمبر ٿي پوني ويو. اُتان وري خانديش آيو، جتان 9- مارچ 1903ع جي، سکر لاڙڪاڻي جو سيشن جج ٿي آيو. 7- جولاءِ 1903ع صدر ڪورٽ سنڌ جو جوڊيشل ڪمشنر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ هڪ ورهيه 22- ڊسمبر 1903 کان 21- ڊسمبر 1904ع تائين فرلو ورتائين؛ جنهن وچ ۾ سري يوگه درشن ۽ ساڌو هيرانند جي حياتي لکي ڇپائي پڌري ڪيائين؛ پڻ ’ويدانتي ڊائري‘ به لکيائين. وري 22- ڊسمبر 1904ع جي وڃي خانديش ۾ ججيءَ تي چڙهيو. پوءِ 24- نومبر 1905ع ۾ سورت جو ڊسٽرڪٽ جج ۽ سيشن جج ٿي رهيو؛ جتان 30 سپٽمبر 1907ع احمدآباد جو جج ٿي ويو. 1909ع ۾ 23- آگسٽ کان 22 نومبر 1909ع تائين چار مهينا حقي موڪل ورتائين ۽ وري احمدآباد ويو؛ جتان 1911ع ڌاري پينشن وٺي بندورا ۾ وڃي رهيو؛ جتي هن پنهنجي حياتيءَ جو پويون حصو، ٻه ورهيه سيوا سدن جي خذمت ۾ ڪاٽيا. پوءِ ايڪانت ۾ گذاريائين.

اُنهيءَ ساري وقت جو احوال سندس ليکن، ڪتابن ۽ ڊائريءَ کان سواءِ، منشي هوتچند وشنداس وٽان به مون کي معلوم ٿيو. هو صاحب چوي ٿو ته ”مان ديوان سان ڍوليا يعني خانديش ۾ هوس. اُنهن ڏينهن ۾ جتي ڪٿي ڏڪار هو. اهڙي حالت هئي جو ماڻهن گدڙ، ڪتا ۽ ٻلا به ماري ٿي کاڌا؛ ۽ پنهنجا ٻار ٻچا ڦٽا ٿي ڪيائون.اها ويڌن ڏسي ڏيارام کي ڏاڍو خيال ٿيو. پادرين انهيءَ حالت جو خوب فائدو ورتو، جڏهن ڏٺائون ته ماڻهو ٻار ٻچا ڇڏي ٿا ڦٽا ڪن ته هو ويا کين عيسائي ڌرم ۾ داخل ڪندا. اهڙي طرح عيسائي پادرين وٽ 800 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪٺيون ٿي ويون. اها ڳالهه ڪن دوستن ديوان جي ڌيان تي آندي؛ تنهن تي ديوان ڏيارام چيو يتيم خانو جاري ڪجي. چڱن ماڻهن کي ڪوٺ ڏيئي هڪڙي عام ميٽنگه سڏائي ويئي؛ جتي ديوان ڏيارام به ليڪچر ڏنو.يڪدم چندا چڙهيا؛ هڪ پارسيءَ سوا لکه جي ملڪيت يتيم خاني کي اَرپن ڪئي. ماهوار چندو به شروع ڪيائون. يتيم خانو جلد ئي زور وٺي ويو؛ گهڻا ٻالڪ ڪٺا ڪيا ويا؛ ڇوڪريون جدا ۽ ڇوڪر جدا رکيا ويا. اُتي ڪرسيون پئي مڙهيائون ۽ ڀڳوان جا گيت پئي ڳايائون. ڪوبه ڄاڻ پڇاڻ وارو چڱو ماڻهو ايندو هو ته انهيءَ کي ديوان ڏيارام پاڻ سان گڏ يتيم خانو ڏيکارڻ وٺي ويندو هو.

هڪڙي ڀيري مدراس جو چيف انجنيئر اچي وٽس مهمان ٿيو تنهنکي به وٺي ويو يتيم خانو ڏيکارڻ. يتيمن چيس ته ”ڪا مٺائي ڏيو“. هن پنجاهه رپيا ڏنا. مطلب ته ڏيارام جي ڪوشش نه فقط يتيم خاني کولڻ ۾ هئي؛ پر اُنجي نگهباني ڪرڻ، چڱن چڱن ماڻهن جي ڌيان تي آڻڻ ۽ ائين سهائتا وٺي ڏيڻ ۾ به هئي. وهانءَ وڌاءَ جي موقعي تي به ديوان کي يتيم خانا ياد پوندا هئا. جڏهن پنهنجي پهرينءَ ڌيءُ رڪمڻيءَ جو وهانءُ ڪيائين ته ڏيتي ليتي ڪانه ڪيائين. منشي هوتچند  جو چوڻ آهي ته وهانءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ مونکي چيائين ته 4000 رپيا مؤجود رکج. تار رستي اهي پئسا يتيم خاني ڏانهن ڏياري موڪليائين ۽ هننکي لکيائين ته انهن پئسن مان ديگيون چاڙهي يتيمن کي کارائجو ۽ باقي بچت پئسا يتيمن جي پالن پوشن ۾ خرچ ڪجو.

رڪمڻيءَ جي شاديءَ تي ديوان کي چيائون ته اوهان ڏاڍو چڱو ڪم ڪيو آهي جو ڏيتيءَ ليتيءَ کي ٻنجو ڏنو اَٿو. ڀلا گهوٽ جي ڄڃ لاءِ ڇا ڪندؤ؟ چيائين ته مرحبا ڪبي. سوڍا لمليٽ، ميوي مٺائي ۽ پڪوڙن جو بندوبست رکبو. پر ڪجهه اڳ ۾ ڪن پئنچن اچي چيس ته اهو رواج ٻين لاءِ چڱو نه ٿيو؛ رڳو پاپڙ پاڻي ڏيو، ته ٻين جو ڀلو ٿيندو. تنهن تي ديوان ڏيارام حڪم ڏنو ته سڀ کٺراڳه بند ڪريو. ديوان آوتسنگهه ۽ شيرسنگهه حيران. سوڍا لمليٽ سڀ موٽائي موڪليا ويا. ديوان حڪم ڪيو ته ميون، مٺائي ۽ پڪوڙن بدران اهو بندوبست ڪريو ته وهڻ جي جڳهه پرڀوءَ جي گڻانواد سان ڀرجي وڃي.

آملن جي ڳوٺ مان آيل سنت رام سنگه جي ٽولي حيدرآباد ۾ لٿل هئي. ڀائي ڪلاچند کي عرض ڪيو ويو ته هو پاڻ به اچن ۽ اُنهنکي به مڃائي وٺي اچن. سو اُها ٽولي اچي نڪتي؛ ڳائڻ جا عمدا هئا؛ ڏيوي صاحب جا شبد ٿي چيائون. اهڙيءَ طرح گهوٽيتن جي ڄڃ لاءِ فقط انهيءَ آنند، پاپڙ ۽ ٿڌي شربت جو بندوبست رکيل هو. جوانن چيو ته اسين پنهنجو سوڍا لمليٽ گهرائي ٿا پيئون. ديوان چيو بيشڪ گهرائين، اوهين ڪجهه نه ڪريو. اوهين سڀني کي فقط پاپڙ ۽ شربت جي آڇ ڪريو. ڏيارام پرتگيا تي ايترو پورو هوندو هو.

ڏيارام جو دينڪ چرتر

منشي هوتچند مان ڏيارام جي دينڪ چرتر جي سڌ پوي ٿي. اُنهن ڏينهن ۾ اٽڪل ڇهين بجي صبوح جو اُٿندو هو. نوڪر ميٽ ملي رکي ايندو هو ۽ تيل به رکيو هوندو هو. تيل پاڻ گهرج آهر ميٽ ۾ وجهندو هو. مٺو تيل ڪم آڻيندو هو. سياري ۾ ڪوسي پاڻيءَ سان ۽ اونهاري ۾ ٿڌي پاڻي سان اشنان ڪندو هو. پوءِ ويهي سنڌيا ونديا ڪندو هو. ايڪانت ۾ ويد پستڪ، گرنٿ صاحب ۽ ٻيا اهڙا ڌرمي گرنٿ نت نيم سان پڙهندو ۽ ويچاريندو هو. 9 بجي پوڄا جي ڪوٺيءَ مان نڪرندو هو ۽ جڏهن ڏاڪڻ تان لهڻ جو آواز ٿيندو هو تڏهن چيتن نوڪر کي پٽيوالو اشارو ڏيندو هو ته ”صاحب آتا هيء.“ هو لولي تيار ڪري کڻي ايندو هو. ورانڊي ۾ گلڪاريءَ جي سامهون سندس وهڻ لاءِ ميز ڪرسي رکيل هوندي هئي.  روزانيون ۽ ٻيون اخبارون به پڙهندو هو ۽ نيرڻ به پيو ڪندو هو. اکيون اخبارن ۾، ته نيرڻ جو گرهه وات ۾. نيرڻ کائي، گرڙي ڪري وهندو هو فيصلن ۽ لکپڙهه جو ڪم ڪرڻ. 11 بجي ماني کائيندو هو. اڪثر ٽي ڀاڄيون کائيندو هو. هڪ شرويدار، هڪ سڪي ۽ هڪ تريل. پوءِ ويندو هو آفيس ۾. اٽڪل 12 کان 2 تائين ڪيس هلائيندو هو. وري 2 بجي ٽفن کائيندو هو، ٻه مالپڙا يا پوريون پٽاٽا وغيرهه. 21/2 بجي کان وري ڪيسن تي وهندو هو، 41/2 يا 5 بجي تائين. پوءِ اچي پٽڪو ٺاهي ٻڌي گهمڻ نڪرندو هو. ٽانگي ۾ چڙهي اڌ ڪوهه پري نڪري، ڪوهه کن پنڌ ڪندو هو. وري ٽانگي ۾ چڙهي پؤڻين اٺين بجي ڌاري موٽي ايندو هو. ايندي شرط ڀوڄن ڪندو هو. تنهن وچ ۾ ٽانگو ويندو هو سالگرام پنڊت کي وٺڻ. اهو ايندو هو ته  آتم پران جي ڪٿا اَرٿ سميت ٿيندي هئي. پنڊت سالگرام سمجهاڻي مرهٽيءَ ۾ ڏيندو هو؛ ديوان صاحب ڪجهه ڪجهه هنديءَ ۾. ڏهين بجي کير پي ديوان مٿي ماڙيءَ تي چڙهي ويندو هو. 10 کان 11 تائين وري ايڪانت ڌيان ۾ رهي سمهي پوندو هو.

ڍوليا مان 28- جولاءِ 1902ع جي ديوان کي، پوليس کاتي جي جاچ لاءِ جيڪا ڪاميٽي ويهاري ويئي هئي، تنهن جو ميمبر مقرر ڪري پوني ڏانهن موڪليو ويو. 1- آڪٽوبر تائين انهيءَ جاچ ڪاميٽيءَ تي هو ۽ پوءِ ڪجهه وقت لاءِ سرڪار جو قانوني صلاح ڪار مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ڪاميٽيءَ چؤڌاري چڪر هنيو. رتناگري، اَحمدآباد، سورت وغيرهه ڪاميٽيءَ جا ميمبر ويا. پوني ۾ جڳهه لاءِ لکيو ويو، پر جوڳو بندوبست ٿي ڪين سگهيو. مهمانن وانگر وڃي ديوان لٿو. گهر ۾ کٽولو به ڪونه هو. ديوان پرتابراءِ، جو انجنيئر جي آفيس ۾ هو، تنهن هڪ ٻه کٽولو موڪليو. ديوان صاحب اُنهن مان ئي ٿي ڪم ڪڍيو. وڏا وڏا صاحب لوڪ ملاقات لاءِ آيا ٿي ته انهن به انهن کٽولن مان ڪم پي ڪڍيو. ڪليڪٽر صاحب آيو ته به ائين ڏٺائين. اُتي پروفيسر گوڪلي ديوان وٽ گهڻو ايندو ويندو هو. جاچ بعد ديوان صاحب کي رپورٽ لکڻ تي ٽي ڏينهن ساندهه لڳا.

ديوان موتيرام شونقيرام

مسٽر هوتچند ديوان جي بي ريا طبيعت ڏيکارڻ لاءِ هڪڙي ڪيس  جو ذڪر ڪيو آهي، جو ڍوليا ۾ ٿيو هو. ڍوليا ۾ روسا جوڳاهه، ڪليڪٽر نيلام ڪيو. هڪڙي نئين ماڻهوءَ کي گاهه وٺڻ تي دل ٿي، سو هن ڏسڻ کان سواءِ واڪ ڏنو 13000 هزارن جو. جان وڃي ڏسي ته گاهه گهڻي ڀاڱي ٺهيئي ڪونه؛ تنهنڪري هن قبوليت تي صحيح ڪانه ڏني. سرڪار وري ٿورن پئسن ۾ نيلام ڪري نقصان جي گهر لاءِ پهرئين واڪ ڏيندڙ کي نوٽيس ڏنو. هن پنهنجن 1300 سوٿي ڏنل پئسن جي دعويٰ ڪئي. ڪليڪٽر تي سمن ڪيو ويو، دعويٰ ديوان وٽ هلائڻ لاءِ آئي. ديوان خانگي طرح ڪنهن کي ڪنهن ڪيس جي متعلق پاڻ  وٽ اچڻ ڪين ڏيندو هو. ڪليڪٽر آيو؛ ڪارڊ موڪليائين- ديوان چيس ته خانگي طرح ڇو آيو آهين؟ مهرباني ڪري وڌيڪ گفتگو نه ڪر. 1300 رپيا سرڪار تي ڊڪري ٿيا. ڪليڪٽر پنهنجي بدلي ڪرائي ڇڏي.

ڍوليا، سورت ۽ احمدآباد ۾ ڪهڙيءَ طرح ديوان ڏيارام پاڻکي هردل عزيز ڪيو ۽ وڏا وڏا ڪيس ڪيئن محنت ڪري نبيريائين- تنهن جو ڪجهه پتو ديوان موتيرام شوقيرام آڏواڻيءَ جي خطن مان پوي ٿو جي هن ديوان بهادر مرليڌر ڏانهن لکيا هئا. 1- جولاءِ 1926ع ۾ سندس لکيل خط ۾ هي لفظ ڄاڻايل آهن:-

اوهان کي سچ پچ خبر ڪانه آهي ته بمبئي پرانت جي جن جن ضلعن ۾ ديوان ڏيارام گدومل کي جج ٿي رهڻ جو موقعو مليو اُتي جا ماڻهو اڄ ڏينهن تائين ڪيتري نه عزت سان کيس ياد ڪندا آهن. هو انهيءَ پاسي جون 1911ع تائين رهيو. تنهن کانپوءِ سندس جاءِ مونکي ملي. احمدآباد ۽ ڍوليا کانسواءِ ٻين جن جن ضلعن ۾ هن ڪم ڪيو هو، اُتي مون به ڪم ڪيو، ۽ اُتي جن جن ماڻهن ديوان کي ڏٺو هو تن سان روبرو ملڻ جو وجهه مليم. احمدآباد ۾ به مان ٻه دفع سال ۾ ويندو هوس ۽ وڃي اُتهون جي ڪمشنر وٽ شاهي باغ ۾ رهندو هوس. اتي به وڏن وڏن رعيتي توڻي عملداري ماڻهن سان گڏجڻ جو مونکي موقعو مليو. انهن سڀني سندس اعليٰ چريتر جي، بي ريا انصاف جي ۽ سڀني ذاتين جي زالن توڻي مڙسن کي ڳجهي طرح مدد ڪرڻ جي، ساراهه ٿي ڪئي. سنه 1909ع ۾ جڏهن مون سکر جي گرمين سبب ٽن مهينن جي موڪل ورتي هئي ۽ مسوريءَ ۽ ٻين هنڌ گهمڻ لاءِ ويو هوس تڏهن مان احمدآباد به ويو هوس. نيرڻ ڪري جامع مسجد ڏسڻ ويس. مسجد جو وڏي ۾ وڏو ملا صاحب مونکي مليو ۽ سڄي مسجد ڏيکاريائين. مسجد جي چوٽيءَ تي پهتاسين ته احمدآباد جو نظارو ڏٺوسون. اتي هن چيو ته سائين اوهين به عملدار ٿا ڏسجو. مون کلي ڏنو ۽ چيو ته غريب مسافر آهيان. پوءِ هن مونکان پڇيو ته اوهين احمدآباد جي جج صاحب ڀائي صاحب ڏيارام کي سڃاڻندا آهيو؟ مون جواب ڪونه ڏنو مانس. پوءِ ته هو ديوان ڏيارام جي انصاف جون عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳو. چيائين ته ”مسجد جا امين، مسجد جي زمين مان ٽڪر وڪڻي پئسا کائي ويا هئا. تنهنڪري مون اُنهن تي دعويٰ ڪئي. اها دعويٰ 12 ورهين کان به وڌيڪ پي هلي. پوءِ ته آخر اها ديوان ڏيارام جج صاحب اچي کنئين. انهيءَ ۾ ڪيترائي دستاويز فارسيءَ ۾ لکيل هئا، جن کي چڱيءَ طرح پڙهي جاچڻو هو. اهو ڪم ڪنهنکان نٿي ٿيو. ديوان اهو ڪيس لاڳيتو هلائي ٻارهن ڏينهن ۾ پورو ڪيو. جڏهن هن ڪيس ٿي هلايو ته شاهدن کان اظهار ٿي ورتائين تڏهن ملا صاحب چيو ته مونکي ته ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ پيغمبر صاحب پاڻ اچي انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو آهي.“ سندس اسلامي حديثن ۽ قاعدن جي ڳوڙهي واقفيت جي تمام گهڻي ساراهه ڪيائين. پوءِ چيائين ته سائين، انهيءَ ڪيس جو فيصلو ديوان ڏيارام جج صاحب عام پني تي ڪونه لکيو، پر ڪپڙي جي پني تي ۽ امينن کان سڀ زمينون موٽائي مسجد کي ڏياريائين. پوءِ اهو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ ويو ۽ مسٽر انويرائرٽيءَ جهڙو وڪيل به انهيءَ پني کي ڦاڙي نه سگهيو ۽ امينن جي اپيل نابحال ٿي ۽ منهنجون سڀ مشڪلاتون دور ٿي ويون.“

مون چپ ڪري سموري ڳالهه ٻڌي. پوءِ هن چيو ته سائين ديوان صاحب ته لڪ چوريءَ ڪيترين غريب مسلمان وڌوائن ۽ يتيمن کي مهيني سر مهيني مدد ڪندو هو، ۽ خيرات ڏيئي بکه کان بچائيندو هون. انهيءَ ڏينهن سانجهيءَ جو منهنجي ماني مسٽر بئرو وٽ هئي؛ اُتي مون اها ڳالهه ٻڌائي ۽ اُنهن به چيو ته بيشڪ اهو ڪيس تمام ڪهنو ۽ مشهور هو، ۽ اُنکي انصاف موجب فيصل ڪرڻ ۾ ديوان حد درجي جي قابليت ۽ تحسين جوڳي محنت ڪري ڏيکاري هئي. انهيءَ ريت هر هنڌ ديوان ڏيارام، پنهنجي محنت، لياقت، سخاوت ۽ انصاف جي ساکه ڇڏي آهي، جا اُنهن شهرن جا ماڻهو اڃا پيا ڳائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org