ايشور جا اتي تڇ يا قادر جا ڪمترين
The Leasts of God
ڏيارام جا آتمڪ اڀياس ته هر روز هلندا رهندا هئا
انهن مان ڪي ڪي، مؤج ايندي هيس ته ٺاهي ڇپائي پڌرا
ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ هندو ڀڳت جي دينڪ وهيءَ
مان ورق ۽ پتت جي وهيءَ مان ورق، انهن جو بيان
اسين اڳيئي ڪري چڪا آهيون. 1917ع- 1918ع ۾ جيڪي
آتمڪ اڀياس ڏيارام ڪيا سي 1920ع آگسٽ ۾ ڇپائڻ لاءِ
موڪليائين ۽ 1921ع
The Leasts of God
”ايشور جا اتي تڇ“ يا ”قادر جا ڪمترين“ انهيءَ
نالي سان الهه آباد جي پانني آفيس ۾ ڇپائي پڌرا
ڪيا. انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ ڳوڙهي کان ڳوڙها وگيان ۽
ويدانت تي ويچار ڏيارام پرگهٽ ڪيا آهن سي هن ڪتاب
۾. هن ڪتاب جو ٻيو نالو رکيو اٿس:-
ڌيان يوگه ۾ سهائڪ ويچار
منجهس ڏنل آهن فقط ٽي باب، هڪڙو انتر ڌيان ۽ انتر
گيان؛ ٻيو ڇيد ۽ سنگره، حصا ڪرڻ ۽ ملائڻ؛ ٽيون
پريم ۽ پاڻ ارپڻ.
مهاڳه ۾ لکيو اٿس ته هن ڪتاب جي پڌرائيءَ ۾ ٽي
مطلب سامهون رکيل آهن: پهريون اهو ته وگيان جي
وچترتائن جي وسيلي ايشور جو انڀئو ڪرڻ؛ ٻيو وگيان
جي حقيقتن مان اهڙا سبق سکڻ، جنهن ڪري اسين حاضران
حضور کي هر هنڌ پسي سگهون؛ ٽيون انهن حقيقتن کي
ڪٺو ڪري سڌ ڪرڻ، ته ايشور نماڻن جو نماڻو، داسن جو
داس آهي ۽ هن کي هر هنڌ حاضران حضور ڏسڻ لاءِ
اسانکي به داسن جو داس، تڇ ۾ تڇ، ممتا ماري بلڪل
اهنڪار رهت ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻ کي ڪي ڪين، ڪڇ به نه،
شوُنيه سمجهڻ گهرجي.
جب گر هئه، تب مئن نهين،
جب مئن هون، تب گر نانهن،
پريم گلي اَتي سانڪڙي،
جـــــامـــــان دو نه سمـــانـــهن.
ممتا مارڻ سان ئي ٻيائيءَ جا ٻنڌن ڪٽي سگهبا آهن.
خودي ڇڏي ئي خدا کي پائي سگهبو آهي. چيو ڪين اٿن:
رهن نه هڪ مياڻ ۾ خودي ۽ خدا. پارسيءَ ۾ پڻ چيل
آهي: ازخود گذشتن و به خدا پيوستن، خودي ڇڏي خدا
سان پاڻ ڳنڍڻ. تنهن ڪري ڏيارام پنهنجا تخلص به
اهڙائي رکائيندو هو. سنڌيءَ ۾ تخلص لکائيندو هو
”نماڻو“ ۽ انگريزيءَ ۾ تخلص هوس ”ٻڙي“، ”شنيه“،
”ڪجهه به نه”، ”صخر“
Zero.
سندس انڀؤ هو ته جيڪي آهي سو هو آهي، اسين ڪجهه به
نه آهيون. اسانکي اڇا مليل آهي ته ايشور جي اڇا
موجب هلڻ پاڻمرادو پسند ڪريون؛ ”ڪڍي پنهنجو پاڻ،
پيئون پياريون رام رس“.
باب پهرئين ۾ انتر ڌيان ۽ انتر گيان بابت ويچار
پرگهٽ ٿيل آهن؛ ڪيئن نيڻن سان نهاري، ڌيان ڌري،
روح رهاڻ ڪري، ايشور جو درشن پراپت ڪجي. ان ۾
ڏيکاريل آهي ته ڪيئن قدرت جا ڪمترين هر هنڌ موجود
آهن ۽ اننت آهن. اسان کي عالمن، شاعرن، ساکين ۽
سنتن جي سکيا ڪتب آڻي هر هنڌ سچي جو سچ، سهڻي جي
سونهن، چڱي جي چڱائي ڏسڻ گهرجي ۽ قادر جو ڪمترين،
ايشور جو اَتي تڇ، ٿيڻ گهرجي؛ ڏٺي مان اڻ ڏٺي تي
پهچڻ سکجي. پنهنجو آتمڪ وزن وڌائڻ لاءِ اپاوء آهن
وشواس ۽ پريم، درڍنثچو ۽ اٽل ارادو، نهٺائي ۽
نماڻائي، ڌيان ۽ ست سنگه، سواڌياءُ. وقت ۽ وت جو
سٺي کان سٺو اپيوگه ڪرڻ سان، پنهنجي حافظي، هوش ۽
هردي جي ڪمرن مان سڀ پاپ جو گند ڪڍي صاف ڪرڻ کپي.
چرڻ به چتن ۾ ۽ آرام ڪرڻ به چيتن ۾ کپي. ڪم جي به
ضرورت آهي ۽ ڌيان جي به. بي سمجهن ۾ به سمجهو توکي
سمجهائي رهيو آهي. ناراضپو ۽ دُک به سبق سيکارڻ
لاءِ آهن. موت ته حياتيءَ جو پردو آهي. پاپ ۽
اوندھ، بي سمجهي ۽ موت، فقط وهنوارڪ درشٽيءَ ۾
موجود آهن. وهنوارڪ درشٽيءَ کان لنگهي پرمارڪ
درشٽي جاڳائڻ سکه. سڀ ديس ۽ ڪال، آزاد آتمائن کي
سکيا ڏيڻ جو ساڌن آهن ۽ پرڪرتيءَ کي پرش تائين
پهچائڻ جو رستو آهن. اوچ گتي آهي جيوت جو راز. اها
انتيءَ لاءِ ڪوشش هڪڙو وشواس جو ڪاريه آهي.
ماڻهوءَ ۾ انتر جوت به آهي. اهنڪار رهت ٿيڻ سان،
اها انتر جوت جاڳي ٿي. اندر جيڪو مندر آهي. اهو
وساري نه ڇڏيو. پاڻ وڃايو ته سڀڪجهه پايو. پوءِ
پريتم جو مکه هر هنڌ پسي سگهندا.
ٻئي باب ۾ ڇيد ۽ سنگره بابت ويچار ڏنل آهن. پريتم
جي سندر مکه پسڻ لاءِ ويچار ڪريو ته ڪيئن نه هر هڪ
ڪمترين بي انت آهي، لازوال آهي، سدا هلندو اچي ٿو
۽ ٻين سان ملي هڪ ٿي سگهي ٿو؛ جيئن ته اکر، آواز،
تتو، نقطا، انگه، ڪنديون، وڄ جا پتڪرا وغيره وري
ڪيئن نه سهڻيءَ طرح اهي سڀ ڪٺا ٿين ٿا. اتي تڇ ذرن
تي به ڌيان ڪبو ته بي انت جو پتو پوندو. پوءِ
ڏيکاريل آهي ته ڪيئن سڀ گڻت ۽ گيان وگيان تڇ اَنشن
جا، نقطن جا ٺهيل آهن ۽ ڪيترو نه سونهن ڀريو سچ
گڻت ۽ وگيان مان معلوم ٿو ٿئي؟ سموري وشو انهن اتي
تڇ اَڻن ۽ انشن جو سنگره آهي. ايشور سڀ کان وڏو
آهي. وڏي ۾ وڏي وستو، ننڍي ۾ ننڍي وستوءَ جو سهڻو
سنگره آهي. ايشور سڀ کان وڏو آهي جو هو پاڻکي سڀ
کان ننڍو ڪري سگهي ٿو.
ايشوري سچ، سونهن ۽ پريم هر هنڌ موجود آهي. اهو هڪ
اڻ ڏٺو سڄي ڏنل سنسار ۾ آهي، سڀني ۾ اهو هڪ موجود
آهي، محدود ۾ اهو بي حد آهي. ڇا آهن عجب سندس رنگه
بنسپتيءَ ۾، ڇا پسن ۾، ڇا انسانن ۾! هي سڄو ڏٺل
سنسار، هڪ وڏي اڻ ڏٺل سنسار جو ڀاڱو آهي؛ ۽ وگيان
موجب ۽ يوگه موجب سڄي سنسار جي ايڪتا آهي. وارن
جيڪو سچ آڪاش ۽ آڪاش جي چڪرن بابت لڌو آهي اهوئي
يوگين به لڌو هو. انتر ڌيان سان انتر گيان ۽
وشوگيان پراپت ٿو ٿئي. وگيان ڇيد ڪرڻ لاءِ تڪڙو
آهي؛ يوگه ۽ ويدانت وري سنگره، سم درشٽي ۽ ايڪتا
انڀوء ۾ لاثاني آهي. انهيءَ ڇيد ۽ سنگره مان رستو
صاف ٿئي ٿو پريم ۽ پاڻ ارپڻ لاءِ، پاڻ وسارڻ ۽
اهنڪار کي ناس ڪرڻ لاءِ.
ٽئين باب ۾ پريم ۽ آتم ارپڻ ڪرڻ لاءِ لکيل آهي. هن
سنسار جي اتپتي چيتن ۽ جڙجي ميلاپ مان آهي. سمورو
سنسار اڻ ڏٺل شڪتين مان ئي پيدا ٿيو آهي؛ تنهنڪري
دنيائون ٻه آهن؛ وهنوارڪ ۽ پرمارٿڪ، حد جي دنيا ۽
بي حد جي. انهن ٻنهي جي وچ ۾، انتر وهنوار هلي ٿو
ايشور جي اتي تڇن جي وسيلي. انهيءَ ريت اڳيان
ويدانتي سچا هئا، جن چيو ته بندوءَ مان پنڊ ۽
برهمانڊ ٺهيل آهي. ايشور اتهاس ۾ موجود آهي ۽ اسان
جي پاپن مان به آهستي آهستي پڃ پيو ڪڍي. اسين آزاد
آهيون، پر ڪرم جي قاعدي اندر؛ پاپ ڪرمن جا نتيجا
اسانکي پڃ ڏانهن موڪلڻ ۾ سهائتا ٿا ڪن. هڪ هڪ اَتي
تڇ ۾ بي انت موجود آهي. سڀني ملڪن جي سنتن جي اها
شاهدي آهي.
ڌياني ٿي سانت ۽ ايڪانت ۾ وقت گذارڻ ڪو سوارٿ نه
آهي. جيئن سر آليور لاج چيو آهي ته جيڪو به پاڻ
سڌارڻ يا پاڻ کي پورنتا حاصل ڪرائڻ جي ڪوشش ٿو
ڪري، سو سڄيءَ دنيا کي لاڀ ٿو پهچائي. ڏسو سج، چنڊ
۽ تارن جي عجيب سونهن! اهي پنهنجو پاڻ ڪين ٿي پيا؟
ڪرتار جي ڪنگري سدا ٿي وڄي. جيو ۽ آتما جو ميلاپ
آهي. ايشور کان جدائي آهي جيوت کان جدائي؛ تنهنڪري
اسانکي پنهنجو اهنڪار ناس ڪرڻ کپي ۽ انهيءَ ڪري
اسين ايشوري پد ڏانهن جلد چڙهي سگهنداسين. هن جي
سونهن، سچائي ۽ چڱائي اسان کان ٻاهر يا پري نه
آهي. فقط انهيءَ ست، چت ۽ آنند تي ڌيان ڌريون؛
پنهنجو اندر پريم سان ڀريون، ۽ پاپن لاءِ پڇتاءُ
ڪريون. پاپ نه ڪريون ها ته هن دکئي سنسار ۾ اسان
جو جنم ئي نه ٿئي ها. هاڻي اسانکي تو جهڙو ٿيڻ
گهرجي. تون سڀ ۾ آهين ۽ سڀ کان مٿي آهين. هستي به
تون ۽ نيستي به تون. واهه تنهنجي قدرت! واهه تنهن
جي حڪمت! شل توکي ئي مان ڌيائيان ۽ توکي ئي مان
پايان. هي سچا نراڪار! ڪروڙن جا ڪروڙ ورهيه ڪري
عمر ٿئيم، ان پاڻيءَ جي پرواهه نه رهيم، پوَن ڪري
آهار ڪريان، هردي جي غفا ۾ پاڻ پوريان ته به
تنهنجو انت نه لهي سگهان! پوءِ ڪيڏو ڪهان تنهنجو
نانءُ هي سچا نرآڪار! ڪسجي وڃان، ڪپجي وڃان، پيسجي
وڃان، جلي وڃان، ڀسم ٿي وڃان، اهڙا به ڪري ساڌن
ڪريان، ته به تنهنجو انت نه لهي سگهان. پوءِ ڪيئن
ڪهان تنهنجو نانءُ؟ هي سچا نراڪار! پکي ٿي گهمان،
سوَن آسمانن ۾ وڃان، ڪنهن کي نظر نه اچان، نڪي کان
نڪي پيئان، ته به تنهنجو انت نه لهي سگهان، پوءِ
ڪيڏو ڪهان تنهنجو نانءُ؟ هي سچا نراڪار! لکه مڻ
ڪاغذ چٽيان، ليکڻ پوَن هلايان، مس اکٽ وهايان، نام
لکي لکي پڙهان، ويچاريان ته به تنهنجو انت نه لهي
سگهان، پوءِ ڪيڏو ڪهان تنهنجو نانءُ.
هي منهن جي آتما! توکي ڇا گهرجي؟ هنجي چرن ڪمل ۾
سرجهڪاءِ ۽ پرارٿنا ڪر ته توکي هؤميء کان سمورو
خالي ڪري، ته پاڻ سان سمورو ڀري ڇڏيئي؛ سڀني
محلاتن جو مالڪ هوندي به هو داسن جو داس آهي،
انهيءَ سچي جي شرن اچ؛ هن جي اتي تڇن، ڪمترين مان
هڪڙو ٿيءُ ۽ هن جي پوتر نالي مٿان پاڻ قربان ڪر.
اهڙن سندر لفظن سان هي تمام ڳوڙهو ڌيان يوگه ۾
سهائتا ڪندڙ پستڪ ڏيارام پورو ڪيو آهي. پوين ورهين
۾ ڏيارام جي سموري ڪوشش رهي ته پرڀ درشن لاءِ،
پرڀو پائڻ لاءِ، هڪ سان هڪ ٿيڻ لاءِ، هر هڪ وگيان
۾ هن کي ئي ڳوليائين، هر هڪ درشن ۾ هن کي ئي
ڏٺائين.
هن جي تخت اڳيان
Before His Throne
جيئن ايشور جي اتي تڇن جي پستڪ ۾ ڏيارام هر هڪ
وگيان جي وسيلي گڻت، ڀوتڪي، رساين، بنسپتي، جيون
شاستر، من وديا، اتهاس وغيرهه جي وسيلي ايشور کي
ڌيائڻ ۽ پائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تيئن ئي هن ڪتاب ۾
هر هڪ پورب ۽ پشچم جي درشن ڪار جي ڪوشش ڪئي اٿس؛
جيئن هُن ڪتاب ۾ وگيان وديا جو ڀنڊار پڙهندڙن
اڳيان کولي رکيو اٿس ۽ وگيان جي اڀياس ۽ انڀؤ جو
پرچو ڏنو اٿس تيئن ئي هِن ۾ درشنن جو ڀنڊار پيش
ڪيو اٿس ۽ درشنن جو به ڪيترو نه ڳوڙهو اڀياس ۽
انڀؤ اٿس سو ظاهر ٿو ٿئي.
جدهر ديکهتا هون، ادهر تو ئي تو هئي
هر شيء ۾ جلوه تيرا هوبهو هيء.
ڀومڪا ۾ لکيو اٿس ته ادويت ڀڳت لاءِ ته هر هڪ درشن
هڪڙو ستوتر آهي، هڪڙو ساڌو آهي، پريتم کي ڄاڻڻ ۽
ماڻڻ لاءِ. هو پنهنجي پوجنيئه پرماتما، ايڪ اونڪار
کي هر هنڌ ٿو ڏسي، اوڀر ۾ به اولهه ۾ به، هو ڍونڍي
ٿو جيڪي به شيون سچيون آهن، جيڪي به شيون انصاف
ڀريون آهن، جيڪي به شيون پوتر آهن، جيڪي به شيون
من موهڻيون آهن، توڙي مشرق ۾، توڙي مغرب ۾؛ انهيءَ
لاءِ ته جيڪي به منجهس اڃا سنسڪارڪ سوارٿ، نفساني
جذبات، اناتمڪ خيال يا اهنڪاري وڪار رهيل هجن، تن
کي جيتي سگهي. سڀ کان وڌيڪ هو مهاتمائن جي من ۽
واڻيءَ سان ميلاپ ڪرڻ ٿو چاهي ۽ ڪوشش ٿو ڪري ته
پريتم جو پاڇائون انهن ۾ پسي ۽ هنجو من انهنجي
گهٽتاين جي مٿان پريم سان برف وانگر ڇانئجي ٿو وڃي
جيئن انهن ۾ جيڪي کڙٻڙ آهي، سخت آهي، دوش يڪت آهي
يا ڀڳل آهي، تنهن کي ڍڪي ڇڏي؛ جيئن هننجي گهٽتاين
جي آڪار کان برف وانگر واقف به رهي ته به مٿان
روشني جهٽي، سندر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
مون درشنن ۾ ايشور جي ليلا ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
درشنن جي گلن ۽ ميون ۾ ۽ پڻ درشنن جي کنڊن ۽ منڊن
۾، جن جو مطلب نه گل نه ميوا، پر ڪچ ۽ ڪن ڪڍڻ ۽
ناس ڪرڻ. مون ڪوشش ڪئي ته هرهڪ درشن ڪار جو ائين
ڌيان ڪريان جو ڄڻ هو اُن جي تخت اڳيان اُڀو آهي ۽
پنهنجو انڀوُ ٿو چئي ٻڌائي. انهيءَ ريت هر هڪ درشن
منهنجي لاءِ سائينءَ جي ساراهه جو سنگيت ٿي پيو.
مغربي بلوط کي ڪهڙي حاجت آهي. مشرقي ناريل کي ائين
چوڻ جي ته مونکي ٻه ٻيجه پتر آهن، توکي هڪ؛ مان
آهيان ٻه ڦاڪو ٻج، تون هڪ ڦاڪو؛ مونکي آهي اندر ۾
ڪٺ، ۽ توکي ڪمند وانگر تندون ئي تندون؛ مونکي آهي
ڪاٺ، توکي آهن ڌاڳن جهڙيون تندون. منهنجو ٿڙ آهي
هيٺ ٿلهو، مٿي سنهو نوڪدار، تنهنجو گول ٿنڀي
وانگر. مونکي آهن شاخون، توکي فقط مٿي تي پنن جي
چوٽي. مون منجهان ماڻهو ٺاهين وڏا جهاز، تو منجهان
فقط ننڍا ترها. ڏس مان توکان ڪيڏو نه وڏو آهيان!
نڪا حاجت آهي ناريل کي جواب ڏيڻ جي ته تنهنجو ڦل
نڪمو، منهنجو ناريل ڪيترو نه ڪمائتو. بادام ۽ صوف
کي ڪا حاجت ڪانهي ته کارڪ جي مٿان کلن؛ جيڪڏهن سج
ڪري بنسپتي جڳت ۾ رس جي اچ وڃ ۽ لهه چڙهه ٿئي ٿي
ته سجن جي به سج ايشور ڪري آتمڪ جڳت ۾ جيون رس جي
لهه چڙهه ٿئي ٿي. هن سنسار ۾ ادويت لاءِ به جاءِ
آهي ته دويت لاءِ به، ٻئي اسانکي ڪجهه نه ڪجهه
سيکاري سگهندا جيڪڏهن اسين پريم سان اُنهنجي اڳيان
پيش ٿينداسون ۽ نه سئيءَ جي چهنب وانگر دوش
درشٽيءَ سان فقط چوڪن لهڻ لاءِ.
شل هنن آتمڪ اڀياسن ۾ جن جن جا درشن گهڻو ڪري سندن
ئي لفظن ۾، مون ستوتر روپ ۾ پلٽيا آهن، انهن جا
وچن ۽ ويچار هن پستڪ جي پاٺڪن کي ڪمائتا ٿين! شل
انهن جي جوت پوتر ۽ چمڪندڙ طرح جلندي رهي ۽ ايوگه
هٿن جي وسيلي به چڱائي ڪندي رهي. انهيءَ ريت
پهريائين ياجنيه ولڪيه جا ادويت ويچار استوتر جي
روپ ۾ لکيا اٿس، پوءِ بادراين وانگر سندس نرگڻ
آڪار ۾ اُپاسنا لکي اٿس. پوءِ شنڪر آچاريه جي وچنن
۾ گوبند، پرمانند، امبرت، ديا ساگر کي نمسڪار ڪئي
اٿس. پوءِ پتنجلي مهراج يوگه سوترڪار جي وچنن ۾،
اوديا، استما، راگه، دويش ۽ اڀنويش رهت ۽ اڪليشڪ،
آشا، ڪرم، وپاڪ يعني ڪرم ڦل پچڻ کان آجي ايشور کي
سنٻوڌن ڪيو اٿس.
پوءِ وياس مهراج، يوگه سوتر جي ڀاشيه ڪار جي درشن
جو ستوتر ٺاهيو اٿس. پوءِ پشچم جي درشن ڪارن جا
ويچار پر گهٽ ڪيا اٿس. پهريائين سپائينوزا موجب
اپار شڪتيءَ جو پوجن اُچاريو اٿس. وري شيلنگه موجب
دليل مطلق جي ساراهه، برگسن موجب اونهي ۾ اونهي ۽
اوچ ۾ اوچ رهسيه، ۽ راز جو راڳه ظاهر ڪيو اٿس؛ انت
۾ يسومسيح جو انڀؤ پيش ڪيو اٿس، ته ڪيئن پر ماتما
ڪبوتر وانگر سندس آتما ۾ اتري آيو ۽ آزمائش مان
لنگهائي سنسار سڌارڻ ۽ پريم جي پرچار ڪرڻ جو اوتار
هنکي ڪيو. حضرت محمد ڪيئن لا الله الا لله مالڪ
عرض و سما جي ساراھ جڳه ۾ جاري ڪئي. هڪ هڪ جو
پرچار سندن مکه ۾ استوتر ۽ آراڌنا جي روپ ۾ وڌو
اٿس، ته پڙهندڙ سندن وچن پڙهي، سندن ويچار سمجهي،
ايشور اپاسنا ۽ جڳه هت ۾ پرورت ٿين.
ڏيارام جي جيوت جا هئا اهي ٻه مطلب، ايشور پراپتي
۽ جڳت هت. انهيءَ لاءِ هئا سندن گرنٿ رچيل ۽ لکيل،
شل انهن مان پڙهندڙ فائدو وٺن! |