سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: هو ڏوٿي هو ڏينهن

باب: --

صفحو : 9

قصو اصل خان وڏي جو ٿي ڪيوسين، جو وچ ۾ عيسانين جو مذڪور اچي ويو، اهو به هڪ ضروري داستان هو. سنڌ جو سينگار ته اصل اهڙا ڪردار هئا. سنڌ دراصل عبارت ته انهن ماڻهن سان هئي. مثلاً خان وڏي جو مثال وٺو- پٺاڻن ۾ اهڙا سٻاجها سنوان ۽ سريلا انسان وري ڪٿان لڀندا - دلنواز، دلدار، روح پرور ۽ راحت رسان. پاڻ به خوش ته جڳ جهان به خوش. الله به راضي ته بندو به راضي. زندگيءَ جي سڄي سفر کي اهڙيءَ سبڪ سيريءَ سان طيءِ ڪري وڃي پار پهتا، جو منجهانِ ڪک کي به رنج ڪونه رسيو. ماڻهو ته ماڻهو پر جيت کي به کانئنِ جو کو ڪونه پهتو. اهڙيءَ طرح دامن بچائيندا، گريبان سلامت رکندا، پاسو ڏيندا، پهلوتهي ڪندا، پير پير ۾ وجهندا، سمورو سير سهنجو ڪيو هليا ويا حقيقيت ۾ اصلي پلصراط ته خود هيءَ دنيا آهي، جيڪو ان مان خير سان ويو، تنهن جا ڄڻ سڀئي ڪارج سـِـڌ ٿيا.

مان 15-16 سيپٽمبر 1958ع جو آخري مرتبو کيس ڪراچيءَ ۾ ڏٺو. 17 تاريخ ته خود مون تي دل حملو ڪري، چئين ڪنڊين چت ڪيرائي وڌو. ڊسمبر ۾ کٽ تان اٿي سڌو منيلا هليو آيس. مون کي ڪهڙي ڪل هئي ته ڪو اهو قيامت سندو وڇوڙو ٿيندو. تازو منيلا منجهه مونکي ڪراچيءَ کان هڪ ئي ڏينهن ٻه خط پهتا. هڪ دوست لکيو ته ”اسان ڪالهه خان وڏي سان ملياسين، ڏاڍو خوش خورم هو، توڏي گهڻا گهڻا سلام ڏنائين.“ ساڳيءَ تاريخ جو لکيل ٻيو خط جو کڻي کوليان، ته ٻئي دوست جو اطلاع هو ته: ”خان وڏو مرحوم رات رحلت ڪري ويو. انالله واناعليہ راجعون!“، شام جو خوش خورم، رات جو الاتهار! دل جا دستور اجهي ٿيندائي ائين آهن. پوءِ ڇا ڪجي! پاڻ به ته دل جو ئي مريض هو!

ايڏو مهربان وڃائي ويٺس، جو وري ملڻ مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. مون سان ايڏو دل جوپرچو، جو ٻڌندو ته صبح جو ايندس، بس اَسـُـر ڏئي اٿندو. هٿ منهن ڌوئي، چانهه پاڻي ڪري، ٻاهر اچي رستي کي اکئين لائي ويهي رهندو. دير ٿيندي، کيسي مان واچ ڪڍي، پيو وقت ڏسندو. هـَـرهـَـر حاجيءَ کان پيو پڇندو:

”او حاجي! او حاجي صاحب!! موٽر اڃا سوڌي ڇو نه آئي؟ اسٽيشن تي ته گاڏي اچي وئي هوندي، پوءِ دير ڇو ٿين؟...

”خير، الله خير سان آڻيندن.“

موٽر مان لهندس، پري کان کلي ڪو ڏوهيڙو ڏيندو، بيت پڙهندو، بهار بهار ٿي ويندو. جڏهن ويجهو ايندس، ته ٻئي ٻانهون ڳچيءَ ۾ وجهي، سينو سيني سان لائي، چڱو وقت پيو ڪندو:

”هاءِ! هاءِ!...

”بلي آئيو! جيءُ آئيو!...

”واه صاحب واه!...

”لک ڀلايون، سوين قرب!“

هڪ دفعي موٽر مان اچي لٿس. سامهون صندل تي ويٺو هو. اٿي اتان ئي ٻئي ٻانهون کوليائين. چيائين:

اتي ئي آهين، جتي توهان ڇڏيون،

شابس انهن اکين کي، جو ماڳ نه مٽائين،

ٻئي در واجهائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.

هڪ دفعي هڪٻئي کي ڏٺي ڏينهن ٿي ويا. پاڻ ڳڙهيءَ مان ڪراچيءَ چوارائي موڪليائين:

ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،

بندر بازاريون، سُڃان سامونڊن ري!

ڪڏهن طبعيت ۾ جولان ايندس ته ڳالهه ڳالهه تي مثال طور ڏوهيڙو ڏيندو هلندو، ڪنهن ڪافيءَ جو بيت پڙهندو هلندو. ڪڏهن ڪڏهن ته پهرن تائين پيو گمنام سنڌي شاعرن جا بيت، ڏوهيڙا ۽ ڪافيون ٻڌائيندو. پڙهڻ جو انداز ڏاڍو موزون ۽ مناسب، اکر اکر ۾ ساهه وجهي ڇڏيندو. ڪامان، فل اسٽاپ ڏئي، بيت کي اهڙيءَ ريت ٽڪرا ٽڪرا ڪري پڙهندو، جو نشو چڙهي ويندو. ڪافين جا سُر ياد، ڏوهيڙن ڏيڻ جا مقام ۽ موقعا ياد. مصرعي مصرعي پٺيان ڪندو هلندو:

”هاءِ! هاءِ! ميان حسام الدين شاهه سائين!...

”اکر چونڊبا آهن، نڪتا ڳولبا آهن! منهنجا مٺا!!..

”ڏس ته سهي، ڪاريگر ڇا ته چئي ويا آهن!...

”واهه! واهه! سبحان الله!“

جڏهن جذبو جهڪو ٿيندس، ان وقت کِلي، منهن ۾ منهن وجهي، چتائي ڏسندو ۽ چوندو:

”ڪو دل سان لڳئي، ميان حسام الدين؟“

خان وڏي مون کي مختلف وقتن تي سنڌي شاعرن جو گهڻوئي ڪلام ٻڌايو، ليڪن وقت تي سرت ڪانه پوندي آهي. اڄ ته سارو دفتر ئي پاڻ سيني ۾ سانڍيون هليو ويو. جي ان وقت کانئس لکي وٺجي ها، ته هوند اڄ پاڻ وٽ ڪيترن انهن ڪاريگرن جا ڪلام محفوظ ٿي وڃن ها، جن کي زماني سان گڏ اسان به وساري ڇڏيو آهي. ڪي بيت ياد اٿم، مثلاً:

مـَـڪـَـج ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونهين ڪميڻيءَ جو، بغر تو بـِـلو،
تنهنجو نام نـِـلو، وٺيو ويٺي وندران.
                     ------

هڪ دفعي چيائين:

اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان،
تون کي نه ڏسي ڏيهه، آءٌ نه ڏسان ڪو ٻيو.
                     -----

28 جنوري 1957ع جي صبح جو ملياسين، چيائين:

چـُـپ ڪر چـَـپ نه چور، ٻوٽ اکيون ٻـَـڌ ڪـَـنَ،
صبر جي شمشير سان، مـَـردَ! مـَـري ٿيءُ رَنَ.
-----

پاڻي پيج، ٿورڙو کاءُ، اڌيڪو اَنُ،
پوءِ محب تنهنجي مـَـنَ، پيهي ايندو پاڻهي!
-----

هڪ دفعي ٻڌايائين:

لوڪان لڪي هرڪو، تون لڪڻ کئون لڪيج،
ڳالهه پريان جي ڳڻن جي، ڪنن ريءَ ٻڌيج،
پنڌ پريان جي پار ڏي، پيرين ريءَ ڪريج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
-----

ڳوليانءِ ڦوليانءِ مَ لهانءِ، شل نه ملين بلوچَ،
متان هئين سنڌي لوچ، ملڻ مئون ماٺي ٿئي.
-----

حاڪم ٿيوان حڪم چلاوان، عشق اجاري سر پاوان،
جو ڪوئي عشق نه ڄاڻي، سو سڀ قتل ڪراوان!
-----

ڳڙهيءَ ۾ هئس، 11 اپريل 1957ع جو جيئن مون تي نظر پيس، کلي چيائين:

سَوَ هزار تنان تؤن صدقي، دل جني جي هـِـڪي،

لک ڪروڙ تنان تؤ صدقي، من جني جي جهـِـڪي،

پَدَم نيل تنان تؤن صدقي، جيڪي مُکَ مون ٻولن نه ڦِڪي،

ڏونهين جهان تنان تؤ صدقي، جيڪي هُوَن سونُ، سڏاون سِڪي.

خان وڏي وقت بوقت سوين ڪافيون يادگيريءَ مان ٻڌايون. هيٺيون ڪافيون مون نوٽ ڪيون. انهن مان ڪيتريون ڪافيون خود منهنجو ڏاڏو ۽ والد بزرگوار به جهونگاريندا رهندا هئا ۽ انهيءَ دور ۾ اهي ڪافيون ڏاڍيون مقبول ۽ مشهور هيون:

مِٺا مارو! اسان کئون ڇو، مـَـٽي مـُـنهڙو رهيا ويهي.

مِٺا مارو...!

1- لوئي ٿيم لال هِيءَ ليڙون، جِهڄي هِينئڙو ٿيم جيهڙون،

سوين ٿا سور ڏين ڀيڙون، تَنين جي ڪل پُڇو ڪيهي!

مِٺا مارو...!

2- قضا جي قلم جون ڳالهيون، سَڙيءَ قسمت سڀئي پاريون،

جدا ٿا ڏينهڙا جالِيؤن، پرين ايندو پکي پيهي!

مِٺا مارو...!

3- قضا هت قيد قسمت ڪيس، مِٺن مارن کئون وسري ويس،

پڇايان روز ڏوٿِن ڏَسُ، سَنڀالي دل سڙي سي هي!

مِٺا مارو...!

*

ڳڻتيون اباڻن جون ڳارن ٿيون، مون کي عمر ميارون مارن ٿيون!

1- مـَـهيون پيتم جن سان مـَـٽن ۾، چاريم گهيٽا تن سان گهـَـٽن ۾،

پنهور سدائين رهن پٽن ۾، سي ته سنگهارون سارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

2- ساڻيهه سرتن ڪيا سـِـرَ تي سيلها، مـِـلي انهن سان ڪندي هئس ميلا،

ڇَنَن ۾ ڇوڙي اچي ير ڇيلا، وڙڪي ولهارن ۾ وارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

3- ڪينءَ غلط ٿي مارن جو غـَـم، ڪوٽن سان ناهي منهنجو ڪم،

حيف انهن جي حال تي هردم، جيڪي ور ته پنهنجا وسارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

4- صاحبڏنا جڏهن وطن آءٌ ويندس، ڀيڙي ٿاريلن سان ٿر ۾ ٿيندس،

وراپا اتي انهن  کي ڏيندس، پرت پکن ۾ جي پارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

*

ڏاڍا لِڪڙا ڪيتئي لِئي پاوڻ دا، ڪيها غرض پيُئي اِٿي آوڻ دا!

ڏاڍا لڪڙا...!

1- ڏاڏي آدم دا باپ نه مائي، ڏاڏي حوا ول ڪيڏون آئي؟

بهشتان وچئون ڪنهن لوڌائي، پوءِ عذر ڪيتس داڻي کاوڻ دا!

ڏاڍا لڪڙا...!

2- ڪُن فَيَڪونُ، ايوين فرمايئي، زمين آسمان جوڙ بنايئي!

هر جاءِ اپنا حڪم هلايئي، برهُ نهَ ٿيا ساڏي چاوڻ دا،

ڏاڍا لڪڙا...!

3- شاهه منصور تون سوليءَ چاڙهايـُـئي، ذڪريا سِرُ ڪَرٽ رکايـُـئي،

شمس الحق دي کَلڙي کلايئي، سرمد سيس ڪٽاوڻ دا،

ڏاڍا لڪڙا...!

4- اِهي عثمان ديان اُلٽيان بازيان، وفي انفسکم، ڳجهڙيان ڳالهيان،

نيڙي وسندا ورق وصاليان، الانسان سـِـر الاوڻ دا،

ڏاڍا لڪڙا...!

*

ڏاڍا ڏئي ويا ٿم ڏير، او اوجاڳا مون اکين کي!

1- نانءُ سڏايئين سسئي، ذات نه ڄاڻان آهِ ڪير؟

ڏئي ويا ٿم ڏير...

2- ڪُنگوءَ رتس ڪپڙا، مينديءَ رتڙس پير،

ڏئي ويا ٿم ڏير...

3- واهَ مڪي جون ماڙيون، سرها سندن سير،

ڏئي ويا ٿم ڏير...

4- هيڏيءَ ويل وڻن ۾، هيءَ چوڙيلي آهي ڪير!

ڏئي ويا ٿم ڏير...

5- اديون عبداللطيف چوي، گهٽ نهاريان گهير،

ڏئي ويا ٿم ڏير...

*

پيرين پونديسانِ چوندي سانِ، وو! رهجو رات ڀنڀور ۾!

پيرين...

1- مهارون مـَـيـَـن جون، مان واڳان وٺندي سان، چوندي سانِ،

وو! رهجو رات...!

2- پڃرو پاڪ رسول جو، مان پيهي پسندي سان، چوندي سانِ،

وو! رهجو رات...!

 

3- اديون عبداللطيف چئي، نئين ماڳين ملندي سان، چوندي سانِ،

وو! رهجو رات...!

                                *

خوش ٿو گذارين منهنجا پرين، عاشق تنهنجو آ عذاب ۾!

1- ٻَنِ پيو جدائيءَ جو جيئڻ، آهي زهر جو پيالو پيئڻ،

پنهنجي يار کان دم ڌار ٿيڻ، لکيو ڪهڙي آ ڪتاب ۾!

خوش ٿو...!

2- جن کي لڳي جـِـيءَ ۾ جـَـڙي، سڪ سوز ۾ ويڙا سڙي،

مون وٽ اچو هيڪر وري، منهنڙو ڏيکاريو خواب ۾!

خوش ٿو...!

3- ليڙو پاتئي لو ڪئون لڪي، هئي! هئي! عمر ويڙي سڪي،

قدير رب ڏهن جا لکي، هـُـئي هـِـيءَ انهن جي ته باب ۾!

خوش ٿو...!

4- پيرل چوي پڪ ڄاڻ تون، ڏکيا گذاريا ڏينهن مون،

سرڪار رب جي روبرو، هرڪو ايندو ته حساب ۾!

خوش ٿو...!

*

يـــــــاد پون ماروئڙا! وڃان جئري شـال وري،

وڃان جئري شال وري، ڏسي اکڙيــــون پون ٺري!

ياد پون ماروئڙا...!

1- ٿر واريون پٽُ نا ڪن، ٻن پيو پٽُ سونُ سري،

زيب ڪڙيون زينت جون، ظلم ڀــــايـــــان آءٌ ذري،

ياد پون ماروئڙا...

2- گلم، غاليچا، غـُـنچا، پلنگن پيا گل سڙي،

گل ڦل گولاڙن جا ويون ولڙيون واڌ وري،

ياد پون ماروئڙا...!

3- ڏٿ ڏونئرا جن ڏٺا، ڦوڳن پاسي ڦري،

سڱر جي کائن سرتيون تن آه ڳالهه ڳري،

ياد پون ماروئڙا...!

4- حاجي خانڻ چئي حب مئون، پيتمِ ڪيف ڪڙي،

پرين مون کي مانَ ملن، آهيان عيب ڀري،

ياد پون ماروئڙا...!

*

تو لئي سڪندي ٿيڙم سال، ميان،

ساريون صحبت، پئي ٿي سخت گذاريان، يار!

تو لئي...!

1- تنهنجي ڪارڻ سهڻل سائين! هـِـهـِـڙا ڪيڙم حال، ميان،

پايون آلفي ويٺي عشق اجاريان، يار!

تو لئي...!

2- ڪڏهن پرين جو قاصد ايندو، ويٺي وجهايان فال، ميان،

ويٺي واٽن تي جر وهايان، يار!

تو لئي...!

3- دَم ته حياتيءَ جي سـُـڌِ نه آهي، جيئن ڀايان جنجال ميان،

ويهي واٽن تي مان رندڙا نهاريان، يار!

تو لئي...!

*

پنهل کان پوءِ پاڙيچون، ڪـَـتي ڪهڙا ڪاجَ ڪاريندس!

پنهل کان پوءِ ...!

1- نڪو ٿم سنڱ، نڪو سياپو، آهيان گولي گگهيرن جي،

ڳچيءَ ڳل پاندڙو پائي، ميارون معاف ڪاريندس،

پنهل کان پوءِ ...!

2- ازل کئون اصل هو جيڏيون، برو ٿيو بخت ڙي ڀينر،

نه ڏيندس ڏوهه ڏيرن کي، نڪي ڪَرها ڪُهائيندس.

پنهل کان پوءِ ...!

3- اميد علي آهيان ٻانهون، ڌڻيءَ جي در ڀريان جانو،

اڱڻ جي خاڪ اکڙين سان، ٻاروچل جي ٻهاريندس.

پنهل کان پوءِ ...!

*

دل منهنجيءَ کي درد لايون، ڪـَـهه ڪندا ويا ڪيچ ڏي ڪاهيون!

1- ٿي اڻڄاڻ مون نينهڙو لاتو، چئي ڪنهن کي مون ڪين ٻڌايو،

باهه ڀنڀور کي ويندس لايون-

ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...

2- ڇا ڪندس تنهنجا پٽ پٽيهر، ڇا ڪندس تنهنجون محل ۽ ماڙيون،
نٿا وڻن تنهنجا کائڻ ۽ جايون-

ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...

3- چوي فقيرو ڏيرن ڏاڍ جو ڪيڙو، ڇا کئون ڇڏي پنهون ڪيچ جو ويڙو،
سنڱ سڙيءَ جو ناهي، ڪهڙي دعوا الايون،

ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...

*

ويندس آءٌ محب مري، تنهنجي ميان درد فراق ۾!

1- تنهنجي درد فراق ۾، چارئي پهر چري ڙي چري، ميان-

تنهنجي درد-

2- اچي منهنجي سور جي، کولـج دوست دري ڙي دري، ميان،

تنهنجي درد-

3- پيرون چونڊيندس پاند ۾، کٻڙن لام لڙي وو لڙي، ميان،

تنهنجي درد-

4- اديون شاهه لطيف چوي، ملندا محب وري ڙي وري، ميان-

تنهنجي درد-

*

لاڳاپا ويا لهي لهي ميان، شاهه حُسن واري شوق ۾!

1- بهشت دلاسو دوزخ دڙڪو، ڪوڙو آهي قبر جو کڙڪو،

ڊپ ڊاءُ ويا سڀ ڊهي ڊَهي، ميان،

شاهه حـُـسن واري شوق ۾...

2- عزرائيل کان اڳ هواسي، موتو قبل مري جياسي،

سير ڪيو سي سَهي سَهي، ميان-

شاهه حُسن واري شوق ۾...

3- شاهه نصير ميدان انهيءَ ۾، صوفن واري صاف صحن ۾،

خان ايندا ڪي کَهي کَهي، ميان-

شاهه حُسن واري شوق ۾

لاڳاپا ويا لهي...

*

عمر دير لائي ڇو اباڻن، ڏسي ڏوهه ڪهڙو ڏمر ڪيو ڏاڏاڻن-

عمر دير لائي...

1- جدا ٿئي جيڏين کئون سڪندي سال ٿيڙا،

وڇوڙي ويچاريءَ جا هيڻان حال ڪيڙا،

پري کئون پونهاريون ساهيڙيون سڃاڻن-

عمر دير لائي...

2- ڏکن ڪئي ڏهاڳڻ، جلي ويو آ جيرو،

مارو مائٽ مـُـئيءَ جا، ڪيئون ڪونه ڀيرو،

لُڇان روز روئي پڇان پيئي پيڪاڻن-

عمر دير لائي...

3- وساري ولهيءَ کي ڇني ڇو ڇڏيائون،

ڪري ڌار ڌاري گولي نا گڏيائون،

آهيان ننگ انهن جو سچ ڪري جي ڄاڻن-

عمر دير لائي...

4- لُلر ۽ لوڻڪ ٻيو مريڙو مٺو آه،

مکڻ ۽ ماکيءَ کئون، چکي جنهن ڏٺو آه،

کنڀيون کاڄَ خاصا مٺا کئو مٺاڻن-

عمر دير لائي...

5- الله پاڪ پرور اميدان پڄائيندو،

ميلو شير خان سانگن ساڻ ٿيندو،

امانت سلامت پڄايو نماڻن-

عمر دير لائي...

*

سانگي سانگ ويڙا! آلہُ تن کي آڻي،
ناهي ننڊ نيڻن کي نبي پاڪ ڄاڻي!

 

1- پکي ٿي- پرين ڏي وڃان جي اُڏامي،

سگهان ڪين اُڏري اندر بي آرامي،

سري ڪين ساعت ڳاري دل ڳاراڻي!

سانگي سانگ...

2- پڃري پائبند ٿيل قابو ڪوٽن آهيان،

ڪيس قيد قسمت پنهنجي وس آنءُ ناهيان،

دونهان درد دکن ٿا وسِ ڪين هاڻي!

سانگي سانگ...

3- شير خان دم دم آنءُ سانگين کي ساريان،

ڏکيا ڏينهن گوندر ۾ ويٺي گذاريان،

ويا سور سرتيون سيد جي ساماڻي!

سانگي سانگ...

*

جيڪي سـُـهڻو پاڻ سـَـڏايون ويا، اربيلون اکڙيون اڙايون ويا!
1- استاد اُهي جن پاڙهيو ٿي، درس محبت ڪاڙهيوءُ ٿي،
سـُـتي سورن ڀي سيکاريو ٿي، سـِـٽون سورن جون سمجهايون ويا!
                                            جيڪي سهڻو پاڻ...

2- عاشق اُهي اڙٻنگ هئا، دوست اُهي گلرنگ هئا،
وجهي واسينگ وارا ونگ ويا، سي ته سر تي ورهُ وسايون ويا!
                                            جيڪي سهڻو پاڻ...

3- جاتي دردن جا دڪان هئا، ڏک سورن جا سامان هئا،
وڏا عشق سندا اتي شان هئا، اُهي ماڳ هتئون ته مٽايون ويا!
                                            جيڪي سهڻو پاڻ...

*

جنجل نينهن نباهيو مون، پاڻئون ڏاڍن سان نينهن لايو مون!
1- آءٌ ڇا ڄاڻان انهن ڏکن مئون، سورن ساٿ سمايو مون!
                                                  پاڻئون ڏاڍن...

2- آءٌ اياڻي عشق نه ڄاڻان، عشق عجب سـِـر آيو مون!
                                                  پاڻئون ڏاڍن...

3- ستي پئي هئس سيج پلنگ تي، جانب ڪين جاڳايو مون!
                                                  پاڻئون ڏاڍن...

4- بيدل سان اچي مل مٺڙا، تنهنجي طلب تپايو مون!
                                                  پاڻئون ڏاڍن...

*

اچ آرياڻي اچ ميان، پنهل ڄام پـَـهچ ميان، موٽ وڇوڙو ٿو ماري!
1- آءٌ تان ڪوڙي آهيان، سيد آهين سچ ميان، لڳس تنهنجي لاري!
                                                 پنهل ڄام...

2- پنڌ اڻانگا ڀـِـٽون ڀاڻان، کنيم ڪونه خرچ ميان، پيڙس تنهنجي پناري!
                                                 پنهل ڄام...

3- آءُ ته پرچئون پاڻ ۾، ڪيئون ڳالهن ڳچ ميان، سڀ اندر جون ساري!
                                                 پنهل ڄام...

4- ايڏو شهر ڀنڀور جو، چيم ڪنهن نه سچ ميان، اهو مرم ٿو ماري!
                                                 پنهل ڄام...

5- سرتيون شاه لطيف چئي! من مئيءَ جي تي مـَـچ ميان، ويو ٻاروچل ٻاري!
                                                 پنهل ڄام...

*

هي مولود آڌيءَ رات جو چيو ويندو هو ۽ انهيءَ وقت سموريءَ فضا تي هڪ عجيب ڪيفيت اچي ويندي هئي:

مير مديني جو ڄام، اَلهه کڻي آندو،
ضعيفن جو زمان، مولا کڻي آندو!

 

1- قـَـد ڪريمن جي مٽُ نه جيڏيون، سرو سنوت ۾ نه آهي،
زلف ڏسي ٿي خجل کٿوري، مشڪ خـُـتن جو ڇاهي،
                بره جو بستان، آلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

2- آهوءَ کان وڌ عين عجيبن، نازڪ نڪ نوراني،
جوڙ شفيع جو گل نه گلابي، پاڪ سندن پيشاني،
                صورت جو سلطان، آلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

3- دوست بنان دل درد وڇوڙي، جيڪس ڪئي آهي ماندي،
سو ته دلين جو دلبر منهنجو، جنهن لئي هيڙس گهوري،
                مون وٽ سو مهمان، اَلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

4- اڄ عجيب اڱڻ مون آيا، ڀال ڀلي جا مون ٿي ڀايان،
پريل چوي تن پرين تئون، ڪهڙي مان گهور گهمايان،
                سر ڪيان قربان، آلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

*

ويڙ هيچن جا وڳر، آءٌ ڙي عمر!
ويهي هِتڙي ڪينءَ وساريان.
                                      ويڙهيچن...

1- سيج پلنگ تنهنجا ميان، الا! آڇ نه عطر عنبر-
                                 آءٌ ڙي عمر...

2- معاف ڪرايان مِيڙن سان ميان، الا! ڏيهاين جا ڏمر-
                                 آءٌ ڙي عمر...

3- ڏکيا سکيا ڏينهڙا ميان، الا! گذري ويندا گذر-
                                 آءٌ ڙي عمر...

4- لاه اَلہَ لڳ لوهَ جا ميان، الا! نور الحق [1] چئي نِيَر-

آءٌ ڙي عمر...

*

مارن ڌاران موت ووءِ، مون کي ماڙن ۾ آئيو-
        ووءِ! ووءِ! ووءِ! مو ن کي ماڙن ۾...

1- مٿي جنازي جڏيءَ جي، مانَ هلي اچي هوت-
        مارن ڌاران.... مون کي ماڙن ۾...

2- نجو مڙهه ملير ڏي، هت ٿيان جي فوت،

مارن ڌاران.....مون کي ماڙن ۾...

3- عبدالقادر ڪيئنءَ جيان، هت بنان مون هوت،

مارن ڌاران .....مون کي ماڙن ۾...

*

هن معذور مُئيءَ مٿا الا، ڀيرڙو هوت ڀڃي ويا!
1- ويٺي آهيان واٽ تي، ايندم هوت هتا، الا-
                                                    ڀيرڙو هوت...

2- چڙهي جبل چوٽئين، پاڻ ڪندس پرزا، الا-
                                                    ڀيرڙو هوت...

3- درد منهنجي دل کي، آهن اهنج اپا، الا-
                                                    ڀيرڙو هوت...

4- ڏسي عيب عجيب ميان، ويو ويچاريءَ وٽا، الا-
                                                    ڀيرڙو هوت...

5- اشرف چئي ان لاءِ، روئي نيڻ رتا، الا-
                                                    ڀيرڙو هوت...

*

ڇپر ۾ ڇوري الا، هوت ڇڏي ويا هيڪلي!
1- اديون هوت پنهل جي، مون کي لڳي آه لوري، الا-
                                         هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

2- ڪارڻ هوت پنهل جي، گهـَـٽَ گهمان گهوري، الا،-
                                         هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

3- ٻڌي ٻاروچو ويو، ڏکن جي ڏوري، الا-
                                         هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

4- اديون عبداللطيف چئي، هـُـئي برهمڻ ڀوري، الا-
                                         هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

ڇپر ۾...

*

وئي وهامي رات، الا، جاڳينءَ ڇونه جتن لاءِ!
1- ساٿ لڏيندي سڏ ڪـَـيئي، پنهل پنهنجي وات، الا-
                                                 جاڳينءَ ڇو نه...

2- مئي ماري هليا، ڪـُـهي ويا سان ڪات، الا-
                                                 جاڳينءَ ڇو نه...

3- توکي ڳـَـهـَـر ڳرو ڪيو، سنجهي ڪياءُ سات، الا-
                                               جاڳينءَ ڇو نه...

4- اديون عبداللطيف چئي، جت زور آور ذات، الا-
                                                 جاڳينءَ ڇو نه...

*

هوتن ڌاران هاڻ، الا، ڪينءَ جيئندس آءٌ جيڏيون!
1- ڏٺي جن کي ڏينهن ٿيا، الله سي ئي آڻ، الا-
                           ڪيئن جيئندس آءٌ...

2- سڪندي مون سال ٿيا، ڪا ڪيون ڪيچن ڪاڻ، الا-
                           ڪيئن جيئندس آءٌ...

3- صبر، سـُـک وڃائيو، رانول جي رهاڻ، الا-
                           ڪيئن جيئندس آءٌ...

4- اميدون اٿم احمد شاه چئي، پرين ايندم پاڻ، الا-
                           ڪيئن جيئندس آءٌ...

*

مئي ڪري معذور، الا! ڪيچي ڪالهه لنگهي ويا!
1- ڪوهيارو ڪانڌ ڪري، ڪيڏا پرايم سور، الا،
                               ڪيچي ڪالهه...

2- جانب جت ڪري ويا، مون سان ڪيس ڪلور، الا،
                               ڪيچي ڪالهه...

3- ساريو سپرين کي هتي، وڃين ٿي وهلور، الا،
                               ڪيچي ڪالهه...

4- ويا سُک سيد چوي، سنگت ٿيڙم سور، الا،
                               ڪيچي ڪالهه...

*

آءُ ورتيا [2] وجهه فار، وو پوٿيدار،

منهنجي پرين دير ڇو لاتي!

1- آءُ ورتيا سائين توکئون پڇان ٿي، ايندو جانب ڪي هوندو اوڏاهين،

تن ۾ اٿم ڏاڍي تار!

منهنجي پرين...

2- ڏور وڃڻ جي ڪر نه ڏاڍائي، جاڙ هڻي وئين جيءَ ۾ جائي،
                          نيڻين وهايان نار!

منهنجي پرين...

3- انس فقير چوي آهيان اداسي، ساهه سڄڻ وٽ بت هت باقي،
                        باري پيا سر بار!

منهنجي پرين...

*

ستي پرايم سور، ڙي، جاڳو! جاڳو! اَوَهي جيڏيون!
                                                   جاڳو جاڳو...

1- جاڳڻ سان مون جار نه ڪيڙو، پنهل مـُـئي جو تنهائون ويڙو،
يار ملاقي جن سان ٿيڙو، ٿيو حاصل تن کي حضور، ڙي!
                                                   جاڳو جاڳو...

2- اصل کان مان هيس اربيلي، سورن جندڙي ڪئي اٽڪيلي،
ڪل نه لڌڙيم سـُـتيس سويلي، آهي مون ڏاهن ڪل قصور، ڙي!
                                                   جاڳو جاڳو...

3- ننڊ نڀاڳيءَ وڌو نهوڙي، ڇوري ڇپر ۾ ڇڏي ويا ڇوڙي،
قلم رباني ڪير ٿو موڙي، ماريس انهيءَ مذڪور، ڙي!
                                                   جاڳو جاڳو...

4- حاجي خانڻ حق هڪوئي، مثل سيد جي ڀايان نه ڪوئي،
حال اوريندس تن سان روئي، پل پل پون پرين جا پور، ڙي!
                                                   جاڳو جاڳو...

*

جوڳي ٻيا ڀي گهڻان الا، سامي ٻيا ڀي گهڻان، الا-
                                منهنجو لکيو لاهوتن سان!

1- پورب کان پيدا ٿيا الا، جن کي منهن منجهه مڻيان، الا-
                                          منهنجو لکيو...

2- سينَ هيائون سـُـڃَ ۾ الا، جاتي گهرڙا گهڻان، الا-
                                          منهنجو لکيو...

3- اديون شاه لطيف چئي الا، اڳتئون شال وڻان، الا-
                                             منهنجو لکيو...

*

جوڳين هـُـئي ڪَل ڪا جا!
ڪيائون رمز سهي سندي رام ريجهائڻ!

 

1- ويٺا پڙهن ”وفي انفسڪم“ طرف ڇڏيائون طمعا جا-
                                              ڪيائون رمز...

2- پـَـهيون ٻنهي جهانن کئون، رهن آديسي آجا-
                                              ڪيائون رمز...

3- پايو منهن مونن ۾، ويٺا فڪر ڪن فنا جا-
                                              ڪيائون رمز...

4- گـُـرَ وٽان تن گودڙيـَـن، سبق پڙهيا ”لا“ جا-
                                              ڪيائون رمز...

5- عبدالله عاشق عجيب اُهي ئي، سامي سليم سٻاجها-
                                              ڪيائون رمز...

*

عاشق نام سڏاوَڻ سؤکا، اؤکا اُس پر رهڻان، جـِـي!
1- عشق سراسر خوني خنجر، سدا سيني وچ سهڻان، جـِـي!
                                                  عاشق...

2- طعنا تهمت ڪـُـلَ جي ملامت، عاشقان دي ڳل ڳهڻان، جـِـي!
                                                  عاشق...

3- باه بره دي ابراهيم والي، ٻلنديءَ وچ ۾ ٻهڻان، جـِـي!
                                                  عاشق...

4- عبدالله ڪسڻ قبوليا، لاشڪ هي سر لهڻان، جـِـي!
                                                 عاشق...

*

مست پيالا محبت والا، پيوين ته سر دا سانگا ڇوڙ!
                                                  مست پيالا...

1- ڪات ڪنون ڪنڌ ڪڍڻ ڪچائي، مرڻ ڪـَـنون هڻ منهن نا موڙ!
                                                  مست پيالا...

2- عاشقي چاوڻ سري لڪاوڻ، ورهَ دي وچ هئي وڏا وڳوڙ!
                                                  مست پيالا...

3- تيغ عشق دي تيز تکيري، ڏئي جند عاشق تنهن نون ڇوڙ!
                                                  مست پيالا...

4- ڏئي سر عاشق عشق بازيءَ ۾، ٽـَـڳا دنيا جا سڀ تون ٽوڙ!
                                                  مست پيالا...

5- عبدالله صلاح اهائي، لاوڻ نينهن نڀاوڻ توڙ!
                                                  مست پيالا...

*

عشق ڪيس عريان، صبر سڀوئي سڪ وڃايو!
1- حنفي حنبلي عشق نه ڄاڻي، شافعي مالڪ فرقَ ڏي تاڻي،
                        ڪيا ڄاڻي نعمان!

صبر سڀوئي...

2- ميم لٿي ير احمد ڇاهي، سڪ وارا ويا اوڏانهن ڪاهي،
                        قرب ڪيا قربان!

صبر سڀوئي...

3- عرب عين ريءَ سمجهه ته ڇاهي، عبدالله[3] ڇڏ عبد کي لاهي،
                        ترڪ سنت طغيان!

صبر سڀوئي...

*      *      *

خان وڏي کي لطيفا، مثالي ٽوٽڪا ۽ قابليت جا قول پڻ سون مـَـنهن ياد هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو ٽوٽڪو هڻي وجهندو هو، جو ويٺلن کان ٽهڪ نڪري ويندا. ارمان آهي جو انڌو ارواح هڪ لطيفو به ياد رکي ڪونه سگهيس.

خان وڏي جي عمر جو سج نيرڙيءَ ٽپهريءَ تي اچي پهتو هو، ليڪن هن ڪڏهن اهو محسوس ڪونه ڪيو ته صبح ويو، سج مٿي آيو، منجهند ٿي، پاڇا لڙيا، ٻپهريءَ مان به ٽپي سج اچي لاڙون ٿيو آهي. هميشہ خوش، هردم جوان، هر وقت شگفته، ڀائيندو هو ته عمر جي اڃا هاڻي باک ڦٽي آهي. ڳالهه نڪرندي ته چوندو:

”بابا! جسم جهريو ته ڇا ٿيو؟ دل جوان هجڻ گهرجي. مزاج تي بهار رهڻ کپي. مايوسي بزدلي آهي. گوشہ نشيني ڀاڄِ Escape آهي. جيسين جئرو رهجي، تيسين منهن ڏبو اچجي. موت اچي ته به مرڪي منهن ڏجي. ميان حسام الدين! موت به آسان انهن جو ئي ٿيندو آهي، جيڪي مڙس هوندا آهن، جن جي حياتي مرڪندي گذرندي آهي.“

خدا جو شان، پاڻ به اها منزل ڏاڍيءَ آسانيءَ سان ٽپي وڃي پار پيو. دستور اهو آهي ته گذريل زمانن کي ياد ڪيون هر ڪو ٿڌا شوڪارا ڀري پيو ڪندو آهي.

”هاءِ هاءِ! ڪهڙا ڏينهن هئا!“

ليڪن خان وڏو چوندو هو:

”ير، ڪهڙا ويهي شوڪارا ڀرجن ۽ ٿڌا ساه کڻجن. ماضي، حال، مستقبل، سڀ هڪجهڙا آهن. انسان ويچارو ويساري جوگهر آهي، يادگيريءَ جو ڪچو آهي، نه ته ميان حسام الدين شاه سائين! حال ۽ ماضيءَ ۾ ڪو فرق ٿئي ٿو ڇا؟ حال کان ڪو ماضي چڱو هوندو آهي ڇا؟ ماڻهو اجايون حال کان بيزار ٿي ماضيءَ تي پيا شوڪارا ڀرايندا آهن! نه! نه! ڪهڙو ڪم؟ اها بلڪل اٻوجهائي آهي.“

مان چوندس:

”آغا سائين! يعني چئبو ته اهو چوتياپو آهي؟“

کلي ويهندو:

”ير، ائين ڪو چئبو؟ ڪيترا سمجهه جا صاحب به چـُـڪ ڪندا آهن!“

ڪيترن پاڻ جيڏن سان سنگت هوندي هئس، ليڪن پنهنجي سامنهنن خان وڏو انهن کي به نه ٿڌا شوڪارا ڀرڻ ڏيندو نه گذريل زماني تي آهان ڀري ياد ڪرڻ ڏيندو. ويٺو انهن کي به کلائيندو، لطيفا ٻڌائيندو، عقلمندن جا قول ۽ نڪتا سڻائيندو. ڪوشش اها هوندي ته پوڙهن جي دلين تي جيڪا مايوسي آهي، سندن طبيعت تي جيڪا ٿڪاوٽ آهي، هنن جي مزاج ۾ جيڪا بيزاري، ترشي ۽ نراسائي آهي ان جي اثر کي زائل ڪندو رهي.

سندس ننڍي فرزند صدرالدين خان جي شادي ٿي. مرحوم باغ باغ هجي. مون کي ڪراچيءَ کان خاص طرح گهرايائين. ڏٺم ته خان وڏو پنهنجي بنگلي جي وڏي ڪمري ۾ هڪ کٽ تي ڦـَـڻ ڪڍيون ويٺو آهي. سندس چوڌاري پنج - ست سفيد ريش کٽن تي آهليان پيا آهن- ڪي آسيرا، ڪي پاسيرا، ته ڪي شرط سنوان نوان. ڪن جو لٺيون پاسي ۾ رکيون آهن ته ڪن جا لڪڻ کٽن جي تانگهن ۾ اڀا ٿيا پيا آهن. خان وڏو مون کي ڏسي در تي نڪري آيو:

”اچي وَيئو!...

”لک ڀلايون! سوين قرب!...

”ڏاڍو چڱو ٿيو!“

عرض ڪيم:

”آغا سائين، ٽپهري ٿي وئي آهي، پاڇا اچي لڙيا آهن. هلو ته ٻاهر ويهون.“ کلي، منهن ڪَنَ ويجهو آڻي چيائين:

”هي ڪونه ٿو ڏسين، سڀ اڄ، سُڀهن تي آهن. مان توسان هلان ۽ پٺيان ڪو گهرڪي پوي؟ ڇا  ڪجي يَرَ، آغا [4] جو چارج ۾ ڏئي ويو آهي.“

گل حسن خان[5] اندران رڙ ڪئي:

”خان! ضرور اسان جي گلا ڪندو هوندين؟“

”ها! ها! ها! ها!“

پٽ ٿي پرڻيس. دل جون مرادون ٿي پـُـنس، سو ان ڏينهن خان وڏو سچ پچ ته جوان هو. ڀلا پوڙهن تي ڪيئن ٿي اک ٻـُـڏَس؟

*      *      *

ڪراچيءَ جي راڻي باغ ۾ ڪيترن سالن کان ڪراچيءَ جا عمر رسيدا بزرگ شام جو اچي گڏ ٿيندا هئا. اصل ۾ ته پهريون  هرڪو گهران باغ ۾ چهل قدمي ڪرڻ ايندو هو. گهمندي ڦرندي هڪٻئي سان واقفيت ٿي. پوءِ راهل مائل ٿيا. ان کان پوءِ واهپو وڌيو ۽ آخر ۾ هڪٻئي جا سنگتي ٿي ويا. هاڻي چهل قدمي ڪرڻ جي بجاءِ باغ ۾ هر روز گڏ ٿي، بينچن تي ويهي، پراڻي زماني جا قصا ڪٽيندا هئا.

”ڇا ته ڏينهن هئا!...

”هاءِ ڙي زمانا!...

”ها سائين، ويا ڏينهن گذري!...

”هاڻي ڇا ٿيندو!...

”اهي ڪي ڏينهن هئا!“

آهون...

ٿڌا شوڪارا- ۽

هاءِ! واءِ!

اهي بزرگ شام جو ويهي جيڪا مجلس ڪندا هئا، ان جو اجهو اهو ماحول هو. ايندڙ ويندڙ کي پيو ائين لڳندو هو ته سڀئي ڄڻ پنهنجي بت مان بيزار آهن. جوان مردن ۽ نوجوان زالن تي جڏهن نگاهه پوندي هـُـين، تڏهن سندن چهرن تي ڪيترا وڪڙ نمودار ٿي ويندا هئا- حسرت غصي جو روپ اختيار ڪندي هئي. بي وسي مـَـسهائپ جو ڌارڻ وٺندي هئي. کل يا ٽهڪڙو سالن جا سال لنگهي ويا، ايندڙ ويندڙ ته ٺهيو پر خود مستقل رهندڙ ماڻهن ۽ چوڪيدارن کي به ياد ڪونه هو ته ڪو هنن جي ڪن پيو. البت ڪن جي منهن تي مشڪ، اها به ڪڏهن ڪڏهن مهني ماسي لحظي کن لاءِ ظاهر ٿي پوندي هئي- سا به ائين جيئن ڄڻ ڪڪرن ڀريءَ ڪاريءَ رات ۾ چنڊ جو ڪو ڪرڻو ڪڪر جي ڪنهن سوراخ مان لياڪو پائي وري لڪي وڃي، اوچتو، ذري ساعت ۽ اک ڇنڀ لاءِ.

بِلا ناغي، هرروز، جهـُـڙ هجي چاهي مينهن، ڳڙو هجي چاهي طوفان، گرمي هجي چاهي سردي، لڪڻ يا لٺ هٿ ۾ کنيون، ڪو منڊڪائيندو، ڪو چيلهه کي موڙا ڏيندو، ڪو هڪ هٿ لڪڻ ۾ ۽ ٻيو ڪمر تي رکيون، ڪو ڪنجهندو، ڪو ڪڻنڪندو، کنگهندو ۽ کانگهارا اڇليندو اچي راڻي باغ ۾ رسندو. باغ جا مالهي به واقف ته چوڪيدار به سڃاڻو. ’چنان جور گرم‘ وارا به شناس ته سگريٽن ۽ پان ٻيڙيءَ وارا گهورڙيا به آشنا. ڀلا روز جو چار چشمي پـِـئي ٿي، بـِـلا ناغي! سامهون ڪيبن ۾ جيڪو مڪراني چانهه وارو هو، سو ته ابتدا ۾ منجهن ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو، ليڪن جڏهن ڇهن - ٻارنهن مهينن ۾ به کيس ’ٻوهڻي‘ نصيب نه ٿي، تڏهن هن جي پاليسي بدلجي ويئي، بلڪ جڏهن کين ايندو ڏسندو هو، ان وقت خارون وٺي وينديون هيس ۽ باٽليءَ جي ميري پاڻيءَ مان جيڪو ڇوڪرو ڪوپ ٻوڙي وري ڪيٽليءَ جي ڀڪ ۾ پيو رکندو هو، ان کي چوندو هو:

”اڙي! اچن ٿا!“

”هائو، روز ڀڳا بيٺا آهن.“

”ٿيا جو گهر کان واڌارا.“

”جائي ٿو چوين، گهر ۾ ڪير ليکيندو هوندن!“

جڏهن ڪارپوريشن جو ديسي ايڊمنسٽريٽر بدلجي ويو ۽ انگريز اچي راڻي باغ مان دخل پٽايا، تڏهن هن چانهه واري مڪرانيءَ جي ڪيبن به کڄي ويئي. انهيءَ وقت مڪرانيءَ کي اچي سوسو ٿيو ته شايد انهن بزرگن جي ادب نه ڪرڻ سبب کيس اهو نقصان پهتو!

پهريون اهي پريامڙس ڇُڳا ڇُڳا ٿي، پري پري پيل بينچن تي ويهندا هئا. جڏهن ماڻهن ۽ چوڪيدارن کي ڪهل آئي ۽ هنن محسوس ڪيو ته ايترو فاصلو وجهي ويهڻ به ويچارن جي هم آهنگيءَ ۾ بي ربطي پيدا ٿو ڪري، تڏهن هنن باغ جا دستور پاسيرو رکي، سڀئي بينچون سوري، کين هڪ جاءِ تي ڪري ڏنيون. پوءِ ته ڄڻ سندن لاءِ بهاريون ٿي پيون. نيٺ هو به ته راڻي باغ جو جزو ٿي ويا هئا، ائين جيئن راڻي باغ جي ”زُو“ جو حصو. ماڻهو جيڪي زُو ڏسي، اتان اچي لنگهندا هئا، سي هڪ نظر هنن تي به وجهيون پوءِ پيا اڳتي وڌندا هئا.

ڪنهن کي زريءَ جي پراڻي بنارسي پڳڙي ته ڪنهن کي رنگارنگي ٽوپي، ڪو ترڪي ٽوپيءَ ۾، ڪنهن کي ڪـُـلي تي پشوري پٽڪو، ڪنهن جو ڪوٽ چوغي نما ڪنهن جو شارٽ ته ڪنهن کي خاڪي ڊرل جو فوجي نمونو، ڪنهن جي هيٺ تي پتلون، ڪنهن کي پاجامو، ڪنهن کي شلوار ته ڪنهن کي پـُـليسي پينٽ. عينڪون گهڻو ڪري سڀن جي اکين تي چڙهيل. ڪنهن جي نور کي گهٽ نقصان ته ڪنهن جو صفا نـِـستُ، تنهنڪري ڪنهن جا شيشا ٿلها ته ڪن جا ٿورا سنها. ڪن جا ته مورڳو ٻنهي اکين جا شيشا هڪٻئي کان مختلف، هڪ اک ٻئي کان زياده ڪمزور! لٽا ڪپڙا سڀن کي، کٿل ڪونه البته پراڻي وضع قطع جا. قميصون ۽ هيٺ جو لٽو هر جمعي تي بدلائيندا هئا، ليڪن ڪوٽ ۽ مٿي جي پوشاڪ کي هٿ نه لاتائون. ڪن جا ڪوٽ تڏهن جا هئا، جڏهن هو نوان نوان صوبيدار برٿي ٿيا هئا. ڪن رٽائر ٿيڻ کان ٿورو اڳ سبايا هئا. ڪن جي ڪوٽن کي ايڏو عرصو گذري چڪو هو، جو خود مالڪن کي به ياد ڪونه هو ته هنن ڪڏهن ۽ ڪنهن کان ٺهرايا. ڪي ڪوٽ ته ايترو پراڻا ٿي لڳا، جو انهن جو اصلي رنگ - زمانا ٿيا جو ڦٽي چڪو هو، ۽ استعمال ٿي ٿي ڪپڙو به گاٺ ڪري ويو هين. ڪالر ۽ ڪفن تي گهڻو ڪري ڌاريون چتيون پيل هيون. بوٽ سڀني کي انگريزي نموني جا هئا، پر اهڙا اولڊ ماڊل، جن کي نئينءَ پوشِ ته - جڏهن کان سانڀر ۾ آئي هئي تڏهن کان، بازار ۾ وڪامندو ڪونه ڏٺو هو. ڪن جا منهن ٿلها بلٽاڪ جهڙا بدزيبا، جن کي پرين مڙسن ’گرگابي‘ سڏيو ٿي. ڪن جي ٽو سنهي، ڪي ڪـَـهـِـن سان ٻڌل ته ڪي ڪَهِن جي بجاءِ ڪلپ سان بند ٿيل. ڪن کي ڪارو پيٽنٽ پمپ، جنهن جو به بو اُڏي ويل، ته روغن جون به چتيون چتيون لٿل. ڪن کي لانگ بوٽ، ٿلهي چمڙي جا نه بلڪ گليسڪـِـڊ جا، جيڪي جڏهن خريد ٿيل هئا، تڏهن ته ڏاڍا نرم جهڙا ريشم هئا، ليڪن هاڻي ايامن پڄاڻا گهڻي قدر سخت ٿي ويا هئا ۽ ڪٿان ڪٿان موچيءَ جا موٽا ٽوپا به ڏنل هين. بهرحال نمونا مختلف ليڪن سڀئي هڪجهڙا رسيدا ۽ سرد گرم چشيدا، ۽ حال ۾ به هڪٻئي کان ڪو ٿورو ڪَسُ ڪَسر، يعني نه صفائي نه رنگ روغن! ڪن ته سڄيءَ عمر ۾ رنگ جو منهن نه ڏٺو هو ۽ ڪن کي جيڪڏهن هڪ - اڌ دفعو نصيب ٿيو ته به انهيءَ زماني ۾ جڏهن ڪوبرا پالش Cobra Polish اڃا نئين نئين ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ آئي هئي، جنهن جي چوڪنڊين شيشين تي لکيل هوندو هو ’ميڊ اِن انگلنڊ‘. خير، اهو ته ٿيو معاملو پهر پوشاڪ جو، جنهن جو اونو جوان ڪن، هي ويچارا عمر جي شام ۾، ڪهڙا ويٺا ٺٺ ٺانگر ڪن! مڙئي ٿيو کين انگ ڍڪڻو. انهن وڏجـُـڳاين بزرگن جا جسم ته جهور هئا، ليڪن سندن منهن جي تختي به اهڙو بدلجي ويل هئي، جو چتائي ڏسڻ کان پوءِ به پتو ڪونه پوندو هو ته جوانيءَ ۾ نڪ نقشو ۽ خط خال ڪهڙو هين! سڄو منهن گهنج گهنج. کل کي قدرتي روغن جيڪو نرم ۽ چمڪيدار ڪيون بيٺو هوندو آهي، سو ڪن ايامن کان ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻي کَلَ سڪي اُبڙٺ ٿي پئي هئي. مسام به ڪڏهن جا بند ٿي چڪا هئا، جنهن ڪري سردين ۾ منهن کي جيڪو تيل لائيندا هئا، اهو جذب ٿي ڪونه سگهندو هو ۽ هميشہ پيو سندن منهن  تي جرڪندو هو. اکيون عينڪن جي اندران ائين ٿي لڳيون ڄڻ ڪڏهن انهن ۾ نه اوجر هو، نه نور ۽ نه نظر، جهڙيون مـُـرديون، ڄڻ ڪنهن ساهه نڪتل ماڻهوءَ جون آهن، ويران، اڇيون ۽ ڀوائتيون. سندن سُنهارين ۽ مٿي جي وارن کي به ڪو شيپ ڪونه هو. جن کي ڏاڙهيون هيون، انهن جي به سـُـڌ ڪانه ٿي پئي ته اصل ۾ هنن جي طبيعت ڪهڙيءَ ڪَٽَ تي هريل آهي، ۽ جن تي صافي گهميل هئي، تن جا وار به هميشہ کل کان ٻاهر پيا ڏسبا هئا ته ڪـَـرَ ڪڍيون بيٺا آهن. عمر ۾ به انهن بزرگن جي ڪو زياده فرق ڪونه هو. ڪو سال اڌ هيڏي يا هوڏي، ورنه گهڻو ڪري سڀئي يڪ سـَـنان. جڏهن مولو مسافرخانو ٺهيو پئي، ان وقت ڪنهن کي شايد ريخ ٿي لٿي. جڏهن پورٽ ٽرسٽ واري جاءِ جڙي بيٺي هئي، تڏهن ڪنهن اسڪول ۾ ستون درجو پاس ڪيو هو. جڏهن بندر روڊ وارو ٽرام پٽو نڪتو ۽ ٽرامون گهوڙن تي هلڻ شروع ٿيون، ڪو ان وقت ڪچ بالغ هو. جهونا مارڪيٽ ۽ کڏي جي وچ ۾ جيڪي پاڙا آهن، سي اڃا ٺهيائي ڪونه هئا، ته ڪو ان وقت ڏاڙهي مڇن جي ساوڪ ۾ هو. لارينس روڊ واري ايڊلجي ڊنشا هاسپٽل جا اڃا کڏا ٿي کنيا، جو ڪنهن مـَـس پاڪي کنئي هئي. مطلب ته اهي سڀئي صورتون انهيءَ تـُـور جون هيون، جيڪو انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ستت ئي مائن جي پيٽ مان نڪتو هو. منجهان ڪنهن کي ميريٽ روڊ تي لوهه جو دڪان هو، جنهن ۾ هاڻي سندس پوٽو ويهندو هو. ڪو بيلجمي شيشي جو واپاري هو، ليڪن تقريباً ويهن سالن کان سڄو مال ملڪيت پٽن ۾ ورهائي، پاڻ ڌنڌو ڇڏي، گهر ۾ الله الله ڪري رهيو هو. ڪنهن سنڌ مدرسة الاسلام جي ماستريءَ تان مدت ٿي، جو پنشن ورتي هئي. ڪنهن کي پوليس جي سپريڊنٽيءَ تان رٽائر ڪئي 25 سال ٿي چڪا هئا. ڪو جوانيءَ ۾ فوج اندر ميجر صوبيدار هو ۽ ”پهرينءَ لام“[6] کان اڳ ئي پاڻ آن فٽ ڪرائي، اچي گهر ويهي رهيو هو. ڪنهن کي اصل ته ڪپهه جو وڏو ڌنڌو هو ۽ شروع ۾ ’راليءَ‘ وارن سان به ڀائيواري هيس، ليڪن پوءِ سٽا هڻندي کـُـٽي پيو هو ۽ بس ايترو بچايو هيائين، جنهن مان مرندي تائين لولو مکي کائي! انهن مان پوليس صوبيدار به رهي چڪو هو ۽ انهيءَ ئي سپريڊنٽ جي هيٺان رهي چڪو هو، جيڪو هاڻي ساڻن گڏ بينچن تي ويٺو ٿي. هن وقت سڀ هڪجهڙا هئا. منجهن ڪوبه فرق ڪونه هو. انهن پرين مڙسن ۾ هڪ ٻه ميمڻ به هئا، جن کي ڪنهن زماني ۾ صدر بازار اندر وڏيون ڇاپان هيون، ۽ هنن سنڌ جي زميندارن کي جيڪو اوڌر تي مال ڏنو، ان جا پيسا وصول ٿي ڪونه سگهيا، جنهنڪري پاڻ قرضي ٿي، آخر ۾ ڏيوالو ڏيئي ويٺا هئا، ۽ انهن کنڌن جون بنديون ۽ لکي ڏنل پرامزري نوٽ اگرچ مدي خارج هئا، ليڪن بطور يادگار اڃا به سانڍيون ٿي آيا. هاڻي فقط ايترو هين، جو مانيءَ ٽڪر پورو ڪري سگهيا ٿي.

انهن وڏ- جُڳائن جي هڪٻئي سان ڏاڍي محبت ۽ خاطري هئي ۽ هڪٻئي جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. ۽ هڪٻئي کي جڏهن مخاطب ڪندا هئا، ته اصلي عهدي جي لحاظ سان، يعني ’سيٺ صاحب‘، ’ماستر صاحب‘، ’سپريڊنٽ صاحب‘، ’صوبيدار صاحب‘، ’ميجر صاحب‘، ’سردار صاحب‘، ’خان صاحب‘. اهو تخاطب هنن کي هر وقت پنهنجي اقبال منديءَ وارو زمانو ياد ڏياري سرور پهچائيندو رهيو ٿي. ازان سواءِ وڏي ڳالهه اها هئي ته رٽائر ٿيڻ يا ڌنڌن بند ٿي وڃڻ بعد جيڪو منجهن احساس ڪمتري پيدا ٿيو هو، سو به انهيءَ طرز تخاطب سان زائل ٿي ويو ٿي، ڇاڪاڻ ته اڃا به هو پنهنجن اصلوڪن عهدن ۽ منصبن جي لحاظ سان مخاطب ڪيا ٿي ويا.

حاصل مطلب اهو ته هن عجيب غريب سنگت ۾، ۽ پرين مڙسن جي انهيءَ رنگارنگي مجموعي ۾، سڀني قسمن جا ماڻهو هئا. سڀئي تجربي جا صاحب، سڀئي پڙهيل ڪڙهيل، ۽ مڙني زمانو ايترو طويل گذاري پار ڪيو هو، جو کين پنهنجي عقل جي پختگيءَ تي پورو پورو بانور هو- ايترو اعتماد ۽ يقين جيڏو کين انهيءَ آفريڪي چٻري جي موجود هجڻ تي هو، جيڪو کانئن ٿوري فاصلي تي زوءَ ۾ هڪ وڏي پڃري اندر بند هو ۽ جنهن جو آواز پنهنجي ويٺي تائين اهي بزرگ پنج ڏهه دفعا روز ٻڌندا هئا- بلڪ هڪ ٻه دفعو ته سڀني صلاح ڪري گڏجي وڃي ان کي ڏٺو به هو، ايڏي ذوق ۽ حضور قلب سان، ڄڻ ٻنهي ڌرين ۾ ڪو روحاني تعلق آهي. آفريڪي چٻرو- عجيب و غريب ڪنڌ هيٺ، هر وقت اکيون بند، ڄڻ ڪنهن وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، مٿو وڏو، جنهن ۾ گمان پئي ٿيو ته وڏي جڳ جو آهي، تنهنڪري تجربو به اوڏوئي هوندس، ڪڏهن ڪڏهن فڪرات مان جڏهن ڪنڌ مٿي کڻي، اکيون کولي، ڏاڍيان وٺي ٿي ڪيائين ’گُهرُڙ...گُهرُڙ...گهُرُڙ... گهُرڙُ‘، تڏهن نه ڇڙو زوءَ جي سڀني رهاڪن جا ڪن کڙا ٿي ويا ٿي، بلڪ اسان جي هنن پرين مڙسن به گهڙي کن لاءِ زير بحث مسئلي کي نظرانداز ڪري اوڏنهن توجهه ڪيو ٿي.

اهي سڀئي صاحب در حقيقت، سواءِ انهن چند بزرگن جي، جيڪي منجهند تائين به ”ضروري حاجتن“ کان فارغ ٿي نه سگهندا هئا، باقي سڀ گهر ۾ ٿورو وقت گذاريندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين گهر ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته گهر وارا به کين پاڻ تي بار سمجهي هميشهه پيا سندن سامنهن اچڻ کان نٽائيندا ۽ ڪيٻائيندا هئا. هو سويرو نڪري وڃي فٽ پاٿن جي انهن بئنچن تي ويهي رهندا هئا، جيڪي وڏن وڏن وڻ جي ڇانوهري هيٺ پيون هونديون هيون ۽ منجهند تائين ويٺا خدا جي جهان جو رنگ ڏسندا ۽ دل وندرائيندا هئا. اهڙيون بئنچون ڪي ”سعيد منزل“ وٽ پيل آهن، ڪي ماما پارسي گرلس اسڪول جي سامهون، ته ڪي جانورن جي اسپتال جي قريب .ڪي صاحب وري صدر ۾ ڪنهن دڪان جي وڌاوڙن تي ويهڪ رکي پيا وندر ڪندا هئا. انهن سڀني کي هلندڙ زماني جي دلچسپ واقعن سان به دلچسپي هوندي هئي، ليڪن اهڙن واقعن کي معلوم ڪرڻ لاءِ هو اخبار ڪونه خريد ڪندا هئا، بلڪ انهيءَ ئي اخبار مان ڏٻيءَ اک سان ڏسي ڪم ڪڍي وٺندا هئا، جنهن کي ساڳيءَ بئنچ تي پاسي ۾ ويٺل ڪو اخباري شوقين پيو غور سان پڙهندو هو، يا ڪن کي صدر جي ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ دڪانن جي اُنهن وڌاوڙن تي ويٺي ويٺي ئي، وڏا وڏا واقعا لنگهيندڙ پائيندڙ کان معلوم ٿي ويندا هئا. شام جو جڏهن سڄي سنگت گڏ ٿيندي هئي، تڏهن انهن واقعن تي پنهنجي عقل ۽ وسيع تجربن جي روشنيءَ ۾ ويهي غور ڪندا هئا، ۽ آخر ۾ گهڻو ڪري متفقه راءِ ٿي اٿندا هئا. هڪ اڌ کي ڪڏهن ڪڏهن اختلاف راءِ به ٿي پوندو هو، جنهن لاءِ وٽن ڪي ئي دليل هوندا هئا ۽ اڳ ۾ به هو ڪيترن ئي واقعن کي ساڳين دليلن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي چڪا هئا! پر موجوده دور جي واقعن تي کين توجهه ڏيڻ جو گهٽ موقعو ملندو هو. هنن وٽ ته گذريل زمانن جا ئي ايترا داستان سانڍيل هئا، جو جڏهن ڪا ڳالهه اچي نڪرندي ته هرڪو پيو ڪندو:

”هائو سائين، هائو!“

”ڪاڏي اُهي زمانا، ڪاڏي هي!“

”اُهي ماڻهو ئي مري ويا!“

”مڙئي قادر جي قدرت آهي!“

”هاءِ! هاءِ!“

هر ڪنهن جي ذهن ۾ پراڻي زماني جا نقش اڀري ايندا. ان وقت گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي ويندي. هرڪو ڪنڌ هيٺ ڪري گَهريءَ سوچ ۾ پئجي ويندو. جڏهن اوچتو سامنهن آفريڪي ڊُول چٻرو وٺي ڪندو گهرُڙ... گهرُڙ... گهرُڙ، ان وقت سندن ڪنڌ ڌيري ڌيري مٿي ٿيڻ شروع ٿيندا، ڄڻ اوچتو کين ڪنهن ڌونڌاڙي ننڊ مان اٿاريو. ڪن کان ٿڌا شوڪارا نڪري ويندا، ڪي پنهنجي آهـُـن کي وات تي آڻي وري کائي ويندا، ڪن ويچارن کان ته بي اختيار نڪري ويندو:

”ايس، پي صاحب! ڇا ڪجي، هي ڏينهن به پاڻ کي ڏسڻا پيا!“

دراصل انهن بزرگن جون عمريون ضرورت کان زيادهه تجاوز ڪري چڪيون هيون، ۽ ڪابه ڳالهه جڏهن حد کان ٽپي ويندي آهي، تڏهن اها غير طبعي ٿي پوندي آهي، سو هي پريا مڙس به هاڻي انهيءَ غير طبعي دور مان گذري رهيا هئا، ۽ اهوئي دور آهي جنهن ۾ پنهنجا به ڪڪ ته پرايا به بيزار هوندا آهن.

*      *      *

اسان جي خان وڏي، راڻي باغ گهمندي، زوءَ مان ٿيندي، انهيءَ آفريڪي چٻري کي تعجب مان ڏسندي، جڏهن هنن بزرگن سان اچي ’چهار چشمي‘ ڪئي، ان وقت سڀن تي استغراق جو عالم هو. ڪن جا ڪنڌ هيٺ، ڪن جون اکيون بند، ڪو آهستي جهوٽيو ٿي، ۽ سامنهن واري بينچ تي جيڪي ٽي ڄڻا ويٺا هئا، انهن مان ٻه مٿي کي هٿ ڏيون ڪنهن وڏي فڪرات ۾ محو هئا- مايوسي، اندوهه، ياس، حسرت، تلخي، ڪرختگي، بيزاري، ۽ آخر ۾ سرد آهون، ٿڌا شوڪار، ۽ هاءِ! واءِ! اهي انهيءَ ماحول جا مختلف عنوان هئا، جنهن کي خان وڏي وڃي ڏٺو. خان وڏي انهيءَ سڄي مذڪور جو جائزو وٺي سڀ کان پهريون ته انهن بزرگن جي بينام مجلس کي نالو ڏنو:

’مجلس محققين!‘

اسان کي جڏهن سڌ پئي، تڏهن پڇيوسي:

”خان وڏا اهو نالو ڇو؟“

خان جيڪي دليل ڏنا، سي برابر دل سان ٺهڪي آيا. واقعي اهي سڀئي محقق هئا. جڏهن ڪوبه مسئلو درپيش ٿيو ٿي، ان وقت هرهڪ ايڏي Authoritative نموني سان بحث ٿي ڪيو، ڄڻ انهيءَ خاص موضوع تي هن سڄي زندگي پئي تحقيق ڪئي آهي ۽ سندس قول هن وقت سَنَد جي حيثيت رکي ٿو.

مستقل طرح جڏهن خان وڏي انهيءَ مجلس ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن ماحول ۾ وڏي تبديلي اچي وئي. سڀ کان پهريون لطيفا ٻڌائي انهن بزرگن جي رڳن ۾ نئون ساهه خان وڌو. سڪل جسمن ۾ جان ان کان پوءِ آئي. طبيعتن تي چڙهي ويل ڪٽ انهيءَ بعد ئي لٿي. دماغن تي جيڪو سـُـڪـُـر ۽ دلين تي جيڪا غنودگي هئي، اها تڏهن لٿي جڏهن خان قول اقوال ٻڌائڻ ۽ مثالي مصراع، بيت ۽ ڏوهيڙا ڏيڻ شروع ڪيا. ذهنن ۾ شگفتگي تڏهن آئي، جڏهن خان وڏي جا دلچسپ فقرا ۽ ننڍڙا نڪتا، لفظن جون مزيدار معنائون پهريندا، ٽهڪن ٽهڪڙن جي جهوليءَ ۾ جهوٽا کائيندا، فضا ۾ منتشر ٿيا. انهيءَ کان پوءِ ئي ماضيءَ جي اندوهناڪ يادن جو نقش دماغن تان مٽجڻ لڳو، روح ۾ شگفتگي اچي وئي، جسم توانائي محسوس ڪئي ۽ گفتگوءَ جا نه فقط موضوع بدليا ۽ عنوانن جو دائرو وسيع ٿي ويو، بلڪ انهن ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ ڀرجي ويا. خان وڏو گويا سڀني کي ماضيءَ جي اونداهن غارن مان، جتي فقط چٻرن جا گهر، چمڙن جون وٺيون ۽ انهن جون ويهڪان هيون، ڪڍي، زوريءَ ٻاهر جهٽي آيو، جتي هاڻي روشني هئي، تازي هوا هئي، ان کان وڌ ته زندگي ۽ زندگيءَ جون گهڻيون ئي رعنائيون ۽ رونقان اڃا باقي هيون. ان وقت سڀني ائين محسوس ڪيو جيئن ڪو نٽهڻ اُس مان نڪري اچي پاڇي ۾ پيو، ڪنهن وڏي وڻ جي ڇانوهري هيٺ، جتي ٿڌڪار هجي ۽ ٿڌي هير پئي هلي، جتي رڳ رڳ ٺري پوي ۽ لونءَ لونءَ ۾ للڪار اچي وڃي، ڄڻ سڄي من جي مونجهه لهي پوي ۽ مسئلن تي منجهن ”ڊسڪسشن“ ٿيڻ لڳو. سياسي معاملا، انٽرنيشنل مسئلا، ملڪي ڳالهيون، مذهبي ۽ شرعي مسائل، نه فقط اسلامي بلڪ غير اسلامي مذهبن تي به ٽيڪا ٽپڻي ٿيڻ لڳي. مسلمانن جي ٻاهتر فرقن جا اختلاف به سامنهن اچي ويا. سني، شيعن جي اختلافن ۽ خلافت راشده جي چونڊن ۾ ٿيل گهوٻين تي پڻ اظهار خيال ٿيڻ لڳو. مذهبي معاملن تي زياده تر رٽائر ٿيل پوليس جو سپريڊنٽ تفصيلي ۽ يقيني بحث ڪندو هو. خان وڏو چوندو هو:

”ميان حسام الدين شاهه سائين! ايس، پي صاحب ڄڻ شريعت جو صاحب پيو معلوم ٿئي! ڀانئجي پيو ته سڄي زندگي پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪانه ڪئي اٿس، بلڪ مولوي صاحب همايونيءَ جي شاگرديءَ ۾ رهيو آهي!“

”آهي ڪٿان جو؟...“

”هائو! پنجابي آهي!“

”تڏهن ته...!“

”هائو يَرَ، سچ ٿو چئين. رٽائر ڪرڻ بعد حق تي دين جو ماهر ۽ اسلام جو مبلغ ٿي پيو آهي!“

خان وڏو چوندو هو ته:

”ايمان، ايمانداري، حق ۽ انصاف جي سلسلي ۾، آغا منهنجا، اُهي اُهي آيتون ۽ حديثان بيان ڪندو آهي، جو چئي کڻي بس ڪر! اسان جي مولوي محمد قاسم صاحب[7] کي ياد هجن ته ٺهيو، ٻئي کي ڪهڙي مجال آهي؟“

”ايمانداري ۽ ايس، پي؟“

”هائو، تڏهن ته حيرت وٺندي آهي. پر ميان حسام الدين شاه سائين! خانصاحب (سنڌ مدرسي جو رٽائرڊ ماستر) منهن تي چئي ڏيندو اٿس، ڀوڳن ۾، ته ’ست ڪئا کائي هاڻي ٻلي حج چڙهي آهي‘!“

”يعني، آغا سائين! قحبہ چون پير شود پيشه ڪند دلالي!“

وڏو ٽهڪ ڏئي، خان وڏو کلي ويهندو ۽ چوندو هو ته:

”در اصل رٽائرڊ سب انسپيڪٽر سندس افعالن کي چڱو سڃاڻندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس غير حاضر ڏسي کـُـلي پوندو آهي:

’الله جو شان آهي يَرَ، هاڻي ٿو ايمانداريءَ جون ڳالهيون ڪري! ڇڏيائين مئو ڪڪڙ به ڪين. اصل ۾ ته گجرانوالا جي چڪ نمبر 110 جو معمولي ماڻهو هو‘!“

خان چوندو هو ته اسان کانئس پڇندا آهيون ته:

”ڀلا هي پاڻ کي ست پشتيو خاندان ڇو ٿو سڏائي، جي اهڙو معمولي ماڻهو هو؟“

صوبيدار کلي چوندو آهي ته:

”خان وڏا، سمي سٽي کان اورتي جيڪو ٽپندو آهي، سو يڪدم سيد ٿي پوندو آهي! ٻڌو ڪونه اٿوَ جو سياڻان چئي ويا آهن:“

’غلہ گر ارزان شود امسال سيد ميشوم!‘

صوبيدار ته هن جي سوانح عمري بيان ڪندي ڪندي، وڃي شهه ۾ پوندو آهي. چي:

”مولوي صاحب جو ڀلو ٿئي، جنهن پاڻ سان پنجاپي آڻي، سنڌ ويچاريءَ ۾ ڪٺا ڪيا. هيڊ ڪنسٽيبل مان وڃي ايس - پي ٿيو. سڄي زندگي غريبن جو حق کائيندو رهيو. هائو! ڀائو! چرندي آئٺ ڪانه ڇڏيائين، هاڻي بڻيو آهي مولوي. تڏهن ته! رڻ ٻاري ڇڏيائين. ڪنهن جي هـَـڙَ ۾ پائي به نه ڇڏيائين.‘“

خان وڏو چوندو هو ته ”جڏهن ٻئي ڏينهن تي اسان کيس پري کان ايندو ڏسندا آهيون، تڏهن اچي صوبيدار صاحب واريون ڳالهيون ياد پونديون آهن ۽ دل ۾ پيا کلندا آهيون.“

*      *      *

اهڙيءَ طرح انهيءَ مجلس ۾ شعر سخن جو چرچو به خان وڏي جي شرڪت بعد ئي پيدا ٿيو. هن ئي اچي بيتن، ڪلامن، ڏوهيڙن ۽ مثالي شعرن جي ابتدا ڪئي. خان وڏو جڏهن کُلندو هو، تڏهن ٻڌائيندو هو ته:

”صدر واري ميمڻ سيٺ، ميريٽ روڊ واري بوهري واپاريءَ، جهونا مارڪيٽ واري خوجي ۽ جمشيد ڪالونيءَ واري پارسي صاحب تي شعرن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي.“

مرحوم چوندو هو ته:

”کين هزار دفعا ور ور ڏئي معنيٰ سمجهائجي ٿي، ان هوندي به سندن دماغ ۾ ڪانه ٿي ويهي. ميمڻ سيٺ آخر ۾ چوندو آهي: ’ڪُرو باوا، پان کي معاف ڪجو، پان کي مغز ۾ نٿو ويهي‘!“

خير، اها ٻي ڳالهه هئي ته اهي چارئي بزرگ انهن قومن مان هئا، جن وٽ شعر و سخن جو خانو ئي خالي ٿيندو آهي، ورنه ٻيءَ حالت ۾ خان وڏي جي اچ وڃ بعد انهيءَ سموريءَ سنگت جي ماحول ۾ هڪ تازگي ۽ رونق ضرور اچي وئي هئي. ڪيترن بزرگن کي ته پنهنجي جوانيءَ جا ڪي رنگين ۽ الهڙ حادثا پڻ دل تي تري آيا، جن جي ڪري سندن سـُـڪي ويل رڳن ۾ هيڪر نئين سر ساهه پئجي ويو. بدن ۾ انهن يادن سبب سيسراٽيون اڀرڻ لڳن ۽ ڄڻ کين ڪنهن ڪتڪتاڙي ڏئيِ ورتي. اڳ فقط هڪٻئي جو لحاظ ۽ عزت ڪندا هئا، ليڪن هاڻي، جو منجهن روح از سرنو رواني اختيار ڪئي، ته ٿورا بي تڪلف ٿي، هڪٻئي سان چرچا ڀوڳ به ڪرڻ لڳا. کين به ڪيترا نڪتا ۽ لطيفا اچي ياد پيا، جيڪي سالن کان وٺي، سندن يادِن جي دفتر ۾ ائين ڪنڊائتا ٿي ويا هئا، جيئن سرڪاري آفيسن ۾ بي واهن جون لکپڙهون هزارن فائيلن جي بوجهه هيٺ دٻجي وينديون آهن.

ماضيءَ جون يادگيريون کين هاڻي به اينديون هيون، ليڪن فقط ان وقت، جڏهن ڪو بحث ڇڙي پوندو هو ۽ کين پنهنجن پنهنجن تجربن جا  دليل پيش ڪرڻا پوندا هئا يا مثالن سان واقعي جي تائيد يا ترديد ڪرڻي پوندي هئي، ورنه هونءَ سمورو وقت کل چرچو، ڀوڳ شوڳ ۽ ٺڙو ٺڪاءُ پيو هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اچي رونشي تي چڙهندا هئا ته خان وڏي جي قول مطابق، سپريڊنٽ صاحب جون جهَوڻِيون [8] لاهي ڇڏيندا هئا. هرڪا لاهڻي پئي مٿس لهندي هئي. ڪو چوندو:

”ادا تڏهن ته سياڻن چيو آهي ته ’پنجاپي ايڪ ته ڏون - ڪري ڀاءِ، جي هوَن ڏون ته هي جهڳا ۽ تون!‘“

ٽهڪ نڪري ويندا. گهڻي گهڻي تائين وري انهيءَ مثال جي نوعيت ۽ شان جي نوعيت نزول تي پيو بحث هلندو، مثال پيا ڏبا ۽ تجربا پيا بيان ٿيندا. ڪنهن کي وري فارسيءَ جو مثال ياد ايندو. سپريڊنٽ صاحب ڏي منهن ڪري چوندو:

”ها! خانصاحب، هي ڪيئن؟...

...چشم نيڪي مدار! وارو پهاڪو؟“

اتي خان وڏو وري لفظن جي تشڪيل جون موشگافيون ڪرڻ لڳندو هو. چوندو هو: ”پنجابي... پنج آبي“- ٻيا وري ٽهڪڙو ڏئي چوندا هئا: ”هائو، برابر.“ خان وڏي هڪ ڏينهن اهو به ٻڌايو ته جڏهن هن انهيءَ لفظ جي مجلس ۾ تشريح ٿي ڪئي، تڏهن سنڌ مدرسي جي رٽائرڊ ماستر هڪ فارسي شعر به پڙهيو هو، ياد نه آهي پر انهيءَ ۾ ”يڪ آبيند ۽ پنج آبيند“ جا لفظ هئا.

اتي آغا بدرالدين پڇندو هيس ته:

”بابا سائين! پوءِ ڪجهه جناب ايس، پي صاحب کي خيال ٿيندو آهي؟“ خان وڏو مشڪي ڏاڍيون معنيٰ خيز نگاهون پٽ ڏي کڻي چوندو هو:

”آغا ڏاڍا زوراور آهيو!“

خير، ڪڏهن ڪڏهن چرچو چوٽ به چڙهي ويندو هو، پر دل ۾ ڪنهن کي ڪونه ٿيندو هو. ٻي واه به ته ڪانه هين، تنهنڪري هڪٻئي کان ڪاوڙجي جدا ٿيڻ سندن لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. جي ڪو اتان ڇڄي، ته ٻيو ڪير کيس پاڻ وٽ ويهڻ ڏيندو! گهر وارا ته اڳ ئي منجهانِ بيزار هئا. سڀن لاءِ جاءِ پناهه فقط راڻي باغ جو اهو حصو هو، جتي مالـِـهن جي مهربانيءَ سان کين بئنچون هڪٻئي سان لڳو لڳ پئجي مليون هيون.

*      *      *

خان وڏي جي شرڪت کان پوءِ سڀئي گهڻو ڪري بهاريءَ ۾ هوندا هئا. هرڪو کلي، ڳالهائي، خوش ٿي، گهرن ڏانهن پيو موٽندو هو. انهيءَ ڏينهن البته سڀني جا ڪنڌ وري جهـُـڪي ويندا هئا ۽ ٻيهر مٿن اها ساڳي غنودگي، اندوهه ۽ آلام ڇانئجي ويندو هو، جيڪو خان وڏي جي شرڪت کان اڳ دائمي طرح مٿن مسلط رهندو هو، جڏهن سندن ڪو سنگتي حضرت عزرائيل جي جهـَـٽَ ۾ اچي ويندو هو. عمريون سڀن جون انهيءَ ڪڙيءَ تي آيل هيون، جتي موت کي بيماريءَ يا ڪنهن ٻئي سبب اسباب جو انتظار ڪرڻو نه پوندو آهي. بس اوچتو ۽ اڻ پڇو سٽ لڳي، دم نڪتو ۽ جنازو قبرستان طرف رجوع ٿيو. تنهنڪري کين اها سـُـڌ ئي نه پوندي هئي ته ڪو بيمار آهي يا ان جي حالت خراب آهي. اڄ شام جو گڏ هو، رات جو سٽ آئي، صبح جو ڄڻ همراهه هيوئي ڪونه! پنجن ڇهن ڏينهن جي مسلسل غير حاضريءَ بعد خود ئي سمجهي ويندا هئا ته لاشڪ ته رب ڏي راهي ٿيو. هڪٻئي جي گهرن ۾ وڃي، هڪٻئي سان ملڻ جو، مزاج پرسيءَ جو، حال احوال جاچڻ جو، منجهن شروع کان وٺي دستور ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هر ڪو پنهنجي دوستن کي گهر ۾ آڻڻ کان پيو نٽائيندو ۽ ڪيٻائيندو هو. ان ۾ گهر وارا ناراض ٿيندا هئا. نوجوان نُهَرُ ته ڀڻڪا ڏينديون وتنديون هيون، ”آيا ٿِي ماريا، ڄڻ هچائون آهن!“ شروع ۾ هڪ اڌ کي جڏهن اهڙو تجربو ٿيو، تنهن بعد سڀڪنهن پنهنجي راه و رسم ۽ دوستيءَ کي راڻي باغ تائين محدود ڪري ڇڏيو. اهو به هڪ مکيه سبب هو، جو کين پنهنجي سنگتيءَ جي ”هالاڻي“ جي بروقت خير پئجي نه سگهندي هئي. اهڙي حادثي کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن مسلسل خوف، هراس ۽ مايوسيءَ جو وايو منڊل پيدا ٿي پوندو هو ۽ ٻين موضوعن کان هٽي فقط عبرت پيدا ڪندڙ عنوانن ۽ سبق آموز سرخين تي ٿوري گفتگو ٿيندي هئي، جنهن ۾ پڻ رٽائرڊ سپريڊنٽ صاحب سڀني کان زياده حصو وٺندو هو، سهڻا اعمال، فاني دنيا، منڪر نڪير، عملن جا دفتر، فنا ۽ بقا، روزو نماز، فرائض ۽ سنتون، ايمان، ايمانداري، مظلومن جي داد رسي ۽ يتيمن جو خيال رکڻ، گناه ثواب، پل صراط، روز قيامت...

انهن موضوعن تي هو معلومات افزا ۽ نهايت مستند ۽ مدلل يعني آيتن ۾ حديثن جي پهري هيٺ واعظانه رنگ ۾ تقريرون ڪندو هو. جنهن وقت اهي نصيحت جا نڪتا ٻڌي ٻيا سڀ ٿڌا شوڪارا ڏيڻ شروع ڪندا هئا، ان وقت رٽائرڊ صوبيدار، جنهن کي دعويٰ هئي ته هن ايس. پي. صاحب جي ماتحت گهڻو وقت گذاريو آهي، کيس ڏٻيءَ اک سان ڏسي، منهن کڻي ٻئي پاسي ڪندو هو. انهيءَ وقت ئي آفريڪي ڊول چٻري جو آواز ايندو هو ته ”گهرُڙ...گهرُڙ...گهرڙ“. ليڪن انهيءَ موقعي تي ائين پيو معلوم ٿيندو ته سندس آواز ۾ ڄڻ تلخي آهي، جيڪا حقارت ۽ نفرت جي وقت سڀڪنهن جي آواز ۾ پيدا ٿي پوندي آهي.

*      *      *

اها پرين مڙسن جي ڪچهري، جنهن تي خان وڏي نالو رکيو هو ”مجلس محققين“، سالن جا سال هلي، ۽ جيترو وقت خان وڏو ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، شام جو اڪثر وڃي ان ۾ شريڪ ٿيندو هو. حقيقت ۾ راڻي باغ (پوءِ گانڌي گارڊن، هاڻي جناح گارڊن هن کان پوءِ الائي ڇا...) کان ٻاهر خان وڏي ان کي مشهور ڪيو، ورنه انهيءَ مجلس مان خواه ان جي افاديت مان ٻيو ڪوبه واقف ڪونه هو. خان وڏي کي به اڄ وصال ڪئي تقريباً ڏيڍ سال ٿي ويو، خبر نه آهي انهيءَ ”مجلس محققين“ جو حال هاڻي ڪهڙو هوندو! ڪيترن محققن راهه رباني ورتي ۽ باقي ڪيترا وڃي رهيا آهن.

*      *      *

خان وڏي کي پنهنجي ٻن فرزندن سان ڏاڍي محبت هئي. پٽ ته ٻين کي به پيارا ٿين ٿا، ليڪن خان وڏي جي محبت ۾ دوستيءَ وارو دم هو. هو پنهنجي پٽن کي پنهنجو سنگتي، دوست، همدم ۽ محرم راز به سمجهندو هو. هو پٽن تي مفتون هو ۽ پٽ هن تي گهور پيا ٿيندا هئا. خان وڏو ويٺو هوندو، پري کان آغا بدرالدين خان ڪنڌ هيٺ ڪيون، پنهنجي مخصوص انداز ۾ آهستي آهستي جهولندو ۽ جهومندو ائين پيو ايندو، ڄڻ ميخاني مان پيالا پيون پـُـر ٿيو اچي ٿو. خان جي نگاهه مٿس هوندي. خان ائين ويٺو ڏسندس، جيئن عاشق پنهنجي معشوق جي قدم قدم ۾ اکيون وجهي ويهندو آهي. سندس چهري تي خوشي، مسرت ۽ اطمينان جا آثار نمودار ٿي ايندا ۽ ويٺو ڏسندو به  ۽ مشڪندو به. تيسين اکيون اوڏنهن هونديون، جيسين آغا بدرالدين سلام ڪري، وٽس اچي ويهندو. اچڻ سان پڇندس:

”بدرالدين خان، خوش آهيو نه سائين!...

”ٻيو مڙئي خير آ نه؟...

”ڀلا شڪر ٿيو، لک ڀلايون الله جون!“

صدرالدين خان ايندو، خوبصورت وجيهه جوان، منهن تي شگفتگي، اکين ۾ حياءُ ۽ حجاب، چهري تي اها رونق، جيڪا صالح نوجوانن جو مخصوص حصو ٿيندي آهي، مشڪندو ايندو، هٿ ۾ ڪنجن جو ڇلو لوڏيندو ايندو. خان وڏو بهار بهار پيو ٿيندو. خدا جي احسانن جا دل ئي دل ۾ پيو شڪرانا بجا آڻيندو. جڏهن صدرالدين خان کلي، اچي سلام ڏيندو، ته خان وڏو چوندو:

”جيءُ آيئو، ڀلي آيئو، ويهو سائين منهنجا ويهو!“

سنڌ جي زميندار کي اهڙا نيڪ، صالح ۽ فرمانبردار، عقيل ۽ صاحبِ شعور پٽ ٿين؟ حقيقت ۾ خان وڏي کي ڏسندي انهيءَ اتفاق تي اچرج ڪونه ٿيندو هو. اهو خان وڏي کي پنهنجي خالق وٽان معاوضو مليل هو، انهن اخلاقن جو، جن تي خان سڄي زندگي ڪاربند رهيو، انهن سهڻن عادتن جو، جيڪي خان جي زندگيءَ جو جزو هيون، ۽ انهيءَ ذاتي ڪردار جو، جيڪو خان پيش ڪيو، ۽ انهيءَ دامن ۽ آستين جو، جيڪا مـُـني صديءَ تائين زميندارن جي برادريءَ ۾ رهندي به بي داغ رهي- اهڙي صاف ۽ سفيد جهڙو کير، ۽ اِها ڪرامت هئي انهيءَ شريفاڻي، نيڪ ۽ صالح ماحول جي، جنهن کي خان پنهنجي ڪائنات لاءِ پاڻ تخليق ڪيو هو، ۽ اها برڪت هئي انهيءَ تربيت جي، جيڪا خان پاڻ پنهنجي پٽن کي ڏني هئي.

*      *      *

حقيقت ۾ ڳڙهي ياسين جي ڪائنات ۾ جيڪو سڪون، اطمينان، خوشي، شادماني ۽ مسرت مان ڏٺي، اها مون سڄيءَ سنڌ ۾ ڪانه ڏٺي .زميندارن جو سمورو ماحول تاريڪ هو، مردود هو، ۽ سڄو سماج گناهه آلود هو. اصراف، اجايا خرچ، بريون عادتان، سيہ ڪاري، بدڪاري، پنهنجن پراين عورتن سان انهيءَ حد تائين هٿ ڇـُـهائي، جو اخلاق، ننگ ۽ شرم جا سڀئي ليڪا لنگهي بيهڻ- اهي سنڌ جي زميندارن جا روزانا ۽ بنيادي مشغلا هئا، اهي سندن سيرت ۽ صحبت جا مکيه عنوان هئا.

مون کي ياد آهي، هڪ دفعي مان هڪ تمام وڏي زميندار جي بنگلي ۾ ويس، جيڪو انهيءَ طبقي ۾ طبيعت جي لحاظ سان نهايت سٻاجهو ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نهايت متمدن سمجهيو ويندو هو. ڪجهه تعليم به هيس ۽ اسيمبلين ۾ مسلمانن جي نمائندگي به ڪندو هو. ڏٺم ته نوڪرن چاڪرن جا ڪٽڪ ورانڊي ۾ ويٺا آهن. هڪ آرٽسٽ شرناءِ ويٺو وڄائي، جنهن جي آواز ۾ سـُـر سان سڄو بنگلو ڄڻ ڀريو پيو هو. معلوم ٿيو ته صاحب پاڻ بيڊروم ۾ لاهور جي ڪنهن طوائف سان ”خلاصو ويٺو“ آهي. نينگر لاءِ معلوم ڪيم، خبر پئي ته ٻئي بيڊروم ۾ اهو وري پنهنجيءَ آشنا کي ورتيون ويٺو، خدا جي نعمتن جا شڪرانا بجا آڻي. ٻاهر شهنائيءَ تي مومل راڻو ۽ اندر سينڌيون ۽ سريتان! صبح جا ان وقت ڏهه کن هئا، يعني عين اهو وقت، جنهن مهل ڪڙمي وڏيري صاحب جي زمينن کي هر ڏئي رهيا هئا. پيشانيءَ تان پسيني وهي اچي سندن کڙيون ورتيون هيون. ڏاندن تي باٺا ٿي اُٺا ۽ گهر ڌياڻيون گهرن جا ڪم ڪار لاهي، زمينن تي مانيون ۽ دکيون لسـِـن جون مٿن تي کڻي اڃا هاڻي اچي وڻن جي ڇانوهرن هيٺ ويٺيون هيون. ڪڙمين اڃا جاٽان پوريون ڪونه ڪيون هيون، جو هر مان هٿ ڪڍي اچي نيرن ڳڀو وات ۾ وجهن. بنگلو محل نما هو، سهڻو، وسيع ۽ ڏاڍو سينگاريل ۽ سنواريل، ليڪن منهنجو دم گهٽجڻ لڳو. مان ائين محسوس ڪيم ڄڻ ساهه کڻي نٿو سگهان، ساهه ۾ اچي سوڙهه ٿي آهي. شرناءِ جو آواز ماتمي معلوم ٿيڻ لڳو. منهنجو دماغ چڪر کائڻ لڳو ۽ اکين اڳيان ائين پيو ڀايان، ڄڻ سڄو بنگلو زلزلي ۾ آهي. ايڏو سامان، ايترو تزڪ ۽ احتشام، ليڪن مون کي بلڪل ويران ڏسڻ ۾ آيو. ايترا خدام ۽ ملازم ۽ خواجه سرا، ليڪن منهنجي نظرن آڏو سڀئي غائب ٿي ويا. مان ته هليو آيس، ليڪن اهو واقعو سالن تائين منهنجي دل ۽ دماغ ۾ هيبت پيدا ڪندو رهيو. پيءُ پٽ جي سامهون، پٽ پيءُ جي آڏو سينڌين ۽ سريتن جي ڪڇ ۾! سوبه ڏينهن ڏٺي جو، جڏهن سج سوا نيزي تي، ڏينهن جي ڏهين بجي، دهلن دمامن، سازن ۽ شرنائن جي وچ ۾، کلم کلا، بلڪل برملا، عام جي اڳيان، خدا جو خوف ته ٺهيو، پر ماڻهن جي لڄ ۽ خلق جو لحاظ به ڪونه! اهڙو ناحق، ايڏو انڌير! الامان والحفيظ.

*      *      *

”تنهنجي ماءُ کي...“

(چُپ)

”تنهنجي ڀيڻ کي...“

(چُپ)

”اڙي تنهنجي جوءِ کي...“

(چُپ)

”هلان موٽي... تنهنجي سڄي ٻار ضبط ڪندس!“

(چُپ)

”تون دلجاءِ ڪر...“

لُنگي لاهي، فرسٽ ڪلاس جي سيٽ تي رکيائين- اهڙي ئي ساڳي پشوري لـُـنگي، ريشمي، نرم نرم، جهڙي خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ ٻڌندو هو. وار شرعي، وچ تي سينڌ، مـُـٺ جيڏي سنهاري، جنهن تي راولپنڊيءَ واري وسمه مهندي اڃا اڄ جي لڳل ۽ چنبيليءَ جي تيل جو منجهس چمڪو ۽ هڳاءُ. قداور، متارو، شينهن جهڙو مڙس. نالي جي اڳيان پويان ”خان“ جي جز ڳنڍيل.

”شاهه صاحب جوڙ آهيو؟“

فوراً مون کان منهن ڦيرائي.

”تنهنجي... ننڍڙيءَ کي...“

(ڪنڌ هيٺ، چپ)

”...جا پٽ، رک خدا تي!“

(ماٺ جهڙي ڀِت)

”لان ڳوٺ!“

(چُپ، ٻانهون ائين ٻڌل، جيئن قيام ۾ نمازي ٻڌن.)

”ڙو مان کي موٽڻ ڏي...“

(خاموشي)

”اهه صاحب جوڙ آهيو؟“

وري مون تان توجهه هٽائي،-

”ڙي سوئر جا تخم...!“

(چُپ)

”ڙي ڪڇين ڇو نه ٿو؟“

”جيءُ سائين!“

”جيءُ سائينءَ جا پٽ، مان کي ڳوٺ هلڻ ڏي!“

(چُپ)

”تنهنجو ڄـَـڻ ٻچو ٿو ٻڌرايان!“

(چُپ)

”...تو سمجهو ڇا آهي، ماءُ جا...“

(ماٺ)

کٿل ۽ ميرو پٽڪو مٿي سان، قميص البت کار جي ڌوتل، جنهن کي سوٽيءَ سان داٻڙي تي رکي ڪالهه جوڻس ڌوتو هو. گـُـليءَ جي ريک به ڏنل، پر هڪ ڪري نه- ڪٿي تمام گهڻي، ڪٿي ٿوري ۽ ڪٿي ته اصل ڪانه. هيٺ تي پوتڙو، پر اڻ ڌوتل. جـُـتي موچڪي، ليڪن اڌوراڻي ۽ سڄي مٽيءَ ۾ ڀريل. گاڏي جي ڪنڊ ۾ اُڀو بيٺل، جيئن ڪورٽ ۾ مجرم. ٻـَـئي هٿ ائين دُن تي ٻڌل، جيئن خدا جا نيڪ ٻانها نماز جي قيام ۾ پنهنجي خالق اڳيان ٻڌي بيهندا آهن. ڪنڌ هيٺ جيئن بيگناهه ڦاٿَل، پوليس ٿاڻي تي خوف ۽ هراس کان، صوبيدار صاحب جي اڳيان جهڪيل هوندا آهن.

”توکي ڏسي وٺندس...“

(چُپ)

”ڇڙو موٽي پهچڻ ڏي...“

(چُپ)

”شاهه صاحب ڪاڏي ٿا وڃو؟“

”تنهنجي ڙي...“

يا الله! سوال جي پڇڙيءَ ۾ اهڙيءَ طرح گار ڳنڍي ڇڏيائين، جو منهنجي منهن جو پنو لهي ويو. مان خيال ڪيو ته شايد مان به آوه ۾ اچي ويس. پوءِ ڏٺم ته سوال مون کان ٿي ڪيائين، پر سندس اکيون گاڏي جي ڪنڊ ۾ اُڀي بيٺل ماڻهوءَ تي ائين کتل هيون، جيئن بگهڙ جون ٻڪريءَ تي.

”رک الله تي...تنهنجي...“

(چُپ)

”تنهنجي سڄي آڪهه...“

(چُپ)

”تنهنجون ننڍيون وڏيون...“

(چُپ)

منهن ڦڪو جهڙو هيڊ، چپن تي ڪـَـلـَـرُ، اکين ۾ پاڻي تري آيل، جنهن کي تمام وڏي جـُـهدَ سان ٻاهر نڪرڻ کان روڪي رهيو هو، متان قطرا ڪري فرش تي پون. وڏن ماڻهن جا خيال آهن. انهيءَ کان به زياده ڪاوڙ نه چڙهي وڃي.

اهو ڊرامو جيڪب آباد تائين ٻڌندو ويس. واٽ تي هڪ اسٽيشن آئي جنهن جي هڪ طرف زميندارن جا ڳاڙها پڪ سرا محل ۽ ماڙيون اهڙيءَ طرح ڳاٽ اوچا ڪيون ۽ ڪـَـر ڪڍيون بيٺا آهن، ڄڻ خدائيءَ ۾ ڪنهن کي پنهنجو شاني شريڪ ڪونه ٿا سمجهن، ڪنهن تي به سندن اک ڪانه ٿي ٻڏي. چوندا آهن ته عرش عظيم سڀ کان مٿي آهي، پر هي ان کان به چار آڱر ڪسر هيون. چوڻ آهي ته ڇڙو خدا کي چوٽي آهي ٻيو سڀ هيچ، ليڪن هنن جي هڪ چوٽي نه بلڪ ڪيتريون چوٽيون ان کان به اتاهيون هيون، ريلوي لائين جي ٻئي طرف زميندارن جون حد نگاهه تائين زمينان جن ۾ هاري هر ٻڌيون بيٺا جاٽان ڏين. سندن اگهاڙن ۽ ڪارن پٺن تي نڪتل پگهر مٿان سج جا ڪـِـرڻا پـَـئي، ايڏو چمڪو اٿارن ٿا، جو ڄڻ شعلا ٿا نڪرن، ريل گاڏيءَ ۾ ويٺل پيسينجر جي اکين ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ترورا وجهي ڇڏن ٿا.

*      *      *

سنڌ جي ڪيترن زميندارن ۾ اهو دستور هو، جو هو پگهاردار نوڪر ڪونه رکندا هئا. گهر جو سڄو ڪم ڪڙمين جون زالون واري تي اچي ڪري وڃن، ۽ ٻاهر جو سمورو ڪم ڌنڌو ڪڙمين کان وٺن- واري وٽيءَ تي اڄ هڪ کان سـُـڀان ٻئي کان. غلامن وانگر زالين مردين دروازن تي پيا دِلا ڀريندا هئا. ان کي چئبو هو ”بيگر“. جڏهن زميندار ٻاهر هلندا هئا ته ان وقت به هڪ ٻه ڪڙمي بطور ملازم جي بيگر ۾ هيون هلندا هئا. انهن جي عزت ڪانه هوندي هئي. گارگند، ٿڪ بجو، لعنت ملامت، صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين قسمت ۾، ۽ ڪڙمت سان گڏ اها بيگر به سندن سر تي.

هيءَ غريب جيڪو جيڪب آباد تائين مسلسل، هڪٻئي سان لڳو لڳ، سلسليوار، بلڪل تواتر سان ماءُ ڀيڻ، جوءِ ۽ ڌيءُ تي صلواتون سڻندو ٿي هليو، سو به ڪو ڪڙمي ٿي ڏٺو جيڪو بيگر ۾ هيون ويو هو. قصور ڇا هو؟ اهو غصو ڇاجي ڪري هو: نه اهو معلوم ٿي سگهيو، نه مون کي ئي پڇڻ جي جرات ٿي، ليڪن مان اهو ڏٺو ته انسانيت جي تذليل جي حد هئي ۽ انسان جي مظلوميءَ ۽ محڪوميءَ جي انتها هئي. ڏاڍي ۽ هيڻي، زيردست ۽ زبردست، حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ ڪهڙو فرق مراتب ٿئي ٿو، ان جي ننگ ڌڙنگ تصوير مان اُنهيءَ ڏينهن ڏٺي، اهڙو قهر ۽ ايترو ڪِيسُ مان اُتهن ڏٺو!

*      *      *

دادوءَ جي ڪڪڙ تعلقي ۾ هڪ زميندار جي اوطاق ۾ ويٺو هئس. اليڪشن هئي، ووٽ گهربا هئا. ويٺي حال احوال ڏنم. ڏٺم ته هڏن جي آسري تي شهر جو رولاڪ ڪتو ۽ حويليءَ جي جنڊ ڪتِي، جنهن جاءِ تي ڪيتري وقت کان زبان ڪڍي سهڪي رهيا هئا، اسان کان اوتروئي پري، اُنهن کان ٿورو پرڀرو سرڪي، پر انهن جي ئي سنوت تي، هڪ انسان اچي ڌرتيءَ تي ويٺو. گهڻي گهڻي کان پوءِ زميندار، جنهن کي انگريز سرڪار وٽان ”خانصاحبيءَ“ جو لقب به مليل هو، پاڻ به وڏو تجربيڪار، سفيد ريش ۽ تعليمي ڇا بلڪ سڄي ضلعي اندر نهايت سمجهدار ۽ وڏي عقل جو صاحب ليکيو ويندو هو، ان ڏانهن متوجهه ٿيو:

”اڙي ڌَنون ڇو آيو آهين؟“

”سائين ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو آهي. هاڻي نياپو آيو آهي ته اچي منهن ڏسي وڃ.“

گار ڏَئي: ”... رونبن جي وقت رُلبو آهي ڇا!“

”سائين لاچاري حالت آهي. اڪيلو ڀاءُ هڪ ابي اما جو!“

وري گار ڏَئي: ”... چڱو وڃ، پر ... سڀاڻي موٽجانءِ، نه ته رونبي ۾ مزور ڇڏينداسي.“

”سائين خرچ لاءِ پنج رپيا گهرجن!“

”... هتي پڻهين خزانو ڇڏي ويو آهي!“

”سائين لاچاري آهي.“

گار ڏيندي: ”... توتي اڳ ئي تقاوي گهڻي چڙهيل آهي. اڃا تازو ڏاري جو مڻ ورتو اٿئي!“

ڀايان گار خانصاحب جو تڪيو ڪلام هئي. هر جواب جي بسم الله گار سان ٿي ٿـِـئي. هاريءَ هٿ ٻڌي چيو:

”خاوند سائين! هيءُ دفعو ايسان[9] ڪيو. ڏاڍي لاچاري آهي. وقت اچي مٿان پيو آهي.“

”چل چل ... ڇڏ لُڙُ. اجايو مغز نه کاءُ!“

”سائين ڀلائي ڪيو. منجهي پيو آهيان. ڪاڏنهن سڻائي ڪانه ٿي ٿئي.“

”... آسودي مل کان ڇو نه ٿو وٺين؟ اهو ماڻهين جو مڙس جو ويٺو آهي!“

”سائين منهنجا، ان به جباب ڏنو.“

”... ڪنهن ٻئي کان اوڌر وٺ!“

”سڄو اوڙو پاڙو هنيو اٿم، ڪاٿهون سؤلي ڪانه ٿي. ڪنهن وٽان پائي ڪانه لڌي.“

”... ڪارو مٿو لاهه!

”سائين واسطي رب جي! هڪڙو ڀاءُ اٿم!“

”اڙي نڪر... اجايو مٿو کاڌو اٿئي!“

غريب، جنهن کي ليڙان ليڙان پٽڪو مٿي سان ٻڌل، ڪاري صدري بت تي ۽ نيرو پوتڙو سٿرن تائين هو، سو چپ ٿي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪاٺيءَ سان زمين کوٽڻ لڳو، جيڪا تمام گهڻي ڇڻڪار سبب سيڪجي  وئي هئي. ڪڙميءَ جو ڪم ئي زمين کوٽڻ هو، سڪل هجي چاهي سيڪيل. گهڻي گهڻي کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري، هن زبان کولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏاڍيءَ ڪشمڪش بعد به ڪي اکر هئا، جو زبان جي نوڪ تي ته آيا ٿي، ليڪن چپن کان چري نٿي سگهيا. آخر هٻڪي، هٿ ٻڌي، ڏاڍي نيزاريءَ منجهان هڪ دفعو هو چند لفظن کي هڪ ساهيءَ ۾ ٻاهر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو:

”ڀلا سائين، ڇڙو ڏيڍ رپيو ڀاڙي لاءِ ڏيو!“

خان صاحب جي صبر کي آفرين هئي. ايترو وقت هن سڀڪجهه ويٺي برداشت ڪيو. هاڻي ڳالهه زور ٿي وئي هئي. ڄٽ اصل چنبڙي پيو هو:

”غلام رسول! وٺي مادرچود کي ڏاڙهيءَ کان ڪڍ ٻاهر!“

هڪ در کان خومچا مانين جا ٻه ٽي ماڻهو مٿن تي کڻي اندر آيا، ٻئي در کان غلام رسول ڄٽ کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر ڪيو. جڏهن غلام رسول ٻانهن مان هٿ ڪڍيس، تڏهن هن ٿڌو ساه ڀريو ۽ چيائين:

”اي قادر، مڙئي تنهنجا کيڏ آهن!“

انهن اکرن جو اسان ڇڙو ڀڻڪو اندر ورانڊي ۾ ٻڌو، ڇاڪاڻ ته ان وقت نوڪرن تي خانصاحب جي گارين جو ڌوڙيو پئي پيو:

”مادر چودئو، ڏسو ڇا ٿا؟ رکو ماني!“

گارين جي انهيءَ انبوهه ۾ اهو ڀڻڪو به گهُٽجي گم ٿي ويو. ڄٽ جي پٽ درحقيقت چيو ته سچ! ڀلا جي اهي سڀئي کيڏ قادر جا نه هجن ها، ته هوند هن کي ڏيڍ رپئي لاءِ محتاج ڇو ڪري ها ۽ اسان لاءِ ست رڇيون ڇو؟ ڳالهه غور ڪرڻ جي قابل آهي!

*      *      *

اهو ماحول انهيءَ طبقي جو، جنهن جو خان وڏو به هڪ فرد هو. اهوئي سبب هو، جو منهنجي دل ۾ خان وڏي لاءِ نه ڇڙو محبت هئي، بلڪ عظمت به هئي. هو پنهنجي دؤر جو عظيم ماڻهو هو، ان ڪري جو هن پنهنجي سڄي ماحول سان بغاوت ڪئي هئي، هن پنهنجي نفس سان جهاد ڪيو هو، هن پنهنجي هٿن ۽ پيرن، اکين ۽ ڪنن سان جدوجهد ڪيو هو، وڏن ڪشالن ۽ ڏاڍن رياضتن بعد خان وڏي انسانيت جي انهن سڀني دشمنن تي فتح حاصل ڪئي هئي. انهيءَ کان پوءِ ئي ته هن زندگيءَ جو سڄو سفر اطمينان قلب سان کلندي، ٽهڪ ڏيندي، بيت ڏوهيڙا ٻڌائيندي، لطيفا ۽ نڪتا سڻائيندي، خوشيءَ ۽ خورميءَ سان طيءِ ڪرڻ شروع ڪيو. سندس دنيا ۾ روڳ ۽ رنج ڪونه هو، رت ۽ پونءِ ڪانه هئي، انڌيرنگري ڪانه هئي. هر وقت چانڊوڪيون، هر وقت ستارن جون سيجون، هر وقت ٿڌيون هِيران ۽ هميشهه ماکيون ۽ مصريون. هو هر وقت، هر جمال ۽ هر هنڌ تي بهاريءَ ۾ رهيو.

هاڻي خان وڏو اڻ ڏٺي ڏيهه تي آهي. الله ڪندو شل اتي به سدائين خوش ۽ خوشحال هوندو. قسمت ٿي ته پيا ميلا ٿيندا!

لنگهيا لڊاڻون، ڪاڪ ڇڏيائون پوئتي،

تاتي وڃي رسيا، جاتي مومل نه راڻون،

نه ڪا مسجد تڪيو، نه ڪو ٽڪاڻون،

تاتي ٿين ٿاڻون، جاتي مون! تون! ناهه ڪا!

-----


[1] هيءَ ڪافي منهنجي چاچي پير نورالحق شاهه جي چيل آهي.

[2] ورتيو = فال وجهندڙ.

[3] عبدالله فقير بابي مرحوم جي ناني پير سائين پاڳاري (پير حزب الله شاه تخت واري) جو مريد هيو. سندس تربت پير ڳوٺ ۾ آهي.

[4] آغا بدر الدين خان، سندس فرزند ڪبير.

[5] آغا صوفي شڪارپوريءَ جو والد.

[6] پهرين لڙائي 1914ع-1918ع؛ لڙائيءَ کي لام سڏيو ويندو هو.

[7] ڳڙهي ياسين جو بزرگ عالم باعمل.

[8] جهَوَڻ، ڇنڇري لاهڻ، ڇوڏا لاهڻ.

[9] احسان جو ڳوٺاڻو اُچار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org