مشاعري ۾ ٻيا ته سڀئي اچي شريڪ ٿيندا هئا، ليڪن
شهر جي وڏن ماڻهن مان ڪو ايندو ڪڏهن ڪونه ڏٺوسي.
شايد ان ڪري جو مشاعري ۾ سندن شاني شريڪ ڪونه هو.
سڀ کانئن هيٺئين ڪلاس جا هئا. انهن سان ڪلهو ڪلهي
۾ ڏئي ويهڻ کين ڪٿي جڳائيندو هو؟ اهو به هڪ ڪارڻ
هو، ليڪن دراصل هي به ته هڪ وڏو سبب هو، جو هو
هئائي مورئون مجهول! کين ڪهڙي سڌ هئي ته شعر وسخن
ڇا ٿيندو آهي يا مشاعرو ڪهڙي جانور جو نالو آهي!
هڪ احساس بالاتري ٻيو مٿانهن مور کپڻون! ويچارن جو
پوءِ ڪهڙو قصور؟ هنن جو مشاعرو ته ڪلٽر ۽ ڪماني
هو، هنن جو شعر و سخن هو ڪمشنر جي وصف ۽ گورنر جي
واکاڻ، هنن جو ادب هو جارج پنجم لاءِ درازيء عمر
جي دعا ۽ ملڪه معظمه جي سلسلي ۾ قيامت تائين قائم
رهڻ جي تمنا.
اهو هو شهر جي وڏن ماڻهن جو حال. ٻاهراڙيءَ جي
وڏيرا شاهيءَ جا مشغلا ۽ مسئلا ته هئا ئي اور:
سريتان رکڻ، سينڌيون ويهارڻ، ڪنهن هٿ نه ڏنو ته ان
جي عزيزن کي پوليس کي چـُـرچِ ڏئي ڦاسائڻ، ڪاٽڪن
کي پالي انهن جي ذريعي جنهن تي ڪاوڙ ايندي انهيءَ
جون چوريون ڪرائڻ، خون ٿيو ۽ ڌاڙو لڳو ته مشير ٿي
پوليس سان هلڻ، پيسا جيڪي ملن تن مان ڪجهه پاڻ
کائڻ ڪجهه پوليس کي چوڳو ڪرائڻ. پوليس وڏيرن کي
استعمال ڪندي هئي ۽ وڏيرا پوليس کي هٿ جو هٿيو
بڻائيندا هئا. گهڻو ڪري ان زماني ۾ ننڍن ننڍن
وڏيرن جو، لٽي ڪپڙي ۾، فيشن به پوليس جهڙو هوندو
هو. ان ۾ ئي هو پنهنجو رعب ۽ مانُ سمجهندا هئا،
ڏاڙهي ڪوڙيل يا سنهيءَ مشين تي ورتل، مڇان وڏيون ۽
وٽيل، مٿي تي صوبيدار يا هيڊ ڪنسٽيبل وانگر پشوري
پٽڪو يا بـِـلو ۽ اڇن پٽن سان لونگي، قميص ۾ ٻه
کيسا ۽ ان مٿان چئن کيسن وارو خاڪي ڪوٽ، نيٽ جو
سيم لڳل ”لهڪڻ“[1]
هٿ ۾- انهيءَ ساز ۽ سنجٽ سان پري کان ڏِکَ اهڙي
پيا ڏيندا ڄڻ حد جو صوبيدار صاحب پنهنجي سر پيو
اچي، يا هيڊ ڪنسٽيبل صاحب پاڻ ڪاڏهن چڙهي پيو آهي.
صوبيدار کي خان صاحب ڪوٺيندا هئا ۽ هيڊڪنسٽيبل کي
رئيس سڏيندا هئا، نالو وٺڻ بي ادبي سمجهيو ويندو
هو. بندوقن جا پروانا انهيءَ زماني ۾ عام ڪونه
هئا. پهريون ڪليڪٽر جي ڪرسي ملندي هئي، پوءِ ڪمشنر
صاحب جو درباري ٿبو هو. جڏهن اقبال صفا بلند ٿي
ويندو، تڏهن وڃي گورنر جي دربار ۾ جاءِ نصيب ٿيندي
هئي. اتي به وري نمبر هئا: پهريون، ٻيو، ٽيون. رت
پونءِ ڏيڻ بعد عمر جي آخري حصي ۾ ڪو خوش بخت وڃي
پهرئين نمبر تي پهچندو هو، ورنه گهڻو ڪري اها تمنا
دل ۾ ئي کنيون ويندا هئا. هٿيارن جا پروانا
[2] به اهڙن ئي ڪرسي
نشينن کي ملندا هئا
[3] جنهن زماني جو
ذڪر آهي، ان وقت جيڪڏهن ڪنهن جو ليسن ضبط ٿيندو هو
ته سڄيءَ سنڌ ۾ سـُـس پـُـس پئجي ويندي هئي،
هٿياربندن جا ڪن کڙا ٿي ويندا هئا، اهو غريب منهن
کڻڻ جهڙو نه ٿيندو هو. پرواني جو دوبارو حاصل ڪرڻ
به ڪاري قيام کان ڪم ڪونه هو، ميڙين منٿن، آزين ۽
نيزارين بعد جڏهن خواريءَ ۽ ذلالت جي حد ٿي ويندي
هئي، تڏهن مسين وڃي پهريون چڱيءَ چال چلت لاءِ حد
جو صوبيدار رپوٽ ڪڍندو، پوءِ انسپيڪٽر صاحب لکپڙهه
لحاظ سان نيڪال ڪندو، ان کان پوءِ اها ويندي ڊپٽي
سپريڊنٽ وٽ، ۽ اهو جڏهن مهربان ٿيندو ته ڪاغذ
ايندا حضور ڪماني صاحب بهادر وٽ. ڪيئي مهينا ڪاغذ
پيا اتي سڙندا. ڪي وڏيرا ته انهن وچن جهاڪن ۾ ئي
هي جهان ڇڏي ويندا هئا، جيڪي سخت جان هوندا هئا،
انهن کي هٿيار ان وقت واپس ملندا هئا جڏهن حضور
ڪمانيءَ جي سفارش سان حضور ضلعو، يعني جناب ڪليڪٽر
صاحب بهادر، راضي ٿيندو هو. ليسن مليو ته مبارڪون
پئجي وينديون ۽ مٺايون ورهائجي وينديون، پاڻ جهڙن
۾ منهن کڻي هلڻ جهڙو وڏيرو صاحب گويا ان کان پوءِ
ٿيندو. ليسنن جا مانَ ته هاڻي لٿا، جڏهن سنڌ جي
”محب وطن“ وزيرن پنهنجي پنهنجي پوئلڳن جي ڳچين ۾
پستولن جا پٽا وجهي ڇڏيا. پوءِ وڏيرا نه ڇڙو
ٻاهراڙيءَ ۾ پستول لوڏڻ لڳا، بلڪ ڪراچيءَ جي
ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ به پـَـٽـَـن منجهه پتل جا
ڪارتوس جرڪائيندا ٿي وتيا، گويا اتي به سندن راڄ
رهندو هو جنهن تي هنن رعب ٿي وڌو- ويچارا مجهول!
وڏيرن جو پنهنجي اوطاق کان پوءِ ٻيو آستانو پوليس
جو ٿاڻو هوندو هو. ٿاڻي ۾ پهچ، هيڊ ڪانسٽيبل سان
سنگت ۽ صوبيدار وٽ رسائي، گويا هن دنيا ۾ سندن عزت
۽ آبروءَ جو معراج هو. ان کان وڌيڪ پرواز، ڪن ڪن
جي نصيب ۾ هو، ورنه عام طرح اها آخري منزل هئي.
اهي سڀ رنگ ۽ اهي سڀ ڍنگ حقيقت ۾ غريبان مار لاءِ
هئا. وڏيري جي ڪاوڙ ٿي، ته غريب لاءِ لـِـڪڻ جي
واهه نه لڀندي، هاءِ به وئي ته هوءِ به وئي، نه
گهر سلامت نه در سلامت، نه وني بچندي نه ٻني
بچندي، يا ته جيل هوندو يا پيو رات ڏينهن موچڙا
کائيندو، جيسين وڃي وڏيري جو جـِـنُ لهي تيسين نه
ڪوڪ آسمان وارا ڪنائيندا ۽ نه زمين تي ڪو ٻڌڻ وارو
هوندو. وڏيرن جي وچ ۾ اها به ٻڌي هوندي هئي، ته ڪو
غريب هڪ وٽان لڏيو ته ٻيو ڪوبه کيس پاڻ وٽ ويهڻ نه
ڏيندو. خدا جي هيءَ وسيع دنيا جڏهن وڏيرن جي وس ۾
هئي، تڏهن غريبن لاءِ ڪيڏي نه تنگ هئي؟
* * *
جڏهن پو کان پـَـچي لهنديون، اَن مڙي اچي مودن وٽ
پهچندو، اڳيان ليکا لهي نوان سنوان ٿيندا، ۽ بندين
جي اتارن مان وياج لهي وڃي مور بچندو، تڏهن وڏيرن
کي چار ڏوڪڙ هڙ ۾ ٿيندا هئا، جنهن کان پوءِ هلندا
لاڙڪاڻي جي لال بازار ۾، يا قمبر وڃي ٻڌندا هاج[4]
جو گانو. اهو گانو. اهو گويا سندن ’ادبي ذوق‘ هو.
سنڌ جو غريب راهڪ ٻارهن مهينا رت پونءِ هڪ ڪري
جيڪو ان وڏيري وٽ پهچائيندو هو، ان جي آمدنيءَ جو
مصرف اجهو اهو هو. ڪراچيون گهمڻ 1937ع کان پوءِ
شروع ڪيائون، موٽرن تي چڙهڻ اڃا ڪالهه سکيا، ورنه
سنڌ جو سڄو پيسو سکر، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي
ماڙيچي طوائفن وٽ خرچ ٿيندو هو، جتان مڙي سڙي سڌو
وڃي سنڌ کان ٻاهر رسندو هو. لاڙڪاڻي جي
وڏيراشاهيءَ جو گهڻو مارو هاج تي هوندو هو. هرڪو
پيو سندس گهٽيءَ ۾ مڇان وٽيندو هو. هاج هئي به ته
جنسي مورت! چئي کڻي بس ڪيو! لاڙڪاڻي جا غزل گوشاعر
جنهن محبوب جي تصوير چٽيندا هئا، ان جو هوبهو
نمونو ۽ ان جو جنسي مجسمو!
مثلاً، سندس رخِ رخشان ائين پيو لڳندو هو، ڄڻ
درخشان آهي، يا وري آفتاب آهي يا ماهتاب. ڪن جو
قول هو ته هوءَ انهن کان به اور پـَـئي لڳي. سندس
پرتوِ حسن اڳيان شمع بي حقيقت، ماه چوتيو ۽ مهر
عالمتاب سراسر احمق ٿو ڀانئجي[5].
رخِ روشن کي جڏهن زلفن جي وچ ۾ نهان ڪندي هئي، ته
ويچارن عشاقن اڳيان سڄو جهان سياه[6]
ٿي ويندو هو، گويا پنهنجي ئي قسمت جو عالم سندن
اکين اڳيان اچي ويندو هو. جن کي هجر جي مهجوريءَ
سبب يا جور ۽ جفا ڪري ناتوانيءَ ۽ ضعف قلب جي
شڪايت هوندي هئي، انهن غريبن کي اکين اڳيان اوندهه
وري ويندي هئي! اهي عاشق جن جي اڳيان اوندهه ايندي
هئي، اهي ائين ڀائيندا هئا ته رخ رنگين ۽ زلف
پيچان باهم ٿي، ٻيئي اهڙيءَ ريت لڳجي ويا آهن، جو
معلوم پيو ٿئي ڄڻ گل ۽ سنبل جي پاڻ ۾ لام
[7] لڳل آهي. درحقيقت
سندس صورت جي سونهن ۽ سوڀيا کي هرڪو پيو پنهنجي
پنهنجي مذاق ۽ ميزان آهر پسندو هو. مثال طور:
انهيءَ سلسلي ۾ شيخن ۽ مشائخن جو نقطي نگاهه بلڪل
ئي مذهبي هو. اهي سندس منهن مبارڪ کي خط ۽ خال جي
زير زبر سان تاج ڪمپنيءَ جو هفت رنگو مصحف شريف
سمجهي، ان تي سورهِّ اخلاص
[8] جي قرات پيا ڪندا
هئا. سندس ڪارا ڪاڪل ائين هئا، ڄڻ مارَ سياهه
وانگر پيا ور وڪڙ کائين، عاشق کي ڏنگڻ لاءِ پيا
لامارا ڏين ۽ واجهه وجهن. اهي ئي ڪاڪل جڏهن پر پيچ
ٿي پوندا هئا، تڏهن نه ڇڙو سنبل پيچان خجالت کان
پزمرده[9]
ٿي پوندو هو، بلڪ انهن جا پيچ ائين پيا معلوم
ٿيندا هئا، ڄڻ دام آهن، ۽ عاشق جي دل جو ڪُڪڙ
عارضن جي اڱڻ ۾ جيئن خال جو داڻو چڳڻ ايندو، تيئن
ور ڏئي، کيس وڪڙ وجهي ڇڏيندا[10]
۽ پوءِ گيسوءَ خمدار ۾ عاشق جو طائرِ دل قابو ٿي
ائين ڪڙجي ويندو جيئن رشتہِ زنار م برهمڻ[11].
جيڪي عاشق غريب هوندا هئا ۽ زر بسيار نه هجڻ سبب
سندن عشق جي ٺهه پهه[12]
ٿيڻ جو امڪان ڪونه هو، انهن جي رسائي انهن زلف
دراز تائين ٿيڻ ناممڪن هئي- انهن کي زلفن جي سياهي
سراسر پنهنجي سيہ بختي پئي معلوم ٿيندي هئي. جڏهن
انهن ئي زلفن جون ٻٽي ڳـُـتان ٻاهر نڪري، رخسارن
تي اچي پونديون هيون، ان وقت ائين پيو ڀانئبو هو،
ڄڻ وڏيرن جي صبح صادق سان ’هاري حقدارن‘ جي شام
غريبان دست بگريبان ٿي پئي آهي
[13]. يا وري ائين
پيو معلوم ٿيندو هو گويا ڪفر ۽ اسلام جي لڙائي،
يعني هندوءَ ۽ مسلمان جو دنگو شروع ٿي ويو. سينڌ ۽
سرمي ڪرڻ کان اڳ هن جي زلفن تي پريشانيءَ
[14] جو عجيب عالم
طاري هوندو هو، انهن جون ڳتان ڪي پيشانيءَ تي ۽ ڪي
عارضن تي اچي، اهڙيءَ ريت پکڙجي پونديون هيون، جو
ويچارن عاشقن جو مجموعه خاطر سڄو درهم برهم ٿي
ويندو هو. جيسين هٿ منهن ڌوئي، هار سينگار نه ڪندي
هئي، اوستائين برابر هڪ طرف سندن سر ۾ سوداءُ
رهندو هو ۽ ٻئي طرف کين پنهنجي طبيعت جو وايو منڊل
ڊانوان ڊول پيو معلوم ٿيندو هو- درحقيقت غور سان
ڏسبو ته اهو فقط سنبل سان لالہء احمر جو بهم ٿيڻ
[15] هو. جڏهن شام جو
پاڻ گهوڙي گاڏيءَ تي سوار ٿي، ڪاڏنهن سير ۽ تفريح
لاءِ هلندي هئي، ۽ سندس زلف هوا تي هيڏي هوڏي
پکڙجي پوندا هئا، ان وقت عاشق، جيڪي صادق هئا، سي
سندس پنهنجيءَ آوارگيءَ جو الزام انهن زلفن تي هڻي
ڇڏيندا هئا. انهيءَ وقت سندس زلف عنبربار مان اها
نگهت نڪرندي هئي، جيڪا تاتار تائين پهچي، انهن جي
مشڪ کي وڃي خجل
[16] ڪندي هئي- قمبر
۾ ته اها نڪهت لخلخي جو ڪم ڏيندي هئي، هر مريض عشق
انهيءَ جي ئي چاٽ چکي پيو پنهنجا هوش ۽ حواس جاءِ
تي آڻيندو هو! زلفن جي وچ ۾ سينڌ ائين پئي لڳندي
هئي ڄڻ سڌي سنئين عدم جي راهه آهي، جيڪا انهن
عاشقن کي اجهو ڪي اجهو وڃي ٻئي جهان پهچائيندي، جن
کي سندس جور و جفا ۽ ناز و انداز نيم جان ڪري رکيو
آهي، ائين به سمجهڻ ۾ ايندو هو، گويا آب حيوان
تائين پهچڻ لاءِ دراصل اهائي واٽ هئي، جنهن کي
سمنڊ منجهه رهڻ سبب ذوالقرنين جي زماني ۾ حضرت خضر
عليہ السلام لهي ڪونه سگهيو هو[17].
اکيون نرگس شهلا جهڙيون، يا آهوءِ تتار جي طرح تي
چشم سيہ، جن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪجليون‘ ڪوٺبو آهي. نه
ڪجل جي ريک سان رس ۽ ريجهه، نه سرمي سرائيءَ جي ڪا
ڪاڻ[18].
انهن جو غمزو رهزن ايمان ۽ انهن جو انداز ۽ ناز
خطرهِّ جان! جڏهن عشق ۽ محبت جي مملڪت خداد جون
واڳون انهن جي هٿ ۾ اچي وينديون هيون، جن مان ڪن
کي ”علت المشائخ“ جي لت ته ڪن جي ڪڍ ”بواءِ فرينڊ“
هوندا هئا، ۽ ڪي اهڙا اجهل جو ”ڪِچنِ“ ۽ ”چِڪِنِ“
جي فرق کي به سمجهي ۽ سڃاڻي ڪونه ٿي سگهيا- هرڪو
تيس مار خان بڻجي پوندو هو، تڏهن پارٽين مٿان
پارٽيون پيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون، ۽ جيئن مصر
جي بازار ۾ حسن جي قيمت وڃي سٽ جي ڍيري ٿي، تيئن
هتي عشق جي قيمت وڃي رشوت جي روڪڙ رهي، هر ايرو
غيرو ۽ نٿو خيرو پاڻ کي ملڪ جو والي سمجهڻ ٿي لڳو،
۽ جڏهن ملڪ جو حال اهڙو ٿي ويندو هو، جهڙو ’ڪٻر
پئي کان پوءِ ڀَت‘[19]
جو، ان وقت پاڻ فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان
ايڇ- پي- ايڇ- جي[20]
ٿي پوندي هئي، ۽ هڪ طرف ناز، انداز، ادا، ڪرشمي،
عشوي ۽ تبسم خواهه ’تبختر‘[21]
جون فوجون فالم ٿي وينديون هيون، ٻئي طرف اکين جي
اسٽاف لائين مان صف مزگان جي پلٽڻ، ابرن جي ڪمان[22]
هيٺ اچي پهچندي هئي، سڄيءَ ملڪت ۾ ’اِمرجنسي‘ جو
اعلان ڪري، ملڪ سان مارشل لا هڻي، حڪومت جون واڳون
پنهنجي هٿن ۾ وٺي ويهي رهندي هئي. جي. ايم. سيد،
پاشا خان ۽ ڀاشانيءَ جهڙن خطرناڪ عاشقن کي ته
فوراً زلفن جي زنجيرن ۾ ڦاسائي ڇڏيندي هئي، ۽ جن
جان بچائي وڃي ڪنڊ پاسو ڪيو، اهي ته خير ڇٽي ويا،
البت انهن عاشقن لاءِ ڪاري قيام ٿي ويندي هئي،
جيڪي ’سيلف ڊفينس‘ ۾ پنهنجو سينو سپر ڪري بيهندا
هئا. نيم باز نگاهن جي آرڊيننس هيٺ ابرن جي ڪمان
مان پيڪانن جي ناوڪ
[23] جون نوڪان انهن
جي جان وجگر ۾ پيوست ڪيون وينديون هيون، جنهن تي
انهن جا اهي ٻئي شاهه عضوا غربال ٿي پوندا هئا،
جنهن بعد ان ۾ هو گهڻو ئي پنهنجي مقدر جي ڇنڊڇاڻ
ڪندا هئا، ليڪن قسمت جو ليکيو ڪٿي صاف ٿي سگهيو
ٿيّ! خير، اهي ڳالهيون ته هيون خاص وقتن جون، ليڪن
هونءَ عام حالتن هيٺ به جڏهن شوخ و شنگ نگاهن جا
خدنگ دلين جي هدف مٿان هڻندي هئي، تڏهن عاشقن جي
هڪ هٿ ۾ جان ۽ جگر اچي پوندو هو ۽ ٻئي هٿ ۾ دل کي
جهلي اهڙي اندر مان آهه ڪڍندا هئا، جو اها گهڻو
ڪري ته وڃي عرش عظيم تائين رسندي هئي، ليڪن جڏهن
قسمت جي ڪوتاهيءَ سبب اها آهه نارسا ٿي، پٺتي موٽ
کائيندي هئي، ته ڪم از ڪم گنبد گردان جي هيٺان ابر
بڻجي بادو باران ضرور ڪندي هئي. انهيءَ آهه سان
جڏهن ناله و فرياد به شامل ۽ شريڪ ٿي پيو ٿي، ان
وقت عاشقن کي ضرورت ٿيندي هئي ته پاڻ سان گڏ ڪو
پگهاردار نوحه گر به رکن، ليڪن مقدور[24]
نه هجڻ سبب اهو ڪم به پنهنجيءَ ئي نڙيءَ مان وٺڻو
پوندو هين. اهي ئي آهو چشم جڏهن ’خطا‘ ۽ ’خطن‘
تائين پهچندا هئا، تڏهن اتنهن جو آهو نه ڇڙو رام
ٿي پوندو هو، بلڪ رمِ آهو به هميشه لاءِ وسري
ويندو هيس. خير وڏيرن جي وحشت جو ته حال ئي نرالو
هوندو هو: ويچارن کان سندن سايو به گريزان رهيو ٿي[25].
جڏهن وائٽ هارس وسڪيءَ جو پيمانو پيئندي هئي، تڏهن
اهي ئي اکيون چشم ميگون بڻجي پونديون هيون. ان وقت
معلوم ٿيندو هو ته بيني صراحي آهي ۽ ان جي ٻنهي
پاسن کان دخت رز جا پيمانا رکيا آهن، جن ۾ بنت
العنب پيل آهي، جنهن سان هوند ڪنهن جي آشنائي ٿي
ويندي ته اهو فوراً پڪاري اٿندو ته ’اي برادران
اسلام! بلڪ اي برادرم! مان شادي هرگز ڪونه ڪندس!‘[26]
جڏهن ڀنگ چڪو چاڙهيندي هئي، ان وقت سندس اهي ئي
چشم ميگون ڦري چشم بيمار ٿي پوندا هئا. انهن تي
جڏهن عاشقن جي نگاهه پوندي هئي ته سندن لونءَ
لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي، ڄڻ ويچارن کي اوچتو
فلوءَ جي سٽ اچي وئي! اهڙن عاشقن کي ’مريض عشق‘
سڏيو ويندو هو، ۽ سندن چهري جو رنگ اهڙو زرد ٿي
پوندو هو، جو جڏهن سنڌي شاعر ان جو بيان پنهنجي
غزل ۾ ڪندا هئا ته ’آزاد ڪشمير جي‘ وادين ۾ زعفران
رنگ پنهنجو وڃائي ويهندي هئي[27].
انهن ٻنهي حالتن ۾ سندس چشم خماري جڏهن صبح جو
ڏسبا هئا، ته ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ رات جي
پهلوءَ مان صبح انگڙايون ڏئي اٿيو آهي.
سندس اکين مٿان ابرن کي اهڙي گولائي هوندي هئي، جو
ڄڻ ڪمان پيون معلوم ٿينديون هيون. جيڪڏهن صف مزگان
جي پلٽڻ ڪاڏهن لام تي ويل نه هوندي هئي ته انهن جي
اسلحه خاني مان ناوڪان وٺي، انهن ئي ڪمانن کي ڪشي،
عاشقن جي دل و جگر جي نشاني تي چاند ماري ڪندي
هئي، ۽ جڏهن ابرن جي ڪمان مان خدنگ[28]
سڌو وڃي انهن جي مرغ دل تي ٺهڪو ڪندا هئا، تڏهن دل
کي جيڪو ڌڙڪو وٺندو هو، سو حقيقت ۾ ’پلپيٽيشن‘ نه
هو، بلڪه اهو دل جو ڪُڪُڙ هوندو هو، جيڪو برنگ نيم
بسمل پيو تڙپندو هو[29].
ناز جا ناوڪ ۽ انداز جا خدنگ جڏهن ختم ٿي ويندا
هئا، ان وقت ابرن جي ڪمان کي تيغِ بـُـران ڪيو ٿي
ويو، ۽ پوءِ ترار هوندي هئي سندس هٿ ۾ ۽ ڪنڌ ۽
ڪياڙيون هونديون هيون لاڙڪاڻي جي سجادن ۽ وڏيرن
جون! الامان والحفيظ! خير، سندس ابرن جا اهي
معاملا هئا امتين سان، ليڪن اوڙي پاڙي جا مرشد
سڳورا جڏهن مريدن جي گهرن مان بيعت بازيءَ جو ڪم
ڪار لاهي ٻاهر نڪرندا هئا، تڏهن حوض دهن جي آب
ڪوثر مان ’سر بُزون‘[30]ساري،
سڌو اچي ابرن جي انهيءَ محراب ۾ بيهندا هئا، ۽
قيام بعد رڪوع ۽ سجدو شروع ڪري ڏيندا هئا. جي وقت
بچندو هئن، ته مصحف رخ جو هڪ پارو به پڙهي ڇڏيندا
هئا. عشق حقيقيءَ ۾ جيڪي خدا جا بندا انهيءَ حد
تائين وفور هئا، جو کين حور کان به نفور
[31] هو، اهي هر جاءِ
’همه اوست‘ سمجهي، رڪوع سجود ته گهر ۾ ئي ڪندا
هئا، البته سندس ابرن کان ماهه رمضان جي روزن بعد
شوال جي رويت هلال جو ڪم وٺندا هئا. اڄ جيڪڏهن هاج
هجي ها، ته هوند ڪراچيءَ واري ”رويت هلال ڪميٽي“
آسمان تي اڏامڻ جي اذيت کان ڇٽي پوي ها! متقي ۽
پرهيزگار جيڪي نينهن ۽ نيش لاءِ نا اهل سمجهيا
ويندا هئا، نگاهن جون ناوڪان انهن لاءِ ته ڪونه
استعمال ڪندي هئي، البته سندن ويسٽ اينڊ واچ
ڪمپنيءَ جي انجڻ ڇاپ گهڙيءَ سان جيڪو قطب نما
لڙڪندو هو، ان جي قبلہ نما کي آشياني اندر
تڙپائينديون رهنديون هيون[32].
ڪڏهن ڪڏهن اهڙو حادثو به ٻڌبو هو، جو پنبڻ جو
پيڪان قطب نما تان ٿڙڪي، سڌو ڪن جي دل ۾ وڃي پيوست
ٿيندو هو، جنهن جو نتيجو عام طرح اهو نڪرندو هو،
جو اهي مجاز جي رستي تان ٿڙڪي وڃي ’حقيقت‘ جي راهه
تي پوندا هئا. ليڪن اهڙا واقعا تمام شاذو نادر ٻڌڻ
۾ ايندا هئا.
سندس بينيءَ جي تعريف ته اڳ ۾ ئي ڪري آيا آهيون ته
ڄڻ دخت رز جي پيمانن جي مابين صراحي يا گويا مينا
هئي، جنهن مان سياري جي سرد راتين ۾ زڪام قلقل
ڪيون ٻاهر پيو نڪرندو هو، ليڪن ڪي ان کي غنچہ زنبق
سان به تشبيهه ڏيندا هئا[33].
سندس عجيب عارضن جو ڇا چئجي، جنسي سيب سمر قندي!
ٿوري ٿوري لالاڻ ۽ لالي، باقي انهيءَ خط جو سر
سبزو، جنهن کي سنڌي شاعر ”خط ’خضربشي‘ عيسيِّ
دوران“ چوندا آهن. متنازع فيهه ڪشمير جي صوف کي ته
قيل مقال يا مقابلي جي مجال ئي ڪانه ٿيندي هئي. ڪن
جو قول هو ته سندس رخ روشن تي رخسار ائين هئا، جو
انهن کي ڏسي گلِ صدبرگ به پنهنجو پيراهن پشيمانيءَ
کان صد چاڪ ڪري ڇڏيندو هو[34].
نه ڇڙو گل جي ڪائنات جو صورتحال اهو ٿي ويندو هو،
بلڪ سچ پڇو ته سياري جي صبح جو جڏهن تڙڦليل ۽
سينڌيون سرما ڪري تڙڪي تي ويهندي هئي، تڏهن خود
خورشيد درخشان به شرم کان بيتاب ٿي، منهن کڻي سايہ
ابر ۾ لڪائيندو هو[35].
لاڙڪاڻي جي جن غير تجربيڪار سنڌي شاعرن کي انهيءَ
واقعي جي پروڙ ڪانه هئي، انهن جڏهن سندس رخسار کي
خورشيد تابان سان تشبيهه ڏني، تڏهن سڀ کي خبر آهي
ته انهن جي ديوان جو هرهڪ فرد سندس جهالت سبب شرم
وچان زرد ٿي ويو[36]،
۽ نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترا شاعر پنهنجا ديوان
وڃائي ويهي رهيا. جڏهن تڙ کان پوءِ وار اچي ٻاهر
اُس تي سڪائيندي هئي، ان وقت سندس رخسار زلفن جي
وچ ۾ اچي اهڙو ظهور ڪندا هئا، جو ڏينهن ڏٺو ڦري ڄڻ
شبِ ديجور ٿي پوندو هو ۽ ائين ڏسبو هو، جو ڄڻ ماهه
منور اڀريو بيٺو آهي[37].
ڪتيءَ لٿي جي پارن ۾ سندس آتشين رخسار هميشه تابش
ڪري بيهندا هئا، ۽ عاشق جيڪي صادق سڏائيندا هئا،
سي انهن رخسارن جي ئي آتش تي اچي سيءُ - واءُ
لاهيندا هئا. اهڙين حالتن هيٺ جيڪڏهن ڪي اغيار اچي
پاسو وٺندا هئا، ته اهي ان رشڪ کان سڙي ’سر تابه
پا اخگر‘
[38] ٿي پوندا هئا.
انهن جا ئي ٽانڊا هئا، جيڪي شيخن واريءَ ڍنڍ تي
”حضور ممالڪ سنڌ“
[39] جي ڪيمپ ۾ ڪتب
ايندا هئا. شيخن جا ڪڙمي ڪاري ۽ هاري ناري هميشه
الله کي پيا الاهان ڪندا هئا، ته شال ڪو اغيار
رهڙجي پوي، جيئن سندن جند ڪانڊن بنڊن گڏ ڪرڻ
واريءَ ڇيڙ ۽ وڏيرن جي ڇتڪتائيءَ کان ڇٽي پوي!
انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ عاشق صادق پاڻ کي هم بغل سمجهي،
اغيارن لاءِ سمجهندا هئا ته ڄڻ اجل آيو[40].
انهن ئي آتشين رخسارن کي ڏسي، ڪيترن وڏيرن جي دل ۾
جڏهن عشق اُلا ڏئي اٿندو هو، تڏهن انهن ئي اُلَهن
جي آتش منجهان هو ’سمندر‘[41]
پيدا ٿي پوندو هو، جنهن لاءِ ”ديوان گدا“ جي شارح
جو چوڻ آهي ته وڏي ڪُئي جهڙو ٿئي ٿو[42]!
انهن سندس عارضن يا رخسارن مٿان خال هميشه ائين
پيو لڳندو هو، ڄڻ خانبهادر حاجي علي حسن خان
هـَـڪڙي جي حياتيءَ ۾ قمبر جي اسلامي شهر اندر
ديوان شامداس[43]
جهڙي مهاسڀائيءَ هندوءَ اچي ڪيمپ ڪئي آهي- يا وري
ائين پيو معلوم ٿيندو هو ته ڄڻ حسن جي سرڪار ۾ ڪم
ڪار لاءِ لوور سنڌ جي ڪنهن بزرگ پنهنجون سڀئي
ضرورتون پسِ پست وجهي، خاص حاضريءَ وارن شيدين مان
ڪنهن مضبوط حبشيءَ کي قمبر ڏياري موڪليو آهي. ليڪن
جيڪي عاشق انهيءَ حبشيءَ جي اعمالن ۽ افعالن کان
آشنا هوندا هئا، اهي ان کي زنجبار جو زنگي سمجهندا
هئا يا وري چوندا هئا ته حسن جي حڪمران وٽ درباني
ڪرڻ لاءِ اديس ابابا مان هيلاسيلاسيءَ غلام موڪلي
ڏنو آهي. ڪن جو اهو به قول هو ته اهو انهيءَ آهوي
مشڪين جو نافہ تتار آهي، جيڪو ملڪ ختن جي بيابانن
۾ چوڪڙيون ڀريندو وتي ٿو. اهوئي سندس خال، جڏهن
معنبر ٿي، رخسار تان هٽي، اچي ابروءَ مٿان بيهندو
هو، تڏهن اهو ائين پيو معلوم ٿيندو هو گويا تيغ
ابروءَ تي جوهر کلي بيٺو آهي[44]،
يا ائين پيو ڀانئبو هو ته خالِ سياهه ڄڻ زاغ آهي،
جنهن ڪمان تي اچي پنهنجو نشيمن ڪيو آهي[45].
جيڪڏهن ڪو پيڪان عاشقن کان بچي پوندس ته اهو ڪمان
۾ وجهي ان کي به هڻي ڪڍندي! اهوئي خال ابروءَ تان
لهي، جڏهن اچي چپ مٿان بيهندو هو، تڏهن اوڙي پاڙي
جا پير سڳورا ڀانئيندا هئا ته گويا خليفه چهارم جو
زنگي غلام حضرت قمبر پنهنجي سر ڪوزو کڻي حوض ڪوثر
تان پاڻي ڀرڻ آيو آهي[46]!
اهي ئي سائين سڳورا انهيءَ خال کي جڏهن خط سان
ملائيندا هئا، ته مصحف رخ جي سورهء اخلاص تي گويا
زير ۽ زبر اچي ويندي هئي.
لب لعلين، سندس اهڙا هئا، جو جڏهن بدخشان جي ملڪ ۾
انهن جا لالاڻ جو مذڪور پهچندو هو، ته اتنهن جو
ياقوت به شرم وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندو هو ۽ سندس
پيشاني عرق آلود ٿي پوندي هئي، يعني صاف سنڌيءَ ۾
کڻي چئجي ته ڄڻ پگهر اچي ڇٽندو هيس. لبن جي لاليءَ
کي ڪي ياقوت سان به تشبيهه ڏيندا هئا، جنهن مان
اهو فائدو هو ته انهن ياقوت لبن جو جنهن کي بوسو
هٿ اچي ويندو هو، ان لاءِ حسن جي سرڪار مان بدخشان
جي گورنريءَ جو پروانو
[47] فوراً اِشو ڪيو
ويندو هو. لبن جي انهيءَ لاليءَ متعلق ڪيترن کي
اختلاف راءِ به هو، يعني انهن جو چوڻ هو ته دراصل
ڪن عاشقن جو خون ناحق ڪيو ويو آهي، جن جي رت کي
شيشيءَ ۾ بند ڪري ڊريسنگ ٽيبل تي رکي ڇڏيو اٿائين،
۽ جڏهن هارسينگار ڪري ٿي ان وقت ان مان ذرو ڪڍي
چپن کي لائي ڇڏيندي آهي! ڪن جو وري قول هو ته سندس
لبن جي لالي خون نا حق جي سرخي نه آهي، بلڪ اهي ته
پاڻ ئي اهڙا جان بخش آهن، جو نيم بسمل عاشق انهن
کي ئي چوسي، ڪلمون ڀري اٿي ويهي رهندا آهن! انهيءَ
ئي قدرت ۽ ڪرامت سبب ته آب حيوان
[48] کي به هميشه
خجالت پئي رهي آهي، جنهنڪري هو خضر کي هٿ اچڻ کان
به نٽائي ويو. نه فقط منجهن جان بخشيءَ جي اها قوت
هئي، ليڪن چوسڻ وقت اهڙا لبِ شيرين لڳندا هئا، جو
جيڪڏهن انهيءَ دور ۾ قافله در قافله قطار اندر
قطار الغاران ڪندا سنڌ تي مهاجر يلغار ڪن ها، ته
هوند اهي انهن لبن کي يوپيءَ جو ’چوسني ڪا آم‘
تصور ڪن ها، ليڪن اها شامت چونڪه ان وقت سنڌ مٿان
ڪڙڪيل ڪانه هئي، تنهنڪري ڇڙو سنڌي انهن جي شيرين
تيءَ ۽ شڪر مٿان نيشڪر، انگبين، شهد، ۽ حلوي کي
تصدق پيا ڪندا هئا
[49]، انهيءَ ئي مٺاڻ
تي ته شيفتہ ٿي، ڪيترن وڏيرن زمينن جا قطعي[50]
وڪرا ڪري، پاڻ وڃي ڪار قنادي شروع ڪئي هئائون[51]!
انهن لبن جي وچ ۾ ”غنچهء دهن“ ائين هوندو هو، ڄڻ
هڪ نقطو آهي، ليڪن اهو به موهوم[52].
انهيءَ ئي موهوميءَ سبب عاشق جئڙا هن عرصهِّ عالم
۾ هميشه تنگ گذاريندا هئا. مگر ڪن لاءِ تنگ هو ته
ڪن لاءِ وري اهوئي دهن چشمـہ حيوان
[53] بڻجي پوندو هو،
جنهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي ڪنهن وقت خضر به گم
ڪردهء راهه ٿي پيو هو!
دندان مبارڪ سندس اهڙا روشن ۽ تجلي دار هئا، جو
جڏهن ڪنهن تي راضي ٿي تبسم فرمائيندي هئي، ان وقت
هڪ طرف تبسم سبب قمبر شهر ۾ گل ڦل ٽڙي، باغ ۽
بستان لڳي ويندا هئا، ۽ ٻئي طرف ڏندن جو تاب عدن
جي شهر ۾ پهچي، اُتنهن جي دُرَ جو آب پاڻي ڪري
ڇڏيندو هو، جنهن بعد ويچارو در، عدن حياءَ ۽ حجاب
کان صدف منجهان ٿورو منهن ڪڍي، وري اندر ڪري
ڇڏيندو هو. ليڪن تبسم جو اهو تجلو خواه دندان جو
اهو تاب تڏهن ظاهر ٿيندو هو، جڏهن اهڙو ڪو نوخيز
وڏيرو وٽس اچي نڪرندو هو، جنهن جي پيءُ جو اڃا
ستون جماڻون ٿيل ڪونه هوندو هو- ورنه عام طرح ته
اهڙو زهرخند ڪندي وتندي هئي، جو هڪ طرف ان جي برق
عاشقن جي مرغ دل جو آشيانو ساڙي ٻاري ڇڏيندي هئي ۽
ٻئي طرف ان جي بجلي سندن صبر و قرار جي خرمن مٿان
ڪري، ان کي خاڪ سياهه ڪندي رهندي هئي.
انهن دندانن جي وچ ۾ زبان ائين هوندي هئي، ڄڻ دهن
جي غنچي ۾ ڪو گلبرگ آهي[54].
غالباً لاهور واري گلبرگ ڪالوني به اهڙي ئي ڪنهن
حسين جي زبان جو ذائقو وٺي، ٺاهي وئي آهي. سندس
سخن اهڙو شيرين هوندو هو، جو جڏهن پاڻ ڪنهن خوش
قسمت سان تڪلم ڪندي هئي، ته فوراً ان تي قند مڪرر
نثار ڪندو هو[55].
اهوئي ڪارڻ هو، جو گهڻ وڏيرن جي گهرن ۾ انهيءَ
زماني ۾ ”قَند مڪرر“ هوندا هئا.
ذقن يا زنخدان جو چاهه اهڙو اونهو هيس، جو جيڪڏهن
ڪنهن شاعر کي ٿاٻي جي ٽؤنڪر هجي، ۽ اهو لاڙڪاڻي جي
مشاعري ۾ سندس سراپا بيان ڪندي ڪندي انهيءَ جاءِ
تي اچي ٿاٻڙجي ڪري پوي، ته هوند اوستائين ان مان
نڪري ڪونه سگهي ها، جيسين بابل جي چاهه مان هاروت
۽ ماروت جو موک نه ٿئي ها. ذقن جي هيٺان جو نظارو
ڪولاچيءَ واري ڪُن جي ڏِکَ ڏيندو هو، يعني اتي گرد
آب ڏسڻ ۾ ايندو هو، جنهن ڏانهن مولانا جاميءَ بيبي
زليخان جي سراپا بيان ڪندي اشارو فرمايو آهي:
قرارِ دل بود ناياب آنجا،
که هم چاهست و هم گرداب آنجا.
نه فقط ان جي ڏسڻ سان دل جو قرار ڪافور ٿي ويندو
هو، بلڪ گهڻن عاشقن کي ته اهڙي اچي بيقراري کڻندي
هئي، جو جيسين ڦٿڪندي ڦٿڪندي وڃي ڪـُـنن ۾ نه
ڪرندا هئا، تيسين کين قرار ڪونه ايندو هو.
گردن بلور جهڙو صاف صراحي دار، يعني شراب جي
صراحي، يا ڄڻ مئي جي مينا. جڏهن مـُـل پيئندي هئي،
ته اها پئي ڪندي هئي ’قل قل‘. ڪونج جهڙي سنهي ڳچي،
ڪانه چئبي، ڇاڪاڻ ته اها غزل جي تشبيهه ڪانه آهي.
سندس سينو اهڙو صاف، جهڙو سنڌ جي سيدن ۽ سجادن،
وڏيرن ۽ ليڊرن جو نامہ اعمال- ۽ ان تي ٻه پستان
ائين اڀريل گويا ٻه وڏيءَ سائيز جا قنڌاري انار،
ڪن بيدار بخت عاشقن کي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ رکيو ٿي وتي،
يا وري بقول شخصي[56]:
دو دستنبوي خوش، پُر مغز و رنگين،
ڪزو خون شد دلِ صد نار ياسين.
مولانا جاميءَ جا هيٺيان بيت ته مثال طور ڪتب آڻي
ڪونه سگهبا، ڇاڪاڻ ته اهي محض پيغمبر جي بيبيءَ
لاءِ مخصوص آهن:
دو پستان، هر يڪي چون قبہ نور،
حبابي خانهِّء ازعين ڪافور.
دو نارِ تازه، بر رسته زيڪ شاخ،
ڪفِ اميد، شان ناسوده گستاخ.
يعني، ٻَئي پستان اهڙا، ڄڻ منجهائن هر هڪ نور مان
ٺهيل قبو آهي، يا گويا ڪافور مٿان ٻه حباب آهن، يا
وري ٻه نوان ڏاڙهون آهن، جيڪي هڪ ئي ٽاميءَ مان
ڦٽي نڪتا آهن- مهٽڻ سهٽڻ ۽ مساس ڪرڻ لاءِ جن تائين
اڃا ڪنهن جو گستاخ هٿ پهتل ڪونه هو! بلڪل تازا، تر
۽ شگفتہء! انهيءَ مثال کي ڪتب نه آڻڻ لاءِ هڪ ٻيو
به سبب آهي: هاج جا قبہ نور يا ڪافوري حباب، انار
تازه ڪونه هئا، بلڪه سودن جو صيغو پڙهي، ڪيترا
گستاخ هٿ مالش ۽ مهٽ لاءِ انهن تائين پهچي چڪا
هئا. ايٽم بم انهيءَ دؤر ۾ ڪونه هو، ورنه ڪي
ڪميونسٽي خيالن جا عاشق، ائين چوڻ کان ڪونه
ڪيٻائين ها ته انهن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي خيال
سان، سيني جي بيس (Base) آمريڪا کي عيوض ۾ ڏئي، ان کان پنهنجي اسلحه خاني ۾ اهي ايٽم
بطور ايڊ جي مهيا ڪري رکيا ويا آهن.
ميان البت موءِ جهڙي سنهي يا اهڙي موهم ڪانه هئي،
جنهن کي تار نظر کان به باريڪ تر[57]
چئي سگهجي، حالانڪ جي ائين هجي ها ته عاشق لاءِ
هوند ڏاڍو سک ۽ سهنج ٿي پوي ها، نه اڳٺ ٻڌڻ جي
جاءِ هجي ها ۽ نه سٿڻ جي ئي ’دخل در معقولات‘
موجود هجي ها[58].
بقول جامي ”ززيرِ ناف تا بالائي زانو“ يعني ناف
کان هيٺ، جنهنکي ڪن شاعرن ’ڪان جواهر‘[59]ڪوٺيو
آهي، ان جي وصف ۽ واکاڻ ته خير اهي ئي ڪري سگهندا،
جن جي اڳيان بند قبا کليو هوندو، يا جن انهيءَ
مرحلي جي عقده ڪشائي ڪئي هوندي. اسان ته فقط ٻڌسڌ
تي هيترو چئي سگهون ٿا:-
که گندم رهزنِ آدم درينجا ست
- يعني ڪڻڪ جو اهو داڻو، جنهن جي لست ۽ لذت ڏاڏي
آدم جهڙي شريف انسان ۽ ملا ماڻهوءَ کي به بهشت
منجهان ڌڪا ڏياري ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو هو. مٿينءَ سٽ
جي رعنائيءَ ۽ معنيٰ آفرينيءَ جي پروڙ فقط انهن
پڙهندڙن کي پئجي سگهندي، جيڪي مرشدن جي تشبيهه
مبارڪ جو تصور ڪڍي، ڪڻڪ جي داڻي جي شڪل صورت جو
خيال دل سان هنڊائيندا.
طلائي سرين کان وٺي ساق سيمين تائين جو مذڪور پڻ
اسان ڪونه ڪري سگهنداسي. انهيءَ سلسلي کي سمجهڻ
لاءِ يا ته ناظرين ڪرام کي پنهنجي حسن نظر تي
ڀاڙڻو پوندو، يا وري ان جو صورتحال اهي ئي سمجهائي
سگهن ٿا، جن انهيءَ وچ جي جلون ۽ جمال يا جوڙ ۽
جنسار کي يغما ڪيو هوندو- سرين جي سلسلي ۾ البت
هيترو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته:-
بدان نرمي که گر افشرديش مشت
برون رفتي خمير آسا، ز انگشت،[60]
- اهڙا نرم، جو جيڪڏهن انهن ۾ مـُـٺ پئجي وڃي ته
هوند آڱرين جي وچ مان انهن جو نرم گوشت ائين ٻاهر
نڪري اچي، جيئن اٽي ڳوهڻ وقت خمير نڪري پوندو آهي.
’ساق سيمين‘ لاءِ مولانا جاميءَ فرمايو آهي ته:-
بناي حسن را سيمين ستونست،
اسان به کڻي ان تي اڪتفا ڪيون ٿا، گويا حسن جي
عمارت جا ٿنڀا يا پيل پاوا هيون. سرين ۽ ساق جي وچ
۾ سندس زانوءَ جو ذڪر ڪندي، بلامبالغي چئي سگهجي
ٿو ته جنهن کي همزانو ٿيڻ نصيب ٿيندو هو، ان جي
اڳيان گويا دنيا جي دولت جا دروازا واشگاف ٿي
ويندا هئا- خانقاهه نشين البت همزانو ٿيڻ جي
انهيءَ ڪري ڪوشش ڪندا هئا، جو هميشه کين دين سان
گڏ دنيا جي دولت لٽڻ جي تانگهه من ۾ هوندي هئي.
هٿن ۽ پيرن کي لائيندي ته ميندي هئي، ليڪن ڪن زخم
خوردهه عشاقن جو اهو قول هو ته هن پنهنجا هٿ پير
انهن عاشقن جي خون ناحق مان رڱيا آهن، جن کي هن يا
ته خنجر ابروءَ سان قتل ڪيو آهي، يا جيڪي ناوڪن جا
نيش کائي زخمي ٿي پيا آهن. جن عاشقن کي اها
بدگماني ڪانه هئي، انهن کي فوراً سندس پنجهء
حنائيءَ جي زيارت مان حسن جي دربار تائين سرخروئي
[61] جو پروانو ملي
ويندو هو. جڏهن اهي اتي رسندا ها، تڏهن کين مرڳو
يقين ٿي ويندو هو ته پاءِ يار کي پنجهء حنائيءَ
وانگر ميهڙ جي ميندي لڳل آهي.
سندس قد سرو جهڙو سڌو يا شمشاد جهڙو سنئون ڪونه
هو، جنهن کي قامتِ رعنا يا قد دلجوي جانان چئي
سگهجي، ۽ پوءِ خواهه مخواهه قمري صفت طوق بندگي
اچي گردن ۾ پوي[62].
صنوبر سان به ان جي مشابهت ڪري ڪانه ٿي سگهجي،
جنهن تي عاشقن جي دل جي قمري گهڙي ساعت ويهي فراق
منجهان ڪو! ڪو! ڪري سگهي، يا جنهن تي صلصل
[63] ويهي، بلبل صفت
فرياد ڪري سگهي. اهڙو به قد ڪونه هيس، جو جيڪڏهن
ڪاڏنهن گهمڻ گهتڻ نڪري ته ائين پيو معلوم ٿئي گويا
هاج جي بجاءِ قمبر شهر ۾ قيامت جو ڪال اچي کتو آهي[64].
درحقيقت قد ۽ قامت جي هوءَ پوري پني هئي، بلڪ ڪي
قدر منڌري چئجي ته بيجا نه ٿيندو.
بدن هروڀرو گلاب جي ٽاميءَ جهڙو نازڪ ڪونه هيس- در
حقيقت بت جي ڀريل هئي ليڪن نهايت سهڻو ۽ سريلو.
هلندي چلندي هميشه ماڻهن وانگر هئي سندس خرام ۾
ناز ضرور هو، ليڪن محشر پنهان ڪونه هو، جو هلڻ سان
پيو معلوم ٿئي ڄڻ فتنئه محشر سان اچي پالو پيو
آهي، اجهو ڪي اجهو ٿو نامہ اعمال پيش ٿي ۽ بهشت ۽
دوزخ جا دڙڪا ڄاڻ ٿا ثابت ٿين. توڙي جو خلخال پائي
هلندي هئي، تڏهن به داور محشر جي دربار لڳڻ جو
امڪان ڪونه هوندو هو.
سيم تن ڪانه هئي، جنهن کي ڏسي عاشقن جي دل نقرهِّ
خالص ٿي پوي
[65] رنگ کليل ڪڻڪ
ونو، ڏاڍو وڻندڙ ۽ دل کي ڇڪيندڙ- ائين روشن ڄڻ سچو
سون پيو جرڪي.
* * *
الغرض اهڙي آب تاب، جوڙ ۽ جنسار سان هاج جي هٿان
وڏيرن جي پئي هاج لهندي هئي. قنبر جو اهو ڪوچہ
جانان، جنهن ۾ پاڻ رهندي هئي، نه ڇڙو عاشقن لاءِ
رشڪ باغ وبهار هو، بلڪ عاشقن کان ان جي بهاريءَ
جون ڳالهيون ٻڌي، لاڙڪاڻي جي ديوان گيانچند کي به
پنهنجو باغ پيو بي حقيقت معلوم ٿيندو هو. انهيءَ
ڪوچي ۾ ڪيترا اٻهرا عاشق وڏيرا بيٺل فصل گروي رکي
اچي رسندا هئا. ڪي ديري تائين ترسي، پوءِ سهي
سنبري اچي ڪـُـوءِ يار ۾ قيام فرمائيندا هئا. بهر
حال هر صورت ۾ ضلعي جي هارين نارين جي رت پونءِ
اتي ئي اچي پاڻيءَ وانگر وهندي هئي. نه ڇڙو اهو،
بلڪ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڪيترا سجادهه نشين خواهه
سيد سڳورا به سياري جي موسم ۾، گهنڊن ۽ گهڙيالن
سان يا ڪلمي شريف جي نعرن هيٺ، خليفن کڙن جي حلقي
اندر
[66]، اٺن گهوڙن جون
قطار ان ڪاهي، مريدن جي گهرن ۾ ’خفي‘ ۽ جلي ذڪر
ڏئي، جيڪو نذرانو اڳاڙي ايندا هئا، اهو پڻ اتي اچي
صرف ڪندا هئا. بهرحال انهيءَ جاءِ تي زاغ و زغن جو
ڪم ڪونه هو. فقط وڏ وڏيرن ۽ پڳدار پيرن جي گهرج
هوندي هئي، جيڪي انهن جي گرد و غبار کي اڪسير
[67] سمجهي، نه ڇڙو
پنهنجي منهن مٿي تي پيا وسائيندا هئا، بلڪ پنهنجي
ملڪ ۽ ملت جي قسمت مٿان به اُها ڇائي ڇاڻيندا
رهندا هئا.
هاج جڏهن پنهنجو بروج مشده
[68] ڇڏي، خوش خرام
ٿي، ڪاڏنهن هلندي هئي، ته في الحال قمبر وارو ڪوچو
شهر خموشان ٿي ويندو هو. باوجود هن جي جو چپ
وراست، يمين ۽ يسار، جرانغار خواه برانغار کان،
حضرت عزرائيل پاڻ اجل جا وارنٽ هٿ ۾ کنيون پوش!
پوش! ڪندو هلندو هو، ليڪن ان هوندي به نظربازن کان
وڌيڪ وڏيرن جون قطارون ڪڍ هونديون هيس. ريل جتي
اچي بيٺي، اتي زناني گاڏي اڳيان ڳاهٽ لڳي ويندا.
غريب غربو ته ”اڙي يار هيءَ قمبر واري هاج ويٺي
ٿي!“- چئي، اڳتي راهي ٿيندو هو، ليڪن وڏيرا انهيءَ
جاءِ تي پهچي، گل محمد
[69] بڻجي ويندا هئا.
جيسين ريل هلندي، تيسين پيا گاڏي اڳيان مڇان
مروٽيندا ۽ سٿڻ جا ور ٺاهيندا. هرڪو پيو پاڻ کي
ڏسندو متان مٿس ئي ڪا نگاهه دلنواز پئجي وڃي. خدا
نه ڀلائي ته راقم الحروف به زناني گاڏي جي اڳيان
ئي هڪ لڱان جهٽ سوا لاءِ سندس جلوا جهٽيا هئا.
بهرحال عين انهيءَ وقت وڏيرن کي کارس به اچي کڻندي
هئي. هڪ هٿ مڇن ۾ ۽ ٻيو سٿڻ ۾. توبہ نعوذ با الله
اها بد عادت به کين ڏاڍي هوندي هئي. شايد زمينن
کسجڻ بعد هاڻي ڇڏي هجئون!
* * *
زناني گاڏي اڳيان بيهڻ جي ڳالهه وچ ۾ آئي ته هڪ
لطيفو اچي ياد پيو آهي. ڀانيان ٿو ڏاڍو برمحل
ٿيندو، جي اوهان به ٻڌي ڇڏيو. مرحوم ماستر محمد
بخش
[70] ڳالهه ڪندو هو
ته هڪ دفعي ڪراچيءَ کان سکر آيو ٿي. انهن ڏينهن ۾
گاڏين اندر گپا گيهه ڪانه هوندي هئي، اڄ وانگر
ماڻهوءَ مٿان ماڻهو سوار ڪونه هوندو هو، سڄو گاڏو
خلاصو، فقط هڪ نئون شادي شده پارسي جوڙو اچي ساڻس
گڏ چڙهيو شايد ڪاڏنهن هني مون ملهائڻ ويو ٿي. سهڻي
۽ سوڀيائتي ڪنوار، گهوٽ به ڏاڍو ڏيل ۽ ڏيک وارو،
ٻئي سج چنڊ هئا. ايترو نوان پرڻيل ٿي ڏٺا سوڀيائتي
ٿي ڏٺا، جو اڃا دل ڀري هڪٻئي کي ڏٺو به ڪونه
هئائون. ٻئي ايترا لڄارا هئا، جو هڪٻئي ڏانهن اک
کڻي چتائي به نٿي سگهيا، فارسي محاوري مطابق رڳو
دزيده نگاهن سان ڪڏهن ڪڏهن ڏسي ٿي ورتائون. اکيون
اکين ۾ ڪڏهن اوچتو اٽڪي ٿي وين، ته ٻنهي جا ڪنڌ
جهڪي ٿي ويا. گويا آشنائيءَ جو اڃا ابتدائي عالم
هو، يعني حجاب به حائل ته حياءُ به مانع. ڪراچيءَ
مان چڙهندي ڪنوار ڪنهن وڏيري جي نظر چڙِهي وئي، هر
اسٽيشن تي گاڏي اڳيان حاضر! مٿو اگهاڙو، سينڌ
نڪتل، پـَـٽَ جو هڪ رومال کيسي ۾ ٻيو هٿ ۾، ريشم
جو رنگين اڳٺ وائل جي قميص مان پيو ڏيکارجي ۽ ڪجهه
ساوا نوٽ قميص جي کيسي مان پيا ظاهر ٿين. دستور
مطابق هڪ هٿ شهپرن ۾ ته ٻيو کارس
[71] ۾ مشغول. اکيون
ڪنوار جي چهري تي کتل. نگاهه ترڪي وڃي، ته هيڏي
هوڏي وارو مٽائي، وري سڌو مائيءَ جي منهن تي. هڪ
اسٽيشن، ٻي اسٽيشن، ٽين اسٽيشن، آخر ڪنوار به اچي
ڪڪ ٿي ۽ مائيءَ جو مڙس به تنگ ٿي پيو. ڪوٽڙيءَ کان
اورتي جڏهن گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي اچي بيٺي، تڏهن
پارسي نوجوان اشاري سان وڏيري کي پاڻ ڏي سڏيو.
پهريون کيس چتائي ڏٺائين، سندس مڇن ۽ ٻن رومالن جو
جائزو ورتائين، اڳٺ کي به ڏٺائين، ۽ کيسي ۾ پيل
چند نوٽن جو به اندازو ڪيائين. ان کان پوءِ کـِـلي
پنهنجي ڪنوار ڏي اشارو ڪندي وڏيري کي چيائين،
”وڏيرا صاحب! مان اڃا ڪالهه شادي ڪئي آهي. هي
صندوقان ڏس، اها پنجاهين پتي به ڪنوار جي ڏاجي جي
ڪانه آهي. مان به ملڪيت وارو آهيان ۽ پاڻ به
شاهوڪار جي ڌيءُ آهي. هاڻي تون کانئس پڇي ڏس! جي
اهو سڀڪجهه ڇڏي فقط تنهنجي مڇن، ٻن رومالن، ۽ هڪ
اڳٺ جي آسري تي توسان هـَـلـِـي هـَـلي ته منهنجون
اکيون ٿڌيون“. وڏيري ويچاري جون وايون بتال ٿي
ويون، شرمندو ٿي ائين گم ٿيو، جيئن لاحول کان پوءِ
شيطان. ماستر چيو ته ڪوٽڙيءَ کان وٺي سکر تائين
انهيءَ لطيفي تي اسان ٽـَـئي ٽهڪ ڏيندا وياسين.
انهيءَ کل چرچي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جو حجاب به هڪ حد
تائين دور ٿي ويو، ۽ روهڙي اسٽيشن تي صبح جو اٿي
جڏهن ماستر ٻنهي کي ڏٺو ته ٻئي پاڻ ۾ راهل مائل ٿي
ڏٺا، ڄڻ سالن جا ساٿي آهن.
بهرحال! جيسين هاج جي ضلعي لاڙڪاڻي مٿان حڪومت
هئي، تيسين گهڻو ڪري سڀئي چڱا مڙس عاشقن واري ”شش
نشانيءَ“ ۾ مبتلا هوندا هئا. سمجهان ٿو 1934ع کان
پوءِ دلين تي داغ ڏئي هتان هالاڻو ڪري هلي وئي.
* * *
وڏيرن جو مذڪور ته سندن جهالت سبب وچ ۾ اچي ويو،
انهن جي ڳالهه نڪتي ته هاج جي حڪايت به پنهنجو پاڻ
نب جي نوڪ تي نروار ٿي آئي. دراصل قصو ڪري رهيا
هئاسين غزل گو شاعرن جي مشاعري جو، ۽ ان ۾ ذڪر هو
ميان امام الدين ٽپاليءَ جو، جنهن جو تخلص ”ضامن“
هو. تنهنڪري انهيءَ مشاعري واريءَ سنبت سبب، هاج
جي حسن بيان ڪندي، تشبيهون ۽ محاورا، اکر ۽
استعارا اسان کي اهي ئي ڪتب آڻڻا پيا، جيڪي سنڌ جا
شاعر پنهنجن غزلن ۾ ڪتب آڻي، ائين سمجهندا رهن ٿا
ته هو سنڌي ادب جي نه ڇڙو زبردست خدمت ڪري رهيا
آهن بلڪ ان کي لاتعداد خزانا ڏئي مالامال ڪري رهيا
آهن.
بهرحال اهي قصا ۽ ڪهاڻيون ته ائين اچي ويون جيئن
ڪافيءَ جي مصرع پٺيان ڏوهيڙو ڏبو آهي، تنهنڪري
”ڳالهه ٿي ڪيم“ چئي، موٽي اچون ٿا مطلب جي ڳالهه
تي.
مرحوم ”نياز“ جڏهن اٿندو هو، ته هڪ وڏي ڌيرج ۽ شان
سان. علامه اقبال واري خودي ته بلند ڪانه هيس،
البت خود اعتمادي منجهس ضروري هئي. پهريون کيسي
مان عينڪ ڪڍندو، رومال سان ان جي شيشن کي صفا ڪري
اکين تي رکندو، ان کان پوءِ سامعين ڪرام مٿان هڪ
نگاهه غلط انداز اڇلائي، هٿ وجهندو کيسي ۾. هڪ
کيسو، ٻيو، ٽيون، آخر اندرئين کيسي مان هڪ نهايت
ئي خسيس ڪاغذ جو پرزو ڪڍندو. اهو به حقيقت ۾ سندس
هڪ انداز هو، جنهن کي مشاعري وارن جي زبان ۾
’تجاهل عارفانه‘ چئبو آهي. بهرحال اهڙي استادانه
طور ۽ طريقي سان پرزي تي نظر وجهندو، جو معلوم پيو
ٿيندو، ڄڻ سندس فني ڪمال جو اهو ته هڪ ادنيٰ مظهر
آهي- در حقيقت منجهانس اميد ڪنهن تمام عظيم تخليق
جي رکڻ گهرجي. آخر ۾ جناب صدر اڳيان جهڪي، کائنس
اجازت وٺي، پوءِ ڪندو هو منهن مجمعي ڏي- جيسين
نياز مشاعري جا اهي ابتدائي آداب پورا ڪندو هو،
تيسين سامعين، ”باتمڪين“ بڻيا ويٺا هوندا هئا،
يعني دم بخود، نه چرپر، نه سس پس. جو جاتي سو
تاتي. هنن ڄاتو ٿي ته هاڻي نياز پڙهڻ وارو آهي.
عقل ۽ دماغ جا داستان هرڪو ڪري چڪو، هاڻي دل جون
حڪايتون هلنديون، محبت جي سوز ۽ ساز جا اونها
اسرار، راز ۽ رمزان، سندن علم ۾ ايندا. ڇڙو رعايت
لفظيءَ جي ڌم ۽ دور ازڪار تشبيهن جي ڌماچوڪڙي ڪانه
هوندي، بلڪ ڪجهه حقيقت حال به ان سنئين سڌيءَ زبان
۾ هوندو، جنهن کي هو آسانيءَ سان سمجهي سگهندا.
وڇوڙي ۽ ورهه جو جيڪڏهن واءُ گهلندو ته وصال جا
ورق به ضرور ورندا. هروڀرو هجر ۽ فراق ۾ منهن مٿو
پٽيل ڪونه هوندو. فرقت جي دقت انهيءَ حد تائين
بيان ٿيل ڪانه هوندي، جو عاشق ان جي ڪري نه ڇڙو
’برنگِ برق بيتاب‘ ٿي وڃن[72]،
بلڪ ان جي آتش کان سندن ’دل پـُـر داغ‘ به ’سروِ
چراغان‘ تي سبقت ڪري وڃي[73]،
جنهن بعد سامعين جي ’تمڪين‘ ته رهجي وڃي مشاعري ۾
۽ منجهانِ ڪي ڀڄن گهرن ڏانهن ”غياث اللغات“ کولڻ،
۽ ڪي ڊوڙي وڃن اطلاع ڏيڻ فائر برگيڊ کي. بجاءِ شعر
گوئيءَ جي پوءِ باهه وسائڻ واري انجڻ گهنڊ گهڙيال
وڄائيندي، اچي نڪري ميان علي محمد جي اوطاق تي يا
فقط انهيءَ ’آه پرسوز‘ جي ڪهاڻي ڪيل ڪانه هوندي،
جيڪا صرصر کان به وڌيڪ سوسٽ ڪندي[74]،
وچ ۾ برق کي بيتاب
[75] بڻائيندي، فلڪ
ڪج رفتار جي سيني ۾ سوراخ ڪري، هفت آسمان جو هفت
خوان طي ڪندي سڌو وڃي عرش عظيم جي پيل پاون کي
ساڙي، ۽ جنهن کان پوءِ نه فقط مشاعري ۾ هراس کان
تڏا ويڙهه جو عالم اچي وڃي بلڪ خود خدا کي به خبر
پئجي وڃي ته زمين تي به ڪي جوان رهن ٿا. ”نياز“
انهن ٿڌن شوڪارن جو ذڪر ضرور ڪندو، جيڪي راتين جي
اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن جي اچڻ جو آسرو پلي، نا اميديءَ
جي نجهري پـَـئي، اندر مان ڪڍبا آهن. ”نياز“ جي
سامعين کي اها به سڌ هئي ته ڪلام پڙهندي ڪا هڪ اڌ
تڪ اهڙي به ضرور اچي ويندي، جنهن جي ٻڌڻ سان اکيون
آبجي پونديون، ۽ دل ۾ ائين پيو معلوم ٿيندو، ڄڻ
ڪنهن چهنڊي پائي ورتي. ٺلو ’دانهاِّ اشڪ‘ جو
داستان ڪيل ڪونه هوندو، جنهن تي ڪي شاعر ’گوهرِ
شاهوار‘ کي به نثار ڪري ڇڏيندا آهن
[76]، يا انهن کي ’لولوئي لالا‘ سان مشابهت ڏئي خواهه مخواهه اکين
کي ’غيرت نيسان‘[77]
بڻائي ڇڏي، ۽ ڪجهه وقت بعد اکين مان اچي موتيا
پاڻي لهي، ۽ ماڻهو وتي ڊاڪٽر هالينڊ جا پتا پار،
ڏس ۽ پنڌ پڇائيندو، يا وري اکين جي ’يم‘[78]
جو بيان ڪري اهڙا واٽر ڪورس وهائجن، جو انهن جي
’آب روان‘ ۾ جڏهن لڙهي
[79] هلجي، ته واٽهڙو
ان کي لاوارث لاش پيا سمجهن. اهي ڪم ايراني ۽ اردو
اکين جا- اسان جون اکيون حجاب ۽ حياءَ جون ماريل،
پنهنجو مرم هڪ طرف پيو مارين ته محبوب تي مامري
مچڻ جو ٻئي طرف اونو ۽ الڪو. ڪنڊ پاسي وڃي، عام
کان گوشو ڪري، لڪ چوريءَ کڻي ٻـُـڪ پاڻين جو
وهائين، ليڪن عام جي اڳيان لـُـڙڪن وهائڻ کان پيو
لـڄ مرنديون، قطرو ڪيرڻ کين پيو عيب لڳندو، متان
ڪو دل جو ڀيد نه پرکي وٺي، متان اندر جي اورا
جهورا پڌري نه ٿي پوي، متان کرن ۽ کاهوڙَن کي
کـُـڙڪو نه پئجي وڃي، ۽ مبادا ڪو طعنو ۽ تنڪو نه
هڻي رکي، ڪو ويڻ نه ڏئي وٺي- انهن کي مُـهڙيان ئي
”نِهائين کان نينهن“ جي سُتي جا پيل هئي! انهن جو
عام اڳيان ڇڙو آبجي پوڻ به وڏي ڳالهه هئي ليڪن ڇا
ڪن، ”نياز“ جي تڪ، جو لاچار ڪري رکندي هين.
درحقيقت ”نياز“ ايڏو باڪمال شاعر هو، ۽ کيس زبان ۽
خيال تي قادر ايتري قدرت ڏني هئي، جو ڪافيءَ ۽
سنڌي ڪلام جي ٻين نمونن ۾ ته خير، پر خود غزل ۽
نظم جهڙي ڌاريءَ سرزمين ۾ جڏهن ايندو هو، ته اتي
به زبان، ديسي استعارن ۽ مقامي تشبيهن جا باغ ۽
بستان پکيڙي هڪ عجيب لئي ۽ لقاءُ لائي ڇڏيندو هو.
جيڪڏهن ڪنهن سان ڪڏهن هوڏ تي ايندو هو، ته غزل ۽
نظم ۾، قطعي ۽ رباعيءَ ۾ نه فقط فارسيءَ جا اڻ ٻڌل
۽ اڻ ڏٺل اکر آڻي گڏ ڪندو هو، بلڪ عربيءَ جا غير
معروف الفاظ ملائي، شعر کي بلڪل ’بهار دانش‘ بڻائي
ڇڏيندو هو. الغرض هر نموني تي کيس قدرت هئي ۽ هر
طرح ۽ طريقي تي هو قادر ۽ ڪامل هو.
”نياز“ مرحوم جي آواز ۾ خاص قسم جي سنهي، ليڪن
نهايت نرم ۽ بازڪ تنوار هوندي هئي. پڙهندو ته
معلوم ٿيندو ڄڻ سندس گلي ۾ تار آهي، جنهن کي لفظ
ڇـُـهندا ۽ ان تي وڄت ڪندا پوءِ ٿا ٻاهر نڪرن. شعر
تحت اللفظ پڙهندو هو. شعر کي ميراثين وانگر ڳائي
پڙهڻ جو رواج ان وقت تائين شروع ڪونه ٿيو هو. اهو
طريقو گهڻو پوءِ سڀ کان پهريون هڪ طرف حفيظ
جالنڌريءَ ڪڍيو، جڏهن کيس ”شاهنامہء اسلام“ وڪڻڻ
جي ضرورت پيش آئي، ۽ هن شهر شهر ڦري، در در اسٽيج
تي چڙهي، ڳائي وڄائي، ان کي خوب وڪيو، ۽ ٻئي طرف
جگر مراد آباديءَ پنهنجي مخصوص لئي ۾ غزل پڙهي،
ماڻهن جو توجهه فن جي خوبين ۽ خرابين کان هٽائي،
سر ۽ تال طرف ڪري ڇڏيو. انهن ٻنهي شاعرن جي بدعت
بعد هرڪو نوجوان ڳائي پڙهڻ ۾ ست پشتن ميراثين کي
شهه ڏئي ويو. تحت اللفظ سان گڏ لئي اِنهيءَ کان
پوءِ مشاعرن جي روايت بڻجي پئي. لاڙڪاڻي ۾ شعر تحت
اللفظ پڙهيو ويندو هو، يعني بنان سر جي، سنجيدگيءَ
۽ متانت سان، شريفانه طور ۽ طريقي تي. ”نياز“ جي
تحت اللفظ پڙهڻ ۾ به هڪ سوز ۽ ساز هو، سر ۽ ميٺاج
هو. هڪ هڪ اکر چٻي چٿي بيان ڪندو هو. جتي لفظ تي
زور ڏيڻو هوندو، اتي زور ڏيندو، ۽ جتي هلڪي انداز
۾ چوڻو پوندو هو، اتي نهايت نرميءَ سان اکر اکر ۾
ساهه وجهي، اهڙيءَ ريت سڄو غزل پڙهي ويندو هو، جو
سامعين جي اکين اڳيان شعر جي مطلب ۽ معنيٰ جو نقشو
چٽجي ويندو هو. سامعين خواهه خود شاعر سڄو وقت
ساڪت ويٺا هوندا هئا، گويا سندن روح سڄي بدن مان
نپوڙجي اچي ڪنن ۽ اکين ۾ پيو آهي. اکيون ”نياز“ ۾
کتل ۽ ڪن بيتن تي. جڏهن غزل ختم ٿيندو، تڏهن سڀئي
ڪرسين ۽ موڙن تي هلڪا ٿي، پاڻ ڇڏي ڏيندا هئا. اها
ڇڪ (Tension)
جيڪا غزل ٻڌڻ مهل طاري ٿيندي هئي، سا لهي پوندي
هئي.
* * *
”نياز“ کان پوءِ، ڪاغذن جو هڪ چڱو دستو کڻي، اٿندو
حضرت ”خادم“ لاڙڪاڻوي- رنگ جو ٿورو سانورو، سنهاري
صاف، مڇن جا ٻئي سرا ڪپيل، چپن تي هلڪي مُرڪَ،
جنهن مان سندس طبيعت جي شگفتگي پئي بکندي. اهائي
ترڪي ٽوپي، هيٺ تي سٿڻ، ۽ قميص مٿان شارٽ ڪوٽ.
انگريزي لٽا ڪڏهن ڪونه پاتائين. لڪڻ هميشه هٿ ۾،
”خادم“ کي لڪڻ کان سواءِ ڪنهن ڪونه گهمندو ڏٺو.
قدم ۾ هڪ پختگي ۽ ڄمت، آهستي آهستي نهايت
سنجيدگيءَ سان پيو لکن جي لوڏ هلندو. طبيعت جو
نهايت سادو ۽ نيڪ، دوستيءَ لاءِ آتو ۽ محبت ۾ ثابت
قدم. نيبهه ۾ نهايت پڪو ۽ پختو. هڪ دفعو دوستي ٿي
ته وري ان ۾ وچور نه پوندو. ڀلا غرض ۽ مطلب تي
دوستي رکندو ئي ڪونه هو، پوءِ قط ڇو پوي، وچور
ڇاجي ڪري ٿئي ۽ راه و رسم ڇو ڇڄي؟ شعر جي چوڻ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ، مشڪل ڪو سندس ثاني سنڌ ۾ لڀندو.
عروض جي علم تي سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب پاڻ
لکيائين، ڏاڍو سهنجو ۽ سليس. غزل نهايت سنجيدو،
پختو ۽ استادانه هوندو هيس. ڪنهن کي مجال، جو سندس
ڪلام تي حرف هڻي سگهي. عشق ۽ حسن جا معاملا به
آڻيندو هو، ليڪن زياده تر اخلاقي اقدارن ۽ اصلاحي
نڪتن تي نظر هوندي هيس. سندس شعر تي سندس پنهنجي
استاد، ڊاڪٽر صديقي مرحوم، جو رنگ زياده غالب هو.
”خادم“ پهريون پڙهندو ٻاهران آيل غزل، جيڪي ٽپال
جي ذريعي وٽس ايندا هئا. ان بعد پنهنجو غزل، نظم،
مخمس يا مسدس، بهرحال جيڪي چيل هوندس سو پڙهي
ٻڌائيندو- تحت اللفظ ليڪن نهايت مٺي لهجي ۾، ڄڻ
ماڻهو لولي ٿو ٻڌي. پنهنجي شعر ۾ هو ڌارين لفظن جي
تلفظ، لهجي ۽ وزن کي سندس اصلي صورت ۾ قائم رکندو
هو. ٻين شاعرن وانگر نه انهن جي صورت بگاڙيندو هو،
۽ نه انهن جي اوزانن کي درهم برهم ڪري شعر ۾ سڪتو
يا تعقيد پيدا ڪندو هو- سنڌيءَ جي چند لفظن کان
جيڪڏهن درگذر ڪبو ته ائين معلوم ٿيندو ڄڻ ڪنهن
ايراني استاد فارسي لفظ شعر ۾ وهاريا آهن.
استاد ”خادم“ کان پوءِ، سڀن جو توجهه ٿيندو صدر
صاحب ڏانهن- ”سبحان الله! حضرت هاڻي ارشاد ٿئي!
بسم الله! ارشاد!“ مرحوم علي محمد قادريءَ جو نه
ڇڙو تخلص ”فقير“ هو، بلڪ سيرت ۽ صورت جو به پاڻ
فقير هو. نماڻو، نهٺو، نيڪ، سٻاجهو، مٺو ۽ مهربان.
ڪنهن جي تيريءَ ميريءَ مان نه ڄاڻندڙ، بزرگن جهڙا
روشَ ۽ رَوَش، اٿيءَ ويٺيءَ ۾ ڏاڍي وضع داري، ائين
پيو معلوم ٿيندو، ڄڻ سڀني جو سرپرست ۽ سڄي محفل جو
مربي آهي- سڀئي ڄڻ سندس اولاد برابر پيا سونهن.
بياض پاسي ۾ هوندو هيس، عينڪ پائي انهيءَ جا ورق
اٿلائيندو، شاعرن مٿان نگاهه ڦيرائيندو، سامعين
تائين پهچائيندو، ٻي کنگهڪر ڪري پوءِ چوندو، ”جناب
اعليٰ! عرض ٿو ڪريان!“ سڄو مشاعرو يڪ آواز ٿي
چوندو، ”ارشاد! حضرت، ارشاد!“ اهي سڀئي آداب ۽ اکر
حقيقت ۾ ڌاريا هئا، ليڪن لاڙڪاڻي جي مشاعري ۾ شروع
کان وٺي رائج هئا. تنهنڪري ڪنهن کي اوکا ڪونه لڳا
ٿي. سڀئي انهن تي ڄڻ هريل هئا. ميان صاحب مرحوم جو
سڄو غزل نهايت ادب ۽ خاموشيءَ سان ٻڌو ويندو هو.
هڪ اڌ بيت توحيد ۽ نعت ۾، چند سٽان پنجتن پاڪ جي
تعريف ۾، ڪجهه نڪتا اخلاق جا ۽ ڪي سبق تصوف جا.
ڪڏهن ڪڏهن عشق جي چاٽ به اچي ويندي هئي، ليڪن اها
حقيقي! مجاز جو مزو غالباً خود ميان صاحب ئي ڪونه
ماڻيو هو، تنهنڪري انهيءَ جو اسرار بيان ڪرڻ سندس
وضعداريءَ جي بلنديءَ کان گهڻو پست هو.
لاڙڪاڻي جا ماڻهو گهڻو ڪري سج لٿي جي نماز پڙهي،
رات جي ماني کائي ڇڏيندا هئا. چانور، انبن جي موسم
هوندي ته انب، ورنه ڪا ڀاڄي، ۽ مٿان ٿڌي کير جو
وڏو وٽو، جي مانيءَ مٿان نه پيئندا ته گهمي ڦري
سمهڻ کان اڳ پـِـي ڇڏيندا هئا. مانيءَ کاڌي بعد،
تقريباً 8 بجي ڌاري مشاعرو شروع ٿيندو هو، هڪ ڏيڍ
بجي رات جو وڃي مس ختم ٿيندو، هر ماهه پوئين آچر
جي رات جو، جي ڏکڻ گهلي پوندو ۽ مشاعرو رنگ لائي
بيهندو، ته رات جا ٻه اڍائي به وڄي ويندا هئا. صبح
جو اونو ته هرڪنهن جو لٿل هوندو هو. آچر ڏينهن نه
آفيس، نه ڊيوٽي، ڪم نه ڪار، نه ڪورٽ نه ڪاردار.
هرڪو پاڻ کي پيو واندومل ڀائيندو.
* * *
مشاعرو منتشر ٿيو، ته هرڪو اُٿي گهرن ڏانهن پيرين
پنڌ راهي ٿيندو. گرمي هوندي ته هرڪنهن جي هٿ ۾
پکو، ڳالهائيندا به ويندا ۽ پاڻ کي جهلو به هڻندا
ويندا. جي هير هوندي ته ”هاءِ! هاءِ!“ ڪندا،
هيانءُ ٺاريندا، کلندا خوش ٿيندا، شاعرن ۽ شعرن تي
راءِ زني ڪندا، وڃي گهرين ڀيڙا ٿيندا. بٽ صاحب،
حنيف ۽ مان گڏ موٽندا هئاسين. بٽ کي گيان باغ ۾
ڇڏي، پوءِ سـُـڪ پل موٽبو هو.
گيان باغ انهيءَ زماني ۾ ديوان گيانچند اڃا نئون
نئون ٺهرايو هو. ڇٻر جا وڏا وڏا لان، پاسي سان گلن
جون ناليون، چهٻچا ۽ ٻارا، ڪشادا چمن ۽ موڪرا
سنتر، گول چڪرن ۽ چؤٻارن تي سوين بينچان رکيل. پاڻ
بمبئيءَ ۾ رهندو هو، تنهنڪري پوني مان هرقسم جا گل
آڻي ڪڍيا هئائين. بخمل، گينڊو، زنبق، زعفران،
دائودي، سورج مکي، رابيل، ٽانگر، رات جي راڻي،
بادشاهه پسند، تڪمو، ميخڪ (Carnation)،
رتن جوت، شبو، هار سنگار، گلاب جا ته ڪيئي قسم-
اڇو، خوني، سدا گلاب، شير چاهي، ڦڪو، ميرانجهو-
ڪي ٻوٽا ته ڪي وليون. مطلب ته در کان جو اندر
گهـِـربو، ته چوڌاري چانڊاڻ نظر ايندي، روح کي
تراوت ۽ اکين ۾ اوجر اچي ويندو هو. خدا نه ڀلائي!
ڀايان، ڏيڍ سؤ کن ايڪڙ ۾ باغ هو، چئني ڪنڊن تي
عمارتون اڏيل. دروازي کان لنگهندي، سڄي هٿ تي
ديوان جي پنهنجي رهڻ جي جاءِ هئي. خيال هيس ته
بمبئي ڇڏي عمر جا پويان پساهه اچي اتي پورا ڪندو.
نهايت معمولي منشيءَ مان ترقي ڪري وڃي ڪروڙپتي
بڻيو. ريلوي اسٽيشن تي مال گدام جو منشي هو، جتان
اٿي وڃي بمبئيءَ جي
G.E.
ڪمپنيءَ جو مالڪ ٿيو. اورچ، ايماندار ۽ نهايت
محنتي هو. بندرو مڙس، نڪ ٿلهو، بت ڀريل، چپ موٽا.
جڏهن مان ڏٺو، تڏهن پنجونجاهه کي پهچي چڪو هو- اڇا
گهڻا، ڪارا ڳاڻوان. سندس باغ جڏهن ٺهي راس ٿيو،
تڏهن لاڙڪاڻي ۾ رنگ لڳي ويو. هرڪو شام جو اتي،
چانڊوڪين ۾ ته لاڙوين سومهياڻيءَ کان پوءِ پـَـئي
موٽ ٿيندي هئي.
* * *
گهاڙ جو به تن ڏينهين اوج هو. ٻنهي ڪنارن تي
وڻڪار. شهر ۾ ٻـُـٽَ هوندي ته به گهاڙ ڀڪ تي پئي
هير هلندي وهڪري ۾ سهنجو ۽ سانتيڪو، ڏاڍيءَ
سنجيدگيءَ ۽ متانت سان اوڀر کان پيو ايندو ۽ اولهه
ڏانهن پيو ويندو. صبح سانجهيءَ، اڌ رات منجهه رات،
هر اوڀاريون هرلهواريون، ٻيڙين ۽ ڊونڊين جي اچ وڃ
هوندي، ننڍن بتيلن کان وٺي اٺ خرارين ٻيڙين تائين.
سکر کان مال هلندو، قمبر کان به هيٺ پيو پهچندو.
کارڪن جي موسم هوندي ته انهن جو وڻج واپار هلندو،
انبن جي موسم ۾ انب، گدرن ۽ هنداڻن جي موسم هوندي
ته اُهي. ورنه اَنَ ۽ ٻئي مال جي آمدرفت ته هميشه
رهندي هئي. اڄ لاريون ڍوئن ٿيون، انهيءَ زماني ۾
گهاڙ اها چاڪري ڏيندو هو. پوکان به ٻنهي ڪنارن سان
پچائيندو هو.
هاءِ! هاءِ! جوارن جون پوکان ۽ انهن جا نار، هر ۽
هـُـرلا، جنسي بهشت هوندو هو. قدم قدم تي آيٽ: ڪي
جـُـنگَ ته ڪي نار، ڏاند پيا وهندا، ڳاڌيءَ تي
ويٺي ڪڏهن گهر ڌياڻيون ڪڏهن ڪڙمي ۽ ڪڏهن انهن جي
اولاد پئي ڏاندن کي هڪليندي. آيٽن جو آواز جڏهن
ٻنهي ڀرن کان اَسر مهل اٿي کڙو ٿيندو هو، ان وقت
ائين پيو ڀانئبو ڄڻ دنيا جهان جا ساز ۽ سرندا اچي
ڪٺا ٿيا آهن! آيٽن جي مٿان مَنَهن ايڏا ٿڌا، جو
ويٺي اک لڳي وڃي. جواريون پچنديون ته پيها پئجي
ويندا، کانڀاڻيون هٿن ۾، چوڌاري پيا گليلا اڇلبا ۽
جهار پئي هڪلبي. زياده تر ڪاه چـَـتونءَ، ڪٻر،
ڪانءَ ۽ ڳيري تي هوندي هئي
[80]. اهي ئي پکي پوک
جا دشمن هئا. وڏي آواز سان هر ڪنهن پيهي تان پيو
ٻڌبو، هور ڙي! ڳيرا، هور! هور ڙي! ڳيرا، هور!-
اچئي ٿو ڪاري ڪٻر! اچئي ٿو!، ٺا!، ڪٻر کي ته ڪونه
لڳندو، ليڪن گليلو سوساٽ ڪندو مٿان ضرور لنگهي
ويندو. ڪٻر اُڏامي ويندي، وري اچي ڪانءُ وهندو.
اهو تڙبو، ته چتونءَ جو وارو ايندو. جهار جو زور
هڪ صبح جو ٿيندو هو ٻيو شام جو، پکي صبح جو بکيا
ايندا هئا ۽ شام جو گهرندا هئا ته واهيري تي وڃڻ
کان اڳي پيٽ ڀريو وڃن.
غرض اهڙيءَ طرح لکين لقاوَ ۽ سوين مزا هوندا هئا.
گهاڙ جي ٻنهي ڀرن سان ايڏي وسنوَ هوندي هئي، جو
ڀانئبو هو ته شـَـهـَـرَ آباد آهن. جوارن جي ڇٽ
کان وٺي ويندي لاباري لٿي تائين ڪڙميءَ جو سڄو
ارڪو ترڪو اچي آيٽ تي ڪٺو ٿيندو هو. سانوڻ ۾ ڪم
شروع ٿيندو، سـَـر ۾ نيسارو ٿيندو ته پوک ۾ ڏاٽو
پوندو. اهو سڄو وقت اُٿي ويٺي، رهڻي ڪهڻي، کاڌو
پيتو آيٽ تي ٿيندو. زال ٽـَـئي وقت ماني اتي
پهچائيندي. گاهه پٺو، ڪـُـتر ڪـَـڙي، ڏاند ڍڳو سڀ
اتي. البت جمعي رات جو ڪڙمي گهر وڃي ٽڪندو هو، آخر
شرا شريعت جا به ته ڪي حق مٿس هئا! جوئر جو ڪانون
پڪو ٿيندو هو، ان وقت سڄي پوک ۾ ڄڻ چنگ پيا وڄندا.
هلڪي هواءِ هجي خواهه هير، ڪانا هڪٻئي سان ٺهڪي
اهڙا آواز ڪڍندا هئا سريلا ۽ مٺا، جو ڄڻ چوڌاريءَ
پيا چنگ وڄن، گويا موسيقيءَ جا ميخانا متا پيا
آهن.
* * *
شڪارپور جو سنڌ واهه ۽ لاڙڪاڻي جو گهاڙ ڪئنال،
ٻنهي جي اوج جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جن اهي عروج اکين
سان ڏٺا هوندا، اڄ به ڳالهيون ياد پوندين، ته ڄڻ
گهاوَ اچي ويندن. اها بهاري اکرن منجهه ڪا آڻي
سگهبي؟
گرمين ۾ سنڌ واهه تي ميلا لڳي ويندا هئا. هرڪو پيو
ترندو، هندو هجي خواهه مسلمان، مذهب ۽ ملت شهر ۾،
جڏهن سنڌ واهه تي ايندا، ته هندو خواهه مسلمان
سڀئي ڀائر هوندا. سڀئي گڏ کيڏندا، گهـُـتان هڻي،
پاڻيءَ منجهه پيهي، يڪ ساهيءَ فرلانگن پٺيان
فرلانگ وڃي کڻندا. شرطان رکبيون هيون، هوڏان
ٿينديون هيون. انبن جي موسم ٿيندي، ته ٽوڪرا اچي
ڪنڌيءَ تي لهندا. پاڻيءَ ۾ ويٺي ويٺي، کائيندا به
پيا ۽ هڪٻئي کي کوکڙن سان نشانا به پيا ڪندا.
کـِـل چرچو، مسخري، مطلب ته ڀوڳ ٺڪاءَ جا هوڪرا،
سڄو ڏينهن هوندا هئا. هرڪو رِيان کـِـيان. خدا
ڄاڻي ٿو! ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته غم به ڪو ٿيندو
آهي، من تي به ڪا مونجهه ايندي آهي. ڪنارن جي وڏن
وڻن جي ڇانوهرن ۾ ڇڻڪار ٿي ويندا هئا، گلم غاليچا
وڇائجي ويندا هئا، کٽان، کٽن مٿان کيس ۽ وهاڻا،
دعوتون ٿينديون، دوست احباب اچي ڪٺا ٿيندا. پهريون
راڳ ٿيندو پوءِ کاڄ کائبا- سون قسمن جا ته شڪارپور
جا ٺهيل آچار ۽ کٽاڻيون هونديون هيون. انبن جو
آچار، متيرن جي کٽ، ڏيلهن جي کٽاڻ، ڦارُوَنِ جو
سانداڻو، بصر جو آچار، ليمون لوڻ ۾ پيل، ليمون
سرڪي ۾ رسيل، گل گوبيءَ جا ڳتر سرڪي ۾ وڌل، گوگڙون
۽ گـَـجران ٻين سان به گڏ ۽ جدا به انهن جي کٽاڻ
هوندي هئي. ڪي آچار مٺا، ڪي وچ ٿرا، ۽ ڪي صفا ترش.
ڪي مسالي سان، ڪن ۾ مسالو گهٽ ۽ ڪن ۾ اصل ڪونه.
چٽڻيون انهن کان علاوه، انبڙيءَ جي چٽڻي جنهن ۾
سائي ڦودني جي لغار هوندي، سا زياده پسند ڪئي
ويندي هئي. ساون مرچن کي ڦودني ۽ ڌاڻن جي پنن سان
گهوٽي جدا چٽڻي ڪبو هو. بصرن جي سنهيءَ ڪاتر تي
ساون مرچن جي ريکا ڏئي مٿان ليمي جو رس وجهندا
هئا. اهو به چٽڻيءَ جو هڪ اور قسم هو. کاڄ به
سـَـون قسمن جا اچي گڏ ڪندا هئا. ترڪاري جدا ته
ڀاڄيون جدا. ڪيئي قسم ڀونن جا، ڪيئي نمونا ڀاڄين
جا، ڪي تريل ڪي پڪل ته ڪي رڌل. پلاءُ به ضرور ته
زردو به پڪ سان هوندو هو. موسمي ڀاڄين کان سواءِ
بي مندائتـِـن ڀاڄين جون ڪچريون ڪندا هئا. متيرن
جون ڪچريون، ڪريلن جون ڪچريون، ڀينڊين جون ڪچريون،
گجرن جون ڪچريون. مطلب ته ڦردار ڀاڄيءَ جون سڪل
ڪچريون ۽ پنن واريءَ ڀاڄيءَ جا پن سڪل، سال جي هر
مهيني ۽ موسم ۾ موجود رهندا هئا.
مانيءَ مان هٿ ڪڍي، ڪي ويهي چوپڙ ڪندا ته ڪي تاس.
جيڪي وڏيءَ ڄمار جا هوندا سي حـُـقو پاڻي به پيا
ڪندا ۽ کٽن تي چيلهه سڌي ڪيون هلڪا هلڪا کونگهرا
به پيا هڻندا. پکي جي هواءِ جي سڄو ڏينهن حاجت
ڪانه ٿيندي هئي.
چار وڄندا، لکيدر تان طرحين ٻاٽليون اچي وينديون.
پڪوڙا، سڱر، پاپڙ، نختي، جليبيون، پستن جي مشهور
مٺائي- ڪا رنگ جي سائي، ڪا ڳاڙهي، ڪا گلابي. رنگ
برنگي مال اکين اڳيان ڏسي، هر ڪنهن جو هاضمو درست
ٿي ويندو. ڦارُوَن جي موسم هوندي ته انهن جو شربت،
ورنه خسخس ۽ بادام جي ٿاڌل جدا، بادامن ۽ ست
مغزيءَ سان گهوٽيل سکو الڳ. نيرڙيءَ ٽپهريءَ جو
هرڪو اتان پيو اٿندو.
* * *
انهيءَ ئي زماني ۾ (1931ع) سکر بيراج مڪمل ٿي، ۽
واهه اُڙها. لاڙڪاڻي مان گهاڙ بـُـٺُ بڻجي ويو ۽
شڪارپور مان سنڌ سڪو، ڀـَـرِنِ ۽ ڀڪـُـنِ تي جيڪي
سون سالن جا وڏا وڻ وڻڪار لايون بيٺا هئا، سي ڪجهه
سڪي ۽ سڙي ويا، ڪن کي سرڪار نيلام ڪري ڇڏيو. انهن
ئي وڻن جون ڇانوان بي مثل ۽ انهن جي پاڇن جون
تنوارون تن کي تازگي ڏئي ڇڏينديون هيون. انهن
هيٺان ساز ۽ سرود وڄندا هئا، الو ميان ٿيندي هئي،
دائـِـرَن ۽ مڪانن ۾ دونهيون پيون دُکنديون هنيون،
پاڻي جا مٽ جن تي سينور جي ساوڪ، تڏا ۽ تنؤريون
آئي وئي لاءِ موجود. ڪنٺا ڳچين ۾ وجهيون، وار
ڇوڙيون، اکيون ڳاڙهيون ڪيون، گيڙوءَ رتن جامن ۾،
فقير ۽ فقرا، ملنگ ۽ قلندر، هوت هينئين لايون ويٺا
رهندا هئا. نماڻيءَ ٻوٽيءَ کي ڏنڊو ڪونڊو هيون،
آبي چـُـڪا پاڻ به پيئندا هئا ۽ آئي وئي جي به پيا
چاڪري ڏيندا هئا. پيالن پيڻ وقت وڏي واڪ پيا ٻول
ڪڍندا- ”پيءُ! مولائي پيءُ! جيڪو پئي، سو جئي، ٻين
جو جيئڻ ڪيتن تي!“ ”مست قلندر“ جا صبح سانجهيءَ
دنبها هيون پيا چوندا: ”قلندر مست!، هـُـهـَـو!،
قلندر مست!، يا اِلي مدد!، مولا اَلي مشڪل ڪشا
مدد!“
انهن ئي دائرن ۾ سچل جي ڪلام ۽ شاهه جي ڏوهيڙن ڏاج
ڏيوڻ لڌا، انهن ئي مڪانن منجهان ڪفني پوش قلندرن
ٻاهر نڪري، هٿ ۾ يڪتارا کڻي، پيرن ۾ ڇيريون وجهي ۽
گنگهرون ٻڌي، جهنگ جهر، شهر ۽ بحر ۾ اسان جي شاعرن
کي مشهور ڪيو. تڏهن نه اڃا گربخشاڻي هو، نه قليچ
بيگ هو، نه ڪتاب ٺهيا هئا، نه ڇپائيءَ مان ڪو واقف
هو. اڃا ادبي بورڊ جو به ڪنهن کي خواب خيال ڪونه
هو. مطلب ته گهاڙ سڪايوسي، سنڌ واهه کي ويران
ڪيوسي، واهن منجهه وهنجڻ ۽ ترڻ ڇڏي ڏنوسي، وڻن ۽
انهن جي ڇانون کي قربان ڪيوسي، اهو سڀڪجهه وڃائي
بيراج حاصل ڪئيسي، ان لاءِ ته آبادي وڌي، ملڪ
سائوستابو ٿئي، پاڻي عام جام ٿين، اَنُ ايترو ٿئي،
جو نه ڇڙو اسان ريان کيان هجون، پر پاڙي پلاند
وارن جي به بک ڀڄي، ڀل اسان جي خوش قسمتيءَ منجهان
اهي به فائدو وٺي، پنهنجو ڏک ۽ ڏڪار لاهن. ليڪن
هاءِ بخت جي بازي! اهوئي ڏڪر، اهائي بک، اڃا اڳ
ٿوري هئي، هاڻي ويرئون وڌ پـَـئي ٿيندي وڃي. اڳي
زمينان چانديءَ وانگر پيون چمڪنديون هيون، هاڻي
سڀني ۾ اهڙو اچي سيڪُ ۽ سم نڪتو آهي، جو چند سالن
کان پوءِ براجون ته اسان وٽ هونديون، واهه به پيا
وهندا، ۽ پاڻي به عام جام هوندو، ليڪن زمين ڪٿي،
جنهن ۾ هر هلائجي![81]
* * *
وچ ۾ ڪجه جملا معترضا اچي ويا! در حقيقت مون کي
پنهنجي ڳالهه ڪرڻي هئي، اجها هيءَ ته مان پاڻ به
انهيءَ زماني ۾ شاعر هيس، ”ثنائي“ ۽ ”وفائي“ سان
هم رديف بڻجڻ خاطر پاڻ کي ”فدائي“ ڪيو هيم.
فارسيءَ ۾ اڃا ايتري مهارت ڪانه هئي، تنهنڪري اردو
ديوانن منجهان قافيا ڪڍي، خيال هٿ ڪري، غزل
جوڙيندو هيس. حضرت ”خادم“ منهنجو استاد هو. مشاعري
۾ پڙهڻ کان اڳ کيس اصلاح لاءِ موڪليندو هيس. ڪٽ سٽ
کان پوءِ غزل ته يقيناً وزن ۾ اچي ويندو هو ۽
غلطين کان به پاڪ صاف ٿي پوندو هو، ليڪن اصلاح
ايتري ٿيندي هئي، جو مان واري تصنيف حضرت ”خادم“
جي تاليف بڻجي پوندي هئي. انهيءَ هوندي به مان ان
کي پنهنجو سمجهي پڙهي ويندو هيس. جڏهن پڙهڻ جو وقت
ويجهو ايندو هو، ان وقت منهنجي چپن تي خشڪيءَ جو
ڪلر چڙهندو هو، زبان سڪڻ شروع ڪندي هئي، ۽ تارون
ڪنڊا ڪنڊا پيو ٿيندو هو، بدن ۾ سياٽو ۽ هٿ پير ٺري
پوندا هئا. سڏ ٿيندو- ”جناب فدائي صاحب!، ارشاد
ٿئي؟“ جناب فدائي صاحب ارشاد ڇا ڪري! دل جي ڌڙڪي
کي جهلي، هٿن جي ڏڪڻيءَ کي روڪي يا ساهه جي سهڪي
تي قبضو ڪري، تارونءَ ۾ زبان کي آلو ڪري يا غزل
پڙهي! نيٺ سر تي آئي کان پوءِ، وڏي جدوجهد بعد،
دهشت جي انهن سڀني علامتن تي قبضو ڪري، پڙهڻ شروع
ڪندس. ليڪن جنهن هٿ ۾ غزل جو ڪاغذ هوندو هو، ان جو
پڇاڙيءَ تائين قبضي ۾ اچڻ خير هو. استاد ۽ استاد
جا ساٿي وڏي واڪ واه واه پيا ڪندا، ڪجهه حنيف ۽ بٽ
صاحب جي به ڀلائي ٿيندي هئي، باقي دوستيءَ جو ننگ
مرحوم غلام سرور پاڙيندو هو، ٻيو سڄو مشاعرو غير
جانبدار، نه آهه! نه واهه! بهرحال مقطعو پڙهي،
جڏهن وهندو هيس، دل جو ڌڙڪو ان کان پوءِ به ڪيتري
وقت تائين قائم رهندو هو. ڪجهه وقت ته اهڙيءَ ريت
هلندو رهيس، خاڪو مان تيار ڪندو هيس، ان کي غزل جو
روپ استاد وٺرائيندو هو. ليڪن هلي هلي، آخر پاڻ ۾
بي اعتمادي پيدا ٿي پـَـئي. سمجهيم ته در اصل مون
۾ نه شعر گوئيءَ جو سليقو آهي ۽ نه طبيعت ئي موزون
يا مناسب آهي، جنهن بعد مرڳوئي انهيءَ شغل کان
دستبردار ٿي ويٺس. ڪن ڏينهن پڄاڻان محسوس ٿيو ته
واقعي مان ڪنهن آزار ۾ ڦاٿل هيس، جنهن مان کڻي خدا
جند ڇڏائي. ڀايان ڪو ڏنو آڏو اچي ويو.
* * *
اهي ڏينهن ويا، اهي زمانا گذريا، سنگتي ساٿي ڪي
وڇڙي ويا، ته ڪي اهڙيءَ ريت هيڏي هوڏي ٿي ويا، جو
وري ڪڏهن هڪ ٿي نه سگهيا سي. حنيف به سـُـڪَ پل
واري جاءِ ڇڏي وڃي اسٽيشن وارو بنگلو وسايو، جتي
قاضي صاحب امتحان پاس ڪري ساڻس اچي ڀتو. هاڻي
پـُـرسڪون ادبي ڪچهريون ويون، سياسي هـُـل ۽
هنگاما شروع ٿيا. جن موڙن تي پڙهيل ڪڙهيل ويهندا
هئا، انهن تي جاهل ۽ مجهول وڏيرا اچي ويٺا. جتي اڳ
ڪتابن جي اوراقن جي اُٿل پٿل ٿيندي هئي، اتي ووٽرن
جي لسٽن جو گردان ٿيڻ لڳو. لاڙڪاڻي مان اسان به
کڻي ٽپڙ ٻڌا. مشاعري جي ارڪانن به هڪ هڪ ٿي
موڪلائڻ شروع ڪيو. پهريون غالباً مرحوم علي محمد
قادري انهيءَ وَلـَـر مان وڇڙيو. پوءِ آيو وارو
ميان غلام سرور جو، نه وهم نه گمان، اڃا جوانيءَ
به موٽ ڪانه کاڌي هيس، زندگيءَ جو سج اڃا منجهند
تي مس پهتو هو، سڀن دوستن جي دلين کي داغَ ڏئي
ائين هليو ويو ڄڻ اسان جي وچ ۾ هيوئي ڪونه. جڏهن
وڏيءَ سرڪار جو سڏ آيس تڏهن ڪنڌ ورائي به ڪونه
ڏٺائين، اسان سڀ تڪيندا رهجي وياسي:
هنڌ اهي ئي ماڳ جت نه رهيا جوءِ ۾،
سچ پچ ته ادبي محفلن کي، دوستن جي دلين کي، بلڪ
حقيقت هيءَ آهي ته لاڙڪاڻي جي سڄي شهر کي صفا
برباد ۽ ويران ڪري ويو. ان کان پوءِ ڏٺوسي، ڪيترن
ئي ڪوششون ڪيون، ليڪن اهو رنگ رچي ڪونه سگهيو.
ماڻهو مڙئي نه سهڻا، پکي مڙئي نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منج، اچي بوءِ بهار جي.
ميان پير بخش ”واهه واهه“ پهريون رٽائر ڪري
لاڙڪاڻي مان ويو، پوءِ موت ان ملاقي ٿي روهڙيءَ
منجهان رخصت ٿيو. غلام علي ”مسرور“ جي به ڪنهن ٻئي
ضلعي ۾ بدلي ٿي، جنهن کان پوءِ جيسين جيئرو هو
تيسين منهن ورائي ڪونه ڏٺائين. الغرض متل مجلس
اهڙيءَ ريت آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي درهم برهم ٿيڻ
لڳي. هڪٻئي کان هرڪو وڇڙي، اهڙيءَ طرح هليو، جو
وري وصال وارو ورق وري نه سگهيو. انهيءَ ساٿ
منجهان ٻه ساٿي بچندا ٿي آيا، دل کي دلجاءِ هئي ته
ٻه ٻارهن آهن، پوڙها ٿي چڪا آهن پر اڃا آهن ته
سهي. انهن کي ڏسي ڪي ڏينهن ته ياد پون ٿا. ڪن
زمانن جي يادگيري ته اچي ٿي، پاڻ ڪنهن مٺي ماضيءَ
جا ته نشان آهن. جڏهن کين ڏسجي ٿو ته روح کي سرور
پهچي ٿو، دل کي ڄڻ آٿت اچي ٿو. شل سدائين سلامت
هجن! ليڪن ڇا ڪجي، انهن مان به هڪ موڪلايو! ”نياز“
زندگيءَ جو بوجهو لاهي ڇڏيو، هلڪو ٿي وڃي حورن جي
هنج ۾ پيو، باقي رهيو محمود ”خادم“، جنهن کي به
سَون بيمارين اچي سوڙهو ڪيو آهي، وار به ڪارن مان
ڦري اڇا ٿي ويا اٿس، اهڙا جهڙا ڪپهه، جهڙو کير، يا
جهڙي برف، منهن سمورو جهـُـريون جهُريون، اکين مان
اها چمڪ وئي، هاڻي ماندگي پئي معلوم ٿئي، مُرڪَ
جيڪا محفل کي موهي رکندي هئي، ان مان اهو ست ۽
ساءُ نڪري ويو، هاڻي کلي ٿو ڄڻ ڦڪي کل پيو کلي. نه
گرمي، نه حرارت، نه دلڪشي نه ڪشش، ٿڪاوٽ، ماندائي
۽ مجبوري پئي ان مان ظاهر ٿئي. هلي ٿو پر وک ۾ اها
ڄمت ڪانه، قدم ۾ اهو عزم ۽ ارادو ڪونه، ائين پيو
معلوم ٿئي گويا مسافر هلي هلي کيرو ٿي پيو آهي، اڄ
ڪي سڀان اهو ڏينهن ايندو جڏهن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن
ٿڌي ڇانوهري هيٺان اهو مسافر به ماندو ٿي حياتيءَ
جي هڙ لاهي آجهاپ ۾ اچي ويندو.
* * *
اڃا ايستائين آيو هيس ته ڪراچيءَ مان ”مهراڻ“ جا
پرچا (29- اپريل 1960ع) اچي پهتا. سانده هڪ سال
(1959ع) جا. ڄاتم ته اباڻي پار جو پانڌي اچي پهتو.
ڪو جو وريو واءُ، اڄ پڻ ملڪ ملير ڏنهن،
ڄڻ آيم اباڻاءُ، ماڻهون موٽائڻ جو!
جلدي جلدي جو کڻي ورق ورايان ته جنسي ڪيـِـس ۽
ڪلور ٿيا پيا آهن، مورڳوئي ماتم لڳو پيو آهي:
ڊاڪٽر دائود پوٽي جو داغ ته دل تي انهيءَ وقت
پهتو، جڏهن خود منهنجي حياتيءَ جو سفينو لهرن ۽
لوڏن[82]
۾ هو، تانگهي ۽ تار جو پتو ئي ڪونه پيو، ڪڏهن واءُ
سنهنجو ته ڪڏهن اوکو ٿي لڳو، ڪڏهن سڙهه چڙهيا ٿي
ڪڏهن لٿا ٿي، يقين ڪونه هو ته سير جي سٽن کان نڪري
ڪشتي ڪناري لڳندي.
هتي آيس (منيلا 19- ڊسمبر 1958ع) ته خبر پَئي، آغا
شمس الدين خان به ساٿ ڇڏيو.
ان کان پوءِ پيغام پهتو ته 12- نومبر 1959ع جو
”نياز“ به رحلت ڪئي- هاڻي وري ’مهراڻ‘ مان معلوم
ٿيو ته تون هِتي اِنهن ٽِن جا روئڻا ٿو روئين،
هـُـتي سڄو ساڻيهه ئي سـُـڃ ئي ٿي ويو آهي!
(1) مرحوم ماستر الهه بچايو سمو 9- ڊسمبر 1958ع تي
گذاري ويو آهي.
(2) خواجا سلطان علي، سنڌي زبان جو خاموش خدمتگار،
9- جنوريءَ 1959ع تي هن دار فانيءَ کي ڇڏي چڪو
آهي.
(3) امام الدين ”ضامن“ 12- فيبروري 1959ع تي رحلت
ڪري ويو.
(4) ”عاجز“ ساڪرائي، سانگيءَ مرحوم جو صحبتي، 25-
جولاءِ 1959ع جو فوت ٿيو.
(5) سردار بهادر محمد بخش ”ڪوجهي“ 24- سيپٽمبر
1959ع تي هيءُ جهان ڇڏي چڪو.
(6) شيخ عبدالعزيز قنڌاري، سنڌيءَ جو اديب ۽ آزاد
سنڌ جي قديم تحريڪ جو رڪن رڪين، ڇنڇر رات ساڍي
ٻارهين بجي 26- سيپٽمبر 1959ع تي رب ڏانهن راهي
ٿيو.
(7) آغا تاج محمد 30- سيپٽمبر 1959ع ساڍي ٽين بجي
ڌاري دوستن کي داغ ڏئي ويو.
(8) پيرو محمد ”سائل“ جو قافلو 19- آڪٽوبر 1959ع
تي سومر ڏينهن اسر ويل هالن مان نڪتو.
(9) خليفي محمد عمر ”اختر“ هالائيءَ 12- آڪٽوبر
1959ع تي اربع ڏينهن سفر تي سانباهو ڪيو.
(10) منهنجي استاد مرحوم مغفور حاجي محمود ”خادم“
ڇنڇر ڏينهن 9- جنوريءَ 1960ع تي لاڙڪاڻي جي وڻن
کي وداع چيو
[83] - مطلب ته:
آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،
پَهو ڪتيندي پَٽ پَيس، ڇوهئون تند ڇُٽياس،
ڀيڄئون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چڪ ۾.
جيڪو خطرو ۽ خيال هو، سو صحيح نڪتو. ڪيچي آخر وڃي
ڪيچ وڻين رسيو، سانگي نيٺ وڃي ساڻيهه پهتو.
مٿيان سڀئي بزرگ اسان جي اکين جو نور ۽ اسان جي دل
جو سرور هئا، سنڌ جو سينگار انهن سان هو، اسان جي
تهذيب ۽ تمدن جا اهي نمائيندا هئا، انهن جي وڃڻ
سان سنڌي ادب جي عمارت جا گويا ڪيئي ستون اچي پٽ
پيا، هاڻي دل ايترو دهلجي وئي آهي، جو ٻين لاءِ
ٻئي هٿ پيا مٿي کڄن- شال جيئندن جو خير! خدا انهن
کي عمر دراز ڏئي، انهن کي لهر لوڏو ڪونه اچي، شل
انهن کي اوکو واءُ نه لڳي:
سدا هئن سُکِئا، ماروئڙا ته ملير ۾،
شل نه ڏينهن ڏکيا، اچن آجڙين تي!
|