6
محبت جي مهراڻ مان، جي ملا! چاش چـَـکين
ته ڪـَـنز قدوري ڪافيا، پڙهين ڪين لـَـکين
رحل سڀ سـَـٽين، ملا مسجد ڪنڊ ۾
- سچل
مذهبي جلسن، واعظن ۽ چند عالمن جو مٿي قصو اچي چڪو
آهي. انهيءَ سلسلي ۾ دل گهري ٿي ته جيڪر ذڪر هيٺ
آيل دور ۾ سنڌ اندر جيڪي مذهبي تحريڪون هيون، انهن
جو به ٿورو گهڻو احوال آڻي ڇڏجي ته غير موزون ۽
نامناسب نه ٿيندو. ڪنهن شاعر چيو آهي:
حسن جذباتي هــي اور عشق خراباتي هــي
بات ســي بات نڪلتي هي چلي آتي هــي،
سو تنهن وانگر داستان مان داستان، قصي مان قصو،
تـُـڪ سان تُڪ پئي ملندي اچي ۽ ڳالهه مان ڳالهه
مڙئي پئي نڪرندي اچي. ڏسون قصو ڪٿي ٿو وڃي دنگ
ڪري.
سنڌ ۾ اصل ته مذهبي جهڳڙا هئائي ڪونه، عقائدن جا
اختلاف البت هئا، ليڪن سڀن کي دل ۾. ڪو ڪنهن جي
پٺيان ڪونه، ڪنهن کي ڪانه پـَـئي هئي، جو ٻئي جي
عقيدن تي حملا ڪري، مناظرن جا ميدان کڙا ڪري، ۽
مذهبي مناقشن ۽ مباحثن جي بازار گرم ڪري. سنڌ جا
ٽالپر حاڪم خود شيعا هئا، ليڪن ڪڏهن هنن پنهنجي
عقيدن جي اشاعت ڪانه ڪئي. زور زبردستي، تعصب ۽
تنگدلي اصل ڪانه، هرڪو ريان کيان، سڀني جي ڀائپي ۽
برادري. اسان وٽ مذهب معاش جو ذريعو ڪونه هو، نه
اسان ان کي بازار جو وکر سمجهي دڪان سينگاريا هئا.
اسان ان کي دنيا ۽ عاقبت جو وسيلو ڄاتو هو، ۽ ان
کي انهيءَ لاءِ سيني سان لايون وتياسي ته انهيءَ
جي ذريعي اسان جي هيءَ دنيا به سڌرندي ۽ آخري دنيا
جو به اوجر ٿيندو. اسان جو مذهب سادو، ساديون ان
جون ڳالهيون، نه وڪڙ نه ور، ۽ نه پيچ ۽ نـُـڪتو،
ڦند نه ڦير، نه سؤ بت نه سؤ خدا. هڪ خدا، هڪ رسول،
بس ٿيو ڀلو. وڌ ۾ وڌ ته معمولي مسئلا مسائل يا
الله ۽ رسول جي واکاڻ، تنهن لاءِ صبح کان شام
تائين اسان جي عالمن سڳورن جي مجلس ئي کوڙ هئي.
سندن سڄي اٿي ويٺي ئي قال الله وقال الرسول هئي،
پوءِ ڇاجا جهڳڙا، ڇاجا مناظرا، ڇاجا وير ۽ ڇاجا
وڍ؟ هرڪو پنهنجي حال تي مست، هرڪو پنهنجي قال تي
قائم.
اسان وٽ گذريل صديءَ جي آخر ۾ هندستان جي مذهبي
تحريڪن ۽ مذهبي گروهه بندين جو اثر پيو، ورنه
انهيءَ کان اڳ هو هميشه سنڌ جي علمي اثر هيٺ رهيا،
حديث جي سَنَدَ جا جيڪي به سلسلا هندستان جي اندر
موجود آهن، چاهي شاهه ولي الله هجي چاهي صديق حسن
خان هجي، سڀن جي سلسلي ۾ جيڪا مکيه ڪڙي هوندي، ان
تي ضرور ڪنهن نه ڪنهن سنڌي عالم جو ٺپو لڳل هوندو،
پوءِ ابوالحسن ڪبير هجي چاهي صغير، محمد حيات هجي
چاهي عبدالله ۽ رحمت الله، بهرحال ڪونه ڪو سنڌي
لازماً موجود هوندو.
انگريزن پنهنجي تسلط بعد جڏهن ڄاڻي واڻي هندستان
جي مسلمانن سان گڏ اسان سنڌي مسلمانن کي به زبون
رکڻ گهريو، تڏهن جتي اسان وٽان ثروت وئي، اقبال
مندي وئي، ملڪ ۽ ملڪ جي واڳ وئي، اتي اسان جي گهرن
مان، اسان جي اوطاقن مان، اسان جي مدرسن ۽ اسان جي
مسجدن مان علم جي روشني به اجهامي وئي. اقتصادي
طرح هڪ ڪرايائين اسان تي هندوءَ جو قبضو، ۽ انهن
پنجابين جو جيڪي ساڻس وفادار هئا ۽ سندس فوج جي
زيب ۽ زينت هئا، ٻيو سڄيءَ قوم کي ڪڙي ڇڏيائين
انهن ڳاڻون نوابن، جاگيردارن ۽ زميندارن جي
غلاميءَ ۾، جن کي هن سنڌ ۾ بي انداز زمين ڏئي، خدا
جي ڌرتيءَ جو ڪردگار ڪري ڇڏيو هو. جڏهن اهي سڀئي
عقوبتون اسان سان ٿيون، تڏهن انهن جي نتيجن طور
جيڪي شگوفا نڪتا، انهن مان هڪ اهو به ٿيو، جو اسان
مان مذهب جو سچو روح فوت ٿي ويو ۽ اسان جا عقيدا
ائين تزلزل ۾ اچي ويا، جيئن هوا جي جهوٽي تي وڻ
جون ڪمزور شاخون پيون هيڏي هوڏي لوڏا کائين، ۽ ڪٿي
به هڪ هنڌ تي پاڻ جهلي نه سگهن. عين اهڙيءَ حالت ۾
اسان تي سياسي هجي خواهه مذهبي، هر انهيءَ تحريڪ
جو اثر ٿيڻ لڳو، جيڪا هندستان اندر يا پنجاب اندر
شروع ٿي. اهي تحريڪون افرادن ڪهڙن ذاتي يا اجتماعي
مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ کڙيون ڪيون، انهن جي تهه ۾
قومي غرض غايت هئا يا انفرادي خود غرضيون، اهڙي
ڪنهن به نقطي تي سوچڻ ۽ غور ڪرڻ کان سواءِ اسان
پنهنجي ڏاڙهي ٻين جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيسي. اسان کي
فائدو ڪو جزوي ٿيو، ليڪن نقصان اهو پهتو، جو اسان
پنهنجي قومي انفراديت يا قومي وقار، جيڪو هن وقت
تائين جداگانه قائم رکيون ٿي آياسي، تنهن کي ٻين ۾
جذب ڪري پنهنجي اصليت وڃائي ويٺاسين، ۽ اسان مان
خودشناسيءَ وارو جذبو ختم ٿي ويو. انهن ئي غلطين
جا نتيجا اسان اڄ تائين پيا ڀوڳيون ۽ خبر نه آهي
ته اڃا اڳتي ڪيتري لوڙ لوڙينداسين.
غدر کان پوءِ جڏهن هندستاني مسلمان تي زوال آيو ۽
ان جا به افعال بگڙيا، تڏهن هن واندڪائيءَ جي
ورونهه خاطر مذهب سان راند کيڏي، پنهنجو روح
ريجهائڻ شروع ڪيو. سـُـني وهابي[1]،
مقلد غير مقلد، شيعه سـُـني، تبرا ۽ مدح صحابه،
ديوبندي بريلوي، اهل قرآن ۽ اهل حديث، علماءِ ڪرام
۽ علماءِ سوءِ، اِهي هئا اُهي فتنا، جيڪي هندستان
جي زوال پذير مسلمان شروع ته ڪيا هئا دل وندرائڻ
خاطر، ليڪن ان مان ايڏو مَمَڻُ مَتو ۽ ايترو
خُلَمُ ٻريو، جو ان جي باهه اندر سارو هندستان
وڪوڙجي ويو. گهر گهر، محلي محلي، شهر شهر، ۽ صوبي
صوبي ۾ حسد، بغض، عناد پيدا ٿيو ۽ مناظرا ۽ مناقشا
کڙا ٿي ويا.
انهن تحريڪن جا وڏا مرڪز هئا بريلي، ديوبند،
سهارنپور، ٿانه ڀون، لکنو ۽ امرتسر. بريليءَ جو
مولوي احمد رضا خان، ديوبند جو مولانا محمد قاسم
نانوتوي ۽ سندس هم مشرب، ٿانه ڀون جو مولانا محمد
اشرف علي صاحب، سهارنپور جا ڪي عالم سڳورا ۽ لکنو
جا فرنگي محلي بزرگ ۽ اتنهن جا سني شيعا، ۽ امرتسر
جو مولانا ثناءَ لله، جنهن جي اخبار هئي ”الحديث“
۽ جنهن جا هم عقيده هئا مولانا دائود غزنوي ۽
مولوي اسماعيل غزنويءَ وارا، اهي سڀ بزرگ پنهنجي
پنهنجي جاءِ تي لک لهندا هئا، ليڪن وڏو ٻارڻ
بريليءَ جي عالمن ٻاري ڇڏيو هو. ڪفر سازيءَ جي
ڪارخاني مان ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ٺڪ ڪفر جي
فتويٰ، ڪنهن ڪـُـڇيو ناهي ۽ ڪافر ٿيو ناهي! انهيءَ
ڪفرسازيءَ جو دائرو هندستان کان نڪري، نجد جي
سرزمين تائين به وڃي پهتو هو. جـِـئرن تي ته جلهون
رهيون، ليڪن مئن کي به قبر ۾ آرام سان سمهڻ ڪونه
ٿي ڏنائون. انهيءَ قسم جي بزرگن راهه رباني ورتي،
ورنه اڳين پوين کي ڪافر بڻائي بيهي رهن ها. مولانا
اشرف علي صوفي ماڻهو هو، تنهن زيادهه توجهه پيريءَ
مريديءَ تي رکيو. اهڙيءَ طرح مولانا مرحوم قاسم
نانوتوي ديوبند جو مدرسو قائم ڪري پنهنجي مشرب جو
پرچار شروع ڪيو. البت مولوي ثناءَ الله امرتسري
ڀـَـڙُ هو. اخبار ”الحديث“، چوپڙن، خواه منظرن ۽
مجادلن جي ذريعي، هن واهه جو پنهنجي عقيدن جي
بازار گرم رکي، ۽ واهه جو هن بريلوِن يعني مقلدن
جا ڇوڏا لاٿا! سڄي زندگي انهيءَ ڌنڌي ۾ ختم
ڪيائين. پير پرستي، قبر پرستي، ٻيءَ معنيٰ ۾ جيڪا
بت پرستي هندي مسلمانن ۾ تنزل کان پوءِ، ذهني
پستيءَ ٿيڻ ڪري ۽ سندس روحاني صحت مندي
[2] ختم ٿيڻ سبب،
پيدا ٿي هئي، ان کي ختم ڪرڻ ۾ هن وڏو جهاد ڪيو.
خدا مٿس رحمت ڪري ۽ کيس جزاءِ خير ڏئي! اهڙي مومن
جو امرت سر ۾ پيدا ٿيڻ واقعي هڪ معجزو هو.
جڏهن هندستان ۾ انهيءَ قسم جا مذهبي اختلاف پيدا
ٿيا، ۽ چئن ئي طرفن کان مولوي موراڻا اٿي کڙا ٿيا،
ان وقت مذهب جتي فساد ۽ بغض عناد جو سبب بڻيو، اتي
معاش پيدا ڪرڻ جو ذريعو به پيدا ٿي پيو. چندا
چـُـوريون، نذر نياز، خرچ پکا، ڪرايا راهه خرچ،
جلسا جلوس، مناظرا ۽ مباحثا، مطلب ته سوين رستا
پئسن پيدا ڪرڻ جا کلي پيا، ۽ ڪن لاءِ ته مذهب اصل
مستقل طرح ذريعو آمدنيءَ جو بڻجي پيو ۽ هنن واه جو
جاوا ڪري پنهنجي زندگي ٺَٺَ سان گذاري. سندن اهو
ٺٺ ٺانگر حقيقت ۾ اٻوجهه عوام جي جهالت ۽ حماقت تي
هڪ مسخري، هڪ طنز ۽ هڪ تمسخر هو، پر افسوس جو ان
کي ڪو پروڙي ڪونه سگهيو.
سنڌ به هندستان ۾ پيدا ٿيل انهن تحريڪن مان ڪِي
قدر متاثر ٿي، جنهن جا ٻه سبب هئا:
(1) هندستاني اخبارن جو مطالعو.
(2) ديوبند مان پڙهي آيل شاگرد.
تنهن هوندي به سني - شيعن جو تنازعو هتي ڪونه هو،
نه تبرو نه مدح صحابه. جڏهن لکنو ۾ مسلمانن هڪٻئي
جا گريبان ڇيهون ڇيهون ڪيا، ان وقت به هتي ڪو اثر
ڪونه ٿيو، بلڪ انهيءَ زماني ۾ به سنڌ اندر سني
خواه شيعا ڀاڪر وجهون گڏ گهمندا وتيا. هتي سنين
هميشہ شيعن سان هڪجهڙو سلوڪ پئي ڪيو آهي. ٻـَـئي
ڌريون کنڊ کير پئي رهيون آهن، بلڪ تعزين جي جلوس
واري جـِـلو ۾ جيڪي رنگينيون هونديون هيون، انهن ۾
سني نوجوان به برابر جا ڀاڱي ڀائيوار رهيا.
ڪفربازي ۽ ڪفرسازي به هتي ڪانه هئي، ۽ نه علماءِ
ڪرام هڪٻئي جي ريش مبارڪن ۾ هٿ وجهون ويٺا هئا.
عقيدن جي اختلاف هتي ايترو ممڻ ڪونه مچايو، جو ان
۾ سڄي سنڌ سلهاڙجي وڃي. ٿورو گهڻو اختلاف، اهو به
مقامي دائري کان ٻاهر اصل نه نڪرندو. هتان جا عالم
سڳورا ڪي هروڀرو سڀئي اصحابي به ڪونه هئا. منجهن
هم - پيشگيءَ جو حسد ۽ تنهنڪري ذاتي ضد ضرور هو،
ليڪن اهو نه برملا ٿيو نه پڌر پيو. شان علم جو هر
حالت ۾ هو قائم رکندا آيا، چاهي ان ڪري پنهنجي نفس
تي هنن کي ڪيترو به ضابطو ڪرڻو پيو.
هتي ٿورو گهڻو سنين ۽ وهابين جو چلتو ٿيو، جنهن کي
هڪ ته سنڌ جي پير پرستيءَ ۽ پيرن ۽ سجادن جي
بداعماليءَ وڌڻ جو وجهه ڏنو ۽ ٻيو چند اُنهن
شاگردن جيڪي ديوبند مان پڳون ٻڌي موٽي ماڳين آيا
هئا. ليڪن اهو هنگامو به گهڻي تائين هلي ڪونه
سگهيو. ٿوري گهڻي ”تون ڇا! تون ڇا!“ ٿي، تنهن کان
پوءِ هرڪو ٺـَـري ويهي رهيو، عوام دلچسپي ڪانه
ورتي- سندن پـُـٺـِـي جو ڪنهن نه ٺپي، ازانسواءِ
چندي چـُـوريءَ جو به اميد آسرو جو اصل ڪونه رهيو!
سنين ۽ وهابين جي اختلاف جا فقط ٻه مضحڪه انگيز
واقعا مون کي ياد آهن جن جي حيثيت لطيفي کان مٿي
ڪانه آهي، ۽ هتي بيان ڪرڻ منجهان منهنجو مطلب به
اهو آهي ته يڪي خشڪ مضمون کان پوءِ انهن کي ٻـُـڌي
طبيعتن ۾ ٿوري گهڻي شگفتگي پيدا ٿئي، جيئن اڳتي
وري تازا توانا ٿي وک وڌايون.
* * *
”سنڌ زميندار“ ۾ نظر علي خان ۽ مان چانورن جي مٿان
هـُـرٻي پالڪ جي خودساختي ڀاڄي پرٽي، ويٺي گرهن کي
ڳِٿو
[3] ته اوچتو هـُـلُ
ٿي ويو:
”تم ڪافر هو!“
”تم ڪافر ابن ڪافر هو!“
”تمهاري سات پشتين ڪافر هين!“
”تمهاري سو پشتين ملحد، زنديق اور ڪافر هين!“
درکولي جو ڏسون ته مدرسه بورڊنگ هائوس ۽ پريس جي
ديوار وچ ۾ جيڪو رستو هو، ان تي عاليشان اسلامي
جلسو آهي. ٻه عالم سڳورا هڪ ئي اسٽيج تي چڙهيا
بيٺا هڪٻئي کي ڪافر، ملحد ۽ زنديق سڏِن.
منجهانِ هڪ هو مولوي عبدالله پنجابي گام حاطي
واريءَ مسجد جو پيش امام ۽ عقيدن جو ڪـَـٽر وهابي،
۽ ٻيو هو حافظ مولانا مولوي محمد حبيب الله. هئا
ٻئي عالم ڪونه، پر سکر جي درزين ٻنهي کي پڇ ٻڌي
مهري ڪيو هو. پهريون صاحب سڪي سازيءَ ۾ پنجاب اندر
جيل ڪاٽي، ملڪ ڇڏي، اچي سکر جي گام حاطي واريءَ
مسجد جو پيش امام ٿيو هو، جيڪا سکر جي پنجابي
پوليس وارن چندا ڪري ٺهرائي هئي ۽ اڄ تائين موجود
آهي. ٻيو اصل ته هو ويٺل چڪ ڀرڪڻ جي ڀڪ جو ۽ نج
سنڌي، ليڪن اوچتو گهر کان نڪري ڪنهن سانگي بهاني
وڃي مصر پهتو. اتي غالباً حبيب الله بڻيو. جڏهن
سالن پڄاڻا موٽي ماڳ تي آيو، تڏهن ترڪي ٽوپي مٿي
تي، ڪارو چشمو اکين تي، ۽ ٽرڪش ڪوٽ بت تي، لڪڻ هٿ
۾، چي، حضرت الحاج مولانا مولوي حافظ
[4] محمد حبيب الله
فارغ - التحصيل جامع ازهر دارالالسلام مصر. پنهنجي
مادري زبان اگرچه ياد هيس، ليڪن ان ۾ تڪلم فرمائڻ
عالمانه نقطہِ نگاه سبب ڪسرشان تصور
[5] ڪندو هو، تنهنڪري
عربي مخرج سان اردوءَ ۾ ارشاد ڪندو هو. سکر جا
درزي جيڪي اصل ۾ ڪوري هئا، سي به ڏينهن کان ٻاڙيا
ويٺا هئا
[6]. انهن، جو اهڙو
شاندار ماڻهو ڏٺو، جنهن جو ڳالهائڻ به اهڙو ڄڻ
قرات سان قرآن جو ٿو دئونر[7]
ڪري، سو هنن سندس خوراڪ پوشاڪ ۽ رهڻ ڪرڻ جا سڄا
خرچ پکا پاڻ تي هموار ڪري، وٺي ڪيائون واعظ ڪرائڻ
شروع. حضرت مولانا جن پنهنجن واعظن ۾ پيرپرستيءَ،
قبرپرستيءَ، پيريءَ مريديءَ ۽ انهن عقيدن جي ٻين
سڀني لوازمن کي خوب ساراهڻ شروع ڪيو. هڪ ته درزين
جي دل وَٽـَـئـُـون اِهي ڳالهيون هيون، ٻيو خود
مولوي صاحب جي آئنده گذر گذران جو به انحصار انهن
عقيدن جي استواريءَ تي هو، جنهنڪري محلي محلي ۾ هن
ٻارڻ ٻاري ڏنو. انهن عقيدن جو سڄو الزام حضور جن
جي ذات پاڪ تي، پيرپرستيءَ ۽ ڪرامتن جو سڄو سلسلہ
نسب حديث شريف تي، سڄا دليل قرآن مان ۽ سمورو بار
اسلام تي! جڏهن مخالف عقيدي وارن کي اهي آواز
پهتا، تڏهن کين ٻيو ته سرِ دست ڪو عالم سڳورو هٿ
ڪونه چڙهيو، سڌو مولوي عبدالله کي وٺي اچي اسٽيج
تي بيهاريائون. بس سکر ۾ هڪ رؤنشو مچي ويو. جواب
سوال، سوال جواب، ڪيترا ڏينهن ته پئي غائبانه
هڪٻئي تي جلهون ٿيون! آخر آواز اٿيو:
”مرد ڪا بچه هــي تو ميدان ۾ ڪيون نهين آتا؟“
بس ٻنهي ڌرين ملاکڙي جو ميدان انهيءَ جاءِ تي ڪيو،
جتي جو ذڪر ابتدا ۾ ڪري چڪا آهيون. مناظري جو
عنوان هو ته:
رسول ڪريم جن کي شفاعت جي اجازت مليل آهي يا قيامت
واري ڏينهن وٺڻي پوندي؟
مولوي عبدالله وارن جو چوڻ هو ته ’قيامت جي ڏينهن
بارگاهه ايزديءَ مان رسمي طرح اجازت وٺڻي ضروي
آهي.‘ مولوي حبيب الله جو فرمائڻ هو ته ’انهيءَ
اجازت جي ضرورت نه آهي، حضور جن پاڻ مختار ڪل
آهن.‘ انهيءَ عنوان طيءِ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي علمائن
سڳورن جي وچ ۾ عربي زبان ۾ پهريون لکپڙهه هلي هئي،
جنهن کان پوءِ اهو عنوان ۽ مناظري جا قاعدا ۽
ضابطا مقرر ڪيا ويا.
ٻنهي جماعتن پنهنجا طرفدار لـَـٺـِـن ۽ لڪڻ سان
آڻي ڪٺا ڪيا، هڪ طرف کان هڪ ڌُر ويٺي هئي ۽ ٻئي
طرف کان آمهون سامهون ٻي ڌر. اڃا مناظري جو آغاز
نه ٿيو هو، جو مولوي عبدالله اٿي اعتراض ڪيو ته
مولوي حبيب الله پاڻ کي جامع ازهر جو فارغ التحصيل
سڏائي ٿو، ليڪن کيس صرونحو جي به ٻيٽ ڪانه آهي، هن
جيڪو خط لکيو آهي، ان ۾ فلاڻو اکر مذڪر ڪري لکيو
اٿائين، حالانڪ فلاڻي قاعدي مطابق اهو مؤنث هجڻ
کپي! بس ان کان پوءِ جنگ جدال شروع ٿي ويو ۽ اصل
موضوع ته ويو وچ ۾ رهجي! اچي هنگامو ٿيو مذڪر ۽
مؤنث جو، يعني فلاڻو نر آهي يا مادي!
”تم جاهل هو!“
”تم اجهل هو!“
”تم عربي ڪا عين تڪ نهين جانتـي!“
”تم دو کيباز هو!“
”تم دوکيباز ڪــي بچــي هو!“
”تم جس طرح آنکون ســي انڌي هو اسي طرح علم ســي
ڀي ڪوري هو!“
”تم جاهل تمهاري سات پشتين جاهل!“
”تم ڪيا جانو عربي زبان؟“
”تم ڪفر بڪتــي هو!“
”تم ملحد ڪــي بچــي ، زنديق اور ڪافر هو!“
”تم بي ايمان هو!“
”تمهاري سزا موت هــي !“
جنهن وقت اهو هنگامو ٻڌي، اسان در کولي ٻاهر
نڪتاسي، ان وقت ٻئي عالم سڳورا اسٽيج تي بيٺا هئا
۽ ٻنهي جا هٿ هڪٻئي جي سنهارِن جي قريب پهچي چڪا
هئا. ٻنهي جا طرفدار لڪڻ ۽ لٺيون سڌيون ڪري، هڪٻئي
جي مٿن ڦاڙڻ لاءِ قدم وڌائي رهيا هئا، جو نظر علي
خان ٽپو ڏئي وڃي اسٽيج تي پهتو.
في الحال ته جهيڙو ٽري ويو، ليڪن ڪيترا ڏينهن
درزين جي دڪانن تي پـَـئي قيل مقال هلندي هئي.
سندن قينچيون پيون ڪپڙن کي ڪترينديون هيون ۽ سندن
زبانون پيون اسلامي عقيدن جي چير ڦاڙ ڪنديون هيون:
”ير، ڏاڍا زوراور ماڻهو آهيو! اجازت ڪيئن نه وٺڻي
پوندي؟“
”استاد! ميراج
[8] واريءَ رات اِهي
سڀ ڳالهيون فيصل ٿيل آهن!“
”اجايو پيا مٿو هڻو. رسم ضرور پوري ٿيندي! ڏسندا
ناهيو ميونسپل ميمبر پريزيڊنٽ کان اجازت وٺي پوءِ
ٺهراءَ پيش ڪندا آهن؟ بس اهڙيءَ ريت فقط دستوري
اجازت ورتي ويندي!“
جڏهن استاد الهڏتي، ديوان ايسرسنگ جي پينٽ جي
ٻَچـِي ڪتريندي، قينچي جهلي، عينڪ جي مٿاهون اکيون
ٽپائي، انهن سڀني ڪاريگرن کي مخاطب ڪري چيو، جيڪي
سنگر مشينن تي استاد جا ڪٽي ڏنل ڪپڙا سبي رهيا
هئا، تڏهن پهريون ته گهڙي کن هرڪو ماٺ ۾ اچي ويو،
پر پوءِ اوچتو، هڪ مشين هلندي هلندي بيهجي وئي.
”استاد! معاف ڪجو، يَرَ وڏا آهيو! جي ديوان
ايسرسنگ موڪل نٿو ڏئي ته پوءِ ميمبر رٿ پيش ڪري
سگهي ٿو؟“
ٻئي ڪاريگر جي مشين به بيهي وئي،
”نه يار! پوءِ ته ميمبر کي مجال ئي نه آهي!“
”تڏهن ته چوان ٿو، جي اسان جي پيغمبر سائينءَ کي
موڪل نه ملي، ته پوءِ؟“
”ڇو نه ملندَس؟“
”هڪ ڳالهه ٿي ڪجي، جي نه ملي ته پوءِ؟“
ڪنهن کان جواب ڪونه پڳو. استاد جي قينچي به تيزيءَ
سان ڪپڙي تي هلڻ لڳي ۽ سنگر مشينون به زور سان
چالو ٿي ويون، مولوي عبدالله ۽ مولوي حبيب الله،
شفيع المذنبين واري خلعت خاص ۾، معاذالله، جيڪو
چير ڏئي چڪا هئا، ان کي وري ڪوبه سبي ڪونه سگهيو.
* * *
”يار ڀلي آيَؤ!“
”ڀائو خير هُجَئي!“
”جيءُ!“
”ڏيئون!“
”الاتُهار!“
”مٺو کير پيءُ. سڀ خير خبران، هرڪو پنهنجي جاڻـِـن
تي پيو وسي رسي، گهرين تڙين سڀ خير، مال رزق به
ريان کيان. ٻڌو اٿسي ته جندي ۾ ملان ۽ سندس پٽ جي
وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو آهي. ٻنهي آڻي
عالم ڪٺا ڪيا آهن. ٻنهي طرفن کان خيراتن جو به سڏو
مليل آهي. وڃون ٿا اهو تماشو ڏسڻ. ٻيو سڀئي خير.“
”ڀلا گهرجي به خير!“
جڏهن جندي جي مولوي صاحب ۽ سندس پٽ جي وچ ۾ سني،
وهابيءَ جو جهڳڙو وڌي وڃي چوٽ پهتو، ٻنهي هڪٻئي کي
ڪافر، ملحد، بي دين ڪوٺڻ شروع ڪيو، ٻنهي هڪٻئي
پٺيان نمازن پڙهڻ کي ناجائز چيو، ۽ جڏهن ٻنهي ڌرين
پنهنجي پنهنجي عقيدن جا مولوي ۽ طرفدار سڄيءَ سنڌ
مان آڻي مناظري لاءِ ڪٺا ڪيا ۽ ٻنهي طرفن مڻن
مُنهن چانور ڪٺا ڪري، ڪونهٽ ۽ وهڙا ڪـُـٺا، ۽ جڏهن
ٻنهي طرفن ماڻهن کي عام ڪوٺ ڏني ته اچي مذهبي
عقائدن تي عالم سڳورن جا ارشاد ٻڌو، ان وقت
ٻاهراڙيءَ جي ماڻهن ان کي تماشي کان مٿي اهميت
ڪانه ڏني. ڄڻ هنن لاءِ ”پير چنڊام“ جو ميلو هو يا
سندن لاءِ ڄڻ جندي
[9] ۾ شيديءَ ملهه ۽
شير مير بحر جو ملاکڙو لڳڻ وارو هو. ازان سواءِ
خيرات جو به سڏو هو، تنهنڪري ان جي به کين ڪشش
هئي. ڪي ڀاڳيا ته ڀلو سنهارو مٿي تي کڻي، ان ڪري
به وڃي رهيا هئا، ته پنهنجي ٻَڌيءَ ڇُڙيءَ جي
ڪُلَوَ
[10] ڏين، ڇاڪاڻ ته
جندي ۾ انهيءَ موقعي تي اوري پري جا مهانڊا ڪاٽڪو،
چور مور ۽ چڱا مٺا ڪٺا ٿيڻ وارا هئا.
دراصل مولوي صاحب جڏهن پنهنجي صاحبزادي کي- خبر نه
آهي، ڪهڙي مدرسي مان دستاربندي ڪرائي - لاڏئين
ڪوڏئين گهر وٺي آيو، ان وقت گويا هڪ مياڻ ۾ ٻه
تلوارون ٿي پيون: پيءُ سـُـني ۽ پٽ وهابي نڪري
پيو. پهريائين ته ٿورو گهڻو بحث پاڻ ۾ پيو ٿيندو
هين. سهسائي سهسائي، جڏهن ٻَئي دل جا ڪٺور ٿي ويا،
عقيدن جي اختلاف پيءُ - پُٽائيءَ واري عزيز رشتي
تي به عناد، حسد، بغض ۽ دشمنيءَ جا غلاف چاڙهي
ڇڏيا، ان وقت ٻنهي کلم کلا هڪٻئي کي ڪافر، ملحد ۽
ملعون چوڻ شروع ڪيو، پيءُ پٽ کي عاق ڪري ڇڏيو، پٽُ
پيءُ جي خلاف بغاوت جو جهنڊو کڻي بيٺو. اوڙي پاڙي
۾ پچار پـَـئي، چڱن مـَـٺن وچ ۾ پـَـئي ٺپ ٺار جي
ڪوشش ڪئي، ليڪن سڀ بيسود. ٻنهي هڪٻئي جو کاڌو پيتو
پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي بعد مناظري ۽
مقابلي جو پروگرام رٿيو ويو، هرڪنهن پنهنجي عقيدي
وارن عالمن کي سڏو ڏنو.
مناظرو غالباً ٻه ڏينهن هلڻو هو. مولوي صاحب پير
ڀر چونڊيءَ واري کي سڏو ڏنو، ته سندس صاحبزادي پير
جهنڊي واري کي گهرائي ورتو. مطلب ته مناظري کان اڳ
ئي جهنگ جهر ۾ چار پچار ۽ چوءِ پچوءِ ٿي وئي، ڪجهه
خيرات ۽ ڪجهه رونشو، مطلب ته هزارين ماڻهو اچي ڪٺا
ٿيا، ڌريون ورهائجي ويون، هڪٻئي جي آمهون سامهون
منزلن جا ميدان تيار ٿيا، مولون موراڻن پنهنجي
پنهنجي ثابتيءَ ۾ ڪتابن جون هڙون، بڊڪون ۽ ڀريون
آڻي ميدان ۾ لاٿيون. اهڙيءَ طرح ٻنهي طرفن کان اُٺ
ڪتابن جا ڪٺا ٿي ويا.
معرڪي جو ميدان مچي، ان کان اڳ ئي طعنو تنڪو،
الزام بهتان، ٽوڪ ٽهول، ۽ آخر ۾ گارگند شروع ٿي
وئي. سکر جا درزي ته هئا ڪونه، جو ڇڙو دڙڪا داٻ
ڏئي، هڪٻئي کي هيسائـِـن. هتي ته جهنگ جا ماڻهو به
هئا، وڏين وڏين ڏاڙهين سان، جن جي مٿن جا وار جي
پڳ مان نڪرن ته وڃي پـِـني سـَـٿر کڻن، ڏسڻ وائسڻ
۾ جهڙا جـُـنگ جوان، جهڙا شهونگ، اُٺن جيڏا قد،
چمڪندڙ ڪهاڙيون ۽ لوهائيون لوڙهيون هٿن ۾. نه طعنو
سهن نه تنڪي تي طبيعت هريل. ڪهاڙي هٿ آئي يا لٺ
اُڀي ٿي، ته مڙس ڄڻ ڄائو ئي ڪونه هو. ٻيو وري هو
دين مذهب جو معاملو، سڀ سهي وڃن، پر نه خدا تي
گـُـٿو اکر سهن نه رسول جي شان ۾ معاذالله ڪو وارُ
پيو وسهن. جيڪي پاڻيءَ جي آواندي تي ماڻهو ماري
رکن، تن جي اڳيان ويهي مناظرا ڪرڻ گويا باهه سان
کيڏڻو هو! تـَـر جي عملدارن کي سـَـنجهي ئي سرت
اچي وئي، جنهنڪري هنن يڪدم سڀني کي ٽپڙ ٻڌائي
پهرينءَ گاڏيءَ ۾ پٺتي موٽائي ڇڏيو.
”ادا، ڏيو خبر؟“
”ير، پوليس اچي وچ ۾ پئي، نه ته واهه جو لئي ٿي
ها!“
”ٻڌوسي ڀرچونڊيءَ وارو بزگ به اچي لٿو هو؟“
”ڀيڻي آ! ذات ملو موراڻو ۽ پير فقير اچي گڏ ٿيو
هو!“
”بس ير قيامت اچي وئي!“
”هائو يار!“
”پٽ ٿئي پيءُ جو ويري، ڪنڌ نه ڪپي ڇڏجيس!“
”چوين سچ ٿو ڀائو!“
”ڇا ڪجي، انگريز فيل مست آ!“
ٻاهراڙيءَ جي سامعين ڪرام کي اختلاف جو اصل
نـُـڪتو ته سمجهه ۾ نه آيو هو ۽ نه ان کي هنن ڪا
اهميت ئي ڏني ٿي. هنن وٽ سڀئي مسلمان ڀائر هئا،
سـُـنيءَ وهابيءَ جو ڦير ۽ ڦند سندن ڪائنات ۾ دخل
ڏئي ڪونه ٿي سگهيو، انهن کي فقط هڪ ته تماشي ۽
رونشي جو خيال هو ۽ ٻيو کين اهو ويسورو هو ته پٽ
ڪيئن پيءُ جو ويري ٿيو آهي!
بهرحال مهيني ماسي تائين اها قيل مقال هلي، ان کان
پوءِ هرڪنهن انهيءَ واقعي کي وساري ڇڏيو، ۽ اهو به
ٻڌڻ ۾ آيو ته پيءُ پٽ به پاڻ ۾ وري کير کنڊ ٿي
ويا. فتني ۽ فساد جي اصل جيڪا جڙ هئي، ان کي ختم
ڪيو ويو، يعني ڪفن دفن جي جيڪا آمدني هئي سا پيءُ
کڻي، ۽ شهر جون جيڪي ٽـِـڪيون
[11] هيون سي پٽ جي
حـصي ۾ آيون! لاپي لائيءَ کي ٻنهي اڌواڌ ڪري کنيو.
* * *
اهي ٻه ته ڪيا ويا لطيفا بيان. ليڪن ٽيون هڪ واقعو
اهڙو ذهن ۾ اچي ويو آهي، جنهن جي ابتدا ته ڏاڍي
’سيريس نيچر‘ جي ٿي، ليڪن جڏهن پڇاڙيءَ تي پهتو،
تڏهن سڀني ڏٺو ته درحقيقت اهو معاملو لطيفي کان
مٿي نه هو.
سال 1925ع ۾ نجد جي علاقي مان اوچتو ڇوهي وانگر
ابن سعود اٿيو، جنهن سڄي عربستان تي اکٻوٽ ۾ قبضو
ڪري، حرمين جي حاڪم شريف حسين کي اتان ڀڄائي ڪڍيو:
”شريف“ ان ڪري هو، جو حرمين جي حرمت سبب اتنهن جي
حاڪم کي حاڪم نه سڏيو ويندو هو، بلڪ ”شريف“ ڪوٺيو
ويندو هو، ٻيءَ حالت ۾ سندس شرافت جا افعال اجهي
هي هئا - بَدُن رڻ ٻاري ڏنو آهي!... حاجين سڳورن
سان ڏاڍا ظلم ڪن ٿا، نه اُنهن جو مال سلامت آهي نه
جان سلامت آهي!... قافلي مان حاجي سونهارو وک پاسي
ٿيو ته ويو، نه سِسِي ساڻ نه ڌڙ مالڪين ملندو!...
مطلب ته حج جو سڄو وقت حرمين جا حاجي ساهه مُٺ ۾
ڪيون وتن ٿا!... حرم پاڪ ۾ به پيون ڏاڍيون ٿين- نه
داد آهي نه فرياد!...حڪومت ملڪ ۾ آهي ئي ڪانه!...
شريف حسين جهڙو آهي تهڙو ناهي!
سـُـني هجي چاهي وهابي، علماءِ سـُـوءِ هجن چاهي
عـُـلماءِ حق، سڀني جي اهائي شڪايت هئي، ’شريف‘ جي
نا اهليت ۽ بدوين جي آزار ۾ سڀئي يڪ آواز، ليڪن
جڏهن شريف کي ابن سعود ڀڄائي ڪڍيو، تڏهن هندستان
اندر سمورا مسلمان ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويا، هڪ
سعودي ٻيا شريفي. اها حديث، جن کي وهابي سڏيو ٿي
ويو، سي سعود جا طرفدار هئا، ۽ اهل سنت والجماعت
وارا، جن کي علماءِ سـُـوءِ سڏيو ٿي ويو، تن
طرفداري شروع ڪئي شريف حسين جي. انگريز جي پشتي
پوين کي هئي ۽ پهرين وٽ سعود جو پئسو پهتو هو.
مطلب ته عربستان ۾ سک سلامتي به ٿي وئي، ليڪن هتي
ڏاڙهيءَ پَٽ جاري! لعنت ملامت، تقريرون تحريرون،
جلسا جلوس، بيان مضمون، اخبارون پمفليٽون ۽ آخر ۾
گارگند ۽ ڪفر جون فتوائون.
انگريز ان ڪري دخيل هو، جو شريف حسين سندس ٻالڪو
هو، اُن جي خاندان جي ذريعي انگريز وچ مشرق ۾
پنهنجو اقتدار قائم ڪرڻ ٿي گهريو، ترڪن جو زور
هـُـن مسين مسين ٽوڙيو هو، وري جو حجاز تي قبضو ٿي
ٿيو سو به عبدالعزيز ابن سعود جهڙي جري جوان مرد ۽
اولالعزم امير جو، تنهن اُنهيءَ سڄيءَ راند کي ٿي
وڃايو، جيڪا هُن مشرق وسطيٰ جي بساط تي شريفي
خاندان جي مُهرن ذريعي کيڏڻ ٿي گهري. عربن جي وحدت
ٽوڙڻ ۽ ترڪن جي قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريز جدا
جدا ننڍيون ننڍيون سلطنتون قائم ڪري شريف حسين جي
پٽن کي ڏنيون، ۽ هو بطور سندس ايجنٽ جي سندس دل
گهريءَ پاليسيءَ مطابق شاهه شطرنج بڻيا رهيا.
بغداد امير فيصل کي مليو، جنهن جو پوٽو فيصل ثاني
1958ع ۾ عبدالڪريم قاسم هٿان شهيد ٿيو، حجاز ۾ پاڻ
شريف حسين، ۽ شام، فلسطين ۽ شرق اردن سندس ٻئي پٽ
امير عبدالله کي مليا، جنهن جو پوٽو حسين هن وقت
اُردن جو بادشاهه آهي.
بهرحال انهيءَ جنگ جدال جو سنڌ تي به اثر پيو. هت
به ٻه فرقا ٿي ويا. ”الوحيد“ انهيءَ سڄي معاملي کي
انگريز دشمنيءَ جو رنگ ڏئي ڇڏيو، جيڪو درحقيقت
صحيح به هو. انگريزن سنڌ ۾ به گهڻن کي سرچائي،
ميدان منجهه آندو، ليڪن ”الوحيد“ جي آڏو انهن جي
هڪ به هلي ڪانه سگهي، رَهندو جلد ئي ابن سعود جي
سرڪار کان ڪن ڏي حج جون دعوتون به اچي پهتيون ۽ ڪن
ڏانهن سوکڙيون پاکڙيون ۽ ڪجهه نذر نياز به اچي
ويو. سڀني جي چهرن تي شگفتگي پيدا ٿي وئي، مخالفت
جي جيڪا تلخي هئي سا هلي وئي ۽ منهن تي طمانيت ۽
خوشنوديءَ جي مرڪ ظاهر ٿي آئي. بس معاملو اهڙيءَ
طرح وڌي وڌي، آخر ۾ انهيءَ طرح لطيفو بڻجي ويو.
امرتسر جو غزنوي گهراڻو هندستان اندر ابن سعود جو
ڄڻ مشير خاص هو، جنهن کان پوءِ نه ڇڙو ويسٽرن فرنٽ
تي خير شير ٿي ويو، بلڪ خود غزنوين جي اٿڻ ويهڻ،
رهڻ سهڻ ۽ کائڻ پيئڻ روزگار ۽ رزق ۾ به هڪ رونق
اچي وئي.
سنڌ ۾ بهرحال انهيءَ قسم جا معمولي واقعا ٿيندا
رهيا، جن کي فقط مقامي حيثيت هئي، ان کان مٿي ڪڏهن
به معاملو وڌي اهڙيءَ ريت ڪونه هليو، جنهن ۾ اسان
جو سمورو ملڪ وڪوڙجي وڃي.
------
|